گذارش ته آڳاٽو مون پنهنجي باري ۾ عرض ڪيو هو ۽
اوهان ٽي وي اعليٰ آفيسرن سان ڳالهايو به هو پر
حالتن جي تبديلي ڪري ڪجهه نه ٿيو. تازي صورتحال
هيءَ آهي جو عبدالڪريم بلوچ هتان بدلي ٿي ڪوئٽا
هليو ويو آهي، ۽ عملي طور هتي ٿيندڙ سنڌي پروگرامن
جو انتظامي سربراهه مون کي ڪيو ويو آهي پر ساڳي ئي
گروپ ۾، ذميداريون وڌايون ويون آهن پر اجرت ۾ ڪو
فرق نه آيو آهي، هن وقت ظهور آزر صاحب ۽ ضيا
جالنڌري صاحب جن ڪجهه ڪري سگهن ٿا. جنرل مجيب
الرحمان جيڪو ايڊيشنل سيڪريٽري اطلاعات و نشريات
آهي اهو مون سان ملي چڪو آهي، ۽ ان وٽ مون لاءِ
سٺي راءِ آهي. هتي ڪراچي ۾ مون لاءِ تمام سٺو خيال
آهي . اوهان جي مناسب سمجهو ته اتي مون لاءِ ڪجهه
چئي سگهو ۽ گروپ ستون ڏين ته سندن مهرباني ٿيندي.
ڇاڪاڻ ته اسان کي سواءِ چئو چوان جي ڪڏهن حق پلئه
نه پيو آهي. مهرباني، اوهان جو نيازمند.- ممتاز
مرزا
.....11.....
•
مورخ 20 جون 1978ع ڪراچي ٽيلي ويزن
قبله
سائين،
السلام عليڪم، اڄ صبح جو اوهان جي آفيس ۾ فون ڪيم
ته معلوم ٿيو ته اوهان خيرن سان واپس اچي ويا
آهيو. اوهان جو هيءُ نئون سفر ۽ تجربو اميد ته
نهايت خوشگوار رهيو هوندو. ان بابت اوهان کان ڪڏهن
حالات ۽ واقعات معلوم ٿيندا.
ڪجهه
ڏينهن اڳ پير صاحب حسام الدين راشدي سان ملاقات
ٿي. اوهان بابت پڇا ڪيائين ته هن وقت ڊاڪٽر صاحب
ڪهڙو ڪتاب پيو لکي. مون کين ٻڌايو ته ڊاڪٽر صاحب
جن سومرن جي دور جو، دودي چنيسر جي داستان جي
حوالي سان، تفصيلي تجزيو پيو لکي. اهو هو ته دودي
چنيسر جو مقدمو پر جيئن ته ڪافي ضخيم ٿي ويو آهي،
تنهن ڪري ان کي بورڊ طرفان جدا ڪتاب جي صورت ۾
ڇپائڻ جو تجويز ڏني، پر موجوده بورڊ جي انتهائي ۽
فاضل ميمبرن ان تجويز کي ازراهه مهرباني قبول ڪرڻ
نه فرمايو ۽ ان ۾ بورڊ جي لائق ۽ ذهين سيڪريٽري جي
ڪارستاني شامل آهي. پير صاحب نهايت افسوس ڪيو، ۽
ڪاوڙ ۾ چيائين، ”بورڊ ڊاڪٽر صاحب جا ڪتاب نه ڇاپي
ته پوءِ اها سنڌ جي ادب جي بورڊ نه آهي. آءُ ڏسان
ٿو ته اهو مُلو (مولانا قاسمي) ۽ ڪوڙو سيد (ظفر
حسن) ڪيئن نٿا اهو ڪتاب ڇاپين.“ منهنجو خيال هو ته
اِها سائين جي مڙيئي روايتي ڪاوڙ آهي. پر ڪلهه مون
کي پاڻ فون ڪري ٻڌايائين ته”مون ظفر سان ڳالهايو
آهي، ۽ هن چيو آهي ته بورڊ اهو ڪتاب ڇاپڻ جو فيصلو
ڪيو آهي“. وري چيائين، ”اِها ڳالهه سچي يا ڪوڙي،
مون کي سڌ نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سيد تمام ڪوڙو
آهي. مون کيس چيو آهي ته ان ريزوليشن جي ڪاپي مون
کي ۽ ڊڪٽر بلوچ کي موڪلي ڏي.“
اها
جنسي ڳالهه ٻولهه اوهان جي خدمت ۾ عرض رکي اٿم.اڄ
ڪلهه سنڌي ادبي بورڊ ۾ غلام علي الانا جو عمل دخل
تمام گهڻو آهي، ۽ جيڪي ڪوائف آهن ان مان ائين پيو
لڳي ته سنڌالاجي ۽ سنڌي ادبي بورد کي هڪ اداري
بنائڻ جي تجويز تي اندروني طور تي ڪم هلندڙ آهي.
