باب اٺون
خودمختياريءَ کي عمل هيٺ آڻڻ
کهڙو صاحب بمبئي ۾ پنهنجي دوستن ۽ گورنر بري بارن
سميت عملدارن کان موڪلائي پهرين اپريل 6 3 9 1 ع
تي نئين صوبي جي افتتاح لاءِ وقت سر ڪراچيءَ پهچي
ويو. هو فتح جي جذبي سان سرشار ۽ پر اميد هو. هو
اڃان پنجٽيهه سالن جو مس ٿيو هو ته، پنهنجي ٻارهن
سالن جي سياسي زندگيءَ ۾ گهڻيون ئي سوڀون ماڻي چڪو
هو. ان سموري عرصي دوران پنهنجي صوبي ۽ ماڻهن جي
نمائندگي ڪرڻ لاءِ هن تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو هو ۽
صوبي ۾ ۽ ان کان ٻاهر ناماچاري ۽ ساک ماڻي هئائين.
هن سنڌ بابت گول ميز ڪانفرنس جي سب ڪميٽيءَ ۾ سنڌ
جي مسلمانن جي نمائندگي ڪئي هئي ۽ عليحدگيءَ لاءِ
هڪ سگهاري ۽ انتهائي منظم مخالفت سان ڦيٽ کاڌي
هئائين.
سندس ذاتي زندگي خوش و خرم هئي. سندس پهرين زال جيڪا سندس سوئٽ
زال 0 3 9 1 ع ۾ ٻار ڄڻڻ دوران گذاري وئي. 3 3 9 1
ع ۾ هن دادو ضلعي جي هڪ مشهور ڪٽنب سان تعلق رکندڙ
خان صاحب محمد پريل پنهور جي ڌيءَ سان ٻي شادي
ڪئي. سنڌ مدرسي جو پڙهيل خان صاحب سنڌ جي انهن
ابتدائي فردن مان هو جن انگريزي تعليم پرائي. هو
سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ سنڌ جي ڪمشنر جو مير
منشي، خيرپور رياست ۾ نائب وزير ۽ پوءِ مختيارڪار
بڻيو. سندس وڌيڪ ترقيءَ بابت امڪان سندس
قومپرستيءَ سان همدرديءَ ۽ غلام محمد ڀرڳڙيءَ سان
سنگت سبب دونهاٽجي ويا. ان کيس سر هينري لارينس جي
اڳيان ڏٺو ڪيو ۽ سندس نوڪريءَ جي ريڪارڊ سبب
امڪاني طور تي حاصل ٿي سگهندڙ ڪليڪٽرشپ يا ڊپٽي
ڪليڪٽر شپ کان اڳ ۾ ئي ريٽائرڊ ٿيو. اهي عهدا سندس
ڪيترن ئي همعصرن گهٽ صلاحيتن پر تعلقاتن جي آڌار
تي حاصل ڪيا هئا. خان صاحب پنهور انتهائي مذهبي،
اصول پرست ۽ ديانتدار سرڪاري ملازم هو. منجهس 9 1
صديءَ جي معتبرن واريون سموريون خصلتون اُتم درجي
تي هيون. هن کهڙي صاحب جي جيون ۾ ڀرپور دلچسپي
ورتي ۽ سندس ڪيريئر ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن دوران
انتهائي ڀرجهلو رهيو. کهڙي جي کانئس تيرهن سال
ننڍي زال فاطما، پنهنجي مڙس لاءِ انتهائي مددگار
ثابت ٿي. خاص طور تي کهڙي صاحب لاءِ ڏکيائين ۽
امتحانن ڀري سياسي ڪيريئر ۾.
کهڙي صاحب پنهنجي زمينداراڻي ڪمن ڪارين ۽ دوستن
يارن سان رابطي ۾ رهڻ واسطي پنهنجي ڳوٺ ۽ لاڙڪاڻي
۾ به چڱو خاصو وقت گذاريو. پنهنجي پاڙيسري قادري
جي ساٿ ۾ شاعريءَ سان پنهنجي دلچسپي برقرار
رکيائين ۽ لاڙڪاڻي ۾ موجودگيءَ دوران مشاعرن ۾
شرڪت ٿي ڪيائين.
سندس موجودگيءَ دوران سندس گهر عوامي توجهه جو مرڪز ٿي بڻيو.
ايمپائر روڊ تي پراڻي گهاڙ ڪئنال ۽ قافله سراءِ جي
سامهون وارو اهو گهر تن ڏينهن تائين به کليل
ميدانن واري ايراضيءَ ۾ هو. ان ماڳ متعلق چيو ٿي
ويو ته ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ نادر شاهه پنهنجي
سنڌ مهم دوران ات ڊاٻو ڪيو هو.
روز صبح جو کهڙو صاحب گهوڙي تي سوار ٿي ٻنين جو چڪر ڏيندو هو.
صبح اٺين ڌاري گهر آڏو کليل اڱڻ ۾ اچي ويهندو هو،
جنهن کي رڳو هڪ ڀت ئي گهٽيءَ کان ڌار ٿي ڪيو ۽ اتي
ئي مهمانن ۽ ڪمن ڪارين لاءِ ايندڙن سان ملندو هو.
شام جو وري ڏينهن ٺرڻ تي هو پنهنجي ملاقاتين سان
گڏجڻ لاءِ ويهندو هو، جيڪي ضلعي جي اهم زميندارن
سان گڏوگڏ سڄي ضلعي ۽ ٻين علائقن مان ڪهي آيل عام
ماڻهو هوندا هئا. کهڙي صاحب ٿورڙن لفظن واري عملي
شخص جي ساک ماڻي هئي. هو مسئلا ٻڌي ان جي بنياد
تائين هڪدم پهچي ۽ گهربل قدم هڪدم کڻي وٺندو هو.
0 3 9 1 ع واري ڏهاڪي دوران لاڙڪاڻي ۾ فون نه لڳو
هو، سو واسطيدار آفيسر ڏانهن خط اماڻيو ويندو هو
يا وري ان ڪم لاءِ مخصوص همراه کي ڊوڙائبو هو، يا
جيڪڏهن معاملي جو تعلق ڪراچي يا بمبئي سان هوندو
هو ته ان جي اهميت جو ڪاٿو لڳائي پهريون موقعو اچڻ
تي اتان جي واسطيدار عملدارن سان لهه وچڙ ۾ اچبو
هو. جيڪڏهن مسئلو حل ٿيڻ جوڳو نه هوندو هو ته کهڙو
صاحب ڪو واعدو ڪرڻ يا گوٿناٿ ڪرڻ بدران مسئلن کي
سنئون سڌو ٻڌائيندو هو. ان قسم جي صاف گوئي معمولي
نه هئي، اڻ ٿيڻي ڳالهه لاءِ به مجبور ماڻهن کي
آسرا ڏيڻ ۽ رلائڻ اڳواڻن جو طريقو پئي رهيو. کهڙو
صاحب ڪنهن کي ڪوڙو آسرو ڏيڻ تي يقين نه رکندو هو.
هو انهن ٿورڙن عوامي اڳواڻن مان هڪ هو، جنهن تي عملي مدد لاءِ
انحصار ڪرڻ ممڪن هو ۽ جيڪو دوستن لاءِ هر ممڪن مدد
ڪرڻ لاءِ تيار هو. دوستن ۽ ايستائين جو مخالفن ۾
به هن سڌي سنئين ڳالهه ڪرڻ واري طور ساک ماڻي هئي.
سندس وقت مڪمل طور تي منظم انداز ۾ ۽ مصروف گذرندو
هو، ان ڪري وٽس عمومي سماجي ڏيٺ ويٺ لاءِ تمام
ٿورڙو وقت هوندو هو. کيس مڪمل طور تي نه سڃاڻيندڙ
سندس ڊپ گاڏڙ جذبن سان عزت ڪندا هئا.
ان وقت کهڙو صاحب بُت ۾ چڱِيرڙو هو ۽ جيتوڻيڪ ڊگهو نه هو پر
انتهائي رعبدار شخصيت جو مالڪ هو. هن سگهه ڪتب ٿي
آندي ۽ سوچ کي هڪ دڳ سان لڳائڻ جي وڏي قوت، چٽو
دماغ ۽ ٿوري ڳالهائڻ جي سگهه هئس. سندس پالنا ۽
زندگيءَ ۾ مقام، کيس اعتماد ڏنو ۽ سياسي زندگيءَ
جو اڳيئي ايترو تجربو رکندڙ هو جو پاڻ ۾ پئدا ٿيل
اعتماد جي آڌار تي هو سنڌ ته ڇا سڄي ننڍي کنڊ جي
انهن ايڪڙ ٻيڪڙ اڳواڻن مان هڪ هو جيڪي سرڪاري
عملدارن سان برابريءَ جي بنياد تي ڳالهائيندا هئا.
بمبئي ۾ ليجسليٽو ڪائونسل ۾ شرڪت ڪندي کهڙي صاحب صوبائي هيڊ
ڪوارٽر ڪراچيءَ ۾ تمام ٿورڙو وقت گذاريو. عام طور
تي سرڪاري يا خانگي ڪمن ڪارين لاءِ ئي ترسندو هو.
اتي سندس پنهنجو گهر نه هو ۽ عام طور تي هڪ
انگريزياڻيءَ جي ڪارلٽن هوٽل ۾ ترسندو هو. اهو
مٿين علائقن کان ايندڙن لاءِ انتهائي سولو هوٽل هو
۽ ان ۾ بهترين يورپي انداز جا کاڌا تيار ٿيندا
هئا. 3 3 9 1 ع ۾ پنهنجي شاديءَ کان پوءِ کهڙي
صاحب ڪچهري روڊ تي امپيرل مينشن ۾ هڪ ڪشادو فليٽ
مسواڙ تي ورتو، پر سندس گهڻي ڀاڱي وقت لاڙڪاڻي ۽
ڳوٺ ۾ ٿي گذريو. هاڻ جو ڪراچي خودمختيار صوبي سنڌ
جي راڄڌاني بڻيو، کهڙي صاحب محسوس ڪيو ته وٽس اتي
هڪ گهر هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو هاڻ کيس گهڻو تڻو وقت
ان شهر ۾ گذارڻو هو. هُن بندر روڊ توسيع پويان،
پٽيل پارڪ نالي هڪ پارڪ جي پاسي فقط چوڏنهن پلاٽن
واري نئين جوڙيل مسلم ڪالونيءَ ۾ هڪ پلاٽ ورتو.
اهو علائقو مسلمان آفيسرن لاءِ هو پر مشهور اڳواڻن
کي به اتي گهر ٺهرائڻ لاءِ پلاٽ ڏنا ويا. مسلم
ڪالونيءَ جي هڪ پاسي وڏي شاهي پارسي ڪالوني ۽ ٻئي
پاسي مٿئين طبقي جي هندن جي عامل ڪالوني هئي. پارڪ
جي رخ تي هڪ هزار والن وارو اهو شاندار گهر،
سگهوئي سنڌ جي سياسي جيون ۾ اهميت ماڻيندڙ ائڊريس
4 2 1 مسلم ڪالونيءَ وارو ٿاڪ بڻجي ويو. مسلم
ڪالونيءَ ۾ سندس پاڙيسرين مان ٻه گهر پر ڀرو سنڌ
جي سياست جو ”طوفاني باز“ جي ايم سيد پڻ شامل هو.
سر شاهنواز ڀٽي جو گهر پويان ۽ چوڌاري ٻين مشهور
سياستدانن ۽ مسلمان ڪامورن جا گهر هئا.
بمبئي جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ننڍڙو ۽ خاموش شهر هو. انگريزن کان اڳي
واري ڪراچي جا قديم ترين علائقا مٺودر ۽ کارو در ۽
مهاڻڪو ڳوٺ لياري هئا. انگريزن جي آمد سان مڇي
بندر کي جديد روپ ڏنو ويو ۽ ڪياماڙيءَ کان شهر
تائين سڌي سنئين رسائيءَ لاءِ نيپيئر مول پُل ٺاهي
ويئي. وڌندڙ شهر ۽ بندرگاهه وچ ۾ ڳانڍاپي لاءِ
بندر روڊ ٺاهيو ويو. اها پراڻي شهر ۽ انگريز
عملدارن جي گهرن، سرڪاري عمارتن، ڇانوڻي ۽ سول
لائينز وچ ۾ ورهاڱي جي حد پڻ هئي. بندر روڊ جي
توسيع پويان نون وچولن طبقن ۽ عملدارن جي رهائش
لاءِ نيون رهائشي ڪالونيون قائم ڪيون ويون. نئين
ڪالونين لاءِ سامان سڙو مهيا ڪندڙ سولجر بازار
تائين ٽرام ٿي وئي. ان کان اڳتي جيل هو، جنهن نئين
ڪراچيءَ جي پڄاڻيءَ جو اعلان ٿي ڪيو، جنهن کان
اڳتي جهر جهنگ ۽ ويراني ڀريل ميدان هئا.
0 3 9 1 ع واري ڏهاڪي جي وچ کان جڏهن کهڙي صاحب
ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ وقت گذارڻ شروع ڪيو. تڏهن به هو
پنهنجي ڪٽنب لاءِ وقت ڪڍڻ جي حيثيت ۾ هو. هو
برساتن کان پوءِ پنهنجي زال ۽ ننڍڙين ڌيئرن کي
جبلن تي وندر لاءِ وٺي ويندو هو، جتي جابلو راهن
تي کنڀيون ٿي ڳولهيائون. ٻيڙيءَ تي چڙهي منهوڙي
ٻيٽ ٿي ويا يا وري شام جو واندڪائي ملڻ تي ڪلفٽن
وڃي ڪوٺاري پريڊ تي پسار ٿي ڪيائون، جت پريڊ هيٺ
هوٽل تي آئس ڪريم کائڻ خاص شغل هو. شهر موٽندي هڪ
جرمن جوڙي جي انتظام هيٺ هلندڙ ڪيفي گرانڊ تي
ترسبو هو، جتان گهر جو ٺهيل آئس ڪريم ۽ ڪيڪ، تام
چينيءَ جي ٿانون ۾ کاڌا ۽ چانديءَ نما لڳل ڪوپن ۽
ساسرن ۾ چانهه ٿي پيتي ويئي. کهڙي صاحب هڪ آسٽن
ڪار ورتي هئي، جنهن ٻارن کي ان ڪري به هرکايو ٿي
ته ان ۾ ننڍڙيون ميزون به هيون جيڪي پڪنڪ تي کائڻ
پيئڻ مهل وڇايون ٿي ويون. کيس پنهنجي چوڌاري ٻارن
جي موجودگي انتهائي پسند ايندي هئي ۽ ايستائين جو
عملدارن يا سياستدانن سان ملڻ لاءِ وڃڻ مهل به
ٻارن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو، جيڪي گاڏيءَ ۾
ويهي عبدالله ڊرائيور کان عجيب و غريب قصا ٻڌندا
هئا يا سرڪاري رهائشگاهن جي دروازن تي ٺهيل ڪاٺ جي
ننڍڙين چوڪين ۾ ويٺل پوليس گارڊ ڏسندا هئا.
