اوڌ
۽
آگري
واري اتر
پرديش جهڙن
هندستان جي
اترين پرڳڻن
جي
ابتڙ سنڌ
۾
اصل
مسئلو زمين
جي
اڻهوند نه
پر
افرادي قوت
جي
کوٽ
جو هو:
”ٻين صوبن
۾
بنيادي مسئلو
زمين
تي انتهائي
گهڻي
دٻآءٌ ۽ معاشي
طور
تي
ڪمزور وسيلن
وارن
هاري
ڳوٺن جو
آهي.
اها
ڳالهه سنڌ
تي
لاڳو نه
ٿي
ٿئي.“
هندستان
۾
زراعت بابت
شاهي
ڪميشن
سنڌ ۾ صورتحال
جا
تفصيل
ڄاڻائيندي
ٻڌايو:
”ملڪيت جي
مرڪوز ٿيڻ واري
مسئلي جي
جاچ
ڪئي
وئي، پر
اهو
معلوم ٿيو ته
ڏڦيڙ
يا
ٽوڙ
ڦوڙ
واري لعنت
سنڌ
۾
وڏي پئماني
تي
ناهي ۽ زمين
جي
وڏي شاهي
ايراضي اڃان
تائين موجود
آهي....“
رپورٽ
۽
ايڪٽ
زميندارن ۽ هارين
جي
سڀ کان وڌيڪ
اهم
مسئلي کي مناسب
ريت
چٽو
ڪيو. بهرحال
حڪومت ۾ پنهنجا
مفاد
رکندڙ معاملن
کي
اڪلائڻ سان
سهمت
نه هئا.
وزير
اعظم ۽ مرڪزي
ڪامورا
شاهي
صوبي ۾
ڏڦيڙ پئدا
ڪرڻ
جا
خوهشمند هئا.
شروعات کان ئي
هنن
هاري رپورٽ
کي
پنهنجي آزمايل
۽
بااعتماد
ڪاموري نواب
شاهه
جي
ڪليڪٽر ۽
ڪميٽي ميمبر
مسعود
(کدر پوش)
وسيلي
ڦٽائڻ چاهيو.
هن
شروعات کان ئي
اڻ
- سهارڪ
۽
ڏڦيڙي
ورتآءٌ اختيار
ڪيو.
هن
مشڪل سان
ڪنهن
گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت
ڪئي
هوندي، پر
”اختلافي
نوٽ“
لکڻ ۾ ويرم
ئي
نه لڳايائين.
ان
جو ڪم ڪار جي
شرطن
سان ته
ڪو
تعلق
نه هو،
پر
ان زميندارن
جي
روين، عورتن
ڏانهن
سندن
لاڙي، آبادگارن
۽
هارين سان
ورتآءٌ جيڪو
مسعود جي
بقول
غلاماڻو هو،
غير
حاضر زمينداريءَ
جو
عذاب جيڪو
ان
وقت سنڌ
۾
ورلي
هو، ان
کان
پوءِ
هن اسلامي
نقطه
نظر ۽ قرآن
۾
هاريءَ جي
مالڪي تي
هڪ
مضمون لکيو،
جنهن
۾
سندس چوڻ
هو
ته
”ڪجهه ايڪڙ
ٻيڪڙ
مثالن کان سواءِ
مسلمانن سڄي
اسلامي تاريخ
دوران ان
تي
عمل ناهي
ڪيو.“
مسعود
اهو
پنهنجي سر
ٿي
ڪيو
يا
اهو
کانئس
ڪرايو ٿي ويو؟
جهڙي
ريت سڌ
سمآءٌ جي
ذريعن سندس
اختلافي نوٽ
کي
اڀاريو تنهن
مان
لڳي ٿو ته
ڪا
همت
افزائي
ٿيندي رهي
هئي.
دانشوراڻي انداز
۾
للڪاريل پير
حڪومت پنهنجي
بي
ثمر قدمن
مان
هڪ طور
مسعود جو
اختلافي نوٽ
شروعات ۾ شائع
نه
ڪيو
جنهن جي
ڪري
اهو
هارين جو
پڌرنامو ليکجڻ
لڳو.
ان مرڪزي
اختياري وارن
کي
وڏي
شاهي پروپيگنڊا
ڪرڻ
جو
موقعو فراهم
ڪيو.
جاچ
ڪميٽيءَ
جي چيئرمين
سر
راجر
ٿامس مسعود
مامري تي
هلڪي
انداز ۾ تبصرو
ڪيو:
”واعدو ڪيل مسعود
جي
اقليتي رپورٽ
حڪومت کي موصول
ٿي
آهي.
ان جو
پهريون حصو
چيئرمين جي
زيادتين سان
واسطو رکندڙ
آهي
(هڪ
ڀيرو
مون کي هڪ
ککر
جو
مانارو سنڀالڻو
پيو
هو جيڪو
آءٌ
سمجهان ٿو ته
ڪميٽيءَ
۾
مسعود کي سنڀالڻ
کان
وڌيڪ
سولو ڪم هو)
سندس
سفارشون زمين
قومي
تحويل ۾ وٺڻ
۽
زمينداري ختم
ڪرڻ
بابت
آهن. اهي
معاملا اسان
جي
دائري کان
ٻاهر جا
آهن.“
جيتوڻيڪ
رپورٽ جي
سفارشن
1949 ع تائين
قانوني شڪل
اختيار ڪري ورتي
پر
سنڌ مخالف
ڌر
مطمئن نه
هئي.
پريس مهينن
تائين پنهنجي
پروپيگنڊا جاري
رکندي سنڌي
سياستدانن کي لوئڻ
جو
ڪو
موقعو هٿان
نه
ٿي
وڃايو. جڏهن
مارچ
1951ع
۾
روٽري ڪلب جي
هڪ
گڏجاڻيءَ ۾ ڪيل هڪ
تقرير دوران
جڏهن
کهڙي
صاحب پنهنجي
معمول جيان
تيز
۽
کُهري
انداز ۾ چيو
ته
”هارين
جو مسئلو
صوبي
۾
ته نه
پر
رڳو
ڪجهه اخبارن
جي
آفيسن ۾ آهي.“
ڪراچيءَ
جي
پريس کي ڄڻ باهه
لڳي
وئي.
کهڙي صاحب
کي
لوئيندي مسعود
جي
اختلافي نوٽ
سان
اخبارن جا
سڄا
سڄا صفحا
ڪارا
ڪيا
ويا.
کهڙي
صاحب کي هڪ
جنگجو
”جاگيردار“ طور
پيش
ڪندي
مٿس اُلرون
ڪيون
ويون.
کهڙي صاحب
۽
ٻين
سنڌي
سياستدانن خلاف
اها
پروپيگنڊا سموري
صوبائي قيادت
۽
مقامي جمهوري
پيش
رفتن کي تباهه
ڪرڻ
واري
سازش جو
فقط
هڪ رخ
هئي.
پريس
کي
ٻين
صوبن
۾
پڻ ساڳي
نوعيت جي
مهم
هلائڻ لاءِ
استعمال ڪيو ويو.
9
ڊسمبر
1950 ع تي
ڪراچيءَ
جي
دي ايوننگ
نيوز
جي رپورٽ
ان
جو بهترين
مثال
آهي:
”جاگيرداري ختم
ڪرڻ
وارو
سرحد حڪومت
جو
ايڪٽ اهم
زميني مسئلي
کي
ڇُهي
ئي
نه ٿو ۽ انتهائي
دٻيل
۽
نپوڙيل آبادگارن
لاءِ
ڪو
آسرو نه
ٿو
رکي.
اولهه پنجاب
۾
ماضيءَ جو
ناخوش ورثو
برقرار آهي.
جيتوڻيڪ تبديليءَ
جا
مخالف رجعت
پرست
حلقا
ڪيڏي
ڪيڏي مهل
اهو
ظاهر ڪرڻ جي
ڪوشش
ٿا
ڪن
ته
هاري حقدارن
جي
ديس طور
پنجاب ۾ زرعي
سڌارن وارو
مامرو ٻين صوبن
جيترو
ڳنڀير ناهي.
اهو
هينئر ئي
خام
خيالي آهي.“
سنڌ
تي
حملا ٻين صوبن
جي
ڀيٽ
۾
وڌيڪ جارحاڻا
هئا
۽
انهن کي وڌيڪ
هٿي
اوڏي مهل
ملي
جڏهن
کهڙي صاحب
مارچ
1951 ع
۾
ٻيو
ڀيرو
وڏ وزارت
سنڀالي.
سنڌ
۾
زرعي
معاملن بابت
کهڙي
صاحب
جو موقف
انتهائي سوچيل
سمجهيل هو
۽
لاڳيتو تنقيدي
هو،
ان جي
باوجود ان
۾
ڪو
ڦيرو
نه
آيو. پنهنجي
وڏ
وزارت جي
ڪجهه
ئي
ڏينهن
اندر اپريل
1951 ع
۾
هن
سنڌ ۾ زرعي
انتظامن واري
سرشتي تي
وڏن
حملن جي
وراڻي پنهنجي
اخبار ”دي سنڌ
آبزرور“ جي
ايڊيٽوريل وسيلي
ڏني:
”مقامي پريس
جي
هڪ حصي
ڪجهه
عرصي
کان
سنڌ جي
هارين جي
مقصد
لاءِ آواز
اٿارڻ پنهنجي
ذمي
کنيو
آهي. پر
بدقسمتيءَ سان
وڪيلن ۽ فنڊن
موڪلڻ وچ
۾
ڪو
به
سڌو سنئون
رابطو نه
هئڻ
ڪري
ڪي
دليل انتهائي
لا
تعلق ۽ بي
عقليءَ
ڀريا ٿا ثابت
ٿين.
اهي
پرجوش وڪيل
پنهنجي جذباتي
پڻي
۽
تڪڙا نتيجا
اخذ
ڪرڻ
واري پنهنجي
خواهش ۾
ڪيڏي
ڪيڏي مهل
ڪيترائي
معاملا هڪ
ٻئي
۾
اهڙي
ريت وچڙايو
ٿا
ڇڏين
جو
ان سان
خود
سندن ڪيس خراب
ٿئي
ٿو.
مثال
طور هو
اڪثر
ساڳي وقت
زميندارن تي
حملا،
کهڙي صاحب
تي
تنقيد، سنڌ
جي
هارين جي
حمايت ۽ پناهگيرن
لاءِ
وڌيڪ سياسي
حقن
جي
ڳالهه ٿا ڪن. ان
قسم
جو هڪ
اڻ
ڏاهپ
ڀريو
۽
حڪمت عمليءَ
جي
لحاظ کان غلط
انداز خود
سندن
مقصدن بابت
شڪ
ٿو
پئدا
ڪري. عمومي
طور
تي اهو
موقف
تڪرار جي
ٻئي
ڌر
کي
اهو
الزام ڌرڻ جو
موقعو ٿو فراهم
ڪري
ته
هارين جي
ڀلائيءَ
واري
ڳالهه
ڪندڙ
انهيءَ هاءِ
گهوڙا جو
واحد
مقصد مقامي
زميندارن کي
ڪمزور
ڪرڻ، مقامي
آباديءَ جي
سياسي سگهه
۾
ڏار
وجهڻ
۽
نون آبادڪارن
کي
ايندڙ وقت
۾
سنڌ
جي سياسي
منظر
تي بالادستي
فراهم ڪرڻ آهي.
ذاتي
طور تي
اسين
ان موقف
جا
حمايتي ناهيون،
جيتوڻيڪ سنڌ
جي
زرعي سرشتي
جا
ڪي
نفاذ حقيقتا
اعليٰ آدرشن
جا
حامل آهن،
پر
اسين اهو
چوندي ڪا هٻڪ
نه
ٿا
محسوس
ڪريون ته
نقادن جو
اهو
حصو به
مسئلي جي
درست
بنياد کي مخاطب
نه
ٿو
ڪري.
کهڙي صاحب
يا
سنڌ جي
ٻين
زميندارن کي سندن
موقف
سمجهڻ کان سواءِ
ٿيندڙ
حملن
کي
ڪنهن
به ريت
مناسب نه
ٿو
ليکي
سگهجي. اهو
نه
رڳو غير
مناسب آهي
پر
نتيجن جي
حوالي سان
به
بي ثمر
ٿيندو.“
حقيقتن
کي
آڏو
رکڻ واري
پنهنجي ريت
کي
برقرار رکندي
هن
زمين جي
مالڪيءَ واري
سرشتي ۽ زمينداري
سرشتي جي
خاتمي واري
گُهر
جي بي
وقتائتي مطالبي
پويان
ڪارڻن کي تفصيل
سان
هيٺين ريت
ڏٺو:
”پهرين
ڳالهه ته
هيل
تائين پاڪستان
۾
ڪو
معاشي سروي
نه
ٿيو
آهي، جنهن
پٽاندڙ ان
امڪان کي هٿي
ملي
سگهي ته
سنڌ
جي هارين
کي
زمين
جي مالڪن
وٽان
مناسب معاوضو
وغيره نه
پيو
ملي يا
سندن
ڦرلٽ
پئي ٿئي يا
کين
مناسب ۽ جوڳو
وهنوار نه
ٿو
ملي،
يا هو
پاڪستان جي
ٻين
صوبن
جي هارين
کان
وڌيڪ
محروم آهن
يا
جيستائين زميندار
کي
مڪمل
طور تي
ميساري نه
ٿو
سگهجي هاريءَ
جي
حالت سڌرڻ
جو
امڪان ناهي.
ٻيو ته
مسئلي
ڏانهن هاڻوڪو
سمورو رويو
اڻڄاڻائي تي
ٻڌل
ڳالهين
۽
غلط
ادراڪن تي
ٻڌل
آهي.
ٽيون ته
پاڪستان ۾ معيشت
مڪمل
طور تي
زراعت تي
انحصار ڪري ٿي ۽ ان
ڪري
سڄي
معاملي جي
سائنسي اڀياس
۽
قومي
معيشت جي
متبادل ذريعن
جي
مناسب طور
تي
سرجڻ تائين
هاڻوڪي سرشتي
سان
هٿ چراند
يا
ان ۾ رنڊڪ
نه
وجهڻ گهرجي.
چوٿون
ته
سنڌ ۾ زميندارن
۽
ٻين
هنڌن
جهڙوڪ اوڀر
پاڪستان ۾ زمينداريءَ
وچ
۾
ڪا
ڀيٽ
نه ٿي ٿي سگهي.
ٻنهي
صوبن
۾
زمين جي
مالڪيءَ جي
نوعيت ۾ زمين
آسمان جو
فرق
آهي.
پنجون
ته
سنڌ جي
زميندارن جي
پنهنجي زمين
جي
حوالي سان
حيثيت اوڀر
پاڪستان جي
زميندارن جي
پنهنجي زمين
جي
حوالي سان
حيثيت بنهه
مختلف آهي.
سنڌ
جو زميندار
پنهنجي زمين
جي
حوالي سان
ڪنهن
صنعتڪار جي
پنهنجي صعنتن
سان
ناتي واري
حد
۾
اچي ٿو.
