سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :13

- رشيد احمد لاشاري

محترم رسول بخش ڏيرو

ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو، وايه ڪوٽڙي

بخدمت گرامي درجت ڊاڪٽر صاحب،

بعد اسلام عليڪم جي واضح هجي ته اوهان صاحبن جو نوازشنامو مليو، وڏي مهرباني اوهان جي. مان مهاڳ کڻڻ آيو هوس پر سائين جن خير سان ڪيڏانهن ٻاهر اسهيا هوا. ملاقات نه ٿي ڪتاب ڇپجي تيار ٿي ويو آهي، هاڻي جلد ٻڌڻ وارن کي ڏنو ويو آهي. مونکي به اٽڪل مهينو کن ٿيندو ته هتي ڳوٺ رهان ٿو. انشاالله هڪ هفتي کان پوءِ حيدرآباد اچڻ جو خيال آهي، اوهان جي خدمت ۾ به حاضر ٿي اوهان جي ملاقات کان مشرف ٿبو ۽ ٻين جلدن لاءِ به اوهان صاحبن کان مشوره وٺبو. وڌيڪ ٻيا نازڪ احوال آهن جي به اوهان جي خدمت ۾ روبرو عرض ڪبا. اسلام عليڪم پنهنجي سنگت کي چوندا ٻيو خير.

محفوظ متياڪي توحيد ٿيو تمام

الانسان سري وانا سره تا نه پروڙي عام

محبتين مدام، رهيو آهي روح ۾.

- رسول بخش ڏيرو

....2....

مورخ، فريدآباد، تعلقو ميهڙ، ضلعو دادو

اخلاق اوهانجا اعلي نبي بخش بلوچ اعليٰ عجيب، ڪندو رحمت الله اعليٰ عجيب،

بخدمت استاد اعليٰ عجيب، اديبن اديب، اعليٰ عجيب، دوستن جا دوست اعليٰ عجيب،

سلامن تي سلام اعليٰ عجيب، موڪليان توڏي سي هيجئون حبيب.

گستاخي جي معافي وٺڻ کانپوءِ پنهنجي ناقص خيال ۽ خيال جي مراد عرض ٿو رکان ته ”ساڻيهه جا سينگار“ تمام بهترين پروگرام شروع ڪيو اٿو: جنهن ۾ سهڻي صلاحيت وڌيڪ سهوليت اها آهي ته ڪنڊ ڪڙڇ جا اديب فنڪار پنهنجو ادب ۽ فن پيش ڪري سگهن، سندن سمورو ادب سموري سنڌ جا ماڻهو ٻڌي سگهن، هن کان اڳ سنڌ جي ميلن ملاکڙن تي جيڪي سنڌي ادبي، ثقافتي مجلسون پيش ٿينديون رهيون آهن سي فقط ميلن تائين محدود هيون: هي اوهانجي ڪوشش جو نتيجو آهي، جيڪو سڄي سنڌ جي سنڌين تي ٿورن جهڙو ٿورو آهي. جيڪو لاهڻ جهڙو ناهي پر ڳائڻ جهڙو آهي.

وڌيڪ اوهان وڏن اديبن کي عرض ٿو ڪريان جيئن ته هي پروگرام سڄي سنڌ جا ماڻهو وڏا توڙي ننڍا، عاقل، عالم جاهل، پير، فقير، امير توڙي غريب وڏي پاٻوهه سان ٻڌن ٿا، تنهن ڪري چڱو ائين ٿيندو ته هن پروگرام ۾ ڀٽائي رحمت الله عليه جي قول فعل ۽ رسالي جي بيتن جي شرح کي خصوصيت سان ترجيح ڏني وڃي: جو ادب سان گڏ ماڻهن کي اخلاق، اتفاق، مروت، شجاعت، ايثار، سخاوت، قناعت، زهد، تقويٰ، توڪل، صبر، شڪر ٻين نيڪ عملن جو به سهڻو سبق ملندو جيڪا اڄ ڪلهه جي پهرئين ضرورت آهي .... ڀٽائي صاحب جن فرمايو ته:

عالم آءٌ سان ڀريو ٿو ڀير ڪري

عالم جي لفظ جي معنيٰ مڙئي مخلوق به آهي، پوءِ انهيءَ موجب خيال ڪبو ته انسان ذات کانسواءِ ٻي مخلوق مرون، جهنگلي جانور، توڙي گهرو جانور، پکي پکڻ، جيت جڻيا ڏسبا ته انهن ۾ به ”مان“ آهي، اهي هڪ ٻئي سان وڙهن به ان خيال تي ٿا مان ئي آهيان ۽ مان ئي هن کان ڏاڍو آهيان. ڪڪڙ ڪڪڙ سان وڙهي ٿو، گڏهه گڏهه سان، گهوڙو گهوڙي سان، اٺ اٺ سان، ڪتو ڪتي سان، ٻلو ٻلي سان ان ڪري ٿو وڙهي ته مان ڏاڍو ۽ زور آهيان. اهڙي طرح ذات پکي اڏامندڙ به هڪ ٻئي سان جهرڪين تائين، جيت جيتن سان وڙهن ٿا پر دريائن سمنڊن ۾ رهندڙ جانور وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائن ٿيون انهن ۾ به ”مان“ آهي تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب فرمائي:

عالم آءٌ سان ڀريو ٿو ڀير ڪري،

پاڻ نه آهي ڄاڻ، ڪو مانڊيءَ منڊ پکيڙئو.

اھو مانڊي ڪير آھي؟؟ اھو اللھ تعاليٰ خالق ھر دو جھان آھي. جنھن پنھنجي سڄي مخلوق تي اھو منڊ پڙھيو آھي، اھو منڊ ڇا آھي؟؟ اھو آھي نفس. نفس کي سرڪشي، وڏائي، ھٺيلپ، عزت، پناھ، چاھ، مرتبو دنيا جي سڀن شين کان وڌيڪ وڻندڙ آهي جو اهڙي ان کي ٻي ڪا شي به وڻندڙ نه آهي ۽ ان ۾ نفس ڪافي خوش آهي. پر انهيءَ جي پوري حقيقت جي ڄاڻ پاڻ کي نه آهي ته نه اهو منڊ يعني نفس هوندو ۽ نه وري اسين هونداسين. حقيقت ۾ نفس ڪا شي نه آهي، ته پوءِ ان جو هجڻ، هستي، وڏائي ڇاجي؟؟؟ جيئن ڀٽائي آڏو ايندڙ بيت ۾ فرمايو آهي ته:

لاسين لاٿائون، توکي توڙ ائين،

اڃان پڻ ”آئون“، واريو وجهين وڄ ۾.

گذريل مٿئين بيت ۾ آهي ته عالم آءٌ سان ڀريو ٿو ڀير ڪري، ان جو مطلب آهي ته هي سڄو جهان درياهه جيئن آءٌ سان ڀريل آهي. هاڻي ته اهڙو ڀريو پور ڀريل آهي، جيئن ڀريل درياهه ڪپرن کي پائيندو ۽ وڏين ڀڪون ڀيريون ڏيندو کائيندو ويندو آهي، پوءِ آخر ڪپر پڃي ٻوڏيون ڪندو آهي، تيئن هي عالم به درياه مثل آءٌ سان ڀريو پيو ڀير يعني ڀڪون ڏئي. پر اها ”مان“ درياهه واري به ڪانه رهندي آهي. جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو آهي:

لکين سئين مهراڻ، آٽي سڀ اڌ ميا،

سڙيا منجهئين ”مان“ سڪي سڀ پٽ ٿيا.