ان وقت پنهنجي اڪثر همعصرن جيان کهڙي صاحب جي زال به پڙدي ۾
رهندي هئي. ليڊي هارون، ليڊي هدايت الله ۽ بيگم
طيب جيءَ وانگر ڪي تمام ٿورڙيون ئي سياسي ۽ سماجي
سرواڻ ميزبان عورتون پڙدي کان سواءِ هلنديون هيون
۽ ڪنهن زميندار جي زال ته ڪنهن به صورت ۾ پڙدي کان
سواءِ نه ٿي رهي سگهي. ليڊي هارون کهڙي صاحب جي
زال کي پئي چيڙائيندي هئي ”اوه! بيگم کهڙو صاحب
پڙدو ته ڪري ٿي پر ايلفنسٽن اسٽريٽ جي دڪاندارن
کان نه ٿي ڪري.“
چار لک ماڻهن جي آبادي ۽ انتهائي گهٽ ڏوهن وارو ڪراچي صاف سٿرو
۽ آرام ڀريو شهر هو. کهڙي صاحب جا ٻار ويجهڙائي
واري اسڪول ۾ داخل ڪرايا ويا، جتي پيادا ويندا
هئا. ڪڏهن ڪڏهن نوڪر سان گڏجي ٽرام تي چڙهي صدر
وڃي ايلفنسٽن اسٽريٽ جي ڪنڊ واري گلزار هوٽل تي
آئسڪريم کائيندا يا فلم ڏسڻ ويندا هئا، پر عام طور
تي پٽيل پارڪ جي جهُولن ۾ جهُولندا هئا، جتان
مانيءَ مهل گهر سڏبا هئا. پيءُ جي گهر اچڻ جو
سدائين اُڪير سان اوسيئڙو ٿيندو هون، ڇاڪاڻ جو
سندس ڪم يا آرام جا ڪي به وقت مقرر نه هئا ۽ اهو
اڪثر گهر موٽڻ تي چوندو هو: ”اڄ وزارت ڊهي پيئي“.
ٻار اهو سمجهندا هئا ته وزارت به ڪچي ڀت آهي جيڪا
ايترو تڪڙو تڪڙو ڊهيو ٿي پوي.
آڪٽوبر 8 3 9 1 ع ۾ ٽن ڌيئرن کان پوءِ کهڙي صاحب کي پهريون پٽ
ڄائو. اهو ڪٽنب ۽ سڄي زمينداريءَ جي لاءِ انتهائي
خوشيءَ جو موقعو هو. ڇوڪر تي کهڙي صاحب جي والد جي
نالي موجب شاهه محمد نالو رکيو ويو. ان کان پوءِ
سندس ٽي ٻيا به پٽ ڄاوا ۽ کهڙو صاحب پنهنجي پهرين
زال مان هڪ ڌيءَ ۽ ٻي زال مان ٿيل ٻن ڌيئرن ۽ چئن
پٽن ڪري ستن ٻارن جو پيءَ بڻيو.
پهرين اپريل 6 3 9 1 ع تي سنڌ جو نئون گورنر ڪراچيءَ پهتو. سر
لانسيلاٽ گراهم هو ته سينئر آءِ سي ايس آفيسر پر
انتهائي گهٽ صلاحيتن جو مالڪ هو. هندستان جي ننڍن
صوبن مان هڪ ۽ انتهائي نئين جوڙيل صوبي طور سنڌ جي
مرڪز جي ڪا حمايتي ڌر نه هئي، جيڪا بهتر آفيسر
لاءِ پاڻ پتوڙي ۽ تنهن ڪري ان کي جهڙا تهڙا آفيسر
ٿي مليا. سنڌ پنهنجي گورنرن جي حوالي سان انتهائي
اڀاڳي هئي ۽ ايندڙ ڏهن سالن تائين صوبي جا اعليٰ
ترين منتظم اهڙا فرد رهيا جيڪي نه ان عهدي جا اهل
هئا ۽ نه وري نئين خودمختيار صوبي ۾ جمهوري اعتماد
پيدا ڪري سگهيا. غرور ۽ بيوقوفيءَ جي گاڏڙ سر
لانسيلاٽ گراهم جي خامين کان خود وائسراءِ ۽
سيڪريٽري آف اسٽيٽ به واقف ٿي ويا هئا. گراهم جي
ڪراچي پهچڻ کان اڳيئي وائسراءِ نئين گورنر جي
پنهنجي نئين عهدي بابت سوچن متعلق سيڪريٽري آف
اسٽيٽ لارڊ زيٽلينڊ کي لکيو:
”لانسيلاٽ گراهم سگهوئي وطن اچي رهيو آهي ۽ منهنجي
خيال ۾ اوهان کي ان بابت چتاءُ ڏيڻ ضروري ٿو
سمجهان ته هن سنڌ ۾ گورنمينٽ هائوس جي قيام بابت
ڪي وڏا خيال ذهن ۾ ويهاري ڇڏيا آهن. منهنجي خيال ۾
اهو چڱو ٿيندو ته جيڪڏهن هو ان موضوع کي بحث هيٺ
آڻي، جيئن اوهين سندس گهرجون مناسب حدن اندر محدود
رکڻ جي ضرورت بابت کيس سهمت ڪري سگهو.“(1 )
گراهم جي ڪجهه سالن تائين گورنري ڪرڻ کان پوءِ وائسراءِ کي سندس
اهليت جو ڪجهه ڪاٿو هو، وائسراءِ لکي ٿو:
”سندس ذهن جي چوڌاري هڪ ڄار ويڙهيل آهي، جنهن ان
جي استعمال کي هن لاءِ ڏکيو ٿي بڻايو. آءٌ ان کان
وڌيڪ ڪجهه نه ٿو ڀانيان ته کيس ڪو هڪ پل لاءِ به
ادراڪ يا شڪ گذرندو هوندو ته پنهنجي رپورٽن يا
صوبن جي هلائڻ جي حوالي سان هو ماڊل آهي.“(2 )
ان وچ واري عرصي دوران جيستائين جو چونڊيل حڪومت وجود ۾ اچي، سر
شاهنواز ڀٽي کي حڪومت ۾ صلاحڪار طور مقرر ڪيو ويو
هو. گورنر جي همڪاريءَ لاءِ هڪ صلاحڪار ڪائونسل
جوڙي وئي، کهڙو به ان ڪائونسل جي ميمبرن ۾ شامل
هو. سنڌ جو انتظامي عملو انتهائي محدود مقرر ڪيو
ويو. گورنر سان گڏوگڏ گبسن روينيو ڪمشنر ۽ ليمبرڪ
سميت ٽي سيڪريٽري جي سطح جا عملدار هئا. چيف
سيڪريٽري هندو عملدار ڪرپالاڻي هو، جيڪو ڀٽي سان
تمام ويجهو هو ۽ گراهم جي چوڻ مطابق:
”شاهنواز مون سان تمام وفادار ۽ مددگار ثابت ٿيو
آهي. باوجود ان جي جو مٿس الزام هو ته هو
ڪرپالاڻيءَ جي هٿ جي ڏوئي هو.“
اڳتي هلي هدايت الله ۽ ڀٽي جي ويڇن بابت ڳالهائيندي چيائين:
”غلام حسين موجب سنڌ تي ڪرپالاڻي راڄ ٿو ڪري پر
آءٌ نه ٿو سمجهان ته ڪو اهو درست آهي، مون شاهنواز
۽ غلام حسين کي گڏ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيس
....“(3 )
گراهم حيرت انگيز طور تي کهڙي صاحب خلاف عداوت رکڻ لڳو، جنهن جو
اظهار سنڌ ۾ سندس آمد جي ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ 7
3 9 1 ع جي شروعات ۾ سنڌ ۽ ان جي سياستدانن جي
جوڳي تجربي کان اڳ بري بارن کي لکيل سندس خط مان
ٿئي ٿو ۽ اهو ڪجهه يقيناً سندس ذهن ۾ کهڙي صاحب جي
مخالفن ئي ڀريو هوندو. هڪ انگريز ”ڊريو“ جي جاءِ
تي لاڙڪاڻي جي نئين ڪليڪٽر جي مقرري بابت گورنر کي
لکندي هو چوي ٿو:
”آءٌ لاڙڪاڻي جي ڪلڪيٽر طور ڊريو کان عهدو وٺي
پنجابيءَ کي اماڻڻ تي دوستاڻو احتجاج ٿو ڪريان.
ڪرپالاڻي موجب پنجابيءَ جي ساک هڪ ڏڦيڙيءَ واري
رهي آهي، جيڪو غلام حسين جي شينهن واري خصلت
سامهون گدڙ جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، کهڙي صاحب
سان خاصو گهرو ليکيو ٿو وڃي. جيڪڏهن ڪرپالاڻي جي
الزام ۾ ڪو دم خم آهي ته پوءِ پنجابيءَ کي لاڙڪاڻي
اماڻڻ هڪ غلطي آهي، اهو کهڙي صاحب کي سڌو سنئون
همٿائڻ پڻ ليکبو (جنهن کي ڊريو ڊاهي پٽ ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندو رهيو. ليکڪه) ۽ شاهنواز تي سڌو سنئون
حملو هوندو جنهن جو سمورو نه ته به گهڻي ڀاڱي ٻني
ٻارو لاڙڪاڻي ۾ آهي .... مختصر اهو ته ان صورت ۾
مون کي لاڙڪاڻي لاءِ ڪو انگريز گهرجي ۽ جيڪڏهن
انگريز نه ٿو ملي ته پوءِ هندوءَ تي ڪنهن مسلمان
کي ترجيح ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن ان عهدي لاءِ ڪو مناسب
مسلمان ناهي ته مون کي پنجابيءَ کان علاوه ڪو هندو
قبول هوندو. توهان کي ذهن نشين هئڻ گهرجي ته
منهنجي اڳيان هي اعتراض رکندي ڪرپالاڻي کي ڪيتري
ڏکيائي اچي رهي آهي (۽ مون کي پڪ آهي ته اوهين
اهڙو ڪجهه نه ڪندا، جنهن سان کهڙي صاحب جي زندگي
سولي يا شاهنواز جي ڏکي ٿئي.“) (4 )
ان ريت شروعات کان ئي گراهم شايد جيئن خط مان ظاهر ٿئي ٿو بري
بارن جي ورتاءُ جي پوئواري ۾ کهڙي صاحب سان ڦيٽ
کائيندو رهيو. اها سرڪاري مخالفت جيڪا کهڙي صاحب
جي سياسي ڪيريئر ۾ ان دوران به هئي جڏهن سنڌ
بمبئيءَ جو حصو هئي ۽ اها روش خود مختياريءَ وارو
سڄو عرصو ۽ بعد ۾ آزاديءَ کان پوءِ به کهڙي صاحب
سان رهي. ان جو اهم سبب کهڙي صاحب جي ڪامورن آڏو
نه جهڪڻ يا غلام نسل طور هڪ طئي شده ورتاءُ قبولڻ
کان انڪار هو. جن گوڏا کوڙيا ٿي تن کي سرڪاري
پٺڀرائي حاصل پئي ٿي ۽ تڪليفن ۽ ايذائن کان بچي ٿي
ويا پر کهڙو صاحب پنهنجي عوام لاءِ اڳڀرو هو ۽ ان
ڪري اعليٰ عملدارن وٽان ناراضپو ماڻيائين.
کهڙي صاحب کي خود مختيار سنڌ جي سياسي آئيندي مان
تمام گهڻيون اميدون هيون. ڪامياب تنظيم ڪاريءَ ۽
علحدگيءَ لاءِ ويڙهه جي انداز صوبي ۾ سياسي شعور
وڌايو هو ۽ مسلمان اڳواڻن کي سنڌ جي مُستقبل سان
لاڳاپيل معاملن/ مسئلن کان سجاڳ ڪيو هئائين. جيئن
صوبي جي علحدگيءَ کان هڪدم پوءِ سنڌ جي مسلمان
اڳواڻن جي حيثيت بابت هڪ ليکڪ تجزيو ٿو ڪري:
”سنڌ جي علحدگيءَ واري جدوجهد جي پڄاڻيءَ تي سنڌي
مسلم قيادت سياسي سوڀ جي سڀ کان مٿانهين نُڪتي تي
پهتل ٿي نظر آئي، هنن پاڻ ۾ ايڪتا جو هڪ وسيع سنگ
ميل حاصل ڪيو هو، هن آل انڊيا سطح جي مسلم قيادت
سان ويجها ناتا جوڙيا هئا ۽ هو سنڌ جي نئين خود
مختيار صوبي ۾ اقتدار جا نوان واڳ ڌڻي بڻجي سامهون
آيا هئا. سوال اهو سامهون رهيو ته ڇا سنڌ ۾ مسلم
قيادت سياسي سگهه واري پنهنجي حيثيت برقرار ۽
مستحڪم رکي سگهندي يا هو قيادت جو بار نه کڻي
سگهندڙ ڪُلها ثابت ٿيندا.“ (5 )
سڀني سياسي اڳواڻن مان کهڙو صاحب بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ۽ ان
کان ٻاهر هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصو ڦيٽ کائڻ جي
نتيجي ۾ انهن مامرن تي سڀ کان وڌيڪ حساس هو. سندس
شخصيت ۽ سندس تجربي سبب سندس انداز بنيادي طور تي
عملي هو. هو سپنن جي آڌار تي هلندڙ شخص نه هو، پر
هن محسوس ٿي ڪيو ته ڪي ٿورائي اهڙا مسئلا هوندا جن
جو حل ناممڪن آهي. هن پاڻ کي اهڙي فرد طور ڏسڻ ٿي
چاهيو، جيڪو سڀ ڪم ڪري ڇڏي ۽ عليحدگيءَ واري
جدوجهد جي پنهنجي تجربي مان محسوس ڪيائين ته ڏکيا
مقصد به سخت محنت ۽ مستقل مزاجيءَ سان ماڻي سگهجن
ٿا. هو ان حقيقت کان گهڻي ڀاڱي واقف هو ته ڪو
ڪارائتو پروگرام فقط چڱيءَ ريت منظم ۽ ضابطي ڀري
جماعت وسيلي ئي لاڳو ڪري سگهجي ٿو. سندس خيال ۾
بنيادي هڪجهڙائيءَ لاءِ استعمال هيٺ ايندڙ سولو
ترين مامرو اڳيئي 2 3 9 1 ع ۾ قائم ٿيل سنڌ آزاد
ڪانفرنس جي ڍانچي طور موجود هو، جنهن جو کهڙو صاحب
پاڻ وائيس چيئرمين هو. ان ڪري ئي خود مختياريءَ جي
رسمي افتتاح کان اڳ هن سنڌ آزاد ڪانفرنس جي گڏجاڻي
ڪوٺائڻ لاءِ چيو. اها گڏجاڻي آگسٽ 5 3 9 1 ع جي
ٽين هفتي دوران ٿي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته هاڻ جو
خود مختياري حاصل ٿي وئي آهي، سنڌ ۾ فرقيوار هم
آهنگيءَ جو هڪ نئون باب سنڌ ۾ شروع ڪرڻ گهرجي ۽ سڀ
کان پهرين غير فرقيوار بنيادن تي هڪ نئين پارٽي
منظم ڪئي وڃي.
