سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :40

- نذير حسين جلالي

محترم نجم الدين ڪنڀر

سنڌ نيشنل لائيبريري، ميرپورخاص (2004-6-27)

محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب،

السلام عليڪم، اميد ته اوهان خيريت سان هوندو. محسن انسانيت جو فرمان مبارڪ آهي ته ”اختلاف امت لاءِ رحمت آهي“(مشڪواه) موجوده وقت ۾ جيڪڏهن عالم اسلام جي حالت زار ۽ مظلوميت جو جائزو ورتو وڃي ته معلوم ٿئي ٿو ته امت ۽ اتحاد جي کوٽ ۽ اختلاف جي حد کان تجاوز امت جي پستي جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن. اُمت ۾ اتحاد ۽ ڀائيچارو پيدا ڪرڻ. اختلاف جي اصول ضوابط کي سمجهڻ، فرقيواريت جي زهر کي گهٽ ڪرڻ (پو ته ختم ڪرڻ ناممڪن آهي) عالمي سطح تي اسلام جي گهٽجندڙ وقار کي بحال ڪرڻ ۽ اسلام تي لڳل دهشتگردي جي الزام کي ڌوئڻ لاءِ وقت جي تقاضا آهي ته امت پنهنجا ويڇا وساري اتحاد پيدا ڪرڻ لاءِ اٿي. هي وقت جي پڪار آهي. اسلام جو حق آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اتحاد امت جي حوالي سان هڪ جامع ڪتاب لکڻ شروع ڪيم، جنهن ۾ 55 قرآن مجيد جون آيتون 105 حديثون اصحابن بزرگن دانشورن ۽ اهل علم جا 800 کان وڌيڪ قول نقل ڪري چڪو آهيان، هن سلسلي ۾ اهلسنت و اهل تشيع، ديوبندي، بريلوي، اهلحديث وغيره هر مسلڪ جي عالمن بزرگن جا قول نقل ڪيا اٿم. ڪوشش اها آهي ته هر مسلڪ جي نامور شخصيتن، اهل عالم جا قول شامل هجن. ان سلسلي ۾ مختلف شخصيتن کي خط لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو اٿم، هي خط به ان جي هڪ ڪڙي آهي.

اوهان کي مودبانه گذارش ٿي ڪجي ته ذڪر ڪيل عنوان تحت پنهنجا قول رايا لکي موڪلو، هن سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪو ڪتاب مددگار ٿي سگهي ۽ موڪلي سگهو ته پڻ عنايت ڪرڻ فرمائيندا. مهرباني.

آخر ۾ اوهان کي خصوصي گذارش آهي، ته هن نيڪ ڪم ۾ ڪاميابي لاءِ دعاگو رهندا. اتحاد بين المسلمين.

- نجم الدين ڪنڀار

محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق

شاهه لطيف ڪانفرنس، ڪراچي (1990-7-23)

محترمي و مڪرمي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

آداب، عرض ته اسان شاهه لطيف چيئر پاران ”قاضي حاجي احمد وارو شاهه جي رسالي جو منتخب“ ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

مون وٽ ان منتخب جو چوٿون ڇاپو موجود آهي، جيڪو سنه 1923ع ۾ شايع ٿيو هو. هيءَ منتخب ٽرانسليٽر ايڊوڪيشنل ڊپارٽمينٽ جو سڌاريل آهي. جلد 1500 قميت 9 اٿس

اوهان پنهنجي ڪتاب ”شاهه جي رسالي جا سرچشما“ ۾ 1883ع واري ٻئي ڇاپي جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو اوهان 25 آگسٽ 1983ع تي برٽش ميوزم لنڊن ۾ ڏٺو هو.

هينئر اوهان جي خدمت ۾ چند گذارشون ڪري رهيو آهيان:

جيڪڏهن اوهان وٽ ان منتخب جي ڪاپي موجود هجي ته مهرباني ڪري ان جي فوٽو ڪاپي عنايت ڪندا.

ميان قاضي حاجي احمد بابت معلومات ڪٿان ملندا؟ اوهان ڪجهه مدد ڪري سگهو ته وڏي مهرباني.

حيدرآباد واري نارمل اسڪول بابت معلومات ملي سگهن ته وڏي مهرباني. اميد ته عافيت سان هوندا.

- نواز علي شوق

محترم ڊاڪٽر نبي بخش قاضي

تهران (12 فيبروري 1976)

مشفقي و مڪرمي،

السلام عليڪم و رحمت الله، توهان جا ٻه خط اسلام آباد مان پهتا ان کان اڳ مون هڪ خط مبارڪباد جو اسلام آباد جي ائڊريس تي موڪليو هو. يادگيريءَ لاءِ مهرباني. ڏاڍو سٺو ٿيو جو توهان (مرڪزي وزارت تعليم ۾) ان منصب تي آهيو. اسان کي اوهان جهڙي ماڻهو جي ان منصب لاءِ ضرروت هئي. تفصيل روبرو عرض ڪبو.