هن بيت جو خلاصو مطلب آهي ته ڪيئي درياهه گڏجي هڪ ٻئي ۾ پئي کڻي ٻوڏ ڪن تڏهن پنهنجي پر ۾ مان ٿا ڪن ته مان ڪهڙو نه اوج ڪيو آهي، تڏهن ”مان“ چوڻ سان سڪي سڀ پٽ ٿيا. هن منهنجي مثال ۾ بيتن آڻڻ جو مقصد آهي ته پڙهيل ماڻهو ڀٽائي صاحب جي رسالي کي پڙهن ٿا، پر گهڻا ماڻهو نه ٿا سمجهي سگهن، انهيءَ ڪري اسانجا جيڪي اديب انهيءَ پروگرام ۾ اچن ٿا، انهن کي رسالي جي بيتن چوڻ سان گڏ انهن جي تشريح به تصوف قرآن شريف ۽ حديث شريف جي روشني ۾ ڪرڻ گهرجي ۽ اهو انهن کي شوق به ڏيارجي، ان مان اهو فائدو ٿيندو جو رسالي جي بيتن جي حقيقي معنيٰ مراد ڪرڻ ۽ سمجهڻ جو شوق منجهن ڏينهون ڏينهن وڌندو ويندو.

ڪي بيت ڀٽائي صاحب ڏور جي بيتن وانگر چيا آهن، انهن جون رمزون راز ڏور وار ڳولي سگهن ٿا. انهن سگهڙن کي اهو شوق ڏيارجي!! جيئن مثال طور ڪي بيت عرض آهن:

ديکيندي ديدار کي ڪين سڃاتو ڪل،

تازي طويلن ۾ آهه احاطو جهل،

هوا جي امل، سي حسابان هڄي ويا.

-

ديکيندي ديدار کي ڪل سڃاتو ڪين،

تازي طويلن ۾ آهه احاطو زين،

هوا جي امين، سي حسابان هڄي ويا،

ديکيندي ديدار کي ڪل سڃاتو ڪين؟

جانب منجهان جيئن، محروم ئي مري ويا.

هاڻي هنن بيتن ۾ پهرئين بيت جي ٻي تڪ ۾ گهوڙن ۽ احاطي بابت بيان آهي، باقي اها خبر نه آهي ته جهل جي لفظ کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي؟؟ جهه؛ تي پيش يا زبر ڏجي وري ان جو مطلب ۽ معنيٰ ڪيئن ٿيندا؟؟ ميان غلام شاهه درگاهه واري کان مون پڇيو هيو. شاهه صاحب فرمايو ته ادا اها گهوڙن جي سنجن جي ڳالهه آهي، ان کي جهل ڪري پڙهيو وڃي ڇو ته ٻئي بيت جي تڪ ۾ زين چيل آهي، جا پڻ گهوڙن جي پٺي تي پوندي آهي!!! اها معنيٰ مونکي سمجهه ۾ ڪانه آئي. پر ان بيت جي پوئين تڪ جو گهوڙن سان ذرو به واسطو ڪونه آهي ان ۾ آهي ته هوا جي امل سي حسابان هڄي ويا، اهڙو ڪهڙو حساب آهي، جو جيڪي امل – امين هوا سي به هن حساب ۾ هڄي ويا، يعني هٻڪي کپي کامي هليا ويا، يا ٿڪجي هتان هليا ويا.

اهڙن بيتن تي اسان جن سگهڙن سالڪن ۽ اديبن روشني وڌي ته جيئن پوءِ تيئن رسالي جو مطلب کلندو ويندو ۽ ادب ۾ واڌارو ٿيندو، اهڙي طرح رسالي ۾ گهڻا بيت آهن جيئن سر مومل راڻي ۾ آهي ته:

ويجها ويا ڪاڪ کي ڏسي وڻ وريا،

ڪهڙي ٽول ٽريا، نه ته هو مومل هو ماڙيون.