کهڙي صاحب اهو به محسوس ڪيو ته انتهائي اهم مامرو
جنهن تي هڪدم ڌيان ڏيڻ جي شديد ضرورت آهي، سو
زراعت سان لاڳاپيل ڌر جي تيزيءَ سان تباهه ٿيندڙ
حالت آهي. ننڍڙا زميندار ۽ مالڪيءَ وارا آبادگار
خاص طور تي سويلين قانونن جي ماري سبب تيزيءَ سان
پنهنجو ٻني ٻارو وڃائي رهيا هئا. هن قرضي آبادگارن
جي واهر لاءِ درست قانون سازي ٺاهڻ لاءِ ڪوشش تي
تمام گهڻو وقت ۽ پورهيو سيڙايو هو ۽ هاڻ خود
مختياري حاصل ٿيڻ تي محسوس ٿي ڪيائين ته اها صوبي
جي آئين ساز اداري ۽ انتظاميا جي ترجيح هئڻ گهرجي.
پنجاب جي يونينسٽ پارٽيءَ واري انتهائي ڪامياب
ماڊل کي سامهون رکندي گڏجاڻيءَ فيصلو ڪيو ته سنڌ
آزاد ڪانفرنس کي هڪ نئي سياسي پارٽيءَ ۾ تبديل ڪيو
وڃي.
”جمهوري انداز ۽ غير فرقيوار بنيادن تي خاص طور تي
زراعت پيشي وارن ۽ عمومي طور سڄي صوبي جي مفادن جو
تحفظ ڪرڻ واسطي“(6 ) رٿيل پارٽيءَ جا اهي منصوبا
سگهوئي ظاهر ٿيل ذاتي اختلافن سبب تباهه ٿي ويا.
ٿورڙن ئي ڏينهن اندر جي ايم سيد صاحب سنڌ آزاد
ڪانفرنس جي گڏجاڻيءَ کي ڪورم جي اڻهوند ۽ کهڙي
صاحب تي بالادستي مڙهڻ جو الزام ڌريندي ڪم ۾ رخنو
وڌو. ڪنهن مڪمل طور تي ڏاهپ ڀري رٿا کي ڦٽائڻ سيد
صاحب جو اهو آخري ڪم نه هو، ان جو ڪنهن حد تائين
سبب شايد اهو هو ته منجهس مناسب انتظامي تجربو نه
هو يا کيس اهو اندازو نه هو ته ڪهڙي شيءِ ممڪن آهي
۽ ڪهڙي شئي ناممڪن هئي. ان ريت عليحدگي واري
جدوجهد جي لاڀن کي محفوظ ڪرڻ ۽ انهن کي خود مختيار
صوبي لاءِ هڪ تعميري پروگرام ۾ تبديل ڪرڻ واري
پهرين ڪوشش سگهوئي ناس ٿي ويئي. هاڻ ميدان وسيع
طور تي کليل هو ۽ سنڌ جا اڳواڻ پارٽين جي اڳواڻيءَ
لاءِ پنهنجي هٿ وس ڪوششن لاءِ آزاد هئا.
شيخ عبدالمجيد پنهنجي ”سنڌ آزاد پارٽي“ قائم ڪئي جيڪا پنهنجي
شروعاتي جوش و خروش جي باوجود سنڌ جي سياست ۾ ڪو
خاص ٻوٽو ٻاري نه سگهي. اها پهرين پارٽي هئي جنهن
مسلم ليگ سان الحاق ڪيو، جيڪا جناح صوبائي
خودمختياري واري نئين آئين تحت منظم ڪرڻ جي ڪوشش
ڪري رهيو هو. شيخ عبدالمجيد جو پنهنجي پارٽي منظم
ڪرڻ ۽ مسلم ليگ سان سهڪار ڪندي ڪم ڪرڻ سوڀارو عمل
ثابت نه ٿيو ۽ مسلم ليگ پسمنظر ۾ رهي، جڏهن ته
صوبائي بنيادن ۽ مفادن واريون جماعتون ئي اڳڀريون
رهيون. سنڌ آزاد ڪانفرنس جو تسلسل برقرار رکڻ
واريون کهڙي صاحب جون ڪاوشون ناڪام ٿيون ۽
عليحدگيءَ واري جدوجهد سان لاڳاپيل گهڻي ڀاڱي
اڳواڻن ايندڙ چونڊن لاءِ ڪو تنظيمي انتظام ڪرڻ
واسطي ڪجهه ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي ڪئي.
”ٽائيمس آف انڊيا“ اخبار موجب عبدالله هارون صاحب
زرعي بنياد ۽ غير فرقيوار طرز تي (پنجاب جي
يونينسٽ پارٽي جي طرز تي) هڪ پارٽي قائم ڪرڻ لاءِ
پاڻ پتوڙي رهيو هو. هڪ پاسي سر شاهنواز ڀٽو صاحب
۽ سر غلام حسين هدايت الله صاحب وچ ۾ جَڳ پڌرا
اختلاف ۽ ٻئي پاسي هدايت الله ۽ هارون وچ ۾ تلخ
ڦڏو هئڻ سبب ڏکيائين جا امڪان پيدا ڪيا ويا. رٿيل
گڏجاڻي مختلف مخالفن ۾ هڪ مقصد تحت سرچاءُ ڪرائڻ
جي ڪوشش هئي.
کهڙي صاحب جي ڪا پارٽي منظم ڪرڻ جي ڪوششن کان ڪو
سال کن پوءِ جون 6 3 9 1 ع ۾ سنڌ جا اڳواڻ هارون
جي گهر گڏ ٿيا. گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيندڙن ۾ هدايت
الله، ڀٽو، کهڙو، الله بخش سومرو، جي ايم سيد،
ميران محمد شاهه ۽ حاتم علوي شامل هئا. پارٽي
پروگرام تي بحث ڪيو ويو ۽ عمومي يڪراءِ جو مظاهرو
ڏسڻ ۾ آيو. پارٽيءَ طرفان بيهارجندڙ امڪاني
اميدوارن تي پڻ ڪجهه بحث ٿيو. سنڌ جي سياسي قيادت
طرفان زرعي شعبي جي قرضن جي حل لاءِ ڳڻتيءَ جي
اظهار طور پارٽيءَ جو پروگرام زراعت مائل هو.
پارٽيءَ جو افتتاح هارون جي گهر تي شاهاڻي انداز ۾
ٿيو، جت گورنر کان وٺي سمورا اهم عملدار ۽ سياسي
قيادت پڻ موجود هئي.
پر پارٽي ٺاهڻ جي اها ڪوشش به ناڪام ٿي جو مختلف مقصد رکندڙ
اڳواڻ ان ۾ شامل هئا. وڏو ٽڪراءُ ڀٽي صاحب ۽ هدايت
الله صاحب وچ ۾ هو جيڪي ٻيئي صوبي جو پهريون وزير
اعظم ٿيڻ جا خواهشمند هئا.
انهيءَ ناڪاميءَ کان پوءِ ڪا سياسي تنظيم جوڙڻ جي ٿيندڙ ڪوشش
آڪٽوبر 6 3 9 1 ع ۾ ٿي. هن ڀيري به هارون جي گهر
اجتماع ٿيو ۽ سمورن اهم اڳواڻن ان ۾ شرڪت ڪئي. اُت
يڪراءِ نظر اچڻ لڳي ۽ پروگرام جو اعلان ڪيو ويو
جيڪو گهڻي ڀاڱي اڳوڻو ئي هو. چونڊيل عهديدارن ۾
هارون پارٽي سربراهه، ڀٽو ۽ هدايت الله ڊپٽي اڳواڻ
۽ گذدر صاحب ۽ کهڙو صاحب سيڪريٽري هئا. آخري لمحي
تي سيد ميران محمد شاهه کي سيد گروپ جي نمائندي
طور شامل ڪيو ويو. ان مرحلي تي وچولي سنڌ جي ٻن
طاقتور برادرين/قبيلن وارن پروگرامن جي نمائندگيءَ
تي اختلاف راءِ پيدا ٿيو.
سيد صاحب سنڌ جي سياست ۾ اهم گروپ هئا. سکيا ستابا سيد ڪٽنب
سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن تي ٿانيڪا هئا. ساڄي ڪناري
تي سن نالي ڳوٺڙو سياسي سيدن مان اهم ترين جي ايم
سيد صاحب جو هيڊ ڪوارٽر هو ۽ کاٻي ڪناري تي ڏکڻ ۾
نوابشاهه کان وٺي اولهه ۾ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص
تائين اهم سيد ڪٽنب هئا. خود مختياري حاصل ٿيڻ سان
هو هڪ اهم سياسي گروپ طور اهميت اختيار ڪري ويا ۽
سندن فطري اڳواڻ جي ايم سيد صاحب اڳيئي پنهنجو پاڻ
کي اڳئين صف جي اڳواڻ طور مڃرائي چڪو هو. هاڻ نئين
مسلم سياسي پارٽي ٺهڻ تي هن سيد گروپ جي نمائندگي
ٿي چاهي ۽ سندس نامزد همراهه سيد ميران محمد شاهه
هو جنهن سائمن ڪميشن جي رپورٽ ۾ اختلافي نوٽ لکي
عليحدگي واري جدوجهد ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو هو.
سياسي طور تي اوترائي اهم سنڌ جا اڳوڻا حڪمران ۽ جاگير جا مالڪ
ٽالپر هئا. هو وچولي ضلعن ۾ انتهائي با اثر هئا.
ٽالپرن جون مختلف شاخون حيدرآباد، ميرپور خاص يا
ٿرپارڪر ۽ ڪنهن حد تائين خيرپور ضلعن ۾ پکڙيل
هيون. گروپ طور هو هدايت الله صاحب جا حمائتي ۽
سيدن جا مخالف ليکيا ٿي ويا. هاڻ جو ميران محمد
شاهه کي سيد گروپ جي نمائندي طور نائب صدر بڻايو
ويو هو، سو ڪنهن مير کي به عهديدار بڻائڻ لازمي ٿي
پيو هو. کهڙي صاحب رٿيو ته جيئن ته مختلف گروپن جي
بنياد تي عهدا ورهايا ويا آهن سو بمبئي ليجسليٽو
ڪائونسل جي ميمبر رهيل ۽ کهڙي صاحب جي حمائتي نواب
شاهه جي طاقتور سيد ڪٽنب جي عيوضي سيد نور محمد
شاهه کي به عهدو ڏنو وڃي.
ان کان سواءِ اهو هاڻ هڪ کليل راز هو ته هارون پارٽي قيادت ڀٽي
جي حوالي ڪرڻ وارو هو، جيڪا تبديلي هدايت الله
صاحب کي کُکي ٿي. جيستائين کهڙي صاحب جو تعلق هو،
هو پنهنجي لاڙڪاڻي واري ڀيچيءَ کان امڪاني طور تي
حاصل ٿي سگهندڙ غير دوستاڻي ورتاءُ کي برداشت ڪرڻ
جوڳو هو ۽ ماضيءَ جيان عظيم مقصد لاءِ هُن سان
گڏجي ڪم ڪري پئي سگهيو. پر آخري مرحلي ۾ ڀٽي
عليحدگيءَ واري جدوجهد ۾ مبهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽
کهڙو صاحب سندس سياست کان مايوس هو. سو مجموعي طور
تي هن ڀٽي کي پارٽي سربراهه طور نه ٿي ڏسڻ چاهيو.
جڏهن ڪو سرچاءُ نه ٿي سگهيو ته هدايت الله ميڙ مان اٿيو ۽ کهڙي
صاحب سان گڏجي پنهنجي ڌار مسلم جمهوري پارٽيءَ جو
اعلان ڪيائين. هدايت الله جو پنهنجو ڪو سياسي
بنياد ته نه هو پر پنهنجي ڊگهي اقتداري عرصي ۽
سفارتي ۽ سياسي اهليت سان سنڌ ۾ چڱو موچارو اثر
پئدا ڪري ويو هو، جڏهن ته کهڙي صاحب وٽ سڄي سنڌ ۾
بيشڪ سگهارو سياسي بنياد هو. مير گروپ وچولي سنڌ
مان پنهنجو اثر رسوخ سندس پلڙي ۾ وڌو ۽ ان ريت ٻين
جڙيل ڌرين جيان اها به هڪ سياسي ڌر بڻجي ويئي.
