باب ٽيون
سياست ۾ شموليت
جنهن وقت جناب کهڙو صاحب ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾ داخل ٿيو، ان وقت
خلافت تحريڪ طرفان سول نافرمانيءَ جي تحريڪ به
شروع ٿي. جيڪا شروع ته گانڌيءَ ڪرائي هئي، مگر ان
کي مسلم خلافت تحريڪ جي به حمايت هئي.
پهرين عالمگير جنگ جي ڇڙڻ وقت هندستان جي سياسي نمائندن انگريز
حڪومت کي مدد جي پيش ڪش ڪئي ۽ انهن کي اميد هئي ته
جنگ کان پوءِ انگريز سرڪار هندستان کي آزادي ۽ خود
مختياري مهيا ڪندي. انگريز حڪومت جي نمائندن
هندستان لاءِ آئيني اصلاحات جو به واعدو ڪيو هئو.
آڪٽوبر 7 1 9 1 ع ۾ ايڊون مانٽيگيو جيڪو هندستان
جي معاملن لاءِ انگريز ڪابينا ۾ وزير هو، سو هتي
آيو. اچي هتي جي ماڻهن سان مليو ۽ مختلف هنڌن جا
دورا ڪري هتان جي مسئلن جو جائزو ورتائين. هندستان
جي نمائندن کي اميد هئي ته هندستان کي به ٻين
شهنشاهتن جي حصن وانگر ڪي قدر (Dominion
Status
) ملندو. مگر جنگ بعد ائين نه ٿيو، صرف اڌوريون ۽
اڻ وڻندڙ رعايتون ڏنيون ويون، جنهن ڪري هندستانين
۾ گورن جي لاءِ بي اعتمادي پئدا ٿي.
مانٽيگيو چيلمسفورڊ جي قانوني سڌارن به هندستانين ۾ مايوسي پئدا
ڪئي. گانڌي جيءَ جي احتجاجن جي ڪري ان وقت جي
اعتدال پسند اڳواڻن جي ساک ٽٽي پئي. اهو تاثر عام
ٿي ويو ته هندستاني قوميت جي آقائن گوکلي، فيروز
شاهه، مهتا ۽ ٻين جيڪو قانوني طريقيڪار اختيار ڪيو
سو ناڪام ٿي ويو آهي. هاڻي نئين نسل جا سياستڪار
ئي برطانيه حڪمران کي مضبوطيءَ سان منهن ڏيئي سگهن
ٿا.
سن 9 1 9 1 ع ۽ پوءِ هندستانين ۾ عوامي احتجاج جي سياست شروع
ٿي، هڙتالون، احتجاج، جلسا ٿيندا رهيا. خاص طرح
جليانوالا باغ واري واقعي هنن جي جذبات کي اڀاريو،
جنهن ۾ شامل سوين بي گناهه ماڻهن کي برطانيه جي هڪ
آفيسر جنرل ڊائير جي حڪم تي قتل ڪيو ويو.
علمائن فتويٰ ڏني ته برطانيه جي ماتحت هلندڙ علائقا دارالحرب
يعني جنگي علائقا آهن ۽ مسلمانن جو فرض آهي ته هو
دارالسلام يعني امن وارن علائقن ڏانهن هجرت ڪن. هن
فتويٰ جي نتيجي ۾ هزارين مسلم خاندانن پنهنجون
جائدادون وڪڻي خصوصا سنڌ ۽ پنجاب ڇڏي افغانستان جي
مسلم ملڪ ۾ امن سان رهڻ جي اميد تي هليا ويا.
کهڙي صاحب جا خلافت تحريڪ سان ويجها لاڳاپا هئا.
جڏهن خلافت تحريڪ جي ڪانفرنس 0 2 9 1 ع ۾ لاڙڪاڻي
۾ رکي وئي، ان وقت وڏيرو جان محمد جوڻيجو جيڪو
کهڙي صاحب جو پاڙيسري ۽ خانداني دوست هو ۽ خلافت
تحريڪ جو اڳواڻ هو، انگلينڊ مان وڪالت پاس ڪري
موٽيو هو ۽ هڪ نظرياتي شخص هيو سول نافرمانيءَ
واري تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ جو برجستو اڳواڻ ۽ ڪارڪن
هيو. هن جون 1920ع ۾، لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڏينهن واري
خلافت ڪانفرنس نهايت ڪاميابيءَ سان منعقد ڪرائي ۽
هندستاني سياستڪارن مولانا ابو الڪلام آزاد ۽ ٻين
جي ميزبانيءَ جو شرف حاصل ڪيو.
هيءَ ڪانفرنس کهڙو هائوس ويجهو ايمپائر روڊ جي هڪ وڏي هال ۾
منعقد ٿي. کهڙي صاحب ڪانفرنس ۽ مانجهاندي ۾ شرڪت
ڪئي. جيڪا وفدن لاءِ محترم جان محمد جوڻيجو ڏني
هئي. برطانيه جا اهلڪار خلافت تحريڪ جي چرپر کان
پريشان هئا ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکارڻ لاءِ سر ٽوڙ
ڪوشش ڪيائون ته هن تحريڪ کي عوام جي حمايت حاصل نه
آهي. هنن هڪ مقامي اسسٽنٽ ڪمشنر خان بهادر نبي بخش
کي آپريشن لاءِ مقرر ڪيو ۽ ان وري پنهنجي ڀاءُ
عبدالقادر محمد حسين (دفتردار) کي خلافت تحريڪ
خلاف قدم کڻڻ لاءِ تيار ڪيو. مسٽر عبدالقادر
لاڙڪاڻه جي ٽن شخصيتن شاهنواز ڀٽو، نواب امير علي
لاهوري ۽ غلام محمد اسراڻ کي حڪومت سان تعاون ڪرڻ
لاءِ آماده ڪيو.
محترم جوڻيجي جي رهائشگاهه جيڪا لاڙڪاڻي مدرسي جي ڀت سان ڳنڍيل
هئي، تنهن جي بلڪل سامهون وڏي ميدان سان هڪ مسجد
هئي. جنهن کي عيدگاهه طور به استعمال ڪيو ويندو
هو. خلافت تحريڪ جون گڏجاڻيون اتي ٿينديون هيون پر
حڪومت جي زور سبب اتي صرف ڇهن کان ٽي سئو ماڻهو مس
شريڪ ٿي سگهندا هئا.
خلافت جي مولوين مسجد جي ميدان کان ٻاهر نهايت اثرائتي نموني
تبليغ شروع ڪئي. انهن گڏجاڻين کي تسليم ڪندي نواب
لاهوري دل جي بيماريءَ جو بهانو ڪري وڃي بستري
داخل ٿيو. شاهنواز ڀٽو شهر ڇڏي ويو. انهيءَ ڪري
سندن هلچل ناڪام وئي. نائين جولاءِ تي وڏي جذباتي
انداز ۾ پهرين هجرت ريل گاڏي شهر لاڙڪاڻي کان رئيس
المهاجرين جان محمد جوڻيجي جي اڳواڻيءَ ۾ رواني
ٿي. هن سڀني عهدن تان اسعيفيٰ ڏني هئي ۽ پنهنجي
سڄي ملڪيت دارالسلام افغانستان، ڏانهن هجرت سبب
وڪرو ڪيائين.
مهاجرين افغانستان وڃي ڏاڍا ڏکيا ۽ مجبور ٿي پيا. انهن جي آجيان
جو ڪوبه بندوبست نه هو ۽ نه ئي سندن رهائش ۽ کاڌي
خوراڪ جو بندوبست هيو، جنهن ڪري انهن مان اڪثر
پنهنجون ملڪيتون وڃائي واپس هندستان موٽي آيا. جان
محمد جوڻيجو مهاجرين جي مدد لاءِ وڌيڪ رقم حاصل
ڪرڻ خاطر هندستان ويو جتي هو بيمار ٿي پيو ۽ 1923ع
۾ خلافت ڪانفرنس وقت اجمير شريف ۾ وفات ڪيائين.
