مابرفتيم وتو داني ودِل غمخورما بخت بدتا بکجامي برد
آبشخورما
ڊڪشنري ۽ رسالي جو ڪم ساڻ کنيو ٿو وڃان، دعا جي ضرورت آهي.
والسلام
– ”ع“
....3.....
* مورخ 18 جون 1965ع، 67 – نيڊو هوٽل، لاهور
عزيزي محترمي جناب ڊاڪٽر صاحب حفظ الله تعاليٰ،
السلام عليڪم و رحمة الله و برڪاته، عرض ته اوهان جو دلنواز
مڪتوب موچاري مهل مليو، پڙهي روح کي راحت نصيب ٿي،
رب العزت، اوهان کي شال سرسبز ۽ شاداب رکي، منهنجو
نماڻو خيال آهي ته اوهين تماڪ نوشي بلڪل ڇڏي ڏيو،
۽ ٽنهي مانيءَ جي ويلن کان اڳ (Hepabro
co with stychnene) واپرايو، اميد ته موري جي شڪايت، رياح وغيره، سڀ دفعه
ٿي ويندا،
نصيحت گوش کن جانا، که از جان دوست تر دارند
جوانانِ سعادتمند پند پير دانا را.
سڀاڻ بينڪ ۾ وڃي پيسا ڪڍائڻا اٿم، اميد ته سٺ روپيه بنا دير
ڏياري موڪليندس. مان پڻ هوائي جهاز جي رستي 12
تاريخ ويو هوس، جو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪميٽي جي
ميٽنگ هئي ۽ تاريخ 15 هت موٽي آيس.
هڪ پروفيسر قمرالدين خان نالي آهي، جنهنجا اوهين واقف آهيو ۽
مون وٽ به ڪجهه درس ۽ استطلاع لاءِ ايندو هو. سو
ڪراچي ڇڏي پنجاب يونيورسٽي جي ”شعبه اسلاميات“ ۾
مقرر ٿي آيو آهي، خواهش اٿم ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
مرحوم قاضي اختر جي منصب يا ٻي جاءِ تي ”اسلامي
شعبه“ ۾ مقرر ٿئي. ماڻهو از غايت لائق آهي، جي ان
جي تقرير لاءِ ڪوشش وٺندا ته مروت کان پري نه
ٿيندو. - ”ع“
.....13....
* مورخ 15 اپريل 1965ع، ڪراچي
عزيز و محترمي جناب ڊاڪٽر نبي بخش صاحب بلوچ،
السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، نوازشنامو اوهان پيارن جو
موصول ٿيو. عين عنايت. اهي بيت حضرت خواجه محمد
زمان لنوارئي ڏانهن منسوب آهن، جن جو عربي ۾ شرح
مرحوم مغفور شهيد گرهوڙي ڪيو هو، جو هن حقير
سنڌيءَ ۾ آڻي شايع ڪيو هو. اهو ساڳيو ڪتاب اميد ته
سنڌي ادبي سوسائٽي پنهنجي مطبوعات جي سلسلي ۾
ڇپائيندي. بزرگ گرهوڙي جي ڪلام بعد انجي طباعت هٿ
۾ کنئي ويندي. والله المستعان، تنهنڪري اوهين
مذڪوره ڪتاب ڀلي مالڪ کي موٽائي ڏيندا. پر جيڪڏهن
بزرگ گرهوڙيءَ جي خود ڪلام جو ڪو قديم نسخو دستياب
ٿي سگهي ته مقابله لاءِ موڪلي ڏيندا، ته زهي
احسان.
سنڌ هسٽاريڪل جرنل لاءِ ماده گڏ ٿي ويو آهي. هينئر انجي ڇپائي
جي گرما گرم تياري ڪري رهيا آهيون. 34 روپيه جلد
جا خدمت ۾ موڪليا ويندا. زياده
خير. - المخلص، ع. م.
