باب چوٿون
بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل
بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو بهار جي مند وارو اجلاس
پهرين مارچ 4 2 9 1 ع کان شروع ٿيڻو هو. ان لاءِ
وقت سر پهچڻ واسطي کهڙي صاحب پنهنجيون تياريون
ڪيون. بمبئي وڃڻ لاءِ ڪنهن ننڍي سامونڊي جهاز
وسيلي سمنڊ جو چئن ڏينهن وارو سفر يا ٻن ڏينهن جي
ريلوي مسافريءَ ذريعي راجپوتانا (ورهاڱي کان اڳ
راجستان کي راجپوتانا سڏيو ويندو هو) وڃڻ ۽ ان کان
پوءِ ڏکڻ ڏانهن بمبئي پاسي وڃڻ جا رستا هئا. ڪجهه
ٻين ميمبرن سميت جن مان ڪي تمام وڏي ڄمار وارا
هئا، جن سنڌ کان ٻاهر ڪڏهن سفر نه ڪيو هو ۽
انگريزي يا هندستاني ٻوليءَ کان به ذري گهٽ اڻ
واقف هئا، تن کهڙي صاحب کي پاڻ سان سندن سفري
انتظام به گڏ ڪرڻ لاءِ چيو ۽ کهڙي صاحب خوشيءَ سان
بمبئي ويندڙ ميمبرن جو سونهون ٿيڻ قبوليو. هُن
سامونڊي سفر کان وڌيڪ دلچسپ ريل جي سفر جو فيصلو
ڪيو هو. راجائن جي ديس مان گذرڻ ڪري ”راجا ريل“
طور مشهور گاڏيءَ جي بلڪل ڀرسان ايندڙ هرڻين ۽ ٻين
جانورن سان ڀريل علائقي راجستان جي فطري منظرن سان
ڀرپور رياست مان لنگهيو. واٽ تي ايندڙ اسٽيشن تي
رنگا رنگ گهما گهمي ۽ دلڪش منظر هئا. کهڙو صاحب ۽
سندس ساٿي جوڌپور ۽ بعد ۾ بي.بي.سي.آءِ تي ڏکڻ
پاسي احمد آباد وٽان مسافري ڪندا حيدرآباد مان
نڪرڻ جي ٻن ڏينهن کان پوءِ بمبئي پهتا.
هندستان جي شهرن جي ڪنوار بمبئي اڻويهه سو ويهه
واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي عروج تي هئي. هندستان جي سڀ
کان وڏي پريزيڊنسيءَ جي راڄڌاني ۽ يورپ کان ايندڙ
مسافرن جي پهرين ٿاڪ وارو اهو شهر برطانوي بيٺڪي
شهر جو شاندار مثال هو. سنڌ جي اوائلي ڪمشنر سر
بار ٽلي فريئر 2 6 8 1 ع کان 9 6 8 1 ع تائين
بمبئي جو گورنر رهندي منصوبن جو بنياد رکيو ۽
مقامي هڏ ڏوکي همراهن جي سهڪار سان شاندار
وڪٽوريائي بيٺڪي شهر جوڙي ويو هو. ”ڪنهن جوڙ کان
سواءِ ايشيا ۾ شاندار ترين جديد شهر ۽ سڄي دنيا ۾
برطانوي راڄ جو لاجواب ترين يادگار.“ 1 9 8 1 ع ۾
هڪ سياح جو هن شهر بابت چوڻ هو. ان کان پوءِ بيشڪ
ليوٽئن جي نئين دهلي جڙي ۽ ڪرزن وري ڪلڪتي کي چار
چنڊ لڳايا پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سؤيز ڪئنال جي
ٺهڻ کان پوءِ بمبئي، هند- يورپي واپار جو عظيم
الشان مرڪز بڻيو ۽ دهلي ۽ ڪلڪتي جي ڀيٽ ۾ بمبئي
اهو شهر هئو جتي نسلي امتياز گهٽ هو، يورپي ۽
هندستانين جي وچ ۾ وڌيڪ ميل جول هو ۽ ان ڪري
هندستان جي ٻين وڏن شهرن جي ڀيٽ ۾ هتان جو ماحول
وڌيڪ کليل هو.
بمبئي جي انتهائي مشهور ماڳن مان هڪ پر وقار تاج
محل هوٽل هئي، جيڪا پارسي واپاري ٽاٽا ٺهرائي. اهو
چيو ٿو وڃي ته يورپ واسين لاءِ مخصوص ويجهڙائي
واري واٽسن هوٽل مان مقامي ماڻهن کي ڪڍڻ ڪري، هن
پنهنجن ڪوششن سان هڪ اهڙي اسٽينڊرڊ واري تاج محل
هوٽل ٺهرائي جتي مقامي ماڻهن کي به واٽسن هوٽل
جهڙيون آسانيون حاصل هونديون هيون ۽ سنگاپور جي
ريفلس ۽ قاهره جي شيفرڊس سميت تاج محل برطانوي
سلطنت جي شاندار هوٽلن ۾ شامل هئي. هن ئي شهر ۾
پرديسي اسيمبليءَ ميمبرن، سياستدانن ۽ اعليٰ
سرڪاري عملدارن سان گڏوگڏ بمبئي جا سرواڻ شهري پاڻ
۾ گڏبا ۽ سياست ۽ ٻين مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ
ڪندا هئا.
پهريون ڀيرو بمبئي اچڻ جي باوجود به کهڙي صاحب جا
ڀاڳ ڀلا هئا جو کيس ان هوٽل ۾ ڪمرو ملي ويو. اجلاس
شروع ٿيڻ کان اڳ وٽس سينئر ساٿين سان ملاقاتن ۽
چانهه تي دوستن سان ميل ملاقاتن، سرڪاري بمبئي کان
پنهنجو پاڻ کي واقف ڪرڻ ۽ شهر جا شاندار باغ
باغيچا ۽ عمارتون ڏسڻ لاءِ بگيءَ تي چڙهي سير ڪرڻ
لاءِ تمام ٿورڙو وقت هو.
بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو اجلاس پهرين مارچ تي
بمبئي جي شاندار عمارتن مان هڪ ايلفنسٽن سرڪل جي
مٿئين پاسي ٽائون هال جي من موهيندڙ عمارت ۾ شروع
ٿيو. ڪائونسل جي صدارت سر ابراهيم رحمت الله ڪئي،
جنهن سان کهڙو صاحب گذريل سال حيدرآباد ۾ ملاقات
ڪري چڪو هو. ڪائونسل جا سرڪاري ۽ غير سرڪاري هڪ
سئو کن ميمبر هئا. سرڪاري طور تي مخالف ڌر ايم آر
جياڪر جي سرواڻيءَ هيٺ سوراج پارٽي هئي ۽ ڪائونسل
۾ ڪيترائي ناميارا سرڪاري عملدار ۽ سياستدان شامل
هئا. ڪائونسل جي ميمبري ۽ گڏوگڏ ان جي ٻاهر وارن
ڪيترن ئي اڳواڻن سان کهڙي صاحب ايندڙ سالن ۾ سنگت
رکي. انهن ۾ پارسي سماج سڌارڪ ڪائو سجي جهانگير،
چُني لال مهتا، سر علي محمد دهلوي، رحمت الله پونا
وارو- مولوي رفيع الدين، جي نورو جهانگير واڍيا،
ڪي ايف نريمان، ناميارو عالم ابا صائب، جي اين
مجمِدار ۽ ٻيا ناميارا پارسي، هندو، مسلمان ۽
انگريز پڻ شامل هئا. سنڌ جو اڳوڻو ناميارو ڪمشنر
سر هنري لارينس، سر موريس هئورڊ، سکر واري لائيڊ
بيراج جو چيف انجنيئر سر چارلٽن هيريسن ٻين سرڪاري
ملازمن سان گڏ پريزيڊنسيءَ طرفان نامزد ڪيل سرڪاري
ميمبر پڻ هئا. سنڌ مان کهڙي صاحب جي ٻين ساٿين ۾
سيٺ عبدالله هارون، شاهنواز ڀٽو، غلام حسين هدايت
الله، خان صاحب سرائي امام بخش خان جتوئي نواب
شاهه وارو ۽ دادو ضلعي ۾ ميهڙ جو خان صاحب ڪريم
بخش خان جتوئي، اپر سنڌ جي سرحدي ضلعي (اڳتي هلي
جيڪب آباد) جو خان صاحب شير محمد خان بجاراڻي،
رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو ڀاءُ جان محمد خان
ڀرڳڙي، ٿرپارڪر جو سيد غلام نبي شاهه، مکي
ڄيٺانند، حاجي گل محمد خميسو، حاجي فضل محمد
لغاري، سيد محمد ڪامل شاهه، نور محمد وڪيل، خان
بهادر جان محمد پٺاڻ، گهوٽڪيءَ جو پير رسول بخش
شاهه، درگا داس آڏواڻي، ڀوڄ سنگهه پهلجاڻي ۽ ٻيا
شامل هئا.
گهڻي ڀاڱي مسلمان ۽ هندو ميمبر عام طور تي حڪومت
جا حمائتي ليکيا ويندا هئا ۽ تمام ٿورن هندو
ميمبرن جو تعلق سوراج پارٽيءَ سان هو. ڪانگريس جي
هڪ ڌڙي سوراجين 9 1 9 1 ع جي سڌارن کي هندستان سان
ڪيل واعدن جو ناڪافي مظهر سمجهندي محسوس ٿي ڪيو ته
ڪائونسلن جي بائيڪاٽ سان ڪو مقصد ماڻي نه سگهبو ۽
سڌارا ناڪافي ثابت ٿيندا يا منجهن اندران ئي ڏار
پوندا. سو ان ريت سوراج پارٽي سخت ۽ اهل مخالف ڌر
مهيا ڪئي ۽ حڪومت کي منهن ڏيندي ۽ پنهنجو بچاءُ
ڪندي کين سخت محنت ٿي ڪرڻي پئي. سنڌ سان تعلق
رکندڙ مسلمان ميمبرن کي حڪومت جو ٺوس حمائتي گروهه
ليکيو ٿي ويو، پر پنهنجي ووٽن جي آڌار تي پنهنجي
صوبي لاءِ اهي رعائتون ماڻي پئي سگهيا، جيڪي هونئن
پريزيڊنسيءَ جي ڪامورا شاهي ڏيڻ کان ڪيٻائيندي ٿي
رهي.
کهڙي صاحب کي سيشن شروع ٿيڻ جي پندرهين ڏينهن اندر ناسڪ ضلعي جي آر جي
پرڌان جي رٿ جي حمايت ۾ ڳالهائڻ جو پهريون موقعو
مليو. ان رٿ ۾ سفارش ڪئي وئي هئي ته هندستان سرڪار
جي 9 1 9 1 ع واري بل جي منظوريءَ لاءِ مقرر ڪيل
گڏيل ڪميٽيءَ جي سفارش موجب زميني محصول جي ڪٿ کي
قانون تحت ضابطي هيٺ آندو وڃي. رٿ ۾ ان ڏس ۾ ٿيندڙ
قانون سازي جي انداز ۽ قسم جي نوعيت تي هڪ رپورٽ
لاءِ پڻ چيو ويو هو. رٿ جي حمايت ڪندي کهڙي صاحب
سنڌ جي زراعت سان تعلق رکندڙن جو پڻ ڪيس پيش ڪيو.
هن رٿ پيش ڪئي ته نظرثانيءَ جي نبيري (Revision
Settelment ) واري
سوال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ جلد کان جلد هڪ ڪميٽي
جوڙي وڃي، جنهن ۾ واضح غير سرڪاري اڪثريت هجي ۽ ان
جي اهميت سبب ان ۾ سنڌ جي مفادن جي پڻ چڱي
نمائندگي هجي. هن اگهن جي گهٽجڻ جي باوجود ڪٿيل
اگهن کي وڌائڻ واري حڪومتي روش جي خلاف ڳالهايو.
هُن آبادگارن کي وياج تي رقمون ڏيندڙن کان نجات
ڏيارڻ واسطي هڪ علاج پڻ آڇيو. هُن محسوس ٿي ڪيو
ته ڪجهه عرصو اڳ سنڌ ۾ شروع ٿيل زرعي سهڪاري (Agriculture
Co-operative Movement
) تحريڪ ان مسئلي کي
ڪافي حد تائين حل ڪرڻ ۾ سهڪار ڪري سگهندي ۽ حڪومت
ان کي همٿائي جو ان جي ڪاميابي ڪنهن معجزي کان گهٽ
ناهي. کهڙي صاحب چيو:
”آءٌ هن معزز ايوان آڏو هيءَ تحريڪ شروع ٿيڻ کان اڳ آبادگارن جي حالت جو ذڪر
ڪرڻ ٿو چاهيان. حڪومت ”تڪاوي“taccavi)
) جي
صورت ۾ آبادگارن کي اڳواٽ قرض
ڏنو، پر ڪي ٿورڙا ئي ان مان لاڀ پرائي سگهيا،
ڇاڪاڻ جو ان جو طريقو اهو هو ته جيڪڏهن ڪنهن
آبادگار کي قرض ٿي کپيو ته کيس ڊويزن جي ڊپٽي
ڪليڪٽر کي درخواست ٿي اماڻڻي پئي ۽ بعد ۾ اها
درخواست مختيارڪار کي جاچ لاءِ موڪلي ٿي وئي ته
قرض گهرندڙ شخص کي واقعي قرض جي گهرج آهي ۽ وٽس
ڪيتري ملڪيت آهي ۽ هو اها رقم زرعي مقصدن لاءِ ڪتب
به آڻيندو يا نه. سائين منهنجا! ان جاچ تمام گهڻو
وقت ٿي ورتو ۽ اڪثر قرض کان انڪار ٿي ڪيو ويو ۽
ايڪڙ ٻيڪڙ ڪيسن ۾ جڏهن قرض ڏنو به ويو ٿي ته عام
طور تي ايڏو دير سان ٿي مليو جو ان درخواست ڏيندڙ
جو ڪارج پورو نه ٿي ڪيو.“
کهڙي صاحب آبادگارن جي انهيءَ پريشانيءَ جي اپٽار ڪئي جنهن ۾ وٽس وياج خور
وٽ وڃڻ کان سواءِ ڪو چاروئي نه ٿي رهيو، جنهن جي
پنجوڙ مان پاڻ ڇڏائڻ ناممڪن هو.
