باب
ٻارهون
سياسي
اٿل
پُٿل
جولاءِ
1942
ع
۾
جناح
صاحب آل
انڊيا مسلم
ليگ
لاءِ پنهنجي
1 2
ڄڻن واري
نئين
ورڪنگ
ڪميٽيءَ جو
اعلان
ڪيو.
کهڙو صاحب
۽
سيد
صاحب سنڌ
سان
تعلق رکندڙ
ان
جا ٻه ميمبر
هئا.
ساڳئي سال
اپريل ۾ سنڌ
جو
بزرگ اڳواڻ
عبدالله هارون
صاحب
گذاري ويو
۽
کهڙو
صاحب
مسلم ليگي
پارلياماني پارٽي
جي
اڳواڻ ۽ مخالف
ڌر
جي
اڳواڻ سان
گڏوگڏ صوبائي
مسلم
ليگ جو
وقتي
صدر پڻ
بڻيو.
ان
سال
ننڍي کنڊ ۾ اونهارو
خاص
طور
ڇڪتاڻ
ڀريو رهيو.
ڊسمبر
1941
ع
۾
پرل
هاربر کان پوءِ
اوڀر
۾
جاپانين جي
پيش
قدمي ۽ فيبروري
1942
ع
۾
سنگاپور جي
هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان پوءِ
مهاڀاري لڙائي
اتحادين جي
خلاف
ٿيندي
پئي وئي.
برما
واري اڳرائي
کان
پوءِ
هندستان تي
جاپاني چڙهائي
جا
وڏا خطرا
محسوس ٿيڻ لڳا
هئا. 1939ع ۾ سمورن
صوبن
مان
ڪانگريسي حڪومت
جي
استعيفائن واري
فيصلي کان وٺي
ڪانگريس
جنگي
ڪاوشن
۾
حڪومت سان
سهڪار ۾ پوئتي
پير
ڪيل
هئي ۽ ان
جي
قيادت
ڪجهه باغي
پئي
نظر آئي.
انگريز حڪومت
تي
آمريڪا ۽ چين
ٻنهي
طرفان هندستان
جي
قيادت سان
صلح
ڪرڻ
لاءِ دٻاءُ
پئجي
رهيو هو،
ڇاڪاڻ
ته
چين کي خوف
هو
ته هندستان
تي
جاپان جي
قبضي
جي صورت
۾
چين
کي
جاپان جي
گهيري ۾ اچي
وڃڻ
جو انديشو
هو.
1942
ع ۾ برطانوي
وزير
اعظم چرچل
سر
اسٽيفورڊ
ڪرپس کي هڪ
اعلان نامي
سان
هندستان موڪليو،
ته
جيئن هو
اتي
جي سمورن
فرقن
کي
ان
ڳالهه جي
يقين
دهاني
ڪرائي ته
کين
جنگ
کان
پوءِ مڪمل
خود
مختياري ڏني ويندي
۽
امن
حاصل ٿيڻ کان هڪدم
پوءِ
خودمختيار هندستان
لاءِ
آئين
ٺاهڻ واسطي
هڪ
نمائنده ادارو
جوڙيو ويندو،
جيڪو
برطانوي حڪومت
ٻن
شرطن
تي قبولڻ
تي
راضپو
ڏيکاريو ته:
پهريون جيڪڏهن
ڪوبه
صوبو
نئون آئين
قبولڻ تي
راضي
نه ٿيو ته
ان
کي
ڌار
ٿيڻ
۽
ٻين
هم خيال
صوبن
سان گڏجي
ڌار
آئين
ٺاهڻ
جو حق
حاصل
هوندو ۽ ٻيو ته
هندستاني رياستن
کي
پڻ
ساڳي نوعيت
جا
حق هوندا.
برطانوي حڪومت
۽
هندستاني آئين
جوڙيندڙ اداري
وچ
۾
هڪ
ٺاهه
ٿيڻو هو،
جيڪو
برطانيا کان هندستانين
ڏانهن
ذميوارين جي
منتقليءَ سان
لاڳاپيل سمورن
معاملن، بشمول
خاص
طور تي
برطانوي حڪومت
جي
اڳوڻين ضمانتن
پٽاندڙ نسلي
۽
مذهبي اقليتن
جي
تحفظ جو
احاطو ڪيل هوندو.
جنگ
واري عرصي
دوران برطانوي
حڪومت کي هندستاني
اڳواڻن جي
سهڪار سان،
هندستان جي
دفاع
جي ڏس ۾
ڪنٽرول، پنهنجي
هٿ
وس رکڻو
هئو.
ڪانگريس
آڏو ان
جو
مطلب اقتدار
جي
فوري منتقلي
نه
ٿيڻ
هو. ان
کان
سواءِ مسلمان
صوبن
طرفان پنهنجو
آئين
جوڙڻ وارو
امڪان به
ڪانگريسي
قيادت لاءِ
انتهائي
ڌڪار جوڳو
هو.
ان ڪري
ڪانگريس جي
ورڪنگ
ڪميٽي
”ڪرپس جي
آڇ“
ٿڏي
ڇڏي
۽
گانڌي صاحب
پنهنجو انتهائي
مشهور جملو
”اهو
ڏيوالو
نڪتل
بينڪ جو
تاريخ گذريل
چيڪ
آهي“
ڳالهايو. جناح
صاحب
اها آڇ
قبولڻ تي
مائل
هو، پر
ڪانگريسي
رويي
سبب ان
بنياد تي
رد
ڪيائين
ته اها
واضح
طور تي
پاڪستان کي قبولڻ
جي
ڳالهه
نه ٿي
ڪري.(1)
ڪانگريس طرفان
ڪرپس
جي
آڇ
ٿڏڻ، ايندڙ
واقعن جي
روشنيءَ ۾
”ڪانگريسي شرطن
تي
هندستان جي
ايڪتا برقرار
رکڻ
واري آخري
حقيقي موقعي
کي
پٺي
ڏيڻ“
ثابت ٿي. جيڪڏهن
ڪانگريس
آڇ
قبولي ها
ته
جناح به
اهو
ئي ڪري ها،
جيئن
هو اڳيئي
سر
سڪندر حيات
تي
ظاهر ڪري چڪو
هو:
”هندستان جي
بچاءُ ۾
ڪانگريس - ليگ
سهڪار کين سندن
اختلاف مٽائڻ
۾
مددگار ۽ جيئن
پوءِ
تيئن پري
ٿيڻ
بدران ويجهو
آڻڻ
جو سبب
ٿي
پئي
سگهيو. اڻ
-
شموليت واري
فقري
ڪانگريسي
اڳواڻن کي هروڀرو
ڇرڪايو.
اهو
پاڪستان جو
اظهار ٿيڻ کان
ڪوهين ڏور هو،
ڇاڪاڻ
جو
بنگال ۽ پنجاب
ٻنهي
۾
مسلمان سادي
اڪثريت ۾ هئا
۽
شموليت کان انڪار
ڪرڻ
لاءِ
کين
100
سيڪڙو يڪرائپ
جو
مظاهرو
ڪرڻو پوي
ها،
جيڪا
ڳالهه نه
رڳو
1942
ع
۾
يقيني طور
تي
ناممڪن هئي
پر
ڪانگريس
۽
ليگ جي
ڪجهه
عرصي
تائين گڏجي
ڪم
ڪرڻ
جي
نتيجي ۾ پڻ
ڪڏهن
به
نه ٿئي ها...“(2 )
اڪثريتي
صوبن
جي مسلمانن
لاءِ
مسلم ليگ
جي
اپيل اوڏي
مهل
اوتري سگهاري
نه
هئي جيتري
اڳتي
هلي بڻجڻي
هئي
۽
جناح صاحب
لاءِ
انگريزن کان پنهنجا
شرط
مڃرائڻ
ڏکيو ٿئي ها.
ڪرپس
آڇ
جي رد
ڪرڻ
تي
ڪانگريس
سان
ڪنهن به
قسم
جي هم
آهنگي کي
امڪان
کان
ٻاهر
ليکيندي
وائسراءِ اڳتي
پير
وڌايو ۽ پنهنجي
ايگزيڪيوٽو
ڪائونسل کي توسيع
ڏنائين.
5 1
ڄڻن واري
ڪائونسل
۾
1 1
هندستاني
هئا
جن ۾ سپاهين
جي
حوالي سان
جنگ
۾
سڀ کان وڏي
حصيداري
ڏيندڙ پنجاب
جي
نمائندگي سر
فيروز خان
نون
ٿي
ڪئي.
لڙائيءَ
جي
اتحادين لاءِ
بريءَ طرح
وڌڻ
۽
1942
ع
جي شروعاتي
مهينن ۾ جاپانين
جي
جوڳي پيش
قدميءَ جي
بنياد تي
گانڌي ان
خيال
جو هو
ته
هندستان اتحادين
جي
هٿن مان
نڪري
ويندو. هن
واضح
ڪيو
ته برطانيا
کي
هندستان خالي
ڪرڻ
گهرجي
ڇاڪاڻ جو
جاپانين جو
هندستانين سان
ڪو
جهيڙو ناهي
ان
ڪري
هو انگريزن
جي
نڪري وڃڻ
جي
صورت ۾ هندستان
تي
اڳرائي نه
ڪندا.
وارڌا ۾ 6 - جولاءِ
تي
ڪانگريس
هڪ
ٺهراءُ وسيلي
برطانوي راڄ
جي
هڪدم خاتمي
جي
گهر ڪئي نه
ته
”ڪانگريس
سياسي حقن
۽
آزادين کي ماڻڻ
لاءِ
پنهنجي اهنسا
وارا
سمورا وسيلا
ڪتب
آڻڻ
لاءِ حق
بجانب هوندي“.
گانڌي چيو.
”هڪ
ٻئي
موقعي ڏيڻ جو
ڪو
سوال
ئي نه
ٿو
پئدا
ٿئي.
نيٺ به
اها
کليل
بغاوت آهي.“
8 آگسٽ
تي
آل انڊيا
ڪانگريس
ڪميٽي،
”هندستان
خالي
ڪريو“،
ٺهراءُ
جي تصديق
ڪئي.
هڪدم
ڪانگريسي
قيادت کي گرفتار
ڪيو
ويو،
خود گانڌيءَ
کي
پونا
۾
آغا خان
جي
محل ۾ نظر
بند
ڪيو
ويو. وسيع
پئماني تي
تشدد
۽
خاص طور
تي
ٽيليگراف،
ريلوي، پوليس
ٿاڻن
۽
پوسٽ
آفيسن جهڙن
مواصلاتي تنصيبن
خلاف
وڳوڙي
ڪارروايون وسيع
پئماني تي
ٿيڻ
لڳيون. حڪومت
ان
صورتحال لاءِ
تيار
نه هئي
۽
جيتوڻيڪ حالتن
کي
پنهنجي
ڪنٽرول ۾ ڪري وئي
پر
ڪجهه
علائقن جهڙوڪ
بهار
۽
اوڀر يوپي
ايترو ته
متاثر ٿيا جو
اڀرندا سرحدي
علائقا
ڪجهه عرصي
تائين باقي
اتر
هندستان کان
ڪٽيل رهيا.
جناح
جي قيادت
۾
مسلم
ليگ
ڪانگريس جي
(جناح
جي
بقول) برطانوي
حڪومت کي
ڪانگريس راڄ
آڏو
گوڏا
کوڙڻ تي
مجبور ڪرڻ واري
ڪوشش
تي
سخت
ڇوهه
ڇنڊيا ۽
”هندستان خالي
ڪريو
تحريڪ“ کي مسلم
ليگي
پريس
”بلاشڪ تاريخ
۾
بليڪ
ميلنگ جي
سڀ
کان
وڏي بيشرمي
ڪوشش“
ڄاڻايو.
پر
اها،
لنلٿگو جي
بقول
1857
ع
کان
پوءِ انتهائي
سنجيده ۽ خطرناڪ
بغاوت کي
ٿورڙن ئي
هفتن
اندر گهڻي
ڀاڱي
چٿيو
ويو.
آگسٽ
جي
وچ
ڌاري بغاوت
جي
عروج دوران،
جناح
صاحب مسلم
ليگي
ورڪنگ
ڪميٽيءَ جي
هڪ
گڏجاڻي بمبئي
۾
گهرائي.
کهڙو صاحب
۽
سيد
صاحب 6 1
آگسٽ
تي رٿيل
انهيءَ گڏجاڻي
کان
اڳ
۾
ئي بمبئي
پهتا. فضا
۾
عجيب
و غريب
اٿل
پٿل هئي.
گانڌي
ڀرسان ئي
پونا
۾
سوگهو هو
۽
جيلن
کان
ٻاهر
ڪانگريسي
قيادت هندستاني
راءِ
عامه کي
ڪانگريس جي
وڳوڙ
۾
شامل ڪرڻ لاءِ
وڏا
وس ڪري رهي
هئي.
کهڙي
صاحب ۽ سيد
صاحب
کي
ڪانگريسي
سياستدانن سان
ملائڻ واسطي
جواهر لال
نهرو
جي ڀيڻ
ڪرشنا هٿي
سنگهه جي
گهر
مانيءَ جي
دعوت
تي گهرايو
ويو.
شريمتي مردولا
سارا
ڀائي
سميت ناميارا
هندستاني سياستدان
۽
سوشلسٽ دعوت
۾
موجود هئا.
دسترخوان تي
ميزبان مائيءَ
کهڙي
صاحب
کي
پنهنجي
ڀرسان ويهاريو،
جيڪو
سياست تي
انتهائي سولائي
۽
ثابت
قدميءَ سان
ڳالهائيندڙ
انتهائي نفيس
مائي
جي ساٿ
۾ سراپجي
ويو.
کهڙي
صاحب ۽ سيد
صاحب
کي
زور
ڀريا دليل
ڏنا
ويا
ته هو
گانڌيءَ صاحب
سان
ملاقات واسطي
جناح
صاحب تي
زور
وجهن ۽ گهٽ
۾
گهٽ
انهن مسئلن
تي
ڳالهائين
جن تي
هم
آهنگي ممڪن
هئي.
سيد صاحب
۽
کهڙي
صاحب
اهو معاملو
ورڪنگ
ڪميٽيءَ جي
ٻين
ميمبرن سان
بحث
هيٺ آڻڻ
۽
جناح
صاحب جي
سامهون پيش
ڪرڻ
تي
راضپو
ڏيکاريو هو.
سيد
صاحب جناح
صاحب
جي نوجوان
ڪفيل
راجا
محمود آباد
۽
پنهنجي ويجهي
دوست
۽
جناح صاحب
جي
با اعتماد
ڪلڪتي
جي
حسن اصفهاني
صاحب
سان
ڳالهايو. ورڪنگ
ڪميٽيءَ
جي
ڪيترن
ئي ميمبرن
حمايت جي
خاطري
ڪرائي پر
جڏهن
جناح صاحب
کي
ان
جي ڀڻڪ پئي
ته
پنهنجي ناراضگيءَ
جو
اظهار
ڪيائين ۽ راجا
محمود آباد
۽
اصفهاني انهيءَ
نقطي
نظر لاءِ
پنهنجي حمايت
واپس
ورتي. ان
ريت
جڏهن سيد
صاحب
ورڪنگ
ڪميٽي آڏو
اهو
معاملو اٿاريو
ته
رڳو
کهڙو صاحب
ئي
سندس تجويز
جي
پٺڀرائي ڪرڻ جو
حوصلو ساري
سگهيو ۽ حمايت
جو
واعدو ڪيل ٻيا ميمبر
ڄڻ
گونگا ۽
ٻوڙا بڻجي
ويا
هئا.
