سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :3

ڪهڙن جا نالا لکان! تنهن کانسواءِ اوهان صاحب، خاص طرح ڪتاب خريد ڪري مون ڏانهن موڪليو، اهڙي خاص تڪليف ڏيڻ منهنجو ضمير گوارا نٿو ڪري، ها باقي هڪ عرض آهي ته جئن سائينجن لوڪ ادب جا ڊاريڪٽر آهن، تنهن ڪري بورڊ سڳورو ضرور هر هڪ ڪتاب جون ڪاپيون تحفي طور ڏيندو هوندو، جي وري اوهان صاحب خاص دوستن ۾ تقسيم ڪندا هوندا. آءٌ جيئن ته اوهان جو خاص نيازمند آهيان، تنهنڪري بلاحجاب هي عرض ڪريان ٿو ته جيڪڏهن لوڪ ادب جي ڪتابن مان اوهان وٽ ڪتاب موجود آهن ۽ جيڪي اوهان جي نظر ۾ خاص هجن ته ڀلي خاص نوازش ڪري موڪلڻ فرمايو. اميد ته هي عرض قبول پوندو.

- احمد خان آصف

....2....

* مورخ 22 آگسٽ 1981ع

بخدمت فلڪ رفعت ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

السلام عليڪم عرض ته:

”ڏيان صدق دل سان ٿو حضرت مبارڪ،

اوهانکي هي اعزاز خدمت مبارڪ.“

صدر عاليقدر، اوهان جي قدرشناسي ڪندي اوهان جي خدمت جو اعتراف ڪندي، اوهان کي ستاره خدمت جو عاليشان اعزاز عطا فرمايو آهي، ان لاءِ اوهان کي مبارڪون هجن. هي فقط اوهان جي عظيم الشان خدمات جو اعتراف آهي حقيقتاً اوهانجي خدمات جو صحيح صحيح صله اڃا گهڻو ڪجهه لهي ٿو.

(2) عرض ته اوهان جي هڪ بوقلمون مضمون، جو (شايد) ”نقش لطيف“ ڪتاب ۾ پڙهيو هوم، ان مان معلوم ٿيو ته ”برٽش لئبرريءَ“ وارو شاهه جي رسالي جو نسخو، اوهان صاحبن ترتيب ڏنو ۽ ڇاپيو آهي. جيئن ته مون پڪو قصد ڪيو آهي ته شاهه جي رسالي جي ڇپيل نسخا قيمتاً هٿ ڪريان. لهذا موبادنه گذارش آهي ته اهو اوهانجو ترتيب ڏنل رسالو ڪٿان ملندو؟ براه ڪرم گستاخي ۽ تڪليف معاف ڪري ان ڪتاب مستطاب جي ملڻ جي ائڊريس موڪلڻ فرمائيندا.

- احمد خان آصف

محترم الهه بخش ٽالپور

خاڪسار منزل، الهندو ڪچو حيدرآباد (1939 – 9 – 14)

برادرم مسٽر نبي بخش خان،

السلام عليڪم و رحمت، احوال ته خط اوهان جو خلافت اخبار جي اقتباس سميت هيو جو تمام ضروري هو ۽ اداره کي به موڪليو ويو آهي. ٻيو ته رئيس محمد بخش خان جي وفات حسرت آيات جو معلوم ڪري دل کي گهڻو صدمو پهتو. ڊٺڙي ۾ مون سان گڏ هو ۽ جنهن اشتياق ۽ ادم سان ڪم ڪري رهيو هو سو ٻين ۾ نوان خاڪسار ته ٺهيو پر پراڻن ۾ به ناپيد هو. سندس جوانيءَ جي وقت ۽ عين شباب جي موت تي دلي رنج و ملال آهي. جي ڪُجهه مهلت مليس ها ته منجهس گهڻيون اميدون وابسته هيون. ليڪن بي وس انسان کي سواءِ صبر جي ڪو چارو ڪونهي. الله تعاليٰ کيس مجاهدن سان گڏ اُٿاري ۽ پنهنجي رحمت و مغفرت مٿس ارزان ڪري. آمين ۽ ان سان گڏ سندس والدين ۽ عزيزن کي صبر جي توفيق ۽ سندس نقش قدم تي هلڻ جي جرئت بخشي آمين. محترم سان محبت جي اها ئي ثابتي آهي ته جا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ محبوب هُئي اسين به ان کي اختيار ڪريون ان ۾ هن جو روح به بيحد راضي رهندو اسان گڏ اسين پنهنجي دين دنيا به بهتر ڪنداسون. ادا سائين سالار اڪبر ۽ ٻين سڀني دوستن جي هن قضيه نامرضيه ۾ اوهان سان ۽ مرحوم مجاهد جي والدين ۽ عزيزن سان دلي همدردي آهي ۽ سڀ مرحوم جي مغفرت لاءِ دست بدعا آهن.