اهو واضح هو ته عليحدگيءَ لاءِ جدوجهد جي املهه ايڪتا هاڻ ختم
ٿي اقتدار لاءِ مختلف ٽولن جي پتوڙ ۾ تبديل ٿي چڪي
هئي. سياسي اڳواڻن تي ڪنهن سياسي وابستگيءَ کان
محروم هئڻ ۽ رڳو عهدا ماڻڻ جا الزام ڌريا ويا. اهي
الزام مڪمل طور تي درست نه به هئا. سندن جوڙيل
جماعتن وٽ اهي معاشي ۽ سماجي پروگرام هئا، جن جي
انهن پوئواري ڪرڻ ٿي چاهي. يونائيٽيڊ پارٽي ۽ مسلم
ڊيموڪريٽڪ پارٽي ٻنهي پنهنجي ترجيح صوبي جي زراعت
جي حالت ۽ ڳوٺاڻي آباديءَ کي ڏني هئي، جنهن جي وڏي
اڪثريت مسلمانن جي انتهائي پوئتي پيل هئي. ان ريت
جيستائين سنڌ ۾ حالتن جي حقيقتن جو تعلق هو اهي
ٻئي جماعتون پنهنجي درست حدف تي هيون پر سندن
طريقا اڻ ڄاتل هئا. اهو جاچڻ اڃان باقي هو ته هو
پنهنجي ظاهر ڪيل مقصدن سان ڪيترو سچا هئا ۽ پنهنجي
ذاتي ۽ گروهي اختلافن جي ڪيترو ور ٿي چڙهيا.
سنڌ جي سياستدانن تي سندن آل انڊيا سطح جي سياست کان ويڳاڻپ جو
مظاهرو ڪرڻ تي به تنقيد هئي ۽ گهڻي ڀاڱي صوبي جي
معاملن تي ئي انحصار ٿي ڪيائون. اهو درست آهي ته
خود مختياري حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌي سياستدانن
جيڪي خلافت تحريڪ ۽ عليحدگي واري جدوجهد دوران آل
انڊيا سطح تي ڪردار ادا ڪري رهيا هئا تن پنهنجو
پاڻ کي صوبائي مفادن تائين محدود ڪري ڇڏيو هو. پر
ان ورتاءُ لاءِ ٺوس جواز هو. گورنمينٽ آف انڊيا
ايڪٽ 5 3 9 1 ع جي لاڳو ٿيڻ ۽ صوبائي خود مختياري
ملڻ کان پوءِ هندستان ۾ سياستدانن مرڪز کان هٽڻ ۽
پنهنجي اڱڻ ۾ جڙندڙ نون اقتداري مرڪزن ۾ پير ڄمائڻ
جي ڪوشش ڪئي. اهو ڪجهه به هجي سندن پهرين ڳڻتي
هئي. يعني پنهنجي ماڻهن جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪرڻ ۽
سالن کان ڏور ويٺل غير واسطيدار حڪومت جي نظر
انداز ڪيل معاملن کي جاچڻ. ان ريت ئي پاڙيسري صوبي
پنجاب ۾ سياسي جيون کي سهيڙيو ٿي ويو. جتي يونينسٽ
پارٽيءَ تحت سياسي ۽ فرقيوار هم آهنگي ماڻي ٿي
وئي، جيڪو امر ٻين صوبن لاءِ مثالي هو. در اصل سنڌ
۾ ڪيترائي ڀيرا پنجاب جي يونينسٽ پارٽي جي طرز تي
ڪا جماعت جوڙڻ جون ڪوششون ٿيون پر سنڌ ۾ سماجي
حالتون مختلف هئڻ ڪري ان ۾ ڪاميابي نه ٿي سگهي.
هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ فرقيوار ورهاڱو ڳوٺاڻي ۽
شهريءَ وچ ۾ سماجي ورهاڱو پڻ هو.
بهرحال اعتماد يا سياسي تناسب کان محروم اقليتي برادرين ابتدا ۾
پنهنجي صوبن کان ٻاهر آل انڊيا سطح جي تنظيمن کي
پنهنجي پلڙي کي ڳورو ڪرڻ لاءِ نهاريو. ان ريت سنڌ
۾ هندن مقامي سياست ۾ مدد ڏيڻ واسطي ڪانگريس ڏانهن
واجهايو ۽ ان جي ساک پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ
لاءِ صوبي ۾ ڪانگريس کي بقا ڏني. ساڳيءَ ريت گڏيل
صوبن، بهار ۽ وچولي صوبن ۾ مسلم اقليت آل انڊيا
مسلم ليگ جي حمايت ڪئي ۽ ان کي استعمال ڪيو. تنظيم
تي پنهنجي انتهائي گهڻي اثر رسوخ ۽ جناح جهڙي قابل
قانوندان جي وڪالت سان هو مسلم ليگ جي پاليسين کي
پنهنجي طرز تي جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيا، جنهن جي ابتدا ۾
مسلم اڪثريتي صوبن مان مزاحمت پڻ ٿي. سندن پروگرام
جي رڪاوٽن جي واضح ٿيڻ تي ئي مسلم اڪثريتي صوبن جا
مسلمان آل انڊيا تنظيمن خاص طور تي مسلم ليگ ڏانهن
لڙيا.
ان ريت چونڊن جي موقعي تي ٽي اهم جماعتون سنڌ جي مسلمانن جي
نمائندگي ڪري رهيون هيون. جيتوڻيڪ يونائيٽيڊ پارٽي
هندو ۽ مسلمانن ٻنهي کي قبولڻ جي ڳالهه ٿي ڪئي پر
ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ هندن ئي ان رعايت مان لاڀ حاصل ڪيو.
اهي ٽي پارٽيون عبدالله هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو جي
سرواڻيءَ ۾ يونائيٽيڊ پارٽي، سر غلام حسين هدايت
الله ۽ کهڙي صاحب جي مسلم ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ شيخ
عبدالمجيد جي سنڌ آزاد پارٽي هيون.
هندن جون پنهنجون تنظيمون هيون، جن ۾ ڪي پاڻ کي آل انڊيا
ڪانگريس سان ڳنڍي رهيون هيون ته ٻيون جهڙوڪ سنڌ
هندو سڀا ۽ هندو آزاد پارٽي آزاد طور سنڌ سطح جون
هيون. ڪوبه هندو ٽن وڏين پارٽين جي ٽڪيٽ تي چونڊ
نه وڙهيو. اهي چونڊون 7 3 9 1 ع جي شروعات ۾ ٿيون.
ووٽ ڏيڻ جو حق انهن تائين محدود هو جن گهٽ ۾ گهٽ
زميني يا گهرو ٽيڪس ٿي ڏنو. جيتوڻيڪ اهو گهڻو وسيع
ڪيو ويو هو ۽ بمبئي جي ڀيٽ ۾ ووٽ ڏيڻ جي اهليت
گهٽائي وئي هئي. جڏهن ته سنڌ ليجسليٽو ڪائونسل ۾
پنهنجا تيرهن عيوضي ٿي اماڻيا يعني نو ڳوٺاڻي
علائقي مان، چار شهري علائقن مان.
نئين سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي سٺ ميمبرن جو ايوان ٿيڻي هئي.
فرقيوار ايوارڊ سان ٺهڪاءُ ۾ جيڪو 5 3 9 1 ع واري
ايڪٽ جي انتظامن جو حصو بڻيو، ڌار نمائندگي (Seperate
electorates)
۽
Weightage کي ڪجهه عرصي تائين آئين جي حصي طور جاري رهڻو هو. Weightage
واري آئيني شق تحت اڪثريتي برادرين جي قيمت تي به
صوبائي اسيمبلين ۾ اقليتن کي وڏي شاهي نمائندگي
ڏني ٿي وئي، سنڌ ۾ مسلمانن جي اڪثريت اسيمبليءَ ۾
گهٽجي وئي ۽ تعداد جي لحاظ کان حتمي بدران معمولي
اڪثريت ۾ تبديل ٿي وئي. ان حقيقت جا صوبي جي سياست
تي ڏور رس اثر پيا. آباديءَ جي تناسب طور مسلمانن
کي 0 6 مان گهٽ ۾ گهٽ 2 4 سيٽون ملڻ کپنديون
هيون جيڪا انتهائي جوڳي اڪثريت ٿئي ها. پر هاڻ
مسلمانن کي 4 3 سيٽون ملڻيون هيون ۽ باقي ڇڏيل
اڻويهه عمومي (غير مسلم) سيٽون، ٻه يورپي، ٻه
آبادگارن، هڪ پورهيت ۽ ٻه چئمبر آف ڪامرس جي
عيوضين ۾ ورهايون ويون. مسلمانن لاءِ هڪ وڌيڪ خراب
صورتحال اها هئي ته سراسري مسلم تڪ کي 3 5 3 7 8
ماڻهن جي آباديءَ تي مقرر ڪيو ويو جڏهن ته عمومي
تڪ ان کان گهٽ يعني 1 0 0 ،8 5 جي آباديءَ تي
مشتمل هو ان کان سواءِ 9 8 0 3 چورس ميلن واري
مسلم تڪ جي ايراضي 5 9 4 1 چورس ميلن واري عمومي
تڪ کان ٻيڻي هئي ۽ عمومي تڪ ۾ ووٽرن جو سراسري
تعداد مسلم تڪ جي ڀيٽ ۾ اڌ کان ڪجهه گهڻو هو.
پنهنجي نمائندگيءَ جي مقدار ۾ اها جوڳي ڪٽوتي هئي جيڪا اڪثريتي
صوبن جا مسلمان اقليتي صوبن جي مسئلن جي جوڳي
نمائندگيءَ جي قيمت طور ڀري رهيا هئا. اهو وهنوار
9 1 9 1 ع وارن سڌارن ۾ پڻ منظور ڪيو ويو هو، جو
مسلم اڪثريتي صوبا پنهنجي فائدي جو ٻليدان ڏئي
اقليتي صوبن جي مسلمانن کي سندن تعداد کان وڌيڪ
اسيمبلين ۾ نمائندگي ڏياري رهيا هئا. حتمي پوتاميل
۾ اهو انتظام غير اطمينان بخش هو ڇاڪاڻ جو اڪثريتي
صوبن جا مسلمان پنهنجي سگهه وڃائي ٿي ويٺا ۽ مضبوط
۽ مستحڪم حڪومتون قائم ڪرڻ ۽ ضروري ۽ فوري قانون
سازي ڪرڻ کان قاصر هئا. کين گهڻو تڻو وقت سياسي
حرفتن تي کپائڻو ٿي پيو جيڪو هونئن ٺوس ڪم تي ڪتب
اچي ها. سنڌ ۾ ان جو نتيجو خاص طور تي هاڃيڪار
هو. انهيءَ قانون جي پوئواري طور مسلمانن وٽ
انتهائي قليل اڪثريت ٿي رهي ۽ انتهائي اُتساهيل
هندو ڪيترن ئي مسلمان ميمبرن کي پنهنجي پاسي ڪري
پنهنجي پسند جي حڪومت جوڙي ٿي ويا.
کهڙو صاحب جيڪو بمبئي ڪائونسل جي انتهائي منظم ۽
مضبوط مسلم گروپ سان وابسته رهي چڪو هو ۽ مستقل
مزاجيءَ سان عليحدگيءَ لاءِ سياستدانن جي وڏي شاهي
۽ منظم گروهه خلاف ڪم ڪري چڪو هو، تنهن لاءِ
ميمبرن جو اهو ڦرڻو گهرڻو انداز هڪ نئون ۽ عجيب
تجربو هو. سندس اها توقع ته عليحدگي ۽
خودمختياريءَ کان پوءِ معطل ۽ پوئتي پيل اڪثريتي
آباديءَ جي سماجي ۽ معاشي بهتريءَ واري پروگرام تي
ڌيان ڏنو ويندو، خواب ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ جو وابستگين
کان وانجهيل ميمبرن آڏو پهرين ترجيح پنهنجا ذاتي
مفاد هئا. خودمختياريءَ جا مقصد پرهه ڦٽيءَ جي
تاري جيان گم ٿي وري پاڪستان جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻا
هئا. پر اهي ايندڙ ڏهن سالن جا تجربا هئا ۽ ان
دوران چونڊن ڪرائڻ جو مرحلو درپيش هو.
چونڊن جو طريقو پڻ تبديل ڪيو ويو هو ۽ تڪ هاڻ ايڏا وڏا نه هئا
جيترا بمبئي ڪائونسل لاءِ هئا. کهڙو صاحب پنهنجي
لاڙڪاڻي تعلقي مان چونڊ وڙهي رهيو هو ۽ کيس بنا
مقابلي چونڊجي اچڻ جي اميد هئي. بهرحال شاهنواز
ڀٽو صاحب جو گروپ توقع رکي رهيو هو ته کهڙو صاحب
سندن مخالفت ڪندو، سو سندس خلاف هڪ اميدوار بيهاري
کيس پنهنجي تڪ ۾ مصروف رکيائون. عمومي اصول ۽ عملي
وهنوار طور کهڙي صاحب هر ممڪن طور تي سر شاهنواز
صاحب سان سخت اختلافن کان پاسو ٿي ڪيو ۽ 0 3 9 1 ع
تائين سندن ناتا انتهائي گهرائپ وارا هئا، جيتوڻيڪ
ڀٽو طرفان سائمن ڪميشن جاچ دوران سنڌ جي عليحدگي
خلاف موقف اختيار ڪرڻ سان تحريڪ کي پهتل نقصان جي
نتيجي ۾ اهي واسطا گهرا نه رهيا، پر بعد ۾ جڏهن
ڀٽي عوامي راءِ جي سگهه ۽ عليحدگيءَ جي حاصلات کي
عمل ۾ ايندي ڏٺو ته پنهنجو موقف ان جي حمايت ۾
تبديل ڪيائين ته سندن سياسي سهڪار ٻيهر بحال ٿيو.
بهرحال کهڙو صاحب تڏهن به مقصد سان سندس سچائيءَ
تي شڪي هو ۽ عوامي زندگيءَ ۾ سندس مول متن کي شڪ
جي نظر سان ٿي ڏٺائين.
