سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :11

سائين اوهان جي مشورن موجب مون اڳئي سبي خطي کي ٻن محاورن ۾ ورهايو آهي، جيڪي جغدالي ۽ فراڪي آهن. جغدالي لاءِ جيڪب آباد کان شروع ٿي سبي کان 30 ميل اورتي تائين هڪ طرف، ته سئي گئس کان جهل مگسي تائين ٻئي طرف وارو علائقو مقرر ڪيو اٿم. جڏهن ته فراڪيءَ ”سبيءَ جي چوڌاري ٽيهن ميلن جي علائقي کي مقرر ڪيو اٿم، ڇو جو منهنجي تحقيق موجب انهن علائقن ۾ اهي ٻه محاورا واضح طور مروج آهن. ٻنهي محاورن جو مون صرف نحو ۽ صوتيات جي روشنيءَ ۾ جائزو ورتو آهي. جغدالي محاوري کي ناڙيوالي، ڄٽڪي ۽ جتڪي به چيو وڃي ٿو، جڏهن ساڳيائي نالا فراڪيءَ لاءِ به مخصوص آهن پر ڪٿي ڪٿي ان کي پٺاڻ يا بلوچ قومون ڦراڪي به چون ٿيون، ان ڪري مون ان لاءِ فراڪي نالو مخصوص ڪيو آهي.....

- داد محمد خادم

محترم ڊي. ڪ منشاراماڻي

سڌارٿ، ننگر، گوڙ گائون بمبئي (1989 – 9 – 21)

محترم ڊاڪٽر بلوچ،

مدت بعد هي ننڍڙو خط لکي رهيو آهيان، اوهين پنهنجن ادبي مصروفيتن ۾ گرفتار آهيو، ايتري قدر جو جيڪي به اوهانجي قلم مان نڪري رهيو آهي، تنهنجو هت پتو پوڻ ناممڪن آهي.

هن خط جو مقصد محض اهو آهي ته اوهانجي مضمون ”شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جو احوال“ بابت چند الفاظ لکان.

پهرين ڳالهه اها ته اوهانجي اها ڪوشش نهايت عالمانه آهي، تمام سهڻي نموني پيش ڪئي ويئي آهي، ان لاءِ مبارڪباد جا مستحق آهيو.

اوهان ليلا رام ”وتڻ مل“ لکيو آهي حالانڪ وطڻمل ئي آهي جئن هن جي ٻين سنڌي ۾ ڇپيل ڪتابن تي لکيل آهي. اهو ئي صحيح ليکبو ۽ نه وتڻ مل.*

باقي اوهان جو لکيو آهي شاهه صاحب جي ازدواجي زندگي يا سندس بيگم سان محبت جي سلسلي ۾ آءٌ ان سان شامل راءِ آهيان ته اهو سڀ افسانو آهي. باقي هڪ ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته نوجوان ۾ فطرتا ان وقت محبت جو طوفان هو، ته پوءِ ڪيئن سندس والد دعا ڪرڻ لاءِ محلن جي حويلي موڪليندو هو. آءٌ مڃڻ لاءِ تيار به نه هوس ته ڪو شاهه لطيف اهڙي گستاخي ڪندو، اهڙي بيباڪي ڏيکاريندو جو ان نيڪ سيرت نياڻي جي چيچ وٺي ڪري اهي لفظ ورجائيندو جن جو ذڪر ڪتابن ۾ آيو آهي. هن چيچ بلڪل نه پڪڙي هوندي. صرف سيدن جو ٻار دعا ڏيڻ ويو هو. ممڪن آهي من ۾ محبت جو سمنڊ اٿليو هجيس، پر شاهه لطيف جي اهڙي ته تعليم ۽ تربيت ڪيل هئي جو کُلم کُلا اظهار ڪڏهن نه ڪري سگهي! بنا ڏسڻ جي بنا گفتگو جي به اچانڪ عشق جي آگ لڳي ٿي.

صحيح ته اهو افسانو آهي ۽ نهايت ئي ناٽڪي طرز ۽ فلمي انداز ۾ ڄڻ پيش ڪيو ويو آهي، جڙتو ۽ جعلي آهي. اوهان ان افساني جي ترديد ڪئي آهي، ان لاءِ به مبارڪباد! جڏهن اوهانجو اهو مضمون پوري طرح ڇپجي ۽ مستند صحيح متن رسالي جو ظاهر ٿئي تنهن تي مزيد ڪجهه خيال آرائي ڪري سگهجي ٿي. اميد ته باخيريت آهيو.