اسان جي روايت آهي ته ٺهيل ادارن کي ٻين ادارن ۾
ضم ڪري پنهنجي ضرورت ۽ طاقت کي محدود ڪريون. ادب
جا اهڙا سڄڻ يقيناً پنهنجن، مصلحتن ڪري هاڃيڪار
ٿيندا رهيا آهن، ۽ ٿيندا رهندا. مولانا ويچارو
پنهنجي جاءِ بچائڻ ۾ پورو آهي، ان تي ڪهڙي ميار،
علم جو اهو رنگ اسان کي به سمجهه ۾ ڪڏهن نه آيو
آهي. تازو هڪ تقريب ۾ مولانا قاسمي سنڌ جي ماڻهن
کي خوشخبري ٻڌائي آهي ته تمام جلد جامع لغات ٻيو
جلد ڇپجي نروار ٿيندو. خدا خير ڪندو اسان سڀني جي
حالن تي.
رسالي جي اسڪيم بابت حميد سان تفصيلي گفتگو ٿي
آهي، انشاءَالله اهو ڪم به پنهنجي تڪميل جي منزل
تي پهچائي اوهان کي اطلاع موڪليندس. علي احمد
بروهي سان گهڻي تلاش جي باوجود اڃا ملاقات نه ٿي
سگهي آهي. احمد کي تمام گهڻو ستايو اٿم ايندڙ هفتي
جي آخر ڌاري راڳ وارو ڪتاب مڪمل ڪري ڏيڻ جو انجام
ڪيو اٿس. شاهه جي رسالي جي صحت نامي جي ڪمپوزنگ ٿي
آهي، جيڪا جيئن ڇپجي ويندي تيئن قائد اعظم ايڪڊمي
۾ تحقيقي ڪتابن جي مقابلي ۾ موڪلي ڏيندس.
اڄ
ڪلهه هتي سخت گرمي آهي، ڪجهه ڏينهن کان مينهن به
پيا وسن. گرمي جو عالم اهو آهي جو هوا جي ڇرڪ به
نه آهي، ٻوسٽ ۽ گهٽ، پکن هوائون ڏيڻ ڇڏي ڏنيون
آهن. ايڏانهن به يقيناً گرمي هوندي. اميد ته اوهان
جي صحت ۽ تندرستي بخير هوندي. - نياز مند، ممتاز
مرزا
.......12........
•
مورخ 27 نومبر 1976ع، ڪراچي
قبله
سائين،
السلام عليڪم: افسوس جو هتي ڪم هئڻ ڪري ايئرپورٽ
تي حاضر نه ٿي سگهيس، ۽ ملاقات نه ٿي سگهي. راڳ جي
ڪتاب جي تڪميل لاءِ مبارڪون. سنڌي ٻولي جي مختصر
تاريخ وانگر اوهان جي هيءَ تصنيف به منفرد حيثيت
جي حامل ٿيندي ۽ آءُ مڃان ٿو ته پهرين ڪيترائي هٿ
ٺوڪيا ماهر ان تي عجيب و غريب قسمن جون ڳالهيون
ڪندا، پر جيئن وقت گذرندو ۽ همراهن جا خيال ٿڌا
ٿيندا ته پوءِ مختلف جاين تي انهيءَ ڪتاب جا
حوالا ورجائيندا. ڪتاب جي ڪور ڊزائين انشاءَالله،
سومر (29-11-76) تي مون کي ملي ويندي ۽ عيد کان
پوءِ آءُ ۽ احمد هتي ان جو بلاڪ توڙي ڇپائي جو
انتظام ڪنداسين.