اميد ته پنهنجي احوال کان وقتاً فوقتاً واقف ڪندا رهندا. 16 – 17 – 18 سيپٽمبر تي پٿوري ميله جي موقعي تي ڪئمپ رکيل آهي.

قلم تازو: ته ڪراچي ڪئمپ نهايت ڪامياب ٿي ۽ ڪراچي ڇا پر سڄي سنڌ تي نهايت سٺو اثر ٿيو آهي هوا بلڪل سازگار ۽ موافق آهي ليڪن ڪاش ڪ اڄ اوهان جهڙا مخلص ڪارڪن ميدان ۾ هجن، عبدالرحيم به قابو ٿي ويو!

برادرم مسٽر نظام الدين ڪئمپ تان موٽندي شرط اچي سخت بيمار ٿي پيو آهي. سندس مٿين چپ تي ڪا زهري ڦرڙي نڪتي جنهن مان سڄو منهن سُڄي ويو آهي. اڃا حالت نازڪ آهي اگرچه ڊاڪٽر چئي رهيا آهن ته هاڻي خطري کان چڙهي ويو آهي خدا ائين ڪري ۽ کيس گهڻي حياتي بخشي ته اسلام جي خدمت ڪندو رهي. اوهان دعا ڪندا ته الله تعاليٰ کيس پنهنجي فضل و ڪرم سان امن و عافيت ۽ ڪامل تندرستي ۽ مڪمل شفا بخشي آمين.*

- الهه بخش ٽالپر

محترم اسدالله شاهه حسيني

جيسز لان، ڪيمبرج، انگلينڊ (1966 – 12 – 8)

قبله ڊاڪٽر صاحب!

وعليڪم السلام: اميد ته اوهان پئرس ۾ سٺو وقت گذاريندا هوندا، ۽ ڪي نوان نسخا به نظر مان گذريا هوندا. اوهان جي اها عنايت هئي جو ڪيمبرج آيا ۽ هن فقير کي ملاقات جو شرف بخشيو ورنه اڄڪلهه ڪير ڪنهن کي ياد ڪونه ٿو ڪري، مهرباني سنڌيءَ جا صفحا پيش خدمت آهن، دير ٿي ان لاءِ معافي سخت مصروفيت رهي ۽ لائبريري وڃي ڪونه سگهيس.

ڳوٺ وارن سڀني پڇندڙن کي سلام، انشا الله فيبروري جي 18 تاريخ ڳوٺ ملاقات ڪنداسون.

- اسدالله

....2....

* مورخ 10 فيبروري 1967ع، 70 جيسز لان ڪيمبرج، انگلينڊ،

ڊاڪٽر صاحب قبله،

السلام عليڪم: اميد ته اوهين بلڪل خوش خورم هوندا، آئون به الحمدالله ”پيئي کڻي پساهه پسڻ ڪارڻ پرين جي“. اوهان جو پيار ڀريو خط رات اچي ڏٺو اٿم، نهايت خوشي ٿي جو اوهان ياد فرمايو. آئون هفتو کن يورپ جي سير سفر ڪرڻ لاءِ ويل هوس. هالنڊ، جرمني، آسٽريليا، سئزرلينڊ ۽ فرانس وڃي نڪتس. سمجهجي ته طوفاني دورو هو. زبانون نه سمجهڻ جي ڪري ۽ هر وقت سفر جي ڪري طبيعت ۾ فقط ٿڪ محسوس ڪيم ٻيو سڀ ٿيو خير. بهرحال جيڪي ڪجهه ڏٺم اهو به چڱو. عرض اهو ته سنڌي صفحن جو عڪس اوهان جي ڏنل ائڊريس تي پئرس روانو ڪيو پر موٽي اچي مليو. هوائي پوسٽ ذريعي موڪلڻ جي پهچ ڪانه هئي، انهي ڪري پاڻي واري جهاز ۾ روانو ڪيو اٿم حيدرآباد، انهيءَ کي 3 هفتا کن ٿيا هوندا، اميد ته هفتي ٻن ۾ ملي ويندا.

مون پنهنجي ٿيسز 16 جنوري تي پيش ڪري ڇڏي آهي، اميد هئي ته فيبروري جي پهرين يا ٻئي هفتي ۾ زباني امتحان ٿيندو ۽ 20 تاريخ ڳوٺ واپس اچڻ جو خيال هو پر اڄ معلوم ٿيو اٿم ته ٻاهر رهندڙ ممتحن واندو ڪونهي ۽ زباني امتحان فيبروريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ٿيندو. ارادو آهي ته 5 تاريخ مارچ جي هتان روانو ٿيان ۽ 6 تاريخ ڳوٺ پهچان.