– ڊي. ڪ منشاراماڻي

....2....

* مورخ 10 مئي 1982ع، بمبئي

محترم ڊاڪٽر بلوچ،

اڄ خيال آيو ته ڇونه اوهان ڏانهن ٻه اکر کڻي لکان. اميد ته خيريت سان آهيو ۽ طبيعت بلڪل مزن تي آهي، خدا جل شانہ اوهان کي عمر دراز عطا ڪري، رحمت برقرار رکي.

اوهانجا موڪليل تحفا ڪڏهن ڪڏهن موج سان مطالعي هيٺ آڻيندو رهندو آهيان. رسالو غلام محمد خانزئي جو ڏسي رهيو هوس. مقدمي ۾ اوهان رسالن جو ذڪر آندو آهي جن جي اشاعت ۾ اوهان خاص رغبت ڏيکاري آهي، نهايت مشقت وٺي اهي جهونا نسخا هٿ ڪري صحيح ريت ايڊٽ ڪري، سنڌي ادبي شاعري کي پوري آب و تاب سان پيش ڪيو آهي. انهن مان منهنجي نظر مان صرف لطف الله قادري جو رسالو، ميون شاهه عنايت جو ڪلام نڪتا آهن، ۽ خانزئي وارو رسالو. ان سان به شامل راءِ آهيان ته ضرورت آهي ته سچل جو ڪلام به رسالي جي صورت ۽ ترتيب ۾ ڏنو وڃي ته بهتر. ڪنهن کي من ۾ امنگ ايندو ته اهو ڪم ڪري وجهندو. خانزئي جو رسالو به انهيءَ ڪڙي جيان ئي آهي ۽ ضروري آهي ته حضرت ڀٽائيءَ جي رسالي کانسواءِ اهي ٻيا به رسالا پڙهيا وڃن، انهن جي پاڻ ۾ ڀيٽ تي سگهي ڪئي وڃي.

مون اهو به پڙهيو ته اوهين شاهه لطيف جي رسالي جي هڪ مستند جامع متن به مرتب ڪري رهيا آهيو. خدا ڪري اهو ڪم به اوهين پايه تڪميل تي پهچايو. ازانسواءِ منهنجو هڪ ٻيو به عرض آهي ته ڊاڪٽر دائود پوٽي وارو تيار ڪيل نسخو به ڪهڙي ريت شايع ٿئي ته جئن هن جي محنت رائگان نه وڃي، هنجي روح کي به هڪ طرح جو سڪون ملي. هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو نظريو آهي، ۽ هر ڪنهن جو پنهنجو تنقيدي شعور. هڪ ٻئي سان اختلاف ٿي سگهن ٿا پر تنهن بابت منهنجي ناقص راءِ ته اهو نسخو جئن آهي تئن ڇپجي ته سڀ دعائون ئي ڪندا. اهو ڪم اوهين ڪري سگهو ٿا ۽ ٻيو ڪوئي نه ڪري سگهندو.

ڪافيون – 1 به ڪڏهن ڪڏهن پڙهندو رهندو آهيان. هڪ نئين ڳالهه جا نظر آئي سا اها ته اوهان پارو شاهه جي هڪ سرائڪي ڪافي ڏني آهي (ص 322) پارو شاهه ذات جو سونارو هو. پوليس ۾ نوڪري هئي پر پوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين. سالها روهڙيءَ جي ٽڪرين تي ويهي يوگ اڀياس ڪيائين. اوڌوت هو. شادي ڪيل هئس پر هن کي پيڪين ۾ ڇڏي آيو ۽ چيائين ته هن بعد تون گنگا ماتا آهين. ان وقت هو ويهن ورهين جو هو ۽ سندس زال 13 ورهين جي. بيدل سان دوستي هئي پر اها ڳالهه پڪ سان چئي نٿي سگهجي ته فيض ڪٿان حاصل ٿيس. مست آدمي هو. پٺيان ڇوڪرن جي ڇانگ کان چوائيندو هو ته ”پارو پارو ويو ٻارو ٻارو ويو.“ پارو مل مان پارو شاهه ٿيو. ان لاءِ اها روايت آهي ته شاهه لطيف جي پوئين کان ڪي روهڙي آيل هئا، جن کيس شاهه جو لقب ڌريو. (سندس پيءُ جو نالو هو اجمل، پر شادي شڪارپور مان جهامنداس سوناري جي گهر مان)