سيد
صاحب
کي
ستاويهه سال
پوءِ
لکندي
کهڙو صاحب
ان
موقعي کي هيئن
ٿو
ساري:
”1943
ع ۾
(دراصل 1942
ع)
مرحوم قائداعظم
محمد
علي جناح
مسلم
ليگي ورڪنگ
ڪميٽيءَ
جو
اجلاس گهرايو.
ان
وقت اوهان
ڪانگريسين
جي
اثر هيٺ
ٺهراءُ
جو
نوٽيس ڏنو ته
جناح
صاحب کي انهن
ڏينهن
۾
نظربند گانڌيءَ
صاحب
سان
ڳالهيون ڪرڻ جي
صلاح
ڏني
وڃي. ورڪنگ
ڪميٽيءَ
جي
ڪيترن
ئي ميمبرن
اوهان کي حمايت
جي
خاطري
ڪرائي هئي
پر
جڏهن جناح
صاحب
ڳالهائيندي
ان جي
خلاف
پنهنجا دليل
ڏنا
ته
حسن اصفهاني،
راجا
صاحب محمود
آباد، نواب
اسماعيل خان
۽
ٻين
سمورن پنهنجي
حمايت تان
هٿ
کنيو
۽
جناح صاحب
جي
خواهشن جي
ابتڙ
مون اوهان
جي
حمايت ڪئي هئي،
جيتوڻيڪ ائين
ڪرڻ
لاءِ
اسين ٻئي اڪيلائي
رهجي
ويا هئاسين.“(3 )
سيد
صاحب
کهڙي
صاحب جي
گهر
تي مانيءَ
جي
هڪ دعوت
ٿو
ياد
ڪري
جنهن ۾ جناح
صاحب
۽
فاطمه جناح،
کهڙو
صاحب
۽
سندس گهر
واري
کان
سواءِ هو
واحد
ماڻهو هو.
جناح
صاحب ان
موقعي جو
ذڪر
ڪيو
۽
چيو ته
هو
گانڌيءَ صاحب
سان
ملاقات نه
ڪرڻ
بابت
پنهنجي وضاحت
کان
پوءِ
به سيد
صاحب
جي ان
لاءِ
زور ڀرڻ کي ته
سمجهي ٿو سگهي
پر
الائي ڇو
کهڙو صاحب،
جنهن
کي
هن وڌيڪ
عقل
ڀريو
ٿي
سمجهيو سو
به
ٺهراءُ
جي حمايت
۾
ڳنڍ
ڏئي
بيهي
رهيو.
کهڙي صاحب
جي
جواب ڏيڻ کان اڳيئي
سيد
صاحب
کلندي وراڻيو
ته
کهڙو
مسز هٿي
سنگهه جي
دعوت
۾
ڪانگريسي
ماين جي
سونهن ۾ ايترو
ته
سراپجي ويو
هو
جو وٽس
ٺهراءُ
جي
حمايت ڪرڻ کان سواءِ
ڪو
ٻيو
چارو
نه هو.
(4 )
دراصل
سول
نافرمانيءَ واري
ڪانگريسي
پاليسيءَ تي
جناح
جو موقف
چٽو
۽
بي ٽوڪ هو.
هن
جنگي
ڪاوش جي
غير
مبهم انداز
۾
حمايت ڪئي هئي.
سندس
موقف اخبارن
۾
واضح
ٿيل
هو. هو
آل
انڊيا
ڪانگريس
ڪميٽيءَ تي
ملڪ
جي ناماچاري
ڏيڻ
۽
ذهني
۽
مادي وسيلا
عوامي بنيادن
تي
سول نافرمانيءَ
کان
جنگي
ڪاوش
ڏانهن
منتقل ڪرڻ واسطي
زور
ٿو
ڀري:
”حڪومت جو
فرض
واضح آهي،
ان
کي
ظالم قوت
تي
سوڀ ماڻڻ
۽
ان
ريت دنيا
جي
آزاد قومن
۾
هندستان جي
مقام
جي خاطري
ڪرائڻ
گهرجي. انهيءَ
مقصد
جي فوري
ادراڪ جي
راهه
۾
جيڪو به
سامهون ايندو
سو
هندستان جو
دوست
نه ٿو ٿي سگهي
۽
نتيجن جي
پرواهه ڪرڻ بنا
ساڻس
ورتاءُ رکڻ
گهرجي.“ (5
)
جناح
صاحب
محسوس ڪيو ته
ڪانگريس
جي
اهم شخصيتن
طرفان سرواڻ
مسلم
ليگين خاص
طور
تي سندس
ورڪنگ
ڪميٽيءَ جي
ميمبرن تي
اثر
وجهڻ واري
ڪوشش
ڪا
راند
نه پر
سندس
سوچيل سمجهيل
حرفت
آهي. بهرحال
وٽس
کهڙي
صاحب ۽ سيد
صاحب
جي تجويز
کي
ويٽو
ڪرڻ
لاءِ سبب
ڄاڻائڻ
واسطي مهلت
جو
دڳ هو.
1942
ع جي
سرءُ
ڌاري
”هندستان
خالي
ڪريو تحريڪ“
پساهه ڏيڻ لڳي
هئي.
ان سڄي
هندستان کي متاثر
نه
ڪيو
هو.
ڳوٺاڻا علائقا
شريڪ
نه
ٿيا، اقليتون
ان
کان
ڌار
هيون ۽ تبصري
ڪندڙن
جي
خيال موجب
ان
تحريڪ مان
ڪانگريس
ڪو
لاڀ
نه پرايو.
دليل
ڏيندي
اهو چئي
سگهجي ٿو ته
مهاڀاري لڙائي
جي
انتهائي خطرناڪ
دور
۾
اهڙي پر
تشدد
بغاوت جي
پٺڀرائي
ڪانگريس لاءِ
برطانيا ۽ اتحادين
۾
بي
اعتمادي ۽ منجهن
سڄو
ننڍو کنڊ سندن
حوالي نه
ڪرڻ
جو
پڪو پهه
پئدا
ڪيو.
آڪٽوبر
1942
ع ۾
ڪانگريسي پاليسيءَ
جي
پوئواريءَ ۾ پنهنجا
سرڪاري خطاب
واپس
ڪرڻ
تي گورنر
سرهيو
ڊائو، سومرو
حڪومت ختم
ڪري
ڇڏي.(6) هاڻي
مخالف ڌر جي
اڳواڻ کي حڪومت
ٺاهڻ
جي
دعوت ڏيڻ هيو
ڊائو
جو
آئيني فرض
هو،
پر هن
مسلم
ليگ جي
پارلياماني قائد
تي
پنهنجي ناپسنديده،*
کهڙي
صاحب
کي
حڪومت
ٺاهڻ جي
آڇ
ڪرڻ
لاءِ تيار
نه
هو. هن
سڄي
ڪابينا
بدران رڳو
وڏي
وزير کي برطرف
ڪيو.
ان
کان
پوءِ هن
وزيرن مان
هڪ
هدايت الله صاحب
کي
وقتي
وڏو وزير
مقرر
ڪري
کيس
نئين حڪومت
جوڙڻ
۾
مدد ڪرڻ لاءِ
چيو،
جڏهن ته
باقي
وزير ساڳن
عهدن
تي ڪم
ڪندا هيا.
ڪجهه
ڏينهن
کان
پوءِ
ئي جڏهن
هدايت الله صاحب
پنهنجو گروپ
جوڙي
سگهيو ته
وزيرن جي
استعفائن جي
منظوريءَ جو
اعلان ڪيو ويو.
گورنر صاحب
جي
غير معمولي
قدم
تي تبصرو
ڪندي
جي
ايم سيد
صاحب
لکي ٿو:
”اهو
ڄاڻي دنگ
رهجي
وياسين ته
سرهيو
ڊائو سر
غلام
حسين تي
اعتماد
ڪندي کيس نئين
حڪومت
ٺاهڻ لاءِ
چيو.
اهو انتهائي
غير
مناسب ۽ غير
جمهوري قدم
هو،
ڇاڪاڻ
جو اڳوڻي
حڪومت ۾ وزير
ٿيل
سر
غلام حسين
کي
ڪنهن
هڪ
به ميمبر
جي
حمايت حاصل
نه
هئي ۽ جيڪڏهن
ڪنهن
کي
به
حڪومت
ٺاهڻ جي
آڇ
ڪرڻ
جو جواز
هو
ته اهو
مسلم
ليگ اسيمبلي
پارٽي جو
اڳواڻ محمد
ايوب
کهڙو
صاحب ئي
هو
جنهن کي واضح
طور
تي ايوان
جي
سڀ کان وڏي
حمايت هئي.“
(7 )
جيتوڻيڪ
گورنر صاحب
جمهوري وهنوار
جي
سمورين روايتن
خلاف
هلي رهيو
هو
۽
مخالف ڌر جي
مسلم
ليگ کي نظر
انداز ڪرڻ جو
سعيو
ڪري
چڪو هو،
جنهن
جا ايوان
۾
ڏهه
ميمبر هئا
۽
حڪومت جوڙڻ
لاءِ
گهربل تعداد
پورو
ڪرڻ
لاءِ مسلمان
ميمبرن سان
گڏوگڏ آزاد
هندو
ميمبرن جي
حمايت جي
توقع
رکي پئي
سگهي، مسلم
ليگ
کهڙي
صاحب جي
قيادت ۾ حڪومت
نه
هئڻ بابت
گورنر صاحب
جي
هوڏ آڏو
بيوس
بڻيل هئي.
مسلم
ليگ پارٽي
هاڻ
انتهائي اڻوڻندڙ
صورتحال جو
شڪار
هئي. هڪ
پاسي
ته ان
سومرو حڪومت
جي
استعيفيٰ جي
نتيجي ۾ سُک
جو
ساهه ٿي
کنيو ته
هاڻي
پائيدار مسلم
ليگي
حڪومت جوڙڻ
لاءِ
ڪارائتي
گڏيل محاذ
ٺاهڻ
جا
امڪان روشن
هئا،
پر ٻئي پاسي
کين
گورنر طرفان
آئين
جي پوئواري
کان
نابري وارڻ
ڪري
ڪانگريس
نواز
حڪومت جي
برطرفيءَ جو
لاڀ
زيان
ٿيندي نظر
ٿي
آيو.
گورنر صاحب
طرفان
کهڙي صاحب
کي
حڪومت
ٺاهڻ جي
آڇ
ڏيڻ
کان
انڪار مڪمل
طور
تي ذاتي
ناراضگيءَ جو
اظهار هو،
جنهن
جو سياسي
آئيني بنيادن
تي
ڪو
جواز نه
ٿي
پيش
ٿي
سگهيو، جيتوڻيڪ
هن
(گورنر)
وائسراءِ سان
لکپڙهه ۾ پنهنجو
پاڻ
کي
ان کان بچائڻ
جي
ڪوشش
ڪئي:
”سر غلام
حسين
کي
حڪومت
ٺاهڻ جي
دعوت
ڏيڻ
تي تنقيد
ٿي
ڪئي
وڃي
ته کيس هن
مرحلي تي
تمام
ٿورڙي
حمايت حاصل
آهي.
محمد ايوب
کهڙو
صاحب
جيڪو مسلم
ليگي
پارلياماني پارٽيءَ
جو
قائد آهي،
زور
ڀريو
آهي ته
سڀ
کان
وڏي مخالف
ڌر
جي
پارٽيءَ جي
اڳواڻ هئڻ
ڪري
کيس
حڪومت
ٺاهڻ لاءِ
چيو
وڃي. اهو
نقطي
نظر
کهڙي صاحب
کي
اُماڻيل هڪ
ٽيليگرام
۾
جناح
صاحب به
ظاهر
ڪيو
آهي جيڪو
منهنجي نظرن
مان
گذريو آهي.
انهيءَ تنقيد
کي
ڪا
اهميت نه
ڏني
اٿم
۽
سمجهان ٿو ته
سر
غلام حسين
جي
چونڊ ۾ پنهنجي
هدايت جي
جذبي
۽
ادراڪ جي
پوئواري ڪئي اٿم.“
(8 )
سنڌ
جي
سياسي ۽ عوامي
حلقن
۾
محسوس ڪيو ٿو وڃي
ته
کهڙي
صاحب کي حڪومت
ٺاهڻ
جي
دعوت نه
ڏيندي
گورنر صاحب
شعوري طور
تي
مسلم ليگ
پارٽي کي توهين
جو
نشانو بڻايو
آهي،
جنهن کي هدايتن
جي
شق تحت
هڪ
متبادل حڪومت
ٺاهڻ
لاءِ
دعوت ڏيڻ
کپندي هئي.
جيڪڏهن هو
ائين
ڪري
ها ته
متبادل حڪومت
ليگ
جي قيادت
۾
ئي
ٺهي
ها. جيڪڏهن
ڪڏهن
به
غلام حسين
صاحب
۽
پير الاهي
بخش
صاحب کي مسلم
ليگ
جي صفن
۾
شامل
ڪرڻ
جي ضرورت
محسوس ڪئي وڃي
ها
ته مون
کي
پڪ
آهي ته
هو
ٻئي
وزارتون قبولين
ها
۽
مسلم ليگي
مول
متن تي
صحيحون ڪن ها.
هندن
جي اڪثريت
اڃان
تائين مسلم
ليگ
سان گڏ
هجڻ
لاءِ تيار
آهي
۽
الله بخش
صاحب
کي
پنهنجي چئن
حمائتين سميت
نئين
حڪومت ۾ شامل
ٿيڻ
کان
سواءِ هندن
جي
واٽ اختيار
ڪرڻي
پوي
ها. هيءَ
ان
ريت سڄي
اسيمبلي مسلم
ليگ
جي قيادت
۾
متحد
هجي ها.
(پر)
اسان
جا آقا
پنهنجا ايجنٽ
ٿا
چاهين نه
ڪي
آزاد
انسان. هو
تنظيمن جي
ڀيٽ
۾
فردن
کي
ترجيح ٿا
ڏين.(9)
کهڙي صاحب
کي
هدايت الله صاحب
سان
گڏجڻ کان روڪڻ
واسطي ۽ مسلم
ليگي
وزارت نه
سڏرائڻ واري
شرط
تي
کهڙي صاحب
کي
وڏي
وزير طور
ڪانگريسي
۽
پنهنجي گروپ
جي
حمايت جي
خاطري
ڪرائڻ لاءِ
سومري
صاحب
ٻه
ڀيرا
کهڙي
صاحب سان
ملاقات
ڪئي.
کهڙي صاحب
اها
تجويز ٿڏي
ڇڏي، جيتوڻيڪ
گهڻي
ڀاڱي
ٻيا
سمورا مسلمان
ميمبر وڏو
وزير
ٿيڻ
لاءِ اهو
شرط
قبولڻ کان نه
ڪيٻائين
ها.
ڊائو
صاحب جي
لاڳيتي مخالفت
کي
مد
نظر رکڻ
کان
سواءِ
کهڙي صاحب
۽
سندس
مسلم ليگي
ساٿين جو
خيال
هو ته
ڪانگريسي
هندن
سان مخلوط
حڪومت
ٺاهڻ جو
مطلب
انهيءَ حڪومت
جي
حياتيءَ لاءِ
ڪانگريس
تي
انحصار هوندو.1940
ع
واري وزارت
جي
روشنيءَ ۾ هنن
ڄاتو
ٿي
ته
اها حمايت
ڪيڏي
مهل
به واپس
ورتي
ويندي.
”هندو پنهنجي
حمايت جي
وڏي
قيمت گهرندا
۽
ليگ
پارٽي هندو
حمايت جي
موٽ
۾
ڪا
قيمت نه
چڪائڻ جو
پڪو
پهه ڪيو هو.