”اڪثر جڏهن غير ضروري تاخير ٿي ڪئي وئي ته آبادگار وياج خور ڏانهن ٿي ويو،
جنهن 4 2 سيڪڙو يا اڃان 6 3 سيڪڙو وياج ٿي
اوڳاڙيو ۽ مون اهڙا ڪيس ڏٺا آهن جن ۾ جيڪڏهن ڪنهن
کي هڪ سؤ رپين جي گهرج هئي ته کيس ٻن سون روپين جي
رسيد ٿي ڏيڻي پئي ۽ ان مان هرهڪ سؤ روپين تي 4 2
سيڪڙو وياج جي اجازت ٿي ڏني وئي. اها هئي آبادگارن
جي حالت - وياج خور طرفان آبادگار کي ملندڙ رقم جي
عيوض سندس ملڪيت گروي رکي ٿي وئي ۽ اڪثر ان ملڪيت
تي وياج جي تمام وڏي شرح وصول ٿي ڪئي. جيڪڏهن هنن
وياج جي انهيءَ وڏي شرح جي ادائگيءَ جي مزاحمت ٿي
ڪئي ته کين ڪورٽن ۾ گهليو ٿي ويو ۽ وياج خور سندن
خلاف فتويٰ حاصل ڪئي ٿي ۽ کين سمورا خرچ پکا به
ڀري ڏيڻا پيا ٿي.“
کهڙو صاحب سهڪاري تحريڪ کان تمام گهڻو پر اميد هو ۽ آبادگارن طرفان ان جي
اهميت جي وضاحت ڪيائين ۽ سندن سچي پچي مدد لاءِ
کين وڌيڪ قرض ۽ رقمون ڏيڻ تي زور ڀريائين:
”هن مهل سنڌ ۾ انهيءَ سهڪاري تحريڪ ۾ لڳايل ناڻو ايڪونجاهه لک روپيا آهن.
اها چڱي موچاري رقم آهي پر اها رقم ڇهن سالن جي
مختصر عرصي ۾ استعمال ڪئي وئي آهي. آءٌ سمجهان ٿو
ته گهرج آهر ان ۾ هر سال اضافو ٿيندو. پر هڪ ڳالهه
جنهن جي آءٌ نشاندهي ڪرڻ چاهيان ٿو سا اها ته هن
مهل سهڪاري سوسائٽيءَ جي هر ڀاڱي ڀائيوار کي رڳو
پنج سؤ روپين تائين قرض ڏئي سگهجي ٿو. اها تمام
ننڍڙي رقم آهي جيڪا ننڍن آبادگارن کي ته هرکائي
سگهي ٿي پر منهنجي رٿ آهي ته ان کان گهڻي رقم
گهرندڙ آبادگارن کي قرض ڏيڻ واسطي ضلعي بئنڪون هئڻ
گهرجن.“
کهڙي صاحب ان تحريڪ جا آبادگارن کي ٿيندڙ فائدا هن ريت بيان ڪيا:
”هن تحريڪ مان آبادگارن کي ٿيندڙ هڪ ٻيو فائدو اهو آهي ته هنن گڏجي ڪم ڪرڻ ۽
هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ جو طريقو سکيو آهي. جيتوڻيڪ
ان جي متعارف ٿيڻ کي اڃان 6 سال ئي مس ٿيا آهن پر
سنڌ ۾ سهڪاري سوسائٽين جو ڳاڻيٽو 6 سؤ تائين وڃي
رسيو آهي. پر ان هوندي به آءٌ اهو چوندي نه ٿو
ڪيٻايان ته ان تحريڪ پنهنجون پاڙون پختيون ڪيون
آهن ۽ زراعت جي شعبي سان تعلق رکندڙ سمورين
واسطيدار ڌرين ان کي تمام گهڻو ساراهيو آهي. آءٌ
واسطيدار وزير کي درخواست ڪندس ته ان تحريڪ ۾ وڌيڪ
دلچسپي ورتي وڃي ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ راهه هموار
ڪئي وڃي. مون کي اميد آهي ته منهنجي رٿ تي غور ڪيو
ويندو.“
زراعت سان واسطو رکندڙن جي حالت بهر صورت سولن
قرضن جهڙن سادن علاجن کان گهڻو وڌيڪ جي گهرجائو
هئي. جيئن کهڙو صاحب چوي ٿو ”ڪيترائي ننڍا کاتيدار
واڻين جا تمام گهڻا قرضائي آهن. اهي اڀاڳا ماڻهو
واڻين هٿان ايڏا ته ايذائجن ٿا جو مسلمان آبادي
جيئن پوءِ تيئن غربت جو شڪار پئي ٿئي. جيتوڻيڪ سنڌ
۾ متعارف ڪرايل ”زمين جي نيڪال جي روڪ واري ايڪٽ“
(The Encumbered Estates Act
) ڪن وڏن زميندارن
کي ته تحفظ فراهم ڪيو آهي پر غريب آبادگارن جي
حالت اڳي کان وڌيڪ خراب آهي.“ کهڙي صاحب اها
ڳالهه به واضح ڪئي:
”سنڌ جي زميندارن جي حالت انتهائي خراب آهي ۽ همدرديءَ جي گهرجائو آهي.
ڪيترائي پنهنجون ملڪيتون وڪڻي چڪا آهن ۽ ٻيا
انتهائي ڳرن قرضن جي بار هيٺ دٻيل آهن. حڪومت جي
مهربانيءَ سان مٿي ڄاڻايل ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو ۽ اهو
کين جبري قرضن کان بچائڻ جو اثرائتو هٿيار ثابت
ٿيو آهي ... زمين جي نيڪال جي روڪ واري مينيجر جو
ريڪارڊ ٻڌائي سگهي ٿو ته هر سال ستر کان هڪ سؤ
زميندار سندس تحفظ لاءِ ساڻس لهه وچڙ ۾ اچن ٿا.“
کهڙو صاحب دراصل غير حاضر زمينداريءَ واري ايڪٽ (Land
Alienation Act ) ۽
قرضن جي نبيري واري بل (Debt
Reconciliation Bill
)جو تحفظ حاصل ڪري رهيو هو جيڪي پنجاب سميت
برطانوي هندستان جي ڪجهه ٻين صوبن ۾ متعارف ڪرايا
ويا هئا پر سنڌ ۾ ان جي لاڳو ٿيڻ ۾ ڪيترائي انتظار
۽ ايذاءُ ڀريا سال لڳڻا هئا. ان ريت ڪائونسل جي
پهرئين اجلاس ۾ ئي کهڙي صاحب ان سياسي پروگرام تي
ڪم شروع ڪري ڏنو جيڪو هن پاڻ لاءِ طئي ڪيو هو. هن
نه رڳو موقعو ملڻ تي زراعت سان لاڳاپيل ڌرين جي
ڏکيائين تي ڳالهايو پر سنڌ ۾ مسلمانن جي مقصد تي
به خيالن جو اظهار ڪيو.