هنجي وفات جي تاريخ فارسي ۾ ڪنهن لکي آهي پر مون وٽ اهو ڪلام (شايد) صحيح ريت موجود ڪونهي. بهرحال اوهان کي معلومات لاءِ لکان ٿو. مون ته اهي شخص ڏٺا جن پاروشاهه کي ڏٺو، بيدل کي ڏٺو ۽ بيڪس جا صحبتي هئا. ڊاڪٽر روچلداس (قطب شاهه جو مريد) جي وڏي ڀاءُ ميٺا رام سچانسگ پارو شاهه سان لهه وچڙ آيو.

وفات تي قطعه آخوند فيض محمد لکيو آهي:

زرگري ذکر گو خدا آگاهه،

طالب حق فقير پارو شاهه،

غوطه در بحر بيخودي خوردهه،

طرف دنياي دون نکرد نگاهه،

راحت روح پيرو برنا بود،

هم دعاگو خلق شام و پگاهه،

قلم در راه لامکان برداشت،

از سرابيات سال فوتش خواه،

فيض محمد علي آن درويش،

باتو بادا بهر مکان همراهه.

26 فيبروري 1890ع ۾ هيءَ دنيا ڇڏيائين. 1820ع ۾ ڄائو هو بيدل 1814 ۾ ڄائو. ڪافين جا ته انبار آهن. روهڙي جي ڀائي ايسر جون به سنڌي / سرائڪي ڪافيون آهن. جي اتي ورهاڱي بعد ڇپيون آهن، هت به آهن. دلپت جي پوين مان آئي هريرام تخلص مسڪين جن به ڪيئي مستيءَ واريون ڪافيون چيون آهن. مطلب ته ڪافين جا ته گجگاهه ٻيلا آهن. ٻي ڪا خدمت هجي ته حاضر.           – ڊي ڪي منشاراماڻي

.....3.....

مورخ 10 آگسٽ 1958ع، گجرات ڪاليج، احمد آباد، ڀارت

ادل سائين سدا سلامت،

نيازن جي عرض ته گهڻي وقت کان ارادو هو ته اوهان ڏانهن نياز نامون عرض رکان پر مشغولين سبب دير پوندي آئي. اڄ آچر آهي ۽ فرصت، سوچيم ڇونه اوهان ڏانهن ٻه اکر لکان. ڪالهه برادرم عبدالڪريم سنديلي وٽان علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو آل سنڌ ادبي ڪانفرنس وارو صدارتي خطبو ۽ اوهانجو استقباليه خطبو ۽ ”لاکو ڦلاڻي“ تحفي طور پهتا. محترم علامه قاضي صاحب جو هڪ هڪ نڪتو دُرنا سفتو آهي ۽ سندن سڀ ڳالهيون هڻڊائڻ وٽان آهن. قاضي صاحب جا سنڌيءَ ۾ اهڙا ليکه، تقريرون ڪتابي صورت ۾ گڏ ڪري شايع ڪيون وڃن ته سيني سان سانڍجن. الله تعاليٰ کين وڏي عمر عطا ڪري جئن هو پنهنجي دل ۽ دماغ سان سنڌ ۽ سنڌيءَ جي خدمت ڪندا رهن ۽ شال سندن سايه پروريءَ هيٺ ”سنڌ يونيورسٽي“ ترقي جي شاهراهه تي پانڌيئڙو ٿي منزل جي اوڏو پهچي.

ان سان گڏ اهو به لکڻ کان رهي نٿو سگهان ته بزرگ اديبن جي قطار ۾ ننڍڙن مان ڪو نمائندو بهي سگهي ٿو ته ٻيو ڪوئي ڪونهي سواءِ اوهانجي. شل اوهانکي به خضري عمر عطا ٿئي جئن اوهانجي تصنيفات جو سلسلو مدت تائين جاري رهي ۽ پياسن جي اُڃ بجهائيندا رهو.