کهڙي صاحب لاءِ جناب جوڻيجي صاحب جي جدوجهد ۽ موت
اهو ثابت ڪيو ته جذباتي ۽ حقيقت کان هٽيل سياست بي
سود ۽ نقصانڪار ٿئي ٿي. جناب جوڻيجي جي زندگي سندن
لاءِ هڪ مثال بڻجي پئي. کهڙي صاحب لاءِ جناب
جوڻيجي جي ڪوشش ۽ سندس موت ثبوت هئو ته هو جذبات ۽
جوش واري ڪمن کان نفرت ڪندو هو ۽ ان کي هو غلط
هدايت براءِ نظريو سمجهندو هو. اهو ئي سوچ لاءِ
ڪافي هو. جوڻيجو صاحب تعليم يافته، سياسي طرح سجاڳ
۽ محب وطن هيو. هن پنهنجي لاءِ هندستان جي سياست ۾
هڪ مقام حاصل ڪيو، پر جذباتي هجڻ ڪري سندس سياست
بي سود ثابت ٿي. مگر کهڙو صاحب پنهنجي نو عمري
هوندي به حقيقت پسند هيو ۽ کيس ڄاڻ هئي ته خلافت
تحريڪ هڪ رومانوي تحريڪ آهي، جنهن مان دارالحرب جي
فتوائن سان برطانيه جي خاتمي وارو مقصد حاصل نه
ٿيندو ۽ مسلمانن جي حالت ڪونه سڌرندي. کهڙي صاحب
ڏٺو ته هجرت تحريڪ ۾ شموليت سڀني لاءِ هاڃيڪار
هئي.
خليفي کي بحال ڪرائڻ لاءِ گهر ۽ ملڪيتون وڪرو ڪرڻ ۽ اڻ ڄاتل ماڳ
لڏي وڃڻ صحيح نه هيو. کهڙو صاحب ان وقت ڊي - جي
سنڌ ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هيو، اتان جي شاگردن جي
جذبن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺائين، پر هن ڪڏهن به
اهو محسوس نه ڪيو ته عدم تعاون ئي مسئلن جو حل
آهي.
کهڙو صاحب اڳواٽ ان نتيجي تي پهتو ته جيڪڏهن
مسلمانن کي اڳتي وڌڻو آهي ته پوءِ هو خلافت جا
رومانوي خواب نه لهن. هن چڱي طرح محسوس ڪيو ته
استنبول جو خليفو سنڌين جي مسئلن جو حل مهيا نه
ڪندو. جڏهن ته برطانيه سلطنت تازي عالمي جنگ کٽي
چڪو هو. کهڙي صاحب جي راءِ مطابق ماڻهن جي حالت جي
سڌاري لاءِ انگريزن جي رائج ڪيل طريقيڪار کي
استعمال ڪيو وڃي.
هو مغربي سائنس جي حاصلات کان گهڻو متاثر هو ۽ برطانيه جهڙي
جديد حڪومتي طريقي کان به متاثر هو. هن اهو ڪونه
ڄاتو هو ته گانڌي کي جذبن ۽ مونجهاري کان سواءِ
ٻيو ڇا مليو آهي. گانڌي جا سوراج ۽ رام راڄ وارا
نعرا هندو مذهبي ٻوليءَ ۾ هيا، جن سنڌ جي مسلمانن
جي دلين تي اثر نه ڪيو. عدم تعاون جي تحريڪ به
خلافت تحريڪ وانگر تباهي ۽ رتوڇاڻ ڪئي. هزارين جيل
حوالي ٿيا، شاگرد ادارا ڇڏي ويا ۽ پنهنجو مستقبل
جوکي ۾ وڌائون. استنبول ۾ خليفي کي بچائڻ واريون
ڪوششون مساوي سودمند ثابت ٿيون، جڏهن مسلم دنيا جي
هيري ڪمال اتاترڪ پاڻ ئي خلافت کي ختم ڪيو.
مانٽيگيو چيلمسفورڊ جي 9 1 9 1 ع واري اصلاحن هندستان لاءِ
صوبائي خودمختياريءَ وارو اصول قائم ڪيو. حالانڪ
انهن اصلاحات ۾ هندستانين کي تمام گهٽ ذميواريون ۽
اختيار حاصل هئا، پر تنهن هوندي به انهن هندستان
لاءِ صوبائي خودمختياريءَ جي راهه هموار ڪئي.
حڪومتي طور طريقو جيڪو آئيني طرح قائم ٿيو ان کي
عام طرح ”دياروحي طريقو“ ڄاتو ويو، ڇاڪاڻ ته انهن
اصلاحن جو مکيه مقصد اختيارن جي ورهاست هئي. اها
ورهاست انگريزي نامزد ڪيل آفيسرن ۽ ديسي چونڊيل
نمائندن جي وچ ۾ هئي. اڳين کي قانون، حڪم ۽ ماليات
جا اختيار ۽ ديسين کي قومي تعمير جهڙوڪ تعليم ۽
عوامي ڪمن جهڙا اختيار مليا.
هندستاني سياستڪار جيڪي اصلاحن ۽ سڌارن کي آسٽريليا ۽ ڪيناڊا جي
اصلاحن جهڙو سمجهي رهيا هئا تمام گهڻا مايوس ٿيا ۽
ان کي هندستان ۾ اعتدالي سياست جو موت شمار ڪرڻ
لڳا.
اهو به ڏکيو هيو جو اسبابي رايا نئين قائم ٿيل حڪومت کان
رعايتون حاصل ڪرڻ واسطي اثرائتا ثابت ڪونه ٿي رهيا
هئا.
آپريشن جا به ٻه مختلف معيار هئا، هڪ گورن لاءِ ۽ ٻيو وري غير
گورن لاءِ. گانڌي ڏکڻ آفريڪا جي غير گورن جي حقن
واري جدوجهد کان تازو موٽيو هو. هن کي جنگ دوران
تعاون لاءِ چيو ويو هو ۽ واعدو ڪيو ويو ته ملڪي
رتبي ۽ مقامي قانون تحت جنگ بعد عمل ڪيو ويندو.
ڪانگريس ۽ مسلم ليگ 6 1 9 1 ع ۾ لکنو وارو سمجهوتو
ڪيو، جنهن جو مقصد ايندڙ سڌارن لاءِ راهه هموار
ڪرڻ هئي.
صلح وارو ماحول قائم ٿي ويو هو، پر سڌارا جيئن ته مايوس ڪن هئا،
ان ڪري سمجهوتو به غير موثر ٿي ويو. لڙائي دوران ۽
لڙائيءَ بعد به ڪانگريس پارٽي سڌارن کي رد ڪرڻ
وارن ۽ ان سان گڏ ڪم ڪرڻ وارن جي وچ ۾ وڇوٽي هئي.
گانڌي کي ڄاڻ هئي ته صرف عوام سان تعلق رکڻ ۽
انهن کي متحرڪ ڪرڻ ذريعي ئي نئين انگريز حڪومت کي
تڙي سگهجي ٿو، انهيءَ ڪري هن مسلمانن کي پنهنجو
ڪرڻ لاءِ جڳ مشهور خلافت تحريڪ کي پاڻ سان شامل
ڪيو. اهڙي عمل سان گانڌي پاڻ ته هر دلعزيز بڻجي
ويو، پر جيئن ته ٻنهي طبقن طرفان گڏيل مهم هلائي
ويئي، تڏهن به گهربل مقصد حاصل ٿي ڪونه ٿي سگهيا.
شاهي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪافي نه
هيو توڙي جو حڪومت واعدو ڪيو هو ته سڌارن جو جائزو
ڏهن سالن بعد ورتو ويندو.
گانڌيءَ جي انهيءَ عوامي تحريڪ جا ملڪي سياست تي تمام منفي اثر
پيا. مذهب جي سياست ۾ دخل مسئلن جي سچي سڃاڻ نه
ڪرڻ ڏني. گانڌي ۽ خلافتين جي زبان مذهبي هئي. جنهن
مستقبل ۾ سياست کي مذهبي ڪري سيڪيولرازم کي ڪمزور
ڪري ڇڏيو. رام راڄ، سدا راڄ، ونڌي ماترم جهڙا
ترانا ۽ ان سان گڏ دارالحرب ۽ دارالاسلام وارا
نظريا تمام حساس هئا. اهي لفظ ۽ نظريا ماڻهن جي
دماغ ۾ ويهي ويا ۽ مذهبي بنيادن تي سياست شروع ٿي
وئي. ان جي نتيجي ۾ 1920ع ۽ 0 3 9 1 ع واري ڏهاڪي
۾ مذهبي نفرت ۽ فساد شروع ٿي ويا، جن هڪ دفعو ته
ماڻهن ۾ سجاڳي آندي ته هو تعاون نه ڪرڻ وارن کي
ٺڪرائي ڇڏين. انهن تحريڪن جي ٽڪراءَ جو اثر مذهبي
فرقن ۽ لاڳاپن تي به برو پيو، جنهن جو عڪس پهريون
دفعو 0 2 9 1 ع ۾ عوام توڙي سياست تي وڏي پئماني
تي پيو. انهيءَ لڙائي کان پوءِ واري دور ۾ کهڙي
صاحب کي ذاتي معاملن ۽ جذباتي سياست خلافت تحريڪ
کان پري رکيو. پر هن ۾ گهڻا سياسي رجحان هئا. 2 2
9 1 ع ۾ کهڙو صاحب پنهنجي چاچي جي جاءِ تي ضلعي
ڪائونسل جي لوڪل بورڊ لاءِ چونڊيو ويو ۽ پاڻ مقامي
سياست ۾ ڀرپور حصو وٺڻ شروع ڪيائين. شروع کان ئي
هن پاڻ کي لوڪل بورڊ جو مضبوط ميمبر ثابت ڪيو.
