باب يارهون
مخلوط حڪومت
مير بنده علي ٽالپر جي وڏ وزارت هيٺ مخلوط حڪومت
18 مارچ 1940 تي حلف کنيو. ان کان هڪدم پوءِ کهڙو صاحب لاهور
روانو ٿيو، جتي مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس 3 2 ۽
4 2 مارچ تي ٿيڻو هو. لاهور ۾ عجيب صورتحال هئي،
پنجاب ۾ يونينسٽ پارٽيءَ جي وڏي وزير سر سڪندر
حيات جو انهن شرطن تي مسلم ليگ سان هڪ پيچيده
اتحاد ٿيو هو، ته جناح صاحب پنجاب بابت آل انڊيا
سطح تي ڳالهائيندو ۽ مسلم ليگ پنجاب جي اندروني
معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي. سر سڪندر حيات ۽ سندس
ساٿي 38
-1937
ع ۾ جناح صاحب جي مسلم ليگ کي نئين سر منظم ڪرڻ
کان وٺي ڪوشش ۾ هئا ته ڪنهن ريت مسلم ليگ کي پنجاب
۾ گهڙڻ نه ڏجي. سو ان ريت سر سڪندر حيات جيتوڻيڪ
دوستيءَ جو ٻاهريون ڏيک برقرار رکڻ لاءِ تيار هو،
آگسٽ 1938 ع
۾ سنڌ ۾ ٿيل مسلم ليگ اجلاس ۾ به شريڪ ٿيو پر هن
پنجاب ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ وارين جناح صاحب جي
ڪوششن جي مزاحمت به ٿي ڪئي. ان جو جزوي سبب اهو به
ٿي ڏٺو ويو ته تن ڏينهن ۾ اقليتي صوبن جا مسلمان
مسلم ليگ تي ڇانيل هئا ۽ ليگ به گهڻي ڀاڱي سندن
مفادن جي ڳالهه ٿي ڪئي، جيڪي اڪثريتي صوبن جي
مسلمانن جي مفادن جي ابتڙ نه ته به ڪوهين ڏور ضرور
هئا.
يونينسٽ پارٽيءَ جي قيادت کان سواءِ جناح صاحب کي
بنگال جي مسلم قيادت کي به پنهنجي صفن ۾ آڻڻ ۾
ڏکيائي ٿي رهي هئي. پنجاب وانگر بنگال ۾ به
اصفهاني وغيره جهڙن ڪجهه شهري مسلمان واپارين کان
سواءِ مسلم ليگ لاءِ ڪي همدرداڻا جذبا نه هئا ۽
جيتوڻيڪ فضل حق
1938 ع ۾ سنڌ ۽
ايستائين جو 1940ع
۾ لاهور اچڻ لاءِ تيار به هو پر هو پنهنجي صوبي جي
سياست ۾ ڪنهن به مداخلت کي قبولڻ لاءِ تيار نه هو.
وائسراءِ جناح صاحب سان سر سڪندر حيات جي ناتن
بابت پر اعتماد هو ۽ توقع آهر پنجاب جي معاملن ۾
تمام گهڻي دلچسپي ٿي ورتائين. آگسٽ
1939 ع جي آخر ۾
سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي لکيائين:
”سڪندر صاحب جو گذريل ڇنڇر تي ڏنل بيان جناح صاحب ۽ آچر ڏينهن دهليءَ ۾
اجلاس ڪندڙ مسلم ليگ جي توبن کي مڏو ڪرڻ لاءِ
انتهائي اثرائتو ٿو لڳي. اوهان ڏانهن هڪ ذاتي خط
جو نقل پڻ اماڻيان پيو جيڪو سڪندر صاحب وٽان مليو
اٿم. مون کي اهو واضح طور تي نظر پيو اچي ته مسلم
ليگ ۽ پنجاب، بنگال ۽ ٻين اهم مسلمان مرڪزن وچ ۾
ناتا ڇڪتاڻ وارا بڻيا آهن ۽ انهن ۾ ٽوڙ جا امڪان
آهن. ظفر الله صاحب مون کي ڄاڻايو ته دهليءَ ۾
ٿيندڙ مسلم ليگ جي خفيه گڏجاڻي ۾ جناح صاحب هڪ
ڀيرو ٻيهر پنهنجي مرضيءَ آهر وهنوار هلائڻ جي
اجازت ڏيڻ لاءِ منٿ ڪئي ۽ ذاتي قرباني ڏيڻ لاءِ
تيار هئڻ جو اظهار ڪيائين ته جيڪڏهن کيس بي روڪ ڪم
ڪرڻ ڏنو ويو ته هو مستقبل قريب ۾ اسان کي (انگريز)
گوڏن ڀر ڪيرائي وجهندو. هاڻ هو مرڪزي اسيمبليءَ جي
سفارشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پهتو آهي پر آءٌ ڪنهن لڙائي
ٿيڻ يا سمورين پارٽين جي اڳواڻن سان رابطي جي
گهرجائو صورتحال پيدا ٿيڻ تائين هن سان رابطي جو
نه ٿو رٿيان.“ (1 )
فيبروري
1939 ع ڌاري سڪندر
حيات صاحب فيڊريشن اسڪيم ۾ پنهنجي ترميم طور صوبن
کان وڌيڪ اختياري وارن ٽن بلاڪن طور هڪ اسڪيم پيش
ڪئي هئي، جيڪا ان وقت زيٽلينڊ جي خيال موجب عمل
جوڳي نه هئي پر نه چاهيندي به واقعا اوڏانهن رخ
ڪري رهيا هئا، جيئن مارچ 1940
ع تائين واضح ٿيڻو هو.
پر ان کان اڳ مسلم ليگ لاءِ پنجاب ۽ بنگال جو
سهڪار ماڻڻ ۾ ڪجهه وقت لڳو. هڪ پاسي سڪندر حيات
صاحب مسلم ليگ سان ”اک ٽيٽ“ ڪري رهيو هو ته ٻئي
پاسي پنهنجي يونينسٽ پارٽيءَ کي خوش ۽ مطمئن ٿي
رکيائين ته مسلم ليگ سان سندس تعلق پنجاب ۾
مسلمانن، سکن ۽ هندن جي مفادن ۾ توازن رکڻ واري
سندس پاليسيءَ کي ڇيهو نه رسائيندو. پنجاب ۾ مسلم
ليگي اڳواڻ شهري مسلمان هئا جن مان اهم سر محمد
اقبال صاحب ۽ ملڪ برڪت علي صاحب هئا، پر ڳوٺاڻي
مفاد وارا حيات صاحب، دولتانا صاحب، ٽوانا صاحب
وغيره مڪمل طور تي يونينسٽ هئا. سر سڪندر حيات
صاحب کي ساڳي وقت غير يقيني ڌرين احرارن* سان به منهن ڏيڻو ٿي پيو. عوامي شيوا جا مقصد رکندڙ خاڪسار پارٽيءَ
يونيفارم سميت فوجي طرز تي منظم ٿيل هئي ۽ ان ريت
يورپ جي فاشي پارٽين جو چهرو هئي. ان تنظيم خاص
طور تي سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد صوبي ۾
مقبوليت ماڻي ۽ ان جا ميمبر رڳو شهرن جا عام ماڻهو
ئي نه پر زميندار ۽ آبادگار پڻ هئا. آهستي آهستي
خاص طور تي
1936ع کان وٺي يونينسٽ حڪومت ۽
خاڪسار پارٽيءَ وچ ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿي رهيو هو.