”جڏهن آءٌ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل لاءِ چونڊيس ته طئي ڪيل هئو ته سنڌ جي
نمائندگي خاص طور تي ان صوبي ۾ انتهائي اڪثريت
رکندڙ پر انتهائي پوئتي پيل ۽ محروم مسلمانن جي
ڀرپور نمائندگي ڪندس. کين ان ڪري به ٿو ڀوڳڻو پوي
جو هو گهڻي ڀاڱي ٻهراڙيءَ سان تعلق رکن ٿا. ان جو
مطلب اهو آهي ته کين اسڪولن ۽ تعليم ڏانهن سولي
رسائي حاصل ناهي. ٻيو ته نوڪرين وغيره ۾ سندن
مناسب نمائندگي ناهي ۽ بدقسمتيءَ سان وٽن تعليم
پرائڻ جا ذريعا ڪونه هئا تنهنڪري هو نوڪرين وغيره
۾ هندن سان چٽاڀيٽي نه پيا ڪري سگهن. نوڪري پيشه
هندو طبقو پنهنجي هڪ هٽي قائم رکندي خالي جاين تي
مسلمانن جي ڀرتيءَ کان پاسو ڪندا هئا.... نوڪرين
تي مڪمل بالادستي هئڻ ڪري هو پنهنجي هڪ هٽيءَ مان
ذرو پرزو به ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. تنهن ڪري
مسلمان جيئن پوءِ تيئن ويڳاڻپ جو شڪار ٿيندا پئي
ويا. پهرين مهاڀاري لڙائي دوران ۽ ان کان اڳ ڪمشنر
سنڌ سرهينري لارينس جهڙن ڪجهه همدرد آفيسرن کان
سواءِ ٻين ڪنهن به ڌيان نه ڌريو آهي.“
پنجاب جي جان ۽ هينري واري عظيم لارينس ڪٽنب سان
تعلق رکندڙ سر هينري لارينس هڪ اهڙو اهل ۽ حساس
ڪمشنر هو، جنهن جهڙو سنڌ کي ڪڏهن آفيسر نه مليو.
هُن مسلمانن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ پنهنجي وسان نه
گهٽايو ۽ ڪجهه مختيارڪار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر متعين
ڪرائڻ ۾ ڪامياب پڻ ٿيو. جنهن وقت لارنس سنڌ ۾
ڪمشنر هو، تنهن وقت کهڙو صاحب تمام ننڍو هو ۽ کيس
ڪونه سڃاڻندو هو، پر بمبئي ۾ سندس دوست بڻجي ويو ۽
سنڌ جي مسئلن بابت کيس سدائين گهڻگهرو ڄاتائين.
ريٽائرمينٽ کان پوءِ لارينس آڪسفورڊ ۾ وڃي ٿانيڪو
ٿيو ته کهڙي صاحب 3 3 9 1 ع ۾ ٽين گول ميز ڪانفرنس
۾ شرڪت لاءِ انگلينڊ جي دوري دوران هڪ هفتيوار
موڪل لارينس جي آڪسفورڊ واري بوئرس هل هائوس ۾
گذاري.
4 2 9 1 ع جي سرءُ واري اجلاس دوران پڙهيل ڳڙهيل سنڌين جي حالت واضح ڪرڻ
لاءِ کهڙي صاحب روينيو کاتي ۾ مسلمان آفيسرن جي
ڀرتي ۽ تناسب بابت سوال اٿاريا:
(الف) ڇا حڪومت اهو ڄاڻائيندي ته سنڌ ۾ مسلمان مختيارڪارن جو تعداد وڌائڻ جي
ڏس ۾ 8 1 9 1 ع ۾ هر سال چار مختيار ڪارن جي سڌي
سنئين ڀرتي واري پاليسي جوڙي وئي هئي.
(ب) ڇا اها حقيقت آهي ته حڪومت انهيءَ پاليسيءَ کي ايندڙ ڏهن سالن تائين
جاري رکڻ چاهي ٿي؟
(ت) جيڪڏهن ها ته پوءِ حڪومت سنڌ ۾ مختيارڪارن جي ڪُل تعداد سان گڏوگڏ اهو
به ڄاڻائيندي ته منجهائن مسلمان ڪيترا آهن، هندو
گهڻا آهن ۽ ٻين برادرين سان تعلق رکندڙن جو تعداد
ڪيترو آهي؟
واسطيدار وزير چُني لال مهتا جواب ڏنو ته 1 2 9 1
ع ۾ عارضي مختيارڪارن ۾ تمام گهڻيون تبديليون ڪيون
ويون، ان سبب ڪري مقررين جي گهڻائي جيڪا اڻٽر هئي،
ان سبب جا گهٽ امڪان آهن ته خالي جايون ميسر ٿي
سگهن جن ۾ ڪيترن ئي تربيت هيٺ مختيارڪارن کي مقرر
ڪري سگهجي. وزير ڄاڻايو ته ڪمشنر 1918ع واري
پاليسي بدلائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن انگ اکر پڻ
ڄاڻايا جن موجب مختيارڪارن جي ڪُل تعداد ٻياسيءَ
مان ڇاونجاهه هندو هئا، اوڻويهه مسلمان ۽ پنج ٻين
برادرين سان تعلق رکندڙ هئا. ڪائونسل آڏو سوال رکڻ
سان گڏوگڏ کهڙي صاحب سنڌ ۾ تربيت هيٺ مختيارڪارن
جي حيثيت تي تفصيلي نوٽ پڻ تيار ڪيو ته جيئن حڪومت
کي پاليسي ٺاهڻ ۾ همڪاري ڪري سگهجي.
”لارينس صاحب جي جوڙيل ۽ حڪومت جي منظور ڪيل پاليسي هئي، ته هر سال گهٽ ۾
گهٽ چئن مسلمانن کي مختيارڪار طور روينيو کاتي ۾
ڀرتي ڪيو ويندو. تن ڏينهن ۾ تمام ٿورڙا مسلمان
مختيارڪار ئي نوڪرين ۾ هئا. انتظاميا انصاف سان
گڏوگڏ اسان جي برادريءَ جي مفادن وچان اهو ضروري
سمجهيو ويو ته ڏهن سالن تائين هر سال چار مسلمان
ڀرتي ڪيا وڃن. ڪجهه وقتن تي رڪاوٽن سان اها پاليسي
جاري رهي ۽ هاڻ ڪجهه حلقن ۾ ضروري ليکيو پيو وڃي
ته هر ضلعي ۾ هر سال ست وڏا منشي مقرر ڪري ان ۾
تبديلي آندي وڃي. ان مامري تي منهنجو نقطه نظر اهو
آهي ته: اهو سوال ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي:
الف- نوڪريءَ لاءِ ڀرتي
ب- ڀرتيءَ لاءِ سامان-مواد
پ- ڀرتيءَ جو طريقو
نڪتي ”الف“ جي ڏس ۾ آءٌ انهيءَ خيال جو آهيان ته
لارينس صاحب جي جوڙيل ۽ حڪومت جي منظور ڪيل پاليسي
جاري رهڻ گهرجي. نه رڳو ڏهن سالن لاءِ پر وچ ۾ آيل
رڪاوٽن سبب ان کي پندرهن سالن تائين جاري رکيو
وڃي، جو ان دوران هر سال ڀرتي چئن جي وڌ کان وڌ
تعداد موجب نه ٿي سگهي آهي، ڇاڪاڻ جو ان عرصي ۾
صوبي اندر مختيارڪارن جو ڪل تعداد وڌيو آهي. جڏهن
ته بيراجن جي سرشتن کان پوءِ اهو تعداد اڃا تائين
وڌائڻو پوندو. ڀرتيءَ جو اهو سوال ڀرتيءَ جي طريقي
سان نه وچڙايو وڃي. اسين هر سال چئن مسلمان
مختيارڪارن جي سڌي سنئين ڀرتي چاهيون ٿا. کين ڪيئن
ڀرتي ڪبو سو هيٺ ڄاڻايان ٿو:
نڪتي ”ب“ جي ڏس ۾ آءٌ ان خيال جو آهيان ته ڀرتيءَ
لاءِ سنڌ جي گريجوئيٽ مسلمانن کي سامهون رکيو وڃي.