هاڻي خبر نه آهي ته ڪهڙي سبب ٽري ويا؟؟ ڪاڪ جي ويجهو به آيا هيا مومل جون ماڙيون به ڏٺائون پر وري وري ويا؛ انهن رمزن تي روشني پئي ته چڱو!! وڌيڪ اوهان جيئن مناسب ڄاڻو، انهن اديبن جو توجه ان طرف ڇڪايو! ڇا اديبن جو ڌيان ان طرف ڇڪائجي يا نه؟؟

مون وٽ رسالي لاءِ رٿيل شرح جو مواد اٽڪل ويهه هزار صفحن جيترو آهي، جيڪو منهنجي مرڻ سان زيان ٿي ويندو! اهو افسوس ۽ الڪو آهي ته ڪنهن تائين اهو پورهيو ڪيل پهچي وڃي هان ته چڱو؛ هي عرض اوهان وٽ ان لاءِ ڪيو اٿم ته منهنجي مرڻ سان منهنجي سيني جو سوز به گم ٿي ويندو آخرڪار سڀ فنا آهي. ڀٽائي صاحب جي ڪلام بي پايان درياهه جو ماهر ٿيڻ مشڪل آهي. جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:

چڙيءَ جيئن چهنب هڻي لڏيائون لئا،

حباب ئي هوا، انهيءَ واديءَ وچ ۾.

ڇو ته الله تعاليٰ جي حڪمت ڄاڻڻ کان محروم ٿي مري ويا جو سندس بي پايان حڪمت جي ڄاڻڻ جي ڪنهن کي به طاقت نه آهي. تحقيق هي ڪائنات عجب حيرت عبرت جو مڪان آهي، اسان عقل جي انڌن جي سمجهڻ جي ڇا مجال! عقل ويچارو حيرت جي مڪان ۾ وڃي نه سگهندو ته پوءِ سمجهه وري ڇا؟؟ جيئن ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو ته:

حوصلو حيرت ۾ ڪري ڪين درڪ،

جو حسن سندو حق، سو ڪور پروڙي ڪينڪي.

هاڻي گهڻو نه ٿو لکان جو غلطي سبب گهڻو لکجي ويو آهي، اوهانجي قيمتي وقت کي سيڙايو اٿم. وڌيڪ گذارش آهي ته تڪليف محسوس نه ڪيو ته پنهنجي خيريت جي احوال کان ياد ڪندا، مشڪور ممنون رهندس. السلام پنهنجي ساري سنگت خصوصاً ٻيڙي فقير کي رسن. جوهر بروهي نياز سلام پيش ڪري ٿو. گر قبول افتد.....

- رسول بخش ڏيرو

محترم ڄام سلطان راهوجا

پوسٽ مناهين، مورو، سنڌ (1969 – 4 – 28)

محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: جيئن ته توهان صاحب ڪجهه عرصي کان لوڪ ادب گڏ ڪري رهيا آهيو ۽ ٻه ڪتاب بادشاهي ڳالهين جا به شايع ڪيا اٿو، پر انهن ٻنهي ڪتابن ۾، ڳالهين کڻڻ جي شروعات، جيڪا ٻهراڙيءَ ۾ رائج آهي اها ڪانه لکي ويئي آهي. آءٌ هن گڏ، ڳالهين کڻڻ جون ٻه شروعاتون موڪليان ٿو.* جيڪڏهن مناسب سمجهو ته آئينده ڪتابن ۾ درج ڪرڻ فرمائيندا. تنهن کانسواءِ، ڳالهين جي وچ ۾، ڪڏهن باغ جو ذڪر ايندو آهي. جيڪو پڻ هتي ڳالهين کڻندڙ ڪتب آڻيندا آهن. اهو ۽ حسن جي تعريف بابت جيڪي جملا ڪتب آڻيندا آهن اهي به لکي موڪليان ٿو. مناسب سمجهو ته اهي به ڪتاب ۾ داخل رکي ڇڏيندا. - سلطان راهوجا

محترم سائين قاضي سچيڏنو

خيرپور ( 1961 – 8 – 10)