7 3 9 1 ع وارين چونڊن ۾ هن ڀٽي صاحب جي حمايت ته
نه ٿي ڪرڻ چاهي پر سندس مخالفت جي معاملي ۾ به
حساس هو. ڀٽي صاحب جي مخالفن ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب
بيٺو جنهن جو لاڙڪاڻي ۾ ڪو سياسي پسمنظر نه هو ۽
رڳو خلافتي اڳواڻ طور سندس ساک هئي. ان ريت هن
گورنر صاحب جي صلاحڪار شاهنواز ڀٽي صاحب خلاف چونڊ
وڙهڻ لاءِ پاڻ کي پيش ڪري وڏو جوکم کنيو هو. ائين
لاڙڪاڻو چونڊن جي حوالي سان دلچسپيءَ ڀريو ماڳ
بڻجي ويو، جتان ٽنهي پارٽين جا اڳواڻ سنڌ
يونائيٽيڊ پارٽي جو شاهنواز ڀٽو صاحب ۽ سيد صاحب
جي آزاد پارٽي جو شيخ عبدالمجيد صاحب لاڙڪاڻو اتر
مان ۽ سنڌ مسلم ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو ڊپٽي اڳواڻ
کهڙو صاحب لاڙڪاڻو اوڀر مان چونڊ وڙهي رهيا هئا.
شيخ عبدالمجيد صاحب انتهائي ڏاهپ سان پنهنجي چونڊ مهم هلائي.
علمائن جي حمايت حاصل ڪري ورتائين. جن تازو ئي لڳل
آڪٽراءِ ٽيڪس لاءِ شاهنواز ڀٽو صاحب کي ذميوار سڏي
مٿس ايندڙ ڏينهن ۾ ڏاڙهيءَ تي به ٽيڪس هڻڻ جو
الزام هڻندي سندس خلاف مهم هلائي. مال گاڏين تي
لڳل ٽيڪس خلاف احتجاج طور ڍڳي گاڏين جا جلوس ڪڍيا
ويا. ان مقابلي تمام گهڻو جوش و خروش پيدا ڪري
ڇڏيو هو. ڏور بمبئي ۾ ويٺل پنهنجي سوٽن ۽ پنهنجي
چونڊ مهم انچارج پير علي محمدراشديءَ تي انحصار
ڪندي شاهنواز ڀٽي صاحب شيخ عبدالمجيد صاحب جي مهم
کي توهين ڀرئي انداز ۾ نظر انداز ٿي ڪيو، اطلاعن
موجب سندس چوڻ هو ته ”هڪ گدڙ شينهن جي ڪڇار ۾ گهڙي
آيو آهي.“
ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته ڀٽو صاحب هڪ با اثر ۽ سگهاري شخصيت هو ۽
اهو سلسلو گذريل ٽيهن سالن کان جاري هو پر ان عرصي
دوران پهچ ۾ نه هئڻ ۽ غرور واري سندس سڀاءَ نه رڳو
عام ماڻهن پر سندس پنهنجي ويجهي حلقي ۾ به کيس اڻ
وڻندڙ بڻائي ڇڏيو هو. هن سدائين سرڪاري پٺڀرائي ۽
حمايت تي ڀاڙيو هو پر چونڊن ۾ اها حمايت سندس ڪنهن
ڪم نه ٿي اچي سگهي. مخالفت جو صحيح ادراڪ سندس
لاڙڪاڻي پهچڻ کان پوءِ ئي ٿي سگهيو ۽ ڄاتائين ته
خود سندس مٽن مائٽن جي حمايت به مشڪوڪ هئي ۽ انهن
مان ڪي ته کلئي عام سندس خلاف ڪم ڪري رهيا هئا.
چونڊن جا نتيجا هن لاءِ توهين آميز شڪست ۽ سندس
سياسي زندگيءَ جي تباهيءَ جو پيغام بڻيا. ڀٽي صاحب
لاءِ شڪست هضم ڪرڻ انتهائي ڏکي هئي ۽ هن حڪومت کي
کيس سنڌ کان ٻاهر خاص طور تي بمبئي ۾ پبلڪ سروس
ڪميشن جي ميمبر واري ذميواري سونپڻ لاءِ چيو.
گورنر صاحب سندس درخواست بري بارن ڏانهن بمبئي
اماڻي جنهن اها درخواست غير مناسب ۽ ڦڪائي ڀري
ڀانئي، جو گڏيل سنڌ - بمبئي پبلڪ سروس ڪميشن بابت
انتظامي ڪميٽيءَ واري ضابطي جي ليجسليٽو ڪائونسل
اڃان توثيق نه ڪئي هئي، پر هو ان کان انڪار به نه
ڪري سگهيو:
”هاڻ سر شاهنواز ڀٽي صاحب جي ڏس ۾ لکان ٿو. اسين
يقيني طور تي سندس شموليت لاءِ تيار هئاسون پر
سندس نقطي نظر جي لحاظ کان مون کي اهو انتهائي
عجيب ٿو لڳي ڇاڪاڻ جو آءٌ اهو سمجهڻ کان قاصر
آهيان ته هڪ ڀيرو اهڙي تقرري قبولڻ کان پوءِ هو
ٻيهر سياست ڏانهن ڪيئن موٽي سگهندو، جنهن جي هو
مستقبل ۾ خواهش ڏيکاري پيو سگهي. آءٌ ذاتي طور تي
محسوس ٿو ڪريان ته ايڪٽ جي سيڪشن (3 ) 5 6 2 تحت
ڪنهن صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مقرري واسطيدار فرد
جو سڄُو ڪيريئر ختم ڪري ڇڏيندي ۽ اها ڳالهه منهنجي
ذهن تي مارو ٿي ڪري ته پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر
بڻجندڙ ڪو شخص ايندڙ ڏينهن ۾ وزير بڻجڻ لاءِ ڪيئن
ويچاري سگهندو.
”آءٌ ان ۾ توهان سان مڪمل طور تي سهمت آهيان ته
جيڪڏهن هي هتي سرڪاري نوڪر ٿي آيو، ته سندس
بزدليءَ جو مظاهرو ٿيندو.... بس ايتروئي چئي پيو
سگهان ته کيس يقيناً قبول ڪندس (جيتوڻيڪ گهڻي
خوشيءَ سان نه، جو هڪ اڳوڻي وزير کي ان عهدي تي
پروڙڻ لڄي ڪندڙ ٿي پئي سگهيو) پر جيڪڏهن آءٌ سندس
جاءِ تي هجان ها ته يقيناً ان جي گُهر نه ڪريان
ها.“(7 )
پنهنجي شڪست کان پوءِ ڀٽي صاحب سنڌ ڇڏڻ سان گڏوگڏ سياست به ڇڏي
ڏني ۽ باقي حياتي پهرين پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر
طور ۽ بعد ۾ جهونا ڳڙهه رياست جي وزير طور
گذاريائين. آزاديءَ کان ڪجهه عرصو اڳيئي سنڌ موٽي
آيو.
انهيءَ چونڊن جو ٻيو بک عبدالله هارون بڻيو، جنهن جو تعلق ميمڻ
برادريءَ سان هو ۽ ڪراچيءَ جي علائقي لياريءَ کي
پنهنجي تڪ طور سنڀاليو هئائين. هن اتي خيراتي ڪمن
تي رقمون خرچ ڪري يتيم خانا ۽ اسڪول ٺهرايا هئا ۽
ڪراچيءَ جي انهيءَ پوئتي پيل علائقي جي مسلمانن جي
ترقيءَ لاءِ وسان نه گهٽايو هئائين. پر چونڊ ۾
سندس حريف سردار الله بخش گبول قبائلي ۽ بلوچ
وفاداريءَ جي بنياد تي کيس شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
هارون صاحب جيتوڻيڪ مايوس نه ٿيو ۽ سياست مان هٿ
نه ڪڍيائين ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ جي قيام ۾ پنهنجي
ڪردار سميت سياست ۾ سرگرم رهيو. ساڳئي وقت لياري
واسين کي به نه ڇڏيائين ۽ سندن ڀلي لاءِ اڳي جيان
پتوڙيندو رهيو.
جيتوڻيڪ يونائيٽد پارٽي جا ٻه اڳواڻ چونڊون هارائي ويا پر پارٽي
ايڪويهين چونڊيل ميمبرن جي تعداد سان صوبي جي ٻين
پارٽين کان اڳڀرو هئي. مسلم ڊيموڪريٽڪ پارٽي ٽي
سيٽون کٽيون ۽ ان کي چئن آزاد ميمبرن سميت مير
گروپ جي پڻ حمايت حاصل هئي.(8 ) شيخ عبدالمجيد
صاحب جي سنڌ آزاد پارٽي رڳو هڪ سيٽ کٽي ۽ عملي طور
تي ختم ئي ٿي وئي.
جيئن ظاهر پئي ٿيو ته ڀٽي صاحب جي پارٽيءَ جي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ
لاءِ ڪا اهميت نه هئي. گورنر صاحب سر لانسيلاٽ
گراهم هدايت الله کي بمبئي واري زماني کان سڃاتو
ٿي ۽ اهڙي ماڻهوءَ جو حمايتي هو جنهن کي حڪومت
هلائڻ جو اڳيئي تجربو هجي. سو ان ڪري اهو عذر
ڏنائين ته جيئن ته اڪثريتي پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڊپٽي
اڳواڻ ئي چونڊن ۾ هارائي ويا آهن تنهن ڪري هو ٻي
وڏي پارٽيءَ کي حڪومت ٺاهڻ جي آڇ ڪري رهيو آهي.
جيئن ته وزير اعظم جي چونڊ جو اختيار گورنر کي هو،
تنهن ڪري هن پنهنجي مرضي پٽاندڙ سر غلام حسين
هدايت الله کي اهو عهدو آڇيو، جنهن سنڌ يونائٽيد
پارٽي ۽ ان جي نئين اڳواڻ الله بخش سومري صاحب کي
مڇرايو. بهرحال پنهنجو فيصلو ڪرڻ کان اڳ گراهم
سمورن مسلمان گروهن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته
جيئن هڪ مضبوط ۽ مستحڪم حڪومت جڙي سگهي پر هدايت
الله ۽ ڀٽي وچ ۾ ذاتي اختلافن سبب اهي ڪوششون ڪو
ٻوٽو ٻاري نه سگهيون.
يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي اڪثريت ماڻڻ ڪري اها چونڊ تڪراري هئي ۽
صوبي ۾ جمهوري روايتن لاءِ بدسوڻ ثابت ٿي. ان
ميمبرن ۽ عام ماڻهن کي اهو سمجهڻ تي مجبور ڪيو ته
حڪومتي سربراهه ٿيڻ لاءِ گورنر جي خوشنودي ئي اهم
ترين آهي، ان ۽ اهڙن ٻين فيصلن جي نتيجن جو سنڌ ۾
صحتمند جمهوري سياست جي واڌ ويجهه تي منفي اثر
پوڻو هو. بهرحال ان وقت هدايت الله حڪومت ٺاهڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو، جنهن کي مير گروپ جي پڻ حمايت ملي
وئي. جنهن جي ڏهن ميمبرن چونڊن کان اڳيئي مسلم
پارٽيءَ گروپ سان اتحاد ڪيو هو. سندن اڳواڻ مير
بنده علي ٽالپر ڪابينا ۾ وزير بڻيو، ساڳئي ريت
آزاد ۽ مهاسڀائي هندن جي حمايت يافتا مکي گوبندرام
پڻ وزير ٿيو. ان حڪومت کي ڪو اٺاويهن ميمبرن جي
حمايت مهيا ڪئي. ان تعداد ۾ سگهوئي جوڳو اضافو
ٿيو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي شيخ عبدالمجيد صاحب کي
اسپيڪر جي عهدي لاءِ پنهنجو اميدوار بڻايو، جنهن
بابت خيال هو ته سندس سوديبازيءَ واري حيثيت بهتر
ٿيندي. بهرحال هدايت الله صاحب کانئن وڌيڪ تيز
سياستدان هو ۽ ڀوڄ سنگهه پهلجاڻي کي ان عهدي لاءِ
نامزد ڪيائين جيڪو بمبئي ڪائونسل ۾ ڪيترائي سال
ڊپٽي صدر رهي چڪو هو ۽ انتهائي سولائي سان ڪيترائي
هندو ووٽ حاصل ڪري ويو. اها حڪمت عملي ايتري ته
ڪامياب ٿي، جو نه رڳو پهلجاڻي اسپيڪر ٿي ويو پر
خود شيخ عبدالمجيد صاحب پڻ وفاداري مٽائي حڪومت ۾
شامل ٿي ويو ۽ مخالف ڌر ۾ ڪي ٿورڙا ميمبر ئي باقي
رهيا، جن مان الله بخش سومرو صاحب، جي ايم سيد
صاحب ۽ ڪراچيءَ جي سلاوٽ برادريءَ سان تعلق رکندڙ
محمد هاشم گذدر صاحب ناميارا هئا.
جيئن ته وزارت صرف ٽن ميمبرن جي ٺهڻي هئي ۽ ڪابينا ۾ ٻه وزير،
مخلوط جوڙيدار هئا ۽ ٽيون وزير اعظم جي موجودگيءَ
۾ کهڙي صاحب لاءِ سندس توقع جي ابتڙ ڪابينا ۾ ڪا
گنجائش نه پئي نڪتي کيس پارلياماني سيڪريٽريءَ جو
عهدو آڇيو ويو، جيڪو هن انتهائي شان سان قبوليو.
هدايت الله صاحب سياسي چالباز هو پر کهڙو صاحب ايوان ۾ انتهائي
باصلاحيت ۽ تجربيڪار ميمبر هو ۽ حڪومت جي مرڪزي
ترجمان جا فرض نڀايائين. حڪومت وٽ قانون سازيءَ جو
هڪ پروگرام هو، جنهن جو مقصد ڳوٺاڻي مسلم آباديءَ
جي بهترين ۽ نئين ساماڻيل مسلم وچولي طبقي کي
نوڪرين ۾ مناسب حصو ڏيارڻ هو. قانون سازيءَ واري
پروگرام ۾ ٻين اسمن سان گڏوگڏ جلد کان جلد زمين جي
(Land Alination) وارو بل قرض جي چڪائڻ وارو
(Debt reconciliation)
ڏهن
سالن دوران مسلمانن ۾ تعليم جي شرح چئن کان وڌائي
پنجاهه سيڪڙو ڪرڻ واسطي ڳوٺاڻن علائقن ۾ تعليمي
موقعا وڌائڻ وارو بل ۽ مسلمانن کي نوڪرين ۾ جوڳو
حصو ڏيڻ وارو بل منظور ڪرائڻ به شامل هو.