هي مختصر خط ان لاءِ لکي رهيو آهيان جو هڪ ته تهران ۾ وري اچڻ لاءِ توهان کي خوش آمديد چوان. ٻيو ته منهنجي گهر واريءَ چيو آهي ته جي Mitchell ڪمپني جي Guava jelly حيدرآباد ۾ ملندي هجي ته ورتيون ايندا. پڻ سبز چانهه جي ميسر هجي ته، جيڪڏهن زيبا حيدرآباد ۾ هجي ته کيس چوندا ته هارون ”مون ڦلي“ (بوهي مڱ) (Ground nuts)  ٿو گهري، ڪجهه وٺي موڪلي. کيس سلام ڏيندا. پروفيسر رضوانيءَ سنڌي ادبي بورڊ جي فارسي، عربي ۽ انگريزي ڪتابن خريد ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو آهي تنهنجي لاءِ مهرباني ڪري سنڌ ادبي بورڊ وارن کي اهڙو اطلاع ڏيندا. تڪليف معاف ڪندا. ادي خديجه کي سلام. ٻارن کي پيار. دوستن کي آداب.

- احقر، نبي بخش قاضي

محترم وزير علي ايم سومرو

چڪ، شڪارپور (2004-4-22)

محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم؛ اميد ته توهين خوش باش هوندا.

جناب عالي! آءُ اوهان ڏانهن ڪافي عرصو گذريو جو پنهنجي لکيل تاريخي ڪتاب ”تاريخ سومره سنڌ“ جي هڪ ڪاپي اعزازي طور 2002ع ۾ بذريعي پوسٽ رجسٽر ڪري بخوشيءَ ڏياري موڪلي هئي، پر صد افسوس جو اوهان جهڙن مهان مورخن، محققن ۽ نقادن محض ٻه جوابي اکر به نه لکي موڪليا آهن. ٻيو کڻي نه ته به، اوهان تي خط جي جواب ڏيڻ جو اخلاقي فرض ته ضرور عائد ٿئي ٿو.

1. آءُ مجازي عربي النسل قوم نبي سُمره (سومره) جو مورث اعليٰ حضرت سمره بن جندب هوازن القريشي ثابت ڪري لکيو آهي. اوهان صاحب جو هن ڏس ۾ ڇا خيال آهي؟

2. آءُ ”تاريخ سومره سنڌ“ ڀاڱو ٻيو سنڌي سومرا به، خود لکي شايع ڪرائي چڪو آهيان ته: حام بن نوح جو پٽ ”سنڌ“ به سومرا قوم جو مورث اعليٰ نه آهي.

3. آءُ تاريخ سومره سنڌ ڀاڱو ٽيو ”سومره دور حڪومت سنڌ“ لکي تيار ڪئي آهي ۽ جللد ڇپرائي پڌري ڪرڻ وارو آهيان جنهن ۾ ثابت ڪيو آهي ته؛ اندرون سنڌ جو منصوره سومره دور حڪومت مسلسل خود مختياريءَ سان سومرن جي آخري تخت گاهه عمر ڪوٽ تي، سنه134 (752) کان شروع ٿي سنه 1552ع تائين، 800 سئو سالن سومرن جي ٻئي نمبر حمير سومرو تي ختم ٿيو. جنهن کي سمن نه، پر ارغونن ختم ڪيو. سمن جو سنڌ جو دور خڪومت 752 (1351ع) کان شروع ٿي سنه 923هه (1519ع) ۾ ختم ٿيو. سما محض سنڌ جي خطي ٺٽي ۽ ڪڇ تي سومرن سان گڏوگڏ حڪومت ڪندا رهيا. اندرون سنڌ جي منصوره سومره حڪومت جا حڪمران اول کان آخر تائين، نو مسلم قرطي/اسماعيلي شيعه نه پر حنفي سني القريشي حاڪم هئا. اوهان صاحبن جي منهنجي ڪا رهنمائي ڪري سگهو ته ان کان واقف ڪندا ته  نهايت ٿورائتو رهندس. خط جو جواب ضرور ڏيندا. شڪريه.*

- وزير علي

محترم واحد بخش

هيڊ ماسٽر، گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻه (1967-8-7)

محترم جناب بلوچ نبي بخش صاحب،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته،

اوهان جي گران قدر مبارڪ ته اوهان صاحبن جو بيحد ممنون آهيان، جو اوهان سفر ۾ به ياد کان نه وساريو آهي. اوهان جي ظاهر ڪيل دلي جذبات ۽ دعائن جو قدر ڪريان ٿو ۽ ان لاءِ احسان مند آهيان. مهرباني.

ڪنهن موقعي تي حيدرآباد اچڻ ٿيو ته انشاءَ الله اوهان جي ملاقات لاءِ ڪوشش ڪندس. المخلص.

- واحد بخش شيخ

محترم ولي محمد هوت

ڳوٺ جان محمد هوت، تعلقو ڊگهڙي (2003-8-14)

قابل احترام جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب

احوال عرض ته اوهان جا لک لائق ۽ ٿورا جو ٻه دفعا اسان جي لطيف پبلڪ لائيبريري جي اوهان ڪتابي امداد ڪرڻ فرمائي آهي. هونئن به چڱي مان چڱائي جي اميد رکي سگهجي ٿي.