هندو
ماضيءَ ۾ ڌڪ ڪڍي چڪا
آهن
۽
مستقبل ۾ به
اهوئي
ڪندا.“(10)
اهو
ذهن
۾
رکندي مسلم
ليگين آڏو
اهي
متبادل هئا
ته
هو مخالف
ڌر
۾
ئي
ويهي تمام
ٿورڙن
سخت
گير ميمبرن
کان
سواءِ باقي
مسلمان ميمبرن
کي
آهستي آهستي
کسڪي
ڪنهن
به
نئين جڙندڙ
حڪومت ۾ شامل
ٿيندو
ڏسندا
رهن
يا ڪن خاص
شرطن
تي هدايت
الله
صاحب جي
حمايت ڪن. صورتحال
کان
آگاهه ٿيڻ تي
جناح
صاحب هڪ
ٽيليگرام
وسيلي هدايت
الله صاحب جي
سربراهيءَ
۾ حڪومت
۾
شامل
ٿيڻ
واري متبادل
جي
مخالفت ڪئي:
”مسلم ليگ
پارٽي غلام
حسين
جي سربراهيءَ
واري
ڪنهن
به وزارت
۾
شامل
نه ٿي ٿي سگهي.
مسلم
ليگ ۽
ڪنهن مسلمان
فرد
يا گروپ
وچ
۾
مخلوط حڪومت
ٺاهڻ
اسان
جي بنيادي
اصولن جي
خلاف
آهي. جيستائين
گورنر صاحب
مسلم
ليگي اڳواڻ
کي
حڪومت
ٺاهڻ جي
آڇ
نه ٿو ڪري اوهان
کي
ان
ڏس
۾
ڪو
قدم يا
ڪنهن
وزارت جوڙڻ
۾
حصو
نه وٺڻ
گهرجي.“(1 1 )
پر
هڪ
ڀيرو
ٻيهر
مقامي پارٽي
قيادت محسوس
ڪيو
ته
هو صورتحال
کي
جناح
صاحب کان بهتر
سمجهن ٿا. هنن
واسطي
ڪانگريسي حمايت
يافتا وزارت
دوران نظر
انداز ٿيل مسلمان
برادريءَ جي
بهتريءَ لاءِ
اقتدار ۾ اچڻ
ضروري هو
ته
جيئن سندن
پهرين وزارتي
عرصي
دوران شروع
ڪيل
ڪم
تڪميل تائين
پهچائي سگهجن.
کهڙي صاحب
۽
سيد
صاحب کي هدايت
الله صاحب جي
وڏ
وزارت لاءِ
راضي
ڪرڻ
واسطي
ٽياڪڙي
ڪندڙ يوسف
هارون، جناح
صاحب
کي
ڄاڻايو
ته:
”صوبي جي
خاص
حالتن سبب
مسلمان راءِ
عامه
اقتدار ماڻڻ
جي
انتهائي حمايتي
آهي.
ليگ جي
حمايت ۾ ناڪاميءَ
سان
آئين جي
معطلي اڻٽر
آهي،
جيڪا
ڳالهه الله
بخش
صاحب
ڪانگريس
۽
هندو موقف
انتهائي بيچينيءَ
سان
چاهين ٿا
ڇاڪاڻ جو
اها
معطلي الله
بخش
صاحب کي وڌيڪ
طاقتور بڻائيندي.“
(2 1 )
جناح
صاحب
سنڌين جي
ڊپ
تي
شڪ جو
شڪار
هو ۽ هارون
صاحب
جي
ٽيليگرام تي
پنهنجي ننڍڙي
نوٽ
۾
لکي ٿو ته
اسين
پنهنجي پاليسيءَ
۾
اڳواٽ امڪان
سبب
تبديلي نه
ٿا
ڪري
سگهون ته
الله
بخش صاحب
وڌيڪ
با اختيار
۽ سگهارو
ٿي
ويندو ۽ پنهنجي
ناراضگيءَ جو
اظهار
ڪيائين ته
ٽن
مسلم
ليگي وزيرن
جي
مُلهه تي
اسين
ليگي پاليسيءَ
جو
بنيادي اصول
قربان
ڪريون ۽ ليگ
جي
ساک تباهه
ڪريون
۽
اهو
ته جيڪڏهن
گورنر صاحب
معطلي جو
حڪم
ٿو
جاري ڪري ته
اها
سندس ذميواري
آهي،
ان کان پوءِ
هن
جوابي
ٽيليگرام جو
متن
تيار ڪيو:
”جيڪڏهن ليگي
اڳواڻ
کهڙو صاحب
وزارت
ٺاهي نه
پيو
سگهي ته
واحد
عزت
ڀريو دڳ
مخالف ڌر ۾ رهندي
سندن
ليگي پاليسيءَ
جي
پوئواري ڪرڻ تائين
وزارت جي
حمايت ڪرڻ وارو
ٿو
رهي.
پوئين
ٽيليگرام ۾ وضاحت
ڪيل
سببن
واسطي غلام
حسين
وزارت
ٺاهڻ تي
راضي
نه ٿو ٿي سگهي.
راءِ
عامه تي
اعتبار نه
ٿو
ڪري
سگهجي.“*
کهڙو صاحب
ڏکي
صورتحال ۾ هو.
هڪ
پاسي ته
اصولن ۽ اعليٰ
اخلاق جي
مظاهري جو
سوال
هو ته
ڪو
ٺاهه
نه
ٿو
ٿي
سگهي. جڏهن
ته
ٻئي
پاسي حقيقت
اها
هئي ته
گورنر صاحب
جي
سهڪار کان سواءِ
مسلم
ليگ اڪثريت
۾
هوندي به
پنهنجي حڪومت
ٺاهڻ
جي
حيثيت ۾ نه
هئي.
هنن صورتحال
کي
مناسب طور
استعمال ڪرڻ ئي
بهتر
ڄاتو:
”مسلم ليگي
(هاءِ
ڪمان)
اسان
جي مخالفت
ٿي
چاهي. غلام
حسين
مخلوط حڪومت
ٺاهڻ
لاءِ
اسان جي
حمائتين کي هرکائڻ
جي
ڪوشش
ڪئي.
مون کي ۽ جي
ايم
سيد صاحب
کي
راضي
ڪرڻ
لاءِ يوسف
هارون صاحب
ٽياڪڙي
ڪري
رهيو
هو. اسان
شرط
رکيا ته
1 -
غلام
حسين صاحب
۽
سندس
گروپ مسلم
ليگ
۾
شامل
ٿيندا ۽ هو
مسلم
ليگي وڏو
وزير
هوندو. 2 - چئن
مان
ٻه
وزير مسلم
ليگ
سان تعلق
رکندڙ هوندا.
مون
کي
نائب وڏو
وزير
ٿيڻو
هو ۽ سيد
صاحب
جي رٿ
تي
ٻئي
وزرير طور
گذدر
صاحب تي
راضپو
ڏيکاريم، اسان
کي
پنهنجا
کاتا پاڻ
چونڊڻا هئا.“
(3 1 )
کهڙو صاحب
۽
سيد
صاحب، جناح
صاحب
سان ملاقات
واسطي دهليءَ
اُسهيا. اتي
هو
ورڪنگ
ڪميٽيءَ جي
پنهنجي ساٿي
لياقت علي
خان
سان گڏيا،
جنهن
کين
صلاح ڏني ته
هنن
فيصلو ته
درست
ڪيو
آهي پر
جيڪڏهن جناح
صاحب
سندن ڪيل فيصلي
کي
غلط
ليکي ته
کين
استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
هنن
اهو ئي
ڪيو
۽
جناح
صاحب سنڌ
جي
صورتحال جي
ڪٿ
واسطي خواجا
ناظم
الدين، چوڌري
خليق
الزمان، حسين
امام، قاضي
عيسيٰ تي
ٻڌل
۽
نواب
اسماعيل جي
سربراهيءَ ۾ هڪ
ڪميٽي
مقرر
ڪئي.
نومبر -
ڊسمبر 1942
ع ۾
ڪميٽي پنهنجو
ڪم
ڪندي
اسيمبلي ميمبرن
۽
عمومي طور
تي
سياسي حلقن
کان
موقف
ڄاتو.
هو ان
نتيجي تي
پهتا
ته جيڪڏهن
مسلم
ليگ حڪومت
نه
ٿي
ٺاهي
ته گورنر
صاحب
سندن شموليت
کان
سواءِ به
پنهنجو ڪم
ڪندو. جنوري
1943
ع ۾ جناح
صاحب
ڪراچي
آيو ۽ هفتو
کن
رهي
صورتحال جو
پنهنجي سر
جائزو ورتائين.
هن
هدايت الله
صاحب
سان
ڳالهايو جنهن
خاطري
ڪرائي ته
مسلم
ليگ کي دوکو
نه
ڏيندو
۽
انهن خاطرين
سان
جناح صاحب
ذاتي
طور تي
مطمئن ٿيڻ جو
اعلان
ڪندي سنڌ
مان
روانو
ٿيو. جيڪڏهن
کيس
ڪي
شڪ
به هئا
ته
اهي ساڳئي
سال
ڪراچيءَ
۾
آل انڊيا
مسلم
ليگ
ڪانفرنس جي
ڪاميابيءَ
سان
ختم ٿي ويا.
سنڌ
۾
مسلم
ليگ پارٽي
غلام
حسين صاحب
جي
سرواڻيءَ ۾ حڪومت
ٺاهڻ
لاءِ
اڳتي وڌي.
غلام
حسين صاحب
اقتدار جي
لاءِ
مسلم ليگي
منشور تي
صحيح
ڪرڻ
۽
ان جي
پاليسين جي
پوئواري ڪرڻ تي
راضپو
ڏيکاريو. اهو
ڪندي
هو
نه رڳو
جناح
صاحب جي
صلاح
ته ڇا پر
حڪمن
جي ابتڙ
ٿي ويا
پر
اصولن کي به
داءُ
تي ٿي لڳايائون.
کهڙي
صاحب
لاءِ اهو
قدم
کڻڻ
ته انتهائي
اڻ
سهائيندڙ هو
ڇاڪاڻ
جو
کيس
ئي وڏ
وزارت تان
هٿ
ڌوئڻو
ٿي
پيو جيڪا
رڳو
مسلم ليگي
حمايت وسيلي
ماڻڻ
ممڪن هئي.
پر
اهو معاملي
جو
هڪ اهم
جز
هو. مسلمان
ميمبر مجموعي
طور
تي اعتبار
جوڳا
نه هئا
جيڪا
ڳالهه
ڪانگريس
1938
ع
۾
ئي
پروڙي ورتي
هئي.
جڏهن هو
خود
جناح صاحب
جي
مسلم ليگ
ڪانفرنس
۾
قائم
ڪيل
مسلم ايڪتا
کي
ٽوڙڻ
۽
سومري صاحب
کي
وڏ
وزارت تي
هرکائي جناح
صاحب
سان سندس
ڪيل
واعدي جي
ٻئي
ڏينهن
ئي
پاڻ
ڏانهن ڇڪي وئي.
سنڌ
ته ڇا اڪثر
علائقن ۾ حقيقت
اها
هئي ته
چونڊيل عيوضين
جي
اڪثريت وقت
جي
حڪومت سان
ٿي
گڏجي
بيٺي. ان
ڪري
مسلم
ليگ وٽ
اڻڄاتل وقت
تائين مخالف
ڌر
۾
ويهندي پنهنجو
تعداد
ڏينهون
ڏينهن گهٽجندي
ڏسڻ
يا
ٿيل
آڇ يعني
گورنر صاحب
جي
چونڊيل غلام
حسين
صاحب کي قبولڻ
وارا
متبادل ئي
هئا.
سرڪاري عهدو
کهڙي
صاحب
جهڙن وفادار
۽
مستقل مزاج
ليگين لاءِ
ان
ڪري
به اهميت
وارو
هو جو
ان
وسيلي کيس ان
ايجنڊا کي لاڳو
ڪرڻ
جو
موقعو ٿي مليو،
جيڪا
هن سنڌ
جي
مسلمانن جون
پيڙائون گهٽائڻ
لاءِ
بمبئي
ڪائونسل وارن
ڏينهن
کان
پنهنجي آڏو
رکي
هئي.*
مسلم
ليگ
۽
صوبي ۾ ان
جي
ايندڙ تاريخ
تي
انهيءَ فيصلي
جي
نتيجن بابت
فيصلو اڌ
صدي
گذرڻ بعد
به
اڃا تائين
محفوظ ٿيل آهي.
کهڙي
صاحب
لاءِ ذاتي
طور
تي اهو
خراب
فيصلو هو.
جيڪڏهن هو
مسلم
ليگ تي
پير
کوڙڻ
لاءِ زور
ڀري
ها،
جيئن جناح
صاحب
جي صلاح
هئي
ته اهو
ممڪن
هو ته
صوبي
۾
مسلم ليگ
جي
وڌندڙ مقبوليت
ڪري
گورنر صاحب
تي
دٻاءُ ايترو
وڌي
ها جو
هو
مسلم ليگي
اڳواڻ کي حڪومت
ٺاهڻ
جي
دعوت ڏي ها.
ان
جا خاص
طور
تي جنگي
حالت
۾
وڏا امڪان
هئا،
جڏهن
ڪانگريسي
بغاوت جي
پيش
نظر هندستاني
حڪومت غير
ڪانگريسي
صوبن
کان
سهڪار چاهيو
ٿي.
کهڙي صاحب
پنهنجي هٿ
جي
تريءَ تي
آيل
وڏ وزارت
کي
وسارڻ ۾ دير
ئي
نه لڳائي.
هن
پنهنجي لاءِ
روينيو
کاتو چونڊيو
۽
ڪابينا
۾
سينيئر وزير
طور
هو ديس
جي
اڪثريتي عوام
لاءِ
ڪجهه
ڪرڻ
جي حثييت
۾
هو،
جيڪا پنهنجي
گذر
سفر لاءِ
گهڻو
تڻو زراعت
تي
انحصار
ڪندڙ هئي.
ان
جي معنيٰ
ٽئڪسن
۽
محصولن جي
ڇپ
کان
ڪجهه
آجپو
۽
سندن پئداوار
لاءِ
بهتر اگهه
ماڻڻ
هو. جنگ
جو
زمانو هئڻ
ڪري
نه
رڳو خوراڪي
اناج
جي وڏي
گهر
هئي پر
منڊيءَ ۾ اگهه
به
بهتر هئا.
بدقسمتيءَ سان
وڏن
اگهن جو
لاڀ
آبادگارن کي پلئه
نه
ٿي
پيو،
ڇاڪاڻ جو
مرڪزي حڪومت
اگهن
تي سخت
ڪنٽرول
رکڻ
۽
فوجن لاءِ
مهيا
ٿيندڙ
اناج جا
بهتر
اگهه نه
ڏيڻ
جي
پاليسي اختيار
ڪيل
هئي.
جنوري 1943ع کان ئي
گورنر وائسراءِ
وٽ
اها شڪايت
ڪرڻ
لڳو
هو ته
کهڙو
صاحب
ڪڻڪ
تي
ڪنٽرول ختم
ڪرڻ
واري
سرڪاري پاليسيءَ
جي
مخالفت ڪري رهيو
آهي.(14) هو فيبروريءَ
دوران پنهنجي
تبصري ۾ مڇريل
هو:
”روينيو جو
وزير
محمّد ايوب
کهڙو
صاحب
بيچين ۽ اخلاقي
اصولن کان وانجهيل
شخص
آهي، جيڪو
سمجهي ٿو ته
کيس
وڏو
وزير ٿيڻ
کپندو هو
۽
اهو
عهدو ماڻڻ
تائين سرهو
نه
ٿيندو.
منجهس تنگ
فرقيوار لاڙو
آهي
۽
اهو منهنجي
مٿس
لاڳيتو چوڪسيءَ
جو
گهرجائو آهي
ته
جيئن کيس پنهنجي
خواهشن پٽاندڙ
اهڙا
حڪم جاري
ڪرڻ
کان
روڪي
سگهجي، جنهن
سان
سندن هندو
ساٿي
ناراض ٿيڻ تي
حق
بجانب هوندا.