مسلمان گريجوئيٽن مان سڌي سنئين ڀرتي ڪئي ٿي وڃي
يا هڪ سال جي تربيت کان پوءِ يا وڏي منشيءَ طور
تنهن بابت مون کي البته ڪو اعتراض ناهي. جنهن
ڳالهه تي زور ٿو ڀريان سا اها ته مسلمان گريجوئيٽن
تي سڌي سنئين ڀرتيءَ جا در بند نه ڪيا وڃن، اهي
کليل هئڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن ڪي اهل مسلمان گريجوئيٽ
نوڪريءَ کان ٻاهر موجود آهن ۽ تربيت طور ڀرتيءَ
لاءِ راضي آهن ته کين ان کان ڌار نه ڪيو وڃي. ٻين
لفظن ۾ ڀرتي انهن درجن مان ڪئي وڃي: 1 - نوڪرين
کان ٻاهر اهل مسلمان گريجوئيٽ ۽ 2 - وڏي منشيءَ
طور ملازمت مليل ۽ تربيت ورتل مسلمان گريجوئيٽ.
نڪتي ”پ“ جي ڏس ۾ آءٌ ان شڪايت کان باخبر آهيان ته
مختيارڪاريءَ جي تربيت وٺندڙ ڪجهه مسلمان گريجوئيٽ
ڪامياب ثابت نه ٿيا آهن. مون کي اها خاطري ناهي ته
ڪو هو نوڪريءَ تي چڙهيل ڪيترن ئي هندو مختيارڪارن
کان به وڌيڪ ڏڏ آهن، يقيناً اهو ڪو معيار ناهي
جنهن سان نوڪرين لاءِ انهن مسلمان اميدوارن جي ڪٿ
لڳايان. يقيناً منجهائن اها ئي توقع رکڻ گهرجي ته
هو انتهائي اهل ثابت ٿين ۽ پنهنجي ڪُڙم جو ڪنڌ
مٿانهون ڪن. هيل تائين مون کي انهيءَ شڪايت جي
حقيقي هئڻ جي جاچ ڪرڻ جو موقعو نه مليو آهي پر آءٌ
ايترو ضرور چوندس ته جيڪڏهن شڪايت درست آهي ته ان
جو به ڪنهن حد تائين تعلق ڀرتين جي غير اطمينان
بخش طريقي سان آهي. هن وقت ڀرتي ڪمشنر هٿان ٿئي ٿي
جيڪو آءٌ مڃان ٿو ته پنهنجو فرض ممڪن حد تائين
اصولي طور تي نڀائي ٿو پر کيس هر اميدوار کي ذاتي
طور تي يا خانداني طور تي نه سڃاڻڻ جي توقع رکي ٿي
وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀرتي نقص ڀري ٿي بڻجي. ان
ڪري آءٌ رٿ ٿو ڏيان ته ان ڏس ۾ نوڪرين وارن يا ان
کان ٻاهر جي معتبر مسلمانن يا ڪنهن ننڍي ڪميٽيءَ
جي سهائتا حاصل هئڻ گهرجي، جن کي سنڌ جي حالتن جي
ڀليءَ ڀت ڄاڻ هجي. اهو طريقو ٻين نوڪرين جهڙوڪ سب
ججن جي حوالي سان حڪومت جو منظور ڪيل ۽ اختيار ڪيل
آهي.
جنهن صوبي ۾ پنجهتر سيڪڙو آبادي مسلمانن جي هجي ۽
گهڻو تڻو روينيو ٽئڪس ڏيندڙ به مسلمان هجن اتي
اهڙي اهم روينيو عهدي تي مسلمانن جو تعداد 5 2
سيڪڙو هجي سا ڏاڍائيءَ واري ڳالهه ئي ليکبي. اعليٰ
عهدن تي مسلمانن جو تناسب تهائين گهٽ هو. ان ريت
کهڙي صاحب اهو مسئلو کنيو جيڪو اڪثريت سان لاڳاپيل
هو، جيئن هو پنهنجن لفظن ۾ چوي ٿو:
”مسلمانن جي ڀرتيءَ وارو معاملو ذاتي جهاد طور کنيم. ڪائونسل جي اجلاس ۾
شرڪت لاءِ بمبئي اسهڻ کان اڳ مسلمان آفيسرن مون کي
حيدرآباد ۾ هڪ عرضداشت پيش ڪئي هئي. نبي بخش، محمد
حسين ۽ ڪجهه ٻين اعليٰ عملدارن مون کي رات جي
مانيءَ تي گهرائي ڪجهه انگ اکر ڏنا هئا. مون فيصلو
ڪيو ته ڪائونسل ۾ منهنجي ڪوششن جا نتيجا جيستائين
حاصل ٿين، تيستائين جلد نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ
پتوڙڻ ضروري هئو، ان ڪري بمبئي ۾ (هوم منسٽر)
اندروني معاملن جي ميمبر مسٽر هئورڊ سان يڪدم سندس
آفيس ۾ وڃي مليس ۽ معاملو سندس آڏو پيش ڪيم. مٿس
سنڌ جي صورتحال چڱي ريت واضح ڪري سنڌو سنئون سوال
رکيم ته ڇا سندس خيال ۾ اهو ٺيڪ آهي ته پنجهتر
سيڪڙو آباديءَ لاءِ نوڪرين ۾ (پوءِ ڀل اُهي
انتظامي هجن، پي ڊبليو ڊي، عدالتي يا ٻيون هجن)
ايتري گهٽ نمائندگي مناسب آهي؟. کيس ٻڌايم ته سڄي
سنڌ ۾ ڪو هڪ به مسلمان ڊسٽرڪٽ جج يا اسسٽنٽ جج
ناهي. سر موئرس مون کي ڌيان سان ٻڌو ۽ پوءِ پنهنجي
ميز جي خاني مان سول سروس لسٽ ڪڍي غور سان ڏسڻ
لڳو: ”عبدالله آخوند بابت ڇا خيال اٿيئي؟ جيڪڏهن
تو مڃين ته کيس ترقي ڏئي سگهان ٿو. منهنجي ڊسٽرڪٽ
جج هئڻ دوران هن منهنجي ماتحت سب جج طور ڪم ڪيو
آهي.“ ان وقت تائين آءٌ عبدالله آخوند سان نه مليو
هئس. هو ڀلو آفيسر هو ۽ اڳتي هلي منهنجو سٺو دوست
بڻيو. مون راضپو ڏيکاريو. آخوند جي تقرري ڪئي وئي
۽ سر موئرس ان ڏس ۾ هڪدم آرڊر جاري ڪيو جيڪو
منهنجي سنڌ پهچڻ کان اڳ اتي پهچي ويو.“
کهڙي صاحب کي سر موئرس هئورڊ جي مثبت موٽ مان همت ٿي ۽ سنڌ ۾ نوڪرين جي
اڻبرابريءَ واري تناسب کي ختم ڪرڻ لاءِ سڌي سنئين
رابطي وارو طريقو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. هو
اعليٰ عملدارن، وزيرن ۽ ايگزيڪيوٽو ڪائونسلرن سان
ملي انصاف پٽاندڙ نوڪرين ۾ مسلمانن جي نمائندگي
وڌائڻ لاءِ کين آماده ڪندو هو.