اميد ته اڳتي به وس آهر اها امداد جاري رکيو ايندا. وڌيڪ ادب ۽ احترام سان عرض ٿو ڪجي ته جيئن هن ڀيري لطيف سائين جي فن ۽ فڪر تي ڪجهه ڪتاب امداد ڪيا اٿو، تيئن ڪمال مهرباني فرمائي هيٺ لکيل ڪجهه ڪتاب به ڏيندا؛ ٿي سگهي ٿو ته انهن ڪتابن جو ڊبل ڪاپيون اوهان وٽ هجن ۽ ڪجهه ڪتاب لوڪ ادب مان ڪوبه ڪتاب ڊبل ۾ هجي ته ڏيڻ فرمائيندا. هونئن ته لائبريري ۾ ڪل ڪهڄر اسان به گهڻو گڏ ڪيو آهي، مگر معياري ۽ سٺن ڪتاب جي اڻاٺ آهي. مڙس مڙئي مولائي آهيون، تنهن ڪري مڙيئي تو کي پارت آهي.

ٻيو ته ڏهين مهيني انگريزي ۾ اوهان وٽ ايندس. مهرباني ڪري پنج منٽ ملاقات لاءِ وقت ڏيندا ته لک قرب.

- ولي محمد هوت

محترم هيرو ٺڪر

دهلي (1978-11-23)

پيارا سائين، سدا سلامت خوش هجو شال

نيازن بعد احوال ته اوهان جو پئرس مان لکيل هڪ خط گذريل مهيني مون کي پهتو هو. اوهان لکيو ته دادا جئرامداس، قاضي قادن جو ڪلام ڪتاب اوهان کي موڪليو، سو ڄاڻي ڏاڍي خوشي ٿي. سنڌي ٻولي، ساهتيه، تهذيب و تمدن جو کوجنا بابت اوهان جا ڪيترائي ڪتاب مون پڙهيا آهن ۽ کوجنا جي کيتر ۾ مان اوهان کي هڪ آدرش ڪري مڃيندو آهيان. مون کي اوهان لاءِ بيحد عزت رهي آهي. ان ڪري جڏهن مون کي   پنهنجي ڪم لاءِ اوهان وٽان مبارڪ باد جو پيغام مليو ته مون کي خاص خوشي ٿي. ٻي طرح’قاضي قادن جو ڪلام‘ ڪتاب مون نادان جي هڪ نماڻي ڪوشش آهي، اوهان منهنجي همت افزائي ڪئي آهي، ان لاءِ مان اوهان جو شڪر گذار آهيان........

- هيرو ٺاڪر

...2....

• خط مورخ 14 جنوري 1979 ع

پيارا سائين، اميد ته اوهان بلڪل خوش هوندا.

اوهان جو 1978- 12- 4 وارو خط پهتل آهي. هڪ لفافو به پهتو، جنهن ۾ قاضي قادن جي ڪلام بابت آفتاب سنڌي روزاني ۾ ڇپيل اوهان جي مختصر تبصري جي ڪٽنگ پيل هئي. ان کان اڳ، دادا جئرامداس وٽان مون کي ’هلال پاڪستان‘ واريون اهي ڪٽنگس به مليون، جن مان هڪ ۾ اوهان جو تبصرو ۽ ٻي ۾ ڀڳت گرڌاريءَ جو اهو خط ڇپيل هو، جنهن ۾ هن قاضي قادن جي بيتن کي ميان مير جا بيت ڪري سڏيو آهي. اوهان هن ڏس ۾ ايترو چاهه وٺو پيا ۽ تڪليف ڪري، اخبارن جون ڪٽنگس هٿ ڪري هيڏانهن موڪليو، ان لاءِ مان اوهان جو نهايت ٿورائتو آهيا. ڀڳت گرڌاريءَ جي خط ۾ چيل ڳالهيون بلڪل هوائي ۽ بي بنياد آهن. مون انهن جي ترديد ڪندي، هڪ خط ’هلال پاڪستان‘ لاءِ لکيو آهي، جنهن جي هڪ ڪاپي هن خط گڏ اوهان کي به موڪليان ٿو. هن سان گڏ سنت هريداس راڻيلا واري جو هڪ ناياب فوٽو به موڪليان ٿو.

اوهان لکيو آهي ته اوهان جو خيال آهي ته قاضي قادن جو اهو ڪلام اصل ۾ شايد سنڌي صورتخطيءَ ۾ (جيڪا ان وقت رائج هئي) لکليل هو، ان تان پوءِ ڪنهن سنڌيءَ پڙهي ٻڌايو ۽ راجسٿاني ڀاڱي جي ڪنهن ڀڳت،گهڻو ڪري خود دادو ديال اهو ٻڌو ۽ لکيو ۽ بعد ۾ سندس ڀڳتن ياد ڪيو ۽ پوءِ هريداس تائين پهتو. منهنجو پڻ خيال آهي قاضي قادن جي ڪلام جي ان وقت هندستان ۾ ڦهلجڻ ۾ هڪ منزل دادو ديال ضرور رهيو آهي، پر اهو ڦهلاءُ ڪٿان شروع ٿي ۽ ان جو صحيح سلسلو ڪهڙو رهيو، ان بابت ڪجهه ٻيا ذريعا، جيڪي هن وقت منهنجي ڌيان تي آهن، تن تي ڇاڻ بين ڪرڻ بعد ئي ڪو پڪو پختو فيصلو ڪري سگهبو. دادو ديال جي، سندس هٿ اکرين لکيل ڪابه پوٿي موجود نه آهي. پر دادوءَ جي هڪ شش رجب ڪويءَ جو ’سنتون ڪي واڻي‘ جي طرز تي لکيل ڪتاب ’سرونگي‘ (سر وانگي) يعني جنهن ۾ سڀ انگ يا ڀاڱا شامل آهن، سو ڪتاب، ٻي شش جڳن ناٿ داس جي گڻ گنج ناما ۽ ٽئين شش راگهوداس جو ڀڪت مال ڪتاب موجود آهن ۽ انهن ۾ به ستر – اسي سنت ڪوين جا ڪلام ۽ انهن جون جنيون شامل آهن. سنت ڪين ۾ ڪي صوفي به آهن. هنديءَ جا ودوان انهن مان ڪيتري ڪلام جي ٻولي نه سمجهي سگهيا آهن ۽ شاعرن کي بهIdentify نه ڪري سگهڻ تي هنن اهي ڀاڱا ڇڏي ڏنا آهن. مان سمجهان ٿو ته اهي ڪتاب مطالع ڪرڻ بعد صورت ڪجهه چٽي ٿي بيهندي، مون سوچيو آهي ته ڪجهه وقت پنهنجي آفيس مان موڪل وٺي، راجستان جي انهن شهرن ۾ وڃان جتي دادو ديال جا ’ٿانوان‘ آهن جن ۾ اهي پراڻيون پوٿيون رکيل آهن.