”پري ٿيم پنهوار، ڏيان ڏوراپا ڪنهن کي“

سائين ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: مدت ٿي آهي اوهانکي مليي. مان به ان وچ ۾ حيدرآباد نه آيو آهيان. ڀٽ شاهه جي دعوت هوندي به اچي نه سگهيس. ان مرحله خواه پبلڪ اسڪول واري معلم کي ٽيڪ طور نباهڻ تي مبارڪباد شڪر ٿيو. اوهان معتبرن جي سرپرستي اڃا آهي. مان به عنقريب وڏي موڪل تي اچڻ وارو آهيان. نهايت شدت سان ارادو آهي کاتي کي خيرباد چوڻ جو! خير دل به نه ٿي لڳي ۽ حالتون به اهڙيون ناسازگار ٿيون آهن جو ائين ڪرڻ بهتر آهي. انشاالله ايندڙ مهيني جي شروع ۾ اچي ويندس، وڌيڪ احوال روبرو ڪندس.

مشغله جي تلاش ۾ آهيان، ڏسجي ته ڪٿي ٿي قسمت ڇڪ ڪري. اميد ته اوهان خوش باش هوندا. جناب قاضي صاحب جن جي طبيعت ڪيئن آهي؟ پنهنجن الجهنن سبب ڏانهن به احوال عرض نه رکي سگهيو آهيان. اوهان زيارت لاءِ وڃو ته مادر محترمه کين  منهنجي طرفان نهايت زياده سلام عرض رکندا. اميد ته منهنجي ذاتي معاملا اوهان کي ياد هوندو. انجو به جي جلد تصفيه ٿي سگهي ته بهتر.

- سچيڏنو قاضي


*  ڳالهه کڻڻ جي شروعات

ساراهه ڪجي الله ۽ رسول جي، نيڪي ڪجي سچن عاشقن جي، جيڪي ڪري ويا تن جي پيئي ڳائجي. سالڪ چيو ته اهو سچ آهي، پر انسان جي وات ۾ ٻٽيهه ڏند آهن، ڏند هيٺيان زبان بيهي وڃي، انسان مري وڃي، بدن خاڪ ٿي وڃي. باقي نيڪي بدي وڃي رهن پاڻ ۾.

بادشاهه پاڻ الله آهي، پر زماني جي گردش جو هڪ بادشاهه هو، جنهن جا ڇهه خانا آباد هُئا، هڪ خانو نا آباد هو، انهيءَ ڳالهه ۾ هو خدا جي بندگيءَ ۾ مشغول هو، کيس اولاد ٿيندو ئي ڪونه هو...........

* ٻي ڳالهه کڻڻ جي شروعات

ٺڪ ٺڪ جون رڙيون، ڪاٺ جو گٻت، انڌي مئي جو هر نه هلي، پٽ ماءُ کان پليو نه ٿئي، هرڪو شهر ڇڏيو لڏيون وڃي، ڪئسر گل راڻيءَ جي تلاءُ تي، جا هٿ هڻيو ٿي هار ڇني. ڪوڙ جا ڪڙيا، ڊام جون ڊڳڙيون، جني گهڙيا ڪڙڪندا انهن جي ڪنڌ تي، اسين ڪنن ٻڌي ڳالهه ٿا ڪريون، ته بادشاهه پاڻ الله آهي پر هڪڙو زماني جو بادشاهه هو ............

* باغ جي تعريف

ڏسي ته هڪ باغ آ، باغ چمن آ، جنهن ۾ وڻن جي وڻڪار آ، گلن جي گلزار آ، خوش بوءِ جي هٻڪار آ، هڪ هڪ پن تي بلبل جي پڪار آ، ملوملي جي تنوار آ، ڪي مڇيون ڳاڙهيون، مڇين جي ذات بيشمار آ، واهه ڪاريگر جي ڪاريگري آ، سنگ مر مر جو فرش اڏيل آ، مينا ڪاريءَ جو ڪم رکيل آ........

* حُسن جي تعريف

حسن دلپسند آ. هن جي حسن کان سج داغ دار آ، چنڊ شرم ناڪ آ، ڊيل کي نه هلڻ جو اختيار آ، هن جي حسن جو گوگاءُ آ، ننڍي وڏي جي وات ۾ وهواهه آ.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org