هُو برطانوي عملدارن خاص طور تي پريزيڊنسيءَ ۾
اعليٰ حيثيت وارن عملدارن جي ورتاءُ مان گهڻو ڪري
مطمئن هو:
”مجموعي طور تي پنهنجي سڄي ڪيريئر دوران پروڙيم ته سينئر برطانوي عملدار
کليل ذهنن وارا ۽ همدرديءَ سان ڳالهه ٻڌندڙ هئا.
بي شڪ وٽن پنهنجون ترجيحون هيون ۽ ڪجهه حد تائين
خوشامد پسند به هئا. اهو اهڙو وکر هو جنهن جي
استعمال کان آءٌ پنهنجي سڀاءَ ڪري محروم هئس پر
منهنجا ڪجهه ڄاتل سڃاتل ساٿي هي طريقو اختيار ڪندي
حڪومتي عهدا ماڻي رهيا هئا. عام طور تي سنڌ ۽
بمبئي ۾ مون سان مليل برطانوي عملدار انتهائي اَهل
۽ باڪردار هئا، منجهن ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ گهٽتايون پڻ
هيون. بدقسمتيءَ سان 6 3 9 1 ع کان سنڌ جي ٽن
برطانوي گورنرن مان ٻه يقيناً هندستان ۾ برطانوي
آفيسرن جي اعليٰ ۽ مثالي جوڙ مان نه هئا.“
کهڙو 6 3 9 1 ع جي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان صوبي جي عليحدگيءَ کان پوءِ سنڌ ۾
مقرر ٿيل گورنرن بابت ڪٿ ۾ بلڪل درست هو. پهريون
گورنر سر لينسيلاٽ گراهام هڪ اهڙو نا اهل ثابت ٿيو
جهن جي اهليت بابت سيڪريٽري آف اسٽيٽ ۽ وائسراءِ
جهڙن اعليٰ عملدارن سوال اٿاريا. ٻيو گورنر سر
هيوگ ڊائو ڪلرڪي يا ماتحت آفيسريءَ جو ته اهل ٿيو
ٿي پر هو کيس مليل هيڏي وڏي عهدي جو ڪنهن به ريت
اهل نه هو. بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ هوندي ئي
کهڙو صاحب بمبئي جي ٻن گورنر سر ليزلي ولسن ۽ سندس
جانشين سر فريڊرڪ سائيڪس سان خاص طور تي سٺو ناتو
رکڻ ۾ سوڀارو ٿيو. ولسن مسلمانن جي مسئلن کي
همدرديءَ سان ٻڌو ۽ کهڙي صاحب مسلمانن جي شڪايتن ۽
ڏکيائين تي ساڻس تفصيلي لکپڙهه ڪئي ۽ ملاقاتون
ڪيون.
لاڙڪاڻي موٽڻ تي هن گهرو معاملن جي وزير سر موئرس
هئورڊ سان خالي جاين تي مسلمان سب جج مقرر ڪرڻ
بابت لکپڙهه شروع ڪئي ۽ پنهنجي سفارشن تي هڪ وراڻي
وصول ڪيائين. گهرو کاتي بمبئي جي سيڪريٽري تاريخ
پهرين جولاءِ 4 2 9 1 ع تي کيس لکيو:
”مانواري سر موئرس هئورڊ جي خواهش پٽاندڙ آءٌ تو ڏانهن 1 2 تاريخ واري خط
جو جواب لکي رهيو آهيان جنهن ۾ اوهان سنڌ ۾ ماتحت
جج جي درجي ۾ خالي هڪ جاءِ تي ڪنهن مسلمان کي مقرر
ڪرڻ جو رٿيو آهي، اها جاءِ سگهوئي ڀربي ۽ ان تي
ڌيان ڏنو ويندو.“
کهڙو صاحب ساڳئي وقت سنڌ حڪومت سان مسلمانن جي معاملي تي ڦيٽ کائي رهيو هو.
جولاءِ ۾ لاڙڪاڻي جي ميرو خان جي رهواسين ساڻس
رابطو ڪري مسلمان مختيارڪار جي بدلي روڪرائڻ لاءِ
چيو. هن ڪمشنر سنڌ جان لوئي ريو کي هڪدم اها بدلي
روڪڻ لاءِ لکيو. ڪمشنر جواب لکيو:
”آءٌ جناب يار محمد جي بدلي منسوخ ڪرڻ کان قاصر آهيان، پر بهرحال آءٌ ميرو
خان ۾ هڪ مسلمان مختيار ڪار اماڻيان پيو ۽ اميد
اٿم ته تعلقي جا مسلمان خوش ٿي ويندا.“ 5 2
جولاءِ تي کهڙي صاحب وري ريو کي هڪ مسلمان سب جج
جي تقرريءَ واسطي لکيو. سگهوئي 8 2 جولاءِ تي
جواب موصول ڪيائين:
”هڪ مسلمان سب جج جي تقرريءَ جي ڏس ۾ اوهان جو 5 2 تاريخ وارو خط مليو. آءٌ
ماتحت عدالتن ۾ مسلمانن جي تناسب وڌائڻ جي اهميت
کي محسوس ٿو ڪريان ۽ اوهان جو خط پهچڻ کان اڳيئي
ڪينيڊي صاحب کي تقرريءَ لاءِ اهليت رکندڙ بهترين
مسلمان اميدوارن جا نالا ڏيڻ لاءِ لکيو هئم. ان
معاملي تي سندس راءِ جو اڃان منتظر آهيان.“
سنڌ جي تاريخ جون ڪيتريون ئي نامياريون شخصيتون
سنڌ جي مسلمانن کي انصاف مهيا ڪرڻ واري پنهنجي
جدوجهد دوران کهڙي صاحب انهن کي اڳتي آندو ۽
همٿايو. نومبر 4 2 9 1 ع ۾ پريزيڊنسي حڪومت جي
گهرو کاتي جي سيڪريٽري کيس ڄاڻايو:
”ڪائونسل جي گورنر جي هدايت پٽاندڙ آءٌ اوهان کي جناب آءِ آءِ قاضيءَ جي سنڌ
۾ اسسٽنٽ جج طور مقرريءَ جي سفارش جي ڏس ۾ 12
نومبر 4 2 9 1 ع تي اوهان جي اماڻيل خط جي واپسي
رسيد ٿو ڏيان.“
پنهنجي انهيءَ سوچ تي هلندي سنڌي مسلمانن جي
پسماندگيءَ جي تڪڙي خاتمي لاءِ مٿاهين سطح وارن
برطانوي آفيسرن تي اثر انداز ٿيڻ ضروري سمجهو.