تازو
هتي حيدرآباد ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي اهتمام سان
گرامي مرحوم لاءِ هڪ تعزيتي اجلاس ٿيو. ڇپيل ڪارڊ
موجب انهيءَ اجلاس جي صدارت شيخ اياز ڪرڻ وارو هو،
۽ مهان خصوصي مخدوم طالب الموليٰ هو. آءُ پاڻ
انهيءَ جلسي ۾ نه وڃي سگهيس پر شيخ صاحب ويو هو،
جنهن جيڪي تفصيل ٻڌايا اهي نهايت حيرت جهڙا هئا.
ٻئي صاحب جلسي ۾ نه آيا، ۽ مهمان خصوصي نواب حاجي
نور احمد صاحب ۽ صدارت مخدوم زاده خليق الزامان
ڪئي، ڪي چاليهه کن ڳالهائڻ وارا هئا. شروعات رباني
ڪئي، ۽ راوي روايت ڪن ٿا ته گرامي صاحب جي شخصيت
جي مختلف پهلوئن کي نهايت مزاحيه انداز ۾ پيش ڪيو،
سندس خوش خوراڪي جي ذڪر کي وڏي طمطراق سان پيش
ڪيو، ڄڻ ته هڪ خاص مزاحيه پروگرام هو. ان بعد جنهن
به مقرر تقرير ڪئي، انهن ئي بنيادن تي ڪئي. اڃا
گهڻي ئي ڪي ڳالهائڻ وارا هئا جو ڪامريد غلام حسين
سومري کي ڳالهائڻ لاءِ سڏايائون. ان همراهه کي جس
هجي، پاڻ ملهايائين، همراهن کي اهڙيون سڌيون
ٻڌايائين جو ٺپ ٺري وين. چيائين ”توهان جيڪا مسخري
پکيڙي آهي، اها اسين سمجهون ٿا. اوهان ئي آهيو
جيڪي گرامي جي موت جو سبب بنيا آهيو. اسان اوهان
کي هن نموني سان گرامي جي ياد ملهاڻ جي ڪڏهن به
اجازت نه ڏينداسين.توهان زندگيءَ کي مذاق سمجهيو
آهي، ۽ شخصيتن کي خراب ڪرڻ جو سعيو ڪيو آهي“
وغيره، مطلب ته سندن لاک لاٿائين، نتيجو اهو ٿيو
جو رباني ٻين مقررن کان معافي وٺي، اڌ ۾ ئي جلسي
جي خاتمي جو اعلان ڪيو. سنجيده ماڻهن غلام حسين جي
تقرير کي ساراهيو، ۽ ٻئي لڏي آئينده اهڙن خطرناڪ
ماڻهن کي سڏائڻ کان توبهه ڪئي، جيڪي ائين منهن تي
سچ چون! ۽ ڪو ريا نه ڪن.