هو
پنهنجن دليلن
تي
پڪو آهي
۽
وقت
بوقت زور
آور
طريقو اختيار
ڪري
ٿو
۽
جيڪڏهن کيس پنهنجو
طريقه ڪار بدلائڻ
لاءِ
تنبيهه ٿي ڪجي ته
هو
ان تي
ڌيان
نه
ٿو
ڌري
۽
پنهنجي
ڪندو ٿو رهي.“
نه
چاهيندي به
کيس
لکڻو
پيو:
”محنتي
ماڻهو آهي
جيڪو
ٻين
جا به
ڪيترائي
ڪم
ڪري
وٺندو آهي.“(15) ڊائو
صاحب
مسلم ليگي
پروگرام جي
مرڪزي نقطي
۽
کهڙي
صاحب
جي روينيو
وزير
ٿيڻ
واري انتهائي
اهم
مقصد يعني
زمين
جي بي
دخلي
۽
قرضن جي
نظر
ثاني وارن
بلن
جو سخت
مخالف هو.
ان
قسم جا
قانون پنجاب
۾
اڳيئي لاڳو
ٿيل
هئا
۽
سنڌ ۾ انهن
جي
سخت ضرورت
محسوس ڪئي ٿي وئي.
اهو
معاملو
ڊگهي عرصي
کان
مسلم
ليگ جي
ايجنڊا تي
هو.
مسلم قيادت
مجموعي طور
تي
ان جي
حمايتي هئي
۽
نئين
حڪومت ان
کي
قانون سازيءَ
وسيلي عمل
۾
آڻڻ
ٿي
چاهيو.
شاهي
هندستان ۾ نظر
ايندڙ سڀ
کان
ڀوائتي
قسم
جي مغرور
۽
اڻ
سهپ بيٺڪي
عملدارن مان
هڪ
ڊائو
صاحب جمهوري
وهنوار جي
اوسر
جي نظرداري
ڪرڻ
جي
گجي رکندڙ
نه
هو. خود
بمبئيءَ ۾ پنهنجي
ابتدائي دور
۾
به
هو وڏي
واڪي
اظهار
ڪندو رهيو
هو
ته هندستاني
اهڙا
اڻ سڌريل
فرد
آهن جن
کي
انگريزن تهذيب
سان
متعارف
ڪرايو آهي
۽
هو
ڪنهن
به ريت
سنڌي
وزيرن کي پنهنجي
ذميواري پوري
ڪرڻ
لاءِ
ڪا
رعايت ڏيڻ لاءِ
تيار
نه هو:
”منهنجي دوري
تان
واپسيءَ کان وٺي،
بلن
جي متعارف
ڪرائڻ
۾
منهنجي اختيارن
جي
ڏس
۾
آءُ پنهنجي
وزيرن خاص
طور
تي محّمد
ايوب
کهڙي
سان، انتهائي
تڪرار ۾ آهيان.
اهو
ڏچو
ان
ڳالهه مان
پئدا
ٿو
ٿئي
ته منهنجا
وزير
ضابطن جي
وهنوار ۽ سرڪاري
وهنوار هلائڻ
جي
هدايتن کي يڪسر
نظر
انداز ٿا ڪن ۽ اسيمبليءَ
جو
اجلاس شروع
ٿيڻ
کان
هڪ
اڌ
ڏينهن اڳ
سندن
غير ماهراڻي
هدايتن هيٺ
تيار
ڪيل
بلن سميت
مون
وٽ اچي
انهن
تي منهنجي
تڪڙي
صحيح جي
گهر
ٿا
ڪن.
اهي
ڪيڏي
ڪيڏي مهل
انتهائي تفصيلي
۽
انتهائي فرقيوار
۽
تڪرار پئدا
ڪرڻ
جا
سبب هوندا
آهن.
انهن جي
کاتيوار
جمع
ڪيل
نه هوندي
آهي.
نه وري
اڳ
۾
سرڪاري سيڪريٽرين
يا
مون کي نظرثانيءَ
لاءِ
ڏنا
ويندا آهن
۽
نه
وري قاعدي
موجب
ڪائونسل
۾
ئي پيش
ڪيا
ويندا آهن.“
ڊائو صاحب
يقيني طور
تي
پنهنجو پاڻ
کي
هڪ
اهڙي اسڪول
ماستر طور
ٿي
ڏٺو
جيڪو
اهڙن پوئتي
پيل
۽
لاپرواهه
ٻارن سان
منهن
ڏئي
رهيو هو،
جيڪي
استاد جي
ڳالهه
تي
ڪن
ٽار
ڪندي
پنهنجي مرضي
هلائي رهيا
هئا.
بهرحال
کهڙو صاحب
ڊيڄارجي
نه
سگهندڙ ديسي
هو.
”مون اهو
موقف
اختيار ڪيو آهي
ته
اهڙن بلن
جي
اڀياس لاءِ
مون
وٽ جوڳو
وقت
هئڻ گهرجي
۽
ڪنهن
فيصلي تائين
رسڻ
کان
اڳ ۾ پنهنجي
عملدارن ۽ گڏوگڏ
وزيرن کي صلاح
ڏيڻ
جو
اهل آهيان
ته
اهڙا بل
متعارف
ڪرائڻ لاءِ
راضپي کان انڪار
ڪرڻ
کان
سواءِ مون
کي
ڪو
فيصلو اهڙي
هدايت تائين
ملتوي ڪرڻ جو
اختيار آهي.
۽
جيڪڏهن ان
سان
حڪومت جي
پروگرام کي ڪو
ڇيهو ٿو رسي
۽
کين
سندن
سياسي حمايتين
آڏو
ڏچي
۾
ٿو
وجهي ته
قاعدن قانونن
جي
پوئواري نه
ڪرڻ
سبب
اهو وزارت
جو
پنهنجو
ڏوهه آهي.
اهو
چوندي خوشي
ٿي
ٿئيم
ته
ڪائونسل
۾
ڊگهي
بحث کان پوءِ
۽
محمّد ايوب
کهڙي
جي
ترش ورتاءُ
جي
باجود، وزيرن
عمومي طور
تي
منهنجي منطق
۽
سمجهه
ڀرئي انداز
کي
قبوليو آهي.
(واهه!) ۽ بحث
هيٺ
بل جي
ڏس
۾
آءٌ
ساڻن
ٺاهه واري
جذبي
سان لهه
وچڙ
۾
آيو آهيان.“(16)
مسلم
ليگ
پارٽي طرفان
هارين ۽ زميندارن
لاءِ
جوڙيل پيڪيج
جي
هڪ حصي
وياج
خواهن تي
ڪجهه
ڪنٽرول
۽
هارين جي
قانوني سرشتي
جي
ڳنڀيرتائن
کي
سمجهي نه
سگهڻ
ڪري
اڻڄاڻائي ۽ جاهليت
۾
هزارين ايڪڙ
زمين
کان
محروم ڪيل هڪ
طرفن
فيصلن جو
خاتمو ٿي
ڪيو. انهيءَ
نا
انصافيءَ جي
خاتمي لاءِ
قانون سازي
کهڙي
صاحب
جي سياستدان
جي
حيثيت ۾ ۽ اسيمبلي
ميمبر طور
سندس
بمبئي
ڪائونسل جي
ميمبر ٿيڻ کان وٺي
جا
ايجنڊا پئي
رهي
۽
هاڻ ڪو ويهارو
کن
سالن
کان
پوءِ انهيءَ
جي
عملي صورت
جو
امڪان پئدا
ٿيو
هو.
عجب اهو
آهي
ته هاڻ
جڏهن
اها گهڙي
اچي
پهتي هئي
ته
راهه ۾ وير
رکندڙ گورنر
صاحب
رڪاوٽ ٿي وڌي
جنهن
ايوان جي
اڪثريت جي
مرضيءَ جي
باوجود اهي
بل
پيش ڪرڻ جي
اجازت نه
ٿي
ڏني.
”مون پئسي
ڏوڪڙ
جي
ڏيتي
ليتي تي
ڪنٽرول
بابت
هڪ بل
متعارف
ڪرائڻ تي
وزيرن جي
ان
خاطريءَ کان پوءِ
راضپو
ڏيکاريو آهي
ته
هو پنهنجو
اهو
عمل
Select Committee
ڏانهن اماڻڻ
واري
پنهنجي منشا
بدران اهو
تنقيد ۽ نقطي
نظر
ڄاڻڻ
لاءِ اشاعت
لاءِ
اماڻيندا. فيصلن
تي
عمل در
آمد
ملتوي ڪرڻ متعلق
بل
تان دستبردار
ڪيو
ويو
آهي. هو
نقطي
نظر واسطي
ضلعي
عملدارن
ڏانهن اماڻيو
پيو
وڃي.“(17)
هن
وزير
کي
هرکائڻ چاهيو:
”مون زراعت
جي
پيشي سان
واڳيل همراهن
جو
قرض گهٽائڻ
لاءِ
هڪ معمولي
ترميمي بل
متعارف
ڪرائڻ تي
راضپو
ڏيکاريو آهي.“
سنڌ
مسلم
ليگ ورڪنگ
ڪميٽيءَ
پنهنجي ايجنڊا
جي
انتهائي اهم
نڪتي
کي
قانون سازيءَ
وسيلي لاڳو
ڪرڻ
۾
ناڪاميءَ تي
فطري
طور تي
احتجاج واريو.
ورڪنگ
ڪميٽيءَ جي
تنقيد جي
ڊائو
صاحب
وٽ پنهنجي
اپٽار هئي:
”آءٌ سمجهان
ٿو
ته
مسلم ليگ
جي
مقامي شاخ
گهڻي
ڀاڱي
کهڙي
صاحب جي
چرچ
تي هاڻوڪي
اجلاس دوران
اهي
بل پيش
نه
ڪرڻ
تي
ڇوهه
ڇنڊيا آهن
۽
اهو
شايد
کليل راز
آهي
ته اهو
منهنجو ئي
رويو
هو جنهن
اهو
ناممڪن ڪم ڪري
ڏيکاريو.“ (8
1 )
دراصل
ڊائو
صاحب،
کهڙي صاحب
متعلق پنهنجي
دشمني انتهائي
درجي
تائين رسائي
رهيو
هو. هن
پنهنجو ذهن
ٺاهي
ورتو
هو ته
کهڙو
صاحب، انتهاپسند
هو.
سنڌ جي
وزيرن جي
هڪ
گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت
واسطي دهليءَ
اُسهڻ بابت
هو
لکي ٿو:
”مسلم ليگ
جا
چارئي وزير
ايسٽر دوران
آل
انڊيا مسلم
ليگ
جي اجلاس
۾
شرڪت
لاءِ دهليءَ
وڃي
رهيا آهن.
ان
جا امڪان
آهن
ته
کهڙو صاحب
۽
صوبائي مسلم
ليگ
جو انتها
پسند
ڌڙو
وڏي وزير
جي
افهام تفهيم
واري
پاليسيءَ جي
ابتڙ
سنڌ ۾ وڌيڪ
ويڙهو پاليسيءَ
لاءِ
جناح صاحب
تي
زور
ڀري.“ (9
1 )
ڊائو صاحب
جي
نظر ۾ روينيو
ڪٿ
جي
اضافي ۾ رڪاوٽ
لاءِ
به گهڻي
ڀاڱي
کهڙو
صاحب
ئي ذميوار
هو
۽
اهو ئي
سڄي
ايوان جي
اگهن
جي واڌ
خلاف
هئڻ جو
ذميوار هو.
اها
حقيقت هئي
ته
کهڙو
صاحب قانون
سازي
۽
زمين جي
نبيري جي
بهتريءَ لاءِ
پنهنجي پروگرام
کي
اڳتي
وڌائڻ لاءِ
پتوڙي رهيو
هو.
هن محصولي
اگهه
گهٽ رکڻ
۽
جنگ
جي
ڏينهن ۾ اگهن
جي
اضافي جو
لاڀ
آبادگارن کي رسائڻ
لاءِ
انتهائي جاکوڙ
ٿي
ڪئي،
جيڪو
پنجاب ۾ حڪومت
طرفان اجازت
يافتا هو
۽
جنهن
جي نتيجي
۾
آبادگارن جي
حالت
۾
بهتري ٿي هئي.
سنڌ
۾
ڊائو
صاحب پڪ
ڪئي
هئي
ته جيئن
پنهنجي پئداوار
جي
وڌندڙ اگهن
جي
باوجود آبادگار
ان
کان
محروم رهن.
ڊائو
پنهنجي عملن
مان
انيڪ
ڀيرا ظاهر
ڪيو
ته
کيس
آبادگارن جي
حالت
جي
ڪنهن احساس
ڪرڻ
بدران رڳو
وڌ
کان
وڌ سرڪار
ي
خزاني جو
پيٽ
ڀرڻ
سان دلچسپي
آهي.
ان ڪري هو
کهڙي
صاحب
سان سڌو
سنئون
ٽڪراءُ ۾ آيو.
روينيو جي
وزير
طور
کهڙو صاحب
اهڙا
اگهه مقرر
ڪرڻ
جي
حيثيت ۾ هو،
جن
جي سنڌ
جي
هارين/ آبادگارن
توقع
ٿي
رکي ۽ جنگي
عرصي
واري گهرج
اگهن
۾
چڱو موچارو
اضافو آندو
هو.
ڊائو
صاحب وڏي
وزير
هدايت الله
صاحب
سان هڪ
ٺاهه
ڪيو
هو
ته سنڌ
5
آڪٽوبر
1942ع
وارن
اگهن ۾ ڦير ڦار نه
ڪندي.
کهڙي
صاحب
جي ذهن
۾
بهرحال اهي
خيال
هئا. 8
نومبر تي
وڏي
وزير کي لکيل
هڪ
نوٽ ۾ هن
رٿيو
ته اناج
جا
وڌ کان وڌ
اگهه
وڌائي لڳ
ڀڳ
پنجاب جي
اگهن
جيترا ڪيا وڃن.
9
تاريخ
جي
شام سنڌ
اسيمبليءَ مسلم
ليگي
ميمبرن جي
ٿيل
گڏجاڻي راشننگ
خلاف
ٺهراءُ
منظور
ڪيو. هن
گذريل
ڏينهن واري
کهڙي
صاحب
جي نوٽ
سان
ملندڙ جلندڙ
ٺهراءُ
پڻ
منظور ڪري پنجاب
۾
موجود اگهن
جي
حوالي سان
نئين
سر اگهه
مقرر
ڪرڻ
جي گهر
ڪئي
۽
ڊائو
صاحب
نئين وائسراءِ
ويول
صاحب کي هن
ريت
ڄاڻايو
”کهڙي
صاحب انهن
وارتائن ۾ سرواڻي
ڪئي،
وڏي
وزير لڳي
ٿو
ته
ڌار
(ڊائو
جي خيال
۾)
نقطي
نظر رکيو
پر
بي پهچ
اقليت ۾ هو.
ايندڙ
ڏينهن
ڪابينا جي
گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت
مهل
مون کي ان
ٺهراءُ
جي
ڪا
ڄاڻ
نه هئي.“(20)
ڊائو صاحب
موجب
کهڙو
صاحب اڃان
بدترين صورتحال
تي
نه پهتو
هو
۽
هڪ شاهي
جنگ
هلندڙ هئي:
” ان
کان
پوءِ
کهڙو
صاحب پنهنجي
ان
گُهر تي
زور
ڀرڻ
لڳو ته
گذريل
ڏينهن مسلم
ليگي
اسيمبلي پارٽيءَ
جي
گهُر پٽاندڙ
حڪومت هڪدم
نئين
سر اگهن
جو
يقين
ڪرائي.