ٻنهي پنهنجي
ملڪيت حاصل
ڪرڻ
لاءِ
سيڙپڪاري ڪئي آهي
۽
ساڻن
ان حوالي
سان
وهنوار رکڻ
گهرجي.
ڪنهن به
هڪ
کي
ميساري ٻئي جي
پٺڀرائي ڪرڻ جڳائي
نه
ٿي.
جيڪڏهن سڌو
سنئون يا
اڻ
سڌن اپائن
۽
ذريعن سان
زراعت کي قومي
تحويل ۾ وٺڻو
آهي
ته پوءِ
ساڳيو طريقو
ٻين
پئداواري عنصرن
تي
پڻ لاڳو
ڪيو
وڃي.
ڇهون جيڪڏهن
صنعتڪار ان
ڪري
معاشري جو
ڪارائتو
عنصر
آهي، جو
هو
قومي دولت
۾
ڀاڱي
ڀائيوار
ٿو
بڻجي
ته پوءِ
زميندار پڻ
ساڳي
حيثيت جي
دعويٰ ٿو
ڪري. سنڌي
زميندارن رياست
کي
ساليانو ست
ڪروڙ
رپين
کان
وڌيڪ رقم
ڏني
آهي
جيتوڻيڪ صوبي
جي
آبادي ڏهه لک
مس
آهي. ان
جي
ابتڙ اوڀر
پاڪستان جي
زميندارن ڏيڍ
ڪروڙ رپيا
مس
ڏنا
آهن جڏهن
ته
سندن صوبي
جي
آبادي چار
ڪروڙ
جي
لڳ ڀڳ آهي.
ستون
ان
جي باوجود
سنڌ
جي هارين
کي
تازي
سنڌ
ٽيننسي ايڪٽ
تحت
پاڪستان جي
ڪنهن
ٻئي
صوبي
جي پاڻ
جهڙن
جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ
حق
۽
مراعتون حاصل
آهن.
پنجاب ۾ هارين
لاءِ
ڪجهه
به نه
ڪيو
ويو
آهي، اتي
اڄ
به هڪ
سؤ سال پراڻا
قاعدا ۽ قانون
لاڳو
آهن.
اوڀر
پاڪستان ۾ ان
قسم
جا ڪي به
سڌارا نه
ڪيا
ويا
آهن جيڪي
سنڌ
لاءِ رٿيا
پيا
وڃن. مستقل
آبادين واري
پراڻي سرشتي
کي
ختم
ڪرڻ
واري جدوجهد
ڪي
به
جوڳا نتيجا
پيش
نه ڪيا آهن.
اتر
اولهه سرحدي
علائقي ۾ به
رڳو
اهو ڪيو ويو
آهي
جو هاريءَ
کي
پنجن
سالن جي
عرصي
تائين ٻني
ٻارو ڪرڻ جي
ضمانت ڏني وئي
آهي
۽
بس. ان
جي
ابتڙ سنڌ
۾
هارين کي
کيڙيءَ جا
مستقل ۽ وراثتي
حق
ڏنا
ويا آهن.
آمدنيءَ جو
0 5
سيڪڙو
ماڻي
سگهن ٿا. پنهنجي
حق
طور زميندار
کان
وياج
بنان قرض
وٺي
سگهن ٿا، اهي
زميندار کان بنان
وياج
جي ٻج پڻ
حاصل
ڪري
سگهن ٿا، کين جبري
پورهئي کان مڪمل
طور
تي آجو
ڪيو
ويو
آهي، قانون
موجب
عدالت ۾ کين زميندار
جي
برابري حاصل
آهي
۽
پنهنجي دعويٰ
بابت
قانوني سهارو
وٺي
سگهن ٿا.
قانون،
زمينداري ختم
ڪرڻ
جي
صورت ۾ سنڌ
۾
ڪابه
زرعي
ترقياتي رٿا
نه
ٿي
هلائي سگهجي.
جيڪڏهن سموريون
زمينون بخشش
جو
نتيجو آهن
ته
پوءِ ڇا
ٽيهه
ڪروڙ رپين
جي
لاڳت سان
(جيڪا
رقم
قرض جي
شڪل
۾
ئي جوڙي
وئي)
سان
ٺهندڙ
ڪوٽڙي بيراج
جي
اڏاوت ممڪن
هئي؟
هاڻ
ڪو
زميندارن سان
سهمت
ٿئي
يا نه
ٿئي،
هو
اهو ئي
چئي
پيا سگهن
ته
سندن خلاف
ڪو
متبادل دليل
ٻڌڻ
کان
سواءِ ڪو فيصلو
ڏيڻ
وارو
لاڙو
ڪنهن به
ريت
مناسب ۽ قانوني
نه
ٿيندو.
اصل ۾ اها
ئي
ڳالهه
معاملي کي تڪراري
بنائيندڙ آهي.
اسان
جا همعصر
ڪيڏي
ڪيڏي
مهل
قانوني ۽ اخلاقي
حوالن سان
ڪنهن
نڪتي
تي ويچارڻ
کان
سواءِ نتيجن
تي
پهچندي ڏٺا ٿا وڃن.
گهٽ
۾
گهٽ معاشي
معاملن ۾
ڪنهن ذميوار
پريس
کي
اهڙو ورتآءٌ
جڳائي نه
ٿو.“
سنڌ
۾
زراعت جي
آد
جڳادي سرشتي
بابت
انتهائي تفصيل
کهڙي
صاحب
جي تفصيل
تي
ڌيان
ڪرڻ
جو هڪ
اعليٰ مثال
آهي،
جنهن ۾ هو
سياسي اختلافن
کي
سچ
۽
شعور جي
ثمر
سان رد
ڪندي
نظر
اچي ٿو. سندن
ورتآءٌ ان
مامري تي
به
جذباتي ۽ اڌ
سچ
وارو نه
هو
جيڪو خود
سندس
آمدنيءَ جي
ذريعن بابت
هو.
کهڙي
صاحب زمين
جي
مسئلي جي
سوال
تي اڀاريل
طوفان آڏو
به
سينو سپر
ڪري
بيٺو
رهيو.
پر
ان
دوران لياقت
علي
خان پنهنجي
راڄ
جو اڻ
للڪارجندڙ مالڪ
بڻجڻ
واري پنهنجي
خواهش جي
پورائي لاءِ
زميندارن کي هيسائڻ
کان
وڌيڪ
وجهائتي وار
جي
رٿابندي ڪري رهيو
هو.
اپريل
1949 ع ۾ برطانوي
هاءِ
ڪمشنر
پاڪستاني وزير
اعظم
جي سازشن
۽
چالبازين پويان
اصل
مقصدن بابت
پنهنجي اندازي
کان
پنهنجي حڪومت
کي
آگاهه ڪيو:
”الهندي پاڪستان
جي
جوڙجڪ لاءِ
لياقت علي
خان
جي رٿابنديءَ
۾
اهم
عنصر سنڌ
آهي.
هنن کي اهڙي
سنڌ
جي ضرورت
هئي
جيڪا هنن
جي
هٿن ۾ رانديڪو
بڻجي.“
جيتوڻيڪ
ان
منصوبي يا
ان
جي تفصيلن
جي
گهڻي ترويج
نه
هئي پر
سياسي حلقا
لياقت علي
خان
۽
سندس ساٿارين
طرفان سٽيل
منصوبي کان ڀلي ڀت واقف
هئا.
مرڪزي حڪومت
جي
مقصدن بابت
انتهائي شڪ
شبها
هئا ۽
(1949 ع ۾ ئي)
افواهه گردش
ڪري
رهيا
هئا ته
اولهه پاڪستان
۾
صوبن
کي
ختم ڪري هڪ
انتظامي يونٽ
قائم
ڪيو
پيو وڃي.
کهڙي
صاحب
جي قيادت
۾
سنڌ
صوبائي مسلم
ليگ
جي ورڪنگ
ڪميٽيءَ
ان
رپورٽ جو
سخت
نوٽيس ورتو
۽
مارچ 1949ع جي
آخري
هفتي ۾ بحال
ڪيل
هڪ
ٺهرآءٌ
وسيلي صوبن
کي
ميسارڻ واري
عمل
کي
ننديندي ان
کي
سنڌ
واسين طرفان
پنهنجا معاملا
پاڻ
هلائڻ واري
حق
کان
محروم ڪرڻ جي
ڪوشش
ليکيو.
8 1
اپريل
1949 ع تي
سنڌ
صوبائي مسلم
ليگ
جي
ڪانفرنس لاڙڪاڻي
۾
شروع
ٿي.
صوبي جي
عوام
کي
پنهنجي پروگرام
کان
باخبر ڪرڻ واسطي
رٿيل
نون
”مڪمل“
ڪانفرنسن مان
اها
پهرين هئي.
ان
ڪانفرنس
اولهه پاڪستان
جي
صوبن کي ختم
ڪري
ون
يونٽ
ٺاهڻ جي
ڪنهن
به
تجويز خلاف
سخت
موقف اختيار
ڪندي
ٺهرآءٌ
منظور
ڪيو.
ڪانفرنس ۾ پناهگيرن
جي
آبادڪاريءَ واري
مرڪزي وزير
خواجا شهاب
الدين ۽ سردار
عبدالرب نشتر
پڻ
شرڪت
ڪئي. نشتر
ڪانفرنس
جي
صدارت ڪئي ۽ مرڪزي
حڪومت جو
ڪنٽرول
مڙهڻ
جي
ڪوشش
ڪيائين جنهن
لاءِ
کيس
۽
خواجا شهاب
الدين کي مقرر
ڪيو
ويو
هو ته
جيئن
پر تشدد
صوبائي
ڪانفرنس جو
دڳ
روڪي سگهجي.
نشتر
کي
ڪانفرنس
لاءِ
ٺهرآءٌ تيار
ڪرڻ
واري
پنهنجي صدارت
هيٺ
سبجيڪٽ
ڪميٽيءَ جي
اجلاس ۾ سنڌ
جي
مسلم ليگين
جي
ڪاوڙ
جو نشانو
بڻجڻو پيو.
گوڙ
ايترو وڌي
ويو
جو گڏجاڻي
عبدالرب نشتر
جي
ڪنٽرول
مان مڪمل
طور
تي نڪري
وئي.
مرڪز
خلاف
ٻيون
شڪايتون پڻ
سامهون آنديون
ويون. سبجيڪٽ
ڪميٽيءَ
جي
تيار ڪيل
ٺهرائن ۾ مرڪزي
حڪومت کان
کهڙي صاحب
خلاف
ڪاروائي
ختم ڪرڻ ۽ عهدو
ماڻڻ
کان
جهليندڙ سندس
نااهلي ختم
ڪرڻ
جي
گهر ڪيل هئي.
تمام
گهڻين
ڪوششن کان پوءِ
نشتر
کهڙي
صاحب سان
مرڪز
جي ورتآءٌ
خلاف
ٺهرآءٌ
وقتي طور
تي
موخر صاحب
سان
مرڪز جي
ورتآءٌ خلاف
احتجاجي
ٺهرآءٌ وقتي
طور
تي موخر
ڪرائي
سگهيو. پر
انهن
سوڀن نشتر
کي
ڪلاڪن
تائين هلندڙ
بحثن
۾
وچڙايو ۽ مرڪز
۽
صوبي
جي وچ
۾
ناتا
بهتر نه
ٿيا.
خواجا
شهاب
الدين جي
تقرير تي
پڻ
وڏو
ڏڦيڙ ٿيو جنهن
۾
هن
سنڌ ۾ پناهگيرن
جي
آبادڪاريءَ واري
معاملي تي
ڇوهه
ڇنڊيا.
”کانئس پوءِ
ايندڙ مقرر
شهاب
الدين کي آمر
سڏيندي مرڪزي
حڪومت تي
تنقيد
ڪئي، جنهن
تي
سنڌ کي نظر
انداز
ڪرڻ، صوبي
کي
حد
دخليءَ جو
پهريون نشانو
بنائڻ ۽ صوبائي
روايتن ۽ ثقافت
کي
تباهه ڪرڻ جي
ڪوشش
جا
ايترا ته
سخت
الزام
ڌريا ويا
جو
نشتر کي مداخلت
ڪندي
مقرر
کي
اهڙا بيان
ڏيڻ
کان
پاسو
ڪرڻ
جي درخواست
ڪرڻي
پئي،
جن سان
مسلم
ليگ جي
صفن
۾
ڏار
پئدا ٿي پئي
سگهيا.“
سنڌ
جي
مسلم ليگين
جا
سخت ۽ سگهارا
جذبا
اڳتي
ٿيندڙ مسلم
ليگ
جي صوبائي
گڏجاڻين ۾ پڻ
سامهون آيا.
مرڪزي
اڳواڻن کي
ڪراچيءَ جو
انتظام سنڀالڻ
مهل
ڪيل
واعدا ياد
ڏياريا
ويا
ته سنڌ
حڪومت
ڪراچيءَ مان
هٿ
ڪڍڻ
تي ٽڪو به
نه
وڃائيندي ۽ اهو
ته
ڪراچيءَ
۾
نوڪرين لاءِ
سنڌين کي ترجيح
ڏيڻ
جو
سلسلو جاري
رهندو. اهي
واعدا مڪمل
طور
تي
ٽوڙيا ويا،
درحقيقت
ڪراچي انتظاميا
سنڌين کي برطرف
يا
مسترد ڪري رهي
هئي.
اپريل 1949ع ۾
ڪراچي انتظاميا
لاهور جي
هڪ
اخبار جي
ان
الزام ته
ڪراچي
پوليس ۾ رڳو
يوپيءَ سان
تعلق
رکندڙن کي
ڀرتي ڪيو پيو
وڃي
۽
پنجابين کي ان
کان
ٻاهر
رکيو
ويو
آهي،
جي جواب
۾
ڪراچي
پوليس ۾ آفيسرن
جو
مڪمل پوتاميل
ڏنو.
انتظاميا جي
ڏنل
انگن
اکرن موجب 177
آفيسرن
مان
فقط 8 2
جو
تعلق سنڌ
سان
هو. انهيءَ
ڦاٽ
سنڌي
سياستدانن جي
شڪايتن کي هٿي
ٿي
ڏني
ته
ڪراچيءَ
جي عليحدگيءَ
سان
نوڪرين ۾
ڀرتين بابت
سنڌين جي
حق
کي
نظرانداز ڪيو ٿي ويو.
نئين
حرفتن جو
ان
مان اندازو
لڳائي سگهجي
ٿو
ته
اها خبر
ڏيندڙ
اخباري عيوضيءَ
کي
ان
حد تائين
ڊيڄاريو
۽
هيسايو ويو،
جو
معاملو گهرو
معاملن جي
ڊپٽي
وزير
تائين وڃي
پهتو.
سنڌ
جي
صوبائي مسلم
ليگ
کهڙي
صاحب جي
سرواڻيءَ ۾ انتهائي
سرگرم تنظيم
هئي،
جيڪا صوبي
جي
معاشي بهتري
۽
ڀلائي
لاءِ
پروگرام جوڙڻ
۽
مسلم
ليگي حڪومت
جي
جمهوري ادارن
وسيلي پنهنجا
مقصد
حاصل ڪرڻ جي
هر
ممڪن
ڪوشش ڪري رهي
هئي.