قبله
سائين، عرض ذاتي آهي. آءُ اسلام آباد اچي نٿو
سگهان. نه ته روبرو عرض ڪريان ها. منهنجي ترقيءَ
جو مسئلو اتي اسلام آباد ۾، اسان واري هيڊڪوارٽر ۾
پيو آهي، گذريل ٻن سالن کان هتي جي انتظاميه
منهنجي شفارش ڪئي آهي ۽ منهنجي ڪارڪردگيءَ جي
ساراهه ڪئي آهي، مون هتي پنهنجن فرضن جي تڪميل سان
گڏو گڏ وڏن پروگرامن جي ترتيب ۾ نمايان ڪردار ادا
ڪيو آهي، ۽ اهي پروگرام قومي سطح تي پاڪستان ٽيلي
ويزن لاءِ باعث افتخار پروگرام آهن. ٻن سالن تائين
ذاتي صلاحيتن جي بنيادن تي انهيءَ ترقي لاءِ
واجهايان پيو، جنهن جو آءُ حقدار آهيان، پر محسوس
ائين ٿئي ٿو ته هتي سواءِ ڪنهن سفارش جي ٻيو خير
آهي، مون وٽ سواءِ اوهان جي احساسن جي ٻيو ڪجهه به
نه آهي. اوهان ڪنهن طرح جيڪڏهن منهنجي لاءِ ڪنهن
کي چئو ته سڀڪي ٿي سگهي ٿو. مون کي اوهان ستون
گروپ وٺرائي ڏيو. اهو ڪم وزير اطلاعات و نشريات
حنيف خان صاحب يا سيڪريٽري مسعود نبي نور يا
چيئرمين هارون بخاري ڪري سگهي ٿو. مون کي شرمندگي
آهي جو آءُ پنهنجي لاءِ پيو لکان، پر لاچار ٿي پيو
لکان ڇاڪاڻ ته هتي هاڻي لياقتن ۽ اهليتن جو اجورو
ملڻ قطعي مشڪل آهي. ڇهين گروپ لاءِ منهنجي هتان
سفارش ويل آهي، جيڪڏهن سفارش تي ئي ڪجهه وٺڻو آهي
ته پوءِ ڇهون ڇو، ستون گروپ ڇو نه وٺجي، ۽ ائين ٿي
سگهي ٿو، ۽ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهي، اميد ته
اوهان منهنجي عرض تي غوري ڪندا. نيازمند
-
ممتاز مرزا
محترم نور محمد کوسو
هيڊ
ماستر، مڊل اسڪول هيبري، نوابشاهه (1974-8-19)
بخدمت جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب
السلام عليڪم: سائين جن جي علم ۽ ادبي شوق جو سنڌ
۽ پوري پاڪستان ۾ اعتراف آهيArthropology
جو مضمون
M.Ed
جي شاگردن لاءِ سنڌي يونيورسٽي ۾ به اوهان جو ئي
منظور ڪرايل آهي. هن مضمون ۾ مطالعه سان واقعي
مختلف تهذيبن، تمدنن، زبانن، مذهبن ۽ نفسيات
انساني جي پوري ڄاڻ ميسر ٿئي ٿي. ليڪن هن مضمون جي
شاگردن کي هيٺيان مونجهارا اڳيان اچن ٿا. اهي هي
آهن:
1-
علماءِ علم الارض جي سامهون هن ڌرتي جي عمر انداز
تي ارب سال آهي ۽ اڄ کان هڪ ارب سال اڳ ۾ بلڪل
هيٺين درجه جي زندگي نمودار ٿي. انهيءَ زندگيءَ ۾
مختلف ذاتيون هيون. انسان جي ذات به انهن مان هڪ
آهي، جنهن ڪيترائي (دارون جي نقطه مطابق)
Orgainic evolution
جا مرحلا طي ڪيا. ڪڏهن
Apeman
ته ڪڏهن
Pithecanthropus
نيم انسان جي درجي مان گذريو ۽ آخر ڪار موجوده
صورت اخيار ڪيائين. جيڪا آخري ۾ مڪمل چئي وڃي ٿي.
مٿئين حقيقت جي مدنظر ”حضرت آدم“ لاءِ ڪهڙو خيال
آهي. مذهبي ادارا ته اسان کي ٻڌائين ٿا ته آدم
پهريون انسان هو.
2-Arthropology
جا ماهر ائين چون ٿا ته مذهب به انسان سان گڏ ترقي
ڪندو آيو آهي. اگر ائين آهي ته پوءِ الله جي تصور
۾ ماڻهو شڪ ڪندا (نعوذباالله) نبين ۽ رسولن جي آمد
۽ اصلاح واري حقيقت کان ڪيئن منهن موڙي سگجهي ٿو!