آخرڪار مارچ 1940ع ۾ سر سڪندر حيات صاحب جي حڪومت
خاڪسارن جي پريڊن، يونيفارمن ۽ ويڙهاڪ نماءُ تي
پابندي وڌي. علاما مشرقيءَ ڪاوڙ ڀريو رد عمل ظاهر
ڪيو ۽ سمورن صوبن کان خاڪسارن کي حڪومت مخالف
مظاهري لاءِ لاهور گهرايائين. علاما مشرقي پاڻ ته
دهليءَ ۾ ئي رهيو پر سرحد صوبي سان تعلق رکندڙ
پنهنجي نائب خوشحال خان جدون کي حڪومت جي مڙهيل
پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندي 313
رضاڪارن (اهو تعداد حضرت محمد ﷺ جي پهرين جنگ بدر
۾ مسلمانن جي تعداد جيترو هو) سان پهريون مارچ ڪرڻ
لاءِ چيائين.
19 مارچ تي مسلم
ليگ اجلاس ٿيڻ کان ڪي ٿورڙا ڏينهن ئي اڳ 313
خاڪسار رضاڪارن بادشاهي مسجد ڏانهن مارچ ڪرڻ شروع
ڪيو. رستي تي پوليس سان سندن ٽڪراءُ ٿيو ۽ فائرنگ
دوران ٽيهن کان وڌيڪ خاڪسار اجل جو شڪار بڻيا،
جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا. خاڪسارن لاءِ جوڳي
همدردي هئڻ ڪري راءِ عامه انتهائي ڏک ۽ ڪاوڙ جو
اظهار ڪيو. سر سڪندر حيات صاحب ڏکي صورتحال ۾ ڦاسي
پيو. ڪجهه ڏينهن ۾ مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس ٿيڻ
وارو هو. پنجاب جا مسلم ليگي اڳواڻ خاص طور تي ملڪ
برڪت علي انتهائي ڪاوڙ ۾ هئا ۽ چاهيائون ٿي ته
سڪندر حيات صاحب کي مسلم ليگ مان خارج ڪيو وڃي. پر
هو پنهنجي سفارتي صلاحيتن ۽ سياسي مرتبي سبب
انهيءَ خطرناڪ گهوٽالي کي ٽارڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
22 جي شام
هو مسلم ليگ جي سبجيڪٽ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ آيو
۽ صورتحال ۽ پنهنجي ذاتي حيثيت جي وضاحت ڪيائين.
هن انتهائي جذباتي انداز ۾ ڳالهايو ۽ آخر ۾ سڏڪن ۾
پئجي ويو. مسلم ليگي اڳواڻن جون همدرديون ماڻي
ورتائين ۽ جناح صاحب بلاشڪ ڄاتو ته انهيءَ نازڪ
موقعي تي کيس معاف ڪرڻ سان صوبي ۾ سندس وفاداري
مسلم ليگ لاءِ حاصل ڪري سگهجي ٿي جتي اڳتي وڌڻ
انتهائي ڏکيو ثابت پئي ٿيو.
ان ريت مسلم ليگي اجلاس لاهور ۾ ڇڪتاڻ واري ماحول
۾ شروع ٿيو. ڪانفرنس جي ماڳ بادشاهي مسجد ڀرسان
منٽوپارڪ هو، جتان خوني ٽڪراءُ وارو ماڳ ڪو گهڻو
پري نه هو. ڪانفرنس انتهائي ڪامياب رهي، وڏي تعداد
۾ ماڻهو جوش و خروش سان ان ۾ شريڪ ٿيا. ٽئين ڏينهن
تي
19 آڪٽوبر واري
واقعي بابت هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ٺهراءُ
خاڪسارن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي واقعي جي ڪنهن
اڻ ڌري ڪميٽيءَ ذريعي جاچ ۽ خاڪسارن تان پابندي
هٽائڻ جي گهر ڪئي. سر سڪندر حيات صاحب جو ڪو حوالو
نه ڏنو ويو ۽ جناح صاحب واضح ڪيو ته ڏوهه جو الزام
جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ئي لڳائي سگهجي ٿو. بهرحال
مسلم ليگ جي سهڪاري ورتاءُ جي باوجود لاهور
۾خاڪسارن واري واقعي پنجاب ۾ هڪ تلخي پيدا ڪئي،
جنهن اڃا جليانوالا باغ واري قتل عام کي نه وساريو
هو. گورنر صاحب سميت انگريز اهلڪارن جي مدد سان ئي
سر سڪندر حيات انهيءَ ڏڦيڙ مان نڪري سگهيو. مسلم
ليگ ڪانفرنس ۾ سندس نقادن کي جناح صاحب جي خاموش
حمايت چپ ڪرايو ۽ سر سڪندر حيات صاحب هندستان جي
آئيني نبيري بابت پنهنجي اسڪيم پيش ڪري سگهيو،
جنهن ۾ هندن ۽ مسلمانن هٿان ڪنٽرول ٿيندڙ ڌار
انتظامي زون پڻ شامل هئا. دراصل انهن ڌار زونن جي
حد بندين واسطي ڪيتريون ئي اسڪيمون پيش ڪيون ويون
هيون، جن ۾ هڪ سر عبدالله هارون صاحب جي پڻ پيش
ڪيل هئي.*
مسلم ليگي اڳواڻ ماضيءَ قريب تائين هندستان جي
ڪيترن ئي صوبن ۾ راڄ ڪندڙ ڪانگريسي حڪومتن جي
ورتاءُ تي ناراض ۽ مايوس هئا. ڪانگريسي قيادت جي
غرور اهو واضح ٿي ڪيو ته جيستائين آزاديءَ لاءِ
جدوجهد جو تعلق هو ڪانگريس ئي سچي پچي ڏياٽي کڻندڙ
هئي. ان جي سيڪيولر ساک ۽ اقليتن خاص طور تي
مسلمانن سان درست وهنوار رکڻ بابت مسلمان اڳواڻ
شڪي هئا. اهو شڪ يوپي صوبي جي مثال مان ثابت ٿي
ٿيو جتي
1936 ع وارين چونڊن
کان پوءِ مسلم ليگين کي ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ تائين
حڪومت ۾ شامل نه ڪيو ويو هو. پنجاب جا شهري اڳواڻ
پڻ ڪانگريس سان ٺاهه جا مخالف هئا. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ
مسلمان وڏي اڪثريت ۾ هئا پر سندن Weightage
حيثيت ايتري گهٽائي ڇڏي هئي جو هو ڪجهه ميمبرن جي
بليڪ ميل جا يرغمالي هئا ۽ ان صورتحال ۾ ڪانگريس
”بادشاهه گري“ جو ڪردار ٿي نڀايو. ان عبدالله
هارون صاحب جهڙن مسلم ليگي اڳواڻن کي سهمت ڪيو هو
ته سمورن مسئلن ۽ پيڙائن جو حل هڪ ڌار مسلمان
رياست آهي ۽ هو ان خيال جو سرگرم حمايتي رهيو.