پر ان
ساڳئي وقت
ملڪي
۽
بين الاقومي
معاملن تي
پنهنجي
ڳڻتيءَ جو
اظهار به
ٿي
ڪيو.
فيبروري
1951 ع
۾
کهڙي
صاحب
موتمر العالم
اسلامي جي
گڏجاڻي لاءِ
ڪراچي
آيل
يروشلم جي
مفتي
اعظم الحاج
امين
الحسينيءَ جي
مهماني جهلي.
مفتيءَ کي پيش
ڪيل
آجياڻي واري
سپاس
نامي ۾
کهڙي صاحب
اسلامي دنيا
۾
ٻڌيءَ
جي
ضرورت تي
زور
ڀريو.
فلسطيني پناهگيرن
جي
وڏي شاهي
مسئلي جو
ذڪر
ڪندي
هن چيو:
”پاڪستان واسين
کي
انساني پيڙا
جي
اڻ
ڳڻين شڪار
ٿيلن
کي
واهر
ڪندي
خوشي
ٿيندي
.... پر جيڪڏهن
پاڪستان ان
ڏس
۾
اوترو
ڪجهه نه
ڪري
سگهيو آهي
جيترو ان
کي
ڪرڻ
کپندو
هو
ته ان
جو
واحد سبب
اهو
آهي ته
ان
جا هٿ
اڳيئي ساڳي
نوعيت جي
انساني تاريخ
جي
بدترين گهوٽالي
جي
حل ۾ رڌل
آهن.“
کهڙي صاحب
فلسطين فنڊ
واسطي ست
هزار
رپين جي
ذاتي
عطيي جو
اعلان ڪيو جڏهن
ته
مفتي اعظم
پاڪستان پناهگير
فنڊ
لاءِ 50
پائونڊ چندو
ڏنو
جنهن
لاءِ
کهڙي صاحب
پڻ
0 0 0 5 3
هزار
رپيا
عطيو
ڏنو.
1951 ع ۾ لياقت
علي
خان پاڪستان
مسلم
ليگ جي
صدارت سنڀالي،
جيتوڻيڪ قائداعظم
1942 ع
۾
ئي
پاليسي واضح
ڪئي
هئي
ته سرڪاري
عهدو
سنڀاليندڙ پارٽي
عهدو
ماڻي نه
سگهندو.
کهڙي صاحب
1943 ع
جي
شروعات ۾ وزارت
سنڀالڻ تي
پارٽي عهدي
تان
استعيفيٰ ڏني هئي.
هاڻ
لياقت علي
خان
جي قدم
جي
پوئواري
ڪندي صوبائي
وڏن
وزيرن پڻ
مسلم
ليگ جون
صوبائي صدارتون
سنڀالڻ شروع
ڪيون.
سيپٽمبر
1950 ع ۾ انتهائي
جوش
خروش سان
ٻيهر
صدر
چونڊيل
کهڙي صاحب
لاءِ
هاڻ وڏ
وزارت جو
عهدو
سنڀالڻ لاءِ
به
رستو کلي چڪو
هو.
کهڙي
صاحب جي
سنڌ
۾
وڏ وزارت
سنڀالڻ واري
پهرين دور
کان
وزير
اعظم لياقت
علي
خان قاعدو
جوڙيو هو
ته
رڳو وفاقي
حڪومت جي
سربراهه کي ئي
انگريزي لفظ
”پرائم
منسٽر يا
پريميئر“ سان
سڏيو
ويندو جڏهن
ته
صوبائي حڪومتن
جا
سمورا سربراهه
”چيف
منسٽر“ سڏبا.
کهڙي صاحب
6 2
اپريل
1948 ع
تي
پنهنجي برطرفيءَ
کان
ذري
گهٽ ٽي سال
پوءِ
5 2
مارچ
1951 ع
تي
سنڌ جي
وڏ
وزارت سنڀالي.
اها
مرڪز جي
اختيار جي
حد
هئي جو
مارچ
1950 ع
۾
سنڌ جي
چيف
ڪورٽ
طرفان پروڊا
تحت
سندس نا
اهلي
ختم
ڪرڻ، سنڌ
مسلم
ليگ جي
صدر
هئڻ ۽ سنڌ
جي
قانون ساز
اسيمبليءَ جي
اڪثريت جي
حمايت هئڻ
جي
باوجود کيس وڏ
وزارت سنڀالڻ
لاءِ
مرڪز جي
راضپي جو
انتظار
ڪرڻو پيو.
ايستائين
جو
خاص جاچ
عدالت جون
هٿ
ڪيل
ثابتيون مرڪزي
حڪومت کي پيش
ڪيون
ويون
۽
انهيءَ حڪومتي
اعلان کان گهڻو
اڳي
سنڌ مسلم
ليگ
ڪائونسل
ڊسمبر
1948 ع
۾
کهڙي
صاحب کي تنظيم
جو
صدر چونڊي
چڪي
هئي. هو
جاچ
جي نتيجي
جو
انتظار
ڪندي صدارت
کان
ڌار
پڻ
ٿيو
هو، جنهن
کيس
بري
قرار
ڏنو.
1950ع ۾ کيس
ٻيهر صدر
چونڊيو ويو.
دراصل مسلم
ليگ
پارٽي واري
سندس
قيادت ان
عرصي
دوران حڪومتي
ڪارواين
جي
باوجود
ڪنهن جوکم
جو
شڪار نه
ٿي
۽
هو
ان عرصي
دوران سنڌ
جي
سياست جي
سڀ
کان
وڌيڪ سگهاري
شخصيت بڻيو
رهيو.
کهڙو صاحب
انهن
ڏينهن
۾
وڏو وزير
بڻيو
جڏهن سنڌ
انيڪ
مسئلن جو
شڪار
هئي. وسيلن
جي
ابتري هئي
۽
ڪراچيءَ
جي
مرڪز وٽ
هئڻ
ڪري
وسيلا انتهائي
گهٽجي چڪا
هئا.
کهڙي
صاحب جي
فولادي هٿ
جي
اڻهوند سبب
انتظاميا
ڪمزور بڻيل
هئي.
ان کان سواءِ
سيڪشن 2 9
الف
لاڳو ٿيڻ جي
صورت
۾
مرڪزي راڄ
جو
امڪان پڻ
موجود هو.
جيتوڻيڪ
ٻئي
دور
۾
کهڙي
صاحب ۽ لياقت
علي
خان وچ
۾
ڪو
گهڻو
قرب ته
نه
هو پر
هڪ
اڻ لکيل
صلح
هو، جنهن
کهڙي
صاحب
کي
گهڻي مداخلت
کان
سواءِ ڪم ڪرڻ جو
موقعو
ڏنو. ان
مرحلي تي
مرڪزي حڪومت
۾
لياقت علي
خان
جي حيثيت
متوازي
ڪامورڪي عنصر
جي
سگهاري ٿيڻ سبب
ڪمزور
ٿي
چڪي
هئي.
کهڙي صاحب
جي
وڏي وزير
ٿيڻ
جي
ڇهن
مهينن اندر
ئي
لياقت علي
خان
آڪٽوبر 1951ع ۾ هڪ
قاتل
گوليءَ جو
کاڄ
بڻيو. ان
کان
پوءِ
پاڪستان جي
سويلين ۽ جمهوري
ڪنٽرول
وارو
ڍڪ
اڳي کان وڌيڪ
لهي
ويو.
کهڙي صاحب
پنهنجي وڏ
وزارت پنهنجي
معمول جيان
چابڪ
دستيءَ سان
هلائي. جيتوڻيڪ
مرڪز
۽
ان جا
حواري ان
مسئلي تي
خوش
نه هئا،
پر
کهڙي
صاحب جي
مخالف ۽ وزير
اعظم
جو ترجمان
ليکي
ويندڙ انتهائي
مضبوط اخبار
ڊان
کي
به
لکڻو پيو
ته:
”سندس
کاتي ۾ جيڪا
سڀ
کان
وڏي وٿ
اچي
ٿي
سا
ڏکين ۽ سکين
گهڙين ۾ مسلم
ليگ
سان ساٿ
نڀائڻ آهي.
منجهس هڪدم
۽
همٿ
سان ڪم ڪرڻ واري
اها
وصف به
آهي
جيڪا اڄوڪن
سياستدانن ۽ منتظمين
۾
ڳولهيو
نه
ٿي
ملي.“
اڳوڻي
قاضي
حڪومت کي پارٽي
ڪميٽيءَ
مان
هلائڻ سبب
کهڙي
صاحب
کي
حڪومتي پاليسين
۾
ڪا
جوڳي
تبديلي آڻڻ
جي
ضرورت محسوس
نه
ٿي.
هن
”گندگي
ڀريل پراڻا
وٿاڻ
صاف
ڪرڻ“ تي
قاضي
کي
ساراهيو ۽ صوبي
جي
مالياتي ترقيءَ
لاءِ
اعليٰ منصوبا
جوڙڻ
لڳو. هن
لوئر
سنڌ بيراج
جي
تڪميل
ڏانهن ٿي واجهايو
جنهن
سان
”سنڌو ماٿريءَ
۾
خوشحاليءَ جو
هڪ
نئون دور
اچڻ“
اڻٽر هو.
کهڙي صاحب
انهيءَ سوچ
سان
سڌ سمآءٌ
وارو
کاتو
پاڻ وٽ
رکيو
ته
”ماڻهن ۽ عوامي
عيوضين وچ
۾
مڪمل
توازن ۽ ويجهو
رابطو رکجي.
عوام
سان رابطي
کان
سواءِ ۽ عوام
جي
مڪمل اعتماد
۽
سهڪار کان سواءِ
اسين
اڳتي نه
ٿا
وڌي
سگهون.“
کهڙي صاحب
ٽيننسي
ايڪٽ
کي
تڪڙو لاڳو
ڪرڻ
سميت
زرعي ترقيءَ
وارو
پنهنجو پروگرام
واضح
ڪيو.
سندس
ٻيون پاليسيون
صنعت
کي
همٿائڻ ۽ هڪ
بهتر
مواصلاتي تاڃي
پيٽو
مهيا ڪرڻ بابت
هيون. هن
صوبي
۾
تعليم پکيڙڻ
پڻ
چاهي ٿي.
هن
مرڪزي حڪومت
کي
ياد
ڏياريو
ته سنڌ
پنهنجي رقم
جي
وصوليءَ لاءِ
اڃان
تائين اوسيئڙي
۾
آهي
۽
ان کان سواءِ
صوبي
۾
قومي اڏاوت
جي
ڪابه
اسڪيم هلائڻ
ممڪن
ناهي. هن
اعلان ڪيو ته
سندس
حڪومت ”ان جي
خاطري
ڪندي ته
وقت
گذرڻ سان
گڏ
عام ماڻهن
جي
خواهشن ۽ سڌن
کي
ڇيهو
نه
رسي.“ ان
۾
حيدرآباد ۾ صنعتڪاري
جو
هڪ پروگرام
پڻ
شامل هو،
جتي
بيروزگاريءَ واري
مسئلي کي منهن
ڏيڻ
لاءِ
هڪ صنعتي
علائقو قائم
ٿيڻو
هو.
پناهگيرن
جي
آبادڪاريءَ کي
کهڙي صاحب
پنهنجي ترجيحن
مان
هڪ بڻايو.
هن
پنهنجي روايتي
انداز ۾ صورتحال
جو
اظهار ڪيو:
”انگ اکر
ڄاڻائين
ٿا
ته
هيءُ صوبو
لکن
جي تعداد
۾
سنڌ
ڏانهن
لڏ پلاڻ
ڪري
آيل
پناهگيرن جي
آبادڪاريءَ لاءِ
گهڻو
ڪجهه
ڪري
چڪو آهي.
ذيلي
علائقن واريون
نيون
اسڪيمون جيڪي
عملي
روپ اختيار
ڪرڻ
جي
انتظار ۾ آهن،
ست
ڀرئي
شڪايتن لاءِ
ورلي
ڪو
موقعو فراهم
ڪنديون.“
پر
هن
پناهگير آباديءَ
جي
اڳواڻن کي وڌيڪ
عقل
ڀريو
رويو اختيار
ڪرڻ
جو
مشورو
ڏنو.
”اسان جا
مسئلا سندن
مسئلا آهن
۽
جيڪڏهن مجموعي
مسئلي
ڏانهن هڪ
مناسب ذهني
لاڙو
پئدا ڪيو ويو
۽
مت
ڀيد
کان
وانجهيل راهه
اختيار ڪئي وئي
ته
ان جي
حل
۾
ڪابه
ڏکيائي
پيش نه
ايندي.“
۽ هن
پناهگير آباديءَ
کي
ياد
ڏياريو
ته مٿن
سندن
گهر ڪيل حقن
۽
رعايتن سان
گڏوگڏ ڪي فرض
به
آهن.
”آءٌ پنهنجي
ڀائرن
کي
خاطري ٿو
ڪرايان ته
جيڪڏهن هو
پنهنجي لاءِ
گهربل سمورن
حقن
سان گڏوگڏ
مثبت
ثبوت مهيا
ڪندا
ته
هو پنهنجا
فرض
۽
ذميواريون پڻ
ڀلي
ڀت
سمجهن ٿا ته
کين
منهنجي شڪل
۾
پنهنجو سڀ
کان
وڏو
حمايتي ملندو.“
هن
انهن
نون سنڌين
کي
پنهنجو ڪو نئون
گروهه
ٺاهڻ بدران
پنهنجي سنڌي
ڀائرن
۾
ضم
ٿيڻ
۽
هن
ڌرتيءَ جي
آڇيل
ثمر ۾ هڪ
جيترو
ڀاڱي
ڀائيوار ٿيڻ جي
اپيل
ڪئي.
کيس ان
جو
گهڻو فڪر
هو
ته پناهگير
سنڌ
جي معاشري
۾
مڪمل
طور تي
کير
کنڊ
ٿي
وڃن.
هن مشاهدو
ڪيو
هو
ته
ڪهڙي ريت
مرڪز
مفت پلاٽ
ٿي
ڏنا
۽
حاصل
ڪندڙ
اهو وڪڻي
وري
ٻئي
لاءِ ٿي واجهايو.
کهڙي
صاحب
چاهيو ٿي ته
جيترو جلدي
ممڪن
ٿي
سگهي پناهگيرن
جي
مستقل آباد
ڪاري
ٿئي
ته
جيئن رياست
جي
وسيلن جي
زيان
کي
ٻنجو
ڏئي
سگهجي. هن
حيدرآباد
ٻاهران لطيف
آباد
واري ذيلي
ٿاڪ
جي
اڏاوت واري
ڪم
کي
زور
وٺرايو ۽ گهرن
جي
ادائيگي کي برداشت
جوڳو
مقرر
ڪيائين ته
جيئن
ماڻهو آسان
قسطن
تي ادائيگي
ڪري
سگهن
۽
مفت ورهاست
تي
زور کي به
مڏو
ڪجي.
انهن
ڏينهن
۾
ڪيتريون
ئي
پناهگير تنظيمون
سنڌ
۾
جڙي چڪيون
هيون
جيڪي اسيمبلين
۾
پناهگيرن لاءِ
ڌار
سيٽن
جي گهر
ڪري
رهيون هيون.