سائين مٿين ڳالهين جي پيش نظرArthropology
جي انهيءَ شاخ جنهن انسان جي بدن جي ارتقا بيان
ڪجي ٿي سا بلڪل فرضي ٿي وڃي ٿي. هن وقتOrgainic
evolution
جي
Theory
جا ٽي گروپ سمجهه ۾ اچن ٿا.
3-
اهي طالب عالم جيڪي انساني بدن جي ارتقا تي يقين
رکن ٿا ليڪن هنن جو تعداد بلڪل ٿورو آهي.
4-
اهي ماڻهو جيڪي صحيح انهيءَ تصور کي غلط قرار ڏين
ٿا.
5-
اهي ماڻهو جيڪي منجهي پيا.
جناب
عالي! جيڪڏهن سائين جن طرفان وضاحت ڪنهن ايندي ته
نهايت احسان. مزيد آداب*
-
نور محم
محترم ڊاڪٽر نور علي سومرو
پاٽويون، تعلقو سنجهورو، (1957-10-25)
محب
الفقراءَ جناب ڊاڪٽر صاحب،
به
حق موجود واضح باد که فرمائش جناب هادي مرشدي فقير
سائين فقير فولاد علي سائين جن جي مون کي اوهان
جناب وٽ اچڻو هو مگر جناب جن پنهنجي ڪاروبار ۾
مشغول آهن ۽ نه معلوم ته اوهان هڪ هنڌ رهو ٿا يا
گهڻين جاين تي. هت پاٽوين جي ڀرسان عزيزالقدر دوست
ميان اڪبر علي جن سان واقفيت ٿي جنهن ٻڌايو ته
جناب جن سندن عزيز آهن. لهذا هيءُ عريضه کيس لکي
ڏيون ٿا ته برائي مهرباني ڪتاب مسميٰ روح الاعظم
حصه اول جنهن ۾ هادي سائين جن جو سوانح حيات مرقوم
آهي هن ماستر صاحب کي ڏيندا ته اسان اتي فقير صاحب
جن وٽ پهچائينداسين.
اسان
کي تمام گهڻو تاڪيد ڪيل هو. منهنجا هٿ اکر شاهديءَ
طور پاڻ وٽ محفوظ رکندا بعد ۾ هادي سائين شهنشاهه
کان اوهين استغسار ڪري سگهو ٿا. خاڪپاءِ اصفياءِ
اولياءِ.
-
فقير نور علي سومرو
محترم آغا نور محمد پٺاڻ
اڪادمي ادبيات پاڪستان، ڪراچي (2004-6-8)
محترم انتهائي مانوارا سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ،
السلام عليڪم و رحمت الله، ڪالهه فون تي محترم
عبدالغفار سومري سان اوهان جي طبيعت ۽ صحت متعلق
تفصيلي تبادله خيال ٿيو. ڌڻيءَ در دعا آهي ته
اوهان کي رب پاڪ اڃا وڌيڪ صحت عطا ڪري جو اوهان
علم ۽ ادب جي حوالي سان اسان جي وڌيڪ رهنمائي ڪري
سگهو.
شاهه
عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ جي حوالي سان عرض آهي ته
اڪيڊمي هر سال25000 رپين جو ايوارڊ ان ڪم لاءِ
رکيو آهي ان لاءِ هر سال اهو لطيفيات ۽ تصوف تي
مناسب ڪم ڪرڻ وار ڪنهن عالم کي ڏنو ويندو. ان ۾
اهو خدشو ضرور آهي ته ايوارڊ حاصل ڪرڻ وارو ڪتاب
اعليٰ معيار جو نه هجي، پر اسان جي مجبوري آهي ته
مارڪيٽ م موجود شايع ٿيل ڪتابن مان چونڊ ڪرڻي پوي
ٿي ۽ انهن ڪتابن مان ئي ڪنهن هڪ کي ايوارڊ ملندو.