د
محترم عنايت بلوچ
ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد (1985 – 7 – 27)
وڏي مان ۽ شان وارا سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب،
السلام عليڪم ورحمته الله و برڪاته، دل بهار بهار ٿي وئي جڏهن
تازو اسلام آباد ۾ سائين جي زيارت جو شرف مليو.
الله تعاليٰ اسان تي لکين احسان ڪري، اوهان کي صحت
ياب ڪيو.*
ڇو ته اوهان جو دم، ڪاٿي ڪرڻ کان گهڻو اُتم ۽ افضل آهي. اوهان
سنڌ جي ادبي گلشن جا مرڪندڙ ۽ ٻهڪندڙ گلاب جا گل
آهيو، جنهن جو ڪو مٽ نه مثل. خدا پاڪ اوهان کي وڏي
ڄمار عطا فرمائي ۽ صحت سالم رکي آمين.
سائين، ڪيترن ڏينهن کان اوهان جي تقرير جو متن ڪاپي ٿيو رکيو
هو. سائين جن جي حڪم موجب ڪاپي موڪلي رهيو آهيان
اميد ته ضروري تصحيح ڪري واپس موڪلي ڏيندا ته
عنايت تي عنايت ٿيندي. ان تاريخي مضمون کي مهراڻ ۾
ڇپرائڻ جو ارادو آهي، وڌيڪ جيئن حڪم ٿئي.
اميد ته پنهنجي ڪٽنب ۽ ٻچڙن سميت خوش باش آهيو.
- عنايت بلوچ
محترم قاضي عبدالرحمان افغاني
سلطان ڪوٽ، شڪارپور (1961 – 12 – 15)
فيض مآب پيارا سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب،
السلام عليڪم ورحمت اللھ، مان سائينجن جو پراڻو شاگرد قاضي
عبدالرحمان آھيان. مان سال 1959ع ۾ اوھان جي تربيت
ھيٺ بي. ٽي ڪاليج ۾ ھوس ۽ سائيجن جي دعا سان بي ٽي
سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪري وڃي نوڪري تي چڙھيس. ھن وقت
گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ڪشمور ۾ ھيڊ ماستر آھيان.
حيدرآباد کان ڳوٺ موٽڻ بعد اڄ تائين اوھان جي قدم
بوسي جو شرف حاصل ڪونه ٿيو آهي. انشاء الله حياتي
آهي ته هڪ دفعو نياز ڪرڻ ۽ دعا وٺڻ لاءِ ضرور حاضر
ٿيندس.
اڄ پنهنجي پورن ۾ ويٺو هوس ته دل توهان کي ياد ڪيو. ڪن ڏينهن
کان هڪ مشوره حاصل ڪرڻ لاءِ بي چين هوس. اڄ مالڪ
جي مهرباني سان ان جو حل ملي ويو. اوهان کان بهتر
مشوره ڪار مون کي نظر ڪونه آيو. تنهنڪري قلم کڻي
اوهان کي تڪليف ڏيڻ ويٺس. اميد ته مون کي پنهنجو
ساڳيو نيازمند سمجهي پنهنجي مفيد مشورن کان
نوازيندا ۽ ڏنل لاءِ معاف ڪندا.
مون کي سنڌي ادب سان شروع کان محبت آهي. جيڪڏهن ڪجهه لکندو
آهيان ته ڌڻي جي مهرباني سان چيڱڙو لکندو آهيان.
بي اي ۾ به منهنجو مکيه ڪم سنڌي هو جنهنڪري 1955ع
۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ پهريون نمبر بيٺس. ڪتاب ڪڏهن به
ڪونه لکيو هوم. هڪ دفعه بي اي جي سنڌي ڪورس ۾ رکيل
ڪتاب ”نورجهان“ پڙهندي پڙهندي مونکي ڏک ٿيو هو جو
ان ڪتاب ۾ ڪي غلط ڳالهيون لکيون پيون هيون. ٻيو
مسلمانن جي مذهب مٿي به ڪافي حملا ڪيل هئا.
