سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: محمد ايوب کهڙو

باب-15

صفحو : 16

ان بيان ۾ ان ٽي سطحي حل جي آڇ ڪئي ويئي، جيڪو مشن پهريائين پيش ڪري چڪي هئي. مشن رٿ پيش ڪئي ته صوبائي قانون ساز ادارن جا ميمبر پاڻ مان هڪ اهڙي قانون ساز اسيمبلي چونڊين جيڪا آزاديءَ جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل تيار ڪري. اها اسيمبلي ٽن حصن ۾ ورهايل هجي ۽ انهن ٽنهي طبقن جي نمائندگي ڪندڙ هجي، جن جو مشن ذڪر ڪري چڪي آهي. هندوستان ۾ 6  صوبا هندو اڪثريت وارا هئا ۽ ٽي صوبا سنڌ، پنجاب ۽ سرحد مسلم اڪثريت وارا هئا ۽ ٻه ٻيا صوبا آسام ۽ بنگال به مسلم اڪثريت وارا هئا. اهڙي گروپ بندي هندوستان جي مسلمان اقليت جي لاڀ وٽان هئي، پر ظاهر آهي ته ڪانگريس ان تي راضي ٿي نه پئي سگهي. مسلم ليگ جي قيادت ۽ ڪارڪن جيڪا اميد رکيو ويٺا هئا، مشن جو بيان ان سان مطابقت نه پيو رکي، تنهن هوندي به مسلم ليگ جي اعليٰ قيادت اهي تجويزون باضابطا طور تي قبوليون ۽ چيو ته اهو پاڪستان ڏانهن ويندڙ رستي ڏانهن پهريون قدم آهي. مسلم ليگ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ان فيصلي کي جناح ۽ اعليٰ قيادت پاران اصولن جي سودي بازي سمجهيو ۽ ان معاملي تي پارٽي اندر مونجهارا پيد اٿيا ۽ وڏي پيماني تي پڇاڻي جو عمل شروع ٿي ويو. جناح صاحب آڏو اهڙن تارن جا ڍير ٿي ويا جن ۾ پڇيو پئي ويو ته آخر اصل صورتحال ڪهڙي آهي، پر سنڌ ۾ اطمينان محسوس ڪيو پئي ويو ته هڪ اهڙو حل ڳولي لڌو ويو آهي، جنهن سان مسلم اڪثريتي صوبن کي اهي سڀ حق ملي ويندا، جن جا هو گهرجائو هئا. سياسي صورتحال جيڪا ٽيهن واري ڏهاڪي ۾ پئدا ٿيڻ شروع ٿي هئي ۽ 1942ع ۾ به چڱي هئي، هن وقت يقيني طور تي خراب هئي جنهن ڪري ڪرپس تجويزون سامهون آنديون ويون، انهيءَ صورتحال ۾ اهو بيان هڪ بهترين حل نظر پئي آيو، پر هندوستان جي سياسي قيادت ۾ اهو شعور ۽ دور انديشي نظر نه پئي آئي ته اهي ”ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو“ جي اصول تي ننڍي کنڊ جي مستقبل جي خاطر پنهنجي رويي ۾ ڪا لچڪ ڏيکارين.

ڪانگريس جو ان معاملي تي سخت ۽ غير لچڪدار موقف هو تنهن جو اندازو ولڀ ڀائي پٽيل صاحب پاران وزيراڻي صاحب کي موڪليل خط مان لڳائي سگهجي ٿو. جنهن ۾ هن واضح ڪيو ته اسان پاڪستان وارو هاڃيڪار مطالبو ٻيهر ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيون. هن صوبن جي گروپ بندي واري تجويز پڻ رد ڪري ڇڏي: ”مون کي پڪ آهي ته مجموعي طور تي سنڌ جا مسلمان ان ڳالهه کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندا ته انهن مٿان پنجاب جو راڄ هجي ۽ گروپ طور سندن هڪ گادي جو هنڌ لاهور ۾ هجي ۽ يونين طور ٻيو گادي جو هنڌ دهليءَ ۾ هجي .... ڪيبنيٽ مشن صوبن کي زور زبردستي سان گروپن ۾ شامل ڪرائي نه ٿي سگهي ۽ نه وري کيس ائين ڪرڻ گهرجي، جيتوڻيڪ آزاديءَ کان پوءِ صوبا مڪمل اختيارن جا مالڪ بڻجي ويندا.“(4 4 )

سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي کهڙي صاحب کي مجوزه آئين ساز اسيمبلي جي ميمبر طور چونڊيو ۽ هو سنڌ مان چونڊيل انهن ٽن نمائندن ۾شامل هو جن کي هندوستان جو نئون آئين جوڙڻو هو.(5 4 )کهڙي صاحب کي خبر هئي ته جيڪڏهن ارادو ۽ عزم موجود هجي ته آئين سازيءَ  جو ڪم ٿي سگهندو آهي ۽ جڏهن 6 1  مئي وارو بيان آيو ته هن سک جو ساهه کنيو. هن سمجهيو پئي ته مشن جيڪي تجويزون ڏنيون آهن ۽ خاص ڪري جيڪا ٽن صوبائي گروپن واري رٿ آهي تنهن سان مسلمانن جا ٻه گروپ اڪثريتي گروپ طور اڳتي ايندا ۽ کين هندن جي ڀيٽ ۾ هڪ جي نسبت ۾ ٻن جي اڪثريت هوندي، تنهن ڪري انهن تجويزن جي ڀرپور حمايت ڪيائين ڇو ته ڪانگريس يقيني طور تي اهڙين رٿن کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪندي جنهن مان هندو اڪثريت کي ڪو نقصان ٿيندو هجي. 4  جون تي ويويل صاحب ڪيبنيٽ مشن پاران جناح صاحب کي ذاتي طور تي خاطري ڏني ته:

”اسان وٽ ڪابه اهڙي رٿ نه آهي جنهن ذريعي ڪنهن به پارٽي سان مت ڀيد ٿيندي هجي ۽ بيان ۾ جيڪو منصوبو پيش ڪيو ويو آهي ان کي جيڪڏهن ٻنهي پارٽين مان ڪنهن به قبول ڪيو ته اسان اُن تي هر ممڪن حد تائين عمل ڪنداسين، پر اسان کي اميد آهي ته ٻئي پارٽيون ان کي قبول ڪنديون.“

کهڙي صاحب جنهن کي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي اجلاسن لاءِ سڏايو ويو هو، تنهن مهيني جو وڏو حصو دهليءَ ۾ ئي گذاريو. کيس اميد هئي ته جناح صاحب انهن رٿن کي قبول ڪندو ۽ پنهنجي خانگي ملاقات ۾ هو ان ڳالهه لاءِ زور پڻ ڀريندو رهيو.

مسلم ليگ ڪائونسل جو اجلاس 6  جون تي دهليءَ ۾ ٿيو جنهن ۾ باضابطه طور تي ان بيان کي قبول ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ اميد ظاهر ڪئي ويئي ته اهو آخرڪار پاڪستان لاءِ اڳڀرائپ وارو قدم ثابت ٿيندو. حقيقت ۾ اهو پهريون موقعو هو جو مسلم ليگ ۽ جناح صاحب کلي عام اهو اقرار ڪيو هو ته هو پاڪستان کان گهٽ ڪابه شئي قبولڻ لاءِ تيار نه آهن. جڏهن ته ڪانگريس اهي رٿون مڃڻ ۾ گِهِل ڪندي پيئي آئي. انهيءَ صورتحال ۾ وائسراءِ صاحب اعلان ڪيو ته هو پنهنجي ڪابينه ۾ وزير کڻي رهيو آهي. جن ۾ ڪانگريس جا 6  هندو، مسلم ليگ جا 5  مسلمان ۽ سک، پارسي ۽ هندوستاني عيسائين جو هڪ هڪ هڪ ماڻهو شامل هوندو. اهڙي ريت مسلم ليگ برابريءَ جي بنياد تي جيڪا نمائندگي گهري رهي هئي اها کيس نه ملي. وائسراءِ صاحب جي اعلان ۾ اهو به چيو ويو ته جيڪا پارٽي ان مخلوط ڪابينه ۾ شامل نه ٿيندي ان کي ڇڏي ڪري وائسراءِ صاحب باقي مڙني پارٽين کي ساڻ کڻي حڪومت جوڙيندو. جڏهن اها صورتحال سامهون آئي ۽ ڪانگريس محسوس ڪيو ته عبوري حڪومت ٺهڻ واري آهي ته ان 6 1  مئي واري بيان کي قبول ڪيو پر ان عبوري حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو. تنهن تي مشن اهو فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن ڪانگريس مخلوط حڪومت ۾ شامل نه ٿي ٿئي ته اهڙي حڪومت نه جوڙي ويندي ۽ مذاڪرات جو سلسلو هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ڪيو ويندو. اها ڳالهه وائسراءِ صاحب جي ان اعلان جي خلاف ورزي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن ڪا هڪ پارٽي اتحاد ۾ شامل نه ٿيندي ته باقي ٻين پارٽين مان عبوري حڪومت جوڙي ويندي. مشن پاران پڌرو ڪيو ويو ته آئين ساز اسيمبليءَ جون چونڊون مختصر وقت اندر ڪرايون وينديون ۽ وائسراءِ صاحب عبوري حڪومت جوڙڻ لاءِ نئين سر ڪوشش شروع ڪندو. مسلم ليگ محسوس ڪيو ته ساڻس کلم کلا ويساهه گهاتي ڪئي ويئي آهي.

جناح صاحب کي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي ته ڪانگريس وارن انگريز سرڪار سان هندوستان ۾ ۽ ڪرپس صاحب ذريعي خود برطانيه ۾ به غير رسمي ناتا آهن پر هو ان ڏس ۾ ڪجهه به نه پئي ڪري سگهيو.  (6 4 ) برصغير جي سياست ۾ ڪانگريس جو وڌيڪ عمل دخل هو، ملڪ اندر اصول جي سياست بدران معروضي حالتن واري سياست ٿي رهي هئي، جنهن مان ٻنهي پارٽين جي ملڪي سطح تي اثر رسوخ جي خبر پئجي رهي هئي. ڪانگريس جي قيادت ڪنهن حقيقي سرچاءَ تي پهچڻ بدران وڌ کان وڌ وقتي سياسي ڪاميابين ماڻڻ جي چڪر ۾ هئي ۽ ان ڏکوئيندڙ صورتحال جو خاطر خواهه حل نه ٿي نظر آيو. جناح صاحب کي خبر هئي ته ڪانگريس 14  مئي واري بيان کي دل سان نه قبوليو آهي ۽ اها وڏي مڪاري ۽ چالاڪيءَ کان ڪم وٺي رهي آهي. ترت ئي اهو انديشو درست ثابت ٿيو.