علائقي جي مسئلن کي سلجهائڻ شروع ڪيائين، نا
انصافين کي ختم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ دستوري سرپرستي
وسيلي ڳجهي سياست کي ختم ڪيائين. ان وقت ۾ ضلعي
لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو صدر خان بهادر شاهنواز ڀٽو
هيو، جنهن جا انگريز آفيسرن سان ويجها لاڳاپا هئا،
جنهن ڪري آفيسرن جي دائري ۾ هن جو گهڻو اثر هيو.
ڀٽو صاحب سمجهدار ماڻهو هو جنهن کي آفيسري هلائڻ
جو ڍنگ هيو، ۽ علائقائي معاملن کي خوش اسلوبي سان
پئي هلايائين. گهڻن ئي سالن تائين هن لوڪل بورڊ جي
گڏجاڻين کي اهڙي طرح هلايو جو هر فيصلو سندس خواهش
مطابق ٿيندو هو. بورڊ جي گڏجاڻيءَ وقت هڪ آفيسر
اٿي بيهندو هو ۽ چوندو هو ”بورڊ جي منظوري لاءِ
صدر صاحب هي قدم کنيو آهي“ ۽ پوءِ فيصلو منظور ٿي
ويندو هو. آخر ۾ هڪ گڏجاڻيءَ دوران کهڙي صاحب
اعتراض ڪيو ته جيڪڏهن معاملن کي اڪلائڻ جو اهو
طريقو آهي ته پوءِ اهڙي گڏجاڻيءَ جو مقصد ڪوبه نه
آهي، سواءِ ميمبرن جي وقت ضايع ڪرڻ جي، ڀٽو صاحب
کي هن هوشيار ڪيو ۽ سوچيائين ته جيڪڏهن ائين ڪم
جاري رکيائين ته کيس ميمبرن کان خطرو رهندو ۽ سندس
حڪمراني ختم ٿي ويندي. هن کهڙي صاحب کي ملاقات جي
دعوت ڏني ۽ هڪ پيءُ وانگر هن کي سمجهايائين ته هن
کي نوجوانن وانگر اهڙي طرح احتجاج ڪرڻ نه گهرجي ۽
هن کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن کليل بحث ٿيو ته پوءِ
هو بورڊ تي ضابطو رکي نه سگهندو ۽ ٻيا به پنهنجو
آواز اٿارڻ جوڳا ٿيندا. تنهن ڪري جيڪڏهن کهڙي صاحب
کي اسڪالرشپون، نوڪريون يا ٻيا فائدا کپن ته هو
اچي، هن سان ملي. نوڪرين، اسڪالرشپن ۽ ٻين مراعتن
وقت هو هن سان مشورو ڪندو هو.
لوڪل بورڊ ۾ چونڊجڻ کان جلد پوءِ هو لاڙڪاڻي ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾
به نواب لاهوريءَ جي مدد سان چونڊجي ويو. کهڙي
صاحب نئين فرض لاءِ سخت محنت ڪئي. علائقي جي مسئلن
کي چڱي طرح سمجهائين، جنهن جو ثبوت انهن جوابن مان
ملي ٿو جيڪي هن حڪومت جي قانون ۽ آئين بابت پڇيل
سوالن جي جواب ۾ ڏنا. خاص طرح چوپائي مال جي
چوريءَ بابت جيڪا ان وقت سنڌ ۾ عام جام هئي. هن
پنهنجي جواب ۾ تفصيلي مسئلن جي ڄاڻ ڏني ۽ انهن جي
حل لاءِ تجويزون ڏنائين. کهڙي صاحب جو جواب قابل
ذڪر آهي ته صرف مسئلن کي سمجهڻ واري صلاحيت ڏيکارڻ
لاءِ نه بلڪ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي مسئلن ۽
ان جي نتيجن جي باري ۾ قانون کي اثرائتو بنائڻ
لاءِ به هن واضح ڪيو ته سنڌ جي جاگرافي به گهڻن
ڏوهن کي هٿي ڏني آهي. هن ٻڌايو ته چوپائي مال جا
فارم جيڪي سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ هرهڪ جي ملڪيت
آهن، اهي سندن آمدني ۽ گذاري جا سٺا ذريعا آهن.
صوبي جي اتر اولهه ۾ بلوچستان جون پهاڙيون آهن ۽
هن علائقي جا قبيلا بنا خوف جي ڳوٺاڻن جو مال
چورائين ٿا، ٻيو ته سنڌو درياءُ اتر کان ڏکڻ وهي
ٿو، جيڪو صوبي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو. پهاڙي قبيلا
مال بلوچستان آسانيءَ سان ڪاهي وڃن ٿا يا هڪ حصي
کان ٻئي حصي ڏانهن آڻين ٿا. مال جا چور رياست
خيرپور کي پنهنجي پناهه گاهه سمجهن ٿا، جيڪا
برطانيه انتظاميه جي سمجهه کان ٻاهر آهي. تنهن ڪري
چور پهاڙن، دريائي ڪچن ۽ ريگستان کي پنهنجي پناهه
گاهه سمجهن ٿا. اهي ئي اڄڪلهه هنن جا وسيلا آهن.
مال جي چوري هڪ وهنوار بڻيل آهي. چوريءَ جي مال جو
درياءَ پار باقاعدي واپار هلي ٿو يا پهاڙن ۾ به
هلي ٿو. سنڌ ۾ جنهن آسانيءَ سان اهو سڀ ڪجهه ٿي
رهيو آهي ان جو سبب اهو ئي آهي.
کهڙي صاحب واضح ڪيو ته موجوده انتظام ڪافي نه آهي،
پر اهڙي قسم جا اختيار عدالت ۽ انتظاميه کي جدا
هجڻ گهرجن. هن وڌيڪ اها تجويز ڏني ته: سول پروسيجر
ڪوڊ جو لاڳو ٿيڻ بيڪار آهي، اهو وڌيڪ سٺو ٿي سگهي
ٿو، جيڪڏهن اهو صحيح معنيٰ ۾ لاڳو ڪيو وڃي ها، پر
ان کي هميشه انتقام ۽ ذاتي بدلي لاءِ استعمال ڪيو
ويو آهي. هن حصي کي پوليس جي رشوت بيڪار بنائي
ڇڏيو. عدليه ۽ انتظاميه جي هڪ هئڻ جي ڪري فرد ۾
ٺڳيءَ جو وڏو رجحان پيدا ڪيو ويو آهي. هڪ بدمعاش
کي سزا ڏني وڃي جيتري تائين سندس خلاف شهادتون گڏ
ٿين، پوليس تحقيق ڪري يا خود مختيار عدليه جو
آفيسر مڪمل تحقيق ڪري ۽ حالات جو جائزو وٺي. پر
هيءَ معاملن جي نظرياتي رياست آهي. جيتري تائين
اها قائم ٿئي، منهنجي راءِ هي آهي ته هڪ جرڳي جو
طريقو متعارف ڪرايو وڃي. يعني قابل احترام
زميندارن جو هر تعلقي ۾ بورڊ ٺاهيو وڃي، جن تي
ماڻهن جو اعتماد يا ڀروسو هجي. سب ڊويزنل مئجسٽريٽ
انهيءَ جرڳي ڪاميٽيءَ جو چيئرمين هجي. اها ڪاميٽي
هر مهيني گڏجاڻي ڪري ۽ ان دوران ٿيندڙ ڏوهن تي بحث
ڪري. جنهن زميندار جي حد اندر چوريءَ جي واردات
ٿئي ته اهو معاملو جرڳي ڪاميٽيءَ اڳيان پيش ڪري.
اهڙو زميندار يا ته جوابدار پيش ڪري يا ڪاميٽيءَ
کي مڪمل ڄاڻ ڏئي، جيئن اختيار رکندڙ کيس ڳولي
سگهن. ڏوهارين کي پڪڙڻ ۾ پوليس کي ان بورڊ جي مدد
ڪرڻ گهرجي. جيڪو ماڻهو جرڳي ۾ ڏوهاري ثابت ٿئي،
تنهن کي ٽن سالن تائين سزا ڏئي سگهي. ضمانت
تيستائين نه کڻڻ گهرجي جيستائين ڪميٽي مطمئن نه
ٿئي ته ڏوهاري ڏوهه قبوليندي توبهه ڪئي آهي. سيڪشن
110 ۾ اهڙي طرح ترميم ڪجي جيئن اهو انهيءَ طريقي
موجب ٿي پوي.