تنهنڪري مون کي جذبه اچي ويو ۽ ان جذبه تحت پنهنجي
قلم آهر ڏيڍ سال کن ۾ ڪتاب لکي تيار ڪيم جنهن جو
نالو ”ملڪه نورجهان“ رکيو اٿم. ڪتاب دلچسپ ۽ ناول
جي صورت ۾ آهي ۽ ساڍا چار سئو صفحه کن آهي. مان
جنهن جذبه ۽ محنت سان لکي تيار ڪيو آهي، اميد اٿم
ته سائينجن قدر ڪندا.
هڪ دفعه سال 1954ع ۾ سائينجن جناب نون صاحب ڊپٽي ڪليڪٽر سان گڏ
جيپ تي اونهاري جي رات جو منهنجي ڳوٺ سلطان ڪوٽ
تشريف فرما ٿيا هئا ۽ آغا نادر خان جي بنگله تي
آيا هئا مان به ات هوس. سائينجن آغا نادر خان کان
سندس گهڙي واري شعر جي طلب ڪئي هئي. چوڻ جو مطلب
اهو آهي ته ”بياض نادر“ به مون وٽ تيار آهي، جنهن
۾ فقير نادر خان جا سٺا سٺا اشعار درج آهن.
- عبدالرحمان افغاني
محترم عبدالرحيم عبد مڱريو
بانگا محله خيرپور (1990 – 4 – 1)
عالي جناب عزت ماب سائين نبي بخش خان بلوچ صاحب،
اسلام عليڪم: سڀ کان اول دير سان خط لکجي پيو. ان ڪري بنده
طرفان معذرت قبول ڪجي، مهرباني. مطلب گذارش هن ريت
آهي.
1. ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي ته سائين جن بابا محمد عمر احقر
مڱريو مرحوم جن جي سوانح حيات معلوم ڪرڻ لاءِ ڳوٺ
ملنگ مڱريو تعلقه خيرپور ميرس ۾ تشريف کڻي آيا
هئا، سندن ڪجهه هٿ اکر يا ٻي معلومات وارا ڪاغذات
به ٻڌو اٿم ته وٺي آيا آهيو، ليڪن مفصل معلومات
اوهان صاحبن کي ڪانه حاصل ٿي هوندي. منهن جي
ڳوٺاڻن سائين جن کي منهن جي لاءِ ٻڌايو هو، ليڪن
مون تائين اوهان صاحب پهچي نه سگهيا.
مون وٽ بابا محمد عمر احقر مڱريي (بابا کين احترامن سڏيندو هوس)
جن جي حياتي تي مقالو تيار ڪيل آهي، اميد آهي ته
ستت ئي اتاري سائين جن ڏانهن موڪلي ڏيندس.*
- عبدالرحيم منڱريو
محترم رئيس علڻ خان لغاري
دادو تاريخ 13 جون
بخدمت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب،
بعد خيريت جي عرض ته نياز نامه ڏيندڙ سائين جن جي خدمت ۾ روبرو
عرض پيش ڪندو، براهِ نوازش جي هن غريب جي جيڪا به
مدد ٿي سگهي سا ڪرڻ فرمائيندا هي هڪ شاگرد دادو
سڪول جو آهي. مان به اڄ لاهور مان هت آيل آهيان،
جو 13 – 14 تاريخ موڪل آهي. آءٌ وري سڀاڻي لاهور
هليو ويندس. منهنجي لاءِ ڪوبه حڪم هجي ته نيازمند
حاضر آهيان.
جناب نون صاحب جن ضرور ايندا هوندا، کيس گهڻا گهڻا السلام عليڪم
۽ نياز چوندا. مراد علي خان کي پڻ سلام چوندا.