اوهان جي همت افزائي ۽ منهنجي ڪم تي اطمينان جي اظهار دل تان تمام گهڻو بار هلڪو ڪري ڇڏيو آهي. اوهان جي نگاهه وسيع آهي ۽ راءِ وزن رکي ٿي ۽ اوهان مونکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏيئي ڇڏي آهي. الله اهي لفظ مبارڪ ڪندو ۽ دعا ڪندا ته امتحان وٺندڙ به ساڳي راءِ رکن.

اميد ته اوهان جو علمي ادبي مشغلو معمول موجب جاري رهندو، باقي پنهنجي ملڪ ۾ قدر ته نڪو آهي ڪم ڪندڙ جو نڪو نه ڪندڙ جو، جنهن جو بخت کلي ۽ وجهه لڳي اهو ئي عالم ۽ اديب آهي.

منهنجو هڪ مقالو ”Uways al-Qarani and the Uwaysi Sut\fis“ جيڪو پنهنجي تحقيق جي دوران، وقت بچائي لکيم، اهو ”Muslim World“ (آمريڪا) ۾ اميد ته اپريل ۾ ڇپبو. حضرت اويس تي هي منهنجو پهريون مقالو آهي. پروفيسر ”Arberry“ پڙهيو آهي ۽ هڪ سرٽيفڪيٽ به ڏنو اٿس.

”تاريخ عباسيان“ جو عڪس ورتو اٿم، انهيءَ جو سنڌي ۾ ترجمو ۽ فارسي عڪس ”مهراڻ“ يا ٻئي ڪنهن رسالي ۾ ڇپائڻ جي ڪوشش ڪندس.

سلام تمام گهڻا شيخ محمد اسماعيل، ممتاز ميرزا ۽ ٻين دوستن کي اوهانجا پئرس يا بغداد مان خط مونکي ڪونه مليا آهن شايد رستي تي گم ٿي ويا يا وري ڪڏهن اچي ملن.

- اسدالله شاهه

محترم ارجن شاد لاشا رام مينگهواڙ

غوث پور (1969 – 5 – 20)

پيارا ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم، عرض ڪرڻو پيم، پنوعاقل ۾ مهراج سوامي سيتل داس جن جون ٻئي ٻانهون حادثي ۾ ويل آهن. سوامي جن روحاني ڪويتا ڪري رهيا آهن. سندن ڪويتا ڏاڍو عبرت وٺائيندڙ اٿن. هر هڪ وشيه بندن ۾ ترتيبوار ڏني اٿن. هڪ وشئه تي 260 بند لکي عبرت ۾ وجهي ڇڏيو اٿن.

هن وقت تائين هڪ چڱي ڪتاب جيترو مواد تيار ڪري چڪا آهن، اوهان کي انهيءَ ڪري ٿو جاڳايان ته اهو ڪلام اچي پسند ڪري ڇپرايو ورنه اهو به هٿان هليو ويندو.

اوهان پنهنجو پروگرام ڏيندا، رهڻ ۽ رهاڻ جو جوڳو بندوبست ڪيو ويندو، وڌيڪ جئن حڪم واقف ڪندا ته اهڙي ريت نئين سر عرض پيش ڪيا وڃن.

آخر ۾ عرض ته ڪنڊڙي وارن جو ڪلام بطور سوکڙي موڪليندا. منهنجو انهن صوفين سان مريديءَ وارو رستو آهي ۽ ڪوشش ۾ آهيان ته روحل، دريا خان، غلام علي جن جون ٻاڻيون ۽ سلوڪ به ڪٺا ڪريان.

- ارجن

محترم پروفيسر اينزو تربياني

وائڪو پيسڪيٽوري، 18039118 وير ٽيميگليا، اٽلي 22 آگسٽ 1972ع

پيارا ادا پروفيسر بلوچ صاحب!

آداب عرض، اوهانجو خط مليو توهانجو سڀ ڪجهه لائي ممنون آهيان هي پهرين دفعه آهي ته سنڌي ۾ چٺي لکان ٿو اميد آهي ته اوهين منهنجي سنڌي سمجهي سگهو. هن خط ۾ ڪئين غلطيون آهن ڇو جو کيم ڪابه سنڌي لغت اڄ ڏينهن تائين نه آهي. الفاظ جي اڪثريت فارسي يا عربي آهي.