کهڙي صاحب جهڙي عملي ماڻهوءَ واسطي، جيتوڻيڪ هڪ ڌار مسلم رياست ڏورانهون
سپنو هئي پر مسلمانن جي نوڪرين ۾ ڀرتين يا مسلمانن
جي عمومي بهتريءَ لاءِ اپاءُ وٺڻ ۾ ڪانگريس ۽ هندو
آفيسرن جون پيدا ٿيندڙ رڪاوٽون روزمرهه جون
حقيقتون هيون. کهڙي صاحب ان ڳالهه کي ڪڏهن به نه
لڪايو ته سندس زندگيءَ جو مقصد سنڌي مسلمانن جي
بهتري آهي ته جيئن هو پنهنجي صوبي ۾ مڪمل ۽ عزت
ڀري زندگي گهاري سگهن. جي ايم سيد صاحب جهڙن
اڳواڻن، جيڪي تمام گهڻي حد تائين سوشلزم ڏانهن
مائل هئا ۽ جن جون هم خيال هندن سان ويجهيون
دوستيون هيون، جن اهو سوچڻ کي ترجيح ٿي ڏني ته هو
صوفي خيالن جا پيروڪار آهن، جن کي اهو نتيجو ڪڍڻ
تي مجبور ڪيو ويو ته جڏهن هندو مفادن يا مسلمان
مفادن وچ ۾ ڀيٽ جي صورتحال ٿي پيدا ٿئي ته هندن جي
سرمائيدارن ۽ مسلمانن جي استحصال ٿيل غريبن جي
نمائندگي ڪرڻ جي باوجود سمورا هندو اڳواڻ پنهنجي
برادريءَ جي مفادن کي ترجيح ڏيڻ ٿي لڳا. ورهاڱي
کان ترت پوءِ لکيل پنهنجي ڪتاب ”نئين سنڌ لاءِ
جدوجهد“ ۾ جي ايم سيد صاحب ڪانگريس وٽان کيس مليل
مايوسين ۽ وقت بوقت سندن ڌڪ ڪڍڻ جو ذڪر ٿو ڪري،
جڏهن ته کيس وٽانئن سمجهه ۽ سهڪار جي توقع هئي.
انهن حالتن ۾ ڪانگريسي وزارتن جي استعيفائن وارن
ڏينهن ۾ ٿيل لاهور واري ڪانفرنس ۾ سڀاءُ آجپي ۽
سڪون ماڻڻ وارو هو ۽ عمومي احساس اهو هو ته مستقبل
۾ ڪانگريسي راڄ ٿيڻ جي صورت ۾ مسلمانن جي حثيت جي
خاطريءَ لاءِ آئيني تحفظ هئڻ گهرجن. ان وقت
آزاديءَ جي صورت ۾ مسلمانن جي حيثيت بابت ڪو
تفصيلي ڪم ٿيل نه هو. آزاديءَ جا ڪي تڪڙا امڪان نه
هئا. ايستائين جو آڪٽوبر 1939ع ۾ مهاڀاري لڙائي
شروع ٿيڻ کان پوءِ به ڊسمبر ڌاري لنلٿگو زيٽلينڊ
کي لکي رهيو هو:
”بهر صورت اسان
1935 ع واري ايڪٽ جي
صورت ۾ آئين ان ڪري جوڙيو جو اسان سمجهيو ٿي ته
ٻنهي ملڪن ۾ سياسي حيثيت ڏيڻ لاءِ اهو هندستان ۾
برطانوي اثر قائم رکڻ جو بهترين دڳ هو. اها اسان
جي پاليسي نه آهي ته هندستان ۾ ڪي آئيني تبديليون
آڻيون، يا تڪڙ ڪري آئيني حق سندن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيون.
اهو سڀ اهڙيءَ رفتار سان ڪرڻو آهي ته جيئن هندستان
شهنشاهيت جو حصو ڊگهي عرصي تائين قائم رهي سگهي.“
(2 )
برطانيا يورپ ۾ لڳل هڪ وڏي ويڙهه ۾ ڦاٿل هو جيڪا
سگهوئي اتر آفريڪا ڏانهن پکڙجڻي هئي، جتي هندستان
جون فوجون خاص طور تي پنجاب سان تعلق رکندڙ وڏي
پئماني تي متعين هيون. برطانوي حڪومت هندستاني
سياسي پارٽين ۽ سياستدانن کان مدد ماڻڻ لاءِ بيچين
هئي. وائسراءِ هڪ جنگي ڪائونسل جوڙي هئي، جنهن ۾
ڪانگريس سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ جناح صاحب به
مسلم ليگين کي ان ۾ شامل ٿيڻ کان جهليو هو، پر
برطانيا لاءِ اهم صوبي پنجاب جي سياستدانن جنگي
ڪاوشن ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو ۽ ان جا عيوضي جناح صاحب
جي هدايتن کي نظر انداز ڪندي جنگي ڪائونسل ۾ ويٺا.
جيستائين مسلم ليگ جو تعلق هو ته مارچ
1940 ع ۾ ان جو مقصد هندستان جي
آزاد حيثيت ماڻڻ جي صورت ۾ مسلمانن جي بهتر حيثيت
جي خاطري ڪرڻ هو. اهو ڪيئن ٿيندو، سو واضح نه هو
ڇاڪاڻ جو اقليتي ۽ اڪثريتي صوبن جي مسلمانن جون
گهرجون هڪجهڙيون نه هيون. اڪثريتي صوبن لاءِ، جتي
مسلمانن پنهنجي صوبن ۾ ڪو خطرو محسوس نه ٿي ڪيو،
سندن مقصد مڪمل خود مختياري هو. جڏهن ته اقليتي
صوبن جي مسلمانن جي ترجيح هڪ سگهاري مرڪزي حڪومت
جيڪا سندن تحفظ واسطي صوبن ۾ مداخلت ڪري سگهي،
بنيادي ضرورت هئي. ساڳئي وقت اهو به درست هو ته
هندو جيڪي هندستان جي تمام وڏي اڪثريت هئا، مرڪز
تي يقينا اثر انداز ٿيندا. پنهنجي سڄي حياتي، جناح
صاحب اهو مسئلو حل ڪرڻ ۽ مسلم آواز کي اثرائتو
بنائڻ لاءِ مرڪز ۾ جوڳي نمائندگيءَ لاءِ پتوڙيندو
رهيو. 1929ع ۾ ڪلڪتي ۾ هن مرڪزي اسيمبليءَ ۾ ٽيون
حصو نمائندگيءَ لاءِ زور ڀريو ۽ سندس ڳالهه نه ٻڌي
وڃڻ ڪري سندس هندستاني ”قومپرستن“ کان مشهور ”ڌار
واٽ“ واري صورت پيدا ٿي. دهلي ڪانفرنس ۾ هو آغا
خان، اقبال ۽ شفيع گروپ سان گڏيو ۽ ووڊور ولسن ۽
ٻين جي انداز ۾ پنهنجا ”چوڏهن نڪتا“ جاري ڪيائين.