کهڙو صاحب ڳوٺ جي رهواسين کي امن امان واري معاملي
۾ ملوث ڪرڻ جي اهميت کان خوب واقف هو ۽ مشورو
ڏنائين ته جرڳي ڪاميٽيءَ جي ميمبر چونڊڻ مهل
ڳوٺاڻن کان ضرور راءِ وٺڻ گهرجي. ڳوٺاڻي طبقي وٽ
ميمبرن خلاف ويٽو پاور هجڻ کپي ۽ اها ضمانت هجڻ
گهرجي ته صرف عوام جا خير خواهه ۽ ايماندار
زميندار ئي قانون ۽ حڪمرانيءَ جا اهل هوندا. هن
وڌيڪ رٿ ڏني ته هڪ ميمبر کي چند ڳوٺ ڏنا وڃن، جن
جا رهواسي ان کي چاهين. پوليس کي ان معاملن ۾ ڪي
به اختيار نه هجڻ گهرجن، نه ئي اهي ان ۾ ملوث ٿين.
پوليس جو ڪم صرف بدمعاشن کي پڪڙڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي،
جڏهن ڪاميٽي کين جن لاءِ چوي. کهڙو صاحب انتظاميه
جي ظالمانه رجحان ۽ رشوت خوري کان چڱي طرح سان
واقف هيو ۽ هن چاهيو ٿي ته عوام انهن جو احتساب
ڪري. هن اڳئين طريقي جي خرابين کي ظاهر ڪيو ۽ سندن
رٿن پٺيان جيڪي راز هئا، تن کان به آگاهه ڪيائين.
”ائين ضرور چيو ويندو ته اهڙن راين ۾ هم آهنگي نه
آهي. جيئن آءٌ اڳ ۾ چئي چڪو آهيان، ته عدليه ۽
انتظاميه کي باب 8 موجب جدا ڪيو وڃي. جڏهن ته وري
مون جرڳه ڪاميٽي جوڙڻ لاءِ چيو آهي، جيڪا ڪاميٽي
چوريءَ جي ڪيسن کي هلائيندي ۽ ڏوهارين کي سزا
ڏيندي. منهنجو مقصد هنن ٻن جزن کي جدا ڪرڻ وقت
بالڪل صاف آهي. تجربي ڏيکاريو آهي ته جيڪڏهن عدليه
۽ انتظاميه جا پاور هڪ شخص وٽ آهن ته حڪومتي سبب
جي ڪري انصاف جا تقاضا رد ٿي سگهن ٿا. پر جيڪڏهن
ڪميٽي تعلقي جي چونڊ زميندارن جي ٺهيل هوندي ته
اهي جاچ ڪرائي بحث ڪري هر هڪ شيءِ کي تڪي توري
پوءِ فيصلو ڪندا. ان کان پوءِ ئي انصاف جي تقاضا
پوري ٿي سگهندي. هن حالت ۾ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين سب
ڊويزنل مئجسٽريٽ هوندو ۽ ٻنهيءَ طرفن کان سمجهندو
۽ ان کي تڪڙ ۾ پنهنجي فيصلي مڙهڻ جو موقعو نه
ملندو.“
کهڙو صاحب وڌيڪ پوليس ڀرتي ڪرڻ جي خلاف هئو. ڇاڪاڻ
ته مٿيان آفيسر عوام سان رابطو قائم نه ڪري سگهن
ها ۽ ان ڪري هيٺيان آفيسر انهن کي غلط خبرون ڏئي
عوام کان بدگمان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ها.
پاٿاريدارن لاءِ هن جو اهو خيال هو ته انهن کي
قانون جي گرفت ۾ آڻڻ مشڪل نه آهي. سڀني پاٿاريدارن
کان لوڪل پوليس واقف آهي، پر پوليس ڄاڻي واڻي انهن
جي ڪرتوتن تي چشم پوشي ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تي اهي عام
طرح ڀڙوا آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح پوليس کي راضي
رکن ٿا.
کهڙي صاحب امن امان لاءِ جيڪي ڪجهه تجويز ڪيو سو
علائقي جي حالتن مطابق صحيح هو. هن تجزيو ڪيو ته
منهنجي خيال ۾ امن امان لاءِ ٻه رستا آهن: 1 -
ڏوهاري قبيلن جي لڏپلاڻ وارو قانون
Criminal tribes settlement Act)
) بنا
دير لاڳو ڪيو وڃي، ائين ڪرڻ سان گهڻائي پاٿاريدار قانون جي شڪنجي ۾
اچي ويندا. باقي رهيل پاٿاريدار جرڳه سسٽم ذريعي
پنهنجي انجام تي پهچي ويندا. اُهي جتي به پناهه
وٺڻ ويندا ته ان سسٽم جو شڪار ٿي ويندا. ان طريقي
سان انهن کي هر دفعي ٽن سالن جي سزا ڀوڳڻي پوندي.
جنهن ڪري هو پاڻ انهيءَ عادت کان بيزار ٿي ويندا.
”آءٌ ان جي سختيءَ سان تائيد ٿو ڪريان ته چوپايو
مال رجسٽر ڪيو وڃي. انهن کي نمبر هنيا وڃن ۽ اهو
ڪم لوڪل بورڊ کان معمولي في وٺي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن
اهو ڪم پوليس کي ڏنو ويو ته اهو اڳي کان به وڌيڪ
خراب ٿيندو.
جيئن ته لوڪل بورڊ عوامي ادارو آهي ۽ عوام ڏانهن جوابدار آهي.
چونڊيل صدر ۽ نائب صدر هن مقصد لاءِ چونڊيل عملي
جي نگراني ڪندو، جڏهن ته پوليس کي ٻيون ذميواريون
هونديون آهن، عام شڪايتن کي وزن نه ڏيندا. اهڙي
طرح ڪڌن ڪرتوتن ۽ رشوت کي ڪا اهميت نه ملندي.
آءٌ حڪومت جي نمائندن جي به چونڊڻ جي مخالفت ڪريان ٿو. ڇو ته
پوليس اهڙا ماڻهو چونڊائيندي جيڪي سندس هٿن ۾
کيڏندا. اهي انهن ڳوٺاڻن وسيلي ظلم ۽ رشوت کي زور
وٺرائيندا. مان سفارش ڪندس ته ڏوهه ڪندڙ قبيلن
وارو قانون سنڌ اندر جلد لاڳو ڪيو وڃي. چوپائي مال
جي رجسٽريشن ۽ جرڳي وارو طريقو لاڳو ڪيو وڃي. سنڌ
صوبي اندر انهيءَ برائيءَ کي ختم ڪرڻ جو اهو ئي
بهترين طريقو آهي. ڏوهاري قبيلن جي لڏپلاڻ واري
قانون
Criminal tibes settlement Act)
) تي
ڪائونسل اندر بحث ڪيو وڃي. ان لاءِ عوام کان راءِ
ورتي وڃي ۽ پوءِ سنڌ اندر لاڳو ڪيو وڃي. منهنجي
خيال ۾ اهڙا گهڻائي ذيلي قانون آهن جن تي بلاشڪ
اعتراض ٿيندا. انهيءَ ڪري قانون کي لاڳو ڪرڻ کان
پهريائين انهن ۾ ترميم ۽ اصلاح ٿيڻ گهرجي.“
کهڙي صاحب جي راءِ مان ظاهر آهي ته هو سماجي مسئلن
۽ انهن جي حل کان چڱي طرح واقف هو. هن مسئلي کي
سمجهڻ ۽ صحيح سوچ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. سندس اهي سڀ
خوبيون هيون جن هن جي شان ۽ مان ۾ واڌارو آندو ۽
برصغير توڙي صوبي اندر هن کي نمايان ڪيو. سندس
انهن خوبين ئي کيس اڳتي هلي صوبي سنڌ ۽ پوري
هندستان اندر هڪ نهايت قابل ۽ اعليٰ منتظم طور پيش
ڪيو.
3 2 9 1 ع جي آخر ۾ بمبئي جي قانون سازي لاءِ جڏهن
چونڊ ٿيڻ واري هئي، کهڙي صاحب جا ڪيترائي دوست
هئا، جن چاهيو ته هو چونڊ وڙهي. هنن محسوس ڪيو ته
سنڌ جو معاملو جهونن جي هٿن ۾ آهي، جن جي تربيت
انگريز حڪومت پنهنجن ضرورتن مطابق ڪئي آهي.