مشن 8 2  جون تي هندوستان مان اهو تاثر وٺي روانو ٿي ته ان گهٽ ۾ گهٽ 6 1  مئي واري پڌرائيءَ جي اهم آئيني نڪتن تي رضامندي حاصل ڪري ورتي آهي. پر ترت ئي سندس اهي اميدون اجايون ثابت ٿيون. مشن جي رواني ٿيڻ کان رڳو هڪ هفتي بعد 6  جولاءِ تي پٽيل صاحب ۽ آزاد صاحب مذڪوره بنياد جي بنيادي جوڙجڪ ئي بدلائي ڇڏي. هن چيو ته صوبن کي شروع ۾ ئي آزاد ڇڏيو وڃي ته هو مذڪوره بيان ۾ ڏسيل گروپن ۾ شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت فيصلو پنهنجي سر ڪن. 0 1  جولاءِ تي نهروءَ جيڪو هاڻي آل انڊيا ڪانگريس جو صدر هو، تنهن وري اهو موقف پيش ڪيو ته ڪانگريس رڳو آئين ساز اسيمبلي ۾ شامل ٿي آهي، اها باقي سڀئي تجويزون رد ڪري ٿي، بعد ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو:

”اسان ان ۾ (آئين ساز اسيمبلي ۾) ڇا ڪنداسين ان معاملي ۾ فيصلو ڪرڻ بابت اسان مڪمل طور تي آزاد ۽ پنهنجي وس وارا آهيون. اسان ڪنهن به معاملي تي ڪنهن سان في الحال ڪو واعدو نه ڪيو آهي.“ (7 4 )

گروپن واري معاملي تي ڳالهائيندي هن چيو ته گهڻو ڪري گروپ ٺاهڻ جي نوبت ئي نه ايندي.

جيتوڻيڪ معاملن تي ڳوڙهي نظر رکندڙ ڪنهن به مبصر لاءِ ڪانگريس جي اها قلابازي ڪا اچرج جوڳي ڳالهه نه هئي. ڇو ته مجوزه صوبائي گروپن جي معنيٰ اها هئي ته ننڍي کنڊ جي ٽن هيٺين فيڊريشنن مان ٻن تي مسلمانن جي اڪثريت هجي ها جڏهن ته اتي آبادي جا ٽي حصا هندن تي ٻڌل هئا، پر پوءِ به ڪانگريس جي موقف ۾ اها تبديلي سندس سيڪيولر هجڻ جي هام جا پتا وائکا ڪري رهي هئي ۽ ان مان اهو به ظاهر ٿي ويو ته ڪانگريس ڪيتري آسانيءَ سان پنهنجي زبان تان ڦري وئي. اهي رٿون وڏي محنت ۽ نور نچوئي سان تيار ٿيل هيون ۽ ٻنهي پارٽين پاران انهن کي قبول ڪرڻ سان  ئي مسلم عوام سک جو ساهه کنيو هو ۽ هاڻي ڪانگريس پاران اوچتو انهن کي پٺي ڏيڻ سان سڄي ملڪ اندر نه رڳو مسلمانن ۾ پر ٻين اقليتن ۽ رياستن کي سخت صدمو رسيو. مسلم آبادي محسوس ڪيو ته ڪانگريس هڪ آمراڻو ”راڄ“ قائم ڪرڻ گهري ٿي ۽ کين انگريزن مان انصاف پسندي جي جيڪا اميد هئي اها پڻ ختم ٿي ويئي. 5 2  جولاءِ تي مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس بمبئي ۾ سڏايو ويو ۽ 9 2  جولاءِ تي مسلم ليگ ڪائونسل ۾ قرارداد منظور ڪري 6 1  جولاءِ واري پڌرائيءَ جي حمايت واپس ورتي ويئي ۽ اهو اعلان ڪيو ويو ته مسلم ليگ پاڪستان واري گهر کي تسليم ڪرائڻ لاءِ جڏهن به ۽ جتي به ضروري سمجهيو اتي سنئون سڌو قدم کڻندي.

ويول صاحب محسوس ڪيو ته پاڪستان جي معاملي کي ٻيهر کڙو ڪرڻ مسلمانن لاءِ اڃان بهتر سهولتون وٺڻ جو هڪ هٿيار آهي ۽ ان بابت سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي به ڄاڻ ڏني پر مسلم ليگ هاڻي ڪانگريس ليڊرن کان بيزار ٿي چڪي هئي، جيڪي ڪشاده دلي ۽ دور انديشي جو مظاهرو ڪرڻ کان بنهه عاري هئا ۽ رڳو سودي بازين تي هريل هئا. اقليتي برادريون بيچينيءَ سان پنهنجي تحفظ جي سلسلي ۾ جيڪا خاطري گهري رهيون هيون، ڪانگريس جي اڳواڻن اڪثريتي برادريءَ جي غرور ۾ اچي ان کي سراسر نظر انداز ڪرڻ ۽ چيڀاٽڻ لاءِ  تيار هئا، ڪانگريس کي پڪ هئي ته هاڻي انگريزن کي هندوستان ۾ وڌيڪ عرصو ترسڻ جي خواهش توڙي همت نه رهي آهي ۽ لارڊ ويول صاحب جا به ٽپڙ گول ٿيڻ وارا آهن ۽ ڪانگريس اهو سمجهيو پئي ته هو پنهنجا شرط مڃائڻ واري سگهاري پوزيشن ۾ اچي چڪي آهي ۽ کيس مسلم ليگ جي راضپي وٺڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. 1937 ع وارين چونڊن جي نتيجن اچڻ کان پوءِ نهرو جو اهو ئي رويو هو ۽ هاڻي جڏهن هو ڪانگريس جو صدر هو تڏهن به سندس اهو ئي رويو رهيو هو.

6  آگسٽ تي نهرو کي عبوري حڪومت جوڙڻ جي ڪوٺ ڏني ويئي. ڪانگريس ورڪنگ پارٽيءَ اها آڇ قبولي ورتي. نهرو صاحب جناح صاحب کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي پر ڪيبينيٽ مشن وارين رٿن جي ڀيٽ ۾ نهرو صاحب جناح صاحب کي تمام گهٽ رعايتون آڇيون جنهن ڪري هن وٽ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه رهيو. ڪانگريس جناح صاحب کي حڪومت ۾ شموليت واري آڇ ڪري جنهن رويي جو مظاهرو ڪيو ان جي ابتڙ وائسراءِ صاحب مسلم ليگ جي شموليت کان سواءِ ئي نهرو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪابينه جوڙڻ واري رٿا تي عمل ڪيو. جيتوڻيڪ ان کان پهرين حڪومتي دور ۾ مسلم ليگ کي ڪابينه ۾ پنج سيٽون آڇيون ويون هيون ۽ ويول ان مثال کي جاري رکڻ پئي گهريو پر نهرو صاحب مسلمانن کي رڳو ٽي سيٽون ڏيڻ تي راضي ٿيو، جن مان هڪ سيٽ هڪ ”قوم پرست“ مسلمان کي ڏني ويئي ۽ ٻه مسلم ليگ جي لاءِ خالي رکيون ويون. 2  سيپٽمبر تي نئين ڪابينه پنهنجون ذميواريون سنڀاليون. ان ڪابينه ۾ مسلم ليگ کان سواءِ اقليتن جا ٻيا ميمبر به شامل هئا.

مسلم ليگ جي بائيڪاٽ سبب حالتون ويتر خراب ٿي ويون. هوڏانهن ليگ جا حڪومت ۾ شموليت لاءِ مذاڪرات جاري هئا ته هڪ ٻئي پاسي کان وڏو هاڃو رسيو. اصل ۾ مسلم ليگ فيصلو ڪيو هو ته 6 1  آگسٽ جو ڏينهن ”ڊائريڪٽ ايڪشن ڊي“ طور ملهائي احتجاج ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ جناح صاحب مسلمانن کي هدايت ڪئي هئي ته وڳوڙن کان پري رهن ۽ پر امن طور تي احتجاج ڪن پر جيئن ته گانڌيءَ جيءَ کي ماضيءَ ۾ ڪجهه تجربا ٿي چڪا هئا ته اهڙن موقعن تي حالتن جي اڳڪٿي ڪرڻ ۽ انهن کي ضابطن ۾ رکڻ ممڪن نه هوندو آهي ۽ آخرڪار ائين ئي ٿيو. بنگال ۾ مسلم ليگ جي وڏي وزير ايڇ. ايس سهروردي، انهيءَ ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪيو. صبح جو سوير ئي وڳوڙ شروع ٿي ويا ۽ ڦر، باهيون ڏيڻ ۽ قتل ڪرڻ جو سلسلو چار ڏينهن جاري رهيو، جنهن ۾ مسلمانن ۽ هندو برادري ٻنهي ڌرين جا 5000  ماڻهو مارجي ويا، 15000  زخمي ٿيا ۽ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا. جيتوڻيڪ نقصان ٻنهي ڌرين جو ٿيو پر چيو ويو ته وڳوڙن جي شروعات مسلمانن ڪئي هئي. اصل ۾ انهن وڳوڙن جا ذميوار مقامي غنڊا ۽ ڏوهاري هئا. پر سڄي ذميواري مسلم ليگ جي وڏي وزير سهرورديءَ جي ڳچيءَ ۾ وڌي ويئي ... ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پهرين ڏينهن وڳوڙن خلاف سخت قدم نه کنيو ويو ۽ فوج گهرائي ڪرفيو هڻڻ ۾ به اجائي د ير ڪئي ويئي.“ (8 4 )

بنگال جي وڳوڙن ۽ غارتگري هڪ نئون هاڃيڪار مثال قائم ڪيو ۽ ان سان ٻنهي برادرين جي هڪ ٻئي پاسي کان ڀروسي کي ويتر ڌڪ لڳو، جنهن جو وري ازالو نه ٿي سگهيو ۽ نتيجي ۾ هندوستان جو اتحاد ۽ يڪجهتي داءَ تي لڳي ويئي. بنگال کان پوءِ بهار ۾ وڳوڙ ٿيا جنهن ۾ هزارين مسلمان ماريا ۽ بي گهر ڪيا ويا ۽ اهڙي ريت حالتون ضابطي کان ٻاهر نڪري ويون ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته مسلم ليگ جي اخلاقي پوزيشن کي تمام وڏو ڌڪ لڳو، جنهن جو ڪانگريس دل کولي فائدو ورتو. پٽيل انهيءَ صورتحال کي هن ريت بيان ڪيو:

”مسلم ليگ پنهنجو ڊائريڪٽ ايڪشن وارو پروگرام ڪلڪتي ۾ شروع ڪيو ۽ کيس اها توقع نه هئي ته جڏهن هڪ ڌر گوڙ ڪندي ته ٻي ڌر به ان جو ڀرپور جواب ڏيندي، تنهن ڪري جيڪي نتيجا آيا تن مسلم ليگ کي منجهائي وڌو. ڪلڪتي جي غريب مسلمانن کي ڏاڍو ڀوڳڻو پيو ۽ مسلم ليگ ڪلڪتي جي واقعن کان پاڻ کي بدنام ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن مسلم ليگ وارا ڦر مار، باهه ڏيڻ، قتل ڪرڻ ۽ انارڪي پکيڙڻ جو سلسلو جاري رکن ها ته اهي غير مسلمانن جو جيئڻ جنجال بڻائي پئي سگهيا، پر اڳتي هلي اهو رستو مسلم ليگ جي تنظيم کي تباهي ۽ برباديءَ جو شڪار ڪري ڇڏي ها.“ (9 4 )