افسوس ته يورپ جن ملڪن مين شاهه عبداللطيف جي عجيب زبان جو مطالعه ڪيو نه وڃي. اگر سنڌي جي ڪامل وياڪرڻ (انگريزي مين مڪتوب) ملي ته زياده اسان هيءَ سندر ٻولي سکن ها. ڇا مرزا قليچ بيگ جا سنڌي قواعد هڪڙي اجنبي لائي به مفيد ٿي سگهن؟ جا وياڪرڻ مون کي آهي (The Sindhi Instructor ۽ The Sindhi Language از R.P Yegorova) سان سنڌي فعل (Verb) جي صورت کي صاف طرح نه سمجهائن ٿا. ”اَ“ فعلن ۽ ”اِ“ فعلن جي وچ ۾ ڇا فرق آهي؟ جنهن کي معلوم ڪرڻ لائي ڪهڙا قواعد ملن ٿا؟ اگر اوهين مون کي امداد ڏيندئو ته شڪر گذار هوندس.

جواب جو انتظار ڪري رهيو آهيان. آسان سنڌي جو استعمال فرمائجو. اميد ته اوهان وٽ خير هوندو.               - اينزو تربياني

....2....

* وائڪو پيسڪيٽوري، 18039118 ويرٽيميگليا، اٽلي (1973 – 10 – 4)

جناب عالي پروفيسر صاحب!

تسليمات، جو خط توهان کي موڪليو سو مليو آهي. هن لاءِ توهان جو ممنون ئي آهيان، پڙهي ڪري وڏي وڏي خوشي هئي. توهان مون کي مفيد خبرون ڏنيون شڪريه.

توهان ٻڌايو ته ٽرمپ جو گرامر حال ۾ حاصل ڪرڻ ممڪن آهن. اهو ڄاڻڻ خواهشم آهي ته هي گرامر ڪٿان ملي سگهبي. اگر توهين مون کي جواب ڏنو ته مشڪور ئي هوندس. خيال ڪران ٿو ته ٽرمپ صاحب جو ڪتاب سڀني مان فائدمند آهي. تڪليف لاءِ معافي فرمائجو. سلام سڄي سنگت کي ڏيندا.

- اينزو تربياني

محترم الهه ورايو لاسي

لسٻيله اسٽوڊنٽس لٽريري سوسائٽي (1968 – 8 – 25)

بخدمت جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب،

محترم! لسٻيلي جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جي عڪاسيءَ خاطر اسان هڪ سووينر شايع ڪري رهيا آهيون. جيڪو چئن زبانن، سنڌي اردو بلوچي ۽ انگريزي ۾ شايع ٿيندو. ادبي خدمت جي سلسلي ۾ خاص ڪري سنڌي ادب جي بچاءُ لاءِ هيءَ اسان جي پهرين ڪوشش آهي.

توهان، سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي سا ته واقعي ساراهه جوڳي آهي، هونئن به ”ٻيلاين جا ٻول“ کي وساري نه ٿو سگهجي.

اسان جي خواهش آهي ته سووينر لاءِ پيغام طور ٻه ٽي اکر لکي اسانجي همت افزائي فرمائيندا. تنهن ڪري ان ڏس ۾ توهان کي درخواست ٿي ڪجي ته مهرباني فرمائي. پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه سيڙائي اسانکي پنهنجيءَ تصوير سان گڏ پيغام موڪليندا ته وڏي مهرباني ۽ همت افزائي ٿيندي. اميد ته توهان اسانکي نااميد نه ڪندا. جيڪڏهن مضمون موڪلي سگهو ته اها پاڻ وڏي همت افزائي ٿيندي.

- الهه ورايو لدسي

محترم امام راشدي

پير جو ڳوٺ، ضلعو لاڙڪاڻه (2004 – 7 – 20)

عزت مآب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: احوال ته اوهان مهربانن طرفان عنايت ڪيل ڪتاب ”پيارن جا پيغام“ پهتو. لک لائق.

هي خطن تي مشتمل علمي وکر آهي. ڪتاب جيئن ئي پهتو، تيئن ئي وڏي اشتياق سان پڙهڻ شروع ڪيم 260 صفحا پڙهيا اٿم ۽ اڄ منجهند تائين ڪتاب مڪمل پڙهي وٺبو. هي خط معلومات جو خزانو آهن ۽ ڪيترن ئي علمي موضوعات تي روشني وجهن ٿا. هي خط ته سنڌ جي تاريخ جو حصو آهن. مهرباني فرمائي، اڃا ٻين خطن کي به نروار ڪيو ۽ انهن ۾ ٻين ٻولين جي عالمن جا / ادارن جا خط به شامل ڪجن ته بهتر ٿيندو. اهڙي انمول سوکڙي آڻڻ لاءِ دلي مبارڪ قبول ڪندا. اميد آهي ته خطن جا ٻيا مجموعا به آڻيندئو.