9 1 9 1 ع وارن سڌارن تائين مقامي چونڊيل نمائندا
وائسراءِ يا گورنر ۽ انگريز آفيسرن جي رحم ۽ ڪرم
تي هئا. سوچ يا عمل جي آزاديءَ لاءِ هي طريقيڪار
ڏکيو هو ۽ چاپلوسين لاءِ همت افزا هيو. اصل ۾
مقامي مسئلن تي چونڊيل ميمبرن توجهه ڪونه ڏنو جيڪي
صرف پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ۾ هئا. چونڊيل اسيمبلين جي
متعارف ٿيڻ ڪري وقت اچي ويو ته نوان، برجستا ۽
نئين سوچ رکندڙ ماڻهو اسيمبلين ۾ چونڊجي اچن. کهڙي
صاحب جو خاص حمايتي 3 2 9 1 ع واري چونڊ ۾ شيخ
محمد قادر خيرپور رياست جو وزير هو. شيخ محمد قادر
صاحب ان وقت جي غير معمولي شخصيت هئي، جنهن سنڌ جي
منتشر سياست ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو. دراصل هن پنهنجي
ڪيريئر جو آغاز گجرات جي سورت کان ريونيو جي ڪلارڪ
جي حيثيت سان ڪيو، پوءِ مترجم کان وڌي ڊپٽي ڪليڪٽر
جي عهدي تي پهتو. جيڪو ان وقت هڪ ديسي ماڻهوءَ
لاءِ وڏي ۾ وڏو عهدو هيو. ويهين صدي جي آغاز ۾ هن
کي وزير، مکيه سول ملازم ۽ انگريز سرڪار طرفان سنڌ
۾ مشير مقرر ڪيو ويو. هي عهدو هڪ تمام وڏي اثر
رسوخ وارو عهدو هو. خاص ڪري اتر سنڌ ۾ هن علائقي ۾
هي وڏي ۾ وڏو مسلمان آفيسر هئو ۽ زميندارن ۽
آفيسرن ۾ وڏي پهچ رکندڙ هو. شيخ محمد قادر سنڌ جي
مسلمانن جي بهبودي خاطر تمام گهڻي دلچسپي وٺندو
هو. هي مسلم زميندارن جي ٻارن کي تعليم يافته ڏسڻ
چاهيندو هو ۽ مسلم طبقي لاءِ سياسي بيداري ٿي
چاهيائين ته جيئن اهي هندو ۽ انگريز جي برابر طاقت
حاصل ڪن. هو قابل ۽ مدبر هو جنهن پنهنجي قابليت ۽
عدالتي مشق ذريعي سوسائٽيءَ ۽ سنڌ جي سياست اندر
اهم مقام حاصل ڪيو ۽ سنڌ جي مسلمانن کي نمائندگي ۽
آواز ڏيڻ لاءِ هن پئسا جمع ڪري هڪ سنڌي اخبار ”سنڌ
زميندار“ سکر مان جاري ڪرائي. جنهن لاءِ مکيه رقم
فراهم ڪندڙ کهڙو صاحب هو ۽ هڪ نوجوان هجڻ جي ڪري
مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿيو. ”سنڌ زميندار“ مسلمانن جي
نمائندگي ايندڙ پنجويهه ورهين لاءِ سهڻي نموني ڪئي
۽ انهن کي بيدار ڪيو، جنهن جي انهن کي ضرورت هئي.
ان وقت جي پريس برطانيه جي غلط پاليسين جي مذمت
شروع ڪئي. قادر شيخ هڪ پبلڪ اسڪول لاءِ پڻ فنڊ گڏ
ڪيو، جتي مسلم زميندارن جا ٻار پڙهن ها. مگر 5 2 9
1 ع ۾ هن جي خيرپور مان بدلي ٿيڻ سبب رٿابندي عمل
۾ ڪونه آئي ۽ هن بعد مسلمان آفيسرن ان جوڙيل
رٿابنديءَ کي وري آڻڻ ۾ دلچسپي نه ورتي. کهڙو صاحب
۽ ان جي ساٿين پوءِ اها رقم هڪ هاسٽل ٺهرائڻ تي
خرچ ڪئي، جيڪا اها سنڌ جي ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ
شاگردن لاءِ ٺاهي وئي. جيڪا ڪيترن ئي نسلن تائين ۽
ورهاڱي کان پوءِ استعمال هيٺ رهي. هن هاسٽل جو
نالو ان وقت جي بمبئي پريزيڊنسي جي گورنر جي نالي
پٺيان ليزلي ولسن هاسٽل رکيو ويو. ورهاڱي بعد هن
جو نالو جناح ڪورٽس رکيو ويو، جيڪا نئين گورنر
هائوس سامهون واقع آهي. جيڪا ڪراچي جو مشهور نشان
آهي.
کهڙي صاحب جا تعلقات جناب شيخ سان ان وقت شروع ٿيا
جڏهن هن 1 2 9 1 ع ۾ عوامي ڪم شروع ڪيا. کهڙي
خاندان جي زمين لاڙڪاڻي کان درياءَ جي ٻنهي طرفن
سان تمام گهڻي هئي. انهيءَ ڪري کيس خيرپور رياست
جي زميندار جي حيثيت به هئي. ان وقت رياست خيرپور
جو حڪمران مير علي نواز ٽالپر هيو، جيڪو پورالو ۽
مختلف شخصيت جو مالڪ هو، جنهن جون شاهه خرچيون
خيرپور جي تاريخ ۾ مشهور هيون. ٻين راجائن وانگر
سندس مشغلا شڪار ڪرڻ، موسيقي ۽ ٻيون رنگ رليون
هيون. لاهور جي هيرا منڊي جي مشهور رقاصه بالي سان
هن جا تعلقات خيرپور جي تاريخ جو حصو هئا. مير علي
نواز جي اهڙين خوشين جي اطمينان لاءِ هن کي هر وقت
وڌيڪ رقم جي ضرورت هئي. انهيءَ ڪري هو چاهيندو هو
ته ڍل اڳواٽ ادا ڪيو وڃي يا معمول کان وڌيڪ وصول
ڪيو وڃي. محمد ايوب کهڙو صاحب هن جي ضرورتن پورين
ڪرڻ وارو نه هو. هن معمول کان وڌيڪ يا اڳواٽ ڍل
ڏيڻ کان انڪار ڪيو. اهو ئي سبب هيو جو هن مير جي
ڪاوڙ سٺي ۽ ٻنهي ۾ جدائي ٿي وئي. شيخ محمد قادر
محسوس ڪيو ته مير صاحب کهڙي صاحب جي برخلاف ٿيندو،
جيڪو ايندڙ وقت ۾ روشن سياست چاهي ٿو. انهيءَ ڪري
هن مداخلت ڪئي ۽ کهڙي صاحب کي عرض ڪيو ته هو هڪ
وڏي مانيءَ جي دعوت ۽ موسيقيءَ جي پروگرام ۾ مير
صاحب کي مَدعو ڪري ۽ هن کي مڃائي ته هو خيرپور جي
زميندارن کان وڌيڪ ڍل نه وٺندو.
--------
کهڙي صاحب هڪ محفل جو اهتمام ڪيو ۽ جنهن ۾ بهترين
موسيقار ۽ ڳائيندڙ شريڪ ٿيا. شاعر به شريڪ ٿيا، جن
مير صاحب جي مان ۾ شعر پڙهيا. چانديءَ جي روپين
سان ڀريل خونچا رکيا ويا جن مان مير صاحب پنهنجي
پسنديده اداڪارائن کي پئي نوازيو. مير صاحب کي
وندرائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وئي. هن سرچاءَ کان
پوءِ کهڙي صاحب ۽ مير صاحب جا تعلقات قائم ٿيا
جيڪي شيخ صاحب جي روانگيءَ کان پوءِ به هليا ۽
انهن تي ڪوبه اثر نه ٿيو. ايتري قدر جو بعد ۾ مير
صاحب جڏهن به پنهنجن دوستن يا انگريز ڪمشنرن يا
گورنرن يا ٻين ڪن آفيسرن جي لاءِ دعوتون ۽ مجلسون
منعقد ڪيون ته انهن ۾ کهڙو صاحب ضرور مدعو ڪيو
ويندو هئو. شيخ قادر جي حمايت کهڙي صاحب جي
شروعاتي سياسي زندگيءَ لاءِ هڪ ناياب تحفو ثابت
ٿي. هن سنڌ توڙي پوري هندستان ۾ کهڙي صاحب جي
سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۾ شموليت کي همٿايو. 3 2 -2
2 9 1 ع ۾ مسلم تعليمي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ منعقد
ٿي. هن ڪانفرنس ۾ بمبئي پريزيڊنسي جي مکيه مسلمانن
شرڪت ڪئي، جنهن جو مقصد مسلمانن جي تعليمي ترقي
هئي. هن حيدرآباد واري جلسي ۾ بمبئي جو گورنر
ليزلي ولسن مهمان خاص هو ۽ ٻيون جڳ مشهور شخصيتون
جهڙوڪ سر راس مسعود جيڪو سر سيد احمد خان جو پوٽو
هيو، سر ڪريم ڀائي جيڪو ڪاروباري ۽ محبوب ماڻهو
هيو ۽ سر ابراهيم رحمت الله موجود هئا. کهڙو ۽
قادر صاحب انهن ماڻهن سان مليا جن سان سندن قريبي
لاڳاپا هئا. جيئن ته بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جا
ميمبر وغيره. هن سر ليزلي ولسن کي هڪ محب وطن ۽
همدر ڄاتو جيڪو سنڌ جي ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ
آيو هو. حيدرآباد جي دوري وقت کهڙي صاحب کي
پهريون دفعو سنڌ جي قومي سياستڪار سر غلام محمد
ڀرڳڙي سان ملڻ جو موقعو مليو، جيڪو مسلم ليگ توڙي
آل انڊيا ڪانگريس جو مکيه اڳواڻ هيو. هو بمبئي
ڪائونسل جو ميمبر هيو ۽ برطانوي راڄ جو خاص مخالف
هيو. هو آفيسرن جي غير ذميواري ۽ ارهه زورائي کان
چڱي طرح واقف هيو. هو انهن جي اختيارن کي گهٽائڻ ۽
سندن نا معقول مطالبن خلاف تحريڪ هلائي رهيو هو.