مثال طور تي گذريل سال ٻانهي خان شيخ جي مرتب ڪيل
شاهه سائين جي رسالي کي جيڪو ايوارڊ مليو اهو به
ائين ٿيو جو ان سان شاهه لطيف جي موضوع تي شايع
ٿيل مواد ۾ فقط ان جو ڪم منظر عام تي اچي سگهيو،
جيڪو اسان جي ڪميٽيءَ جي ميمبرن کي ٻين کان بهتر
معلوم ٿيو ان ڪر ان جو نالو نامزد ڪيو ويو.
ان
ڪميٽيءَ جو سربراهه سائين مظهر الحق صديقي وائيس
چانسلر سنڌ يونيورسٽي هيو ۽ ميمبر ۾ ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو، امداد حسيني ۽ ڊاڪٽر فهميده
حسين ميمڻ هئا.
ميٽنگ دوران اهو سوال اٿاريو ويو ته ٻانهي خان شيخ
واري رسالي ۾ شاهه جو ڪلام به مستند ڪونهي پر ان
کان علاوه ان جي معنيٰ ۾ به کوڙ ساريون چڪون ۽
غلطيون آهن، پر ميمبر ان راءِ تي متفق ٿيا ته
بهرحال ان صاحب ان ڏس ۾ جيڪا محنت ڪئي آهي ان جو
کيس اجورو ملڻ کپي. ان کان علاوه ان سال يعني 3-
2002 ۾ شاهه تي ڪو قابل ذڪر مواد شايع ٿي منظر عام
تي به نظر ڪونه آيو. انشاءَالله ان سلسلي ۾ آئنده
اوهان جي رهنمائي ۾ قدم کنيو ويندو. والسلام.
-
آغا نور محمد پٺاڻ
محترم نٿر رامچنداڻي
805
ڀاواني پيٿ، پونا (1962-2-14)
مهربان، قدردان، سنڌي سونهارا، اعلي اديب مسٽر نبي
بخش بلوچ،
شل
سدائين سائينءَ جي توهان مٿان ۽ سنڌ سونهاري مٿان
دعا چمڪي.اوچتو خط لکندي اکين مان ڳوڙها پيا ڪرن
جنهن مهل سنڌ سونهاري لکي رهيو آهيان، وطن ڏانهن
دل وڃڻ لاءِ تڙڦي رهي آهي پر مجبورين ۽ ڪمن سبب
ڪٿي ايڏو جلد پهچبو. گهر جا ڀاتي پيا نهارين،
اکيون اُگهان پيو، مان هاڻي توهان کي ٿوري سڃاڻپ
ڏيندس’گوئا ريڊيو وارو‘ پڪ اٿم اها (سڃاڻپ) ڪافي
آهي. پرفيسر رام پنجواڻي توهان کي رام ڪرشن
آڏواڻيءَ وٽSion
۾
وٺي آيو”تصوير“ واري وٽ اتي به سڏيائين ۽ پڻ جئه
هنڌ ڪاليج ۾ به ائڊريس پنهنجن هٿن سان لکي ڏنو.
مان
توهان کي ”ٻوڌ پرڪاش“ جي هتي عاليٰ اديبن جي 66
جينتيءَ تي پرڪاش ڪيو اٿئون، اهو موڪلي رهيو
آهيان، پڻ روبرو ڏنل ساڳيو ”روشني“ به.