پر اهو ٻين مهاڀاري لڙائي کان اڳ وارو زمانو هو ۽
ننڍي کنڊ جي آئيني مستقبل لاءِ ٺاهيل گورنمينٽ آف
انڊيا ايڪٽ
1935 ع کان اڳ جي ڳالهه هئي. هاڻ ڏهه سالن
پوءِ انتهائي فوري مسئلو ٻين ڄاڙي بازن جي ڀيٽ ۾
مسلمانن جي حيثيت کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻ- ڏيکارڻ
هو. مسلم ليگي قيادت پنهنجي حيثيت برطانوي حڪومت
تي اڳيئي واضح ڪري چڪي هئي. آل انڊيا مسلم ليگ جي
بنيادي گهر صوبن لاءِ وڌ کان وڌ خود مختياري هئي
جنهن ڪري مسلم ليگ پنهنجي پروگرام جو مرڪزي نڪتو
”صوبائي خود مختياري“ کي بڻائيندي، ڪانگريس جي
بلڪل ابتڙ ٿي پئي، جنهن مضبوط مرڪز ٿي چاهيو. اهو
ئي سبب هو، جو سنڌ جي اڳواڻن مسلم ليگ جي حمايت ٿي
ڪئي. مسلم ليگ مرڪز جي تڏهوڪي انداز کي رد ٿي ڪيو
۽ زور ٿي ڀريائين ته هندستان جي مسلمانن جا عيوضي
مسلم ليگ جي مرضيءَ کان سواءِ ڪي به آئيني انتظام
نه ڪيا وڃن:
”1 -õ
آل انڊيا مسلم ليگ جي منشا ۽ منظوريءَ کان سواءِ
آئيني اڳڀرائپ جو ڪوبه واعدو نه ڪيو ويندو.
2 -õ حڪومت ۽ مسلم ليگ وچ ۾ ويجهو رابطو.
3 -õ فيڊريشن جي اسڪيم (1935
ع وارو ايڪٽ) رڳو معطل نه پر آخرڪار ختم ڪيو
ويندو.“
ان ريت مسلم ليگ ان ڏينهن لاءِ پنهنجي ”سوديڪار“
حيثيت جي خاطري ٿي چاهي، جڏهن ڳالهين جي ضرورت
محسوس ڪئي وڃي. ان کي هڪ اهڙو پروگرام پيش ڪرڻو هو
جيڪو نه رڳو ڪانگريس ۽ انگريزن کان وڌ ۾ وڌ
رعايتون ماڻي پر ٻين سمورين مسلم تنظيمن کي جن مان
ڪيتريون ئي مسلم ليگ جي پٺڀرائي ڪندڙ نه هيون،
دفاعي حيثيت ۾ آڻي وجهي ۽ عوام اڳيان اهڙي اپيل
پيش ڪئي وڃي جيڪا عوام کي متاثر ڪري. ڪانفرنس آڏو
رٿون گهڻي ڀاڱي ساڳي مقصد تحت هيون يعني ننڍي کنڊ
جو مختلف زونن ۾ ورهاڱو.
مسلم ليگ ڪانفرنس ۾ جناح صاحب جي حرفت ڀري حمايت
سبب سندس نقادن جي خاموش ٿيڻ تي سر سڪندر حيات
صاحب هندستان جي آئيني نبيري لاءِ پنهنجي اسڪيم
پيش ڪري سگهيو، جنهن هندن ۽ مسلمانن جي ڪنٽرول هيٺ
ستن ڌار انتظامي زونن جي ڳالهه ٿي ڪئي. ڪيترين ئي
اسڪيمن تي سخت بحث مباحثي کان پوءِ هڪ ننڍڙي
ڪميٽيءَ کي مسلم ليگ طرفان پيش ٿيندڙ آئيني تجويزن
لاءِ حتمي مسودو ٺاهڻ جي ذميواري ڏني وئي. ڪن
اسڪيمن ته خود مختيار رياستون ٿي رٿيون، سمورين
اسڪيمن مسلمانن جي هندن جي بالادستي هيٺ نه رهڻ ۽
اڪثريتي راڄ واري روايتي جمهوري اصول کي هندستاني
حالتن سان ٺهڪي نه سگهندڙ ظاهر ڪرڻ جو پڻ پڪو پهه
ڪيو هو. اڪثريتي ۽ اقليتي مسلمان صوبن جي مفادن وچ
۾ ٽڪراءُ جي مسئلي کي انهيءَ حرفتي افهام تفهيم
ذريعي حل ڪيو ويو هو ته اڪثريتي مسلمان صوبن ۾
هندن جي چڱي موچاري تعداد سان بهتر ورتاءُ ٻين
صوبن ۾ مسلم آباديءَ لاءِ اهڙي ئي ورتاءُ جي خاطري
ڪرائيندو. پر ڌار مسلمان رياستن واري اها گُهر
دراصل پنهنجي بنياد ۾ اهڙو ڍڪ هو جنهن تحت مسلم
ليگ کي اهڙي حيثيت جو مالڪ بنائڻو هو، جو هندستان
جي مستقبل جي ڪنهن نبيري ۾ ان کي نظر انداز نه ڪري
سگهجي.
جمعي
22 مارچ واري رات
سبجيڪٽس ڪميٽيءَ ۾ بحث ڪندي گذاري وئي، جنهن جي
گڏجاڻي بنگال جي فضل حق صاحب جي صدارت هيٺ ٿي ۽
ٺهراءُ جي مسودي کي حتمي شڪل ڏني وئي. مسلم ليگ
ڪانفرنس جو ٻيو کليل اجلاس ڇنڇر 23
مارچ تي منجهند ٽين وڳي قائد اعظم جي صدارت هيٺ
شروع ٿيو.
”پنڊال حد درجي تائين ڀريل هو. محمد ايوب کهڙو صاحب، عبدالمجيد سنڌي ۽ جي
ايم سيد صاحب سنڌ جا وزير اسٽيج تي ويٺلن ۾ شامل
هئا. بنگال جي وڏي وزير فضل حق صاحب جي پهچڻ تي
سڄو هال ”شير بنگال زنده باد“ جي نعرن سان گونجڻ
لڳو.“(4 ) پاڪستان جو ذڪر نه هئڻ جي باوجود اڳتي
هلي ”پاڪستان ٺهراءُ“ طور مشهور ٿيندڙ ٺهراءُ
سبجيڪٽ ڪميٽيءَ جي چيئرمين فضل حق صاحب پيش ڪيو.