جيتوڻيڪ ويول صاحب ڪانگريس کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها صوبن جي گروپن بابت پنهنجي موقف ۾ لچڪ آڻي ۽ جهڙي ريت ڪيبينيٽ مشن جون تجويزون آهن جن کي مسلم ليگ به مڃيو آهي، اهڙي ريت عمل ڪري پر کيس ڪاميابي حاصل نه ٿي. ڪانگريس پنهنجي شرطن مڃرائڻ لاءِ زور ڀري رهي هئي، جن جو مطلب اهو هو ته صوبن کي گروپن يا سيڪشن ۾ رکڻ جي ڪا خاطري نه ڪرائي ويندي. ڪانگريس جو موقف هو ته هر صوبي کي ڪنهن به گروپ ۾ شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ جي آزادي هجي ۽ ان ڏس ۾ کيس پنجاب جي سگهاري سک برادري جي به ڀرپور پٺڀرائي حاصل هئي جيڪا گروپ نظام ذريعي پاڪستان ۾ ڦاسڻ نه پئي گهري. ويول صاحب ايتري قدر به ڌمڪي ڏني ته اهي شرط نه مڃيا ويا ته هو آئين ساز اسيمبلي جو اجلاس نه ڪوٺائيندو پر خود برطانيه حڪومت سندس پٺڀرائي نه ڪئي. اهو ظاهر ٿي چڪو هو ته ڪانگريس ڪيبينيٽ مشن رٿ تي عمل درآمد جو ڪو ارادو نه پئي رکيو ۽ هن ان رٿ جي پنهنجي سر ڪيل تشريح موجب عمل ڪرڻ پئي گهريو. مسلم ليگ وٽ ڳالهيون ڇڏي ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو. مسلم ليگ جي ”جڏهن ضروري هوندو ته سڌو ايڪشن ڪبو“ واري دڙڪي به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو هو ۽ هاڻي وٽس ڪو ڪارڊ باقي نه رهيو هو. حالتن کان باخبر مسلم راءِ عامه کي سخت ڳڻتي هئي ته اهم موقعا گذرندا پيا وڃن ۽ اهو امڪان وڌي رهيو آهي ته ڪٿي آزاد هندستان مسلم ليگ جي شرڪت کان سواءِ ئي وجود ۾ نه اچي وڃي. کهڙو صاحب سنڌ پنجاب پاڻي واري تڪرار جي سلسلي ۾ هندستان جي اونهاري واري گادي جي هنڌ شملا ويو ته هڪ حقيقت پسند سياستدان جي حيثيت ۾ هن محسوس ڪيو ته مسلم ليگ کان اهم موقعا کسجي رهيا آهن ۽ هن جناح صاحب ڏانهن تار اماڻي مٿس زور ڀريو ته هو ڪانگريس ۽ انگريزن جا شرط قبول ڪري:

”وائسراءِ صاحب پنهنجي بيان ۾ 6 1  مئي وارين تجويزن تي مڪمل عمل در آمد ۽ خاص ڪري صوبن ۽ گروپن جي جوڙجڪ بابت جيڪا مڪمل خاطري ڪرائي آهي ۽ چيو آهي ته فرقيواريت وارن اهم مسئلن تي مسلمان ميمبرن جي اڪثريت جي رضامندي کان سواءِ ڪو فيصلو نه ڪبو. گڏوگڏ عبوري حڪومت جي انتظامن ۽ ان ۾ شامل اهلڪارن جي باري ۾ جيڪا خاطري ڪرائي آهي تنهن جي روشنيءَ ۾ مان اوهان کي وينتي ڪيان ٿو ته دهليءَ ۾ ترت ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو اجلاس ڪوٺايو وڃي جيئن تازي سياسي صورتحال بابت غور ويچار ڪري سگهجي ۽ ڏسجي ته بمبئي ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا هئا انهن ۾ ڦير ڦار ڪهڙي نموني ممڪن آهي. جن نڪتن تي اڃان شڪ هجي انهن تي اوهان پاڻ دهلي ۾ وائسراءِ صاحب سان ڳالهائي سگهو ٿا.“ (0 5 )

تار بعد هن جناح صاحب ڏانهن خط لکيو جنهن ۾ هن زور ڀريو ته موقعي کي هٿن مان وڃڻ نه ڏنو وڃي ۽ حڪومت ۽ آئين ساز  اسيمبلي ۾ شرڪت ڪجي ته جيئن مسلمان به آئين سازيءَ واري ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين. هن زور ڀريو ته مستقبل جي پائيدار فائدن تي حال جي عارضي رنجشن ۽ اختلافن کي قربان ڪيو وڃي:

”منهنجا پيارا قائداعظم!

مان اڄ ئي اوهان کي هڪ تار اماڻي آهي. جنهن جو نقل تصديق لاءِ هن خط سان گڏ موڪلي رهيو آهيان. مون کي اميد آهي ته اوهان لازمي طور تي دهلي ايندا ۽ سڄي صورتحال جو جائزو وٺي هز ايڪسيلينسي وائسراءِ سان لهه وچڙ ۾ ايندا. جيڪڏهن اوهان پنهنجي سهولت موجب دهليءَ ۾ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو اجلاس جلد کان جلد سڏايو ته اها ڏاڍي سٺي ڳالهه ٿيندي. مان ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو فڪرمند آهيون ته اسان جو ڪيس ٻڌڻ کان سواءِ ئي رهجي نه وڃي. هندو اسان جي غير موجودگيءَ ۾ ڪٿي پنهنجي مرضيءَ موجب آئين نه جوڙين ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ان کي ڦيرائڻ اسان لاءِ ممڪن نه هوندو. آءُ پاڻيءَ واري تڪرار جي سلسلي ۾ هتي آيل آهيان ۽ اميد ته دير ۾ دير به خميس يا جمعي تي واپس ڪراچي هليو ويندس.“ (1 5 )

نهروءَ 2  سيپٽمبر تي پنهنجي مخلوط حڪومت کان حلف کڻايو. ان مرحلي تي جناح صاحب ان ۾ شامل نه ٿيو ڇو جو کيس مناسب خاطري ڪرايل نه هئي. پر ويول صاحب هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوشش ڪئي ته مسلم ليگ کي حڪومت ۾ شامل ڪيو وڃي. هي اهو موقعو هو جنهن جو کهڙي صاحب پنهنجي تار ۽ خط ۾ ذڪر ڪيو هو. اهو ظاهر هو ته جيڪڏهن مسلم ليگ هيءُ موقعو به وڃايو ته اها آئين سازي واري عمل کان بلڪل ٻاهر رهجي ويندي. برطانيه حڪومت ۾ ايتري همت نه هئي جو اها ڪيبينيٽ مشن وارين تجويزن کي مڃرائڻ تي زور ڏئي. هوڏانهن نهرو به پنهنجي حڪومت ۾ مسلم ليگي نمائندن کي جاءِ ڏيڻ لاءِ ڪو گهڻو آتو نه هو ۽ جناح صاحب لاءِ تنهن وقت وائسراءِ صاحب جي ان آڇ کان بهتر ٻي ڪا تجويز موجود نه هئي. سو جناح صاحب کي برابريءَ جي بنياد تي اختيارن واري مطالبي، صوبائي گروپ بندي جي معاملي يا اقليتن جي حقن بابت خاطرين نه ملڻ باوجود ئي ڪانگريس ۽ برطانيه سرڪار جي شرطن تي حڪومت ۾ شامل ٿي وڃڻو پيو. 6 2  آڪٽوبر تي مسلم ليگي ميمبرن عبوري ڪابينه ۾ حلف کنيو.

ڪابينه ۾ وزيرن لاءِ جناح صاحب جن نالن جو اعلان ڪيو تن سان مسلم ليگ جي اعليٰ سطحي حلقن کي ڪافي تعجب ۽ ڪنهن حد تائين ساڙ به ٿيو. لياقت علي خان جي چونڊ ته متوقع هئي ۽ ڪافي حد تائين نشتر صاحب جي نالي جي پهريان ئي اميد هئي، جيڪو جيتوڻيڪ پارٽي جي صف اول وارن اڳواڻن مان ته نه هو پر سندس تعلق هڪ مسلم اڪثريتي صوبي سان هو، جيتوڻيڪ ان صوبي ۾ ڪانگريس جي حڪومت هئي. پر چندريگر صاحب کي نامزد ٿيڻ تي سڀني کي ڏاڍو اچرج لڳو ڇو ته هو مسلم ليگ جو ڪو نمايان اڳواڻ نه هو ۽ پارٽي جي اعليٰ سطحي حلقن ۾ سندس گهڻي سڃاڻ ۽ مڃتا نه هئي. اهڙي ريت پنجاب مان کنيل غضنفر علي خان لاءِ به پارٽي جي حلقن کي ڪو وهم گمان نه هو جنهن کي ويول صاحب ”غير ذميوار ڊاڙي ماڻهو“ ڪوٺيندو هو.

کهڙو صاحب جيڪو دهليءَ ۾ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي اجلاس جي سلسلي ۾ موجود هو، بنگال جي اڳوڻي وزير خواجه ناظم الدين صاحب ۽ يوپيءَ جي نواب اسماعيل خان سان ملاقات ڪئي. کهڙي صاحب ٻڌايو ته انهن ٻنهي اڳواڻن کي ڏاڍو صدمو ۽ مايوسي ٿي هئي ته کين ڪابينه لاءِ نه چونڊيو ويو ۽ سندن دلجوئي ڪرڻ لاءِ کهڙو صاحب کين مسلم ليگ ۾ نين شامل ٿيل آڪسفورڊ جي پڙهيل پنجاب جي اڳواڻ دولتانه صاحب ۽ سندس خوبصورت نئين پرڻيل زال سميت ڪار ۾ ويهاري قطب مينار گهمائڻ وٺي ويا.(2 5 ) سنڌ جي گورنر موڊيءَ صاحب جناح صاحب کي پر زور سفارش ڪئي هئي ته کهڙو صاحب وزارت جي لاءِ موزون ماڻهو آهي. پر کهڙي صاحب کي تنهن وقت ان بابت ڪا ڄاڻ نه هئي ۽ جڏهن پنجن وزيرن ۾  سندس نالو نه آيو ته کيس ڪا پريشاني نه ٿي. مسلم ليگ شيڊيول ڪاسٽ (اڇوت) سان تعلق رکندڙ جوگيندرا ناٿ منڊل کي به ڪابينه ۾ شامل ڪيو هو جنهن سان ڪانگريس کي ڪافي چڙ پئي آئي ۽ اهو ظاهر پئي ٿيو ته ٻنهي وڏين پارٽين ۾ حقيقي سهڪار واري ڳالهه اڃان تائين بس خواب ۽ خيال ئي هئي:

مسلم ليگ پاران عبوري ڪابينه ۾ نامزد ڪيل اڳواڻن جي ذهني سوچ ان معيار جي نه هئي، جيڪو ان سطح تي گهربل هو، جنهن جو مطلب اهو هو ته ”ڪانگريس وارا کين دليل ۽ بحث جي پنجوڙن ۾ ڦاسائي رکندا ۽ پنهنجي دليل پسنديءَ ۽ وچٿرائپ جو به مظاهرو ڪندا رهندا.“(3 5 ) پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها هئي ته مسلمان وزيرن کي گهڻي ڀاڱي مرڪزي ڪامورا شاهيءَ تي ئي ڀاڙڻو پوندو جنهن جو اهڙن سياستدانن مٿان گهرو اثر رسوخ موجود هو. اڳتي هلي هندوستاني سول سروس جا اهي ڪامورا انتهائي طاقتور بڻجي ويا ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ انهن مان ڪجهه اهڙا آفيسر وزير پڻ بڻيا جن جو ماضيءَ ۾ نه ته جمهوريت سان ڪو تعلق هو ۽ نه وري شايد پاڪستان سان. انهن جي اثر رسوخ ۽ بي پناهه اختيارن سبب اڳتي هلي پاڪستان ۾ خود جمهوريت کي هاڃو رسيو.