هن 3 2 9 1 ع ۾ مسلم ليگ جي سالياني اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ پوءِ
جلدي 5 4 سالن جي عمر ۾ فوت ٿيو. ڀرڳڙي صاحب جي
دوستن جو دائرو وسيع هيو. هن سياسي طرح سڄي صوبي
جي دوستن ۽ پوئلڳن سان رابطو رکيو. هر ڪائونسل جي
اجلاس بعد هو سنڌ جي زميندارن کي ان اجلاس جي
فيصلن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ خط لکندو هو. هن جي
دوستن ۽ لاڳاپي وارن ۾ کهڙي صاحب جو چاچو جان محمد
به هيو. انهيءَ ڪري ڀرڳڙي صاحب جان محمد جي خواهش
۽ اميد کان واقف هيو.
هڪ شام جو جڏهن کهڙو صاحب تلڪ چاڙهي حيدرآباد وٽ گهمي رهيو هو
ته رئيس غلام محمد پنهنجي وڪٽوريا گاڏيءَ سان اتان
لنگهندي، کهڙي صاحب کي ڏٺو ۽ گاڏي روڪيائين. هن
کهڙي صاحب کي سڏيو ۽ پڇيو ته تون محمد ايوب ولد
شاهه محمد کهڙو آهين؟ جڏهن کهڙي هائوڪار ڪئي ته
کهڙي کي ان گاڏي ۾ ويهڻ لاءِ چيائين ۽ کيس گهر وٺي
ويو. اتي هنن آئنده لائحه عمل بابت ڳالهيون ڪيون ۽
هن کان تعليم بابت پڇا ڪيائين ۽ سندس آئنده جي
سياسي پروگرامن جي پٺ ڀرائي ڪئي. اهو ئي موقعو هو
جڏهن هو رئيس ڀرڳڙيءَ سان مليو، جنهن ٿوري عمر
هوندي به سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ وڏو نانءُ پيدا
ڪيو.
جيمس فورڊ جي اصلاحات تحت بمبئي جي ليجسليٽو اسيمبليءَ جي ٻيءَ
چونڊ 3 2 9 1 ع جي آخر ۾ ٿيڻي هئي. انهن سڌارن
هندستان ۾ ذميوار حڪومت کي متعارف ڪرايو، جنهن جي
معنيٰ صوبائي خودمختياري ڏيڻ هيو. صوبائي ليول تي
هڪ اڪثريتي چونڊيل قانون ساز اسيمبلي 0 2 سيڪڙو
نامزد ميمبرن تي مشتمل جوڙي وئي. گورنر صوبي يا
پريزيڊنسي جو منتظم هيو. سندس مدد لاءِ هڪ ڪابينا
هئي جنهن ۾ ڪجهه خاص صلاح ڪار جيڪي گهڻو ڪري
انگريز هوندا هئا ۽ ڪي ٻيا چونڊيل نمائندا به
هوندا هئا. صلاحڪارن جي هٿ ۾ نظم و نسق ۽ مالياتي
ادارا هوندا هئا ۽ وزيرن وٽ باقي قلمدان هوندا
هئا، جن ۾ صحت، تعليم ۽ پبلڪ ورڪ شامل هئا.
ان وقت سنڌ جڏهن بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو هئي تڏهن هن بمبئي
قانون ساز اسيمبليءَ ۾ 9 1 ميمبر موڪليا. جن مان
5 1 مسلمان هئا، ٽي هندو ۽ هڪ يورپين هيو. سنڌ
اندر لاڙڪاڻو وڏي ۾ وڏو ضلعو هيو، جنهن بمبئي لاءِ
ٽي ميمبر موڪليا، سکر، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ٻه
ٻه ميمبر موڪليا. دادو، ٺٽو، جيڪب آباد ۽ نوابشاهه
مان هرهڪ هڪ ميمبر موڪليو، ڪراچيءَ ٻه مسلمان، هڪ
انڊيا جي واپاري چيمبر مان ۽ هڪ يورپي واپاري
چيمبر مان. ٻه هندو چونڊيل هئا. هڪ اتر سنڌ مان ۽
هڪ اولهه سنڌ مان. ووٽ ڏيندڙ صرف ٽيڪس ڏيندڙ هوندا
هئا. 1923ع جي آخر تائين کهڙي صاحب متاثر ڪندڙ
ڪاميابيون ماڻيون. هن عوامي زندگيءَ جا صرف ٻه سال
گذاريا هئا پر هو صرف ضلعي ڪائونسل جو هڪ سرڪرده
ميمبر هو. بلڪ لاڙڪاڻي ميونسپل جو به ميمبر ۽ اتر
سنڌ جي زميندارن جي نمائنده اخبار جو مئنيجنگ
ڊائريڪٽر پڻ هيو.سنڌ جي هارين کي قرضن ۾ دٻيل ڏسي
هن هڪ هارين جي مدد لاءِ تحريڪ شروع ڪئي ته جيئن
انهن کي قرضن جي تباهيءَ کان بچائجي. هن ننڍن وڏن
زميندارن ۽ کاتيدارن کي منظم ڪيو. هو زرعي ترقياتي
ايسوسيئيشن جو چيئرمين ۽ ضلعي ڪوآپريٽو بئنڪ جو
مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿيو. هو لاڙڪاڻي ضلعي جي محمدن
ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري پڻ هيو. کهڙي صاحب کي
شيخ محمد قادر ۽ ٻين صلاح ڏني ته هو مقابلو ڪري
ڇاڪاڻ ته هن جي کٽڻ جا امڪان هئا ۽ اهو سنڌ جي
خوشامدي سياست جي خاتمي لاءِ ضروري هيو. ٻيا
اميدوار جيڪي ضلعي لاڙڪاڻي مان مقابلو ڪري رهيا
هئا. انهن ۾ نواب امير علي لاهوري، پير حامد شاهه،
خان بهادر شاهنواز ڀٽو، خان بهادر غلام محمد اسراڻ
۽ خان صاحب ڪريم بخش جتوئي هو، جيڪي سڀئي کهڙي
صاحب کان عمر ۾ وڏا هئا. انهن مان ڪي 0 2 9 1 ع
وارين چونڊن ۾ ڪامياب ٿيا هئا، جن ۾ سر شاهنواز
ڀٽو ۽ اسراڻ کان علاوه خان بهادر ڪريم بخش جو وڏو
ڀاءُ خان بهادر ڌڻي بخش به هو. نومبر 3 2 9 1 ع ۾
چونڊون ٿيڻيون هيون جڏهن کهڙي صاحب پنهنجي اميدوار
طور بيهڻ جو اظهار ڪيو ته انهن ميمبرن ۾ ٽاڪوڙو
پئجي ويو. کهڙو صاحب روئداد هن طرح پيش ڪري ٿو:
”دراصل مون کي چونڊ ۾ مقابلي جي خواهش نه هئي، آءٌ
2 2 سالن جي عمر ۾ ميمبر ٿيڻ جي لائق نه هيس.