ڪجهه طوفاني
جملن
کان
پوءِ مون
ان
بنياد تي
اهو
معاملو بحث
هيٺ
آڻڻ جي
اجازت ڏيڻ کان نابري
واري
ته انهيءَ
انتهائي اهم
معاملي تي
مون
کي
ڪو
نوٽيس يا
ڪاغذ
پٽ
ته ڇا پر
مناسب وقت
به
نه ڏنو ويو
هو.
مون
کهڙي صاحب
جي
ان موضوع
کي
لکت
۾
آڻڻ ۽ پنهنجي
ساٿين ۾ ورهائڻ
کان
پوءِ
جلد کان جلد
اهو
معاملو کڻڻ تي
راضپو
ڏيکاريو. اهو
نوٽ
جيڪو اڳ
۾
تيار
ڪيو
ويو هوندو،
مون
تائين
ڪلاڪ ٻن اندر
پهچي
ويو، سمورن
وزيرن جي
منظوري ڏنل ۽ ساڳئي
ڏينهن
شام
جو هڪ
وڌيڪ
ڪائونسل
گڏجاڻيءَ جي
گهُر
ڪندڙ
مطالبو مون
مڃڻ
کان
انڪار
ڪيو. وزير
ساڳئي
ڏينهن شام
يا
ٻئي
ڏينهن
صبح ساڻن
دهلي
وڃي رهيا
هئا
۽ چاهيائون
ٿي
ته
سندن وڃڻ
کان
اڳ
ئي اهو
معاملو
ڪنهن دڳ
رسي.“(21)
ان
ريت
ڊائو
صاحب فيصلو
معطل
ڪرائي
ويو ۽ وزيرن
يا
مسلم ليگي
پارٽي طرفان
وڌيڪ
قدم کڻڻ کان اڳ
وفاقي حڪومت
طرفان سنڌ
حڪومت لاءِ
هڪ
هدايت جاري
ڪرايائين
ته
هو هندستان
حڪومت جي
اڳواٽ رضامنديءَ
کان
سواءِ اگهه
وڌائڻ يا
موجود اگهن
تي
ڪنٽرول
جي خاتمي
لاءِ
ڪو
قدم نه
ٿا
کڻي
سگهن.
کهڙي صاحب
جي
زور ڀرڻ تي
مرڪزي حڪومت
جو
حڪم سنڌ
حڪومت طرفان
قانوني حيثيت
ڄاڻڻ
واسطي اماڻيو
ويو
پر اهو
رڳو
بي ثمر
اظهار ئي
هو.
ڊائو صاحب،
کهڙي
صاحب
جي سنڌ
لاءِ
محصولن جي
وهنوار کي بهتر
بنائڻ جي
ڪوشش
۾
به
جوڳي رڪاوٽ
بڻيو، اهي
ڪوششون
زراعت جي
سڌاري ۽ صوبي
جي
اڪثريتي عوام
يعني
زراعت وسيلي
گذر
سفر
ڪندڙن جي
حالت
۽
زندگي بهتر
بنائڻ لاءِ
انتهائي اهم
هيون. روينيو
وزير
جو عهدو
سنڀالڻ جي
ڇهن
مهينن اندر
ئي
مارچ 1943
ع
۾
هو
راءِ عامه
ڄاڻڻ
واسطي نبيري
وارين تجويزن
جي
تشهير
ڪرائي چڪو
هو.
ڊائو
صاحب روايتي
خود
غرض انداز
۾
وائسراءِ کي لکيو:
”ان تڪرار
تي
سانت آهي
جڏهن
ته تجويزون
راءِ
عامه
ڄاڻڻ واسطي
شايع
ڪرايون
ويون آهن.
کهڙو
صاحب
زميندارن ۾ پروپيگنڊا
ڪري
رهيو
آهي ۽ شايد
سندس
سفارش لاءِ
داخل
ٿيندڙ
ڪيترائي
اعتراض سندس
اتساهيل يا
تهائين سندس
لکيل
هوندا. هن
پنهنجي ئي
وعدن
کي
گهٽ ۾ گهٽ
درجي
۾
رکڻ جي
ڪوشش
ڪئي
آهي.“
ڊائو صاحب
جي
واضح ناراضگيءَ
جي
باوجود
کهڙو صاحب
ڍلن
کي
گهٽ
۾
گهٽ رکڻ
لاءِ
پنهنجون
ڪاوشون جاري
رکيون، پر
هڪ
ڀيرو
ٻيهر
اها سرڪاري
فولادي ڀت آڏو
آئي
۽
خاص طور
تي
ڊائو
صاحب جي
انهيءَ هام
ته
هو اگهن
جي
نبيري
(Settlment rates)
جو
ماهر
آهي ۽ ان
ڏس
۾
سندس
نقطه نظر
کي
حتمي
ليکيو وڃي.
ڊائو
صاحب
هندستان ۾ وچولي
درجي
واري برطانوي
اهلڪارن جي
مخصوص ذهنيت
جو
شڪار هو.
ٻئي
پاسي
هو شاهي
ڊيوٽي
ڏيندڙ
برطانوي اشرافن
مان
به نه
هو،
جنهن وٽ
هندستاني اڳواڻن
۽
عوامي عيوضين
سان
برابري جي
بنياد تي
وهنوار هلائڻ
جي
اخلاقيات هئي
۽
سندن
قانوني حقن
لاءِ
راضپو
ڏيکاريندا ٿي رهيا.
ڊائو
صاحب
آبادگارن کان آخري
پائي
پئسو به
اوڳاڙڻ تي
ڳنڍ
ٻڌل
هو،
ته جيئن
سندس
باصلاحيت عملدار
هئڻ
جو
ڌاڪو ڄمي ۽ ان
واسطي جيڪڏهن
کيس
”ديسين“
سان
مغروري وچان
پيش
اچڻو ٿي پيو
ته
به
ڪيٻايائين نه
ٿي.
هن
کهڙي
صاحب بابت
وائسراءِ کي لکيو:
”سياست کان سواءِ
محمد
ايوب
کهڙي جي
اهم
ڪرت،
سنڌ جي
زرخيز زرعي
ايراضيءَ جي
هڪ
وڏي زميندار
هئڻ
ناتي، نون
وهنوارن ۾ اگهه
ممڪن
حد تائين
گهٽ
رکرائڻ آهي.
هن
ڪمن
جي وقتن
کي
هيٺ
مٿي ڪرڻ جي
ڪوشش
ڪئي
ته
جيئن نون
اگهن
جي اشاعت
1 3
جولاءِ
کان
اڳ
ممڪن بڻجي
پر
ان ۾ ناڪام
ڪيو
ويو.
اسيمبليءَ جو
اجلاس هاڻ
24
جون
تي گهرايو
ويو
آهي ۽ نبيري
وارين تجويزن
کي
7
۽ 9
جولاءِ جي
وچ
۾
ويچار هيٺ
آندو
ويندو. مون
کهڙي
صاحب
کي
اهو واضح
ريت
ٻڌائڻ
جي ضرورت
محسوس ڪئي ته
بيراجي علائقي
۾
مناسب اگهه
مقرر
ڪرڻ
جي سلسلي
۾
آءٌ
پنهنجي شرڪت
کي
خاص
ذميواري ليکيان
ٿو
۽
جيڪڏهن ضروري
سمجهيم ته
ان
کي
استعمال پڻ
ڪندس“(23)
ڊائو صاحب
اهو
وائسراءِ کي نه
ٻڌايو
ته
کهڙي
صاحب وٽ
بيراجي علائقي
۾
پوک
لائق بڻايل
ايراضيءَ ۾ ڪا زمين
نه
هئي.
آبادگارن
لاءِ
انهيءَ ويڙهه
۾،
کهڙي
صاحب
ڄاتو
ته
ڊائو نه
رڳو
سندس سڌي
سنئين مخالفت
ڪري
رهيو
آهي، پر
ٻين
وزيرن کي به
ڊيڄاري
ڌمڪائي ۽ پيش
ڪيل
قانوني مسودن
جي
راهه ۾ رڪاوٽون
وجهندي سندن
ڪاوشون
پڻ
ڦٽائي
رهيو آهي.
هن
واضح ڪيو ته
هو
کيس
مناسب نه
لڳندڙ
ڪنهن به
تجويز کي ويٽو
ڪري
ڇڏيندو،
پوءِ
ڀل
اهو اسيمبلي
يا
ڪابينا
جي منظوري
ورتل
ڇونه
هجي. کيس پڪ
هئي
ته هو
کهڙي
صاحب
۽
شايد هڪ
ٻئي
وزير
کان
سواءِ سمورن
وزيرن کي دٻائي
ماٺ
ڪرائي
سگهي ٿو:
”جيڪڏهن آءٌ
صورتحال سمجهي
پيو
سگهان ته
رڳو
کهڙو
صاحب ۽ گوڪلداس
ئي
اگهن کي انتهائي
گهٽائڻ لاءِ
زور
ڀري
سگهن ٿا. پر
کهڙو
صاحب
ان ڏس ۾ اها
ڳالهه
مد
نظر رکندو
ته
وڏي وزير
جي
زندگي زمينداري
۽
ميمبرن تي
لاڳيتو وفدن
ذريعي اجيرن
ڪئي
وڃي
۽
هو امن
۽
شانتي لاءِ
ڪو
دڳ
ڪڍي
پر آءٌ
نه
ٿو
سمجهان ته
حتمي
منظوري ڏيڻ کان منهنجي
انڪار جي
صورت
۾
ڪو
وزير استعيفائون
ڏيندا.
کهڙو
صاحب
ان نڪتي
تي
پهچڻ لاءِ
ڪوشش
ڪري
سگهي
ٿو
پر آءٌ
نه
ٿو
سمجهان ته
هو
ان تي
زور
به ڀري سگهندو،
ڇاڪاڻ
جو
کيس
خبر آهي
ته
هو پنهنجي
ساٿين ۾ مقبول
ناهي
۽
نتيجو نئين
وزارت جوڙڻ
جي
صورت ۾ نڪري
سگهي
ٿو
جنهن ۾ کيس شامل
نه
ڪيو
ويندو.“
*
وائسراءِ
سنڌ
۾
صورتحال بابت
ڊائو
صاحب
جي نقطي
نظر
سان سهمت
ٿيو
جيڪو
سندس هڪ
انتهائي رجعت
پرست
سرڪاري رويي
سان
ڀريل
وراڻي مان
ظاهر
ٿئي
ٿو:
”نبيري وارو
معاملو لڳي
ٿو
ته
تمام
ٿورڙي مندي
اٽڪائڻ سان
نبيرجي ويو
آهي
۽
آءٌ
کهڙي صاحب
۽
هيمن
داس کان سواءِ
اوهان جي
وزيرن جي
هلت
تي مزو
حاصل
ڪيو
اٿم. جو
اوهان جي
فيصلي جي
حق
۾
هڪجهڙائي واري
بيان
جي تائيد
ڪئي
اٿن.
اها اطمينان
جوڳي
ڳالهه
آهي ته
مناسب تاريخ
کان
اڳ
اوهان جي
ڪارروائي
ڇپرائڻ
واري
کهڙي
صاحب جي
حرفت
خود سندس
مٿي
۾
ئي اچي
لڳي.
اهو سوچڻ
ئي
شاندار آهي
ته
سندس
ڪوششن جي
باوجود اوهان
جا
محصول اگهن
۾
هاڻوڪي چاڙهه
سبب
ٻن
ڪروڙ
روپين تائين
وڃي
پهچندا.“(4 2 )
گورنر
صاحب
۽
کهڙي
صاحب وچ
۾
شديد
ترين تڪرار
زمين
جي
Allienation
واري
بل
تي
ٿيو، جيڪو
کهڙي
صاحب
مارچ ۾
ٿيندڙ پنهنجي
پهرين بجيٽ
اجلاس ۾ پيش
ڪرڻ
ٿي
چاهيو. ان
بابت
ڊائو
صاحب وائسراءِ
کي
لکيو:
سڀ
کان
اهم
۽
تڪراري بل
پنجاب جي
طرز
تي لينڊ
ايلينيشن
(زمين جي
غير
واجبي وياج
خورن
طرف منتقلي)
وارو
آهي.
جنهن
هاڻي مسلمان
وزيرن کي معمولي
خوفزده ڪري
ڇڏيو آهي
۽
سندن
باهمي راضپي
ان
تي وڌيڪ
دستبرداريءَ جو
فيصلو ڪيو آهي.“
درحقيقت
ڊائو
صاحب
انتهائي
کليل انداز
۾ هدايت
الله
صاحب ۽ ٻين وزيرن
کي
چئي
چڪو هو
ته
هو ان
قانون سان
سهمت
نه
ٿيندو. هو
بل
ملتوي
ڪرائڻ ۾
ڪامياب ٿيو پر
کهڙو
صاحب
سولائيءَ سان
هٿ
ڪڍڻ
وارو شخص
نه
هو ۽ قانون
سازي
لاءِ تياري
واسطي آگسٽ
ڌاري
اهو
بل هڪ
سليڪٽ
ڪميٽي
ڏانهن اماڻڻ
۾
ڪامياب
ٿيو.
ڊائو
صاحب
ان قدم
تي
خوش نه
هو:
”اسيمبليءَ جي
هڪ
سليڪٽ
ڪميٽي لينڊ
ايلينيشن بل
۾
مصروف آهي
۽
اهو
تڪراري قدم
هندو
برادريءَ لاءِ
تهائين وڌيڪ
ناقابل قبول
آهي.
اهو ٿو سامهون
اچي
ته
”زراعت پيشي
ور/آبادگار“ ذاتي
مرضيءَ سان
ان
فرد کي ليکيو
ٿو
وڃي،
جنهن وٽ
1890
ع کان اڳ
زمين
هئي. 0 0
1
ايڪڙن کان گهٽ
زمين
رکندڙن کي وڪري
جي
اجازت بنهه
ڪونه
هوندي. پنج
هزار
ايڪڙن کان گهٽ
زمين
جا مالڪ
رڳو
ٻين
زميندارن کي ئي
زمين
وڪڻي سگهندا
۽
پنج
هزار ايڪڙن
کان
وڌيڪ
زمين رکندڙ
پنهنجي مرضيءَ
جا
مالڪ هوندا.“
(5 2 )
وياج
خورن
جو واڻيو
هئڻ
۽
وڌيڪ زرعي
زمين
جي واڻين
ڏانهن
منتقلي روڪڻ
لاءِ
ڏنل
تحفظ کي
ڊائو صاحب
رٿيل
قانون وسيلي
مذهبي تناسب
جو
رنگ ٿو ڏئي:
”اهي سخت
تبديليون بل
جي
فرقيوار پهلو
کي
شديد
ٿيون بڻائين
۽
بحث
مباحثي دوران
هڪ
هندو ميمبر
آر
ايس گوڪلداس
مڇرجي اجلاس
مان
واڪ آئوٽ
ڪري
ويو.
مون کيس صلاح
ڏني
هئي
ته هو
اهو
بل سليڪٽ
ڪميٽيءَ
ڏانهن
اماڻڻ کان اڳ
ڪائونسل
۾
بحث
هيٺ آڻڻ
لاءِ
چوي پر
هن
اها صلاح
نه
مڃي ۽ مون
به
زور ڏيڻ مناسب
نه
سمجهيو. نتيجو
اهو
نڪتو جو
حڪومت
ڪنهن جوڙيل
پاليسي کان سواءِ
بل
سليڪٽ
ڪميٽي
ڏانهن مشوري
کان
سواءِ اماڻي
ڇڏيو.“
کهڙي
صاحب
موقعي جو
فائدو ورتو.