- خاص عرض ته، ٻه ڪتاب اوهان جا گهرجن. ضرور به! هڪ ”اسان جو ڳوٺ“ ۽ ٻيو ”سگهڙن جا سلام“. اميد ته ڀلارن کان ڀلائي ٿيندي ۽ علمي سخاوت ميسر ٿيندي ....

- امام راشدي

....2....

* مورخ 29 مارچ 2004ع پير جو ڳوٺ، نئون ديرو

محترم ومربيم سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: اميد اٿم ته اوهان خيريت سان هوندا. ڪافي ڏينهن کان اوهان جو خط پهتل آهي. مون کي اوهان لاءِ تمام گهڻي عزت، احترام ۽ عقيدت آهي. اسان ته خوش نصيب آهيون جو اوهان جي دور ۾ موجود آهيون. رب ڪريم اوهان جي صحت سلامت رکي ۽ عمر خضري ڪري، آمين.

تازو سکر مان ”رهاڻ هيرن کاڻ – 4“ وٺي آيس، 5 نه مليو. پنجاهه ساله مشاهدي جو لاجواب تذڪره آهي. وڏي علم جي کاڻ آهي. مون کي يقين آهي ته، اسان جي ڳوٺ ۾ اوهان جي آمد ۽ تاريخي مسجد جي مشاهدي کي به ڪنهن جلد ۾ شامل ڪندا ته اهو اسان لاءِ اعزاز هوندو!

”رهاڻ هيرن کاڻ – 4“ جي صفحي نمبر 15 تي فيض احمد جو شعر ڏنو اٿو، ان لاءِ ٻڌائيندا ته اهو شعر، فيض جي ڪهڙي شعري مجموعي ۾ آهي.

تازو اوهان کي اعزاز ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ٿيو آهي، ان لاءِ پيشگي مبارڪون قبول ڪندا. ويجهڙ ۾ اوهان لاڙڪاڻي اچڻا آهيو، مون تي اهو خاص احسان ڪندا ته، ڪجهه گهڙيون اسان لاءِ ڪڍندا ۽ منهنجي دعوت قبول ڪندا. منهنجي غريب خانڙي تي ايندا ته گڏجي دال ماني کائينداسين. اهو اعزاز به مونکي بخشيندا. اسان ننڍڙن تي شفقت ڀريو هٿ قائم رکيون ايندا. مون کي انتظار ۽ اوسيئڙو رهندو.

- امام راشدي

محترم اشفاق احمد اعواڻ

لاڙڪاڻو (1992 – 1 – 7)

محترمي جناب نبي بخش خان بلوچ صاحب،

نهايت ادب و احترام سان اوهان ڏانهن خط لکجي ٿو. آءٌ اشفاق احمد اعواڻ آهيان. اهو ڇوڪرو جيڪو 5 ڊسمبر تي سکر ۾ پنجين شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس ۾ آيو هيس ۽ انگريزي ۾ تقرير ڪئي هئي ۽ خدا جي ڪرم سان ٽيون نمبر حاصل ڪيو هيو ۽ توهان جي هٿن سان انعام حاصل ڪيو ڊاڪٽر صاحب توهان جو اچڻ اتي اسان لاءِ باعث فخر هو ۽ اسان کي تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي. آءٌ اتي توهان سان مليو به هيس توهان کي يقينن ياد هوندو، هي خط آءٌ توهان جي شخصيت کان متاثر ٿي لکي رهيو آهيان جو توهان جو عالماڻو خطاب آءٌ ٻڌو هو ۽ توهان سان ڳالهايو به هو.

ان کانپوءِ وري شايد توهان محترم اسدالله ڀُٽي صاحب کان منهنجي باري ۾ پُڇيو به هو. اها مون لاءِ عزت افزائي جي ڳالهه آهي جو اوهان مون کي ياد رکيو. محترم اسد الله ڀُٽي صاحب سان منهنجي ملاقات ٿي هن مونکي ٻُڌايو ته پوءِ آءٌ سوچيو ته ڊاڪٽر صاحب ڏانهن مهربانيءَ جو خط لکجي.

سو هي اوهان ڏانهن منهنجو خط آهي. آءٌ به توهان جي موٽ جو منتظر رهندس ته اوهان جهڙو عالم فاضل ماڻهو به مون ڏانهن ڪجهه لکي. آءٌ اوهان ڏانهن پنهنجي مڪمل ايڊريس لکان ٿو. جنهن ذريعي اوهان مون ڏانهن خط و ڪتابت ڪري سگهو ٿا. منهنجي لاءِ ڪو حُڪم هُجي ته لکندا.