ان وچ ۾ مون دادو ديال جي سنڌي ڪلام تي ڪتاب لکڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو آهي، دادو ديال بابت چڱي سامگري هٿ ڪئي اٿم. منهنجو خيال آهي ته ڪوشش وٺڻ سان دادوءَ جا شايد ڪي ٻيا به سنڌي بيت هٿ اچن، ڇو ته دادو تي ڪم ڪندڙن، سنڌي ٻولي سان واقفيت نه هجڻ سبب، يا سنڌي ٻولي بابت تمام سطحي ڄاڻ هجڻ سبب، دادوءَ جي سنڌي بيتن سان ڏاڍو بي رحميءَ وارو وهنوار ڪيو آهي. ممڪن آهي ته ڪي سنڌي بيت، سمجهه ۾ نه اچڻ سبب هنن انهن مجموعن ۾ شامل ئي نه ڪيا هجن. مان ان طرف به ڌيان ڏيندس. ان سواءِ سنت پراڻ ناٿ بابت به مون کي ڪافي سامگري ملي سگهي آهي، پر ان کي پوءِ هٿ ۾ کڻبو. پهرين منهنجي مرضي آهي ته دادوءَ وارو ڪم پورو ڪريان.

اوهان لکيو آهي ته اوهان جي قاضي قادن تي هڪ وڏو تفصيلي مضمون لکڻ جو خيال آهي. اهو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. قاضي قادن ۽ سندس ڪلام چئجي کڻي ته اٽڪل چئن صدين کان وقت جي کنڊهرن ۾ دٻيل رهيا آهن، ان ڪري انهن تي گهڻي لٽ وري ويئي هئي، مون پنهنجي وت ۽ وس آهر ٿوري ڇنڊ ڦوڪ ڪئي آهي. پر ان کي  وڌيڪ چمڪائڻ لاءِ جيئن اوهان پنهنجي خط ۾ لکيو آهي، هن ڪم ۾ اوهان جهڙن بزرگ عالمن جو هٿ وجهڻ ضروري آهي.سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ اها هڪ سڀاڳ جي ڳالهه ٿيندي

اوهان لکيو آهي ته اوهان سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ جي زير طبع نئين ڇاپي ۾ دادو ديال جو ذڪر ڪندي، دادوءَ جا ڪجهه سنڌي بيت نموني طور ڏيڻ چاهيو ٿا. سو ئي اوهان سنڌي بيت ڀلي ان ۾ شامل ڪريو. مون دادو ديال جو سنڌي ڪلام مکيه طرح ٻن هندي ڪتابن مان چونڊي ڪڍيو آهي. اهي ڪتاب آهن. شري پرشورام چتر ويدي جو ”داد گرنٿا ولي“، جيڪو ناگري پرچارڻي سڀا، وارڻسيءَ وارن جو ڇپايل آهي. ٻيو شري ناگر جو ”گجرات ڪي سنتون ڪي واڻي“ اهو ڪتاب گجرات جي ڪنهن اداري جو ڇپايل آهي. دادو گرنٿا ولي هڪ وڏو پستڪ آهي.ا ن ۾ سنڌي بيت ڪو هڪ هنڌ ڪونه ڏنل آهن، پر اهي خاص طور هندي ۽ ٻين ٻولين جي بيتن سان گڏ، وچ وچ ۾ سمايا پيا آهن. مون قاضي قادن تي ڪم ڪندي، حوالي طور اهو ڪتاب به ڏٺو هو ۽ ان مان اهي بيت چونڊي پاڻ وٽ نوٽ ڪري رکيا هئا، دادو گرنٿاولي ڪيترن ئي انگن (چئپٽرن) ۾ ورهايل آهي. جيئن ستيه ڪو انگ، ستگرو ڪو انگ، وغيره مون بيت چونڊي ڪڍڻ وقت ان انگ جو نمبر ۽ بيت نمبر پاڻ وٽ نوٽ ڪري ڇڏيو هو. پيج نمبر مون پاڻ وٽ نوٽ ڪيائي ڪونه. توهان جو خط اچڻ بعد مون ڪوشش ڪئي ته سينٽرل سيڪريٽريٽ لئبرري مان جتان اهو ڪتاب مليو هوم، اهو ڪتاب وٺي، اوهان کي پيج نمبر ڪڍي موڪليان، پر ڪتاب ٻئي ڪنهن کي اِشو ٿيل هو. وري ٽيون چوٿون ڏينهن به مان ان مقصد سان لئبريري ويو هوس، پر ڪتاب نه ملي سگهيو. ان ڪري مان في الحال اوهان کي اهي چئپٽرن جا نمبر هتي لکي ٿو موڪليان.