ڇاڪاڻ
ته
سليڪٽ
ڪميٽي اهڙن
ماڻهن سان
ڀريل
هئي
جيڪي
کهڙي صاحب
جي
راءِ جا
حمايتي هئا،
تنهن
ڪري
هن تمام
آسانيءَ سان
ان
ڪميٽيءَ
مان رٿ
پاس
ڪرائي
ورتي. نه
ته
ڪيبينيٽ
اندر ان
رٿ
جي مخالفت
ٿئي
ها
۽
نتيجي ۾ سليڪٽ
ڪميٽيءَ
۾
به
رڪاوٽون پيش
اچن
ها.(6 2 )
ڊائو ان
رٿيل
قانون کي
ڪائونسل ۾ بي
اثر
ڪرڻ
جو خواهشمند
هو
جتي هو
صدارت ڪري ها
۽
ڪابينا
۾
ان
کي
ڪمزور
وزيرن کي ساڻ
کڻندي
استعمال ڪري ها.
هن
ويٽو ڪرڻ جو
به
دڙڪو ڏنو:
”کهڙي صاحب
کي
چتاءُ ڏنم ته
آءٌ
ان جو
جائزو وٺندس
ته
آيا هاڻ
آندل
تبديل ٿيل بل
۾
اقليتن جي
تحفظ
واري منهنجي
ذميوارين کي استعمال
ڪرڻ
جي
نوبت ته
پيش
نه ٿي اچي.“(7 2 )
لنلٿگو
انتهائي همدرداڻي
انداز ۾ اهو
واضح
هن ريت
ڄاڻندي
لکيو
ته گورنر
صاحب
ان معاملي
تي
انتهائي فڪرمند
آهي
جيتوڻيڪ هو
ان
کان
اڻواقف نه
ٿي
ٿي
سگهيو ته
اهڙائي قانون
پنجاب ۽ ٻين صوبن
۾
اڳيئي لاڳو
آهن.
هن لکيو:
”مون کي اهو
ٻڌي
رنج
ٿيو
آهي ته
اوهان جي
اسيمبليءَ جي
هڪ
سليڪٽ
ڪميٽي لينڊ
ايلينيشن بل
تي
غور ڪري رهي
آهي.
آءٌ سمجهي
سگهان ٿو ته
ان
قسم جو
بل
ڏچو
پئدا
ڪندو ۽ اوهان
جي
خاص ذميواريءَ
تي
عمل جو
سبب
ٿي
سگهي
ٿو.“
جيتوڻيڪ
کهڙو
صاحب
1944
وري
بجيٽ اجلاس
دوران اهو
بل
منظور
ڪرائڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو.
ان
جي گورنر
صاحب
کان
ملندڙ رضامندي
کان
اڳ
ڪابينا
مان نڪري
ويو
۽
ڊائو
صاحب انهيءَ
رسمي
ڪاروائي
کي
ڪاميابيءَ
سان
ٽاري ويو.
اهو
تعطل 1947
ع ۾ آزادي
تائين رهڻو
هو،
جڏهن جناح
صاحب
گورنر جنرل
طور
ان جي
منظوري ڏيڻ کان انڪار
ڪيو.(28) کهڙي
صاحب
جي رخصت
تي
ڊائو
صاحب جي
واضح
اطمينان ۽ بل
جي
قانوني حيثيت
ٿيڻ
۾
کيس
مليل
امڪاني لاڀ
کي
لنلٿگو
ڄاتو:
”اوهان جي
6 2
سيپٽمبر
واري
خط جي
ٻئي
پيراگراف ۾ اوهان
رٿيوآهي ته
کهڙي
صاحب
جي روانگي
لينڊ
ايلينيشن بل
تي
ڪي
قدر اثر
انداز ٿي سگهي
ٿي.
آءٌ
سمجهان ٿو ته
باقي
ڪابينا
رڳو گذدر
جي
امڪاني استثنيٰ
کان
سواءِ، بل
تي
جوش خروش
جو
مظاهرو نه
ٿي
ڪيو
۽
جيڪڏهن رضامندي
(گورنر
جي)
نه ملي
ته
وڳوڙ نه
ڪندا.“
ڊائو صاحب
بل
کي
قانون بڻجڻ
کان
روڪڻ
جي هر
ممڪن
ڪوشش
ڪندي
قانون واري
کاتي
کي
پابند ڪيو ته
ان
جي بڻجڻ
کان
اڳ
گورنر جنرل
جي
منظوري لازمي
ٿيندي.
بل
بابت هن
لکيو:
”اسيمبليءَ ۾ سمورا
مرحلا طئي
ڪري
آيو
آهي ۽ مون
وٽ
قانون واري
کاتي
وٽان
رڳو ان
اصلاح سان
آيو
آهي ته
اهو
گورنر جرنل
وٽ
پيش ٿيڻ گهرجي.
اها
اصلاح بهر
صورت
ايڪٽ جي
سيڪشن107 (2) تحت
تحفظات لاءِ
ضرورت سان
تعلق
رکي ٿي نه
ڪي
ايڪٽ
جي سيڪشن(6
) (1)
52 خاص
ذميوارين بابت
...
مون
کي
ان جو
فيصلو
ڪرڻو آهي...“
(0 3 )
ڊائو صاحب
جي
سنڌ جو
گورنر هئڻ
انتهائي اڀاڳ
هو،
ديسين لاءِ
پنهنجي غير
مناسب نقطي
نظر،
(جنهنجو
سدائين اظهار
ڪندو
رهندو هو)،
کانسواءِ
هن
وزيرن طرفان
ڪنهن
به
قانون سازيءَ
۾
سڌاري جي
ڪوشش
جي
مخالفت ٿي
ڪئي، اها
محتاجي پنجاب
۽
ٻين
ڪيترن
ئي
صوبن ۾ عوامي
عيوضين کي نه
هئي.
کهڙي
صاحب لاءِ
ڊائو
صاحب
وٽ دشمنيءَ
جا
خاص جذبا
مخصوص هئا
۽
سندس
آڏو گوڏا
کوڙڻ
کان
کهڙي
صاحب
جي انڪار
کان
پوءِ
ڊائو
صاحب جي
ورتاءُ سبب
سگهو
ئي
کهڙي صاحب
جي
زندگيءَ کي
ڀيانڪ ترين
گهوٽالي ۾ تبديل
ٿيڻو
هو.
1942ع
۾
جڙيل
سنڌ حڪومت
هندستان ۾ پهرين
صوبائي مسلم
ليگي
حڪومت هئي
۽
ان
جو جشن
ملهائڻ ضروري
هو.
جناح صاحب
سنڌ
جي اڳواڻن
کي
ڄاڻايو
ته
انهيءَ جشن
جو
سڀ کان شاندار
اظهار آل
انڊيا مسلم
ليگ
جو اجلاس
ئي
ٿي
سگهي ٿو. هاءِ
ڪمان
ان
لاءِ مارچ
1943
ع
جي رٿ
ڏني
پر
سنڌ جي
اڳواڻن
ڀانيو ٿي ته
تازوئي اقتدار
۾
اچڻ
ڪري
هو گهربل
مظاهرو ڪري نه
سگهندا. هو
سنڌ
جي هڪ
حصي
۾
مڙهيل مارشل
لا
۽
سنڌوءَ ۾ چاڙهه
سبب
آيل ٻوڏ کي منهن
ڏئي
رهيا
هئا.
کهڙي صاحب
جناح
صاحب کي صورتحال
کان
واقف
ڪيو
۽
7 1
جنوريءَ
تي
ڄاڻ
ڏيندي
سيد صاحب
کي
لکيائين:
”يوسف صاحب،
گذدر
صاحب ۽ ٻين دوستن
سان
صلاح مشوري
کان
پوءِ
ڏهين
۽
يارهين تاريخ
جناح
صاحب کي تار
وسيلي وراڻي
ڏئي
چڪو
آهيان ته
هن
سال
ڪراچي يا
سنڌ
جي
ڪنهن ٻئي شهر
۾
مسلم
ليگ جو
آل
انڊيا اجلاس
گهرائڻ ممڪن
نه
هوندو. صوبائي
ليگ
جو اجلاس
لاڙڪاڻي، نواب
شاهه
يا ميرپور
خاص
۾
گهرائڻ تي
ڪوبه
اعتراض نه
ٿيندو.
مارشل لا
اختياري وارن
جو
هيڊ
ڪوارٽر هئڻ
ڪري
حيدرآباد مناسب
جڳهه
نه
ٿيندي.“(1 3 )
صورتحال
جي
وضاحت لاءِ
جناح
صاحب کي لکڻ
دوران
کهڙي صاحب
پنهنجي خط
۾
ڊيگهه
نه
ڪئي
۽
سڌي سنئين
انداز ۾ جناح
صاحب
کي
لکيائين:
”منهنجا پيارا
قائداعظم:
اوهان
جي
خط ۽
ٽيليگرام جي
جواب
۾
سنڌ مسلم
ليگ
جي ورڪنگ
ڪميٽيءَ
جو
اجلاس چوٿين
تاريخ ۽
ڏهين تاريخ
تي
۽
ڪراچيءَ
جي
ڪارڪنن جو
غير
رسمي اجلاس
گهرايم. گڏيل
راءِ
اها جڙي
ته
هيٺ
ڄاڻايل سببن
ڪري
مسلم
ليگ جو
آل
انڊيا اجلاس
ڪراچي
يا
سنڌ جي
ڪنهن
ٻئي
شهر
۾
گهرائڻ ممڪن
نه
ٿي
سگهندو.
جيئن
ته
اوهان کي بلاشڪ
پتو
آهي ته
سنڌ
صوبي تازوئي
ٻوڏ
کي
منهن
ڏنو
آهي جنهن
اڌ
صوبي کان وڌيڪ
ايراضيءَ کي پنهنجو
نشانو بڻايو.
حر
ڏچو
سنڌ تي
ڪڙڪيل
هڪ
ٻي
آفت آهي.
نتيجي طور
صوبي
جي
ڳوٺاڻي معيشت
عمومي طور
تي
۽
سنڌ جي
کاٻي
ڪناري
وارن
ضلعن جي
خاص
طور تي
انتهائي اکڙيل
آهي.
صوبي جي
وڏي
حصي تي
مارشل لا
هئڻ
ڪري
ماڻهن جي
آزاداڻي ۽ بي
روڪ
اچ وڃ
۽
آل
انڊيا مسلم
ليگ
جي اجلاس
جهڙي
وڏي اجتماع
جنهن
۾
هزارين ماڻهو
شريڪ
ٿيندا
ڪوٺائڻ
تي پابنديون
ٿو
هڻي.
جيستائين سکر،
حيدرآباد ۽ نوابشاهه
جهڙن
اهم شهرن
۾
اجلاس
ڪوٺائڻ جو
تعلق
آهي. مارشل
لا
اختياري وارا
اسان
کي
ان جي
اجازت ڏيڻ لاءِ
تيار
نه هئا،
جو
هنن پهرين
جنوري کان 5 1
فيبروريءَ تائين
اسان
جي بنيادي
شاخن
جون چونڊون
ڪرائڻ
جي
اجازت به
انتهائي
ڏکيائي سان
ڏني.
ضلعي
چونڊون ايندڙ
مارچ
۾
ٿينديون.
جيستائين
ڪراچيءَ
۾
اجلاس
ڪوٺائڻ جو
تعلق
آهي، اسان
آڏو
انتهائي گهڻيون
تڪليفون آهن.
ڪراچي
هندستان ۾ انتهائي
اهم
هوائي، زميني
۽
سامونڊي فوجي
مرڪز
آهي. ان
جي
نتيجي ۾
ڪراچيءَ تي
مڙهيل اي
آر
پيءَ جون
پابنديون انتهائي
سخت
آهن، ان
ڪري
پنڊال ۽ ٻين مقصدن
واسطي بجلي
۽
ٻين
ضروري شين
جي
اجازت حاصل
ڪرڻ
ناممڪن
ٿيندو. ان
کان
سواءِ
ڪراچيءَ ۾ خوراڪ
جي
شديد کوٽ آهي
۽
اسان
جي ليگ
جي
آل انڊيا
اجلاس جي
مان
مرتبي پٽاندڙ
وڏي
پئماني تي
ٿاڪ
ٺاهڻ
لاءِ
گهربل
ڪوئلا، ڪاٺ ۽
ڪپڙو وغيره
حاصل
ڪرڻ
به ذري
گهٽ
ناممڪن هوندو.“
(2 3 )
کهڙي صاحب جناح صاحب آڏو پنهنجي طرفان پيش ٿيندڙ قانون سازيءَ
جي ڏس ۾ پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ”مٿي ڄاڻايل
ڏکيائين سان گڏوگڏ مون کي روينيو وزير هئڻ جي ناتي
هڪ ذاتي ڏکيائي پڻ آهي. زرعي بحاليءَ لاءِ قانون
سازيءَ لاءِ انتهائي محنت جي ضرورت اٿئون ۽ مونکي
ان لاءِ پتوڙڻو پوندو ته مهيني کن ۾ ٿيندڙ سنڌ
اسيمبليءَ ۾ ايندڙ اجلاس ۾ ضروري بل متعارف ڪرايا
وڃن. اهي بل اهميت جوڳا ۽ اسان جي عوام جي ڏور رس
ترقيءَ لاءِ انتهائي ضروري آهن ۽ ان کانسواءِ اسان
کي ٻوڏ جي نتيجي ۾ وسيع ايراضيءَ ۾ آيل تباهيءَ جي
شڪار ٿيلن جي بحاليءَ لاءِ پڻ اپاءُ وٺڻا آهن.
بحالي ڪميٽيءَ جي چيئرمين ۽ روينيو کاتي جي انچارج
هئڻ ناتي اهو منهنجو فرض آهي ته ڳوٺاڻي معيشت جي
تباه ٿيل ڍانچي کي نئين سر منظم ڪريان، جنهن واسطي
صوبائي ۽ ضلعي ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن.“ (3 3 )
مسئلن ۽ پروگرام واري انهيءَ ڊگهي فهرست پيش ڪندي
کهڙي صاحب جناح صاحب کي ٻيهر خاطري ڪرائي ته
پارٽيءَ جي ڪم ڪار کي نظر انداز نه ڪيو ويو آهي.
انهن سمورين ڏکيائين جي باوجود اسين صوبي ۾ مسلم
ليگ کي منظم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن اپاءُ وٺي رهيا
آهيون ۽ ليگ جي مقصد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وسان ڪونه
گهٽايو اٿئون.“
کهڙي صاحب واضح ڪيو ته مسلم ليگ گورنر صاحب ۽ ڪجهه
مسلمان اڳواڻن ۽ ڪانگريس جي مخالفت جي باوجود يوسف
هارون صاحب کي مرڪزي اسيمبليءَ لاءِ چونڊرائڻ ۾
ڪامياب ٿي آهي:
”خدا جو شڪر آهي ته يوسف صاحب جي چونڊ انتهائي
اطمينان جوڳي نتيجي تي ختم ٿي آهي. سندس شديد
مخالفت ڪئي وئي ۽ سندس مخالف اميدوار پنهنجي
ناڪاميءَ کي چٽو ڏسندي مقابلي تان هٿ کڻڻ جو ٿي
ويچاريو جيڪو عمل صوبي ۾ مسلم ليگ جي اڻ تڪراري
مقبوليت جو ثبوت آهي. انهيءَ واڌ ويجهه لاءِ اسان
پنهنجي سموري صلاحيت ڪتب آندي آهي.“ (4 3 )
کهڙي صاحب جناح صاحب کي اها به خاطري ڪرائي ته سنڌ
مسلم ليگ جي اجلاس ڪرائڻ کي رڳو ملتوي ڪري رهي آهي
۽ هو ڊسمبر دوران ڪراچيءَ ۾ ايندڙ اجلاس ڪرائڻ جي
راهه نهاريندا.