مسلم ليگ پاران عبوري حڪومت ۾ شموليت جو عوام ۽ خاص ڪري مسلمانن دل سان خير مقدم ڪيو ۽ سک جو ساهه کنيائون. تنهن وقت ملڪ اندر انتهائي شديد فرقيوار وڳوڙن ۽ خونريزي جو سلسلو هلي رهيو هو. ڪلڪتي جي قتل ۽ غارتگري کان پوءِ بنگال جي ٻين ضلعن خاص ڪري نوا کلي، بهار ۽ بمبئي ۾ خونريزيون ٿيون. عوام کي اميد هئي ته مخلوط حڪومت صورتحال کي ضابطي هيٺ آڻي فرقيوار هم آهنگي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. حڪومت جي ڪوششن ۽ خود انهيءَ ڳالهه جي نتيجي ۾ ته (اتحادي ڌريون پاڻ به مختلف مذهبن سان واسطو رکندڙ هيون،) ڪافي حد تائين امن ۽ ماٺار آيو پر اهو عارضي امن ڪيتري دير تائين جٽاءُ ڪري سگهي پيو، ان جو دارو مدار  ان ڳالهه تي هو ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ موجود حالتن ۾ هڪ ٻئي سان ڪيترو سهڪار ڪن ٿيون ۽ اڳتي هلي انهن اندر ڪيتري حقيقي مفاهمت پيدا ٿئي ٿي. مسلم ليگ ان اتحادي حڪومت اندر وڌ کان وڌ حق وٺڻ جي قابل رڳو انهيءَ صورت ۾ ٿي سگهي پئي جڏهن مسلم اڪثريتي صوبن اندر ان کي استحڪام ۽ قوت ٿئي پئي. تنهن وقت صورتحال اها هئي ته پنجاب ۾ ڪانگريس ۽ يونينسٽن جي مخلوط حڪومت هئي، سرحد صوبي ۾ ڪانگريس جي حڪومت هئي. بنگال ۾ مسلم ليگ جي حڪومت هئي. پر اها حڪومت سخت ٻائيتال ۾ هئي. جڏهن ته سنڌ ۾ به مسلم ليگ حڪومت ڪافي ڪمزور هئي. انهيءَ مايوس ڪندڙ صورتحال ۾ جناح صاحب کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻو هو. اهو ظاهر هئو ته مسلم ليگ جي حڪمت عملي ۾ سنڌ جو ڪردار مرڪزي ۽ ڪليدي هو. مسلم ليگ کي هر حالت ۾ سنڌ اندر پنهنجي حڪومت کي تحفظ ڏيڻو هو ٻي صورت ۾ ڪانگريس آسانيءَ سان ملهه ماريو پئي ويئي.

.........

جن ماڻهن جي حالتن تي ڪرڙي نظر هئي اهي محسوس ڪري رهيا هئا ته سنڌ ۾ مسلم ليگ جي وزارت سخت نازڪ حالت ۾ هئي. ان وزارت بجيٽ اجلاس جو لانگهو به ان انداز ۾ لنگهايو جو کيس بليڪ ميل جو شڪار ٿي ٻه وزارتون ڏيڻيون پيون ۽ اهي چٽا امڪان هئا ته اسيمبلي جي ايندڙ اجلاسن ۾ اها وڌيڪ مسئلن جو شڪار رهندي. ڪافي عرصي جي گيهه پيهه کان پوءِ آخرڪار 11  جولاءِ تي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏايو ويو هو ته جيئن آئين ساز اسيمبلي لاءِ سنڌ مان ميمبر چونڊي سگهجن. ان نازڪ صورتحال ۾ به مسلم ليگ پارليامينٽري گروپ جا 2  ميمبر باغي ٿي ويا ۽ اهي افواهه پڻ هئا ته ٽي وڌيڪ ميمبر پڻ پٺي ڏيڻ وارا آهن. مخالف ڌر کي هاڻي واضح اڪثريت ۽ سرسي هئي ۽ ان عدم اعتماد جي رٿ جو نوٽيس ڏيئي ڇڏيو، جنهن سان منهن ڏيڻ حڪومت لاءِ ممڪن ئي نه هو. پر ان موقعي تي گورنر صاحب وزارت جي واهر ڪئي ۽ چيو ته هاڻي جيڪو خاص اجلاس ٿيندو تنهن ۾ رڳو آئين ساز اسيمبلي جي ميمبرن لاءِ چونڊ ٿيندي ۽ ڪو ٻيو معاملو ان اجلاس ۾ نه اٿاريو ويندو.

رمضان جو سڄو مهينو اجلاس نه سڏايو ويو پر بجيٽ جي سپليمينٽري گُهر تي غور لاءِ اجلاس سڏائڻو پيو ۽ گورنر صاحب 5  سيپٽمبر تي اجلاس ڪوٺايو. وزارت کي اڳواٽ ئي اهي سور سجهن پيا، مسلم ليگين ميمبرن جو هڪ وڏو انگ وزارتن جو گهرجائو هو ۽ انهن سڀني کي وزارتون ڏيڻ حڪومت لاءِ ممڪن ئي نه هو. مخالف ڌر ليگي ميمبرن سان واعدو ڪيو ته جيڪو به ميمبر مسلم ليگ جو ساٿ ڇڏي اپوزيشن سان اچي ملندو تنهن کي وزارت ڏني ويندي. جڏهن 5  سيپٽمبر تي اجلاس شروع ٿيو ته يورپي ميمبرن جي حمايت باوجود حڪومت جو هڪ ووٽ کٽي پيو ۽ اسپيڪر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي پارٽيءَ جو هڪ ووٽ وڌايو پر صورتحال ان وقت منجهي پيئي جڏهن ڊپٽي اسپيڪر مس ڄيٺي سپاهي ملاڻي به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيئي ڪانگريس جو هڪ ووٽ وڌايو. هاڻي صورتحال اها هئي ته اجلاس جي صدارت ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ يا ڪانگريس پنهنجو ڪو ميمبر ڏيڻ لاءِ تيار نه هيون. ميمبر وزارتن جي لالچ ۾ ڪانگريس ڏانهن ڊوڙي رهيا هئا ۽ صوبي ۾ ڪنهن جٽادار حڪومت جي اميد ختم ٿي ويئي. جيتوڻيڪ گورنر صاحب وٽ اهو اُپاءُ موجود هو ته مخالف ڌر کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏئي پر اهو به امڪان هو ته مخالف ڌر جي حڪومت سان به ساڳي ئي تعدي نه ٿئي. انهيءَ صورتحال ۾ گورنر صاحب ٻيو ڪو چارو نه ڏسي وائسراءِ صاحب کان اسيمبلي برطرف ڪرڻ ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ جي اجازت ورتي.

نئين چونڊ ڊسمبر 1946 ع ۾ رکي ويئي ۽ اها چونڊ کٽڻ نه رڳو سنڌ مسلم ليگ لاءِ ضروري هئي پر هندوستان جي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ جيڪي نازڪ ۽ مشڪل مذاڪرات ٿي رهيا هئا تن ۾ مسلم ليگ جي حڪمت عملي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پڻ ان چونڊ جو کٽڻ بي حد ضروري هو. ڪانگريس به چونڊن جي ان اهميت کان بي خبر نه هئي. مسلم ليگ ۾ اختلاف ۽ سيد گروپ جي بغاوت ڪانگريس لاءِ هڪ سٺو سنوڻ بڻجي آيا هئا، جيڪا سنڌ حڪومت حاصل ڪندي ڪندي رهجي ويئي هئي. هاڻي جيڪڏهن سنڌ ۾ ليگ کي سرسي نه پئي ملي ته پوءِ جناح جي ترڪش ۾ ڪو ٻيو تير باقي نه پيو رهي ۽ صوبائي گروپ بندي يا پاڪستان يا جيڪو ڪجهه جناح صاحب چاهي پيو ان جي تڪميل به نه پئي ٿي سگهي. ڪانگريس پهريان ئي عدم اعتماد واري رٿ تي ڪافي رقم خرچي چڪي هئي پر سندس دل گهريا نتيجا نه نڪتا هئا(4 5 ) ۽ هاڻي نين چونڊن جي موقعي تي اها اڪثريت حاصل ڪرڻ ۽ مسلم ليگ کي شڪست ڏيڻ لاءِ هر گهربل قدم کڻڻ لاءِ آتي هئي.

هڪ سال گذرڻ تي ٻئي چونڊ سِر تي ڪڙڪڻ باوجود مسلم ليگ جا ٽپڙ ساڳيائي هئا. چونڊ جو بار هاڻي به کهڙي صاحب جي ڪلهن تي اچڻو هو، جيڪو سڄي صوبي ۾ اثر رسوخ ۽ عوامي حمايت رکندڙ واحد ليگي رهنما هو. جيتوڻيڪ ليگ جي قيادت ۾ هارون صاحب، گذدر صاحب ۽ حاتم علوي صاحب جهڙا نالا موجود هئا، جنهن جي جناح صاحب سان وڏي لک پڙهه هئي، پر اهي اڳواڻ ڪراچيءَ تائين محدود هئا يا خود وڏو وزير هدايت الله صاحب به وڏو اثر رسوخ رکڻ جي باوجود گورنر صاحب جي درٻاري حلقي تائين محدود هو. تنهن ڪري ٽالپرن جي آبائي قبائلي سيٽ ۽ سيد صاحب جي ڪجهه سيٽن کي ڇڏي ڪري، باقي صوبي ۾ چونڊ جي ڪم جو بار کهڙي صاحب جي ڳچيءَ ۾ هو، مسلم ليگ جي ٽڪيٽن جي ورهاست ذري گهٽ پهرين چونڊ واري طرز تي ئي ٿي. سنڌ پارليامينٽري بورڊ سفارش ڪئي هئي ته جيڪي ميمبر پارٽيءَ کي پٺي ڏيئي ويا هئا تن کي ٽڪيٽون نه ڏنيون وڃن. پر مير بنده علي صاحب کي پهريائين جناح صاحب معاف ڪري ڇڏيو هو ۽ نواب شاهه واري سيد نور محمد شاهه کي آخرڪار کهڙي صاحب جي سفارش تي ٽڪيٽ ملي ويئي. جي ايم سيد صاحب جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سينٽرل بورڊ قاضي محمد اڪبر کي ميدان ۾ لاٿو.