هدايت الله حڪومت ڄاتو ته انهيءَ پروگرام تي عمل درآمد لاءِ کيس
سموري مسلم حمايت جي ضرورت پوندي ۽ آڪٽوبر ڌاري
صاحبزاده پير عبدالستار جان سرهنديءَ جي ڪاوشن
سان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ سان هڪجهڙائي ماڻي
ورتائين ۽ 7 3 9 1 ع ڌاري ٻنهي پارٽين مخلوط حڪومت
جوڙي جنهن کي ”جمهوري مخلوط پارٽي“ سڏيو ٿي ويو.
کهڙو صاحب نئين پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل بڻيو ۽
سندس ذمي هڪ عملي قانون ساز پروگرام جوڙڻ ۽ ان
لاءِ حمايت حاصل ڪرڻ جو ڪم لڳايو ويو. هڪ پروگرام
تي سهمت ٿيڻ لاءِ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون. اهو
رٿيو ويو ته مسلمانن جي نقطي نظر جي نمائندگيءَ
لاءِ هڪ روزاني انگريزي اخبار جاري ڪئي وڃي. ان
وقت جي کهڙي صاحب جي لکپڙهه، جوش و خروش ۽ حڪومت
طرفان ان پروگرام تي زور ڀرڻ بابت سنجيدگيءَ جو ڏس
ملي ٿو. هن سنڌ يونائيٽيد پارٽيءَ جي انتهائي
سرگرم ميمبر جي ايم سيد صاحب کي 7 1 نومبر 7 3 9
1 ع تي لکيو:
”پيارا غلام مرتضيٰ شاهه!
جمهوري پارٽيءَ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس خميس 9 ڊسمبر 7 3 9
1 ع تي شام ساڍي چئين وڳي مانواري سر غلام حسين
هدايت الله جي گهر ٿيندو. تنهن ۾ روزاني مسلم
اخبار شروع ڪرڻ جي ڏس ۾ حتمي منصوبي ۽ ٻين اهم
معاملن تي ويچاريو ويندو. توهان کي شرڪت جي
درخواست ڪجي ٿي.“(9 )
هڪ هفتو پوءِ هن ٻيهر سيد صاحب کي لکيائين:
”اوهان کي مسلم اخبار جي ڏس ۾ سب ڪميٽيءَ جي اجلاس
لاءِ دعوت ڏجي ٿي، جيڪو 7 2 تي منهنجي گهر شام جو
پنجين وڳي ٿيندو. اوهان کي وڌيڪ گذارش آهي ته
گڏجاڻيءَ کان پوءِ شام ستين وڳي ماني به مون سان
کائجو.“ اوهان جو پنهنجو ايم اي کهڙو
قلم تازو: 9 ڊسمبر جي گڏجاڻيءَ جي ايجنڊا لاءِ اوهان جي اسمن
(تجويزن) بابت آءٌ صدر سان صلاح مشورو ڪندس ۽
اوهان کي ڄاڻ ڪندس. هڪ ڏينهن واري گڏجاڻيءَ لاءِ
اڳيئي کوڙ اسم آهن جيئن اسان وٽ 9 جي گڏجاڻيءَ
لاءِ ٻه انتهائي اهم اسم آهن، جيڪي پهرين بحث هيٺ
ايندا. ان سان گڏ 0 1 تي اسان مان گهڻا سنڌ
صوبائي سهڪارڪ بينڪ جي گڏجاڻين ۾ صبح ۽ شام جو
مصروف هوندا. ان ڪري اسان کي توهان جون رٿون ڪنهن
ٻئي گڏجاڻيءَ ۾ پيش ڪرڻيون پونديون ۽ اها گڏجاڻي
ٽي ڏينهن کن هلي سگهي ٿي. آءٌ سر غلام حسين صاحب
کي درخواست ڪندس ته ان مقصد لاءِ مون کي ڪا تاريخ
ڏي.“(0 1 )
سرڪاري
پارٽيءَ جي
سنڌ
يونائيٽيد پارٽيءَ
واري
مخلوط ساٿين
کي
جاءِ
ڏيڻ
جو
ڪاٿو ان
حقيقت مان
واضح
ٿو
ٿئي
ته 4
ڊسمبر
تي
کهڙي
صاحب هڪ
ڀيرو
ٻيهر
سيد
سان لکپڙهه
ڪئي:
”پيارا شاهه
صاحب!
اوهان
جي
لکيل خط
لاءِ
تمام گهڻي
مهرباني. اوهان
جي
تجويز جي
ڏس
۾
سر
غلام حسين
صاحب
سان صلاح
ڪئي
اٿم
۽
اهو فيصلو
ڪيو
ويو
آهي ته
نائين تاريخ
ٻين
اسمن
جي اُڪلاءَ
کان
پوءِ
انهن کي ويچار
هيٺ
آندو ويندو.
جيڪڏهن اهو
ممڪن
نه ٿو ٿئي ته
اوهان جون
تجويزون 0 1
تي
شام پنجين
وڳي
۽
ان کان پوءِ
1 1
تي
شام
پنجين وڳي
ويچار هيٺ
اينديون، ان
ريت
ورڪنگ
ڪميٽيءَ جون
گڏجاڻيون ٽن
ڏينهن تائين
شام
پنجين کان رات
اٺين
وڳي تائين
جاري
رهنديون.
ان
ڪري
اوهان کي گذارش
ٿي
ڪجي
ته
نائين تاريخ
ڪراچيءَ
پهچي
وڃو. اوهان
جي
موقف ته
اوهان جي
تجويزن تي
جنوريءَ ۾ غور
ڪرڻ
۾
دير
ٿيندي
کي
مد نظر
رکيو
ويو آهي
۽
ان
ڪري
اسان جي
خواهش آهي
ته
اوهان جي
سوالن کي جيترو
جلد
ممڪن ٿي سگهي
اڪلائجي.
نيڪ
خواهشن سان....“(11)
مخلوط
حڪومت ان
ريت
ماڻهن جي
حالت
بهتر بنائڻ
لاءِ
ڪنهن
به قدم
يا
قانون سازيءَ
۾
دير
نه ڪرڻ لاءِ
بيچين هئي
۽
سنڌ
يونائيٽيڊ پارٽيءَ
جي
شرطن تي
مڪمل
سهڪار
ڪيائين، جو
اهي
بهر صورت
صوبي
جي عمومي
ڀلائيءَ
سان
تعلق رکندڙ
هئا.
سنڌ يونائيٽيڊ
پارٽيءَ جو
شعوري محرڪ
جي
ايم سيد
صاحب
پروگرام جي
قانون سازيءَ
لاءِ
سرگرميءَ سان
ڪم
ڪندڙ
کهڙي
صاحب
سان ويجهي
رابطي ۾ هو.
ڪيترائي
سال
پوءِ،
ٽيهه واري
ڏهاڪي
جي
پنهنجي ساٿين
جي
نقطي نظر
کان
مستقل مزاجيءَ
سان
تضاد ۾ اچڻ
باوجود به
سيد
صاحب سهڪار
جي
انهيءَ دور
کي
اڻ
ميو خراج
پيش
ڪيو:
”ڪميٽيءَ جي
هدايتن تي
وزارت طرفان
کڄندڙ
هڪ
يڪرائپ
ڀريو پروگرام
جوڙيو ويو
۽
ان
ايندڙ
ڪجهه مهينن
جي
عرصي ۾ چڱي
موچاري پيش
رفت
ٿي.
ورڪنگ
ڪميٽيءَ جون
ڪيتريون
ئي
گڏجاڻيون
ٿيون ۽
ڪيتريون ئي
تجويزون بحال
ٿيون
جن
مان ڪن تي
ته
حڪومت عمل
پڻ
ڪيو:
1 - روينيو
زمينن تان
چراهه گاهي
فيءَ
جو خاتمو.
2 -
ٻيلن مان
چراگاهي فيءَ
۾
گهٽتائي.
3 - زرعي
(تقاوي)
قرضن
جي آسان
قسطن
۾
وصولي ۽ گهٽتائي
۽
ڪن
معاملن ۾ انهن
تي
ٺهيل
وياج جو
خاتمو.
4 -
ڪمشنر ۽
ڪليڪٽر جي
سند
وارن پروانن
جو
خاتمو.
5 - مڪاني
ادارن ۾ نامزدگين
جو
خاتمو.“(2 1 )
بدقسمتيءَ
سان
مسلمان سياستدانن
۽
اسيمبلي ميمبرن
جي
اها يڪتا
گهڻو
عرصو هلي
نه
سگهي ۽
ڪجهه طالع
آزما
سياستدانن جي
خواهش جو
بک
ٿي
وئي. انتهائي
ڪامياب
وزير
مکي گوبندرام
کي
ذاتي
۽
واپاري سببن
ڪري
استعيفيٰ
ڏيڻي پئي
۽
هڪ
نئون هندو
وزير
ڳولهڻو
پيو. هدايت
الله
صاحب ۽ سندس
ساٿين جيڪب
آباد
سان تعلق
رکندڙ سياستدان
۽
وڪيل
هيمن داس
واڌواڻي جي
حمايت ڪئي جنهن
لاءِ
محسوس ٿي ڪيو ويو
ته
هو هندو
ميمبرن جي
حمايت ۽ مسلمانن
جو
سهڪار حاصل
ڪري
وٺندو. پر
هت
وزارت سان
سنڌ
جي ذهين
ترين
۽
حرفتي هندو
سياستدانن مان
هڪ
نهلچلداس وزيراڻيءَ
جي
خواهش سان
تضاد
۾
آيو، اهو
همراهه ايندڙ
ڏهن
سالن
دوران سنڌ
جي
سياست ۾ انتهائي
تباهه ڪُن ۽ مسئلا
پيدا
ڪندڙ
عنصر ثابت
ٿيو.
وزيراڻي رٿيل
قانون سازيءَ
بابت
اهو چئي
هندو
ميمبرن کي مڇرائي
ڏڦيڙ
جي
سرواڻي ڪئي ته
اهو
عمل خاص
طور
تي سندن
مفادن جي
خلاف
آهي. اسپيڪر
پهلاجاڻيءَ جي
مرتئي کان پوءِ
سيد
ميران محمد
شاهه
کي
نئون اسپيڪر
چونڊيو ويو،
ان
چونڊ کي هندو
ميمبرن آڏو
ساڻن
ناانصافيءَ طور
پيش
ڪيو
ويو جيتوڻيڪ
اهو
عهدو هر
صورت
۾
هندن کي ڏيڻ جو
ڪو
ٺاهه
نه
هو.
ٻن مسلم
پارٽين ۽ هندو
آزاد
ميمبرن وچ
۾
پيدا
ٿيل
يڪرائپ
ڪجهه سياستدانن
جي
بي صبر
خواهش جي
پڻ
نظر ٿي. سو
جمهوري مخلوط
پارٽي زوال
پذير
ٿيڻ
لڳي. وزيراڻي
۽
هندو
پريس خاص
طور
تي سنڌي
اخبار
”سنسار سماچار“
۽
انگريزي اخبار
”دي
سنڌ
آبزرور“ وسيلي
حڪومت تي
دٻاءُ جاري
رکيو. حڪومت
پنهنجي انگريزي
اخبار ڪڍي ۽ پنهنجي
مخلوط ساٿين
سان
رابطو رکيو،
جيئن
کهڙي
صاحب جي
سائين
جي
ايم سيد
صاحب
سان لکپڙهه
واضح
ٿي
ڪري،
انهيءَ مهم
کي
رد
ڪرڻ
جي تمام
گهڻي
ڪوشش
ڪئي.
کهڙي
صاحب
ڄاتو ته
اخبار جي
مالڪي سياسي
مقصدن جي
ترويج لاءِ
انتهائي ضروري
آهي.
اهو نه
رڳو
”سنڌ
زميندار“ ۽
”الوحيد“ مان
پر
غير جانبدار
اخبار
”ڊيلي گزيٽ“
مان
پڻ ثابت
ٿي
چڪو
هو، جن
عليحدگيءَ واري
پتوڙ
۾
وڏو حصو
ورتو
هو.
کهڙو صاحب
انتهائي بي
چين
هو ته
هاڻ
جو سنڌي
مسلمانن جي
پنهنجي حڪومت
آهي
سو کين پنهنجي
انگريزي اخبار
شروع
ڪرڻ
گهرجي. 2 2
جنوري 1938
ع تي
جي
ايم سيد
صاحب
کي
لکيل خط
۾
هن
پنهنجي خيالن
جي
هن ريت
اُپٽار
ڪئي:
”منهنجا پيارا
جي
ايم سيد!
اوهين
مسلمانن جي
اهنجن ۽ مفادن
جي
تشهير لاءِ
سنڌ
۾
مسلمانن جي
روزاني اخبار
جي
ضرورت کان
ڀليءَ ڀت واقف
آهيو.
ڊگهي عرصي
کان
ان
جي اڻهوند
سبب
ڀوڳنائن
ڪري
عزت ماب
سر
غلام حسين
هدايت الله
۽
عزت
ماب مير
بنده
علي خان
ٽالپر
سميت
برادريءَ جي
ڪجهه
اڳواڻن فيصلو
ڪيو
آهي
ته انهيءَ
ضرورت کي پورو
ڪجي
۽
انهيءَ منصوبي
کي
عملي
روپ ڏيڻ لاءِ
شيئرس جي
بنياد تي
هڪ
رٿا جوڙي
وئي
آهي، جنهن
جا
تفصيل هن
خط
سان شامل
اپيل
مان اوهان
تي
واضح
ٿيندا. ان
موضوع تي
جيڪڏهن وڌيڪ
معلومات چاهيو
ٿا
ته
ڪميٽيءَ
جو جوائنٽ
سيڪريٽري خان
بهادر عظيم
خان
يا آءٌ
سيڪريٽريءَ طور
ڏيندي
خوشي
محسوس
ڪنداسين.
2 - اهو شاندار
مقصد
حاصل ڪرڻ لاءِ
ڪميٽيءَ
شيئرس وڪڻڻ
جو
فيصلو ڪيو آهي.