انگ-3، انگ -4، انگ-25 ۽ انگ- 31. صفحا مون ڪچيءَ طرح هن ريت نوٽ ٿيل آهن ص-93،ص 62، 283 ،249، 109،

وڌيڪ ڪهڙو بيت ڪهڙي صفحي تي آهي، اهو اگر ضروري سمجهو ته مان اوهان کي ٻئي خط ۾ هر بيت نمبر، انگ نمبر، صفحو نمبر مارڪ ڪري موڪليندس.

شري پرشورام چتر ويدي ڀارت جو ۽ خاص طور هندي- جو هڪ مڃيل کوجيتڪ آهي، جنهن ڪلاسيڪل شاعري ۽ فڪر تي گهڻائي ڪتاب لکيا آهن. هن صوفي مت تي به ڪتاب لکيا آهن.

اوهان لکيو ته راڳ ڪيڏارو واري ڪافي يا وائي، جو ٿلهه شايد”حال اسان جو آهه ڙي، تو کي سڀ معلوم ڙي“ هجي، سوئي قافيه موجب ائين ٺيڪ ٿو لڳي، پر اها ڪافي يا وائي مون ٽن جدا جدا ڪتابن ۾ ڏٺي آهي ٽنهي ۾ ”لعل ڙي“ آهي. انڪري مون کي تبديل ڪرڻ ٺيڪ نه لڳو ”عرس“ لفظ سڀني پوٿين ۾ ”س“ سان ٿا لکن. قاضي قادن جي ڪلام ۾ به ”ش“ نه پر ”س“ آهي. ايتري قدر جو ش (21) اکر جو سڄي پوٿي ۾ ڪٿي استعمال  ئي نه آهي. وڌيڪ ٻئي خط ۾، مون لاءِ ڪا ڪارخدمت هجي ته لکندا. اتان جو حال احوال ڏيندا رهندا.

ڀڳت گرداري لعل جو خط جي جواب ۾ هڪ ليک هلال پاڪستان ڏانهن موڪليو اٿم. پر جيئن ته اخبار جي پڪي ائڊريس مون وٽ نه هئي، ان ڪري ممڪن آهي انهن کي نه پهچي. اوهان ڌيان رکندا ۽ احوال ڏيندا. نياز مند.

- هيرو ٺڪر

....3....

• مورخ 1979-3-6 دهلي

پيارا سائين،

وڏي ڏک سان لکجي ٿو ته اسان جو مربي دادا سائين جئرامداس دولترام پهرين مارچ 1979ع تي اسر جو ٻين بجي گذاري ويو.

پڇاڙي جي ڏينهن ۾ سندن اها خواهش هئي ته اوهان کي سومي پراڻ ناٿ بابت جي ڪتاب موڪلين، اهي ڪتاب جلد اوهان کي روانا ڪيا ويندا.

احوال جو هڪ خط مليو آهي. تفصيل سان خط ۽ دادو ديال بابت احوال هڪ ٻن ڏينهن ۾ روانو ڪندس. اميد ته توهان ٺيڪ هوندا.

- هيرو ٺڪر

محترم يعقوب مغل

مورخ17 جون 1964ع، انقره (ترڪي)

محترمي بلوچ صاحب، خوش باشد.

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، اوهان جو ”نوازش نامه“ ڪافي آڳاٽو دستياب ٿي چڪو هو ليڪن جواب لکڻ ۾ دير ٿي آهي.

مئي جي 6 تاريخ آءُ استنبول ويو هوس، اتي تقريباً ٻه هفته قيام رهيو. زياده تر وقت ڪتبخانن ۾ مطالع ۾ گذريو. شامون اڪثر قبله ڊاڪٽر حميد الله صاحب جي صحبت ۾ گذرنديون رهيون. ڊاڪٽر صاحب حتي الوسع اعانت و امداد ڪئي. هڪ ٻن عربي جي تاريخن مان موضوع سان متعلقه صفحا ترجمو ڪري پڻ ڏنائون.

حال ئي ۾ وٽان ”عنايت نامه“ موصول ٿيو آهي ته هو مدينه منوره روانا ٿي چڪا آهن. وسطه جولائي تائين واپس پيرس پهچي  ويندا، ڊاڪٽر صاحب جن اڄ ڪلهه ترڪي ۾ قرآن مجيد جي ترجمن تي ڪم ڪري رهيا آهن. انقره آيا هوا ليڪن وقت ناڪافي هئڻ ڪري  قرآن مجيد جا قلمي نسخا ڏسي نه سگهيا. جنهن ڪري لکيو اٿن اتي قرآن ڪريم جا ڪل 8 قلمي ترجما آهن جن مان سورة فاتحه جو ترڪي ترجمو نقل ڪري کين موڪلي ڏيان. اميد آهي ته جلدي آءُ حڪم جي پوئواري ڪندس.

- يعقوب مغل

.......2..........

• مورخ 13- جون 1973ع استانبول

عالي مرتبت محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب!

السلام عليڪم، واضح هجي ته آءُ خيريت سان آهيان. اميد اٿم ته اهان به بخير و عافيت هوندا.