- علڻ لغاري
محترم مولانا عبدالڪريم چشتي
شڪارپور سنڌ (23 جولاءِ 1962)
مڪرم و محترم مهربان ڊاڪٽر صاحب،
تسليم! خط آڻيندڙ صاحب جناب مولانا محمد ابراهيم اسان جو دوست
به آهي ۽ همسايه به ۽ وڏي هڪ بزرگ عالم جو فرزند
آهي. هن جو هڪ صاحب ۾ ڪم آهي بيحد ضروري. اوهان ۾
اوهان جي اخلاق ۾ قديم دوستانه محبت ۾ اميد آهي ته
اوهان هن کي دل و جان سان پوري پوري مدد ڪندا ۽
منهنجو منهن مٿي ڪندا ۽ مونکي شرمسار نه ڪندا.
اوهان جو جهونو دوس.
- عبدالڪريم چشتي
محترم عزيز جعفراڻي
محمد بن قاسم لائبريري، سجاول (1987 – 9 – 8)
جناب قبله محترم ڊاڪٽر بلوچ،
السلام عليڪم: اميد ته خوش هوندا، اوهان جي حوالي سان، قومي
هجره ڪائونسل اسلام آباد، اسان جي لائبريري کي ٻن
قرآن مجيد جي ترجمن سان گڏ اٺ ٻيا ڪتاب، تحفي طور،
موصول ٿي چُڪا آهن. اسان تمام احباب، ان سلسلي ۾،
اوهان جو شڪريو ادا ڪريون ٿا.
دوست رسول بخش تميمي جو ڪتاب ”تاريخ جاتي“ ڇپجي چڪو آهي. اميد
ته اوهان وٽ پهچي چڪو هوندو. حافظ حبيب صاحب،
تاريخ شاهبندر لکي رهيو آهي. آئون ”ٺٽو ضلعو هڪ
نظر ۾“ ترتيب ڏيئي رهيو آهيان. دعا ڪندا ته ڪامياب
ٿيون. – عزيز جعفراڻي
محترم ڊاڪٽر عبدالقيوم سنڌي
ام القري يونيورسٽي، مڪه مڪرمه (2004 – 8 – 8)
گرامي قدر ڊاڪٽر بلوچ صاحب،
”السنڌ“ (رسالي) جي ذريعي توهان بابت احوال ۽ توهانجا پيارا
مضمون پڙهڻ لاءِ ملندا رهندا آهن. مخالف ڀل هجن پر
توهانجو محافظ سڀني کان اعليٰ ۽ اقوي آهي. سج جي
سخت روشني، جهڙ ڪٿان برداشت ڪري سگهندو؟
سائين! توهانجو قيمتي وقت نه ٿو وٺڻ چاهيان، بس دل گهريو ته ٻه
اکر لکي يوسف جي خريدارن ۾ نالو لکرايان. مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي جو ”ڪفايتہ القاري“، مخدوم محمد
حيات عادلپوري جو ”الجنہ في عقيدهَ اهل السنہ“ ۽
ڪي ٻيا مضمون ۽ رسالا پريس ۾ ويل آهن. انشاء الله
عنقريب توهانجي خدمت ۾ پيش ڪبا. آخري گذارش ته:
هيل تائين سنڌ جي مستند تاريخ عربيءَ ۾ نه آئي
آهي. ان لاءِ توهانجي ڇا راءِ آهي؟ نئين سر ڪا
مختصر تاريخ جوڙجي يا اڳ ڇپيل ڪنهن ڪتاب جي عربيءَ
۾ ترجمو ڪجي؟ اهڙو مستند ڪتاب توهانجي نظر ۾ ڪهڙو
ٿي سگهي ٿو؟ رابطي لاءِ ڪو خاص ٽيليفون نمبر؟
- عبدالقيوم
محترم عبدالواحد آريسر
اسلام آباد (1989 – 8 – 10)
محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،
السلام عليڪم: اميد ته خوش هوندا. احوال ته جيتوڻيڪ گهڻي وقت
کان زيارت کان محروم رهيو آهيان، پوءِ به توهان
پنهنجي لافاني علمي ۽ ادبي جلوي سان نه رڳو منهنجي
ذهن ۾ پر سموري سنڌ جي دل ۾ سدائين وسندا رهو ٿا
انڪري به جو توهانجي ذهن ۽ ضمير ۾ سدا ملوڪ سنڌ
سدائين مهڪندي ۽ ٻهڪندي رهي ٿي.