هن خط جي جواب سان گڏ پنهنجي ولادت جي تاريخ ۽ سن لکي موڪليندا ته احسانمند رهندس. مونکي جيتري ڄاڻ آهي ان موجب اوهان جا هيٺيان ڪتاب ڇپجي شايع ٿيا آهن.

1. ڪليات حمل، 2 . ٻيلاين جا ٻول، 3. لاکو ڦلاڻي، 4. مهراڻ جو سوانح نمبر (اوهان جي نگراني هيٺ ڇپيل)، 5. تاريخ ريگستان (نگراني)، 6 تحفة الڪرام، 7. سنڌي لغت (ڇاپي هيٺ).

سنڌي لغت لاءِ آسائتيون اکيون کڻي ويٺو آهيان ته ڪڏهن ٿي ڇپجي ظاهر ٿئي. هن طرف به اهو ارادو آهي ته انگريزي – سنڌي لغت تيار ڪرڻ ۾ اچي. ايندڙ سال کان شايد اهو ڪم شروع ٿئي. حال في الحال ته ان ڏس ۾ ڪاميٽي بنائي وئي آهي جا ڊسمبر تائين رپورٽ ڏيندي ته ان سلسلي ۾ ڪهڙا اصول پيش نظر رکجن ۽ ڪئن انکي عملي جامو پهرائجي.

منهنجو ببلوگرافي وارو ڪم چالو آهي. 15 کانپوءِ بمبئيءَ ۾ هفتي کن لاءِ وڃي رهيو آهيان جتي ڌار ڌار ڪاليجن، سڪولن ۽ ايشاٽڪ سوسائٽي ۾ رکيل سنڌي ڪتاب لاءِ معلومات حاصل ڪبي. اهو ڪم ڪري پوءِ اجمير ويندس جتي پڻ ڪن وٽ ڪافي ڪتاب آهن. ڏسجي ڪڏهن ٿو موقعو حاصل ٿئي جئن ايڏانهن اچي باقي رهيل کهيل ڪتابن لاءِ احوال ڪٺو ڪجي. ويجهڙائيءَ ۾ ڪيترا ڪتاب سنڌ ۾ ڇپيا آهن پر جي هت اسان وٽ پهتا ناهن. انهن لاءِ به ته ضرور خبر چار هٿ ڪرڻ گهرجيم. نٿو چاهيان ته ڪي به سُٺا ادبي اهميت وارا ڪتاب رهجي وڃن.

قلم تازو! چاهيم ٿي ته شاهه ڀٽائي سائين جي عرس تي حاضر ٿي سڀني سان ملاقات جو شرف ملي پر الله سائين کي منظور ناهي. پهرين هتانجو ڪم پورو ڪريان ۽ جي ضروري هجي ته پوءِ سنڌ ڏانهن وئڪيشن ۾ اچان. اهڙو فيصلو رٿيو ويو آهي. اوهانجي جواب جو منتظر.

- ڊي. ڪي منشاراماڻي

محترم صوفي فقير روشن الدين

درگاھ صوفي فقير (1944 – 12 – 17)

محبت عنوان عزت نشان صداقت ميان نبي بخش خان،

بعد السلام عليڪم جي واضع هجي ته خط اوهان جو پهتو، پڙهي ڏاڍي خوشي حاصل ٿي. مونکي اڳيئي ٻڌايل هو ته اوهين اهڙي نامور تاريخ ٺاهڻ جي ويچار ۾ آهيو ۽ مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. هاڻي فقط هيترو اوهان جي ڌيان تي آڻيان ٿو ته اوهين هڪڙو دفعو مون وٽ هتي درگاهه تي جيڪڏهن اچي سگهو ته جيڪر هتي فقير توهان کي اهڙي اوچي تواريخ لکڻ ۾ گهڻيئي مدد ڏيئي سگهي ٿو ۽ پڪي طرح سان  معتبر تواريخن عربي جي ذريعه سان جهڙوڪ ابن خلدون ۽ ڪواڪب السعادات ۽ پارسي تواريخ ”فرشته“ وغيره مان.

مان توهان کي سنن موجب وڏي مدد ڏيئي سگهان ٿو. پر جيڪڏهن لاچار توهان نٿا اچي سگهو ته پوءِ لکپڙهه رستي پڻ توهانکي چڱي مدد ڏيئي سگهون ٿا. پر هونئن روبرو جيڪر گهڻو وڌيڪ اهڙي قيمتي تواريخ کي اچو بنائي سگهجي. لکپڙهه رستي ضرور مختصر مدد ڏيئي سگهبي. وڌيڪ اوهين مرضي وارا آهيو.