آزاديءَ لاءِ مسلمانن جي جدوجهد جو مقدس نعرو بنجڻ
لاءِ انهيءَ مشهور ٺهراءُ اهڙي واقعاتي مستقبل جو
ذهن ۾ اولڙو ئي پيدا نه ٿي ڪيو. اهو سبجيڪٽ
ڪميٽيءَ آڏو پيش ٿيل ڪيترين ئي اسڪيمن جي نچوڙ طور
نبيري رهيو هو ۽ ان کي عمل ۾ رڌل همراهن آزاد
هندستان جي مستقبل وارن آئيني انتظامن ۾ مسلمانن
لاءِ وڌ کان وڌ رعايتون حاصل ڪرڻ جو هٿيار ٿي
ليکيو. ٺهراءَ پيش ڪرڻ دوران پنهنجي ڪيل تقرير ۾
فضل حق صاحب ان حقيقت تي زور ڀريو ته مسلمان مخصوص
علائقن ۾ ٿانيڪو ٿيڻ بدران سڄي هندستان ۾ ٽڙيل
پکڙيل آهن ” ايستائين جو پنجاب ۽ بنگال ۾ به اسان
جي حيثيت گهڻي محفوظ ناهي.“ ڪوششون ڪيون ٿي ويون
ته ”جيئن مسلمان آباديءَ جي انهيءَ اڻ برابريءَ
واري ورهاست جو ڪو اطمينان جوڳو حل لهي سگهجي.“ (5
)
مسلم قيادت جنهن مسئلي کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ۾ هئي
سو هڪ پاسي مسلم اڪثريتي صوبن کي سندن خود مختياري
۽ مرڪز طرفان گهٽ کان گهٽ مداخلت جي خاطري ڪرائڻ
هو. اهو سر سڪندر حيات صاحب جي قيادت ۾ پنجاب جو
موقف هو ۽ ان جي ٻين مسلم اڪثريتي صوبن پرجوش
حمايت ٿي ڪئي. ٻئي پاسي اقليتي صوبن جي مسلمانن کي
ان صورت ۾ ئي جوڳيون ضمانتون مهيا ٿي پئي سگهيون،
جڏهن مرڪز ۾ هڪ مضبوط مسلم موجودگي هجي، ڇاڪاڻ ته
مرڪز صوبن کان پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ گهربل
سگهه رکندڙ هو. اهو جناح صاحب لاءِ وڏو ڏچو هو،
جيڪو مسلم اڪثريتي صوبن جي پٺڀرائي کان سواءِ
لاچار هو پر سڄي حياتي اقليتي صوبن جي مسلمانن کي
جوڳو تحفظ ۽ ضمانت مهيا ڪرڻ لاءِ مرڪز ۾ مسلمانن
جي مضبوط نمائندگيءَ لاءِ ڦيٽ کائيندو رهيو. جناح
صاحب مسلم ليگ کي مرڪز ۾ اقليتي ۽ اڪثريتي صوبن
لاءِ هڪجهڙي انداز ۾ ڳالهائيندڙ هڪ مضبوط مسلمان
جماعت طور ٿي ڏٺو. (6 )
”لاهور ٺهراءُ، پنجاب جي مقصدن جو هڪ اڻ افهام تفهيم وارو موقف هو: جنهن
مطابق اوڀر ۽ اولهه جا مسلمان صوبا نه صرف آزاد ۽
خود مختيار هجن پر هنن جو سڌو سنئون لاڳاپو
برطانيه سان هجي. ان کان سواءِ هر زون ۾ مختلف زون
خود مختيار زونن تحت فيڊريشن جا عنصري حصا بڻبا.
اها خاطري سنڌ ۽ اتر اولهه سرحدي صوبي جي مسلمان
سياستدانن کي ڪرائي ٿي وئي. اقليتي صوبن جي
مسلمانن کي جوڳين ضمانتن جي مبهم خاطرين تي راضي
ٿي ڪيو ويو. (7 )
صوبن جي ”آزاد زونن“ ۾ ”خود مختيار ۽ با اختيار“
بڻجڻ جي سمورين خاطرين جي باوجود مسلم ليگي قيادت
ڀلي ڀت ڄاتو ٿي ته اها سڄي مشق، سودي بازيءَ لاءِ
ٿاڪ آهي. جيئن عائشا جلال چوي ٿي
”سو ان ريت لاهور ٺهراءُ کي سودي بازيءَ جي ذريعي طور ڏٺو وڃي جيڪو مسلم
اڪثريتي صوبن کي (ان جي ظاهري لهجي سبب) قبول پوڻ
جوڳو هو ۽ ڪانگريس ۽ حتمي طور تي برطانيا لاءِ به
مڪمل طور تي قبولڻ جوڳو نه هو. ان موٽ ۾ ان جي
بهترين خاطري ٿي ڪرائي ته ليگ کي اهو ڪجهه نه ڏنو
ويندو، جيڪا ان مهل ظاهري طور تي گهري رهي هئي، پر
جيڪو جناح صاحب دراصل نه ٿي چاهيو.“ (8 )
کهڙو صاحب گهڻي عرصي کان ڌيان طلب مسئلن کي کڻڻ جو پڪو پهه ڪري لاهور
ڪانفرنس کان سنڌ موٽيو. نبيري جي نتيجي ۾ ٿيل وڏي
وزير جي موجودگيءَ ۾ اهو ڪو سولو ڪم نه هو جنهن جي
سڀ کان اهم وصف ڪمزور اتساهه هئي ۽ جيڪو گراهام
صاحب جهڙي غير منظم ۽ ڍلي گورنر صاحب آڏو به ڪو
موقف اختيار ڪرڻ کان قاصر هو.
کهڙي صاحب کيس انهيءَ ادراڪ تحت ڪم واسطي سولو ٿي ڀانيو ته هو سٺي اخلاق
وارو سادو سودو شخص هو، جنهن کهڙي صاحب جي رکيل
ڪنهن به رٿ تي گوٿناٿ نه ٿي ڪئي. ان ريت خاص طور
تي سکر جي متاثر ٿيلن واري معاملي ۾ جنهن لاءِ
گهرو معاملن جي وزير طور مير بنده علي ٽالپر سڌو
سنئون ذميوار هو، ڏاڍاين جي شڪار ٿيلن کي مدد ڏيڻ
لاءِ هن کهڙي صاحب جي سفارشن کي تڪڙو مڃي ورتو.
جيتوڻيڪ حڪومت گاڏڙ ساڏڙ هئي ۽ ڪنهن خاص پارٽيءَ
جي ضابطي هيٺ نه هئي، پر ان ۾ ڪاميابيءَ جو ست هو
ڇاڪاڻ جو ان جا وزير ڪنهن اقتدار جي بکايل گروپ جي
دٻاءُ هيٺ نه هئا ۽ انتهائي شدت سان گهربل سڌارن
جو پروگرام لاڳو ڪري پئي سگهيا. وزارت ۾ صوبي جا
ٽي انتهائي شاندار مسلمان اڳواڻ کهڙو صاحب، سيد
صاحب ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب شامل هئا. اهو موقعو
وٽن پنهنجي پروپيگنڊا ڪيل ڪنهن به آدرش کي چڪاسڻ
لاءِ شاندار هو. گورنر صاحب ايڏي سرگرميءَ جو عادي
نه هو ۽ وائسراءِ آڏو پنهنجي بيچينيءَ جو اظهار
ڪيائين. سومرو صاحب حڪومت جي زوال ۽ نئين مخلوط
حڪومت جي قيام بابت وائسراءِ کي لکندي گراهام صاحب
ان ساڳئي متڀيد ۽ بي عقليءَ جو مظاهرو ڪيو، جيڪا
سنڌ ۾ سندس ورتاءُ جو خاص اهڃاڻ پئي رهي:
”هاڻوڪي حڪومت مارچ جي پڄاڻيءَ کان ٿورو اڳ پارلياماني وهنوار ۾ هڪ انتهائي
نازڪ مرحلي تي اقتدار جون واڳون سنڀاليون ۽ اوهان
کي ياد هوندو ته اسان (هلندڙ) سال لاءِ مالياتي
گنجائش حاصل ڪرڻ واسطي ڪجهه پريشان ڪن لکپڙهه به
ڪئي آهي. اهو سڀ ڪجهه جوڳي سڪون سان لنگهي ويو،
گهڻي ڀاڱي ان ڪري جو مون اسپيڪر ۽ مخالف ڌر جي
اڳواڻ پنهنجي گذريل وڏي وزير کي اعتماد ۾ ورتو.