سوامي ٻوڌراج درويش به هئا. ضلعي (حيدرآباد)اندر
سوامي ٻوڌراج سنگ آشرم مشهور هو. ديوان ٽهل رام
بصر مل آسواڻي ان سنگ ڦلواري ۾ پرڌان هو. جيڪر
موٽندڙ خط ۾ ٻه اکر تڪليف وٺي، احوال ڏيو ان آشرم
۾ لڳو لڳه سندن گهر به هو. اُتي ڪير رهندا آهن؟
توهان جو نهايت شڪر گذار رهندس. ديوان ٽهلرام
توهان کي حيدرآباد ۾ اتي گڏجندو هوندو. کين به
ڪتاب موڪليا اٿم. سال ۾ اهو ڏينهن سوامي جن جو
ملهائيندو آهي. ٻيو گذريل سال کان مسز شيلا مهتاڻي
ريڊيو سنگر به
Rock
house
۾ هن اديب ۽ ڪويءَ جو ڏينهن ملهائيندي آهي. هن
دفعي به ڪتاب ۽ خط کيس موڪلي رهيو آهي. هت پروفيسر
رام پنجواڻي به ملهايو. ڀارت جي ڪيترن شهرن ۾
ويندي ولائت ۾ به هن جو ڏينهن ملهائيندا آهن. آشا
اٿم سندن چونڊ سکيائون ۽ مضمون ۽ توڙي بيت جي درسي
ڪتابن ۾ آڻيو ته روبرو ڪتاب سوکڙي موڪلجي، جي
توهان صاحب جا ڪي ڪتاب نڪتل هجن ته هڪ ٻه جيڪر گفٽ
موڪليو ته مزو ايندو. وڌيڪ ڇا لکان اسين ملڪي گهٽي
جي اندر حيدرآباد ۾ ڪاساين جي پڙ ۾ رهندا هئاسين.
علي محمد ڪاسائي مشهور اسان جي گهر سامهون رهندا
هئا. سڄو پاڙو هندو مسلمان ملي ڪيڏو قرب ۾
گذاريندا هئاسين. شل هڪ ڏينهن اچي پنهنجو وطن
ڏسون. گذريل دفعي سينگاپور سيلان ويس. باقي آڪرا
(گهنا) مان موٽندي 1959ع ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي 30
منٽ هوس. مگر حيدرآباد لاءِ دل ۾ اتم شنا اٿم.
قلمي دوستي قائم رکندا.”تصوير“ سوامي ٻڌراج جي
ذاتي ٻڌ....... ڪوبه ڪم ڪار هجي بنا حجاب لکندا.
-
نٿر رامچنداڻي
محترم نذير حسين جلالي جتوئي
لاڙڪاڻه (........8-13)
عاليجناب محترم بلوچ صاحب،
تسليم، مزاج شريف بيخيرت باد. گذارش ته توهان
صاحبن کي نيڪ روشن آهي ته فدوي جو نينگر انور حسين
حيدرآباد ۾ ايل. ايل. بي جي فائنل امتحان ڏيڻ لاءِ
ڪجهه عرصه کان ڪنهن دوست جي مهرباني سان هاسٽل ۾
رهندو آهي. هينئر سندس اهو دوست امتحان ڏيڻ بعد
واپس وڃي رهيو آهي، ۽ اها جاءِ شايد نو وارد ماستر
صاحب کي الاٽ ڏني وڃي ۽ کيس اتان بستر گول ڪرڻو
پوي، جنهن ڪري سندس لاءِ پريشاني جو باعث آهي جيڪو
سندس ’لا‘ جي امتحان تمام قريب هئڻ سبب نقصان ڪار
ثابت ٿئي. ان تلڪيف کي دور ڪرڻ لاءِ صاحب جن کي
دوستي برادري ۽ قديم نيازمندانه تعلقات جي مدنظر
هن عريضه ذريعه نهايت مودبانه ۽ موڪدانه عرضگذار
آهيان ته ازراهه عنايت ڪجهه عرصه لاءِ سندس تڪليف
کي دور ڪرڻ خاطر متذڪره هاسٽل ۾ کيس اطمينان سان
رهائش جو خاطر خواهه انتظام ڪري ڏيڻ فرمائيندا.
گستاخي ۽ تڪليف معاف فرمائيندا. اميد ته فدوي جو
عرض اجابت ۾ آڻي بيحد مشڪور رهندا. شال بفضل
تعاليٰ هر طرح خوش و خورم هوندا.
|