عمرت دراز باد که تا دور مشتري
ما از بر خوريم تواز عمر بر خوري.
وڌيڪ عرض ته هي هڪ بيروزگار گريجوئيٽ سنڌي نوجوان آهي توهان
ڏانهن هن اميد سان موڪلي رهيو آهيان ته هنکي نوڪري
ڏيارڻ ۾ پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪندا ته مهرباني
ٿيندي. اميد ته جهڙا لائق آهيو اهڙا ئي ايڏا وڙ
ڪندا.
- عبدالواحد
محترم مولوي عبدالرحمان ضيائي*
ميرپورماٿيلو (1961 – 12 – 21)
العالم النبيل والفاضل الجميل بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش صاحب،
بعد از بلاغ مراسم تسليمات وارسال تحائف تعظيمات مشهور رائي
خورشيد پيرائي باد ته خيريت طرفين مطلوب،
ماهوالمرام من الارقام ته اسانجي سکر ضلع ۾ هن وقت
اي. آءِ صاحب تعليم کاتي جو جناب غلام رضا خان
ڀُٽو آهي جو اوهان صاحبن جو خاص دوست آهي ۽ منجهس
اسانجو ڪو ضروري ڪم قانوني حد اندر پيل آهي. بناءَ
علي هذا تصديع ته نوازش فرمائي صاحب ممدوح ڏانهن
منهنجي تعارف به نسبت هڪڙو چڱي نمونه تي خط لکي
مون ڏانهن رجسٽر ڪري روانو ڪندا ته جيئن ان خط جي
ذريعي صاحب ممدوح سان روبرو ملي ڪري اهو ڪم پنهنجو
پورو ڪرايان ۽ جائز طرح جو کائونيس فائدو حاصل ڪري
اوهان صاحب جو هميشه لاءِ دعاگو رهان. والباقي
عبدالتلافي.
- مولوي عبدالرحمان ضيائي
محترم عبدالحڪيم شيخ
روهڙي، مورخ 1 جنوري 1974ع
محسن سنڌ محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب،
تسليم و آداب، بعد گذارش ته اڄ ڪجهه سٽون عرض پيون رکجن شال
قبول پون.
جناب اعليٰ، مون ٻڌو آهي ته لوڪ ادب وارن کي اسلام آباد گهرايو
ويو آهي. جنهنجو منتظم اوهان سڳورن کي ئي مقرر ڪيو
ويو آهي. جا ڳالهه اسان جي لاءِ باعث فخر پڻ آهي.
سائين منهنجا، اوهان جي شفقت هونئن به هن غلام لاءِ ابر رحمت
وانگر آهي، مگر شال اوهان جي دل ۾ هن غلام جي ياد
هجي، مان اميد ٿو ڪريان ته هن فدويءَ کي به اسلام
آباد واري پروگرام ۾ شامل ڪندا ۽ تسڪين روح
بخشيندا، منهنجي ڪم يا فن بابت عرض ته آءٌ الغوزي
کان سواءِ بينسري، بوڻينڊو ۽ گهڙي وڄائڻ ۾ به
مهارت رکان ٿو. اوهان جي نوازش ۽ دعائن جي سهاري
جي سخت ضرورت محسوس ڪندي هي نيازنامون عرض رکي
رهيو آهيان.*
- عبدالحڪيم الغوزي نواز
محترم عبدالله چنه
مورخ 26 جنوري 1945ع
مڪرمي جناب مسٽر بلوچ نبي بخش خان،
السلام عليڪم: ڪاغذ اوهان جو 12 جو گهڻي روزن کان مونکي پهتل هو
مگر ڪم فرصت سبب جواب ڏئي نه سگهيو آهيان، معاف
ڪندا.