”اها اسان جي انتهائي خواهش ۽ دعا آهي ته ايندڙ
سال اسان لاءِ وڌيڪ ڪامرانين جو سال هوندو ۽
انشاءَ الله سنڌ ان معيار جو اجلاس ڪوٺائڻ لائق
هوندي جيڪو نه رڳو ليگ جي شان مان سان ٺهڪندڙ
هوندو پر اسلام جي دروازي طور سنڌ جي روايتن
پٽاندڙ پڻ هوندو.“ (5 3 )
بهر صورت جڏهن ڊسمبر
1943
ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس منعقد ٿيو ته اهو
انتهائي وڏو ڪاڄ هو. جناح صاحب کي وڏي جلوس جي
صورت ۾ جلسي گاهه ۾ آندو ويو. کيس بندر روڊ جي
ٻنهي پاسن کان مارچ ڪندڙ وردي پوش ليگي رضاڪارن جي
جٿي وچ ۾ مخصوص سنڌي انداز واري سينگاريل اٺ گاڏي
تي ويهاريو ويو. هزارين تماشائي انهيءَ سوڀاري
جلوس کي ڏسڻ لاءِ اچي جمع ٿيا ۽ ڪراچيءَ سڄي ننڍي
کنڊ کان ڪهي آيل معزز اڳواڻن کي تمام گهڻو متاثر
ڪيو. جيتوڻيڪ سندس بهترين دوست سر سڪندر حيات
گذاري ويو هو پر کهڙي صاحب وڏي وزير سر خضر حيات
خان ٽوانا سميت پنجاب جي سمورن اهم اڳواڻن کي نينڍ
ڏني هئي. بنگال، يوپي، بمبئي ۽ ٻين صوبن جي وڏن
وزيرن سان گڏوگڏ آسام ۽ بنگال جا وڏا وزير ۽ اتر
اولهه سرحدي صوبي جو سردار اورنگزيب به آيل هئا.
ڊائو صاحب پنهنجي روائتي اڌ مغزي انداز ۾ وائسراءِ
کي لکيو:
”آءٌ 4 2 تاريخ ڌاري ڪراچي پهچي ويندس ۽ مسلم
ليگي اجتماع دوران اتي هوندس .... آءٌ سمجهان ٿو
ته وڏو وزير (هدايت الله) کهڙي صاحب جي پنجابي
دوستن کي رد ڏيڻ لاءِ بنگال کان وڌ ۾ وڌ ٽولو آڻڻ
جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي. سو جناح صاحب هڪ
ڀيرو ٻيهر فيصلو ڪندو ته بنگالين جي پيٽ ۾ کاڌو
گهڻو وجهون يا پنجابين جي کيسن ۾ وڌيڪ رقم، هو
شايد ٻيهر مرڪزي حڪومت تي ڇوهه ڇنڊڻ جو وچيون رستو
اختيار ڪري.“ (6 3 )
ڊائو صاحب يقيني طور تي پنهنجي ۽ کهڙي صاحب وچ ۾
هلندڙ ويڙهه جو حوالو ڏئي رهيو هو جنهن ۾ کهڙو
صاحب سنڌ جي آبادگارن لاءِ بهتر کان بهتر اگهه
حاصل ڪرڻ لاءِ پتوڙي رهيو هو ۽ متان اميد لڳائي
هجيس ته پنجاب جا اڳواڻ جناح صاحب آڏو سندس حمايت
ڪندا. اهو قطعي طور تي واضح نه هو ته هدايت الله
صاحب گهٽ اگهن لاءِ ڪم ڪندو جيتوڻيڪ هو ان لاءِ
ڊائو صاحب کي خاطري به ڪرائي چڪو هوندو. ڊائو صاحب
جو اهو چوڻ ته بنگال ۾ خوراڪ جي فراهميءَ جو سنڌ ۾
خوراڪي اسمن جي اگهن سان تعلق هو، بنهه بي بنياد
هو، ڇاڪاڻ جو تن ڏينهن ۾ بنگال ۾ آيل بدترين ڏڪار
جو اصل سبب وڏا اگهه نه پر خوراڪي اسم جنگي
صورتحال ۾ هندستان کان ٻاهر اماڻڻ هو ۽ باقي بچيل
اناج هٻڇي واپارين جي گودامن ۾ مهانگي اگهن تي
وڪري لاءِ رکيل هو.
مسلم ليگي اجلاس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ کهڙي صاحب انتهائي ڪوششون
ڪيون هيون. هن ڪيترن ئي آيل ساٿين کي پنهنجو ذاتي
مهمان بڻايو ۽ پنهنجي ڪيترن ئي دوستن جا گهر
مهمانن لاءِ خالي ڪرايائين. سنڌ مسلم ليگ جي قيادت
واسطي اهو اجلاس پنهنجي صلاحيت جو شاندار مظاهرو
هو. والپرٽ جناح صاحب جي لکيل سوانح عمريءَ ۾ ان
ڪاڄ بابت ڄاڻائي ٿو:
”ان سال ڊسمبر ۾ مسلم ليگ جي ايڪٽيهين اجلاس ۾
شرڪت لاءِ ڪو ڏهه هزار کن مسلمان وفد ڪراچيءَ
پهتا. جڏهن جناح روشنيءَ سان جرڪندڙ پنڊال ۾ پهتو
ته ”قائد اعظم زنده آباد“ ۽ ”ڪانگريس جو فاتح زنده
آباد“ جا اڀ ڦاڙ نعرا هڻي سندس آجيان ڪئي وئي. هن
پنهنجي
67 هين جنم ڏينهن تي رات ڏهه وڄي پنجاهه منٽن تي ڳالهائڻ
شروع ڪيو ۽ هڪ سئو منٽن تائين بر زبان انگريزيءَ ۾
تقرير ڪندو رهيو. (7 3 )
جناح صاحب هڪ سانت ڀري مجمعي آڏو ڳالهايو، جنهن جي ڌيان ڏيڻ جو
هڪ سبب اهو هيو ته منجهائن ايڪڙ ٻيڪڙ همراهن کي
انگريزي سمجهه ۾ آئي ٿي. کهڙو صاحب، لياقت علي خان
۽ حيدرآباد دکن سان تعلق رکندڙ شاندار مقرر ۽ اردو
شاعر نواب بهادر يار جنگ سميت انيڪ نامور هستين
سان گڏ اسٽيج تي ويٺل هو. جناح صاحب جي ڳالهائڻ ۽
اڀ ڏاريندڙ تاڙين جي ڦهڪي کان پوءِ نواب بهادر يار
جنگ کي جناح صاحب جي تقرير جو ترجمو ڪرڻ لاءِ سڏيو
ويو. بهادر يار جنگ تقرير جو آزاد ترجمو ٿي ڪيو ۽
پنهنجي سحر ڀرئي انداز بيان وسيلي هجوم کي پنهنجي
هٿ جي اشاري سان روئاريائين، کلايائين ۽ جذباتي ٿي
ڪيائين.“
جناح صاحب يقيني طور تي چاڪ نه هو پر سندس حوصلي ۽ عزم کيس ان
ڪم سان جنبيل رکيو، جيڪو پنهنجي ذمي کنيو هئائين.
تن ڏينهن ۾ جناح صاحب صحت جي مسئلي سبب ئي اونهاري
جو ڊگهو عرصو ڪراچيءَ ۾ ۽ موڪلن جا ڏينهن ڪوئٽيا ۽
زيارت ۾ گهاريندو رهيو.
ڪراچي ڪانفرنس ۾ پنهنجي تقرير ۾ جناح صاحب پنهنجي
ليگي گروهه بابت ڪي احساساتي تبصرا ڪيا:
”مون کي ڪي رٿون مليون آهن جيڪي انتهائي شاندار
ڏاهپ ڀريون ۽ ٺاهوڪيون آهن. شڪايتون ۽ معمولي
تڪرار به ڌيان تي آيا اٿم جيڪي مون کي پسند ناهن،
بهرحال اهو سٺو سنوڻ آهي.“
هو متان سنڌ مسلم ليگ ۾ ڄنڊا پٽ جو ذڪر ڪري رهيو هجي، اهو عرصو
جي ايم سيد صاحب طرفان صوبائي مسلم ليگ تي قبضي ۽
خود سندس ذات سان وفادار سيد گروپ ٺاهڻ جي ڪوشش
وارو چئي سگهجي ٿو. ڪابينا جو سڀ کان باصلاحيت رڪن
کهڙو صاحب نه رڳو پنهنجي خاص سرگرميءَ جو باعث
بڻيل اهم قانون سازيءَ واري ڪم ۾ رڌل هو پر مسلم
ليگ جي تنظيم ڪاري ۾ پڻ تمام گهڻو مصروف هو. ويهن
سالن کان وڌيڪ سياست جي عملي تجربي ۽ صوبي ۾ واسطن
ناتن سبب کهڙي صاحب جا ذاتي اثر رسوخ وارا فرد ۽
دوست سڄي سنڌ ۾ پکڙيل هئا، جن کي مسلم ليگ ۾ شامل
ڪيو ويو هو ۽ پارٽيءَ ۾ عهدن لاءِ اهل ۽ حقدار
هئا. جي ايم سيدصاحب جي پنهنجي ساٿي سيدن ڏانهن
جهڪاءُ ۽ سندن سگهاري اعتبار ته هو ئي سياسي قيادت
لاءِ مناسب آهن، ڪٿي نه ڪٿي ٽڪراءُ ٿيڻ جا سبب
بڻجي پئي سگهيا.
کهڙو صاحب اپريل
1942
ع کان سنڌ مسلم ليگ جو صدر رهندو پئي آيو ۽ جي ايم
سيد صاحب ان قسم جو ماڻهو ئي نه هو جيڪو ايتري
عرصي تائين ڪنهن کي پنهنجي اڳواڻ طور برداشت ڪري
سگهي، سو کهڙي صاحب کي هٽائڻ ۽ سندس مرضيءَ تي
هلندڙ ڪنهن شخص کي ان عهدي تي آڻڻ لاءِ وڳوڙ شروع
ڪيائين. ابتدا ۾ کهڙي صاحب کي هٽائڻ لاءِ ڪو جواز
نه هو پر مسلم ليگ جي حڪومت ٺهندي ئي سيد صاحب کي
موقعو ملي ويو. هن موقف اختيار ڪيو ته وزارت ۽
پارٽي عهدن کي ڌار ڌار فردن جي حوالي هئڻ گهرجي ۽
جيئن ته کهڙو صاحب وزير هو تنهن ڪري کيس مسلم ليگ
سنڌ جو صدر نه رهڻ گهرجي. سيد صاحب ان معاملي ۾
جناح صاحب جي مداخلت چاهي. سيد صاحب جي نظر ۾ ان
معاملي جي فوري نوعيت ان ڪري به هئي جو صوبائي
پارٽيءَ جون چونڊون جون
1943
ع ۾ ٿيڻيون هيون ۽ ميمبر سازي جاري هئي. سيد صاحب
پاڻ کي ترقي پسند ۽ کهڙي صاحب ۽ سندس ساٿين کي
قدامت پسند ظاهر ڪندي پارٽيءَ تي قبضي لاءِ پتوڙڻ
شروع ڪيو. سندس پنهنجي لفظن ۾:
”هر هنڌ مسلم ليگ جون نيون شاخون قائم ڪيون پئي
ويون ۽ تنظيم ۾ ترقي پسند ۽ قدامت پسند لاڙن جي
نمائندگي ڪندڙ ٻن گروپن ۾ چٽاڀيٽي هلندڙ هئي.“
اپريل ۾ دهليءَ واري آل انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾ ٻين
مسلم ليگين سميت شرڪت ڪرڻ دوران هن روايتي اعليٰ
اخلاقي لهجي ۾ جناح صاحب کي شڪايت ڪندي لکيو:
”عمومي دانهه آهي ته هاڻوڪي وزارت هيٺين مامرن
لاءِ ڪو قدم نه کنيو آهي:
1 - مارشل لا جو خاتمو.
2 - ٻوڏ جي ستايل ماڻهن جي واهر
3 - اڪثر سرڪاري کاتن ۾ ڇانيل بدعنوانين کي ٻُنجو
ڏيڻ
4 - عوام جون سماجي ۽ معاشي حالتون بهتر بنائڻ ۽
سڌارڻ.“ (8 3 )
سيد صاحب ڀلي ڀت ڄاتو ٿي ته سندس شڪايتون گهڻي ڀاڱي سندس سوچ جو
مظهر هيون جو سنڌ جي وزيرن لاءِ حرن جي پرتشدد
ڪاررواين دوران مڙهيل مارشل لا هٽرائڻ ناممڪن هو،
ٻوڏ جي ستايل ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ وسان نه
گهٽايو ويو هو، گهارا نه پوڻ جي خاطري ڪرڻ لاءِ
کهڙو صاحب ذاتي طور تي بندن جي نگراني ڪري رهيو
هو، اهو ته ڪنهن به حڪومت خاص طور تي ٿورڙو عرصو
اڳ ئي اقتدار ۾ آيل لاءِ بدعنواني کي ٻُنجو ڏيڻ يا
وري عوام جي سماجي ۽ معاشي حالت جادوئي ڏنڊي سان
بهتر بنائڻ ممڪن نه هو. جناح صاحب انتهائي ڏاهپ
سان واضح ڪيو ته انهن ڳالهين جي آڌار تي حڪومت جو
پوتاميل وقت کان اڳي ٿيندو. (9 3 )
بهرحال جون ۾ اونهاري جون موڪلون گذارڻ لاءِ ڪوئيٽا ويندي جناح
صاحب جڏهن سنڌ ۾ ترسيو ته هن ان سان سهمت ظاهر ڪئي
ته وزيرن کي پارٽي عهدن تي نه هئڻ گهرجي، کهڙي
صاحب کي سنڌ مسلم ليگ جي صدارت ڇڏڻي پئي. جيڪا بعد
۾ جي ايم سيد صاحب سنڀالي. صدر ٿيندي ئي سيد صاحب
وزارت خاص طور تي کهڙي صاحب سان وير رکڻ شروع ڪيو،
جيڪو نه رڳو قانون سازيءَ ۾ رڌل هو پر تنظيم
ڪاريءَ ۾ پڻ انتهائي سرگرم هو. سيد اسيمبليءَ ۾
ڏڦيڙ پئدا ڪري ميمبرن کي حڪومتي تجويزن خلاف ووٽ
ڏيڻ لاءِ هُشي ڏيندو رهيو ۽ ان ريت اسيمبلي ۽
پارٽيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ رڪاوٽون وجهندو رهيو. ليگ
حڪومت جي مخالفن پنهنجي مقصدن ۽ مفادن تحت سيد کي
ڇاتيءَ لاتو. علي محمد راشديءَ صاحب طنزيه نموني ۾
کيس لکيو:
”هت هڪ اهڙي جذباتي شخصيت جو لاش پيل آهي. جنهن
برائي ذريعي چڱائي ماڻڻ چاهي، جنهن شروعات ته
انقلابي طور ڪئي پر انت رجعت پرست طور ٿيس ۽ جنهن
جي پنهنجي ملڪي معاملن ۾ حصيداري رڳو ”وڏو شاهي
مونجهارو“ ئي هو.“ (0 4 )
پارٽيءَ ۾ سيد صاحب پنهنجي ذات وارن دوستن ۽ پوئلڳن کي مقرر ڪرڻ
واري پنهنجي مقصد تي زور ڀريو. مارچ
1944
ع ۾ ٿيل چونڊن دوران سيد صاحب جنرل سيڪريٽري سميت
اهم صوبائي عهدن تي پنهنجي دوستن کي ڪامياب ڪرائي
ويو. سيد صاحب جي صدر ٿيڻ مهل مسلم ليگ جي مرحوم
صدر حاجي عبدالله هارون صاحب جي پٽ يوسف هارون
صاحب کي سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو پر هاڻ سيد
صاحب ان عهدي تي پنهنجي هڪ سيد ساٿيءَ کي آڻڻ ٿي
چاهيو ۽ کهڙي صاحب جي مخالفت جي باوجود ان ۾
ڪامياب ٿيو.