کهڙي
صاحب
ان گُهر
جي
مخالفت ڪئي
ڇاڪاڻ جو
هن
ڄاتو
ٿي
ته ان
سان
ماڻهن ۾ ويڇا
وڌندا ۽ لڏ
پلاڻ
ڪري
آيل آباديءَ
جي
اصلوڪي آباديءَ
۾
ضم
ٿيڻ
واري عمل
جي
راهه ۾ رڪاوٽ
ٿيندي.
”پناهگير صوبي
۾
مستقل بنيادن
تي
ٿانيڪو
ٿيڻ
واسطي سنڌ
آيا
آهن ۽ هو
ڍنڍ
جا
پکي ناهن.“
بهرحال
هن
واعدو ڪيو ته
سندن
نمائندگيءَ جي
خاطري لاءِ
خاص
اُپاءَ ورتا
ويندا.
وڏي
تعداد ۾ ماڻهن
جي
سنڌ ۾ آمد
سندن
واسطي رڳو
گهر
۽
روزگار
ڳولهڻ جا
مسئلا ئي
نه
ٿي
پئدا
ڪيا.
کهڙي صاحب
جي
صوبائي انتظاميا
سنڀالڻ کان
ڪجهه عرصو
اڳ
3 2
آڪٽوبر
تي
حيدرآباد ۾ افواهه
پکڙيو ته
هڪ
سنڌي همراهه
هڪ
مهاجر
ڇوڪرو اغوا
ڪري
ورتو
آهي. ان
مامري سگهوئي
وڳوڙي صورت
اختيار ڪئي ۽ پوليس
۽
مهاجر آباديءَ
۾
ٽڪرآءٌ
ٿي
پيو.
هجوم جي
اڳواڻي
ڪجهه اڍنگا
بدمعاش ڪري رهيا
هئا
جيڪي ماڻهن
جو
هجوم گڏ
ڪرڻ
جا
ذميوار هئا
۽
هاڻ
کين
ڇڙوڇڙ
ٿيڻ
نه پئي
ڏنائون.
”عبدالقيوم
ڪانپوري
۽
ان
جهڙن ٻين وڳوڙين
تعزين وارن
۽
آکاڙي وارن
کي
مشتعل ڪرڻ ۽ کين پوليس
ٿاڻي
تائين وڃڻ
تي
هرکايو.“ هجوم
ٿاڻي
جو
گهيرآءٌ ڪيو ۽
ٿاڻي ۽ ان
۾
موجود پوليس
وارن
تي پٿر
وسائڻ شروع
ڪيائون.
هنن
پوليس يا
ضلعي
مئجسٽريٽ جي
ڳالهه
تي
ڪن
ڌرڻ
کان
انڪار ڪيو ۽ جڏهن
پوليس چتآءٌ
ڏيڻ
خاطر
هوا ۾ گوليون
هلايون ته
هنن
به پنهنجي
پٿراءَ ۾ تيزي
آندي. ويجهڙائي
واري
هڪ عمارت
مان
ڪجهه
گوليون هلائي
ڪن
ماڻهن کي زخمي
ڪيو
ويو
ان تي
پوليس جي
ڪيل
فائرنگ ۾
ڪجهه ماڻهو
مارجي ويا
جڏهن
ته ڪي زخمي
ٿيا.
گذريل
ڪيترن
ئي
سالن کان حيدرآباد
۾
محرم
مهيني دوران
هڪ
به وڳوڙ
نه
ٿيو
هو ۽ هيءُ
واقعو
ڏڦيڙ پئدا
ڪرڻ
جي
واضح
ڪوشش هو.
اخبارن مارجي
ويلن
۽
زخمي
ٿيلن جي
تعداد ۾ پنهنجي
طرفان اضافو
ڪيو
جنهن
صورتحال کي اڃان
وڌيڪ
ڇڪتاڻ
وارو ٿي بڻايو.
حڪومت هڪدم
ردعمل
ڏيکاريندي جاچ
ڪرائي
۽
ان
جي رپورٽ
هڪدم
پڌري
ڪئي. ان
جاچ
جي رپورٽ
سنڌ
جي شهري
علائقن ۾ امن
امان
جي خراب
ٿيندڙ
صورتحال بابت
ڪيترائي
شڪ
شبها دور
ڪيا.
ان
مخصوص معاملي
۾
افواهه اهو
پکيڙيو ويو
ته
شيعن قرباني
ڪرڻ
لاءِ
سُنين جو
ڇوڪرو
اغوا
ڪيو
آهي جيئن
رپورٽ
ڄاڻائي ٿي:
”محرم جي
ڏهن
ڏينهن
دوران يا
ان
کان
اڳ حيدرآباد
۾
ڪڏهن
شيعا
سني
ڇڪتاڻ جي
ثابتي نه
ٿي
ملي.
حيدرآباد ۾ شيعا
اڳي
وانگر ئي
تعزيا ڪڍن
ٿا.“
رپورٽ
شهر
۾
امن امان
جي
بگڙجندڙ صورتحال
جا
سبب واضح
ڪيا.
”کوکرا پار
۽
ان
جي پسگردائي
مان
پاڪ
ڀارت سرحد
پار
ڪندڙ
پناهگيرن حيدرآباد
کي
مناسب ۽ عاليشان
شهر
طور
ڏٺو. منجهائن
ڪي
اندرين سنڌ
جي
علائقن
ڏانهن منتقل
ٿيا
جڏهن
ته باقي
حيدرآباد ۾ ئي
ترسي
پيا ۽ پوليس
سندن
پسمنظر
ڄاڻڻ کان بلڪل
قاصر
رهي. ان
صورتحال ۾ اها
فطري
ڳالهه
آهي ته
ڪي
خراب
ڪردار
وارا ماڻهو
حيدرآباد ۾
ٿانيڪو ٿيا هجن.
ان
۾
ڪو
شڪ ناهي
ته
گهڻي
ڀاڱي پناهگير
اڃان
تائين پنهنجو
پاڻ
کي
اڻ
ٿانيڪو سمجهن
ٿا
۽
اڳواڻن ۽ سياستدانن
جو
ڏيکآءٌ
ڏيندڙ
ماڻهن لاءِ
اڻ
ٿانيڪو
پناهگيرن کي رستي
تي
آڻڻ ۽
ڏڦيڙ پئدا
ڪرڻ
انتهائي سولو
آهي،
جيڪي سرڪاري
اختياري وارن
سان
لهه وچڙ
۾
ته
”پناهگيرن
جي مفاد“
جي
نالي تي
ايندا آهن
پر
سندن اصل
مقصد
پنهنجا ذاتي
مفاد
ئي هوندا
آهن.
ان ريت
سادا
سودا پناهگير
سولائي سان
سندن
گرهه بڻجيو
وڃن.
پنهنجي ذاتي
مفادن جي
تحفظ
لاءِ اهي
وڳوڙي ۽ مفاد
پرست
عنصر ضلعي
انتظاميا وٽ
پنهنجو وڏو
تعداد ثابت
ڪرڻ
لاءِ
ان قسم
جون
ڪاروايون
ڪن
ٿا.“
کهڙو صاحب
ان
قسم جي
مسئلن کان ڀلي ڀت واقف
هو
۽
پنهنجي وڏ
وزارت جي
پهرين دور
۾
پڻ
اهڙن مامرن
کي
منهن
ڏئي
چڪو هو.
هاڻ
کيس
ان واقعي
جي
اثرن کي زائل
ڪرڻو
هو.
هن ان
واقعي جي
شڪار
ڪٽنبن
جي سهائتا
جي
خاطري
ڪرائي پر
ساڳي
وقت اهو
به
واضح
ڪيائين ته
هو
ان قسم
جي
واقعن کي
ٻيهر ڏسڻ نه
ٿو
چاهي. هن
مسلسل دورن
۽
ضلعي
انتظاميا تي
ذاتي
نظرداريءَ سان
صورتحال کي معمول
تي
آندو.
اپريل
۾
پنهنجي ڪمن مان
ڪجهه
واندڪائي ڪڍي
کهڙي صاحب
وزير
اعظم ۽ بيگم
رعنا
لياقت علي
خان
جي مان
۾
ڪراچي
ڪلب
۾
رات
جي ماني
جهلي، جنهن
جو
هو ان
سال
ئي صدر
چونڊيو ويو
هو.
سياسي ۽ سماجي
اشرافيا جي
وڏي
حصي ان
دعوت
۾
شرڪت
ڪئي. مانيءَ
کان
پوءِ
راڳ جي
محفل
ٿي
جنهن ۾ اهم
فنڪار ويهارو
کن
سالن
جي
ڄمار وارو
استاد منظور
علي
خان هو،
جنهن
پنهنجي ننڍي
ڄمار
۾
ئي
نه رڳو
ڪلاسيڪي
موسيقيءَ ۾ مهارت
حاصل
ڪري
ورتي هئي،
پر
ڪلاسيڪل
ڪافي
خاص طور
تي
ڀٽائي
جي شاعري
ڳائڻ
جو
تخليقي فنڪار
پڻ
هو.
کهڙو صاحب
پنهنجي جوانيءَ
جي
ڏينهن
کان
ئي هندستاني
ڪلاسيڪي
موسيقيءَ جو
پرستار هو
۽
1920 ع
واري
ڏهاڪي
دوران خيرپور
جي
ٽالپر
حاڪم مير
علي
نواز خان
جي
راڳ رنگ
وارين محفلن
۾
اڪثر
مهمان بنايو
ويندو هو.
پنهنجي سڄي
حياتيءَ دوران
کهڙو
صاحب
ننڍي کنڊ جي
عظيم
ڳائڻن
کي
ٻڌڻ
جا موقعا
ماڻيندو رهيو
۽
هن
وٽ ٿڪ لاهڻ
جو
اهو بهترين
رستو
هو جيڪو
وکر
اڄ اڻلڀ
آهي.
1951 ع ۾
کهڙي صاحب
جي
وڏو وزير
ٿيڻ
تائين نئين
ملڪ
جي سياسي
سرشتي ۾ تمام
گهڻي
گهرائي تائين
ڦيٽارو
پئجي
چڪو هو.
کهڙي
صاحب
کي
سگهوئي پتو
لڳو
ته خود
سندس
ڪابينا
جا ساٿي
اقتدار جي
سڻڀي
چرخي تي
پورا
اچڻ لاءِ
سنڌ
جي گورنر
يا
مرڪز ۾ ويٺل
شهنشاهن جا
مٽ
ڀري
رهيا آهن.
قاضي
فضل الله جي
وڏ
وزارت تان
هٽندي ئي
سندس
حمايتي ميمبرن
گورنر جي
پٺڀرائي حاصل
ڪرڻ
لاءِ
پتوڙڻ شروع
ڪيو.
ڊگهي
عرصي
کان
وڏو وزير
ٿيڻ
جو
خواهشمند مير
غلام
علي، ناڻي
جي
سگهاري وزير
غلام
محمد جي
حمايت حاصل
ڪري
رهيو
هو. انهيءَ
اندروني ويڙهه
کي
گورنر پنهنجي
لاءِ
سونهري موقعو
ڀانيو
۽
صوبي
۾
گورنر راڄ
مڙهي
مير غلام
علي
۽
قاضي فضل
الله
طرفان
کهڙو صاحب
خلاف
داخل هڪ
پروڊا درخواست
جي
پٺڀرائي
ڪيائين. ان
تي
کهڙي
صاحب جي
حمائتين مير
غلام
علي ۽ قاضي
فضل
الله خلاف
هڪ
درخواست داخل
ڪئي.
انهيءَ حملي
۽
جوابي حملي
کي
لياقت علي
خان
جي حمايت
حاصل
نه هئي
جيڪو
انتهائي خبرداريءَ
سان
جائزو وٺي
رهيو
هو. هو
ناظم
الدين ۽ خواجا
شهاب
الدين کي برطرف
ڪرڻ
۽
حد
کان
وڌيڪ طاقتور
ناڻي
واري وزير
غلام
محمد مان
ڇوٽڪارو
حاصل
ڪرڻ
جي تيارين
۾
رڌل
هو. هن
دولتانه کي مير
غلام
عليءَ سان
ڳالهين
لاءِ
اماڻيو ۽ جڏهن
ان
ٻوٽو
نه
ٻاريو ته
گورنر کي چيائين
ته
هو پروڊا
درخواستن جي
همت
افزائي نه
ٿو
چاهي
۽
کيس
کهڙي
صاحب خلاف
درخواست خارج
ڪرڻ
لاءِ
هدايت
ڪيائين. 6 1
آڪٽوبر تي
لياقت علي
خان
جي قتل
تائين گورنر
اڃان
ان حڪم
جي
پوئواري نه
ڪري
سگهيو هو.
اڳتي
هلي جڏهن
کهڙي
صاحب
خلاف پروڊا
هيٺ
داخل درخواست
خارج
ڪيائين
ته ان
۾
ڪي
نقص
ضرور
ڇڏيائين ته
جيئن
ايندڙ وقت
۾
ضرورت مهل
ان
کي
وري
کهڙي صاحب
خلاف
استعمال ڪري سگهجي.
لياقت
جي
وفات کان پوءِ
پاڪستان ۾ اختيارن
جو
منظر تبديل
ٿي
ويو.
بغاوت طور
ليکجي سگهندڙ
وک
هيٺ
ڪامورڪي اختيارن
جي
سرچشمن پاڪستان
تي
راڄ ڪرڻ جو
ذمو
پنهنجي سر
کنيو،
سندن
سربراهه
ڪامورن جو
ان
داتا غلام
محمد
هو. گروپ
جي
ٻين
سرخيلن ۾ چوڌري
محمد
علي، نواب
مشتاق گرماني
۽
خان
قربان علي
خان
شامل هئا.
بچآءٌ واري
سيڪريٽري اسڪندر
مرزا
کي
پڻ سگهوئي
اندرين
ٽولي ۾ شامل
ٿيڻو
هو.
ان گروپ
عهدن
جي ورهاست
ڪهڙي
ريت
هئڻ گهرجي،
جو
فيصلو
ڪيو. ناظم
الدين وزير
اعظم
بڻيو ۽ غلام
محمد
پاڻ گورنر
جنرل
بڻجي رياست
جي
معاملن کي هلائڻ
جون
سموريون واڳون
پنهنجي هٿن
۾
رکندي وزير
اعظم
کي
پتليءَ وانگر
هلايو.
لياقت
علي
خان جي
قتل
جي
ڪجهه ئي
مهينن اندر
سنڌ
جي گورنر
جنهن
پنهنجي سر
ڪي
سڌون
ٿي
ڪيون
۽
محسوس
ڪيائين ته
سيڪشن 2 9
الف
لاءِ مرڪز
جي
آشيرواد حاصل
ڪري
سگهندو، مير
غلام
عليءَ کي
کهڙي صاحب
خلاف
پروڊا درخواست
اٿلائڻ لاءِ
چيائين، جڏهن
ته
قاضي فضل
الله
خلاف به
هڪ
درخواست داخل
ڪرايائين.