اوهان جيڪو مضمون پنهنجي پي ايڇ ڊي لاءِ منعقد ڪيو آهي سو بلڪل
موزون ۽ ضروري آهي، اوهان کي خدا تعاليٰ ڪامياب
ڪري.
اوهان جيتري قدر ٿي سگهي ته ڪنهن وقت روبرو پڻ ملاقات ڪيو ته
بهتر ته پوءِ ڪيتريون ئي ڳالهيون زير بحث آڻي
سگهبيون.
قوم چنه بابت مضمون الوحيد آزاد نمبر ۾ سنڌ جا پهريان مسلمان
اوهان جي نظر مان شايد گذريو هوندو يا اهڙي ريت
ٻيا به ڪي مضمون شايد مون ڪن وقتن تي ڪن اخبارن ۾
يا رسالن ۾ پئي ڏنا آهن. ڪاڇو چنن جو سمن جي وقت ۾
نه هو مگر ان کان گهڻو اڳ يعني خود محمد بن قاسم
جي وقت ۾ به سيوهڻ جي لڳ چنه هوا............
عُشر جو مقرر ٿيڻ بلاذري به قبول ڪيو آهي. مون وٽ پنهنجي
لئبريري ۾ شايد ان جو حواله آهي. سر ايلئٽ ۽
ڊائوسن جي تاريخ جلد اول به ڏسو. مون وٽ به ان جو
حواله شايد لائبريري ۾ آهي اتي به اوهانکي ملي
سگهندو. -
عبدالله چنه
....2....
* مورخ 19 فيبروري 1967ع، شهر جينيوا، (يورپ)
پيارا ڀاءُ ڊاڪٽر بلوچ صاحب،
السلام عليڪم، تنهنجو 67 – 2 – 4 جو لکيل خط اڄ شام جو مليو
اٿم. اوهان جو خط ايترو آهي ته مان ڄاڻندو آهيان
ته ڀاءُ جو خط آيو آهي ۽ ان کي مزي سان پڙهندو
آهيان. مونکي ارمان آهي جو اوهان جو اڳيون ڪاغذ
مونکي ڪونه مليو نه ته ان جو به پڙهي مزو وٺان ها.
لنڊن ۾ مان ڏاڍو سکيو رهيس ۽ مونکي لنڊن ڏاڍو وڻي،
ٻن ڏينهن ۾ اهڙو ته هري ۽ واقفڪار ٿي پيس جو جيڏي
ڪيڏي اڪيلو هليو ويندو هوس. برٽش ميوزم ته اهڙو
وڻيو جو دل گهريو ته ڪي ورهه اتي ويهي رهجي.
اسان جي طرف جو (ڪڇ ۽ سنڌ وارو) ڪيس 17 تاريخ پورو ڪري رهيا
آهيون ۽ 19 رات جو سڪو ..... اتي به پهچي رهيا
آهيون. هندوستان وارن هڪ مهينه جواب ڏيڻ لاءِ
تياري واسطي گهريو آهي. اسان جي مرضي هئي ته
ڏکيائي ته ڪوي آهي ته به اهو مهينو وري لنڊن وڃون
۽ ان بعد اچي ڪيس هلايون. سرڪار کي لکيوسين مگر
سرڪار حڪم ڪيو ته هڪ مهينه لاءِ وري اچو اگرچه ڪيس
15 مارچ کان وري هلڻ وارو آهي، جنهن ۾ اسان کي رڳو
هندوستان جو جواب ٻڌڻو آهي، ان بعد....... آخرين
جواب ڏينداسين. ڪيتري ڪمين بيشن هوندي، اسان جو
ڪيس بلڪل اطمينان طرح هليو آهي، مگر وري به
هندوستان جو جواب ٻڌڻ بعد اندازو ڪري سگهبو نتيجي
جو. سنڌي وڪيل نه هجڻ ڪري، مونکي سخت تڪليف ٿي جو
آوانڌو، آنهن، مياڻ، سري، ڇن، ٻيلو جون معنائون
ڊڪشنري ۾ نه ڏسي چون ته اهي سنڌي لفظ نه آهن. مان
چوان ته سري نه آهي مگر سر آهي، جيڪو مذڪر آهي
سريءَ جو، ۽ سڀاڻ نه آهي مگر سڀاڻي آهي جيڪو ساڳو
لفظ آهي. هاڻي هجي ڪو سنڌي وڪيل ته ان کي ٻڌايان
ته ادا، شاهه جي شاهدي ٿو ڏيان ته:
سر ۾ پکي هيڪڙو پاڙهيري پنجاهه،
سندي آس الله، لڏي پهرين وچ ۾.