کهڙي صاحب بمبئي جي سڀ کان مٿين آفيسرن تي دٻاءُ
تيز ڪيو. هو بمبئي جي گورنر سر ليزلي ولسن سان
پهريون ڀيرو 3 2 9 1 ع دوران حيدرآباد ۾ ٿيل
تعليمي ڪانفرنس جي صدارت ڪرڻ مهل گڏجي چڪو هو. هاڻ
هن انهيءَ واقفيت کي نئين سر بحال ڪندي گورنر آڏو
ڪيس پيش ڪيو. سر ليزلي ولسن جي گورنر رهڻ واري
عرصي دوران کهڙو صاحب کيس لاڳيتو مسلمانن جي
تڪليفن جي شڪايتن، مطالبن ۽ عمومي صورتحال کان
آگاهه ڪندو رهيو. اها لکپڙهه اڻويهه سؤ ويهه جي
ڏهاڪي دوران سنڌ جي حالتن جي تصوير پيش ڪري ٿي. 3
2 آگسٽ 4 2 9 1 ع تي جڏهن کهڙي کي بمبئي ليجسليٽو
ڪائونسل جي پهرين اجلاس کان واپسيءَ تي ڪجهه
هفتائي مس گذريا هئا ته ولسن کيس لکيو:
”مون کي افسوس آهي جو ڪائونسل جي آخري اجلاس دوران ڪائونسل هال اندر منهنجي
آفيسن ۾ اسان وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت اوهان کي
اڳ ۾ نه لکي سگهيو آهيان، پر مون اهو وساريو ناهي
۽ ان بابت جاچ ڪئي اٿم، ۽ اوهان جي خواهش کي ممڪن
حد تائين پورو ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن.
اوهان کي خاطري ٿو ڪرايان ته سنڌ ۾ مسلمانن جي
روزگار جي ڏس ۾ حڪومتي حڪمن تي عمل درآمد ٿيندو
ڏسڻ جي خواهش اٿم ۽ ڪنهن به وقت اهو ٻڌين ته ان ڏس
۾ عمل نه ٿيو آهي ته مون کي خوشي ٿيندي جو اوهين
کاتي جي ميمبر يا انچارج وزير کي ڄاڻ ڪندا يا مون
سان لهه وچڙ ۾ ايندا.
اسڪالرشپن جي حوالي سان جن بابت اوهان مون سان
ڳالهايو هو، مون ڄاتو آهي ته سڌارن جي عمل هيٺ اچڻ
سان انگلينڊ وڃڻ واريون سموريون اسڪالرشپون ختم ٿي
ويون آهن ۽ مون کي ڄاڻايو ويو آهي ته ان مقصد لاءِ
هاڻ پريزيڊنسيءَ طرفان ڪابه اسڪالرشپ نه ٿي ڏني
وڃي. مون کي پڪ آهي ته اوهان جي ڄاڻ ۾ هوندو ته سر
فضل ڀائي ڪريم ڀائي مون کي ڏهه لک روپيا ڏنا آهن،
جيڪي آءٌ مسلمانن لاءِ اسڪالرشپ واسطي يونيورسٽيءَ
کي ڏئي رهيو آهيان ته جيئن هو تعليم پرائڻ لاءِ
انگلينڊ اُسهي سگهن ۽ اُميد اٿم ته سگهو ئي
يونيورسٽيءَ وٽان انهيءَ ٺاهوڪي سوکڙي قبولڻ جي
شرطن جي ڏس ۾ ٻڌايو ويندو.
سنڌ ۾ ٻوڏ جو ٻڌي انتهائي صدمو رسيو اٿم ۽ ان ڏس ۾
ٿيندڙ سرگرمين سان رابطي ۾ آهيان ۽ اوهان کي خاطري
ٿو ڪرايان ته پهتل تڪليف جي ازالي لاءِ وسان نه
گهٽايو ويندو.
تنهنجو پنهنجو
ليزلي ولسن
کهڙو انگلينڊ ۾ تعليم پرائڻ واسطي مسلمانن لاءِ اسڪالرشپن جي ان ڪري پڇا ڪري
رهيو هو جو وڏن عهدن تي انتهائي پڙهيل ڳڙهيل
مسلمان آفيسرن جي مقرر ٿيڻ جو اهو ئي ترقيءَ جي
واڌاري جو رستو هو ۽ اهو عمل سنڌ ۾ مسلمانن اندر
تعليم پرائڻ کي پڻ همٿائي ها. هو پنهنجي پراڻي
دوست ۽ ساٿي شاگرد دائود پوٽي کي جنهن پنهنجو پاڻ
کي شاندار عالم ثابت ڪيو هو، انگلينڊ جي ڪنهن
بهترين يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ جو
موقعو ڏيارڻ لاءِ فڪرمند هو. هُن اسڪالر شپ جي
امڪان بابت گورنر کي لکيو ۽ حڪومت سان ان معاملي
تي پڻ ڳالهايائين. هن 9 سيپٽمبر تي بمبئي سرڪار
جي تعليم کاتي جي سيڪريٽريءَ کان ڄاتو.
”مون دائود پوٽي صاحب بابت معلومات ڪئي آهي، حڪومت کيس ساليانو ٽي سؤ پائونڊ
جي اسڪالرشپ ۽ گڏوگڏ گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن لاءِ
ساليانو 5 4 پائونڊن کان نه وڌندڙ بونس ڏيڻ جو
فيصلو ڪيو آهي. کيس ٻه طرفو سيڪنڊ ڪلاس جو ڀاڙو پڻ
ڏنو ويندو. اهڙن آرڊرن ۾ تاخير جو سبب اهو هو ته
اسان ايمينوئل ڪاليج ڪيمبرج ۾ هن واسطي ڪمري جي
موجودگيءَ بابت هاءِ ڪمشنر جي هدايتن جو انتظار ٿي
ڪيو. هاءِ ڪمشنر کي تار وسيلي سهڪار لاءِ چيو ويو
آهي.“
دائود پوٽو ساڳئي سال ڪيمبرج روانو ٿيو ۽ ٽن سالن
۾ پنهنجي ڊاڪٽريٽ مڪمل ڪري 7 2 9 1 ع ۾ وطن وريو،
جنهن بعد علمي دنيا ۽ سرڪاري نوڪريءَ ۾ نالو روشن
ڪيائين.