ان
کان
پوءِ سمورن
اهم
سياستدانن خلاف
پروڊا هيٺ
درخواستن جو
سلسلو شروع
ٿي
ويو،
جنهن عمل
گورنر دين
محمد
کي
چڱي ريت
موهيو ٿي. هن
هڪ
اڌ الزامن
جي
مٿاڇري جاچ
ڪرائي
معاملو
ٽربيونل
ڏانهن ٿي اماڻيو.
ان
دوران وزير
اعظم
ناظم الدين
پڻ
محسوس ڪيو ته
هو
به سنڌ
جي
ڏڦيڙي
تلاءَ مان
ڪو
شڪار
ڪري
سگهي ٿو ۽ پنهنجي
وڻندڙ اڳواڻ
مير
غلام علي
جي
وڏي وزير
بڻجڻ
جي پٺڀرائي
ڪيائين.
پر
ناظم الدين
جي
حمايت گورنر
آڏو
ڪو
خاص
ٻوٽو
ٻاري نه
سگهي، جيڪو
پاڻ
اختيار ماڻڻ
جو
پڪو پهه
ڪري
چڪو
هو. دين
محمد
سولائي سان
ناظم
الدين کي مڏو
ڪري
پنهنجي
ڳالهه مڃرائڻ
جو
اهل هو.
اسيمبليءَ ۾ ڪا جوڳي
حمايت رکندڙ
سمورن اميدوارن
جي
پروڊا هيٺ
جاچ
۾
هئڻ ڪري هن
لاءِ
ميدان صاف
هو
۽
کهڙي
صاحب کان استعيفيٰ
گهريائين ۽
”اسيمبلي طرفان
ڪنهن
متبادل وزارت
جي
حمايت نه
ڪرڻ
تي
هن اسيمبلي
برطرف
ڪئي“ ۽ 9 2
ڊسمبر
1951ع
تي
صوبي ۾ گورنر
راڄ
مڙهي
ڇڏيائين.
بهرحال
دين
محمد جو
راڄ
به گهڻو
وقت
هلي نه
سگهيو
ڇاڪاڻ جو
سگهوئي هو
وزير
اعظم جي
خوشنودي وڃائي
ويٺو، جنهن
کي
ٿورو
گهڻو
ادراڪ هو
ته
هن سيڪشن
2 9
الف
جو
استعمال
ڪجهه سرس
ئي
ڪيو
آهي. دين
محمد
کي
برطرف ڪيو ويو
۽
ميان
امين الدين
کي
سنڌ
جو گورنر
بڻايو ويو.
نئون
گورنر به
اڳوڻي گورنر
وانگر ئي
ڪنهن
گوڙ
گهمسان ۽ اسيمبلي
۽
وزارت جي
پرواهه ڪرڻ کان سواءِ
راڄ
ڪرڻ
جو پڪو
پهه
ڪري
آيو هو.
هن
پروڊا جاچ
هيٺ
سمورن سياستدانن
لاءِ
نا اهلي
رٿي.
6 2
جنوري
1953 ع
تي
جاچ هيٺ
آيل
سمورن سياستدانن
کي
نا
اهل قرار
ڏنو
ويو.
کهڙي صاحب
کي
ڇهن
سالن
لاءِ نااهل
ڪيو
ويو،
کيس
انهيءَ نا
اهلي
تي صدمو
رسيو
هو جيڪا
ڪجهه
غير
مناسب شاهدين
تي
ٻڌل
هئي ۽ جمهوري
وهنوار سان
ڪاسائي
واري
ڪار
ڪرڻ
تي هڪ
احتجاجي بيان
جاري
ڪيائين:
”پروڊا تحت
قائم
ڪيل
ٽربيونل
جي فيصلي
جي
روشنيءَ ۾ مون
کي
ڇهن
سالن
لاءِ نااهل
قرار
ڏيڻ
واري گورنر
جنرل
جو حڪم
خاص
طور تي
منهنجي
ٽربيونل جي
رپورٽ چڪاسڻ
منهنجي لاءِ
انتهائي اچرج
جوڳو
آهي. سنڌ
جي
اڳوڻي گورنر
دين
محمد طرفان
اماڻيل ستن
الزامن مان
چئن
۾
مون کي مڪمل
طور
تي آجو
قرار
ڏنو
ويو آهي.“
هڪ
الزام ان
دور
جو آهي
جڏهن
کهڙو
صاحب وڏو
وزير
به نه
هو،
مٿس الزام
هنيو
ويو هو
ته
هن تڏهوڪي
وڏي
وزير قاضي
فضل
الله تي
هاشم
مريءَ جي
نظربندي وارو
حڪم
منسوخ ڪرڻ جو
سڌو
سنئون يا
اڻ
سڌو اثر
وڌو.
جيڪو
الزام
کهڙي صاحب
تي
ثابت ٿيو ان
موجب
سينئر سياستدان
۽
اسيمبليءَ جي
ساٿي
مولا بخش
سومري جي
سفارش تي
هڪ
قبائلي سربراهه
سردار خان
کوسي
کي
حيدرآباد جيل
منتقل ڪيو ويو،
ڇاڪاڻ
جو
جيڪب آباد
۾
سهولتون مناسب
نه
هيون. سردار
کوسي
تي
سندس قبيلي
جي
سردار عزيز
الله
کوسي
کي
قتل ڪرڻ جو
الزام هو.
کهڙي
صاحب
تي الزام
هنيو
ويو ته
هن
آءِ جي
سنڌ
پوليس بدران
ڊي
آءِ
جي سنڌ
پوليس کي
ڪيسن چڪاسڻ
لاءِ
اماڻي
ڄاڻي
ٻجهي جاچ
۾
مداخلت ڪئي آهي.
کهڙي
صاحب
واضح ڪيو ته
هن
پنهنجي اقتدار
ڇڏڻ
تائين جاچ
نه
روڪرائي ۽ آءِ
جي
پوليس کي جيڪو
سڄي
صوبي جي
پوليس فورس
جو
سربراهه هو،
کي
نه
اماڻڻ ۽
کانئس پوءِ
ٻئي
نمبر
تي اهم
ترين
عملدار کي جاچ
لاءِ
موڪلڻ ڪو غلط
عمل
نه هو،
جاچ
جي
حوالي سان
ڪيس
۾
تر
جيترو به
فرق
نه پوي
ها.
معمول واري
انهيءَ انتظامي
قدم
کي
بدانتظامي نه
ٿو
ليکي
سگهجي:
”هڪ
ڳالهه واضح
آهي
ته سردار
خان
خلاف الزام
جي
جاچ فيبروري
1952 ع
جي
پڇاڙيءَ تائين
جاري
رهي آهي،
جڏهن
ته مون
پنهنجي عهدي
تان
8 1
ڊسمبر
1951 ع تي
استعيفيٰ ڏني ۽ سيڪشن
2 9
الف
9 2
ڊسمبر
1937 ع تي
لاڳو
ڪيو
ويو ۽ عزت
ماب
گورنر انتظاميا
جو
انچارج هو
۽
سندس
خلاف ڪا ثابتي
نه
هئڻ ڪري ايڊووڪيٽ
جنرل
سان صلاح
مشوري کان پوءِ
فيبروريءَ جي
پڇاڙيءَ يا
مارچ
جي شروعات
ڌاري
سردار خان
خلاف
ڪيس
واپس ورتو
ويو.
اهو ڊي آءِ
جي
پوليس ٻن سرڪاري
شاهدن چيف
سيڪريٽري ۽ آءِ
جي
پوليس موجب
سنڌ
۾
انتهائي با
صلاحيت آفيسر
هو
۽
ايستائين جو
جنوري ۽ فيبروري
1952 ع
۾
انتظاميا جي
ڪُل
مختيار گورنر
پڻ
کيس
تبديل نه
ڪيو.
ڪنهن
به،
در حقيقت
گورنر يا
آءِ
جي پوليس
کي
شڪايت نه
ڪئي
ته
ڪو
جاچ جي
ٽن
مهينن دوران
ڊي
آءِ
جي پوليس
مناسب انداز
۾
جاچ
نه ڪئي آهي.“
کهڙي صاحب
واضح
ڪيو
ته سندس
خلاف
لڳايل الزام
جي
برعڪس آءِ
جي
کي
جاچ بابت
مڪمل
طور تي
باخبر رکيو
ويو
۽
آءِ جي
پوليس کي هڪ
جاچ
۾
لڳائڻ غير
ضروري هو.
”ڇا
اها
سٺي انتظاميا
ليکجي جو
صوبي
جي سڄي
پوليس انتظاميا
جي
سربراهه آءِ
جي
پوليس کي اوڏي
مهل
سنڌ جي
هڪ
ضلعي ۾ فقط
هڪ
ڪيس
جي جاچ
سونپجي، جڏهن
وٽس
انهيءَ وقت
ٻيا
به
ڪيترائي
اهم ڪم هجن
…“
کهڙي صاحب
پروڊا خلاف
پنهنجو ڪيس عوامي
عدالت ۾ پيش
ڪيو:
”هاڻ آءٌ
اهو
پاڪستان جي
عوام
تي ٿو
ڇڏيان ته
هو
پنهنجي سر
فيصلو ڪن ته
ڇا
انهن
الزامن جي
آڌار
تي مون
کي
ڇهن
سالن
تائين ڪو سرڪاري/سياسي
عهدو
ماڻڻ کان نااهل
ڪرڻ
وارو
فيصلو با
جواز
آهي يا
نه؟
اهو ڪيس چٽيءَ
ريت
سياسي انتقام
جو
مظهر آهي،
تنهن
ڪري
ان جي
مزاحمت ٿيڻ گهرجي.
بدقسمتيءَ سان
هن
ملڪ ۾ انصاف
هر
ڪنهن
سان هڪجهڙو
نه
ٿو
ٿئي،
پر مختلف
ماڻهن واسطي
ان
جا مختلف
معيار آهن،
اختياري وارن
جي
سنگتين ساٿين
سان
ورتآءٌ هڪ
نوعيت جو
آهي
جڏهن ته
سندن
اڻوڻندڙ فردن
لاءِ
بلڪل مختلف
ڍنگ
آهي.“
کهڙي صاحب
پاڪستان جي
جمهوري سياست
تي
پروڊا جي
مايوس ڪُن ۽ تباهه
ڪن
اثرن
جي اُپٽار
ڪئي.
هڪ
اهڙو تجزيو
جيڪو
پاڪستان جي
ايندڙ
ڏينهن واري
تاريخ کي مڪمل
سچ
ثابت
ڪرڻو هو.
”ان ڪري پاڪستان
جي
حوالي سان
انوکي قانون
جي
مثال ليکيو
ويندڙ پروڊا،
جمهوريت لاءِ
دولاب ظاهر
ٿيندو،
اهو
قانون جي
مقصدن کي
ڇيهو رسائڻ
لاءِ
جوڙيل قانون
آهي.
ان نه
رڳو
ملڪ جي
انتظامي
ڍانچي ۾ مايوسي
۽
بيوسي آندي
آهي،
پر مستقبل
۾
به
اهڙائي اثر
آڻيندو. جيڪڏهن
اهو
اڃان تائين
ٻين
وزارتن خلاف
استعمال نه
ٿيو
آهي
ته ان
جو
مطلب اهو
ناهي
ته ڪو ان
جي
عمل درآمد
لاءِ
ڪي
ڪيس
موجود ناهن،
پر
رڳو ان
ڪري
جو
ان کي اڃان
تائين لاڀائتو
نه
ليکيو ويو
آهي.
ان
ايڪٽ
تحت
ڪنهن امڪاني
قدم
جي ڊپ هيٺ
رهندي
ڪنهن به
وزير
طرفان ڪا جوڳي
انتظامي پيش
رفت
ٿيڻ
ناممڪن آهي.
اهو
ئي سبب
آهي
جو گذريل
ڪجهه
سالن
دوران ملڪ
۾
سماجي انصاف
۽
انتظامي اهليت
جي
شعبن ۾ ڪا سگهاري
ترقي
نه ٿي آهي.
ان
جي
اصل وهنوار
۾
ڳالهه
اتي
ٿي
وڃي بيهي
جو
صوبائي يا
مرڪزي حڪومت
جو
ڪوبه
وزير پنهنجي
عهدي
آهر پنهنجا
فرض
۽
ڪم
ادا ڪرڻ جي
ڏس
۾
پنهنجي سر
فيصلو نه
ڪري
سگهندو، جيتوڻيڪ
هو
چونڊيل صوبائي
اسيمبليءَ ذريعي
پنهنجي ماڻهن
آڏو
ئي ذميوار
ٿئي
ٿو.
ڪنهن
به
جمهوري خاص
طور
تي وفاقي
نوعيت جي
ملڪ
۾
اهڙو قانون
نه
ٺاهيو
ويو آهي
جنهن
وسيلي صوبائي
انتظاميا جو
فقط
آئيني سربراهه
پنهنجي صوابديد
تي
پنهنجي نامزد
ڪيل
ٽربيونل
آڏو
پنهنجي وزيرن
تي
ڪيس
داخل ڪري ۽ اهو
ڪرڻ
کان
اڳ
کانئن
استعيفائون گهري،
سوبه
رڳو پنجن
ڄڻن
جي
درخواست تي
معاملن جي
اها
صورتحال دنيا
جي
ڪنهن
به جمهوري
ملڪ
۾
ڳولهي
نه ملندي.“
کهڙو صاحب اڃان تائين سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو صدر
هو ۽ اوستائين به سنڌ جو انتهائي بااثر سياستدان
هو پر کيس هاڻ پتو پيو ته سياست ۾ بقا جو دارومدار
ماڻهن ۽ اسيمبليءَ جي اعتماد کي نه پر اقتدار جي
واڳ ڌڻين جي خوشنوديءَ تي آهي ۽ پاڪستان ۾ اهي
عوام جا چونڊيل عيوضي به نه هئا. ناظم الدين وزير
اعظم جي ڪرسيءَ سان چنبڙيو رهڻ ٿي چاهيو پر سندس
ڪمزوري ۽ گوڏا کوڙ غلام محمد جي آقائن جي سگهاري
حربن جي موجودگيءَ ۾ بيڪار هئي. وزير اعظم کي
صورتحال جو ورلي ڪو احساس هو ۽ انهن قوتن آڏو بيوس
ٿي لڳو جيڪي پاڪستان کي آپيشاهيءَ واري رستي ڏانهن
گهلڻ ۾ پوريون هيون.
لاهور ۾ ”احمدي وڳوڙ“ ٿي پيا ۽ غلام محمد ۽ گرمانيءَ ناظم الدين
کي مشورو ڏنو ته هو پنجاب جي وڏي وزير دولتانا کي
برطرف ڪري. مارچ 1952 ع جي پڇاڙيءَ ڌاري دولتانا
استعيفيٰ ڏني ۽ اسڪندر مرزا وزير اعظم سان اڳواٽ
صلاح مشوري کان سواءِ لاهور تي مارشل لا مڙهي. اهو
جمهوري وهنوار تي قهري وار هو. بهرحال ناظم الدين
اڃان به پنهنجي سگهه سارڻ ۽ ڪنهن جي خلاف مهاڏو
اٽڪائڻ جي سمجهه ڌارڻ ۾ ناڪام رهيو. هن سازشن ۽
جوابي سازشن جي راند کيڏڻ جاري رکندي پنهنجو پاڻ
کي پاڪستان تي راڄ ڪندڙ ڪامورن جي هٿن ۾ پتلي ٿيڻ
کي ترجيح ڏني.