ٻنهي وهنوار ۾ ڪيتريون ئي غلطيون به ڪيون ۽ منهنجي
رٿيل طريقي سان سندن ڪارپت بچڻ تي ڪا معذرت به نه
ڪيائون....
منهنجي نئين وزارت چئن مسلمانن، جن مان ٽي مسلم
ليگي آهن ۽ چوٿون الله بخش صاحب جي سرواڻي هيٺ
پراڻي مسلمان پارٽيءَ جو غدار آهي ۽ ٻن هندن تي
ٻڌل آهي.
حڪومت جي تبديليءَ جي تفصيل تي ان کان سواءِ ڪجهه
نه ٿو ڄاڻائڻ چاهيان ته هاڻوڪو وڏو وزير اڳوڻي وڏي
وزير جي ڀيٽ ۾ انتهائي مختلف آهي. اهو ڪڏهن به
سمجهه ۾ نه آيو اٿم ته آزاد هندو ۽ مسلم ليگين جي
اتحاد مون کي مير بنده علي ٽالپر جهڙي نا اهل شخص
جي سفارش ڇو ڪرائي. منهنجو خيال آهي ته مسلم ليگ
مير بنده علي کي ان ڪري قبوليو آهي جو هندن ڪنهن
مسلم ليگيءَ کي وڏي وزير طور قبولڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو هو. (9 )
پنهنجي ڪم ڪار شروع ڪرڻ کان ڪابينا ۾ ڪڏهن به
حقيقي ايڪتا نه رهي آهي. ۽ مونکي تقريبا روز ڏڦيڙن
۽ سازشن جون رپورٽون ٿيون ملن. مير بنده علي سنڌ
جي آخري حاڪم ڪٽنب جي نمائندي طور پنهنجي مان
مرتبي تي انحصار ڪري ٿو. جيڪڏهن هن سان ڳالهائيندا
ته اوهان کي اهو ڄاڻي ڪا حيرت نه ٿيندي ته هو وزير
ٿيڻ جيترو به اهل ناهي. منجهس پنهنجي ساٿين کي
اتساهڻ يا کين ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت ناهي ۽ هو
انهن کاتن جي معاملن ۾ وچڙندو پئي رهيو آهي جيڪي
سندس ذمي ناهن.“ (0 1 )
پر مير بنده علي صاحب ته ڇا گراهام صاحب ڪابينا جي
سمورن ميمبرن لاءِ توهين آميز ورتاءُ رکندڙ هو.
وائسراءِ جي ڀلي لاءِ هن نون وزيرن بابت پنهنجي بي
سمجهيءَ جو اظهار ڪيو:
”منهنجو ناڻي وارو وزير شيخ عبدالمجيد صاحب هندو مذهب مٽائي مسلمان ٿيل آهي،
جنهن جي نه ڪا مال ملڪيت آهي نه وري بدعنوان طبيعت
اٿس. پر مذهب مٽائيندڙن جي پهرين نسل ۾ موجود
انتها پسندي اٿس. آءٌ کيس ذاتي طور تي پسند ٿو
ڪريان ۽ منهنجو مالياتي سيڪريٽري هن بابت رپورٽ ٿو
ڏي ته هو ايمانداريءَ سان صورتحال جو ادراڪ ڪرڻ
چاهي ٿو ۽ مشورو مڃڻ لاءِ به تيار هوندو آهي. کيس
تازو ئي مسلم ليگ جي سنڌ شاخ جو سيڪريٽري بڻايو
ويو آهي پر ان حوالي سان کيس ڪڏهن به مسئلا پيدا
ڪندڙ نه ڏٺو اٿم.
دادو ضلعي جو ننڍو زميندار جي ايم سيد صاحب منزل
گاهه ڪميٽيءَ جو ڪنهن حد تائين سرگرم ميمبر هو ۽
آرڊيننس تحت کيس ڪيترن ئي مهينن تائين جيل ۾ وڌو
ويو. هو هاڃو رسائيندڙ نه لڳندو آهي پر سندس ساٿين
۽ گڏوگڏ مون به کيس ڪڏهن به سولو ماڻهو نه ڏٺو
آهي. پنهنجي کاتي ۾ سمورن قسمن جي چورن جي باوجود
هو ٻين شعبن ۽ کاتن ۾ ٽنگ اٽڪائي رهيو آهي ۽ ان تي
ڪو خاص ڌيان نه ٿو ڏي ته ڪو معاملو ساڻس لاڳاپيل
به آهي يا نه ... آءٌ کيس پنهنجي صبر تي ڳنڍ ٿو
ڀانيان ۽ ڪابينا جي هڪ اجلاس ۾ پنهنجي ضابطي مان
نڪري کيس چيم ته هو بيوقوفاڻي ڳالهه ٿو ڪري. هن
احتجاج ڪيو ۽ مون پنهنجا لفظ واپس ورتا. بعد ۾
اسين اڪيلا ٿي ويٺاسين ۽ هن ٻڌايو ته ان ڏينهن هو
بيچين هو ۽ مون مڃيو ته آءٌ پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول
رکي نه سگهيس. ان کان پوءِ اسين سٺا دوست آهيون پر
سندس انداز نه بدليو آهي. هو سمورن آفيسرن کي
ناپسند ڪري مٿن شڪ ٿو ڪري ۽ حڪومت جي پٺڀرائي ڪرڻ
لاءِ پنهنجو پاڻ کي ذميوار نه ٿو سمجهي. هو سدائين
نيون ڪميٽيون ۽ سنگتون ٿو جوڙي... جيڪي به مون
وانگر کيس بار ٿا ڀانئين. سندس طريقي جي هڪ مثال
طور وٽانئس ٽيهن معاملن/موضوعن جي فهرست ملي اٿم
جن مان ڪوبه سندس کاتي سان لاڳاپيل ناهي پر وڏي
وزير کي پنهنجي موقف سميت اماڻي اٿس. هو شڪايت ٿو
ڪري ته اهي (ماڻهو) مير بنده علي صاحب تي قابض ٿي
ويا آهن ۽ وڏي وزير کان سواءِ ڪنهن به انهن کي ڏٺو
ناهي.
اپر سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ٺوس خوشگوار هندو
زميندار ۽ زراعت جو وزير راءِ صاحب گوڪل داس سياست
۾ شامل عام هندن کان گهٽ پر عام زميندارن کان وڌيڪ
پڙهيل لکيل آهي. سندس شعبا زراعت ۽ مڪاني حڪومتون
آهن ۽ گهڻو تڻو انهن ۾ ئي جنبيل ٿو رهي. اسان ٻنهي
۾ خوشگوار ناتو آهي ۽ مون کي سندس خلاف شڪايت
ناهي.