چونڊ جي ڪم ڪار توڻي ٽڪيٽن جي ورهاست لاءِ سينٽرل پارليامينٽري بورڊ گهڻي ڀاڱي کهڙي صاحب تي ئي ڀاڙي رهيو هو. يوسف هارون صاحب کي مسلم ليگ جو صدر نامزد ڪيو ويو هو ۽ سندس شمار کهڙي صاحب جي وفادار حامين ۾ ٿيندو هو. اها صورتحال هدايت الله صاحب جي دل وٽان نه هئي، جيڪو ٻيهر وڏ وزارت جي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ بيتاب هو ۽ کيس خبر هئي ته ان عهدي لاءِ کهڙو صاحب سندس وڏو حريف هوندو. هدايت الله صاحب کهڙي صاحب خلاف جناح صاحب کي شڪايت ڪرڻ ۽ ٻنهي وچ ۾ ويجهڙائپ قائم نه ٿيڻ جي ڏس ۾ ڪو موقعو ضايع نه ڪيو. اها ڇڪتاڻ ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻڻ لڳي. مثال طور جڏهن جناح صاحب کهڙي صاحب سان واعدو ڪيو ته هو نومبر 1946 ع ۾ ڪراچي اچڻ دوران هن وٽ اچي رهندو ته هدايت الله صاحب جناح صاحب ڏانهن خط لکي کهڙي صاحب خلاف شڪايت ڪئي ته هو جي ايم سيد صاحب سان ويجهي ياراڻي ۽ لهه وچڙ ۾ آهي ۽ سندس مخالفت ڪري رهيو آهي ۽ هو ليگ جو دشمن آهي، هن جناح صاحب کي چيو ته هو وٽس اچي رهي ٿو. جڏهن جناح صاحب کيس ٻڌايو ته هو کهڙي صاحب وٽ رهڻ جو طئي ڪري چڪو آهي ته هن جناح صاحب کي آڇ ڪئي ته هو پراڻي گورنر هائوس ۾ اچي رهي. ان آڇ جو مقصد اهو هو ته جيئن جناح صاحب کهڙو صاحب وٽ رهڻ وارو فيصلو تبديل ڪري.

چونڊن لاءِ 9  ڊسمبر جي تاريخ طئي ٿي ۽ هن ڀيري اميد هئي ته مسلم ليگ کي بهتر نتيجا ملندا ڇو ته عوام سرگرميءَ سان سندس حمايت ڪري رهيو هو، پر تنهن هوندي به سيد صاحب ۽ سندس ساٿين جو ڪانگريس سان اتحاد ڪرڻ ليگ جي وزارت لاءِ وڏو مسئلو بڻيل هو. جناح صاحب سنڌ جي اڳواڻن کي چيو ته هو ڀرپور ڪوششون وٺن، ته جيئن جي ايم سيد صاحب چونڊ نه کٽي سگهي ۽ گڏوگڏ هن علي ڳڙهه جي شاگردن جي صورت ۾ پنهنجو لشڪر سنڌ موڪليو، ته جيئن اهو جي ايم سيد صاحب خلاف پروپيگنڊا ڪري. اهي شاگرد ڪارڪن ۽ ٻاهران آيل تقرير باز  جيتوڻيڪ پارٽي مقصدن سان سچا ۽ ارپيل هئا، پر اهي پڻ گهربل نتيجا ڏيئي نه پئي سگهيا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر گورنر صاحب ۽ سندس ماتحت ڪامورا شاهي کي ليگ جي مدد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پيو. موڊي سرڪار عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي اهڙا اپاءَ وٺن جيئن جي ايم سيد صاحب ۽ محمد علي شاهه صاحب نواب شاهه واري سيٽ سميت اهم نشستن تي مسلم ليگ کي سوڀ حاصل ٿئي. نواب شاهه ضلعي ۾ مسعود نالي هڪ پنجابي آءِ سي ايس آفيسر، جيڪو اتي ضلعي ڪليڪٽر طور مقرر هو، تنهن انهن هدايتن تي وڏو رڻ ٻاري ڏنو ۽ محمد علي شاهه صاحب جي حامين کي خوب دٻايو ۽ هيسايو ۽ کين بدمعاش قرار ڏيئي جيل اماڻڻ جو دڙڪو ڏنو، نه رڳو ايترو پر هن ڪجهه غير ذميوار قسم جي ماڻهن کان ڪوڙا بيان وٺي محمد علي شاهه صاحب جي هڪ حامي عابد شاهه صاحب کي گرفتار به ڪيو ۽ کيس هٿڪڙيون هڻي ۽ چيلهه ۾ رسو وجهي نوابشاهه جي وڏي بازار مان گشت ڪرايو.(55) آخرڪار سرڪاري دٻاءَ سبب ان سيٽ تي مسلم ليگ کي سوڀ ملي ۽ اهڙي ريت گورنر صاحب جي خصوصي مداخلت تي ٺٽي واري سيٽ تان هدايت الله صاحب جو پٽ ڪامياب ٿيو.(6 5 )

خود سيد صاحب واري تڪ ۾ به کلي عام مداخلت ڪئي ويئي پر اتي ڪاميابيءَ جي باري ۾ شڪ هو ۽ خوش قسمتي سان ليگ ٻين سڀني تڪن تي پنهنجي سر سوڀ ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. جناح صاحب، کهڙي صاحب کي چيو هو ته هو ذاتي طور تي سيد صاحب جي تڪ ۾ وڃي، پر کهڙي صاحب ائين ڪرڻ کان معذرت ڏيکاري. کهڙو صاحب هونئن ته هميشه جناح صاحب جي مرضيءَ تي هلندو هو پوءِ ڀل اها سندس جي خلاف ڇو نه هجي، پر هن معاملي تي کهڙو صاحب ائين نه پئي ڪري سگهيو. سيد صاحب جا مسلم ليگ سان ڪهڙا اختلاف هئا يا خود کهڙي صاحب سان ڪهڙا به سياسي فرق هئا ان کان الڳ ٿي کهڙو صاحب پاڻ کي سيد صاحب جي خلاف ان چڙهائي جو حصو نه پئي بڻائي سگهيو. ڇو ته هو محسوس ڪري رهيو هو ته سيد مصيبت واري وقت ۾ سندس ڪم آيو هو. جناح صاحب ان کان اڳ 1946 ع جي سنڌ وارين چونڊن ۾ کهڙي صاحب تي زور رکيو هو ته هو سيد صاحب جي چونڊ تڪ ۾ وڃي چونڊ لاءِ مهم هلائي پر کهڙي صاحب ذاتي دوستيءَ جي بنياد تي ائين ڪرڻ کان نابري واري هئي. هن ڀيري به جناح صاحب اهڙو زور رکيو. جيتوڻيڪ هو نومبر جي پوين ٻن هفتن ۾ ڪراچي ۾ هجڻ بدران لنڊن ۾ ڪيبينيٽ سان بحث مباحثي ۾ رڌل هو، پر مس جناح کي ٻه ڀيرا خاص پيغام ڏيئي کهڙي صاحب جي گهر موڪليو ته هو سيد صاحب جي چونڊ تڪ ۾ وڃي. پر انهيءَ دٻاءَ جي باوجود به کهڙي صاحب معذرت گهري. کهڙي صاحب کي پڪ هئي ته سيد خلاف ڪم ڪرڻ کان انڪار تي جناح صاحب کي ضرور چڙ آئي هوندي ۽ ان سان کيس اهو نقصان رسندو، جو چونڊن بعد وڏ وزارت جي ڪرسي کيس نه ملندي.

چونڊ جا نتيجا مسلم ليگ جي حق ۾ آيا. ان جنوري واري چونڊ ۾ مسلم ليگ ووٽن جو 0 6  سيڪڙو حاصل ڪيو هو ۽ هاڻي اهو وڌي 9 .83  سيڪڙو ٿي ويو ۽ ان 5 3  مسلم سيٽن مان 34  تي ڪاميابي ماڻي. ڪانگريس 18  عام هندو سيٽون کٽيون ۽ عورتن جي هڪ نشست، پورهيتن جي هڪ نشست، واپار ۽ صنعتن واري نشست سميت ڪل 1 2  سيٽون حاصل ڪيون.* کهڙي صاحب کي خاطري هئي ته مسلمانن جي اڪثريتي نئين اسيمبلي ۾ وڏ وزارت کيس ملندي ۽ پارليامينٽري پارٽي جي اجلاس ۾ به هن 34  ووٽن مان 25  ووٽ حاصل ڪيا. پر جناح صاحب هڪ ڀيرو ٻيهر کيس وڏ وزارت جي دعويٰ تان هٿ کڻڻ لاءِ چيو، ان صورتحال تي سيد صاحب هيٺيون تبصرو ڪيو:

”ليگ جي نئين اسيمبلي پارٽي ۾ نئين حڪومت ۾ وڏ وزارت جي عهدي لاءِ  کهڙو صاحب سڀني کان مضبوط اميدوار هو. کيس 35  ميمبرن مان 5 2  جي حمايت حاصل هئي. جناح صاحب جيڪو هن وقت ڪراچي آيل هو ۽ مير  بنده علي ٽالپر وٽ ٽڪيل هو، تنهن ذاتي طور تي پراڻي ٽولي کي ٻيهر سنڌ مٿان ٿاڦيو. شيخ غلام حسين صاحب هدايت الله صاحب، جنهن کان ”سَر“ وارو خطاب جيتوڻيڪ کسجي ويو، پر سندس اهميت اڃان برقرار هئي ۽ گورنر صاحب جي پٺڀرائي ۽ مسلم ليگ جي صدر جي سرپرستي ۾ وڏ وزارت جي گاديءَ جا مزا ماڻيندو رهيو.“(8 5 )

کهڙي صاحب پاڻ به محسوس ڪيو ته ساڻس نا انصافي ٿي رهي آهي ڇو ته پهريان به ڪافي ڀيرا هن کان قرباني گهري ويئي ۽ هو هر ڀيري پاسي ٿي بيٺو ته جيئن هدايت الله صاحب، جيڪو مسلم ليگ کي بليڪ ميل ڪري رهيو هو، وڏو وزير بڻجي سگهي. هن کي ضرور اهڙو خيال آيو هوندو ته هو ويهن ساٿين سميت اپوزيشن ڏانهن هليو وڃي. ڇو ته ان مرحلي تي به هو ائين ڪري ها ته کيس وڏ وزارت جي ڪرسي آسانيءَ سان ملي وڃي ها. پنجاب ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي اڪثريت ملي هئي پر سرحد صوبو مسلم ليگ سان گڏ نه هو. جيتوڻيڪ کهڙي صاحب کي ڪي اهڙا ايڪڙ ٻيڪڙ خيال به آيا هوندا پر هو پنهنجي مقصد ۾ پختو يقين رکندڙ هو ۽ هو ان مرحلي تي ان کي پٺي ڏيئي نه پئي سگهيو. مٿان وري جناح صاحب اها خاطري ڪرائي سندس هيانءُ تي ڇنڊو هنيو ته ملڪ آزاد ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جو پهريون وڏو وزير کيس بڻايو ويندو. جناح وزارت جوڙڻ جي اعلان ۾ ڪجهه دير ڪئي جيئن جيڪي ٿوريون گهڻيون ناراضگيون ٿيون آهن اهي ٿڌيون ٿين. هن 3  جنوري تي وزارت بابت فيصلو ڪيو. سنڌ واحد صوبو هو جنهن ۾ جناح صاحب پنهنجي مرضيءَ سان وزير مقرر ڪري پئي سگهيو ۽ هن خوب سوچ ويچار کان پوءِ وزير مقرر ڪيا. کهڙي صاحب کي پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ڏنو ويو ۽ اضافي طور تي ڊيولپمينٽ جو کاتو به کيس ڏنو ويو، جنهن ۾ وڏو ڪم ٿيڻو هو ۽ اهو کاتو ڏيڻ جو مقصد شايد کهڙي صاحب کي خوش ڪرڻ هو جيڪو وڏ وزارت نه ملڻ سبب ڪجهه مايوس هو ....