اشفاق احمد اعواڻ

محترم امان الله مهيسر

مهيسر وڏا، خيرپورميرس، (1989 – 3 – 20)

بخدمت جناب حضرت استادي و مخدومي دامت برکاته،

السلام عليڪم ورحمته الله و برڪاته!

سائين جن جو مڪتوب مبارڪ بتاريخ 1989 – 2 – 20 تي موصول ٿيو. پڙهي بيحد خوشي محسوس ٿي اوهان جي پيار ڀرئي، همدردانه ۽ مشفقانه خط کي بار بار پئي پڙهيم. اوهان کي خط جي جواب نه ڏيڻ جو واحد سبب هي هيو ته اوهان جي ائڊريس ڪانه هئي. سگهڙ عبدالرحمٰن صاحب به سدائين گشت ۾، ملڻ جو موقعو هن سان ٿيو ئي ڪونه پئي. نياپا سنيها ته گهڻائي پئي موڪليم ته به ملي ڪونه سگهيو. آخر وري به هڪ سگهڙ محمد بخش ڪلهوڙي جي مهرباني ٿي جنهن جي ذريعي ائڊريس ملي ۽ اڄ ئي خط جو جواب عرض آهي. اميد ته تاخير کي درگذر فرمائيندا. الله تعاليٰ جي مهرباني ۽ اوهان بزرگن جي دعائن جي برڪتن سان آءٌ پنهنجي ساٿين سان خيرو عافيت سان واپس آيس.

سائين منهنجا!

حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري،

لڳي ماٺ مرن کي ڏونبگر پون ڏري.

مان ڪهڙو حال ٻڌايان ههڙي قوم جو! درندو صفت ڌاڙيل فل پوليس ورديءَ ۾ ملبوس، جديد هٿيارن سان ليس، تاريخ 5 جنوري شام جو تقريبا ساڍي ستين بجه اسان کي يعني مون کي، منهنجي ننڍي ڀاءُ کي، منهنجي سوٽ جي پٽ کي ۽ مولوي صاحب کي، انهيءَ وقت بي درديءَ سان اغويٰ ڪيائون، جنهن وقت آءٌ ۽ منهنجو دوست عالم دين قرآن شريف جي آيات مبارڪ تي غور و فڪر ڪري بحث مباحثه ۾ محو هياسون. هڪ نوجوان ڇوڪرو شڪيل احمد منهنجي سوٽ جو پٽ نماز عشا جي انتظار ۾ ويٺو هو. منهنجو ننڍو ڀاءُ سيف الله عشا جي بانگ لاءِ مسجد ڏانهن وڃي رهيو هو. جيئن ته مسجد ۽ اوطاق جو ايوان گڏ آهن. اوطاق کان ٻاهر نڪرندي ئي اسان کي ٻنين جي کيڙيءَ مان تيز رفتاريءَ سان هلڻ لاءِ چيو ويو ان وقت صورتحال سواءِ تعاون جي ٻيو ڪوبه ڪونه هيو. ان وقت مونکي هڪ سادي چپل، نماز لاءِ هلڪي هوادار ٽوپي، شلوار قميص ۽ هڪ جئڪٽ پهريل هئي. تقريبا اڌ ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، گپن چڪن، ڪنڊن ڪرڙن، ڪڙين ڪسن تان رات جي اونداهيءَ ۾ ٽپندي چپل ته وئي لهي جيڪا ڌاڙيلن کڻڻ به نه ڏني بس پوءِ پيرين اگهاڙي ڪنڊن اسان جي پرجوش ۽ گرم جوشيءَ سان آجيان ڪئي. ايتري ۾ اولهه طرف کان جُهڙ ٿي ويو. کنوڻين جا چمڪاٽ ۽ گاجين جا دل ڏاريندڙ ٺڪاءُ شروع ٿي ويا. قرآن شريف جي سوره بقره وارو منظر پورو اکين آڏو نه صرف ڦري رهيو هو، بلڪ انهن آيتن جو عمل اسان تي جاري و ساري هئو.

اوکصيب من السماء فيه ظلمت ورعد و برق، يجعلون اصابعهم في آذانهم من الصواعق حذرالموت، والله محيط بالڪافرين. يکاد البرق يخطف بصارهم کلما اضاء لهم مشوا فيہ و اذا اظلم عليهم قاموا ولو شاء الله لذهب بسمعهم وابصار هم، ان الله عليٰ ڪل شيءَ قدير.