لياقت علي خان طرفان وزير اعظم ۽ مسلم ليگ جي صدارت وارا ٻئي
عهدا سنڀالڻ واري روايت تي هلندي ناظم الدين ڊسمبر
1951ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو. هاڻ
هو پارٽيءَ ۾ ڇيد ڪرڻ جي حيثيت ۾ پڻ هو. ڪراچي
واپسيءَ تي هُن سنڌ ۾ چونڊن جو حڪم ڏنو، جتان هاڻ
کهڙي صاحب کي پارٽي قيادت مان به تڙڻ چاهيائين. هن
پنهنجي همراهه کي اڳواڻ طور آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽
مرڪزي پارلياماني بورڊ وسيلي پارٽي ٽڪيٽ پڻ
ورهايائين. کهڙي صاحب ان جي مزاحمت ڪئي ۽ ان
پارٽي گڏجاڻيءَ مان واڪ آئوٽ ڪيائين جتي اها راند
کيڏي ٿي وئي. کهڙي صاحب مرڪزي پارلياماني بورڊ جي
فهرست خاص طور تي جتي ان جي نامزد ڪيل اميدوارن جي
کٽڻ جا گهٽ امڪان هئا، مڪمل طور تي نظرانداز ڪري
ڇڏيو. ان مرحلي تي ناظم الدين کهڙي صاحب کي سنڌ
مسلم ليگ جي صدارت تان برطرف ڪري ڇڏيو. ان تي کهڙي
صاحب وزير اعظم جي قدم خلاف اسٽي آرڊر وٺڻ لاءِ
سنڌ جي چيف ڪورٽ ڏانهن رجوع ڪيو. سندس نڪتو اهو هو
ته ناظم الدين کي صدر چونڊيندڙ پاڪستان مسلم ليگ
جي ڪائونسل جو اجلاس غير آئيني هو، ان ڪري پارٽي
سربراهه طور سندس چونڊ کي رد ڪيو وڃي ۽ گڏوگڏ هڪ
مستقل حڪم جاري ڪري ناظم الدين کي سنڌ جي صوبائي
پارٽيءَ جي معاملن ۾ مداخلت کان جهليو وڃي.
سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ۽ گڏوگڏ پارٽي ميمبرن کي مرڪز طرفان
کلئي عام هرکايو ويو. اهو عمل ٻين صوبن ۾ پڻ ڪيو
ويو. اتر الهندي سرحدي صوبي ۾ قيوم خان مرڪزي
پارلياماني بورڊ جي ڏنل ٽڪيٽ کي مڃتا ڏيڻ کان
انڪار ڪيو. هن مرڪز جي مداخلت کي قبول ڪرڻ کان
انڪار ڪيو ۽ ايستائين جو چونڊن واسطي به سهروردي
جهڙي سينئر سياستدان کي پنهنجي صوبي ۾ اچڻ جي
اجازت نه ڏنائين. هن پنهنجي صوبي ۾ ايندڙ ڪنهن به
همراهه کي امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي الزام
هيٺ گرفتار ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو. بهرحال ناظم الدين
پنهنجي هار مڃي ويو ۽ قيوم خان جي پٺڀرائي وارن کي
پارٽي اميدوار قبول ڪيائين.
اوستائين ناظم الدين پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪُن حد تائين ڪمزور
ڪري چڪو هو ۽ ڪامورڪي ڪوڙڪيءَ کي آخري وار ڪرڻ جو
موقعو فراهم ڪيائين. 7 1 اپريل واري رات وزير
اعظم هائوس جون ٽيليفون لائينون ڪٽيون ويون. ناظم
الدين مرڪزي اميدوارن جي حمايت لاءِ صبح سوير جيئن
ئي اندرون سنڌ وڃڻ وارو هيو کيس گورنر جنرل وٽ پيش
ٿيڻ لاءِ چيو ويو. گورنمينٽ هائوس پهچڻ تي ڏٺائين
ته غلام محمد جي صدارت هيٺ هلندڙ گڏجاڻي ۾ ٻيا
وزير اڳيئي موجود هئا. ناظم الدين کي ٻڌايو ويو ته
هو وزير اعظم هئڻ جي لائق ناهي، سندس انتظاميا
انتهائي ڪمزور آهي ۽ کيس برطرف ڪيو پيو وڃي.
احتجاج ڪندڙ واحد وزير عبدالرب نشستر هو، نتيجي
طور کيس به ڪابينا مان برطرف ڪيو ويو. آمريڪا ۾
پاڪستان جو سفير محمد علي بوگرهه اڳيئي ڪراچي پهچي
چڪو هو ۽ کيس وزير اعظم بنايو ويو.
7 1 اپريل واري بغاوت پاڪستان ۾ اقتداري سياست جي
صورتحال کي چڱيءَ ريت وائکو ٿي ڪيو. پارلياماني
حڪومت جو نالي ماتر ئي وجود هو. اقتدار پنجاب سان
تعلق رکندڙ سينئر ايگزيڪيوٽو جي هڪ اهڙي ٽولي جي
هٿن ۾ هو جيڪي سرڪاري ملازمن جي حيثيت کان وڌي
فيصلا ڪندڙ هڪ اندرين ٽولي ۾ تبديل ٿي چڪا هئا.
اولهه پاڪستان جي زميندار اشرافيا ۽ اوڀر پاڪستان
جي وچولي طبقي جي سياستدانن پاڪستان تحريڪ ۾ سرواڻ
ڪردار ادا ڪندڙ جن کي بيٺڪيت جي سگهاري پرزن يعني
سول ڪامورن ۽ اڃان تائين ذري گهٽ پسمنظر ۾ رهندڙ
فوج پٺتي ڌڪي ڇڏيو هو. انهيءَ اندروني ڌڙي جا ڊگهي
عرصي وارا مقصد هاڻ واضح ٿي چڪا هئا. هنن ان جي
خاطري ٿي چاهي ته ملڪ جي الهندي ڀاڱي ۾ سندن چوڻ
آکڻ جو قانون هجي ۽ هو راءِ عامه کان مٿڀرا هجن.
هنن ان جي به خاطري ٿي چاهي ته اوڀر پاڪستان جي
اڪثريت کي انتظامي ۽ اڳتي هلي آئيني حربن وسيلي
ڪنٽرول هيٺ رکجي. بوگرا جي ڏيکآءٌ واري وزير اعظم
طور هوندي، اقتداري ٽولي تي غلام محمد جي گورنر
جنرل طور اهم ترين عهدي تي فائز هئڻ سان پنجابين
جو قبضو رکيو. اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ ناظم الدين
جي حڪومت دوران ناڻي واري وزير چوڌري محمد عليءَ
کي ساڳي عهدي تي برقرار رکيو ويو ۽ ٽولي جي شايد
سڀ کان وڌيڪ اهم ميمبر نواب مشتاق گراماني گهرو
معاملن جو وزير هو.
ناظم الدين جي برطرفيءَ سان سنڌ بابت مرڪز جي پاليسيءَ ۾ ڪا
تبديلي نه آئي، جتي انهن ان ڳالهه کي بنيادي ٿي
سمجهيو ته سندن نامزد همراهه ئي اقتدار ۾ هجن.
صوبائي چونڊن ۾ کهڙي صاحب ڪجهه تڪن ۾ پنهنجا
نمائندا بيهاريا پر مرڪز جي سڌي سنئين مداخلت سبب
هو اڌ درجن سيٽون ئي کٽي سگهيو. هن ڀيري وڏ وزارت
لاءِ پيرزادي عبدالستار جي چونڊ ڪئي وئي، جيڪو
1947 ع کان وٺي مرڪزي ڪابينا ۾ سنڌ جو وزير هو ۽
مٿس غلام محمد جو اعتماد پڻ هو. گورنر مئي 1953 ع
۾ پنهنجو اڳواڻ چونڊڻ لاءِ اسيمبليءَ جو اجلاس
گهرائڻ جي تڪليف ڪرڻ کان سواءِ پيرزادي کي حڪومت
ٺاهڻ لاءِ چيائين ۽ ان ريت سندس اڪثريت جي چڪاس ٿي
نه سگهي. مير گروپ جي هڪ عيوضي ۽ علي محمد راشدي ۽
قاضي اڪبر سميت ڇهن وزيرن کي سندس ڪابينا طور
ٿاڦيو ويو.
1954 ع جي شروعات ڌاري ئي وزارت ۾ اختلاف ظاهر ٿيڻ
لڳا. لاڙڪاڻي جي ايس پي گهرو معاملن جي وزير
قاضيءَ جا حڪم مڃڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته هو
فقط وڏي وزير جي ڳالهه مڃيندو. قاضيءَ راشدي سان
گڏجي پيرزادي کي انهيءَ ايس پي کي بدلي ڪرڻ لاءِ
چيو پر هن نابري واري. بعد ۾ اهي ٻئي کهڙي صاحب وٽ
ويا ۽ چيائون ته پيرزادي کي هٽائڻ لاءِ هو ساڻس
سهڪار ڪندا. پروڊا جي ڪري نااهل هئڻ جي باوجود
کهڙي صاحب جا اسيمبليءَ ۾ حمايتي موجود هئا. قاضي
فضل الله پڻ سندن گروپ ۾ شامل ٿيو. کهڙي صاحب
حيدرآباد ۾ قاضي اڪبر جي گهر تي گڏجاڻي گهرائي،
جنهن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪُل 0 1 1 ميمبرن مان 0
8 شريڪ ٿيا. ميمبر پيرزادي تي انتهائي ناخوش هئا
۽ تلخيءَ سان شڪايت ٿي ڪيائون ته هو ڪوبه فيصلو نه
ٿو ڪري ۽ معاملن کي اينگهائي ٿو.
مارچ جو مهينو مخالف ڌر مرڪز تي پنهنجي اڪثريت ثابت ڪرڻ لاءِ
صوبي ۾ سرگرميون جاري رکيون. وزير اعظم کي روزانو
صحيحون ۽ وفد اماڻڻ ۽ گڏجاڻيون ڪرڻ جو سلسلو جاري
رهيو، پر سندس ڪن تي جونءَ به نه سُري. اهو ٿي
ظاهر ٿيو ته ايوان جي اڪثريت جي گورنر جنرل غلام
محمد وٽ ڪا اهميت ناهي. ان کان پوءِ کهڙي صاحب
وزير اعظم بوگرا کي فون ڪيو ته هو پنهنجي اڳواڻي ۾
سنڌ اسيمبليءَ جي هڪ وفد جي ساڻس ملاقات ڪرائڻ
چاهي ٿو. کهڙي صاحب منجهائن 5 7 ميمبرن کي پاڻ
سان گڏ ڪري وزير اعظم سان ملاقات ڪئي ته جيئن مٿس
ثابت ڪري سگهجي ته پيرزادي کي ايوان ۾ اڪثريت حاصل
ناهي ۽ کيس برطرف ڪيو وڃي.
اسيمبليءَ جو بهار جي مند وارو اجلاس هليو پئي ۽ اضافي امداد
اڃان منظور ٿيڻي هئي. پيرزادي محسوس ڪيو ته هو
پنهنجي اڪثريت برقرار رکي نه سگهندو ۽ اضافي امداد
منظور ڪرائڻ کانسواءِ اجلاس موخر ڪري ڇڏيائين.
مخالف ڌر گورنر کي ٻيهر اجلاس ڪوٺائڻ لاءِ چيو ٻي
صورت ۾ سمورا خرچ غير قانوني ليکيا وڃن ها. بوگرا
پيرزادي تي واضح ڪيو ته کيس ايوان کي منهن ڏيڻو ۽
بجيٽ منظور ڪرائڻو پوندو. پنهنجو پاڻ کي سوڙهي
گهٽيءَ ۾ ڏسندي پيرزادو غلام محمد وٽ ويو، جنهن
کيس ٽيڪو ڏنو. هر ڪنهن کي اچرج لڳي جو ايندڙ ڏينهن
گورنر حبيب رحمت الله بجيٽ منظور ڪرائڻ کان سواءِ
ايوان جو اجلاس موخر ڪري ڇڏيو ۽ پيرزادو وڏي وزير
طور پنهنجي عهدي تي برقرار رهيو.
هاڻ پيرزادي ٻيهر حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پتوڙڻ شروع ڪيو. قاضي فضل
الله اڳيئي ساڻس ڳالهين ۾ رڌل هو ۽ ملهه ملڻ تي ڌر
بدلائڻ لاءِ تيار هو. کهڙو صاحب اتحاد نه ڇڏڻ لاءِ
قاضيءَ کي سمجهائڻ پيليس هوٽل ويو جتي هو ترسيل
هو. قاضيءَ کهڙي صاحب کي اهو خط ڏيکاريو جيڪو هو
وزير اعظم کي لکي رهيو هو جنهن ۾ پيرزادي سان
سهڪار ڪرڻ عيوض کهڙي صاحب جي ٻن عيوضين ۽ پنهنجي
ٻن عيوضين واسطي وزارتون گهري رهيو هو. کهڙي صاحب
اهو چئي سندس آڇ ٿڏي ڇڏي ته هو انهن ميمبرن جي
اعتماد کي ڇيهو نه ٿو رسائي سگهي، جن مٿس اعتبار
ڪيو آهي. هن قاضيءَ کي پنهنجو (کهڙو) نالو هٽائڻ
لاءِ چيو ۽ سمجهي ويو ته قاضي نه ترسندو ۽ ٻي ڌر
وسائيندو. قاضيءَ پيرزادي وٽ پنهنجا شرط رکيا جنهن
پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ وزيرن جو تعداد ڇهن مان
ٻيڻو ڪري ٻارهن ڪيو، پر ان غير معمولي اضافي جي
باوجود هو اسيمبليءَ جو اجلاس ڪوٺائڻ جي سگهه ساري
نه سگهيو.
کهڙي صاحب محسوس ڪيو ته وقت اچي ويو آهي جو هو
پاڪستان مسلم ليگ سان پنهنجو مهاڏو جهڪو ڪري. هن
بوگرا کي سنڌ مسلم ليگ تسليم ڪرڻ لاءِ چيو، جيڪا
ناظم الدين جي دور ۾ کهڙي صاحب بنيادي (پاڪستان
مسلم ليگ) تنظيم کان ڇني ڌار ڪئي هئي. بوگرا اهو
احساس ڪندي ته سنڌ ۾ مسلم ليگ جي موجودگي ڏيکارڻ
جو اهو ئي واحد دڳ آهي، راضي خوشي ان تي عمل ڪيو ۽
ان کان سنڌ مسلم ليگ کي تسليم ڪرائي کهڙي صاحب کي
مرڪزي ورڪنگ ڪميٽيءَ ۾ کنيائين.