يا
واهڙ وهين م شال، سڪي ٻيلاٽيون ٿپن
يا
هاڻي ڇر ڇني ڇوڪرين پوءِ موٽڻ جو پهه.
مون چيو مانِ ته ڪيترا سنڌي لفظ هن پراڻي ڊڪشنري ۾ برابر ڪونه
آهن جو اهي ٻهراڙيءَ ۾ ڪتب ايندا آهن ۽ ان لاءِ
سنڌي نئين ڊڪشنري اسان جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب پيو
تيار ڪري وغيره.
سنڌي ترجما ڪيترا غلط ڏنا ويا هوا جي مون رد ڪرائي وري هت ٻيا
ڏنا ۽ رڪارڊ تي رکايا ته پهريائن ترجما مسٽر چنه
جا نه آهن ۽ هو چوي ٿو ته اهي غلط آهن ان ڪري صحيح
ترجما پيش ڪري ٿو جي ڀلي هندوستان وارا پنهنجي
ايڪسپرٽ کان تپاسارائين وغيره. مزيدار ڳالهه اها
جو چون ته چانڊيه جو لفظ ته ڊڪشنريءَ ۾ تو ڪونه
ڏيکاريو، مون چيو ته پنجاب ۾ سيال آهن جن جي نالي
جهنگ سال ۽ سيال ڪوٽ آهي؛ اهي لفظ ڀلا اوهان
پنجابي يا اردو ڊڪشنري ۾ ڏيکاريو؟ اهڙن حاڪمن سان
ڪم اٿم.*
ابوالحسن جي سنڌي ۽ هاڻوڪي سنڌيءَ ۾ تفاوت نه
سمجهي سگهن! اسان جا پراڻا دستاويز سڀ ابوالحسن جي
سنڌيءَ ۾ آهن ۽ هندسه به عربيءَ ۾ رکيل آهن. خير
هاڻي اچي جوڳ پوري ڪئي اٿم اوهان دوستن جي دعا سان
ڪيترن هنڌن تي ائين وڪيل چيو ته اسين هن طرح ٿا
ڄاڻون مگر مسٽر چنه ائين قبول نه ٿو ڪري، ان ڪري
ان جي چوڻ موجب هن طرح درستي ٿي ڪرائي وڃي وغيره.
بلوچستان جي صلح جو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. اوهان جيڪا راءِ زباني
وڌيڪ ڪئي سا برابر ٿي لڳي. بس جي ڪو ٻيو رولو نه
ٿيو ته اميد ته دوستن جي دعا سان ڪم چڱيءَ طرح
نباهجي ايندو ڪيس پوري ٿيڻ بعد اچي زيارت ڪبي
اگرچه گهڻي ڪم ۾ رڌل هوندا. سلام سڀني دوستن کي،
مير صاحب جو ٻڌي ڏاڍو ارمان ٿيو.
- عبدالله چنه
محترم رئيس علي محمد خان لغاري
ڳوٺ جعفر خان لغاري (22 محرم 1363 ھ)
بخدمت جناب ميان نبي بخش،
بعد خيريت و شوق ملاقات جي عرض ته هن طرف ڪلي خيريت آهي ۽ خير
عافيت اوهانجي طرف جي هميشه درگاهه الاهي مان
گهرندڙ آهيان.....