] يا (هنن جو مثال) وڏي برسات جهڙو آهي، جيڪا آسمان مان پئي وسي ۽ ان ۾ اونداهيون، گجگوڙيون ۽ کنوڻين جا چمڪاٽ ايتري قدر ليڪن، جو هو موت جي ڊپ کان پنهنجون آڱريون ڪڙڪاٽ سبب ڪنن ۾ وجهن ٿا. الله تعاليٰ ڪافرن کي گهيري ۾ آڻڻ وارو آهي. (ائين معلوم ٿئي ته) عنقريب وڄ جو چمڪاٽ هنن جي اکين جي روشني کسي وٺي. جنهن مهل اها کنوڻ چمڪي ٿي ته هو سوجهري ۾ هلن ٿا، ۽ وري جڏهن اوندهه ٿئي ته بيهي رهن ٿا. جيڪڏهن الله چاهي ها ته هنن جي ڪنن جي ٻڌڻ ۽ اکين جي ڏسڻ کي کسي وٺي ها. بيشڪ الله تعاليٰ هر شيءَ تي وس وارو آهي!

گويا قدرت انهن ظالمن کي، انهيءَ ظالمانه عمل کان روڪي رهي هئي. پر هو اهڙا ته انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا هئا جو ٻڌڻ هوندي ٻڌن ڪونه پيا. ڏسڻ هوندي به ڏسن ڪونه پيا. تقريبا ٻن ميلن جي مفاصلي طئي ڪرڻ کانپوءِ جيڪي هوا سان گڏ برسات اسان سان ڪلور ڪيا، سي اسان جي وهم و گمان ۾ به ڪونه هئا. قدم قدم تي مصيبت، هر ايندڙ لمحه اسان لاءِ نئين مصيبت جو آغاز هو. مان ڪيترا دفعا ڪريس، ان جو شمار ڪونه آهي. ان جو نتيجو ڇا نڪتو جو سڄي پير جو آڱوٺو ۽ چيچ ضربجي پيا ۽ سڄو پير سڄي ويو. کٻي پير جو مُرو مڙي پيو ۽ هي پير سڄي کان وڌيڪ سڄي ويو. سور جي انتها هئي. خدا کانسواءِ ڪوبه حامي و ناصر ڪونه هئو بار بار دل ۾ هي خيال پئي اڀريا ته خدايا اسان کي اهڙي آزمائش ۾ نه وجهه جنهن جي اسان لائق نه آهيون. اسان لاءِ آساني فرماءِ، هنن بلائن جي چنبي کان بچاءِ، ڪا ئي غيبي مدد فرماءِ وغيره وغيره تنهن کانسواءِ دل ۾ مختلف خيال هي به اچي رهيا هئا ته ڇا هي اهي انسان نه آهن جن لاءِ ملائڪن خدا کي چيو هو

”قالو اتجعل فيها من يفسد فيها ويسفڪ الدماء“

(اي الله) ڇا تون زمين تي اهڙو ماڻهو بنائين ٿو جيڪو زمين ۾ فساد برپا ڪندو ۽ ناحق خون وهائيندو.

يا الله! ملائڪن جي هي حقيقت سچي نه آهي! بي اختيار ٿي زبان تي هي الفاظ جاري ٿي پيا وڃن.

”لا اله الاانت سبحانڪ اني ڪنت من الظالمين“

(ڪوئي به بندگي جي لائق نه آهي سواءِ تنهنجي تون پاڪ آهين بيشڪ مان ئي ظالمن مان آهيان.)