الحاج ڊاڪٽر هاليپوٽه صاحب ۽ ٻين دوستن جي ذريعي اوهان جي خيريت کان آگاهه ٿيندو رهيو آهيان، محترم ڊاڪٽر هاليپوٽه صاحب جي زباني معلوم ٿيو ته اوهان ڪافي مصروف آهيو ۽ اوهان جا سلام پڻ پهتا.

آءُ اڄ ڪلهه استانبول يونيورسٽي ۾ علمي تحقيق ۾ مصرورف آهيان. هن وقت تائين ”پاڪستان ۽ ترڪي زبان ۾ مشترڪ لفظن جو سرمايو“ نالي 150 صفحن تي مشتمل هڪ ڪتابچو تيار ڪري چڪو آهان. اميد اٿم ته اهو ڪتابچو ’سينٽو‘ طرفان شايع ڪيو ويندو.”Modern Turkish for Beginners” تي اڄ ڪلهه نظرثاني ڪري رهيو آهيا. انهي سلسلي ۾ ترڪي ادب جي پروفيسر ۽ چيئرمن ڊاڪٽر طرم ارگين صاحب کان رهنمائي حاصل ڪري رهيو آهيان. انهيءَ کان علاوه ”عثماني سلاطين جا گجرات جي بادشاهن سان سياسي تعلقات“ جي موضوع تي شعبه تاريخ ۾ تحقيق ڪري رهيو آهيان. ”سلطان بهادر شاهه آف گجرات“ جي عنوان سان هڪ تحقيقي مقالو لکي R.C.D جرنل کي شايع ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿم.

محترم ڊاڪٽر صاحب! يقين ڄاڻو ته اوهان جي باربار همٿائڻ جو ئي نتيجو آهي جو آءُ اڄ هن علمي تحقيق ۾ مصروف آهيان. سچ پڇو ته هڪ وقت اهڙو به آيو جو آءُ حالات کان گهٻرائي بد دل ٿي چڪو هوس ليڪن انهيءَ وقت اوهان جي ڏڍ ڏيارڻ تي آءُ سڀ ڳالهيون وساري وري خاموشي سان لکڻ پڙهڻ ۾ لڳي ويس. جيڪڏهن انهيءَ وقت آءُ حوصلو هاري ويهان ها ته يقيناً اڄ ڪلهه  جيڪو آءُ علمي ڪم ڪري رهيو آهيان، انهيءَ کان محروم رهجي وڃان ها. مون کي فخر آهي ته مون ناچيز کي اوهان جهڙي علم دوست ۽ محقق جو تعاون ۽ رهنمائي حاصل آهي.انهي لاءِ آءُ اوهان جو ٿورائتو آهيان.

اڳئين هفتي انقره ويو هئس. اتي اوهان سان گڏ گذاريل وقت ياد آيم ۽ دل چاهيو ته ڪاش هڪ وار ٻيهر اوهان ترڪي اچو ته وري پراڻيون يادون تازيون ٿين.

محترم ڊاڪٽر محمد حميدالله صاحب جن ٽن مهينن لاءِ استانبول آيل هئا. اڪثر نياز حاصل ٿيندو هو. وٽانئن عربي جا ابتدائي سبق پڻ پڙهيس. انشاالله هاڻي عربي سکڻ تي به پوري توجهه ڏيندس. ڊاڪٽر حميدالله صاحب سان اوهان جو به ڪيترا دفعا ذڪر ٿيو، اوهان لاءِ سلام چيا هئائون.

آءُ موڪلن ۾ جولائي ۾ پاڪستان اچڻ جو پروگرام بنائي رهيو آهيان. قطعي تاريخ اوهان کي اچڻ کان اڳ لکندس. مون طرفان سائين غلام مصطفيٰ شاهه صاحب، ڊاڪٽر هاليپوٽه صاحب ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان کي سلام چوندا. شعبه جي جمله استاد صاحبن کي سلام، محترم بيگم صاحبه کي آداب عرض. والسلام.

يعقوب مغل

.....3.....

• مورخ 13 جنوري 1974ع، استانبول

مانوارا ڀاءُ ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: ايران مان لکيل اوهان جا ٻئي خط پهتا. پهريون خط 5 جنوري تي ۽ ٻيو 8 جنوري تي پهتو، پهرئين خط جو جواب ”ايڪسپريس ٽپال“ جي ذريعي”هوٽل سينا“ جي ائڊريس تي موڪليو هئم، خدا ڪري مليو هجيو.

آءُ ڊاڪٽر يوسف ضيا سان مليو هئس ته نيازي ساين سان ملڻ جو پروگرام ٺاهجي ۽ ميوزڪ جي استاد کان به نڙ جي باري ۾ مواد هٿ ڪجي. انشاءَالله جلدي انهيءَ ڪم کي لڳبو. انهيءَ کان سواءِ انسائيڪلو پيڊين ۾ به جيڪي مواد مليو اهو ترجمو ڪري موڪليندو سانوَ.