ساڳي وقت ڪجهه هفتن اندر مرڪز ۾ اقتدار لاءِ پنجابي گروپ ۽
بنگالي گروپ وچ ۾ جدوجهد هڪ وڌيڪ ڦيرو کاڌو. اوڀر
بنگال ۾ مارچ 1954 ع دوران چونڊون ٿيون ۽ مسلم ليگ
جا تڏا ويڙهجي ويا. جڏهن ته مختلف پارٽين جي اتحاد
جگتو فرنٽ وڏي اڪثريت حاصل ڪئي. جهونو اڳواڻ مولوي
فضل حق انهيءَ اتحاد جو اڳواڻ هو ۽ صوبائي حڪومت
ٺاهڻ جو حقدار هو. نئين قيادت سگهوئي ڪراچي آئي ۽
کهڙي صاحب ايندڙ ڪجهه سالن دوران پاڪستان ۾ اهميت
رکندڙ ۽ سنڌ جي فطري اتحادي همراهن جي مان ۾ دعوت
ڪئي، انهن ۾ فضل حق، سهروردي، مولانا ڀاشاني ۽
حميد الحق چوڌري شامل هئا.
اوڀر بنگال ۾ مسلم ليگ جي شڪست مرڪز لاءِ ڪي ڳڻتي جوڳا مسئلا
پئدا ڪيا، نه رڳو صوبي ۾ جگتو فرنٽ جي حڪومت ٺهي
ها پر آئين ساز اسيمبليءَ ۽ گڏو گڏ ڪابينا جي
جوڙجڪ ۾ پڻ تبديلي اچي ها. محلاتي سياست ۽ آئين
ساز اسيمبليءَ سان لهه وچڙ ۾ اچڻ کان سواءِ معاملا
طئي ڪندڙ مرڪز کي ان نئين مامري پريشان ڪري وڌو
هو. انتهائي هوشياريءَ سان جوڙيل پنهنجي اقتداري
ڍانچي لاءِ جوکم محسوس ڪندي مرڪز جي حڪمران ٽولي
اهڙين تبديلين جي مزاحمت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪي ان
جو اختيار گهٽائي پئي سگهيون. هنن شروعاتي مرحلي
تي ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته مرڪزي ڪابينا يا آئين
ساز اسيمبليءَ جي جوڙجڪ ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي
ويندي.
آئين ساز اسيمبليءَ ۾ اوڀر بنگال جا عيوضي (اقليتي ميمبرن کان
سواءِ) پنهنجي موجودگيءَ جو جواز وڃائي چڪا هئا،
ڇاڪاڻ جو سندن تعلق مسلم ليگ سان هو، جيڪا هاڻ
صوبائي اسيمبليءَ ۾ هڪ ننڍڙي گروپ ۾ تبديل ٿي چڪي
هئي. آئين ساز اسيمبليءَ جي مسلم ليگي ميمبرن کي
استعيفائون ڏيڻ لاءِ چيو ويو. اوڀر بنگال مان
چونڊيل نون ميمبرن کي ڏٽو ڏنو ويو ته پاڪستان جو
آئين سگهوئي جڙي ويندو ۽ ايندڙ سال مئي ۾ عام
چونڊون ڪرايون وينديون. مرڪزي حڪومت اوڀر پاڪستان
جي نئين نظام کي تباهه ڪرڻ لاءِ رڳو وقت طلبي رهي
هئي. جگتو فرنٽ جي مختلف گروپن وچ ۾ اختلافن کي
شعوري طور تي هوا ڏيندي مرڪزي حڪومت اوڀر بنگال ۾
حڪومت ٺاهڻ واري عمل ۾ رنڊڪون وڌيون. هنن فضل حق
خلاف اخباري مهم هلائي سندس ڪلڪتي واري دوري کان
پوءِ کيس غدار ڪوٺيو. نيٺ 3 1 مئي تي فضل حق اوڀر
بنگال ۾ حڪومت ٺاهي. 5 1 مئي تي سڻيءَ جي هڪ
ڪارخاني جي پورهيتن چڱو موچارو وڳوڙ ڪيو. 0 3 مئي
تي چونڊن کان ڪو ٻه مهينا پوءِ ۽ فضل حق حڪومت جي
ٺهڻ جي پندرهن ڏينهن اندر حڪومت کي برطرف ڪري اوڀر
پاڪستان ۾ سيڪشن 2 9 الف لاڳو ڪيو ويو. اندرين
حاڪم ٽولي نئين اڀرندڙ ”سخت“ ميمبر اسڪندر مرزا کي
گورنر ڪري اماڻيو ويو. هڪ ڀيرو ٻيهر حڪمران ٽولي
کي آيل فوري جوکم ته ٽاريو ويو پر پاڪستان ۾
جمهوريت جي مستقبل جي مُلهه تي.
ان دوران ڪراچيءَ ۾ پيش ايندڙ واقعا هڪ گهوٽالي کي جنم ڏئي رهيا
هئا. سيپٽمبر 1954 ع جي وچ ڌاري وزير اعظم اعلان
ڪيو ته هو آئين ٺاهڻ لاءِ قدم کڻڻ واسطي تيار آهي.
بهرحال مٿس سندس ڪجهه ويجهن ساٿين خاص طور تي
بنگال جي فضل الرحمان ۽ سنڌ جي وڏي وزير پيرزادي
عبدالستار جو تمام وڏو دٻآءٌ هو. هنن حد کان وڌيڪ
ڇانيل گورنر جنرل غلام محمد جي اختيارن ۾ تمام
گهڻي ڪٽوتي ڪرڻ ٿي چاهي، جيڪو فالج ٿيڻ سبب
ڳالهائڻ جي سگهه وڃائڻ جي باوجود پنهنجي مرضي آهر
حڪومت هلائي رهيو هو ۽ هر مخالف سياستدان خلاف
پروڊا جو چهبڪ استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ٿي ڏنائين.
وزير اعظم جي حثيت رڳو نمائشي هئي، جنهن سمورن
انتظامي معاملن ۾ رڳو حڪم ٿي ورتا. مخالف گروپ
جنهن ۾ هاڻ سنڌ مان هاشم گذدر ۽ آئين ساز
اسيمبليءَ جو بنگالي اسپيڪر مولوي تميز الدين شامل
هئا، ڳجهي ريت ۽ تڪڙو عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر
اهو ڪرڻ کان اڳ پروڊا کي ختم ڪرڻ ضروري هو. اهو
قدم گورنر جنرل کي مڏو ڪرڻ لاءِ بنيادي هو جنهن
بابت اهي افواهه هئا ته هو پروڊا جي خاتمي لاءِ
سرگرم همراهن سميت ڪُل 2 2 ڄڻن خلا ف پروڊا تحت
ڪارروائي ڪرڻ وارو هو.
پروڊا کي ختم ڪرڻ واسطي پهريون بل آئين ساز اسيمبليءَ ۾ ٽي سال
اڳ 1951 ع ۾ محمد هاشم گذدر کهڙي صاحب جي نا اهلي
ختم ڪرائڻ واسطي پيش ڪيو هو. ان سان گڏ هڪ شق به
هئي جيڪا انهن سمورن همراهن کي رعايت ڏئي ها جن کي
ايڪٽ وسيلي سزا ڏني وئي هئي. اهو بل مرڪزي حڪومت
جي مخالفت سبب ناڪام رهيو، پر هاڻ ان کي وري
اٿاريو ويو هو ۽ 0 2 سيپٽمبر 1954 ع تي منظور ڪيو
ويو. پر اهوخاتمو مخصوص- محدود هو. نااهل قرار ڏنل
سياستدانن کي ڪا رعايت نه ملي ۽ نه وري هلندڙ جاچ
هيٺ آيلن جو ئي ڪو درمان ٿيو. پيرزادي بل ۾ ترميم
پيش ڪئي، جيڪا هن ريت هئي:
”هيءُ خاتمو اهڙي ڪنهن به ڏنڊ، ضابطي، نااهلي يا
سزا تي اثر انداز نه ٿيندو جيڪو پهرين سيپٽمر 1954
ع تي يا ان کان اڳ واسطيدار ايڪٽ هيٺ آيل هوندي يا
ان بابت ڪنهن ڪورٽ يا ٽربيونل ۾ شنوائي هيٺ
هوندو.“
جيئن هڪ تاريخدان جو تبصرو آهي ”ان ترميم جو پهريون حصو سنڌ جي
ٽن اڳوڻن وزيرن (پيرزادي جا مخالف) جي نااهليءَ کي
برقرار ٿو رکي ۽ ٻيو حصو دولتانا خلاف ڪاروائي
جاري رکڻ جي اجازت ٿو ڏي.“ ساڳي ريت حميد الحق
چوڌريءَ کي اوڀر پاڪستان جي سياست کان ڌار رکيو
ويو. انهيءَ ناانصافيءَ واري مت ڀيد ان مان چڱائي
جي وصف کي نهوڙي ڇڏيو ۽ ان حقيقتن کي وائکو ڪيو ته
اهي سياستدان جن آئين ساز اسيمبليءَ کي اختيار
ٻيهر ٿي ڏيارڻ چاهيو سي پنهنجي مفادن جو شڪار بڻيل
ماڻهن جو ٽولو ئي هئا.
ان کان پوءِ غلام محمد مخالف گروپ تڙ تڪڙ ۾ هڪ بل منظور ڪرايو
جيڪو به گذدر جي کاتي ۾ اچي ٿو ۽ جنهن جي هنن
1951ع ۾ متعارف ٿيڻ مهل حمايت نه ڪئي هئي. اهو
گورنر جنرل جي اختيارن ۾ ڪنهن حد تائين ڪٽوتي ڪرڻ
بابت هو.
1 - گورنر جنرل سمورن معاملن ۾ ڪابينا جي مشوري جو
پابند هوندو.
2 - مستقبل ۾ اوستائين ڪنهن به شخص کي وزير اعظم
يا وزير نه بڻايو ويندو جيستائين هو آئين ساز
اسيمبليءَ جو ميمبر نه ٿو بڻجي.
3 - ڪابينا تي گڏيل ذميواري هوندي ۽ ڪنهن هڪ وزير
خلاف بي اعتماديءَ واري رٿ سڄي ڪابينا خلاف رٿي
ويندي. اهو بل 8 1 ڪلاڪن اندر منظور ڪرايو ويندو.
ان دوران غلام محمد کي جيڪو بيماريءَ واري حالت ۾ ايبٽ آباد ۾
آرام ڪري رهيو هو، گهرو معاملن واري وزير گرماني
هڪدم ڪراچي پهچڻ جو نياپو اماڻيو. بوگرا اسيمبليءَ
جو ڪم پورو ڪندي ئي آمريڪا اُسهيو.
کهڙو صاحب جيڪو انهن پراسرار سرگرمين ۽ پاڪستان
لاءِ آئين ٺاهڻ وارن دم دلاسن جو مشاهدو ڪندي ۽
پروڊا ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙن جو اصل چهرو ڏسي
رهيو هو، هڪ بيان جاري ڪري ان دستاويز تي پنهنجي
عدم اعتماد جو اظهار ڪيو جيڪو هو پڌرو ڪرڻ وارا
هئا. هن واضح ڪيو ته ان آئين ساز اسيمبليءَ جو
ٺهندڙ آئين ملڪ کي بد انتظامي ۽ مونجهاري ۾
ڦاسائيندو. هن گهُر ڪئي ته اسيمبلي برطرف ڪري بالغ
راءِ دهي جي بنياد تي نيون چونڊون ڪرايون وڃن:
”جيئن ان جي پنهنجي هاڻوڪي اظهار مان واضح ٿيو آهي
ته اسان جو پراڻو آئين جوڙيندڙ ادارو خاتمي جي
حتمي مرحلي تي رسي چڪو آهي، ان اهڙا قانون پڻ
منظور ڪيا آهن جيڪي سڌريل دنيا جا فرد ورلي ئي
قبول ڪري سگهن ٿا. ان تازو ئي پروڊا کي ختم ڪرڻ جي
هام هنئي پر انهيءَ بدقانون جي انهن چئن پنجن
شڪار ٿيلن کي جن جي خلاف ان کي استعمال ڪيو ويو
هو، ڪو فائدو نه رسيو.
نام نهاد نئون آئين جيڪو ان ٺاهيو آهي سو به ڏڦيڙي ۽ ٽوڙ ڦوڙ جي
خصلتن سان ڀريل آهي. هاڻ ان کي اسلامي آئين سڏڻ
زيادتي ٿيندي ۽ وري اهڙي غير مناسب آئين کان پوءِ
هيءَ رياست اسلامي رعيتي راڄ سڏجڻ جي لائق نه
ٿيندي.“
کهڙي صاحب پروڊا تحت پنهنجي ۽ گڏوگڏ ٻين همراهن جي
نا اهليءَ خلاف قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. هن گرمانيءَ
سان ڳالهائيندي واضح ڪيو ته پروڊا جو خاتمو واضح
طور تي جاندار ۽ مناسب آهي پر کيس ۽ ٻين کي به
رعايت ملڻ گهرجي. گرماني رٿيو ته کهڙي صاحب کي
گورنر جنرل آڏو درخواست ڪرڻ گهرجي. کهڙي صاحب ڪجهه
وڪيلن سان گڏوگڏ عبدالرب نشتر سان به صلاح مشورو
ڪيو، جنهن هن لاءِ درخواست ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي، جنهن ۾
زور ڀريو ويو ته کهڙي صاحب ۽ ٻين کي به ان ايڪٽ جي
منسوخيءَ جو لاڀ ڏنو وڃي. کهڙي صاحب درخواست گورنر
جنرل ڏانهن اماڻي، جنهن کهڙي صاحب جو دوست نه هئڻ
جي باوجود، آئين ساز اسيمبليءَ ۾ گروپ خلاف پنهنجي
ڪاوڙ سبب هڪدم درخواست جي منظوري ڏني ۽ کهڙي صاحب
جي نا اهلي ختم ڪيائين. کهڙي صاحب جي درخواست
منظور ٿيڻ سببان ٻين کي به فائدو رسيو.*
گورنر جنرل جو حڪم نامو، اسيمبليءَ لاءِ اکيون کولڻ جوڳو هو. ان
ڄاڻايو ته نااهليءَ جو حڪم برقرار رکيو ويو آهي
جيتوڻيڪ ان جي محرڪ قانون کي غير مناسب سڏيو ويو
آهي. ”جيڪڏهن ان جو غلط استعمال ٿيو آهي ته پوءِ
سزائن جي جاري رهڻ جو ڪوبه جواز ناهي.“
ان دوران غلام محمد انهن خلاف جوابي وار ڪرڻ جون تياريون ڪري
رهيو هو، جن بابت سندس خيال هو ته کيس وڙهائي ويا
آهن. هن زيورچ جي هڪ اسپتال ۾ داخل سهرورديءَ
ڏانهن پيغام اماڻي کانئس مدد گهري ۽ مستقبل ۾ کيس
وزير اعظم بنائڻ جو واعدو ڪيائين. سهرورديءَ جيڪو
هن لاءِ حمايتي بيان جاري ڪيو ته آئين ساز
اسيمبليءَ نمائنده اداري وارو استحقاق وڃائي چڪي
آهي ۽ هڪ نئين اسيمبلي چونڊي وڃي. هن زور ڀريو ته
نئين آئين ۾ صوبائي خود مختياري وڌائي وڃي ۽ اهو
ته اوڀر پاڪستان اولهه پاڪستان جي ايڪتا واري رٿ
جي حمايت ڪندو. ان دوران غلام محمد جسٽس منير کي
چتآءٌ اماڻيو ته اسيمبلي برطرف ڪئي ويندي ۽ هو ان
خلاف فيصلو نه ڏي. جسٽس منير ان تي راضي ٿي ويو.