”وزارت جو اعلان 3  جنوري تي ڪيو ويو. خبر نه آهي ته هن ايتري دير ڇو ڪئي. پر ممڪن آهي ته غلام حسين جي ڪرسي کسڻ لاءِ کهڙي صاحب جي ڪوشش سان جيڪو جوش خروش اڀريو هو، جناح صاحب شايد ان جي ماٺي ٿيڻ جي انتظار ۾ هو. جناح صاحب 1 2  تاريخ تي مون کي جيڪي تجويزون ڏنيون هيون انهن مان هن واحد ڀڃڪڙي اها ڪئي ته ”ڊيولپمينٽ“ جو کاتو به پي ڊبليو ڊي سان گڏ اضافي طور تي کهڙي صاحب کي ڏنو ويو. هن ائين ڪرڻ کان اڳ فون تي مون سان حال احوال ڪيو هو. مان سمجهان ٿو ته کهڙو صاحب اها آڇ قبول ڪندو ۽ غلام حسين صاحب جي وڏ وزارت خلاف ٻيهر ڪوشش نه ڪندو، خاص ڪري ان لاءِ کيس ڊيولپمينٽ جو وزير بڻائي مڙيئي ڪجهه اهميت ڏني ويئي آهي.“(9 5 )

موڊي صاحب ڪابينه ۾ ٻين مقررين بابت تفصيل ڏيندي لکي ٿو:

”گهرو معاملن جي وزارت مير بنده علي صاحب کي ڏني ويئي آهي. جيڪو بيوقوف ته آهي پر ايماندار آهي. ”ڪراچي ڊيلي“ جي بقول هو بي ضرر ماڻهو آهي ۽ مان نه ٿو سمجهان ته هو ڪو مسئلو کڙو ڪندو .... اصل ڳالهه اها آهي ته اها (گهرو معاملن جي وزارت) غلام علي ٽالپر کان پري رکي ويئي آهي، جنهن گذريل ڀيري ان وزارت کي غير قانوني ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب هلايو هو.... تنهن کان سواءِ مان ميڊيڪل ۽ تعليم جا قلمدان پيرزادي عبدالستار صاحب کان واپس ورتا آهن ڇو ته هو انتهائي سست ماڻهو آهي. کيس هاڻي روينيو وارو کاتو ڏنو ويو آهي، جيڪي اصل ڪم هونئن به روينيو ڪمشنر ڪندو آهي.“(60)

کهڙي صاحب جو سڀاءُ اهڙو هو جو هن پنهنجي شڪايتن جي گهڻي دانهن نه ڪئي ۽ کيس جيڪي نوان چيلينج ڏنا ويا هئا، تن جو هن پنهنجي روايتي مڙسي ۽ سگهه سان مقابلو ڪرڻ شروع ڪيو.

وزارت جو پهريون ڪم ئي اڌ ۾ رهيل هو ۽ ماضيءَ ۾ وزارتن جي ڪم ڪار بابت مڪمل ڄاڻ هجڻ ڪري کهڙو صاحب سمجهي پيو ته جيڪڏهن ڪم کي اڪلائڻو آهي ته تيز رفتاري ۽ چستي کان ڪم وٺڻو پوندو. ڊيولپمينٽ واري وزارت توڙي پي ڊبليو ڊي ۾ کهڙي صاحب کي وڏا چيلينج درپيش هئا. کيس نه رڳو جنگ کان پوءِ واري صورتحال کي سڌارڻو هو پر پنجاب جي ندين واري ۽ سنڌو نديءَ بابت سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻو هو ۽ جيئن ته سنڌ انهيءَ درياءَ جي پڇڙي تي واقع هئي تنهن ڪري ضرورت اهڙي ماڻهوءَ جي هئي جيڪو مڙسيءَ سان ڳالهائي وڌ کان وڌ حق حاصل ڪري سگهي. کهڙي صاحب کي اها به خاطري نه هئي ته انهن نازڪ ۽ ڏکين معاملن کي نبيرڻ لاءِ جنهن سياسي پٺڀرائي جي ضرورت هوندي آهي هدايت الله واري سنڌ حڪومت اها کيس ڏئي به سگهندي يا نه، پر کهڙو صاحب ميدان ڇڏي وڃڻ وارن مان نه هو ۽ هن ترت ئي ان ڏس ۾ پنهنجو منصوبو ڪابينه جي اجلاس آڏو پڌرو ڪيو:

”ويهينءَ تاريخ تي ڪابينه جو هڪ ڊگهو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪافي معاملن تي ويچاريو ويو، جيتوڻيڪ مان هڪ ٻه اسم ڪونه ڪو بهانو ڪري پوئتي رکيا ته جيئن جڏهن ماحول سازگار ٿئي تڏهن اهي پيش ڪيان. وزيرن جي گهڻائي اهو سمجهي رهي هئي ته ڪجهه تجويزون، جيڪي ڊيولپمينٽ واري ڪم جي حوالي سان پيش ٿيون، تن ذريعي کهڙي صاحب کي تمام گهڻا اختيار ملي رهيا هئا، جيڪو هاڻي ڊيلوپمينٽ جو وزير هو. مان سمجهان ٿو ته مان کين آخرڪار راضي ڪري ويندس ڇو ته هن وقت اهم ڳالهه اها آهي ته کهڙي صاحب کي هن وقت مڪمل طور تي رڌل ۽ مصروف رکيو وڃي. ڇو ته ٻي صورت ۾ هو هدايت الله صاحب خلاف وري نئين سر جوڙ توڙ ڪرڻ شروع ڪندو. گڏوگڏ هو انتهائي قابل ماڻهو آهي ۽ کيس ڪمن اڪلائڻ جي صلاحيت پڻ آهي.“(1 6 )

کهڙي صاحب جي ساٿي وزيرن جو سندس ڪم ۾ رڪاوٽون وجهڻ وارو رويو کيس مسلسل پريشان ڪندو رهيو. ان اختلاف ۽ دشمنيءَ جو وڏو سبب ته اهو هو جو وڏي وزير کي ڊپ هو ته سندس تختو اونڌو نه ڪيو وڃي ۽ گڏوگڏ اهو حسد به ڪارفرما هو ته انهن جي وچ ۾ هڪ وڌيڪ لائق ۽ قابل وزير موجود آهي، پر اهو به سچ هو ته کهڙو صاحب پنهنجي ساٿي وزيرن جي معاملن ۾ جنهن بي صبري ۽ تڪڙ جو مظاهرو ڪري رهيو هو ان سان به اختلاف جنم وٺي رهيا هئا. جن معاملن تي هو سمجهندو هو ته عمل درآمد ضروري ۽ اڻٽر آهي، هو انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪاهي پوندو هو، پوءِ ڀل اهي مسئلا لازمي طور تي سندس وزارت سان غير لاڳاپيل ڇونه هجن. وزيرن کان اهڙيون شڪايتون به ملي رهيون هيون ته کهڙو صاحب ڪافي معاملن تي عمل درآمد لاءِ هٿ سان نوٽ لڳائي اهو لاڳاپيل وزير کي ڏيندو هو ته هو ان تي ان جو ان وقت صحيح ڪري. مير بنده علي صاحب جهڙا ڪجهه وزير ته ان ڳالهه تي ڪو اعتراض نه ڪندا هئا پر ڪجهه ٻيا وزير ان ڳالهه تي ڪاوڙبا هئا ۽ ان عمل کي پنهنجي اختيارين جي حد ۾ بي جا مداخلت سمجهندا هئا ۽ کهڙي صاحب جا ڪافي دشمن انهن وزيرن جي ناراضگيءَ کي کهڙي صاحب خلاف ڪاميابيءَ سان استعمال ڪندا هئا. سنڌ ۾ جن به گورنر صاحبن سان کهڙي صاحب ڪم ڪيو تن ۾ موڊي صاحب سندس تمام گهڻو خيال ڪندو هو ۽ هو کهڙي صاحب جي سڀاءَ ۽ صلاحيتن جو پڻ وڌيڪ بهتر پارکو هو ۽ هن آڪٽوبر 1946 ع ۾ ئي ويول صاحب کي مشورو ڏنو هو ته کهڙي صاحب کي سنڌ جي سياسي ڇڪتاڻ کان ٻاهر ڪڍيو وڃي:

”کهڙو صاحب هڪ خاص سڀاءُ جو مالڪ آهي ۽ سندس ذاتي دوست تمام گهٽ آهن.... منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه ڏک جوڳي آهي ته جناح صاحب اوهان جي ڪائونسل لاءِ سندس چونڊ نه ڪئي. هو هڪ بهترين ايڊمنسٽريٽر آهي ۽ جيڪڏهن کيس سنڌ جي سازشن ۽ ذاتي رنجشن واري ماحول مان ڪڍي دهلي موڪلجي ها ته هو پنهنجي ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪري ها.“