منهنجي هندو وزيرن مان هڪ نهلچداس کي اوهان اڳيئي
سڃاڻندا هوندا جيڪو گذريل ٽن سالن کان حڪومت ۾
شامل ٿيندو ۽ نڪرندو رهيو آهي. هو اهل پر بيچين
آهي ۽ سندس بيچينيءَ جو سبب هندو وابستگي کان
سواءِ ڪو ٻيو عنصر ناهي.“ (1 1 )
حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ تجربيڪار پارليامينٽرين ۽
منتظم کهڙي صاحب لاءِ گراهام صاحب پنهنجي خاص ڪاوڙ
سامهون آڻي ٿو:
”منهنجو خيال آهي ته منهنجي پي ڊبليو ڊي وزير خان بهادر کهڙي صاحب ۽ منهنجي
وچ ۾ ڪيترن ئي سببن ڪري اختلافن ۾ سگهو ئي اضافو
ٿيندو. سڀ کان اول ته کهڙو صاحب پي ڊبليو ڊيءَ ۾
مسلمانن کي فائدو پهچائڻ ۽ هندن لاءِ هر قسم جي
نااميدي پيدا ڪرڻ وارين پنهنجي ڪوششن ۾ چڱو موچارو
بيشرم آهي. کهڙو صاحب وزير طور حلف کنيل بدديانت
ماڻهن مان هڪ آهي. هو ڪوڙ ڳالهائڻ جي معاملي ۾
بلڪل بيشرم آهي ۽ مون کي اهو ٻڌائيندي ڪابه پرواهه
ڪانهي ته هو هڪ ڪوڙو آهي. پبلڪ ورڪس کاتي جو
سيڪريٽري ۽ آءٌ انهيءَ وزير جي بدعنوانين کي روڪڻ
۾ رڌل هوندا آهيون ۽ مون کي ڪنهن به ريت خاطري
ناهي ته ڪو اهڙو وقت نه ايندو جو آءٌ اوهان کان
معلوم ڪريان ته اوهان جي خيال ۾ مون وٽ موجود مواد
هن کي برطرف ڪرڻ لاءِ جوڳو ناهي... مون کي هت اچڻ
کان اڳ بري بارن صاحب جو اهو چتاءُ ٿو ياد اچي
جنهن ۾ هن چيو هو ته کهڙي صاحب جهڙو ڏکيو شخص مون
کي سڄي سنڌ ۾ نه ملندو پر ان وقت نه ٿي ڄاتم ته ڪو
هو ڪنهن وقت منهنجي وزير طور جلوه افروز به
ٿيندو.“ (2 1 )
بري بارن صاحب واري واقعي جي کهڙي صاحب کي قيمت
چڪائڻي پئي ٿي. فيصلي ڪرڻ جي ڪمزور صلاحيت ۽ شڪي
مزاج رکندڙ گراهام صاحب جيڪو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪمزور ۽
شڪي مزاج ماڻهو هو، سنڌ ۾ عام سياستدانن جي معيار
کان سندس مختلف ورتاءُ تي پريشان هو. گورنر صاحب
طور پنهنجي طمطراق واري حيثيت کان ڀلي ڀت واقف هئڻ
ڪري هو شان مان کان سواءِ ٻئي ڪنهن ورتاءُ تي راضي
نه هو، جيڪو کيس کهڙو صاحب ڏيڻ لاءِ راضي نه هو.
پندرهن سالن کان وڌيڪ جي سياسي ۽ پارلياماني تجربي
ڪري هندستاني انتظاميا جي اعليٰ عملدارن کي منهن
ڏيندي ۽ ليزلي ولسن ۽ سر فريڊرڪ سائيڪيس جهڙن
تجربيڪارن ۽ گهڻگهرن جي سيبتائپ ۽ ڀلي انداز جو
عادي هئڻ ناتي کهڙي صاحب شايد غير عقلي ڳالهه طور،
گراهام صاحب يا سند س جانشين ڊائو صاحب جو قرب
ماڻڻ لاءِ ڪو وقت زيان نه ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو
1936 ع کان
1945 ع تائين صوبائي
خودمختياريءَ جي اهم سالن دوران کهڙو صاحب پنهنجي
عوامي ڪم ۾ صوبي جي سگهارن گورنرن جي سرگرم مخالفت
سبب ڄڻ ته چوکنڀو ٻڌل هيو.
کهڙي صاحب پنهنجو پاڻ کي عليحدگيءَ واري جدوجهد ۾ مڪمل طور تي شامل ڪري ڇڏيو
هو ۽ اهڙو اهم مواد مهيا ڪيائين جنهن جي آڌار تي
هندستان سرڪار کي ان تي سهمت ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو ته
خود مختيار سنڌ ممڪن آهي. هو ان نتيجي تي پهتو هو
ته سنڌين جي اڪثريت کي پنهنجي بهتريءَ جو شاندار
موقعو ملي سگهي ٿو جيڪڏهن سندن چونڊيل نمائندا
سندن راڄڌانيءَ ۾ ويهن ۽ اهڙي اسيمبليءَ آڏو سڌو
سنئون ذميوار هجن جنهن لاءِ چونڊجي آيا هجن. هو
انهن ”آفيسرن“ جي معمولي پڻي جو ادراڪ نه ڪري
سگهيو جيڪي هندستان سرڪار سنڌ لاءِ مناسب ٿي
ليکيا. گراهام صاحب اڳيئي وائسراءِ صاحب ۽
سيڪريٽري آف اسٽيٽ ٻنهي وٽ نااهل ثابت ٿي چڪو هو
پر کيس پنهنجي معياد پوري ڪرڻ ڏني وئي ۽ سندس جاءِ
اڳتي هلي وڌيڪ تيز پر ”مقامي“ آبادي لاءِ ڪا
همدردي نه رکندڙ جاءِ والاري. کيس هندستانين جي
ڀلائي ۾ ڪا دلچسپي نه هئي پر سنڌ ۾ شاهي حڪومت جي
مفادن جي چاڪري لاءِ آيو هو ۽ هن معاملي ۾ سکر
بئراج لاءِ کنيل قرض جي ادائيگي واسطي سنڌ کان وڌ
۾ وڌ اوڳاڙي ڪرڻ سندس مقصد هو.
کهڙو صاحب سنڌين جي مقصد سان انتهائي وابستگي رکندڙ هو. هو هڪ عملي ماڻهو هو
جنهن سدائين ماڻهن جي حياتين سان لاڳاپيل مسئلن،
سندن بهتر حڪومت، سندن بار گهٽائڻ ۽ هنن لاءِ
انصاف ماڻڻ بابت پاڻ پتوڙيو ٿي. انهن مقصدن جي
حاصلات واسطي هو اڪثر پنهنجي انداز ۾ وهنوار رکندڙ
ڪامورا شاهي ۽ سنڌ ۾ سڀ کا ن وڏي ڪاموري گورنر سان
ٽڪراءُ ۾ ايندو هو. بدقسمتيءَ سان سنڌ جي خود
مختياريءَ واري ابتدائي دور ۾ آيل ٻه گورنر ٻئي
درجي جا ماڻهو هئا. گراهام صاحب پنهنجي ڪابينا جي
گهٽ اثر وجهندڙ وزيرن مان ته خوش هو پر کهڙي صاحب
۽ ڪنهن حد تائين سيد صاحب تي مڇريل هو.