درياهه جهوني بابت توهان جو بار بار تاڪيد آهي پر مونکي اڄ
تائين ڪابه ثابتي جهڙي خاطري نٿي ملي؛ فقط مرزا
بيگ جو چوڻ آهي ته ميان حاجي شير بيگ ٻڌائيندو هو
ته وڏن کان ٻڌندا هئاسون ته ميتلن جي ڏاکڻي ڳوٺ لڳ
هڪ مقام آهي ان مقام وٽان پراڻي درياه جو پتڻ هو
جنهن جو پاتڻي شهلي نالي ملاح هو. هاڻي انهيءَ چوڻ
مان ثابت آهي ته ميتلن کان ڏکڻ لڳو لڳ ٻيو کنڀ
درياه سان مليو. ان وقت دلور واري برهمڻ آباد وڏي
درياه کان اتر ۽ ميتلن واري کنڀ کان ڏکڻ هجي.*
ٻيو ملڪ ۾ خير آهي باقي ٻهراڙين وارا ويٺل ماڻهو سرڪار سڀ نڪتل
ڳوٺن ۾ ورهايا آهن، جيئن بچي ۽ محمد وارا ماڇي به
لڏي ٽپڙ آڻي ڪنڀرن واري جاءِ ۾ ڇڏيا اٿن ۽ ڪڇ گهرن
جو نمونو به ٺاهيو اٿن پر اڃان ويٺل اصلوڪي گهرن ۾
آهن، ۽ سرانڍ وارا خاصخيلي سڀ صوڀي راڄڙ واري پڊ
۾ لڏي ويٺا آهن ۽ گاگومل به ميرپور ڏانهن ويل آهي
۽ پڊ جي کڻت لاءِ شايد پيو ڊوڙي ڊڪي. اوهانجي خطن
جا جواب به بروقت اوهانکي نه مليا آهن، منهنجي
سستي ڪري، ان لاءِ به معافي طلب آهيان.
- علي محمد
محترم پير علي محمد راشدي
ايمبسي آف پاڪستان، منيلا (1958 – 5 – 12)
مڪرمي محترمي ڊاڪٽر صاحب،
السلام عليڪم: مهراڻ جي تازه پرچي ۾ مولانا عبدالله لغاري متعلق
اوهانجو مضمون پڙهيم. اوهان وڏي خدمت ڪئي آهي، جو
ان بزرگ بنسبت ايترو احوال گڏ ڪيو اٿو. اوهان جي
مضمون ذريعي ئي معلوم ٿيو اٿم ته مولانا اڃا تائين
حيات آهي، ڪيترو عرصه کان مون کي سندس خبر ڪانه
هئي. هينئر منهنجو عرض آهي ته بنا ڪنهن به وقت
وڃائڻ جي سندن هڪ فوٽو ڪڍرائي وٺو. زندگي تي
اعتبار ڪونه آهي. اهو موقعه نه وڃائجو، ٿي سگهي ته
هڪ ڪاپي مون کي به عنايت ڪجو. اوهانجي مضمون ۾
ريشمي رومال واري خط جو به ذڪر آهي. جنگ آزادي جي
تاريخ ۾ ان سازش کي وڏي اهميت حاصل آهي. اڃان
تائين ڪي ماڻهو زنده آهن جن پاڻ ان ۾ حصو ورتو ۽
جن وٽان سمورو احوال وٺي سگهجي ٿو. خدا واسطي اهو
احوال اوهان گڏ ڪيو ۽ ڪتابي صورت ۾ آڻيو. شيخ
عبدالمجيد صاحب وٽ وڏو خزانو آهي معلومات جو، هٿان
نه وڃائجو. رات ڏينهن سمجهي پاڻ به ساڻس چنڀڙائي
به اهو احوال وٺي پاڻ وٽ قلمبند ڪندا.
|