کهڙي صاحب جي صلاحيتن جو بهترين لاڀ وٺڻ لاءِ جيتوڻيڪ مرڪز هڪ مناسب ميدان ٿي پئي سگهيو، پر کهڙي صاحب ڪڏهن به مرڪز ۾ عهدو وٺڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي. هن رڳو هڪ مرڪزي وزارت قبولي جيڪا سندس سياسي ڪيريئر جي آخري وزارت هئي. کهڙي صاحب هميشه سنڌ جي وڏي وزير طور پنهنجو ڪردار وڌيڪ اهم پئي سمجهيو، جنهن عهدي تي هو موثر انداز ۾ پنهنجي ان ايجنڊا تي عمل در آمد ڪرائي پئي سگهيو، جيڪا هن  نجي سياسي زندگيءَ جي منڍ ۾ ئي مرتب ڪئي هئي. هن پنهنجي لاءِ صوبائي سياست جو جيڪو ميدان چونڊيو هو تنهن ۾ مڪمل حمايت ۽ سهڪار حاصل ڪرڻ لاءِ صوبائي سياستدانن جي خوشامد، چاپلوسي ۽ منٿ ميڙ ڪرڻ لازم هو ۽ کهڙي صاحب وٽ اهڙي قسم جي ٻه ... چاپڙائپ، منافقت ۽ مڪاريءَ واريون صلاحيتون نه هيون. هو شروع کان وٺي خوشامد ۽ چاپلوسيءَ ڪرڻ کان وئون ويندو هو ۽ انهيءَ ڪري ۽ اِها ”صلاحيت“ نه هجڻ ڪري کيس ڪافي گورنرن ۽ ساٿي سياستدانن جي آشيرواد کان محروم رهڻو پيو. هن جا جيڪي همعصر ساٿي گهٽ اهل هوندا هئا تن جي لاءِ هن کي گهٽ عزت هوندي هئي ۽ هو کين گهڻو برداشت نه ڪري سگهندو هو، ڇو ته هن اهو ڏسي ورتو هو ته سندن سياست ۾ اصول پسنديءَ نالي جي ڪا شي نه آهي ۽ اهي سنڌ ۽ مسلمانن جي مفادن جو وزارت يا ڪنهن ٻئي سڻڀي گرهه خاطر بنان هٻڪ جي سودو ڪري پئي سگهيا. ڪافي ڀيرا هن اهڙيون حڪومتون ڏٺيون هيون جيڪي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪري پئي سگهيون، پر اهي حڪومتون ان لاءِ ٽٽي ويون جو انهن جي ميمبرن جيڪي گهڻو ڪري مسلمان ئي هئا، وزارتن وٺڻ لاءِ غداري ڪري پٺي ڏني هئي. کهڙو صاحب اهڙي قانون سازيءَ لاءِ وقت ۽ صلاحيتون ضايع ڪرڻ ۽ سودي بازي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، جنهن مان عوام کي ڪو لاڀ نه ملندو هجي. هن محسوس ڪيو هو ته هن مٿان اهڙي موثر قانونن منظور ڪرائڻ جي ذميواري آهي جيڪي ان عوام جي زندگيءَ ۾ حقيقي سڌارا ۽ تبديليون آڻن جن جو اعتماد کيس حاصل هو. هن جا جيڪي ساٿي انهن مقصدن جي تڪميل ۾ رڪاوٽ وجهي رهيا هئا، هو پاڻ کي انهن جي ذهنيت تي آڻي نه پئي سگهيو. ان ڏس ۾ موڊي صاحب لکي ٿو:

”گذريل ڏينهن اسان ڪابينه جو هڪ اجلاس ڪوٺايو جيڪو ميمبرن جي ذاتي رنجشن جو شڪار ٿي ويو. هن وقت کهڙي صاحب خلاف ڪافي مخالفت واري فضا موجود آهي. هو ٻين وزيرن جي کاتن ۾ ضرورت کان وڌيڪ مداخلت ڪري ٿو. هي هڪ ئي ماڻهو آهي جنهن کي ڪم اڪلائڻ ۽ گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ جي صلاحيت آهي. مان هن کي گهڻو ڀائيندو آهيان پر عام طور تي هو غير مقبول وزير آهي.“(2 6 )

ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جي انچارج وزير شراب تي پابندي وارو سوال اٿاريو، پر کهڙي صاحب سختيءَ سان ان جي مخالفت ڪئي، جيتوڻيڪ هو پاڻ شراب پيئڻ کان سختي سان پاسو ڪندو هو پر سندس خيال هو ته ”اها پابندي عملي طور تي ممڪن نه هوندي ۽ ان سان سرڪار کي مالي طور تي نقصان ٿيندو.“

”اسان جي نئين وزير ..... پنهنجي مقرريءَ جو اعلان ان پڌرائيءَ سان ڪيو آهي ته سندس پاليسي اها آهي ته شراب تي پابندي وجهي، مان کيس ائين ڪرڻ نه ڏيندس. غلام حسين صاحب ۽ کهڙو صاحب ٻئي شراب تي بندش جا سختيءَ سان مخالف آهن. پهرين جي مخالفت اصولن جي بنيادن تي آهي ۽ پوئين جي مخالفت عمليت پسندي جي بنياد تي آهي.“ (3 6 )

انهن ننڍن مسئلن کان سواءِ ڪجهه اهم ۽ سنجيده مسئلن سان به منهن ڏيڻو هو. اپريل ۾ حڪومت سنڌ يونيورسٽيءَ جو بل پيش ڪيو. جيتوڻيڪ اهو کهڙي صاحب جي وزارت جو معاملو نه هو پر هو سنڌ جي عليحدگيءَ کان پهريائين ئي سنڌ ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو هو ۽ هو جڏهن 1934 ع ۾ ايڊمنسٽريٽو ڪاميٽيءَ ۾ هو تڏهن هن جي ان معاملي تي ڊائو صاحب سان سخت جهڙپ به ٿي هئي. ڊائو صاحب فوري طور تي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ ڪجهه اهڙا نامناسب جملا ڳالهايا هئا جو کهڙو صاحب انهن تي احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪري ويو هو. 1940 ع ۾ منزل گاهه واقعي کان بعد واري دور جي ”قومي“ حڪومت يونيورسٽيءَ جي مسئلي تي ويچارڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي به مقرر ڪئي هئي ۽ ان هڪ رپورٽ جوڙي سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرڻ بابت عمومي اصولن ۽ ضرورتن جي نشاندهي ڪئي هئي. ظاهر هو ته يونيورسٽيءَ جو قيام جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ ئي ممڪن هو. يونيورسٽيءَ جي قيام لاءِ جيڪا ڇڪتاڻ ۽ وٺ وٺان هئي تنهن جو ذڪر موڊيءَ صاحب هن ريت ڪيو:

”ان بل بابت ايترو ته ڊگهو ۽ شديد تڪرار رهيو آهي جو هن وقت مسلم ليگ حڪومت يونيورسٽي لاءِ ايڪٽ جي منظوريءَ کان سواءِ ٻيو ڪنهن ڳالهه تي راضي نه ٿيندي.“ (4 6 )

يونيورسٽي بل منظور ڪرائڻ کان پوءِ حڪومت سنڌ پرائمري تعليم جو بل پاس ڪرايو، جنهن اها پرائمري تعليم لوڪل باڊيز جي اختيار کان وٺي ان جي مالي ذميواري حڪومت مٿان وڌي ويئي. حڪومت کي اميد هئي ته ان سان کيس پرائمري تعليم لازمي ڪرڻ واري مقصد ۾ وڏي هٿي ملندي.

سنڌ رورل لينڊ ٽرانسفر بل اڳين اسيمبليءَ کان وٺي التوا ۾ پيل هو ۽ لينڊ ايلينيشن بل ۽ ڊيٽ ريڪنسائيليشن بل ڊائو صاحب منظور ڪرڻ نه ڏنا هئا پر کهڙو صاحب سنڌ لينڊ هولڊرز مورٽگيج بل منظور ڪرائي اهو خال ڀري ورتو هو. موڊي صاحب اڳوڻي گورنر صاحب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تعاون ڪرڻ وارو ماڻهو هو. جيتوڻيڪ هن به اهو جواز پيش ڪري مٿين ٻنهي بلن کي پاس ڪرڻ کان معذوري ظاهر ڪئي هئي ته هو اڳوڻي گورنر صاحب جي ڪيل فيصلي کي بدلائي نه ٿو سگهي، پر تجويز ڏني ته انهن بلن جي جاءِ تي ڪريڊٽ اينڊ ٽرانسفر بل پيش ڪيو وڃي. انهيءَ بيٺڪيت واري ماحول ۾ عوامي ڀلائي واري قانون سازي ڪرائڻ ڪيترو مشڪل ڪم هو  تنهن جو اندازو وزارت کي درپيش انهن مسئلن مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي نسبتاً هڪ همدرد گورنر صاحب ۽ ايوان ۾ وڏي اڪثريت جي باوجود به قانون منظور ڪرائڻ جي سلسلي ۾ کيس پيش آيا. موڊي صاحب ان قانون سازي جي پراڻي ۽ مقبول عوامي مطالبي کي رد ڪرڻ لاءِ تيار نه هو ۽ هن مرڪز کان واهر طلب ڪئي:

”اهو بل زمين جي اهڙن معاملن بابت آهي جيڪي مشروط وڪري طور گروي رکيون ويون هيون، جڏهن ته لکت وارن ڪاغذن ۾ رڳو وڪري جو ذڪر ڪيو ويو ۽ شرط شروط زباني طئي ڪيا ويا. ان بل ذريعي زميندارن کي اهو موقعو ملندو ته هو عدالت ۾ اها درخواست ڏين ته هنن زمينن کي رڳو گروي رکيو هو ۽ انهن جو وڪرو نه ڪيو هو ۽ ان سلسلي ۾ هو اهڙي زباني شاهدي پڻ ڏيئي سگهندا، جيڪا ٻڌائيندي ته وڪري وارن ڪاغذن واري لکت درست نه آهي. دکن ايگريڪلچر ريليف ايڪٽ ۾ به اهڙي گنجائش ڏنل آهي پر هي بل ان کان به گهڻو اڳتي آهي. مسلمان زميندار جيڪي مسلم ليگ ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکن ٿا، اهي اهو بل منظور ڪرائڻ تي زور ڀري رهيا آهن. جڏهن ته هندو زميندارن مان اڪثريت ان جي سخت مخالف آهي، هندو زميندارن سان ڪجهه ماڻهو ته دهلي به آيل آهن جيئن ان بل کي روڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪن. هي بل اوهان جي رضامندي ۽ فيصلي لاءِ اوهان جي آڏو رکيو ويندو. منهنجي ذاتي راءِ ۾، بل اندر شامل ڪجهه ڳالهيون جيتوڻيڪ عملي طرح تي لاڳو ٿيڻ مشڪل آهن پر اصولي طور تي اهو بل درست آهي جيڪڏهن ان بل جي منظوري روڪي ويئي ته سياسي طور تي مشڪلاتون کڙيون ٿي وينديون. جڏهن مان اهو بل اوهان ڏانهن موڪليندس ته ان سان گڏ ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻ جو هڪ خط به شامل هوندو جنهن ۾ ان بل کي منظور نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيل آهي ۽ ان خط تي هڪ نوٽ ذريعي منهنجي پنهنجي راين جو اظهار ٿيل هوندو.“(65)