هي فقير اهڙي نيڪ ڪم ۾ خدمت ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿو. ٻئي جواب لاءِ منتظر آهيان.

- دعاگو، فقير روشن القادري

محترم رفيق احمد وسطڙو

پي. او سڪرنڊ، ضلع نوابشاهه ( 1990 – 10 .....)

مانوارا سائين محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم عرض ته مون کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي باري ۾ جيڪا معلومات آهي، مون کي پڙهڻ جو شوق آهي. مون سنڌي ادبي بورڊ ڏانهن خط لکيو هو جنهن ۾ مون توهان جي ٻن ڪتابن جي گهر ڪئي هئي. بورڊ وارن خط جي جواب ۾ لکيو ته اهي ڪتاب اسان وٽ موجود نه آهن ۽ توهان جي ائڊريس ڏنائون ته ان سان رابطو قائم ڪريو. ان ڪري مان توهان سائين جن ڏانهن عرض نامون موڪلي رهيو آهيان. مان غريب ۽ مزدور آهيان. مون کي جن ٻن ڪتابن جي ضرورت آهي. اهي آهن ”شاهه جا سرچشما“ ۽ ”شاهه جي سرن جي ترتيب“. اهي ڪتاب توهان وٽ موجود هجن ته مهرباني ڪري مون ڏانهن وي پي ڪري موڪليندا ته اهو خرچ ڀري مان ڇڏائيندس، جي توهان وٽ موجود نه هجن ته مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندا ته اهي ڪتاب ڪٿان ملندا ۽ ان هنڌ جي ائڊريس ٻڌائيندا ته توهان جي مهرباني.

ٻيو عرض ته شاهه سائين جو رسالو جيڪو توهان 1974ع ۾ ڇپرايو اهو ملندو ۽ ان جي هن وقت قيمت گهڻي آهي. قيمت ان ڪري ٿو پڇان ته مان غريب آهيان پئسا گڏ ڪري پوءِ گهرائي وٺندس.

- رفيق احمد وسطڙو

محترم رسول بخش شيخ

شيخ هائوس، ڪوئٽه روڊ، جيڪب آباد (2004 – 8 .....)

عزت مآب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: اڄ جنگ اخبار جي ڪٽنگ موڪلي رهيو آهيان، جنهن ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ گوڊ مڊلسٽ جي 10 ماڻهن جا نالا آهن تنهن ۾ توهان جو به نالو آهي.

مان ورهين کان دل جو مريض آهيان انهيءَ سان گڏ هڏين ۾ تڪليف آهي، ڪمزور ٿيڻ ڪري هڏ پاڻ ۾ ڳنڍجي وڃن ٿا، ڊاڪٽر ياسين سومرو شڪارپور واري جو علاج هلندڙ آهي. مهيني ۾ هڪ دفعو چيڪب لاءِ ڪراچي وڃڻو پوي ٿو. دعا ڪندا ته الله پاڪ جي فضل سان زندگي جا ڏينهن پورا ٿي وڃن.

توهان مون سان گوڏي ۾ تڪليف جو ٻڌايو هو ڀارت جي اخبار ۾ انهيءَ سلسلي ۾ خبر ڇپي آهي فوٽو ڪاپي موڪليان ٿو. توهان کي انهيءَ دوا جي ضرورت هجي ته دوا گهرائي ڏيان. هندستان ۾ ڪافي دوست آهن. اڃا به مون کي ياد ڪندا رهن ٿا. ڪراچي ۾ پاڪستان سوهنٽ گولڊ ميڊلسٽ جي جماعت آهي انهيءَ جي سيڪريٽري مسٽر زبيري جو خط پهتو آهي. 7 – آگسٽ تي هڪ تقريب جو انتظام ڪيو ويو آهي.

اها تقريب نيشنل ميوزم ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيندي. ممڪن آهي ته توهان کي به شريڪ ٿيڻ لاءِ لکيو هوندائون، مان ڪونه شريڪ ٿي سگهندس. سفر ڪرڻ جي طاقت ڪونه آهي، ڊاڪٽر عباسي حيدرآباد وارو ڪم سانگي آمريڪا ويل هو. دل جو مريض آهي کيس دل جي تڪليف ٿي پئي آهي. زير علاج آهي. آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ واپس ايندو. زياده خيريت، مون لاءِ ڪم ڪار هجي ته حڪم ڪندا.