اٽڪل جون يا جولاءِ 1923ع ۾ چونڊ لاءِ ٻين
اميدوارن جي تياري هئي. جڏهن ته بمبئي ليجسليٽو
ڪائونسل لاءِ چونڊ 8 1 نومبر 3 2 9 1 ع تي ٿيڻي
هئي. لاڙڪاڻو ضلعو 1 1 تعلقن تي مشتمل هيو،
رتوديرو کان سواءِ سيوهڻ تائين ۽ دادو ضلعو پڻ سڄو
هن ۾ شامل هئو، سواءِ ڪوٽڙي تعلقي جي. هن ۾ جملي
ٽي نشستون هيون هر هڪ کي ٽي ووٽ هئا ۽ هڪ يا ٻه يا
ٽن کي ڏيڻا هئا. چونڊون هر ٽئين سال ٿيڻيون هيون.
پهريون چونڊون چيمسفورڊ جي سڌارن تحت 0 2 9 1 ع ۾
ٿيون ۽ ٽي ميمبر لاڙڪاڻي مان موڪليا ويا هئا: سر
شاهنواز ڀٽو، ڪريم بخش ۽ ڌڻي بخش جتوئي، ميمبر
دادو ايراضي مان ۽ قمبر تعلقي مان ڪي بي غلام محمد
اسراڻ، ان وقت جي وڏن طاقتور ۽ اثر رسوخ وارن
زميندارن ۾ ڀٽو، جتوئي، اسراڻ ۽ ٻين وڏن زميندارن
۽ نوابن جي مدد سان لاڙڪاڻي مدرسي ۾ ميٽنگ گهرائي
جنهن ۾ انهن ميمبرن مان شاهنواز ڀٽو ڪجهه انگريزي
پڙهيل هيو. جڏهن ته باقي ٻه ميمبر پڙهيل ڪونه هئا،
پر سنڌيءَ ۾ لکي پڙهي سگهندا هئا، ان ميٽنگ ۾ سڀ
ننڍا وڏا زميندار شامل هئا. منتظمين جي ظاهري ۽
يڪراءِ خواهش هيءَ هئي ته شامل ميمبرن لاءِ رستو
هموار ڪيو وڃي. هر هڪ هن ميٽنگ جو مقصد سمجهي ٿي
سگهيو. مون کي ضلعي جي با اثر زميندارن وسيلي قائل
ڪيو ويو ۽ ڪجهه دوست آفيسر جهڙوڪ خيرپور رياست جو
چيف وزير شيخ محمد قادر ۽ مرحوم شيخ غلام محمد
جيڪو منهنجي مرحوم والد جو دوست هيو ۽ تازو
لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي نوڪريءَ تان لٿو هو.
انهن جي مشورن جو خاص مقصد چونڊ ۾ بيهڻ لاءِ هيو ۽
سندن خواهش هئي ته لاڙڪاڻي مان قانون ساز ڪاميٽيءَ
جو ميمبر پڙهيل نوجوان هجي جيڪو سندن حقن لاءِ
وڙهي، هتي زراعت جي شعبي ۾ خدمت سرانجام ڏئي ۽
مسلمان ملازمن لاءِ به ڪم ڪري جيڪي اڳيئي ڇڙوڇڙ
هئا.
زميندار خاص طرح شاهنواز ڀٽو مان خوش نه هئا، جنهن کي هو هٺيلو
۽ مغرور سمجهندا هئا. هو سمجهندا هئا ته، هو اسان
سان ملي به ڪونه ٿو، اسان کي ٻڌي به ڪونه ٿو ۽
اسان جا مسئلا انگريز حڪومت کان حل ڪونه ڪرائيندو.
ڪي بي ڀٽو حڪومت جي پٺڀرائيءَ سبب وڏو اثر رسوخ
وارو هيو. هو لوڪل بورڊ جو چونڊيل صدر هيو، جيڪا
جاءِ هڪ انگريز ڪليڪٽر هن لاءِ خالي ڪئي هئي ۽ هو
اعزازي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ به هيو. هو مسلمانن جي
ميمبر گروپ جو رهنما پڻ هيو. خاص طرح انهيءَ ڪري
ته هو ڀرڳڙي صاحب کان سواءِ اڪيلو شخص هيو، جنهن
کي انگريزيءَ جي ڄاڻ هئي. ڀرڳڙي صاحب قوم پرست ۽
برطانيه خلاف ڪانگريس جو ميمبر هيو. زميندار ان جي
پيروي نه ڪندا هئا، جنهن کي هو نقصانڪار سمجهندا
هئا. جڏهن مدرسي ۾ ميٽنگ منعقد ٿي، منهنجا ڪجهه
دوست ان ۾ شامل ٿيا. جن ۾ وڏيرو خان محمد جوڻيجو
صاحب، شڪارپور جو زميندار سيد نور محمد شاهه، رتي
ديري جو وڏيرو غلام قادر دايو شامل هئا. انهن مان
ڪجهه زميندارن جهڙوڪ ڪي بي امير علي لاهوري ۽ نواب
غيبي خان چانڊيي پنهنجي راءِ ڏيکاري ته ساڳيائي
ميمبر رهن. ان هوندي به لاهوري پاڻ مقابلو ڪيو.
منهنجو نالو منهنجن دوستن اهو چئي پيش ڪيو ته هڪ
سيٽ هن قابل نوجوان کي ڏيڻ گهرجي. اها تجويز انهن
لاءِ قابل قبول نه هئي، جيڪي بيٺل ميمبرن کي بنا
مقابلي ڪامياب ڪرائڻ آيا هئا. جڏهن کين اها خبر
پئي ته مان مقابلو ڪرڻ لاءِ سنجيده آهيان، مون کي
نااهل ڪرائڻ لاءِ منهنجي عمر تي اعتراض ڪيو ويو.“
لڪ چوريءَ شاهنواز ڀٽو صاحب پنهنجن دوستن جي مدد سان کهڙي صاحب
جي ڪاغذات رد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. کيس کهڙي صاحب جي
لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ ۽ ميونسپالٽيءَ جي ميمبر طور
سندس رڪارڊ جي خبر هئي ۽ محسوس ڪيائين ته
فرمانبرداريءَ جي طريقي کي هو خراب ڪندو ۽ اڳين
حڪومت جي ٽولي کي به خراب ڪندو، جنهن کي سنڌ جي
ميمبرن ٺاهيو هو. هن کي ڪافي هوشيار سمجهيو ويو ته
کهڙي جهڙو تعليم يافته نوجوان نه صرف لاڙڪاڻي جي
سطح تي بلڪ صوبي جي سطح تي به حريف ثابت ٿي سگهيو
ٿي. انهيءَ ڪري بهتر ٿيندو ته مستقبل جي انهيءَ
برائيءَ کي هاڻي ئي ختم ڪجي. انهيءَ ڪري هن پنهنجي
دوستن جي همت افزائي ڪئي ته هو کهڙي جي نامزدگي تي
عمر جي بنياد تي اعتراض ڪن. قانون ساز ڪائونسل جي
ميمبرن لاءِ 3 2 سالن جي عمر مقرر هئي. جڏهن ته
کهڙو هڪ سال ننڍو هو. سکر واري برطانوي سول سرجن
سرٽيفڪيٽ ڏنو ته گهربل عمر جو لڳي ٿو. لاڙڪاڻي جي
انگريز ڪليڪٽر جي بي ارون هن کي قبول ڪيو، جنهن جي
غير جانبداري ۾ ڪوبه شڪ نه هيو. اهڙي طرح کهڙي
خلاف اعتراض خارج ٿي ويا ۽ هو اليڪشن جي مقابلي
لاءِ آزاد هيو. ڪائونسل لاءِ 3 2 9 1 ع واري چونڊ
شريفانه معاملو هو. ووٽ جو حق انهن تائين محدود
هئو جيڪي ٽيڪس ادا ڪندا هئا. ووٽ ڪندڙن جي اڪثريت
زميندارن جي اثر هيٺ هئي. ووٽ جي عمل کي اثر رسوخ
۽ دوستيءَ پنهنجي ڄار ۾ قابو ڪيل هو. اميدوارن ۽
انهن جي دوستن کي قبيلن جي وڏن وٽ وڃڻو پوندو هو ۽
انهن کان جيڪي به دوستي يا تعلقات جي بنيادن تي
ووٽ وٺڻ ايندا هئا ته انهن لاءِ ووٽ هوندا هئا.
جيڪي کين اول چوندا هئا يا پهرين ست ستاءُ ڪندا
هئا. هڪ دفعو واعدو ٿيندو هئو ته ان تي سختيءَ سان
عمل ٿيندو هئو ۽ ڦري وڃڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه
ٿيندو هو. ووٽرن کي پولنگ اسٽيشن تي آڻڻ جي
ذميواري زميندارن تي هئي ۽ مواصلات ۽ کاڌي جو خرچ
به انهن کي برداشت ڪرڻو پوندو هو. اهو معاملو به
اعزاز ۽ فضيلت وارو هيو، ته اميدوارن تي ووٽرن آڻڻ
۽ انهن جي کاڌي خوراڪ جو ڏچو نه هجي، جيڪڏهن ان کي
پڪ ڏياري ويندي هئي ته ووٽ هن جا هوندا ته پوءِ
هو آرام ڪندو هو. اهي ووٽ هن کي پيٽيءَ ۾ ئي ملندا
هئا.