”منهنجا سيڪريٽري کهڙي صاحب ۽ سيد صاحب سان ملڻ ۾ انتهائي ڏکيائي محسوس ڪن
ٿا. هو ئي منهنجي سيڪريٽريءَ کي دڙڪو داٻ ڪندي
خوشي ٿا محسوس ڪن ۽ سندس ڳالهه انتهائي تڙ تڪڙ ۾
ٿڏيو ڇڏين. واحد نتيجو اهو ٿو نڪري جو سيڪريٽري
ڪاغذ پٽ مون ڏانهن کنيو اچن ۽ مون کي وزيرن کان
سندن موقف جي جواز ڄاڻڻ لاءِ ملاقات ٿي ڪرڻي پوي.
ان معاملي تي تازو ئي کهڙي صاحب ۽ سيد صاحب سان
انتهائي سنجيده ڳالهه ٻولهه ڪئي اٿم ۽ کين رٿيو
اٿم ته سيڪريٽريءَ جي تجويز قبول نه ڪرڻ تي هو
ساڻس ڪيس تي بحث جي شرافت ته ڏيکارين ۽ مون کي
واضح طور تي لکن ته هو اهو ڪري چڪا آهن. پي ڊبليو
ڊيءَ جي ڪجهه انتهائي تڪراري ڪيسن ۾ مون وزير ۽
سيڪريٽري سان گڏيل بحث جو انتظام پئي ڪيو آهي.“ (3
1 )
پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ بيشڪ کهڙي صاحب جو کاتو هو ۽
هو وڌ کان وڌ مسلمانن جي ڀرتي ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل،
واري کان اڳ ترقيءَ جي پاليسيءَ تي زور ڀري رهيو
هو ته جيئن سندن نمائندگي مناسب ٿي سگهي. انهيءَ
پاليسيءَ گهريون پاڙون ڪيل ڪامورا شاهيءَ کي
پريشان ڪري وڌو جنهن پنهنجو نعم البدل نه ٿي چاهيو
پر کهڙو صاحب حڪومتي وهنوار جي حوالي سان ڪچو نه
هو ۽ پنهنجي قدمن جو سدائين جواز ڏئي پئي سگهيو،
سندس انهيءَ صلاحيت کيس ڪامورا شاهيءَ جي مستقل
مخالفت جو نشانو بڻايو. جيڪڏهن کهڙو صاحب واقعي
”پنهنجو پاڻ کي جوڙڻ“ وارو هجي ها، جيئن ڊائومٿس
الزام عائد ڪرڻ وارو هو، ته هو ڪامورا شاهي ۽ صوبي
جي گورنرن کي مڇرائڻ جو ڪو جوکم نه کڻي ها. ان جي
بدران مليل موقعن جو لاڀ پرائيندي هو بمبئي ۾ وزير
۽ سنڌ ۾ وڏو وزير ٿي وڃي ها. بهرحال هن پنهنجي
ترقيءَ کي داءُ تي لڳائي فرض نڀايو. هن پبلڪ ورڪس
جي کاتي جي چونڊ ان ڪري به ڪئي جو ان ۾ پڙهيل
ڳڙهيل مسلمانن کي روزگار سان لڳائڻ جا گهڻا موقعا
هئا. بمبئي ليجسليٽو ۾ سندس دور سنڌي مسلمانن کي
روزگار ۽ ترقي ڏيارڻ سان ڀريل هو ته جيئن نوڪرين ۾
سندن جوڳي نمائندگي هجي ۽ خود مختيار سنڌ ۾ هن
محسوس ڪيو ته سندس پنهنجي جوڙيل پروگرام کي لاڳو
ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. جيڪڏهن معمول جي ڀرتين۽
ترقين جو دڳ اختيار ڪيو وڃي ها ته ويهن سالن ۾ به
سنڌي مسلمانن جي نمائندگيءَ ۾ اضافو نه ٿئي ها ۽
اها اڪثريتي آباديءَ سان ناانصافي ٿئي ها.
اڻٽر طور تي انهيءَ ڪم کيس ڪامورڪي اسٽيبلشمينٽ جي
رنجش جو نشانو بڻايو، جنهن پنهنجي بناوٽ ۽ ترقين
وسيلي گهڻو پري تائين مارو ٿي ڪيو. سنڌ جا گورنر
به تصور يا دانش ڀريا نه هئا ۽ پنهنجون رڪاوٽون
ٽوڙي ماڻهن جي مسئلن جو اڻويهين صديءَ ۾ فريئر ۽
ويهين صديءَ جي شروعاتي حصي ۾ سر هينري لارينس
وانگر مشاهدو نه پئي ڪري سگهيا. ڪنهن حد تائين سنڌ
خود مختياريءَ جو ملهه چڪائي رهي هئي. بمبئي
پريزيڊنسيءَ جي حصي طور اها برطانوي هندستان جي
اهم ترين صوبي ۾ شامل هئي پر ڏورانهين ۽ ننڍي صوبي
طور هاڻ اها هندستان ۾ گهٽ اهميت وارو صوبو بڻيل
هئي ۽ ان ڪري ايڏانهن گهٽ اهليت وارا عملدار ئي ٿي
اماڻيا ويا.
خلافت
وارن
کان
ٽٽل ڌڙو مجلس احرار
اسلام
(9 2 9 1 ع کان 7 4 9 1 ع تائين)
گهڻي ڀاڱي
پنجاب
جي سطح
تي قوم پرست پارٽي
هئي. جنهن جو مقصد
آزادي ۽ مسلمانن لاءِ
جهڙوڪ هندو مهاراجا
کان
ڪشمير جي آزادي حاصل
ڪرڻ هو پر ساڳي
وقت آل انڊين نيشنل ڪانگريس
جي سامراج
دشمن مهم ۾ ان سان گڏجي به ڪم ٿي ڪيائين
۽ خاڪسارن
خاڪسار
تحريڪ
(1 3 9 1 ع کان
1947ع تائين)
هڪ نامياري
عالم
۽ ڪيمبرج جي منطقي علاما
مشرقي قائم
ڪئي هئي، جنهن تنظيم کي مناسب
وقت ڏيڻ لاءِ
سرڪاري
نوڪريءَ تان استعيفيٰ
ڏني. خاڪسار
تحريڪ
پنهنجي سخت ضابطي ۽ آپيشاهاڻي
انداز
طور يورپ جي فاشي پارٽين
جي طرز تي منظم ڪئي وئي هئي، جن کي علاما
مشرقي ساراهيندو
هو ۽ اطلاعن
موجب 6 2 9 1 ع ۾ سندس هٽلر سان
به ملاقات
ٿي هئي.
8 3 9 1 ع واري سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس دوران
هندستان ۾ ڌار مسلمان رياست جي رٿيندڙ ٺهراءُ
نمبر 5 جي موٽ ۾ جناح صاحب تجويز ڏني هئي ته
ان ڳالهه جي ڪٿ لڳائي وڃي. انهيءَ تجويز جي
موٽ ۾ پير علي محمد راشديءَ صاحب کي انهيءَ
نقطي نظر جو جائزو وٺڻ جي ذميواري سونپي وئي.
راشدي صاحب پنهنجي سر لاهور ويو جتي هن ڪيترن
ئي مسلمان اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪيو ۽
پنهنجون تجويزون جوڙيائين جيڪي مارچ 0 4 9 1 ع
واري لاهور اجلاس ۾ پيش ٿيندڙ ڪيترين ئي
اسڪيمن ۾ شامل هيون.
|