سهرورديءَ جي پٺڀرائي ۽ جسٽس منير جي ڪو قدم نه کڻڻ واري واعدي
کان پوءِ غلام محمد پنهنجي منصوبن کي عمل ۾ آڻڻ
جون تياريون ڪرڻ لڳو. ڪمانڊر انچيف جنرل ايوب خان
سان مشورو ڪيو ويو ۽ کيس به تڏهوڪي اوڀر پاڪستان
جي گورنر ۽ ٽولي جي هڪ اهم فرد ميجر جنرل اسڪندر
مرزا وانگر شامل ڪيو ويو. ايوب خان ۽ مرزا ٻئي
بوگرا سان گڏ آمريڪا ويا هئا ۽ ساڻس گڏ ئي موٽي
آيا. بوگرا صورتحال ڄاڻي هراسجي ويو ۽ پهرين گهر
وڃي پنهنجي صلاحڪارن سان مليو ۽ بعد ۾ گورنر جنرل
هائوس سڏرايو ويو. کيس اسُر جو ٽين وڳي تائين اتي
ترسايو ويو ۽ سندس ڪابينا جي برطرفيءَ واري حڪم
نامي تي صحيح ڪرائي وئي. آئين ساز اسيمبلي برطرف
ڪئي وئي ۽ هڪ نئين ڪابينا جو اعلان ڪيو ويو ته
سندس نئين ڪابينا ۾ اسڪندر مرزا کي گهرو معاملن
جو، ايوب خان کي بچاءَ جو، چوڌري محمد عليءَ کي
اهم عهدن سان نوازيو ويو. خان عبدالغفار خان جي
وڏي ڀآءٌ ۽ خدائي خدمت گار پارٽي جي ڊاڪٽر خان
صاحب سان گڏوگڏ ڪجهه هفتا پوءِ وطن موٽندڙ
سهرورديءَ کي قانون جي وزير طور ڪابينا ۾ شامل ڪيو
ويو.
سياسي اقتدار هاڻ مڪمل طور تي غلام محمد ۽ سندس ساٿارين جي هٿن
۾ هو. هاڻ هن هڪ مهينو اڳ آئيني ترميم وسيلي سندس
خلاف سازش ڪندڙن خلاف قدم کنيو. هن آئين ساز
اسيمبليءَ ۾ سندس خلاف سازش ڪندڙن کي سندن عهدن
تان هٽائڻ لاءِ بوگرا تي زور ڀريو. سنڌ جو وڏو
وزير پيرزادو انهن ۾ اڳڀرو هو ۽ غلام محمد مٿس خاص
طور تي چڙيل هو، ڇاڪاڻ جو اسيمبليءَ ۾ اڪثريت نه
هئڻ مهل هُن (غلام محمد) اجلاس ملتوي ڪري سندس
(پيرزادو) حڪومت بچائي هئي. ان کان سواءِ بجيٽ
منظور نه ٿيڻ جي باوجود کيس حڪومت هلائڻ ۽ غير
قانوني طور تي خرچ پکو ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني وئي
هئي. هن کيس اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابينا ۾ وزيرن
جو تعداد ٻارهن تائين وڌائڻ جي پڻ منظوري ڏني هئي.
هاڻ غلام محمد، پيرزادي کي سبق سيکارڻ جو پڪو پهه
ڪري چڪو هو. پيرزادي کي احساس ٿيو ته هن پنهنجو
پاڻ کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. صورتحال کي ٿڌو ڪرڻ
لاءِ هن 4 2 آڪٽوبر واري بغاوت کان ترت پوءِ نئين
حڪمران ٽولي جي حمايت ۾ بيان جاري ڪري گورنر جنرل
جي کنيل قدم جي حمايت ڪئي، پر هاڻ گهڻي دير ٿي چڪي
هئي.
سنڌ جي گورنر نواب ممدوٽ پيرزادي کي اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائي
بجيٽ منظور ڪرائڻ لاءِ چيو. هن ڄاتو ٿي ته پيرزادي
کي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت جي حمايت حاصل ناهي ۽ هو
استعيفيٰ ڏيندو. پيرزادي اهو ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
مرڪز فيصلو ڪيو ته ايوان جو اجلاس نه سڏرائڻ تي
گورنر پيرزادي کي استعيفيٰ تي زور ڀري ۽ ان کان
نابري وارڻ تي سندس حڪومت کي برطرف ڪيو وڃي.
گرمانيءَ کهڙي صاحب سان ڳالهايو جنهن ايوان ۾
پنهنجي اڪثريت جي تصديق ڪئي، کيس وڏ وزارت سنڀالڻ
لاءِ تيار رهڻ لاءِ چيائين.
گرمانيءَ کهڙي صاحب کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ آئين لاءِ هڪ بنيادي
گُهرج تحت ون يونٽ جي منصوبي کي لاڳو ڪيو پيو وڃي.
جنرل ون يونٽ واري موقف پويان هئا ۽ ايوب خان ان
تي عمل لاءِ ئي ڪابينا ۾ شامل هو. حڪومت قانوني
مشوري سان گڏوگڏ سهرورديءَ جي سرواڻي هيٺ اوڀر
پاڪستان جي راضپي سان ليس هئي. هن کهڙي صاحب کي
ڄاڻايو ته مرڪز سنڌ جي حڪومت سميت اولهه پاڪستان
جي سمورين حڪومتن جي ان ڏس ۾ پٺڀرائي چاهي ٿو.
کهڙو صاحب ان تي راضي نه هو. پنهنجي سڄي حياتي هو
صوبائي خود مختياريءَ جو شرحو ڪيل رهيو هو ۽ ان تي
پڪو ويساهه رکندڙ هو ته پاڪستان جي حصي ۾ آيل صوبا
نه رڳو ان جو ثقافتي ۽ ٻوليوار اثاثو هئا، پر
معاشي لحاظ کان به مناسب ترين يونٽ هئا. هو ان سان
سهمت نه هو ته پاڪستان جي آئيني مسئلن جي حل لاءِ
ون يونٽ ئي بهترين حل هو. کيس واضح طور تي ٻڌايو
ويو ته ان کان سواءِ ڪو ٻيو متبادل ناهي ۽ گورنر
جنرل کي ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جا اختيار حاصل آهن. کيس
ٻڌايو ويو ته اولهه پاڪستان صوبي جو اعلان وڌ ۾ وڌ
ٻن مهينن اندر ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ جو ايوب خان زور
ڀري رهيو هو ته ان جي تاريخ جو تعين ڪيو وڃي. ان
ڪري کهڙي صاحب ڄاتو ٿي ته وڏي وزير طور سندس معياد
ٻن مهينن کان به گهٽ هوندو. سندس فرض جو احساس
اڀريو ته ان مختصر وقت اندر به هو صوبي جي مفادن
کي ڪنهن حد تائين بچائي سگهي ٿو.
پيرزادي جي برطرفيءَ جو 8 نومبر تي اعلان ڪيو ويو. 9 نومبر تي
ممدوٽ کهڙي صاحب کي سڏرايو جنهن ٻڌايس ته کيس 0 1
1 جي ايوان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 0 7 ميمبرن جي حمايت
حاصل آهي. ان وقت کهڙو صاحب پاڻ ته اسيمبلي جو
ميمبر نه هو، پر هو پاڻ کي چونڊرائڻ جي حيثيت ۾ هو
۽ آئيني طور تي ان لاءِ وٽس ڇهن مهينن جو عرصو پڻ
هو. ممدوٽ کيس هڪدم حڪومت ٺاهڻ لاءِ چيو. کهڙي
صاحب ٽيون ڀيرو وڏ وزارت جو حلف کنيو. سندس پنجن
ڄڻن واري ڪابينا ۾ شامل باقي چار ڄڻا مولا بخش
سومرو، قاضي اڪبر، نور احمد شاهه ۽ علي محمد راشدي
هئا. سندن آڏو ڪم انتهائي تڪڙ وارو هو، کين انهن
ڏکين حالتن ۾ جتي ڪجهه مهينن اندر اولهه پاڪستان
جي ٻين علائقن سان گڏ سنڌ جو وجود ختم ٿيڻو هو،
تڪڙو ڪم ڪري سنڌ لاءِ وڌ کان وڌ حاصل ڪرڻ لاءِ
پتوڙڻو هو.
باب ويهون
آپيشاهاڻي سوڀ
ون يونٽ واري ڳالهه ڪجهه وقت کان گردش ۾ رهي هئي. ان 1949ع ۾
لياقت علي خان جي حڪومت دوران ان مهل ڦاٽ کاڌو هو،
جڏهن ان کي ننڍن صوبن جي سياسي قيادت کي ڪلچڻ جو
هٿيار ليکيو ويو. ان مهل سنڌين خاص طور تي کهڙي
صاحب جي سرواڻيءَ هيٺ صوبي جي اهم سياسي جماعت
مسلم ليگ ان کي شديد انداز ۾ ننديو. جيتوڻيڪ ايندڙ
ڪجهه سالن تائين وري ان جو ذڪر ٻڌڻ ۾ نه آيو. پر
هاڻ پاڪستان تي ڪنٽرول حاصل ڪيل حڪمران پنجاب ٽولي
وٽ اهو هڪ متبادل بڻيل رهيو. اوڀر بنگال ۾ جگتو
فرنٽ جي ڪاميابيءَ کان پوءِ، پنجاب ۽ سرحد صوبي جي
فوج ۽ ڪامورا شاهيءَ تي ٻڌل حڪمران ٽولو نئين
چونڊيل اسيمبليءَ۾ اوڀر پاڪستان جي قابو ۾ نه
ايندڙ اڪثريت کان خاص طور تي هڪ نئين آئين تحت
انتهائي ڊنل هو. جمهوريت سان ٺهڪي نه ايندڙ لاءِ
ون يونٽ جي شڪل ۾ هڪ حل موجود هو. ايوب خان نظرئي
جي ذميواري کڻندي ڄاڻائي ٿو ته هن 4 آڪٽوبر 1954 ع
تي لنڊن جي هڪ ”گرم رات“ پاڪستان جي مسئلن کي حل
ڪرڻ لاءِ هڪ دستاويز تيار ڪرڻ جو ڪم ڪيو.
سول سروسز ۽ هٿياربند فوجن ۾ اعليٰ عهدن تي فائز همراهه جمهوري
وهنوار کي سمجهڻ جا آئيني طور تي اهل نه هئا.
اوستائين سياستدانن کي جمهوري ڪم جو ڪو موقعو نه
ڏنو ويو هو. ان جو ادراڪ 1954 ع تائين پيش آيل
واقعن مان ڀلي ڀت ڪري سگهجي ٿو. صوبن ۾ جمهوريت جي
پتوڙيندڙ ٻوٽي کي چيڀاٽيو ويو ۽ مرڪز ۾ ان کي ڪڏهن
به اسرڻ نه ڏنو ويو. ايوب خان سياستدانن سان
سرپرستاڻو، اڃا وڌيڪ توهين ڀريو رويو اختيار ڪرڻ
تي فوج ۽ ڪامورا شاهي جي مهندارن جي سرهائي جو
احوال ڏي ٿو. هو دعويٰ ٿو ڪري ته هن بوگرا جي
ڪابينا ۾ شموليت ”سياستدانن ۽ هٿياربند فوجن وچ ۾
ڍال“ طور ڪم ڪرڻ لاءِ ڪئي. هو ان ۾ ون يونٽ مڙهجڻ
جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ پڻ شامل ٿيو هو. يقيني طور تي
هو جمهوري تصور سمجهي نه سگهيو هو ته سياستدان
عوام جا عيوضي هئا، جيڪي آزاد ۽ خودمختيار هئا ۽
فوج سندن ملازم هئي، جنهن جو واحد ڪم ڪنهن ٻاهرين
اڳرائيءَ کان ملڪ جو بچآءٌ ڪرڻ هو. ڪامورا شاهيءَ
ته جمهوريت کي سمجهڻ ۾ اڃا ٻه وکون پوئتي هئي،
جيئن ايوب خان ڄاڻائي ٿو ته کڙپيل ڪاموري مان وزير
اعظم بڻيل چوڌري محمد عليءَ کيس (ايوب خان) چيو ته
”تون اقتدار ڇو نه ٿو سنڀالين ته جيئن منهنجي ان
مان جان ڇٽي؟“
1954 ع ۾ غلام محمد واري بغاوت تائين ملڪ جو آئين
اڃان نه ٺهيو هو. ياد رهي ته آزاديءَ کي هاڻ ست
سال لنگهي چڪا هئا، بنيادي اصولي ڪميٽيءَ جي رپورٽ
جي ٻن مسودن کي حتمي صورت ڏيڻ کان بچڻ واسطي ان
کي اينگهائيندي دير ڪرڻ واريون حرفتون اختيار ڪيون
ويون. حڪمران ٽولو هڪ اهڙي آئين جو ئي گهرجائو هو
جيڪو سندن اقتدار کي هٿي ڏي. وفاقي جمهوري آئين
بنگال ۽ ننڍن صوبن کي ئي اڪيلو ڪري پئي سگهيا. اها
انتهائي اگري صورتحال هجي ها ۽ حڪمران ٽولي مستقل
بنيادن تي ان کان بچڻ لاءِ هٿ پير ٿي هنيا.
پروڊا
تحت
کهڙي صاحب ۽ ٻين جي نا
اهلي
ختم ڪرڻ واري
گورنر جنرل جي حڪم
نامي
تي سنڌ جي چيف ڪورٽ ڪارروائي
ڪرڻ جو فيصلو ڪندي گورنر جنرل جي قدم کي غير قانوني
ليکيندي ڄاڻايو
ته هو پروڊا
تحت
نااهليءَ
جو معياد
گهٽائڻ لاءِ
با
اختيار
ناهي.
کهڙي صاحب وفاقي
ڪورٽ ۾ اپيل
ڪئي جنهن 7 1 آڪٽوبر 5 5 9 1 ع تي فيصلو
ڏنو ته نه رڳو رٽ جاري
ڪرڻ سنڌ چيف ڪورٽ جي دائري
۾ ناهي پر خود گورنر جنرل جي منظور نه هئڻ ڪري ان
قانون
هيٺ نااهليءَ جي به ڪا
قانوني
حيثيت
ناهي.
(وفاقي ڪورٽ جي بينچ جسٽس محمد
منير، جسٽس ايم
شهاب الدين
۽ جسٽس ايم
شريف تي ٻڌل هئي ۽ پنهنجو فيصلو لاهور
۾ 7 1 آڪٽوبر 5 5 9 1 ع تي ٻڌايو)
|