اهو
به فيصلو
ڪيو
ويو
آهي ته
نوڪري پيشي
مسلمانن کي انهيءَ
مقصد
لاءِ گهٽ
۾
گهٽ
هڪ مهيني
جي
آمدني ڏيڻ جي
گذارش
ڪجي. آءٌ
ان
ڏس
۾
اوهان کي پنهنجي
ڪوٽا
لاءِ
دل
کولي همڪاري
ڪرڻ
۽
پنهنجي دوستن
۽
ساٿين جي
سهائتا
ڏيارڻ لاءِ
گذارش ٿو
ڪريان ته
جيئن
انهيءَ عظيم
مقصد
کي
دڳ لائي
سگهجي. اسان
سڀني
کي
اميد آهي
ته
اوهين ان
ڏس
۾
پنهنجي سهڪار
۽
برادريءَ جي
فوري
مقصد لاءِ
سهائتا واسطي
پوئتي پير
نه
ڪندا.
3 - جيڪڏهن
ضرورت محسوس
ٿي
ته
جوائنٽ سيڪريٽري
اوهان سان
جڏهن
به چاهيندو
يا
ضرورت پيش
آئي
ته ملاقات
ڪندو.
4 - فوري
موٽ
جو اشد
انتظار رهندو.
اوهان جي
ڄاڻ
۾
اهو
به اضافو
ڪريان
ته
عزت ماب
سر
غلام حسين
۽
عزت
ماب مير
بنده
علي
ٽالپر هرهڪ
ٽن
هزار
رپين جا
۽
مون
ٻن
هزارن رپين
جا
شيئرس وٺڻ
تي
راضپو
ڏيکاريو آهي.
عطيا
صدر طور
سر
غلام حسين،
سيڪريٽري طور
محمد
ايوب
کهڙو صاحب
۽
خزانچي طور
آغا
شمس الدين
جي
گڏيل نالن
سان
جمع
ڪرايا ويندا.
اوهان
پنهنجي سر
خريد
ڪندڙ
شيئرس جو
تعداد
ڄاڻائڻ لاءِ
حيدرآباد ۾ خان
بهادر عظيم
خان
کي
سڌي وراڻي
ڏيو.“(3 1 )
اهي
سموريون رٿائون
جيڪي
ميمبرن جي
لاڳيتو سهڪار
تي
انحصار
ڪندڙ هيون
سگهو
ئي پڄاڻيءَ
تي
رسيون. وزيراڻيءَ
جي
خود غرضيءَ
هڻي
وڃي هنڌ
ڪيو
۽
سندس
چرچ تي
ڪانگريس
جا
ميمبر سڀ
ڪجهه
ڪرڻ
لاءِ
زمين تي
لهي
آيا. جيستائين
مکي
گوبند رام
وزير
هو، آزاد
هندو
ميمبرن جي
حمايت ماڻڻ
ممڪن
هئي، پر
سندس
ويندي ۽ واڌواڻيءَ
جي
وزير
ٿيندي ئي
وزيراڻي پاڻ
کي
انتهائي سگهارو
مخالف ۽ پروپيگنڊا
ڪندڙ
ثابت
ڪيو.
هو ناراض
عناصر جهڙوڪ
سنڌ
يونائيٽيڊ پارٽيءَ
جي
قيادت خاص
طور
تي الله بخش
سومري صاحب
جي
حمايت حاصل
ڪرڻ
۾
ڪامياب
ٿيو
جنهن
وزير اعظم
جي
عهدي جي
حوالي سان
پنهنجي حق
تلفي
ٿي
محسوس
ڪئي. سو
ان
ريت مخلوط
حڪومت پنهنجي
پروگرام لاءِ
انتهائي جوش
۽
جذبي
سان پتوڙي
رهي
هئي، ته
ٻئي
پاسي
آئين ۾
Weightage
واري
شق
سگهوئي اڪثريتي
آباديءَ تي
ظاهر
ٿيڻ
۽
حڪومت کي عدم
استحڪام جو
شڪار
ڪرڻ
۾
پنهنجو
ڪردار نڀائڻ
واري
هئي.
کهڙي صاحب
محسوس ڪيو ته
ان
وقت تائين
سياسي جدوجهد
گذري
چڪي هئي
۽
باقي
ڪمن
لاءِ راهه
هموار ٿي چڪي
هئي
۽
قانون ساز
ادارن ۾ اڪثريت
هئڻ
ڪري
هو باقي
رهيل
ڪم
عوامي عيوضين
جي
مدد سان
ڪاميابيءَ
سان
ڪري
سگهندا ۽ ماڻهن
جا
ڪم
۽
مسئلا آرام
سان
ٿڏي
تي حل
ٿي
ويندا، پر
کيس
اها
خبر
ڪونه هئي
ته
ايندڙ ڏهن سالن
هن
جي اميدن
تي
پاڻي
ڦيري
ڇڏيو.
گورنر
هندو
سياستدان خاص
طور
تي نهلچداس
وزيراڻيءَ جي
لڙُ
کي
محسوس ڪيو ۽ بري
بارن
کي
لکندي صورتحال
جي
هن ريت
اُپٽار
ڪيائين:
”عمومي خلاصو
جيڪو
مون انهيءَ
اجلاس مان
ماڻيو، اهو
اِهو
آهي ته
منهنجي وزارت
۾
مفادن جي
انتهائي اثرائتي
طريقي سان
گاڏڙ
آهي، پر
هندن
تي گهڻو
تڻو
اعتبار ڪري نه
ٿو
سگهجي، جيڪي
جيتوڻيڪ
ڪانگريس جي
ٽڪيٽ
تي
ته چونڊجي
نه
آيا آهن،
پر
ان
ڏانهن
لاڙو اٿن
۽
هندو
وزير جي
حڪمن
يا گذارشن
کي
نه
ٿا
ليکين. منجهائن
به
ڪيترا
کلئي
عام چئي
رهيا
آهن ته،
هو
ڪانگريس
۾
شامل ٿيڻ جو
ويچارين پيا،
ڇاڪاڻ
جو
هندو وزير
هندن
کي
در پيش
ڪيترين
ئي
تڪليفن جو
مسلمان وڏي
وزير
کان
ازالو نه
ڪرائي
سگهيو آهي.“
سومري
صاحب
جي مايوسيءَ
بابت
هو لکي
ٿو:
”گذريل
ڏينهن مخالف
ڌر
جي
اڳواڻ سان
هڪ
ڪلاڪ
جي
ڳالهه
ٻولهه ٿيم ۽ سمجهان
ٿو
ته
ان بابت
ڄاڻڻ
۾
دلچسپي هوندوَ.
اهو
مشاهدو ڪيم ته
هو
وزارت تي
ڇوهه
ڇنڊڻ
۾
لڳو
پيو آهي.
سو
کيس
پاڻ سان
ڳالهائڻ
جي
نينڍ
ڏنم. هن
کلئي
دل
سان
ڳالهه شروع
ڪئي
۽
مون
تي پنهنجي
ذاتي
اثر رسوخ
هيٺ
بي ملهه
وزارت واري
اقتدار سان
چهٽڻ
۽
ان ريت
آئين
جي
ڀڃڪڙيءَ جو
الزام
ڌريائين. اهو
مون
کي
عجيب الزام
ٿي
لڳو
۽
اسان تفصيلي
بحث
ڪيو
جنهن جي
پڄاڻي تي
اميد
اٿم ته
کيس
ان
سان سهمت
ڪرڻ
۾
ڪامياب
ٿيو
آهيان ته
ڪا
به
وزارت اقتدار
۾
اچي،
ان کي منهنجي
هاڻوڪي وزارت
وانگر ئي
مون
وٽان سهڪار
۽
همدردي حاصل
رهندي ۽ سنڌ
واسين جي
عمومي
ڪردار پٽاندڙ
مستقبل جي
مخالف ڌر جو
اڳواڻ منهنجي
ٻي
ڪابينا
جي
ڏس
۾
منهنجي خلاف
ساڳيائي الزام
ورجائيندو، جيڪي
منهنجي پهرين
ڪابينا
جي
حوالي سان
هاڻوڪو مخالف
ڌر
جو
اڳواڻ ڌري رهيو
آهي.
جيئن ته
آءٌ
ڳالهه
کي
سمجهان ٿو، سو
منهنجو فرض
اقتدار ۾ آيل
ڪنهن
به
ڌر
لاءِ بهتري
ڪرڻ
آهي
۽
آءٌ ان
کي
جاري
رکڻ جو
رٿيان ٿو. مون
کي
بيشڪ
ٻڌايو
ويو آهي
ته
مخالف ڌر جو
اڳواڻ ذاتي
مايوسين سبب
پريشان آهي،
ڇاڪاڻ
جو
چونڊ مهم
تي
ڪيل
سٺ هزار
رپين
جي خرچ
کيس
قرضي
بڻائي
ڇڏيو آهي.
جو
هن سمجهيو
ٿي
ته
هو وزارت
ماڻڻ
۾
ڪامياب
ٿي
ويندو ۽ چونڊن
تي
دڦ ٿيل خرچ
وصول
ڪري
وٺندو. اهو
ٿي
سگهي
ٿو
ته درست
هجي
يا نه
به
هجي، پر
مانواري همراهه
مون
کي
انتهائي مايوس
ڪيو
آهي
ڇاڪاڻ
جو مون
کيس
صوبي
جي بهتر
ماڻهن مان
هڪ
ٿي
ليکيو.“(14)
ان
دور
جو هڪ
تاريخدان سومري
صاحب
طرفان حڪومتي
پارٽيءَ جي
صفن
کي
ڇڏي
وڃڻ واري
فيصلي جي
هيئن
ٿو
وضاحت
ڪري:
”الله بخش،
وزارت جي
ناڪاميءَ کي وائکو
ڪرڻ
واري
فيصلي کي پارٽي
پروگرام ۽ اصولن
جو
اولڙو ٿو سڏي،
جڏهن
ته گورنر
جي
بقول، سبب
ذاتي
ٿي
سگهن ٿا. گرهام
صاحب
هدايت الله
صاحب
جا اهڙا
ٻه
قدم
بيان ڪري ٿو جن
الله
بخش صاحب
کي
مڇرايو. پهريون
ته
سر غلام
حسين
صاحب حڪم
جاري
ڪيو
ته پبلڪ
ورڪس
کاتي
(جنهن
سان الله
بخش
سومري صاحب
جو
گهرو تعلق
هو)
جو
ڪوبه
ٺيڪو
ڪنهن به
اسيمبلي ميمبر
کي
نه
ڏنو
وڃي. ٻيو ته
وڏو
وزير زمين
جي
هڪ مٽاسٽا
جي
منظوريءَ ۾ ناڪام
رهيو
جنهن لاءِ
الله
بخش سومرو
صاحب
حقدار هو.“(15)
وزيراڻيءَ
جي
سازشن، سومري
جي
طالع آزمائيءَ
۽
ٻرنديءَ
باهه
تي تيل
جو
ڪم
جي ايم
سيد
صاحب جي
بيچينيءَ ۽ بي
صبرائپ ڪيو جنهن
زور
ٿي
ڀريو
ته جمهوري
مخلوط پارٽيءَ
جي
پروگرام تي
جوڳي
گرم جوشيءَ
سان
عمل نه
پئي
ٿيو.
هن پنهنجي
سر
طئي ڪيو ته
رڳو
حڪومتي تبديلي
ئي،
سندس خيالن
پٽاندڙ نتيجا
ڏئي
سگهي
ٿي.
ان ۾ پير
علي
محمد راشدي
به
سندس
ڀرجهلو هو
جيڪو
شاهنواز ڀٽي جي
شڪست
کان
پوءِ پسمنظر
۾
هليو
ويو هو
۽
ٻيهر
پنهنجي حيثيت
بحال
ڪرائڻ
جو خواهشمند
هو.
وزارت مخالف
ٽولي
جي
ايم سيد
صاحب
۾
پنهنجو اڳواڻ
ڳولهي
لڌو.
سيد صاحب
هڪ
”آدرشي“
حڪومت جي
جدوجهد لاءِ
وزارت خلاف
سازش
شروع
ڪئي. سڀ
کان
اول
سيد صاحب
رٿ
ڏني
ته الله بخش
سومري صاحب
۽
نهلچداس وزيراڻي
کي
شامل
ڪري
وزارت ۾ اضافو
ڪيو
وڃي.
حڪمران ڌر کي هرکائڻ
لاءِ
اهو به
رٿيو
ويو ته
کهڙي
صاحب
کي
به وزير
بڻايو وڃي.
هدايت الله
صاحب
اها رٿ
گورنر صاحب
آڏو
رکي، پر
ڪابينا
۾
توسيع تي
يڪرائپ حاصل
ڪرڻ
۾
ناڪام رهيو.
نتيجي طور
مخالف ڌر هندو
ميمبرن ۽ وزارتون
ماڻڻ
لاءِ بيقرار
ٿيندي
هدايت الله جي
وزارت کي للڪاريندڙ
مسلمان ميمبرن
جا
ووٽ حاصل
ڪري
وئي.
دراصل
هدايت الله
وزارت لاءِ
هندو
مخالفت رڳو
وزيراڻي جي
وزير
بڻجڻ جي
خواهش يا
ڪانگريس
جي
حڪومت تي
اثر
انداز ٿيڻ واري
خواهشن تي
ئي
ٻڌل
نه هئي،
در
اصل هندو
سرمائيدار وياج
خور
جا معاشي
مفاد
جوکم تي
هئا.
بمبئي
ڪائونسل ۾ سنڌ
جي
مسلمان اسيمبلي
ميمبرن ۽ بعد
۾
صوبائي چونڊن
۾
عوام
آڏو ڪيل اعلانن
مان
هڪ سنڌي
هارين تي
قرضن
جو خاتمو
آڻڻ
هو.
کهڙي صاحب
لاءِ
اهو سندس
سياست ۾ پير
پائڻ
کان
وٺي مقصد
حيات
بڻيل هو،
جنهن
لاڙڪاڻي کان
ٻاهر هارين
سان
بي واجبين
کي
ننڍڙي هوندي
کان
پئي
ڏٺو.
اها خود
مختيار سنڌ
جي
اسيمبليءَ آڏو
ايجنڊا پڻ
هئي
۽
نئين حڪومت
جلد
کان
جلد قانون
کي
لاڳو
ڪرڻ
ٿي
چاهيو. پر
بلاشڪ اهو
قانون واڻڪي
طبقي
تي وڄ
وانگر
ڪرڻو هو.