رات مون کي جناب ظفر حسين صاحب ايبڪ ماني جي دعوت تي گهر سڏيو هو. اهو خط به پڙهيائين جيڪو اوهان ڏي موڪليو هئائين. هن کان اڳ به عيد جي ڏينهن آءُ کين عيد جي مبارڪ ڏيڻ ويو هوئس ۽ خط جي باري ۾ گفتگو ٿي هئي. ظفر صاحب اوهان جي قلندرانه طبيعت ۽ شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿيو آهي. اوهان جي ڏاڍي تعريف پئي ڪيائين ۽ چيو هئائين ته سندس سلام به اوهان ڏي  لکان. جناب پروفيسر ڊاڪٽر تحسين يازيجي ڏاڍو افسوس پئي ڪيو ته هو اوهان جي پوري خدمت نه ڪري سگهيو. چوي پيو ته آءُ ڏاڍو شرمسار آهيان. مون چيومانس ته جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب اسان جي ديس جي هڪ علمي شخصيت آهي. هو صاحب دعوتن ۽ اجائي تڪلفات جا قائل ڪونهن. جناب ڊاڪٽر صاحب جن دلي محبت ۽ خلوص جا قائل آهن. ڊاڪٽر صاحب جن کي اوهان لاءِ ڪافي عزت آهي. تڏهن چيائين ته”جڏهن ڊاڪٽر صاحب کي خط لکين ته منهنجا گهڻا سلام لکجائين“.

- يعقوب مغل

....4....

• مورخ 8 مارچ 1974ع، استانبول

مانوارا سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

اسلام عليڪم، اوهان جو نوازش نامو پهتو. پڙهي احوال معلوم ٿيو. انهيءَ دوران ۾ هڪ خط ٻيو اوهان کي لکيو هئم. اميد اٿم ته اهو به ملي چڪو هوندو. آءُ اوهان جو تهدل ٿورائتو آهيان جو سنڊيڪٽ مان موڪل منظور ڪرائي موڪليو. انشاءَ الله جيڪي علمي ڪم مون هٿ ۾ کنيا آهن، هاڻي انهن کي بنا رڪاوٽ مڪمل ڪري سگهندس. انهيءَ کان سواءِ ادبيات فيڪلٽي، استانبول يونيورسٽي ۾ ”ڊپارٽمينٽ آف پاڪستان ڪلچرل اسٽيڊيز“ ۾ به خدمت سرانجام ڏئي رهيو آهيان. جناب ڊاڪٽر تحسين يازيجي ۽ ٻيا پروفيسر صاحبان هر طرح منهنجي حوصله افزائي ڪندا رهن ٿا ۽ علمي ڪمن کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ هر طرح جي مدد ڪري رهيا آهن. هتي سڀ يار دوست ۽ ترڪ ڀائر اوهان کي ياد ڪندا رهندا ٿا. اڪثر معمر بيگ، حافظ عبدالله، يوسف ضيا، مصطفيٰ اوسلو ۽ ٻين دوستن سان ملاقات ٿيندي رهي ٿي. اڪثر اوهان جو ذڪر ٿيندو رهندو آهي. سڀني سلام لکڻ لاءِ تاڪيد ڪئي آهي.

جناب ڊاڪٽر حميدالله صاحب جن اڄ ڪلهه ٽن مهينن لاءِ ترڪي آيل آهن. اڄ به جمع نماز تي گڏ هئاسين. اوهان کي سلام لکڻ لاءِ چيو اٿن.

- يعقوب مغل

.........5........

• مورخ 20 جنوري 1975ع، استانبول

محترم سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

اوهان وارا روانا ڪيل ٻئي موضوع ”مولانا عبيدالله سنڌي ترڪي ۾“ ۽”Turkish Element in Sindhi Language” ڪافي دلچسپ آهن. هن کان اڳ مون ڪوشش پئي ڪئي ته ”استانبول جي ڪتبخانن ۾ سنڌ متعلق قلمي نسخا“ ڳوليان ليڪن خاص ڪاميابي ڪونه ٿيم. تا هم تلاش جاري آهي.

منهنجي خيال ۾ ”مولانا عبيدالله سنڌي ترڪي ۾“ دلچسپ موضوع بنجي سگهي ٿو. خاص ڪري مولانا صاحب جي هٿ جا لکيل ڪجهه نوٽ جي اڄ سوڌي شايع نه ٿيا آهن سي محترم ظفر حسين صاحب جي مهرباني سان منهنجي حوالي ڪيا ويا آهن. اهي نوٽ ڪجهه قدر مولانا صاحب جي حياتي تي ۽ ڪجهه قدر سندن سياسي افڪار جي باري ۾ آهن. انهن ورقن جي روشني ۾ مولانا صاحب جي باري ۾ نئون نقطه نظر پيش ڪرڻ جي مدد ملي سگهي ٿي. انهيءَ کان علاوه ٻيو موضوع اوهان جي ٻڌايل موضوع جي روشني ۾ هي بنجي سگهي ٿو:  Linguestic and Cultural Influence of Turkey in Sindh

هن عنوان جي تحت تاريخي واقعات به بيان ڪري سگهجن ٿا ۽ انهيءَ کان علاوه لساني اثرات ۽ لاڳاپا به بيان ڪري سگهجن ٿا. ارغونن ۽ ترخانن جن (1612-1521) تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي اهي به ترڪ هئا ۽ سيدي علي رئيس جو به ڪجهه ذڪر ٿي سگهي ٿو. بهرحال آءُ مواد پيو گڏ ڪريان. انشاءَالله باقي جيڪا ڪمي رهجي وئي اها پاڪستان ۾ اچي پوري ڪندس ۽ علمي مقالو تيار ڪري وٺندس.

- يعقوب مغل

.....6.....