تقريباً پنجن ميلن کان پوءِ مولوي صاحب کي ڪن شرطن تي ڇڏيائون. اهڙي سخت بارش ۾ اسان جي ڪپڙن جي حالت اها ٿي ويئي هئي، ڄڻ ته ڪوئي ڪپڙن سميت ڪنهن واه يا تلاءَ مان ٽٻي ڏيئي نڪتو هجي. پيرين اگهاڙي ڪنڊن سان چور، هڪ اهڙي زير تعمير روڊ تان هلڻو پيو، جنهن ۾ چهنبيارا پٿر وڇايل هئا؛ جيڪو تقريبا هڪ ڪلوميٽر ڊگهو سمجهه ۾ آيو. ان وقت دل ۾ جيڪي خيال اڀري رهيا هئا ته اها سر زمين سنڌ آهي جتي سسئي پنهنجي محبوب جي فراق، عشق ۽ محبت ۾ نڪتي، تنهنڪري هن کي ڏونگر ڏورڻا پيا پر عشق ۽ محبت واري تڪليف ٻئي رنگ جي آهي ۽ هن ظلم واري پنڌ جي تڪليف جي ڪيفيت ڪجهه ٻي آهي هي اها سر زمين سنڌ آهي، جتي مارئيءَ سان ظلم ٿيو پر مارئي اٺ تي سوار هئي، وڃي ڪوٽن ۾ بند ٿي پر اسان پيرين پيادي، سخت بارش، جنوريءَ جي لُري، ڪپڙا پسيل هوا ڦڦڙ ڪڍي رهي هئي. انهيءَ ۾ ظالمن جي هٿ ائين هلائي رهيا هئاسون جيئن چور ڍڳي بي رحميءَ سان هڪليندو وڃي. خبر نه هئي ته ڪهڙي جهنگل ۾ وڃي سوگها ٿينداسون ۽ اتي به ڪهڙيون حالتون ٿينديون. اڳتي هلي وڃي جهنگ ۾ پهتاسون رات جي سناٽي ۾ ڪيئن قسمن جي جيتن جيڻن جا آواز مسلسل ٻڌڻ ۾ پئي آيا. گدڙن جو اوناڪون هڪڙي پاسي کان شروع پيون ٿين ته وري ٻئي پاسي کان ريس تي ٻيا گدڙ به انهن جو سر پيا ملائن. گدڙن جو عجيب آواز ڄڻ ته ننڍڙو ٻار روئي سڏڪا ڀري رهيو آهي. دل ۾ خيال آيو ته هي جيت جڻيا ۽ حيوان ڀي آزاد ۽ آرامي آهن ۽ پنهنجي جنس وارن تي ايترو ظلم نٿا ڪن. پر انسان، جنهن کي الله تعاليٰ اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو. ان جو هي عجيب ڪارنامو آهي گدڙن جون اوناڪون گويا هن ظالمانه فعل تي روئي رهيون هيون ۽ ظالمن کي چوطرف پڪاري رهيون هيون ته انهيءَ حرڪت کان اوهان جو رب هرگز خوش نه ٿيندو.

سڄي رات ڦيرائيندو رهيا خبر ڪانه پئي پوي ته ڪيڏانهن وڃي رهيا هئاسون. هڪ هنڌ باهه جو مچ ٻاريائون لڱن ۽ لٽن کي سڪڻ لاءِ باهه جو مچ اسان لاءِ جنت جي هير کان گهٽ ڪونه هئو مونکي انهيءَ ڏينهن انتهائي احساس ٿيو ته باهه جو مچ به الله تعاليٰ جي عظيم نعمتن مان هڪ نعمت آهي. پره ڦٽيءَ جو ٽائيم ٿيو. ڀر ۾ هڪ ڳوٺ مان بانگ جو آواز الله اڪبر، الله اڪبر، ڪنن ۾ گونجڻ لڳو. مون کي اڳ کان وڌيڪ احساس ٿيو ته الله بيشڪ وڏو آهي ۽ بي پرواهه آهي. جڏهن حي علي الفلاح جا الفاظ موذن دهرائي رهيو هيو ته دل ۾ خيال آيو ته ڪاش! هنن لفظن کي ظالم سمجهن ها. اسان ته مسلمان آهيون حضور جن صلي الله عليه وسلم مسلمان جي وصف ته هي بيان ڪرڻ فرمائي آهي. ”المسلم من سلم المسلم من لِسانہ“

”مسلمان اهو آهي، جنهن جي هٿن ۽ زبان کان مسلمان محفوظ هجي.“


*  مير الله بخش ٽالپور (جهول، تعلقي سنجهوري جو) علي ڳڙهه جو گريجوئيٽ، وڏي عمر جو ۽ وڏو تجربي ڪار هو سياسي فڪر وارو هو. خلافت تحريڪ ۾ الوحيد اخبار جو به ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر ٿي رهيو. هي خط تڏهن لکيائين جڏهن شايد هو خاڪسار تحريڪ جو سڄي سنڌ جو نائب سالار هو. سالار اڪبر مرحوم نصير محمد خان نظاماڻي، ايڊووڪيٽ حيدرآباد هو. آءٌ به 1936ع ۾ ڪاليج واري پهرئين سال خاڪسار ٿيس ۽ حيدرآباد ۾ خاڪسارن جي ڪئمپ ۾ شامل ٿيس. محترم عبدالرحيم ميمڻ (هالاڻي جو) انجنيئر، منهنجو مربي هو محمد بخش مرحوم جنهن جو ذڪر آهي سو منهنجو عزيز هو. اسان پنهنجي ڳوٺ جعفر خان لغاري ۾ خاڪسار تحريڪ جو بنياد وڌو هو. آءٌ وئڪيشن کان پوءِ جهونا ڳڙهه هليو ويو هوس مير صاحب جو خط مون کي اتي مليو – نبي بخش.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org