0 2
ڊسمبر 1937
ع تي
لکيل
پنهنجي پندرهن
ڏينهن
واري
رپورٽ ۾ سنڌ
حڪومت جي
سيڪريٽري
ڪرپالاڻي
ڪانگريس طرفان
ڪوٺايل
”آبادگارن
جي
ڪانفرنس“
جو ذڪر
ڪجهه
هيئن
ٿو
ڪري:
”(اها
ڪانفرنس) خاص
مهمان ليجسليٽو
اسيمبليءَ جي
ميمبر جناب
ڀولا
ڀائي
ڊيسائي
جي
سهولت خاطر
6 2
۽ 7 2
تائين ملتوي
ڪئي
وئي
آهي. وڌ
کان
وڌ
شرڪت لاءِ
خاص
طور تي
مسلمانن جي
لاءِ
انتهائي
ڪوششون
ڪيون ويون
آهن.
ڪانفرنس
بدعنوانين کي
ٻنجو ڏيڻ جي
اپائن، هارين
لاءِ
تنظيم
ڪاري ۽ سنڌ
اسيمبليءَ جي
گذريل اجلاس
۾
خانگي ميمبرن
طرفان متعارف
ڪرايل
قرض
Debt Conciliation
۽
زمين جي
غير
حاضر مالڪيءَ
وارن
بلن تي
ويچاريندي.
مقامي
ڪانگريس
ڪجهه
دير
سان
ئي
ڄاڻايل
ٻنهي
بلن مان
پهرين خلاف
مستقل مزاجيءَ
سان
ور
کهنجي سامهون
آئي
آهي. هيءُ
بل
زرعي قرضن
جي
بحاليءَ لاءِ
ڪي
شقون
ٺاهڻ
جي رٿ
ٿو
رکي.
ڪانگريس
پارٽي ان
بنياد تي
رٿ
بابت پنهنجو
ناراضپو
ڏيکارڻ
جو
فيصلو ڪيو آهي
ته
اهو
(شاهوڪارن کي تحفظ)
ٿو
مهيا
ڪري.“
ڪرپلاڻي کي بل
لاءِ
ڪانگريسي
اعتراض وڌيڪ
چٽائي سان
واضح
ڪرڻ
کپندا
هئا جيڪي
اهي
قطعي نه
هئا
ته ان
”شاهوڪارن“
کي
تحفظ
ٿي
مهيا
ڪيو
پر
مسلمان زراعت
پيشي
ماڻهن کي تحفظ
ڏيڻ
دراصل شاهوڪار
هندو
وياج خورن
جي
مفادن سان
تضاد
۾
اچڻ
هو.
خود
ڪانفرنس به
مانگر مڇ
جا
ڳوڙها
هئي.
ڇاڪاڻ جو
ڪانگريس
گهڻي
قدر رڳو
هندو
حمايت ڪري هارين
يا
زميندارن جي
مفادن لاءِ
پتوڙڻ کان قاصر
هئي.
ٻئي
پاسي اسيمبليءَ
جا
ڪانگريسي
۽
آزاد ميمبر
اوڏي
مهل گڏجي
پيا
جڏهن پنهنجي
مفادن تي
ضرب
محسوس
ڪيائون ۽
ڪانگريس جي
حرفت
بازن جي
سرواڻيءَ ۾ اقتدار
جي
بکايل ۽ اڻ
تجربيڪار مسلمان
سياستدانن جي
حمايت حاصل
ڪري
ويا.
هنن هندو
اقليت کي مليل
Weightage
جي
لاڀ جو
پڻ
ڀرپور
فائدو ورتو.
جي
ايم
سيد صاحب
پارن
اڳواڻن مسلمان
زراعت پيشي
وارن
۽
هندو شاهوڪارن
جي
مفادن ۾ بنيادي
تضاد
کي
ڀلي
ڀت
ڄاتو
ٿي:
”هندو راءِ
عامه
سر غلام
حسين
جي وزارت
خلاف
اڀرڻ شروع
ٿي
۽
هنن
هندن ۾ ان
لاءِ
اعتماد پئدا
ڪرڻ
واسطي هيٺيان
ٽي
سوال
اٿاريا:
1 - مسلمانن پنهنجي
ايڪتا جو
فائدو وٺندي
ڪابينا
۾
هندن
جي مڃتا
ماڻيل نمائندي
کي
شامل
ڪرڻ
کان
نابري واري
آهي.
2 - مسلمان
اڪثريت قرض
مڏا
ڪرڻ
وارو بل
منظور
ڪرائيندي ۽ هندن
جي
معاشي مفادن
کي
ٻن
ڪروڙ
رپين
جو نقصان
رسائيندي.
3 - زمين
جي
غير حاضر
مالڪيءَ وارو
بل
منظور ڪري مستقبل
۾
هندن
کي
سنڌ ۾ زمين
خريد
ڪرڻ
کان
محروم ڪيو ويندو.“(16)
ان
حقيقت جي
باوجود ته
سيد
صاحب حڪومت
لاءِ
هندو مخالفت
جي
سببن کان چڱيءَ
ريت
واقف هو
پر
هو ان
کي
ختم
ڪرڻ
جي سازش
سان
سلهاڙيل ئي
رهيو. مارچ
8 3 9 1 ع
تي
بجيٽ سيشن
مهل
حڪومت کي شڪست
ڏيڻ
جا
انتظام مڪمل
ڪيا
ويا.
ڳجها
ٺاهه
ڪيا
ويا، ۽ عهدن
۽
وزارتن جي
لالچ
تي ميمبرن
جي
حمايت حاصل
ڪئي
وئي.
سيد صاحب
اهو
قصو هيئن
ٿو
ٻڌائي:
”مارچ 8 3
9 1 ع ۾ اسيمبليءَ
جي
بجيٽ اجلاس
تائين اختلافن
۽
بي
اعتمادين جون
ننڍڙيون
ڳالهيون وڌي
وڻ
ٿي
چڪيون هيون
۽
ان
ڪجهه
ميمبرن جي
ذاتي
هٻڇ ۽ ڪن جي
اڻ
تجربيڪاري ۽ ٻين جي
ضرورت کان وڌيڪ
جوش
سان گڏجي
ڪو
مناسب موقعو
ڳولهيندڙ
هندو
۽
ڪانگريس
گروپن جي
ساٿ
سان سر
غلام
حسين جي
وزارت
ٽوڙڻ جا
ڳجها
انتظام
ڪيا.“
سيد
صاحب
وڌيڪ
ڄاڻائي ٿو:
”مون کي سر
غلام
حسين وزارت
جي
خاتمي ۾ پنهنجي
حصيداريءَ جو
اعتراف ڪرڻ گهرجي،
جيڪا
دراصل منهنجي
جوش
خروش ۽ سنڌ
جي
نئين سر
تعمير جي
منهنجي من
جي
آوازن وارن
سپنن
جي فوري
ساڀيان لاءِ
بيچينيءَ جو
اولڙو هئي.
تجربي
ڄاڻايو آهي
ته
منهنجي ڪٿ بهر
صورت
درست نه
هئي.
سرڪاري مشينريءَ
جي
ڪم
ڪار
جي عملي
تجربي جي
اڻاٺ، سنڌ
۾
ڪم
ڪار
جي
عملي صورتحال
جي
غلط ڪٿ ۽ ٻين جو
سندن
اصل روپ
جو
اندازو لڳائڻ
جي
اهليت نه
هئڻ
ڪجهه
عنصر هئا
۽
سنڌ
يونائيٽيڊ پارٽيءَ
۾
منهنجا دوست
منهنجي ڪٿ جي
ناڪاميءَ لاءِ
وڏا
ذميوار هئا.“(17)
سيد
صاحب
۽
سندس ساٿي
ڪانگريس
لڏي
جي سامهون
انتهائي اڻ
تجربيڪار هئا.
الله
بخش سومرو
صاحب
وڏ وزارت
تي
هرکيل هو،
جنهن
بابت سندس
خيال
هو ته
کانئس
زوريءَ کسي وئي
آهي
۽
سيد صاحب
بي
صبرائپ ۽ هوائي
خيال
پرستيءَ جو
شڪار
هو. رازداري
۽
سازش
سڄي معاملي
۾
مسخريءَ جو
هڪ
عنصر پڻ
شامل
ڪيو.
بجيٽ اجلاس
کان
هڪ
ڏينهن
اڳ هدايت
الله
صاحب سمورن
مخلوط اتحادين
کي
رات
جي مانيءَ
تي
مدعو
ڪيو. سيد
صاحب
۽
راشديءَ صاحب
ان
تي بحث
ڪيو
ته
ان ماڻهوءَ
جي
دعوت ۾ وڃي
”لوڻ
چکڻ“
گهرجي يا
نه،
جنهن کي ايندڙ
ڏينهن
ڌڪ
ڪڍڻو
آهي.
راشدي صاحب
جيڪو
سيد صاحب
سان
گهٽ وفادار
هو،
زور ڀرڻ لڳو
ته
دعوت ۾ ضرور
وڃڻ
گهرجي، نه
ته
هدايت الله صاحب
جهڙو
تيز ماڻهو
شڪ
جو شڪار
ٿيندو.
بعد
۾
ساڳيءَ رات
سيد
صاحب ۽ راشديءَ
صاحب
حيدر منزل
تي
وزيراڻي سان
ڪچهري
ڪئي.
ڀرسان
ئي
رهندڙ
کهڙو صاحب
ڪنهن
ننڍڙي مسئلي
لاءِ
جي ايم
سيد
صاحب وٽ
پهتو. نوڪر
اچي
سيد صاحب
کي
ٻڌايو
ته
”محمد
ايوب
کهڙو صاحب
پيو
اچي.“ سيد
صاحب
۽
راشدي صاحب
محسوس ڪيو ته
کهڙي
صاحب
جي
ڪنهن به
ريت
وزيراڻي تي
نظر
نه پوي
جو
ان سان
کيس
شڪ
ٿي
پوندو. تنهن
ڪري
هنن
وزيراڻي کي
ڪاڪوس ۾ بند
ڪري
کيس
کهڙي
صاحب
جي واپس
موٽڻ
تائين اتي
رهڻ
لاءِ چيو.
کهڙو
صاحب
ڪجهه
دير ويهي
هليو
ويو ۽ سيد
صاحب
۽
راشديءَ صاحب
کي
وزيراڻي جي
ڳالهه
وسري
وئي ۽ هو
وڃي
سمهي رهيا.
صبح
پنجين
ڌاري راشديءَ
صاحب
کي
ڪاڪوس
وڃڻ جو
خيال
ٿيو
ته وزيراڻي
کي
اڃان
تائين اتيئي
ويٺل
ڏٺائين.
راشديءَ کي
ڏسندي ئي
اتاولو ٿي پڇيائين:
کهڙو
صاحب
ويو؟ هيڏي
دير
ڇا
ٿي
ڪيائين؟“
حاضر جواب
راشديءَ صاحب
کيس
اطمينان جوڳو
جواب
ڏئي
ڄاڻايو
ته
کهڙو سڄي
رات
ڪهڙا
صلاح مشورا
ڪندو
رهيو
۽
ان کان پوءِ
وزيراڻي پنهنجي
گهر
روانو
ٿيو.(18)
ان
ڏينهن
حڪومتي پارٽيءَ
جي
حيرت جي
حد
نه رهي
جڏهن
حڪومت کي هڪ
رپئي
جي
ڪٽوتيءَ تي
شڪست
آئي. هدايت
الله
صاحب
”دوکو، دوکو“
جون
دانهون
ڪيون پر
سندس
آخري لمحي
جي
ڪوششن
جي باوجود
حڪومت بچي
نه
سگهي ۽ 2 2
مارچ
8 3 9 1 ع
تي وزارت
تان
استعيفيٰ
ڏنائين.
انهيءَ
سڄي
ساري اڻوڻندڙ
مامري ۾
کهڙو صاحب
ئي
واحد شخص
هو
جيڪو اڇو
اجرو
رهيو ۽ پنهنجي
ساک
جيئن جو
تيئن
بچائي آيو.
ڌار
صوبي
جي تشڪيل
کان
پوءِ
هو صلاحڪاري
ڪائونسل
جو
ميمبر بڻيو،
جنهن
حيثيت جي
هو
لائق هو.
بهرحال جڏهن
اهو
واضح ٿيو ته
سياسي ڏي وٺ
جي
ضرورت ۽ مخلوط
حڪومت جي
گهرجن تحت
کيس
قرباني
ڏيڻي پوندي
ته
هن نه
ڪيٻايو.
پارلياماني سيڪريٽريءَ
طور
هن حڪومت
جي
مرڪزي ترجمان
جو
بار پنهنجي
ڪلهن
تي
کنيو.
جڏهن سنڌ
يونائيٽيڊ پارٽيءَ
۽
وزيراڻي گروپ
ڪابينا
جي
توسيع ۾ سندس
نالو
ٽئين
وزير طور
شامل
ڪرڻ
جي رٿ
رکي
ته هن
راضپو
ڏيکاريو پر
ان
جي عملي
صورت
اختيار نه
ڪرڻ
تي
رد عمل
نه
ڏيکاريائين.
هو سڄو
عرصو
پنهنجي پارٽيءَ
۽
قائد
جو وفادار
رهيو
۽
حڪومت جي
تبديلي کان پوءِ
شان
مان سان
مخالف ڌر ۾ شامل
رهي
پنهنجي ضمير
آهر
پتوڙيندو رهيو.
کهڙي صاحب
سياسي جوڙ
توڙ
۽
حڪومتون
ٺاهڻ ۽
ڊاهڻ کي وقت
جو
زيان ليکيو.
هو
هاڻوڪي صورتحال
۽
بمبئي
ڪائونسل وارن
ڏينهن
جي
ڀيٽ
ڪرڻ
کان
رهي نه
سگهيو، جڏهن
مسلمان ميمبر
سدائين متحد
ٿي
رهيا
۽
طاقتور ۽ نفيس
ڪانگريس
قيادت ان
ايڪتا ۾ ڏار وجهڻ
۾
ڪامياب
نه
پئي ٿي.
کهڙي صاحب
جو
خيال هو
ته
اها يڪتا
خود
مختيار سنڌ
۾
به
جاري رهندي
۽
ان
وسيلي عام
ماڻهوءَ جي
حالت
بهتر بڻائڻ
لاءِ
گهربل قانون
سازي
سولائيءَ سان
ڪري
سگهبي، پر
اهو
سندس هڪ
ڀيانڪ
سپنو
ثابت
ٿيڻو هو. |