کهڙي ڄاتو ته هن جي نامزدگي ضلع اندر مقبول آهي،
کيس پٺڀرائي جو واعدو ڪيل هو. هر انهيءَ ماڻهو
واعدو ڪيو جنهن وٽ هو پهتو. خانداني دوستن مان
ڪجهه ۽ اڪثر زميندار ضلع مان شامل ٿيندڙ اميدوارن
کان بدظن هئا. 0 2 9 1 ع واري اسيمبليءَ جا اڪثر
ميمبر صرف سنڌي ڄاڻيندڙ هئا. انهن جي تعليمي ڄاڻ
ايتري نه هئي جو هو اسيمبليءَ ۾ مسئلا کڻي سگهن.
انهن جو خاص مقصد رڳو اميرن جي خوشامد ڪرڻ ۽ انهن
کي شڪار ۽ دعوت کارائي راضي رکڻ هو. لاڙڪاڻي جي
سڀني ميمبرن مان شاهنواز ڀٽو سينيئر هو پر اهو عام
طرح محسوس ڪيو ويو ته هنن جو دارومدار آفيسرن جي
پٺڀرائي تي هيو. هو هٺيلو هو، جيئن ان وقت جي ڪنهن
ماڻهوءَ جي چوڻ مطابق سندس گهر جا دروازا شام جو
عوام لاءِ بند هوندا هئا. ۽ صرف امير ئي سندس
ضيافت ۾ شريڪ ٿي سگهندا هئا.
سر شاهنواز ڀٽو ۽ سر غلام حسين هدايت الله برطانوي آفيسرن جا
بااعتماد ماڻهو هئا پر لاڙڪاڻي جي ووٽرن چاهيو ٿي
ته سندن طرفان سندن منتخب ميمبر وڌيڪ سرڪرده هجي،
تنهن ڪري سر شاهنواز ڀٽو پنهنجي مشڪلات کي سمجهي
ويو ۽ هڪ ويجهي دوست غلام محمد اسراڻ کي پنهنجي حق
۾ دستبردار ڪرايو. چونڊون ٿيون جنهن ۾ لاڙڪاڻي مان
ڪامياب اميدوار سر شاهنواز ڀٽو، خان صاحب ڪريم بخش
جتوئي ۽ محمد ايوب کهڙو هئا.
اليڪشن کان پوءِ سر شاهنواز ڀٽي محسوس ڪيو ته ان وقت حالات اهڙي
شڪل اختيار ڪري چڪا آهن جو کهڙي سان صلح صفائي
ضروري ٿي پئي آهي. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي هو
هڪ صبح جو کهڙي صاحب وٽ هلي آيو ۽ اچي کيس چيائين
ته اسراڻ سندس اليڪشن خلاف پٽيشن داخل ڪرڻ چاهي
پيو ۽ ان کي ان عمل کان روڪڻ لاءِ هن وٽ هلي وڃڻ
ضروري ٿي پيو آهي. کهڙي صاحب محسوس ڪيو ته اسراڻ
سر شاهنواز جي چوڻ کان سواءِ ائين نه پئي ڪري
سگهيو ۽ سندن اهو حربو سمجهندي هو سر شاهنواز سان
گڏ اسراڻ وٽ ويو جنهن پوءِ پٽيشن داخل ڪرڻ وارو
خيال ڇڏي ڏنو. چونڊن کان پوءِ سر شاهنواز بيمار ٿي
پيو ۽ 4 2 -3 2 9 1ع جي سياري جي موسم جا ڪجهه
مهينا ڪراچيءَ ۾ گذاريائين. هن جي رهائش ڪلفٽن جي
ڪوٺاري پريڊ ڀرسان حاجي ڏوسل جي بنگلي ۾ هئي. جتي
هن جي واقفيت سندس مستقبل ۾ ٿيندڙ زال لکي ٻائيءَ
سان ٿي، جيڪا سندس ننڍي پٽ ذوالفقار جي ماءُ ٿي.
لکي ٻائي ۽ رڪي ٻائي ٻه ڀينرون جيڪي پيشور طوائفون هيون، سي اصل
راجستان جي مارواڙ مان آيل هيون. سنڌ جون مقبول ۽
مشهور طوائفون گهڻيون تڻيون ماڙيچاڙيون هونديون
هيون ۽ اڪثر انهن مان وڏن وڏن ماڻهن وٽ سريتيون
هونديون هيون. جو سنڌ جي نامياري حڪمران غلام شاهه
ڪلهوڙي جي سريت به هڪ ماڙيچاڻي هئي. سر شاهنواز کي
اڪيلائيءَ ۾ ڪيترائي مهينا سمنڊ ڪناري رهڻو هو ۽
کيس وندر جي سخت ضرورت هئي ۽ اهڙي وندر صرف نوجوان
۽ خوبصورت لکي ٻائي مهيا ڪري ٿي سگهي. جنهن سان سر
شاهنواز جو پيار ٿي ويو هو ۽ هِن ان سان شاديءَ جو
فيصلو ڪيو.
اپريل 4 2 9 1 ع ۾ بمبئي ڪائونسل جي واپسيءَ کان پوءِ کهڙو
صاحب ڪجهه وقت ڪراچيءَ جي ڪارلٽن هوٽل ۾ ترسيو،
جيڪا ان وقت جي بهترين هوٽل هوندي هئي. هو وقتا
فوقتا سر شاهنواز جي مزاج پرسيءَ لاءِ وٽس ويندو
رهيو. هڪ ڏينهن سر شاهنواز به پنهنجي دوست جي گهر
کي ڇڏي ڪارلٽن هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ منتقل ٿي آيو ۽
کهڙي صاحب کي چيائين ته ٻئي ڏينهن سندس لاءِ ڪوئٽه
ميل ۾ هڪ گاڏو پنهنجي نالي ۾ رِزروَ ڪرائي ڏئي.
جيڪو سندس چوڻ مطابق ڪيو ويو. ان ڏينهن شام جو سر
شاهنواز، کهڙي صاحب کي ساڻ ڪري هڪ وڪٽوريه گاڏيءَ
۾ نيپيئر روڊ طرف روانو ٿيو جتي پهچي کيس گاڏيءَ ۾
ويهي سندس انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ سنهي گهٽيءَ
۾ هليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ هڪ ڪاري برقعي ۾
عورت ساڻس گڏ ايندي نظر آئي. جنهن کي ڪڇ ۾ هڪ
ڇوڪري به هئي. اها لکي ٻائي هئي، جا پوءِ مسلمان
ٿي ليڊي ڀٽو (خورشيد بيگم) جي نالي سان مشهور ٿي.
سر شاهنواز ان کي ساڻ ڪري ان ئي ڏينهن ڪوئٽه روانو
ٿي ويو جتي هو خان قلات جي ڀاءُ جو مهمان ٿيو ۽
اتي ئي لکي ٻائيءَ سان نڪاح ڪيائين. شاديءَ کان
پوءِ هي جوڙو جڏهن لاڙڪاڻي واپس آيو ته ڪجهه عرصو
امپائر روڊ واري کهڙي صاحب جي بنگلي ۾ سندس مهمان
ٿي رهيا. اهو اوستائين جيستائين سر شاهنواز پنهنجو
بندوبست ڪيو. ليڊي ڀٽو (خورشيد بيگم) تمام گهڻي
دلچسپ ۽ دوست نواز شخصيت جي مالڪ هئي. سر شاهنواز
ڀٽي جي باقي زندگي هن سان ئي گڏ گذري. هن جا کهڙي
صاحب وارن سان سياسي مخالفتن جي باوجود به تمام
سٺا تعلقات قائم رهيا. سر شاهنواز جي وفات کان
پوءِ هوءَ بيگم کهڙو جي صحبت مان دلجوئي حاصل ڪندي
رهي.
بمبئي جي قانون ساز ڪائونسل جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کهڙي
صاحب شرڪت ڪئي، جنهن مان کيس تمام گهڻو تجربو حاصل
ٿيو ۽ سندس لاءِ اهي تجربا نهايت اطمينان بخش
رهيا. صوبي کان ٻاهر سندس لاءِ دنيا تمام وسيع
ثابت ٿي. هن پنهنجي فطري صلاحيتن، خود اعتمادي ۽
دور انديشيءَ سان سياست ڪئي ۽ پنهنجي مقصدن کي
حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ ۾ قانون سازيءَ جي ڪم ۾
مشغول رهيو. |