- رسول بخش شيخ

محترم رائچند

چيلهار، ضلعو ٿرپارڪر (1957 – 9 – 25)

بخدمت عاليشان جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

نيازن ۽ ادبن جي عرض ته، چيلهار اسڪول جو هيڊ ماستر صاحب 57 – 9 – 14 جي رٽائر ڪري ويو. غلام کي ضلع آفيس عارضي طور هيڊ ماستر مقرر ڪيو آهي ۽ هن وقت انهيءَ پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو آهيان. پر هڪڙو ڇاڇري جو ويٺل همراهه ذات جو برهمڻ جو هينئر جيمس آباد ۾ تعلقه ماستر آهي سو ڪن ماڻهن جي سفارش جي زور تي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جناب اي. آءِ صاحب کان سڌو آرڊر چيلهار جي هيڊ ماستري جو وٺان ڇو ته ضلع آفيس منهنجي فائدي ۾ آهي ۽ همراهه تي ڪافي پڪارون ۽ اخبارن ۾ شڪايتون آهن. پر هو سڌي آرڊر وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ اهو ڳوٺ جو رهاڪو به نه آهي. آءٌ ڳوٺ جو رهاڪو ۽ سڀني کان سينيئر آهيان. ازانسواءِ آءٌ بئڪ ورڊ فرقي جو آهيان، اسانکي ضلع ۾ ڪوبه چانس ڪونهي. اوچ هندن کي ڪافي چانس يعني اسسٽنٽ انسپيڪٽر، هيڊ ماستر، تعلقه ماستر آهن. فقط هي هڪ چانس آهي جو به مونکان کسڻ چاهين ٿا، ڪم جي ڪري نه پر سفارشن جي زور تي. منهنجي سفارش هڪ خدا پاڪ ۽ ٻيو توهان صاحب آهيو. جيتوڻيڪ مون هن کان اڳ گهڻا دفعا تڪليف ڏني ۽ هن دفعي نٿي چاهيو ته اوهان صاحبن کي تڪليف ڏيان پر لاچار آهيان، ٻيو ڪو وسيلو ڪونهي. ان لاءِ عرض ته هيٺئين نمونه فائدو ملي سگهي ٿو.

جناب اي آءِ صاحب جن ٻئي ڪنهن کي سڌو آرڊر نه ڏيڻ فرمائين.

ضلع آفيس مان جي پروپوزل اچي ته مونکي چانس ڏنو وڃي.

سائينجن مهرباني ڪري اي. آءِ صاحب جن جي ڌيان تي روبرو يا فون رستي اها ڳالهه آڻين فرمائين. جيئن هتان آرڊر غريب محروم نه رهجي وڃان. ترت نوازش لاءِ عرض آهي.

- رائچند

محترم لاکو رحيم بخش قمر

گلزار مسجد شريف، نوابشاهه (1 – مئي 1970)

جناب ڊاڪٽر نبي بخش صاحب،

السلام عليڪم ورحمت الله تبارڪ و تعاليٰ وبرڪاته و مغفرتہ:

بعد تحفہ تسليمات ۽ شوق ملاقات جي احوال تي تازو حيدرآباد آيو هوس اوهان جي اُڪنڊ آفيس تائين آندو هو پر افسوس اوهان ڪونه هئا.

اوهان صاحبن نوابشاهه ۾ ۽ حضرت ڀٽائي گهوٽ عليہ الرحمة جي عرس مبارڪ تي جيڪا گوهر افشاني ڪئي هئي سا سيني جي صدف ۾ سانڍڻ جهڙي آهي، جنهن کي هن حقير پُر تقصير هڪ صحافي جي حيثيت ۾ اکر به اکر قلمبند ڪري مهراڻ اخبار کي اماڻيو هوم. شايد اهي اخبارون اوهان جي نظر مان گذريون به هجن پر ان هوندي به انهن جو ڪٽنگون اوهان جي خدمت ۾ اُماڻي رهيو آهيان.


*  ”وتڻ مل“ صحيح آهي.نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org