”نئين ڪائونسل جا چونڊيل اڪثريتي ميمبر ترقي پسند
۽ سوشلسٽ خيال رکندڙ هئا. مون کي نئين مدي لاءِ
ٻيهر صدر چونڊيو ويو ۽ منهنجي تجويز تي جنرل
سيڪريٽريءَ جو عهدو يوسف هارون صاحب بدران سيد
غلام حيدر شاهه کي ڏنو ويو.“ (1 4 )
سيد صاحب پنهنجي دوستن کي ترقي پسند ۽ سوشلسٽ ليکڻ ۾ انتهائي
خوشفهميءَ جو مظاهرو ڪري رهيو هو. منجهائن گهڻي
ڀاڱي سيد گروپ سان تعلق رکندڙ هئا ۽ جيتوڻيڪ غلام
حيدر شاهه ٻين سيدن جي ڀيٽ ۾ نسبتاً بهتر تعليم
يافته هو پر هو به جي ايم سيد صاحب جي بيان ڪيل
وصف تي نه پورو پئي لٿو. ٻئي پاسي يوسف هارون صاحب
پراڻو مسلم ليگي ڪارڪن هو جيڪو خاص طور تي پنهنجي
پيءُ جي مرتئي کان پوءِ جدوجهد ۾ اڳڀرو پئي رهيو ۽
سياسي ۽ مالي لحاظ کان پارٽي لاءِ پنهنجي ڪٽنب جي
روايتن کي برقرار رکندو پئي آيو ۽ جنرل سيڪريٽريءَ
جي عهدي تي سندس بهر صورت وڌيڪ حق ٿي بڻيو.
پارٽيءَ کي پنهنجي دوستن سان ڀرڻ کان پوءِ سيد صاحب انتهائي غير
عملي نوعيت جي ٺهرائن وسيلي وزيرن کي هيسائڻ لڳو،
انهن بابت کيس به پڪ هئي ته گورنر عمل ٿيڻ نه
ڏيندو. گهٽ ۾ گهٽ پروگرام جهڙوڪ زرعي پئداوار جا
اگهه بهتر ڪرڻ بابت ڪو سهائيندڙ وهنواري نبيرو
ماڻڻ ۽ لينڊ ايلينيشن ۽ قرضن جي نئين سر وهنوار
بابت قانون سازي وسيلي عوام لاءِ ڪجهه حاصل ڪرڻ
واري کهڙي صاحب جي ڪاوشن کان ڀليءَ ڀت واقف هوندي
به سيد صاحب مسلم ليگي پروگرام کي لاڳو ڪرڻ ۾
وزارت جي ناڪامي ۽ سنڌ جي عوام جي مفادن جي تحفظ ۽
ترويج ۾ ناڪاميءَ تي تنقيد ڪرڻ جو دڳ اختيار ڪيو.
هن کهڙو صاحب ۽ سندس روينيو کاتي کي پنهنجو خاص
نشانو بڻايو. هڪ اهڙو عمل جنهن لاءِ وٽس هڪ واضح
ڳجهو مقصد هو. سيد صاحب، کهڙي صاحب کي حڪومت کان
ٻاهر ڏسڻ ٿي چاهيو ڇاڪاڻ جو هن کيس پارٽيءَ ته ڇا
خود صوبي ۾ به پنهنجو سگهارو حريف ٿي ليکيو.
جيڪڏهن هو حڪومت تي ڇانئجي نه سگهيو ته به سيد
صاحب، کهڙي صاحب کي ڪيرائڻ لاءِ پڪو پهه ڪري چڪو
هو ۽ ان ۾ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ وزارت تباهه ڪرڻ
چاهيائين. 7 جولاءِ
1944
ع تي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو هڪ اجلاس گهرائي هن وزارت
خلاف لاپرواهي ۽ نااهليت جا الزام هڻي چيو ”صوبي ۽
سنڌ جي مسلمانن جي مفادن وٽان ٿيندو ته هاڻوڪي
جوڙجڪ واري وزارت استعيفيٰ ڏي.“ (2 4 )
جناح صاحب سنڌ جي مسلم ليگي تنظيم ۾ پئدا ٿيل اختلافن کان واقف
هو. مئي مهيني دوران سيد صاحب صوبائي مسلم ليگي
چونڊن ۾ کهڙي صاحب جي اڻ سڌي مخالفت جي اڳيئي
شڪايت ڪري چڪو هو بهرحال هن اها وضاحت نه ڪئي ته
کهڙي صاحب جي شرڪت ڪهڙيءَ ريت مداخلت هئي.
سيد صاحب هڪ غير معمولي ڪردار، انتهائي جذباتي، هڪ غير عملي ۽
خيال پرست هو. جنهن خيالي ”سوشلزم“ جو نظريو سيد
برادريءَ سان سگهاري وابستگيءَ سان جوڙيو. هو
1930
ع واري ڏهاڪي ۾ قائم ٿيل سنڌ هاري ڪميٽيءَ جهڙين
ڪيترين ئي ڪميونسٽ لاڙو رکندڙ يا سوشلسٽ تنظيمن
سان ڳنڍيل هو. هو ٿياسافسٽ ۽ گڏوگڏ شديد روايتي
فرد هو. در اصل هو نظرين جي گاڏڙ جي مظهر جي نتيجي
۾ پئدا ٿيندڙ خيال پرستيءَ جو مڪمل نمونو هو.
اڳواڻ بڻجڻ جي سندس شديد خواهش جي باوجود تنظيم
ڪاري سندس مضبوط نڪتو نه هئي. هن پنهنجو پاڻ کي
سيداڻي وفادارين ۾ ساهه کڻڻ ڏنو ۽ سنڌ جي مسلمانن
کي پنهنجي چوڌاري متحد ڪري نه سگهيو. ان بدران هن
مسلم ليگ حڪومت خلاف سازشون شروع ڪيون ۽ سمورن
سرڪاري کاتن مان بدعنوانين جي خاتمي، يا رات پيٽ ۾
عوام جي حالت بهتر بنائڻ جهڙا ناممڪن حدف سامهون
آندا. جڏهن به فيصلو ٿي ڪيائين ته اهي حدف حاصل نه
ٿيا آهن يا ڪو خاص ساٿي گرفت ۾ نه ٿو اچي ته پوءِ
فرد يا حڪومت تباهه ڪرڻ لاءِ اتحادين جي چونڊ بابت
ويچارڻ کان سواءِ اکيون پوري جنبي ٿي ويو. سندس
چونڊيل حدف لاءِ سندس هڪ نقطي تي بيٺل دماغ مٿس
انتقام پسند هئڻ جو الزام ڌريو، پر ساڳئي وقت هو
خاص طور تي پنهنجي دوستن لاءِ ڪيل پنهنجي ڪنهن غلط
ڳالهه کي نه رڳو مڃڻ لاءِ تيار هوندو پر ان جو
ازالو ڪرڻ جي به هر ممڪن ڪوشش ٿي ڪيائين. هو خراب
سياستدان ۽ تنظيمي ساٿي پر سٺو ۽ وفادار دوست هو.
هو دلي لحاظ کان دانشور هو جنهن کي فلسفياڻي بحثن
مان آسيس ملندي هئي، چاهيندي يا نه چاهيندي ريڪارڊ
۽ لکڻيون جمع ڪندڙ هو، اهڙو عمل جيڪو ان وقت جا
پڙهيل ڳڙهيل به ورلي ئي ڪندا هئا.
کهڙي صاحب کان سنڌ مسلم ليگ جي صدارت وٺندڙ سيد
صاحب جنهن تنظيم تي پنهنجي مهم ڏسڻ ٿي چاهي تنظيم
۾ کهڙي صاحب جي اثر کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو ڏٺائين.
هن کهڙي صاحب کي سندس اثر هيٺ اچڻ کان وڌيڪ سگهاري
وزير ۽ عملي منتظم طور به ڏٺو ۽ پنهنجي خيالي
منصوبن ۾ وچڙي پيو، جن مطابق کهڙي صاحب کي هٽائڻ
اوس هو، ان منصوبي ۾ هن گهرو معاملن واري وزير
هاشم گذدر صاحب کي پنهنجي اتحادي طور ڏٺو. مارواڙي
نسل وارو گذدر ڪراچيءَ جي هڪ پراڻي برادريءَ سان
تعلق رکندڙ هو، هو انتهائي سڌ رکندڙ شخص هو جيڪو
سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ کان پوءِ واري دور ۾
اڀريو. سيد صاحب کيس پڪ ڏيارڻ لڳو ته کهڙي صاحب کي
راهه مان هٽائڻ کان پوءِ هدايت الله صاحب جي وزارت
ڦهڪو اچي ڪندي ۽ ان کان پوءِ سيد صاحب ۽ سندس
دوستن جي مدد سان گذدر صاحب وڏو وزير بڻجي سگهي
ٿو. کهڙي صاحب کي هٽائڻ لاءِ گذدر صاحب جيڪو گهرو
معاملن جو وزير هئڻ ناتي پوليس ۽ امن امان لاءِ
ذميوار هو انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيڻو هو.
1944ع جي وچ ڌاري کهڙي صاحب لاءِ ڪارا ڪڪر ڇائنجڻ لڳا. ان سال جي
شروعاتي مهينن دوران کهڙو صاحب ريل گاڏي وسيلي
لاڙڪاڻي پئي ويو ۽ ڪراچيءَ جو مشهور ڊاڪٽر لالواڻي
سندس ئي بوگيءَ ۾ سوار هو. لالواڻي جيڪو رڳو طبي
ڊاڪٽر ئي نه هو پر ڪراچيءَ مان شام جي واحد اخبار
”ڪراچي ڊيلي“ ڪڍندو هو ۽ ڀلو هٿ ڏسندڙ به هو. سفر
دوران هن کهڙي صاحب جو هٿ جاچيو ۽ ٻڌايائين ته مٿس
سگهوئي هڪ قاتلاڻو حملو ٿيندو جنهن ۾ سندس بچڻ جا
تمام ٿورا امڪان آهن. کهڙي صاحب انهيءَ چتاءُ تي
معمولي ڌيان ڏنو پر امڪاني طور تي حملي ٿيڻ جو دڳ
لهڻ کان بي خبر رهيو.
ڊائو
وائسراءِ سان ڪيل پنهنجي لکپڙهه ۾ کهڙي صاحب
خلاف انتهائي پروپيگنڊا ڪئي ۽ انهن خطن ۾
پنهنجي شديد مت ڀيد کي نه لڪايائين. جون 2 4 9
1 ع ۾ سومرو حڪومت برطرف ٿيڻ کان ڪجهه مهينا
اڳ جڏهن کهڙي صاحب جي سرواڻيءَ ۾ هڪ مسلم ليگي
وفد مارشل لائي ڏاڍاين جي بنياد تي کانئس
حڪومت جي برطرفيءَ جو مطالبو ڪيو ته ڊائو وفد
۽ خاص طور تي کهڙي صاحب سان رکيل انتهائي غير
مهذباڻي ورتاءُ بابت لکيو: ”منهنجي اها تجويز
ته آءُ خان بهادر کهڙي لاءِ هڪ اهڙو حڪم جاري
ڪريان جنهن پٽاندڙ هو حالتن جي سڌي سنئين ڄاڻ
ماڻي سگهي، ڪنهن به ريت جوش خروش حاصل نه ڪري
سگهيو.“ (ڊائو جو لنلٿگو ڏانهن خط، 0 2 جنوري
1942ع 71/1/IOLR3)
ٻيهر جڏهن کهڙي مسلم ليگي پارلياماني اڳواڻ جي
حيثيت ۾ وڏي وزير طرفان چونڊن ۾ پنهنجي ڀاءُ
جي پٺڀرائيءَ لاءِ سرڪاري حيثيت استعمال ڪرڻ
جي وٽس لکت ۾ شڪايت ڪئي ته ڊائو جيتوڻيڪ اهو
ته مڃيو ته اهو الزام درست آهي، پر کهڙي صاحب
لاءِ پنهنجو ڌڪار به واضح ڪيائين: ”قومي جنگي
محاذ جي تنظيم جي ڏس ۾ وڏي وزير جو دورو
انتهائي ڪامياب رهيو آهي .... سينٽرل
انٽيليجنس آفيسر هيريز جي رپورٽن موجب ”وڏي
وزير جي دوري جو اصل مقصد سندس ڀاءُ جي طرفان
چونڊ مهم هو، جيڪو مرڪزي اسيمبليءَ لاءِ
اميدوار آهي. (منهنجي خيال ۾ انهيءَ اظهار جو
ڪو جواز ناهي. ليکڪا) مسلم ليگي ترجمانن ان کي
استعمال ڪيو آهي ۽ محمد ايوب کهڙي به جنهن
جنگي ڪوششن ۾ ڀاڱي ڀائيواري ٿيڻ لاءِ ڪک ڀڃي
ٻيڻو به نه ڪيو آهي مون کي ان ڏس ۾ لکيو آهي ۽
کيس ان جي وراڻي ڏني اٿم. جنهن ۾ کيس سندس
متعلق ڪنهن به سچي لفظ کان محروم نه رکيو
اٿم.“ (ڊائو جو لنلٿگو ڏانهن خط 3 2 مئي 2 4
9 1 ع.)
(قائد اعظم پيپرس ايف، 4 7 2 /صفحو 9 6 2
)
جناح مسلم ليگي حمايت سان غلام حسين صاحب جهڙي
مفاد پرست جي حڪومت ٺاهڻ واري امڪان تي
انتهائي ڏمريل هو. سندس اماڻيل ٽيليگرامن جو
سلسلو سندس بيچينيءَ جو اظهار آهي. هن 3 1
آڪٽوبر تي هڪ ٽيليگرام اماڻيو ۽ ايندڙ ڏينهن
تي وري ٻيو اماڻيائين.
کهڙي صاحب جي ٻڏتر، ساٿي مسلم ليگين جي ان
دليل سان ختم ٿي، ته حڪومت ۾ رهندي ئي منزل
گاهه تحريڪ جي سزا وارن کي ڪو انصاف مهيا ڪري
سگهجي ٿو. ان کان سواءِ خود مختيار سنڌ لاءِ
رٿيل ڪجهه ڪمن جي عملي روپ واسطي اهڙو ڪو ٻيو
موقعو جلد نه ملڻ جو به خدشو سامهون هو.
ڊائو لنلٿگو جو وائسراءِ کي 8 1 جون 3 4 9 1
ع تي لکيل خط
MSS.Eur.F.125/99
وڌيل اگهن مان ايندڙ محصولن وسيلي سرڪاري
محصول ۾ اضافي جي اڳ ڪٿي ڪرڻ ۽ اڃان 3 4 9 1 ع
هوندي به پاڪستان ٺهڻ بابت برطانوي منصوبن جون
ڪي قدر وضاحتون گهرڻ لڳو. هو چوي ٿو ”جيڪڏهن
اگهن ۾ چاڙهه ڪجهه سال جاري رهيو، جيڪو ٿيندي
نظر ٿو اچي، سنڌ کي مالياتي ڏس ۾ پنهنجي پيرن
تي بيهڻ گهرجي ۽ ”قومي اڏاوت“ جي سرگرمين کي
مناسب حد تائين توسيع ڏيڻ لاءِ مناسب فنڊ هئڻ
گهرجيس. جناح صاحب يقيني طور تي پاڪستان اندر
سنڌ جي مالي پختگيءَ کي بهتر محسوس ڪندي ليگ
جي تنظيم ۾ ان نقطي کي استعمال ڪندو.“
|