جيڪي بل ڊائو صاحب رد ڪيا هئا تن جي ڀيٽ ۾ سنڌ رورل ڪريڊٽ اينڊ لينڊ ٽرانسفر بل سنڌ جي آبادگارن کي گهٽ مطمئن ڪندڙ هو پر پوءِ به اهو بل برطانوي بيٺڪي راڄ جي ان آخري اسيمبليءَ آخرڪار منظور ڪيو. پر آخر تائين جنهن به سنڌي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪا ڪوشش ورتي ته ان کي ڪانه ڪا سزا ڏني ويئي. زرعي جنسن جي اگهن ۾ واڌ سبب آبادگارن کي جيڪو لاڀ ٿيو هو اهو سخت ٽيڪس مڙهي واپس ورتو ويو. پنجاب ۾ اگهه مارڪيٽ ليول تي هئا جنهن جي ڪري نفعو آبادگارن کي پئي مليو، پر سنڌ ۾ مرڪزي حڪومت هميشه پنهنجي پئي مڃرائي. موڊيءَ صاحب ان معاملي تي هلڪو احتجاج ڪيو:

”سنڌ حڪومت سمجهي ٿي ته هندستان سرڪار سنڌ ۾ زرعي جنسن جي گهٽ ۾ گهٽ اگهن کي پنجاب واري سطح تي مقرر ڪرڻ واري مطالبي کي نه مڃي ساڻس نا انصافي ڪئي آهي. پنجاب کي اگهه وڌائڻ جي جيڪا اجازت ڏني ويئي آهي قدرتي طور تي ان سان سنڌ جي زميندارن ۾ به حسد پيدا ٿيو آهي.... سنڌ جي ان ڪيس ۾ ڪافي جان آهي ته سنڌ کي انهيءَ معاملي ۾ بيدرديءَ سان نظر انداز ڪيو ويو آهي .... آخرڪار مان وزيرن کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته هو هندستان سرڪار جي ان فيصلي کي ”احتجاج ڪندي“ تسليم ڪن ۽ سندن احتجاج مٿي پهچايو ويندو.“(6 6 )

پبلڪ ورڪس جي انچارج وزير  طور کهڙي صاحب کي لوئر سنڌ بيراج جي اڏاوت جو وڏو اونو هو ۽ اهو معاملو سنڌوندي ۽ پنجاب جي درياهن جي پاڻيءَ واري ورهاست جي معاملي سان لاڳاپيل هو جنهن تي سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ اختلاف هئا. اهو مسئلو ڪافي پراڻو هو ۽ ان تڏهن جنم ورتو هو جڏهن پنجاب پنهنجي آبپاشي نظام کي وڌايو، خاص ڪري ويهن جي ڏهاڪي ۾ جڏهن پنجاب ۾ ڪينال ڪالونيون قائم ٿيون، جن جو مطلب اهو هو ته جيڪو پاڻي سنڌ ڏانهن وهي رهيو آهي ان مان به وڌيڪ حصو حاصل ڪيو وڃي. پنجاب ۾ آبپاشي واري پاڻيءَ جي وڌيڪ کاپي وارن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سکر وٽ لائينڊ بيراج جوڙي ويئي. جنهن ذريعي پاڻيءَ جو وڌيڪ بهتر استعمال ٿيڻ لڳو ۽ وڌيڪ زمين پوکيءَ هيٺ آئي. پنجاب پاڻيءَ جو واهپو اڃان به وڌائڻ گهري پيو ۽ اهو سنڌ کي سنڌوندي جي پاڻي مٿان مالڪيءَ جا جيڪي تاريخي حق هئا انهن تي اختلاف ۽ جهيڙو ڪرڻ لڳو. کهڙو صاحب پنهنجي قانون سازي واري سڄي ڪيريئر دوران ان مسئلي سان ويجهو لاڳاپيل رهيو. پهريون جڏهن ٻي ڏهاڪي جي پڄاڻي ۽ ٽين ڏهاڪي جي منڍ وقت بيراج جي اڏاوت ٿي ۽ ٻيهر تڏهن، جڏهن هو 1942 ع ۾ پبلڪ ورڪس جو وزير هو. انهيءَ دور ۾ سنڌ ۽ پنجاب سرڪار جي ذهن تي پاڻيءَ جي ورهاست وارو مسئلو ڇانيل هو. کهڙي صاحب رائو ڪميشن ۾ سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ بمبئي جي نامياري وڪيل ڪولٽمين جون خدمتون حاصل ڪيون، انهيءَ وزير 1928 ع وارن سکر جي وڳوڙن واري موقعي تي به کهڙي صاحب لاءِ ڪم ڪيو هو. ڳالهين جي ڊگهي ۽ پيڙا ڀري دور کان پوءِ آخرڪار 1945 ع ۾ ان مسئلي جو نبيرو ٿيو. ان ٺاهه موجب پنجاب جي ندين واري پاڻيءَ تي پهريون حق پنجاب جي واهن جو هوندو ۽ انهن جي سنڌوءَ جي پاڻي تي ڪا دعويٰ نه هوندي. سنڌو جي پاڻي تي (يعني جيڪو به پاڻي درياءَ ۾ وهندو آهي) 5 7  سيڪڙو حق سنڌ جو هوندو. ٺاهه موجب سنڌو ۽ پنجاب جي دريائن جي 7 3 - 3 0 1  ملين ايڪڙ فوٽ مان سنڌ جو حصو47 – 48 ملين ايڪڙ فوٽ (MAF) ۽ پنجاب جو حصو 3 3 - 8 4  ملين ايڪڙ فوٽ رکيو ويو. رائو ڪميشن تجويز ڏني ته پاڻيءَ جي گهربل سطح کي برقرار رکڻ لاءِ سنڌونديءَ تي ٻن وڌيڪ بئراجن جي اڏاوت ضروري آهي. سنڌ حڪومت چاهي پئي ته بئراجن جي اڏاوت واري خرچ جو ٿورو حصو پنجاب به ادا ڪري. ٻنهي حڪومتن اهو اصول تسليم ڪيو ۽ ان ٺاهه کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ مالي معاملن جو نبيرو ڪرڻ ۽ پنجاب جي هم منصب نواب مظفر حسين قزلباش سان ملاقات ڪرڻ لاءِ کهڙو صاحب جولاءِ ۾ شملا رونو ٿيو.(67) پنجاب حڪومت بئراجن جي اڏاوت واري خرچ جو 5 1  سيڪڙو ادا ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو. اهو ٺاهه اڻ ورهايل پنجاب سان پاڻيءَ جي ورهاست طئي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ وڏي ڪاميابي هئي ۽ اهو ٻنهي صوبن وچ ۾ عملي طور لاڳو رهيو.

9 3 9 1 ع کان 5 4 9 1 ع واري جنگ جي ڪري هندستان ۾ ترقياتي رٿائن تي ڪم رڪجي ويا. سنڌ کي ان لحاظ کان وڏو ڌڪ رسيو ته اها رڳو 3  سال پهريان بمبئي کان الڳ ٿي هئي ۽ ان ڪافي اهم ترقياتي رٿائون شروع ڪيون هيون. 5 4 9 1 ع ۾ جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ هندستان سرڪار صوبن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي ترقيءَ لاءِ جامع منصوبا جوڙين. سنڌ حڪومت پوسٽ وار ڊيولپمينٽ وزارت جي ذريعي جنهن کي وڏو وزير پاڻ هلائي رهيو هو، صوبي جي ترقيءَ لاءِ هڪ جامع منصوبو پيش ڪيو. جنوري 1946 ع ۾ نئين جوڙيل ڪابينه ۾ اها وزارت کهڙي صاحب کي ڏني ويئي.

جڏهن کهڙي صاحب اها وزارت سنڀالي تڏهن سنڌ سرڪار صوبي جي ترقيءَ لاءِ جوڙيل رٿا پهريان ئي پيش ڪري چڪي هئي.(68) جيتوڻيڪ اها رٿا ڪافي حد تائين مناسب هئي پر اها رٿا جوڙيندڙ عملدارن ڪافي محتاط ٿي ڪم ڪيو هو ۽ کهڙي صاحب جو خيال هو ته اها رٿا اڃان وڌيڪ جامع ۽ زوردار هجڻ کپي ها. سندس راءِ هئي ته صوبي ۾ صنعتي سيڪٽر جي ترقيءَ کي نظر انداز ڪري تمام وڏي غلطي ڪئي ويئي آهي. کهڙي صاحب آڏو سنڌ سرڪار جو تيار ڪيل جيڪو منصوبو آيو تنهن ۾ سبب ڄاڻايل هئا ته سنڌ کي صنعتي طور تي ڇا لاءِ ترقي نه ڏيڻ کپي: ”سنڌ جون حالتون وڏين صنعتن جي قيام يا وڏي پيماني تي گهريلو صنعت جي ترقيءَ لاءِ سازگار نه آهن. وڏين صنعتن لاءِ سستي بجليءَ جي موجودگي بنيادي شرط آهي ۽ صوبي وٽ اها سهولت موجود نه آهي ..... صنعتي ترقي جو دارو مدار انهيءَ ڳالهه تي به آهي ته هندستان سرڪار سڄي ملڪ لاءِ مجموعي طور تي ڪهڙي صنعتي پاليسي اڳيان پئي آڻي. تنهن ڪري صنعتن واري کاتي جي رٿائن ۾ ڪنهن اهم صنعت جي ترقيءَ واري تجويز شامل نه آهي.“(69) منصوبي ۾ اهو چيو ويو هو ته تيلي ٻجن، اعليٰ قسم جي لوڻ، اُن، ڪپهه ۽ سيمينٽ وارن شعبن ۾ صنعتون جوڙڻ جا امڪان موجود آهن. پر کهڙي صاحب محسوس ڪيو ته ڪراچي شهر جيڪو برصغير ۾ اهم هوائي اڏي ۽ بندرگاهه جي سهولت پڻ رکي ٿو، اهو هڪ صنعتي مرڪز بڻجڻ لاءِ بي حد موزون آهي. سندس خيال ۾ صوبي اندر صنعتي ترقيءَ جي وڏي گنجائش موجود هئي ۽ هن سمجهيو پئي ته ڪراچيءَ ۾ مناسب سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ هڪ صنعتي علائقي جي جوڙڻ سان سنڌ ۾ ڪافي سيڙپڪاري آڻي سگهجي پيئي.

ان ڏس ۾ کيس موڊيءَ صاحب جي به ڀرپور حمايت حاصل رهي. کهڙي صاحب برطانيه کان هڪ ناميارو ٽائون پلاننگ ڪنسلٽنٽ ليفٽيننٽ ڪرنل سويان ٿامس صاحب کي گهرايو ۽ ان کي عظيم تر ڪراچيءَ جي رٿا جوڙڻ جو ڪم سونپيو، جنهن ۾ سنڌ انڊسٽريل اينڊ ٽريڊنگ اسٽيٽ (سائيٽ) جي نالي سان هڪ وڏي صنعتي علائقي جي تياريءَ جو ڪم به شامل هو. اهڙي ريت ڪراچيءَ جو شهر خوشحالي ۽ مناسب طريقي سان واڌ ويجهه ۽ توسيع جي رستي تي گامزن ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويو.


*  چونڊ جا نتيجا هي هئا: مسلم ليگ34، ڪانگريس 19 (+پورهيت+ڪامرس+واپار ۽ صنعت) يورپي، 3، جميعت 2

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org