• مورخ 23 سيپٽمبر 1975ع، استنبول

عالي مرتبت محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب!

السلام عليڪم، هن کان اڳ هڪ خط روانو ڪيو هئم، اميد ته ملي چڪو هوندو.

انقره ۾ آءُ هڪ هفتو کن رهيو هئس اتي جناب محمد اوندر سان ٻه ٽي دفعا ملاقات ٿي. ڏاڍي خلوص ۽ محبت سان مليو. اوهان طرفان موڪليل تحفو وصول ڪري ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دلي شڪريو ادا ڪيائين. اوندر صاحب جو خيال هو ته اوهان پهرئين سيپٽمبر تي پهچي رهيا هئا. بهرحال هاڻي سندن چوڻ آهي ته انشاءَ الله مولانا رومي جي عرس جي موقعي تي توهان کي ۽ مون کي دعوت ڏئي گهرائيندا. سندن چوڻ آهي ته ڊاڪٽر شمل پڻ خط لکي پڇيو آهي ته هن سان عرس جو ڪهڙو پروگرام آهي. جيئن ته عرس جي پروگرام متعلق قطعي فيصلو عيدالفطر جي موڪلن بعد ڪيو ويندو. تنهن ڪري پروگرام کي آخري شڪل ڏينهن تائين انتظار ڪرڻ لاءِ چيو اٿن. جناب محمد اوندر اڄ ڪلهه ترڪ پاڪستان ڪلچرل ايسوسيئيشن جا صدر پڻ آهن. سندن چوڻ آهي ته آءُ چاهيان ٿو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا تعلقات گهاٽا ٿين ۽ انهيءَ لاءِ عالمن جي ڏي وٺ تمام ضروري آهي.

پاڪستان جي مهمانوازي ۽ اوهان جي سهڻي ورتاءَ جي واکاڻ ڪندي اوندر صاحب ڍاپي ئي نه پيو. سچ پڇو ته ماڻهو ڏاڍو لاکيڻو آهي. اميد اٿم ته هن سال اوهان جو ترڪي اچڻ جو پروگرام ٿيندو. ۽ انشاءَ الله وري گڏجي استانبول جي علمي خزانن مان فائدو حاصل ڪنداسين.

هتي سڀ دوست اوهان کي ڏاڍو ياد ڪن ٿا. موڪليل تحفن لاءِ ڏاڍو مشڪور آهن. سليمانيه لائبريري جي ڊائريڪٽر معمر صاحب وعدو ڪيو آهي ته اوهان جي رهائش جو انشاءَ الله استانبول ۾ سٺو انتظام ٿي ويندو. پروفيسر تحسين يازيجي پڻ وعدو ڪيو آهي ته اوهان جڏهن مسودي جي شڪل ۾ ڪتاب ڏيندا ته هو بورڊ آف پروفيسرز ۾ ڪتاب ڇاپڻ جي رٿ پيش ڪندو ۽ اميد ڏيکاري اٿئين ته اهو ڪم ٿي ويندو.

انهيءَ کان علاوه پروفيسر تحسين يازيجي امير خسرو جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ انشاءَ الله پاڪستان ايندو ڇاڪاڻ ته کيس دعوت موصول ٿي آهي. شايد توهان جي ساڻس ملاقات ٿئي. گهڻو ڪري تحسين يازيجي 22 آڪٽوبر ڌاري هتان روانو ٿيندو. پروفيسر چنگيز اورخونلو، مصطفيءِ اوسلو ۽ رمضان ڏاڍا سلام عرض ڪيا آهن. جناب اوندر ٻن هفتن لاءِ هنگري ويو آهي. اتي آرٽ ۽ ثقافت جي سلسلي ۾ ڪانفرنس ٿي رهي آهي. پروفيسر چنگيز اورخونلو پڻ ساڻس گڏ ويو آهي.

- محمد يعقوب مغل

.....7....

• مورخ 25 مئي 1977ع، انقره

محترم سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

السلام عليڪم،اوهان جو عنايت نامه مليو، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. ملڪي حالات کان باخبر رهون ٿا. افراتفري ۽ لاقانويت جي ڪري ملڪ کي جيڪو نقصان پهتو آهي، انهيءَ جي تلافي ڏاڍي مشڪل آهي. خدا ڪري ته هاڻي به گفت و شيند جي ذريعي ملڪي حالت جو ڪو حل نڪري اچي ته به غنيمت ٿيندي.

علامه اقبال جي زندگي، فلسفه ۽ اردو اشعار جي ترجمه جي سلسلي ۾ ڪجهه ڪتاب ترڪي ٻولي ۾ ڇپائڻ چاهيون ٿا. اهڙو منصوبو وزارت خارجه ڏانهن موڪليو اٿئون. جناب محمد اوندر صاحب ثقافتي صلاحڪار بنجي بون روانا ٿي ويا آهن. اوهان کي ڏاڍو ياد ٿي ڪيائون.

اوهان جي وزارت ڪلچر ۾ موجودگي اسان لاءِ باعث تقويت آهي. خدا چاهي ته علامه اقبال جي سو ساله ورسي اوهان جي نگراني ۾ ملهائي ويندي. وڌيڪ ته داڻي پاڻي تي منحصر آهي.

- يعقوب مغل


*  ياد ناهي ته جواب ڏنم يا نه! شايد مون تي ميار رهجي وئي. نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org