سنڌي مسلمانن بابت پاڻ پتوڙڻ جي سلسلي ۾ کهڙي جي
گورنر سان لکپڙهه ايندڙ مهيني دوران 7 1 سيپٽمبر
4 2 9 1 ع تي هلي. جنهن ۾ هن زمينداري مسئلن کان
وٺي نوڪرين ۾ ڀرتين۽ تعليم تائين سنڌ جي مسلمانن
جي بنيادي مفادن سان لاڳاپيل معاملن تي اظهار ڪيو
آهي:
”جناب اعليٰ!
آءٌ اوهان صاحبن جي 3 2 آگسٽ 4 2 9 1 ع تي اماڻيل
خط ۾ ظاهر ڪيل همدرديءَ جي اظهار تي ٿورائتو
آهيان. مون کي انتهائي افسوس آهي جو آءٌ اوهان جي
نوٽ ۾ ڄاڻايل اهم معاملن تي ڊگهي عرصي کان اوهان
سان لهه وچڙ ۾ اچي نه سگهيو آهيان ۽ اهي سنڌ جي
مسلمانن جون انتهائي وڏيون مشڪلاتون آهن. تفصيل ۾
وڃڻ کان اڳ اهو پنهنجو فرض ٿو سمجهان ته اوهان
صاحبن جا سنڌ جي زراعت پيشي وارن سان اوهان صاحبن
جي حڪومت جي انتهائي پنهنجائپ واري ورتاءَ تي سچي
دل سان ٿورا مڃان ٿو. اوهان سان پوئين ملاقات
دوران اهو واضح طور تي لکيو هئم ته هيستائين زمين
جي نبيري ۽ Fallows قاعدن ۾ سنڌ جي زميندارن سان تمام
گهڻيون ناانصافيون ڪيون ويون آهن. اوهان صاحبن جي
حڪومت ان جي ازالي لاءِ جيڪي اپاءُ ورتا آهن تن
لاءِ ليجسليٽو ڪائونسل سنڌ کان آيل ميمبر ٿورائتو
ٿيڻ کان سواءِ نه ٿا رهي سگهن. انهن قاعدن قانونن
جي ڏس ۾ اڃان گهڻو ڪجهه ٿيڻ باقي آهي. جنهن لاءِ
آءٌ روينيو کاتي جي انچارج ميمبر، عزت مآب ايم سي
وي مهتا سان رابطي ۾ آهيان. مسلمانن جي روزگار جي
ڏس ۾ سنڌ صوبي جي ڪيترن ئي سرڪاري کاتن ۾ اسان کي
ڪيتريون ئي شڪايتون آهن جيڪي اوهان صاحبن جي مڪمل
همدرديءَ جون طلبگار آهن. مسلمانن سان سڀ کان وڏي
ناانصافي نئين بيراج اسڪيم جي نوڪرين ۾ ڪئي وئي
آهي. آءٌ مسلمانن بابت ڌار ڌار پڇي رهيو آهيان.
عزت ماب انچارج ميمبر کان انگ اکر ملندي ئي اوهان
صاحبن آڏو پيش ڪندس.
ٻيو ته سال 8 1 9 1 ع ۾ حڪومت سنڌ ۾ چار تربيت هيٺ مختيارڪار مقرر ڪري رهي
هئي، ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ مسلمان مختيارڪارن جو تعداد
تمام گهڻو گهٽ هو. حڪومت طرفان اها پاليسي ڏهه سال
جاري رکڻ جي اعلان هوندي به ان تي ٽي سال عمل ٿي
نه سگهيو. جيڪڏهن اوهان جي عهد دوران ان کي ٻيهر
بحال ڪيو ٿو وڃي ته مسلمان انتهائي ٿورائتا رهندا
۽ آءٌ سمجهان ٿو ته مسلمان مختيارڪارن جو تعداد
اڃان تائين گهٽ آهي ۽ برابريءَ جي تعداد تائين
پهچڻ لاءِ کين سڌو سنئون مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ٽيون ته اوهان صاحبن کي اهو ڄاڻائيندي انتهائي افسوس ٿو ٿئيم ته سنڌ ۾
مسلمانن جي تعليم لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا
آهن. مون کي ٻڌايو ويو آهي ته اعليٰ تعليم لاءِ
ملندڙ اسڪالرشپون به هن سال گهٽايون ويون آهن.
اسڪالرشپون پوئتي پيل مسلم برادريءَ کي اڳتي وڌڻ ۾
مددگار ثابت ٿين ٿيون. آءٌ انتهائي ٿورائتو رهندس
جيڪڏهن اوهان صاحب مٿي ڄاڻايل معاملن تي همدرداڻو
غور ڪندا، جيئن اوهان صاحبن ذاتي طور ٽي سال
لکپڙهه وسيلي اظهار پئي ڪيو آهي.
اسان لاءِ اها انتهائي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته
اوهان صاحب هلندڙ سال دوران سنڌ جو دورو به ڪندا
۽ ان دوران لاڙڪاڻي پڻ تشريف آڻيندا. اسان کي
اوهان صاحبن سان ملاقات جو موقعو ملندو ۽ روبرو
اهي مشڪلاتون اوهان آڏو پيش ڪنداسين. اهو اسان
لاءِ هڪ سٺو موقعو هوندو ته توهان صاحبن کي التجا
ڪجي ته ڪمشنر تي زور آندو وڃي ته هو اسان جون
شڪايتون دور ڪري ....“
گورنر هڪدم پنهنجو جواب اماڻيو:
”اوهان جو 7 1 تاريخ وارو خط ڪالهه مليم ۽ خوشي ٿي ته سنڌ جي زراعت پيشي
واري همراهن حڪومت جي هاڻوڪي قدم کي ساراهيو آهي.
Fallow قاعدن قانونن
بابت ڪجهه نه چوندس، ڇاڪاڻ جو اوهين مانواري ميمبر
سان لهه وچڙ ۾ آهيو.
آءٌ سنڌ صوبي جي مختلف سرڪاري کاتن ۾ مسلمانن جي
روزگار بابت جاچ ۽ ڄاڻ لهي رهيو آهيان ۽ اها خاطري
رکو ته ان ڏس ۾ مسلمان برادريءَ جي جائز گهرجن کي
پورو ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽائينداسين.
منهنجي ابتدائي معلومات ڄاڻائي ٿي ته مئي 9 1 9 1
ع کان مختيارڪارن ۽ ريزيڊينٽ مئجسٽريٽن جي 9 2
مقررين مان 9 هندن کي، 3 ٻين کي ۽ 7 1 مسلمانن
کي ڏنيون ويون آهن. ترقيءَ جي روڪ جو سبب جنهن
مسلمانن جي وڌيڪ ڀرتين ۾ رڪاوٽ وڌي آهي جزوي طور
تي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ عام حالتن ڏانهن موٽ
۽ جزوي طور تي ڪجهه عرصي لاءِ سالياني طور مسلمان
مختيارڪارن جي سڌي سنئين ڀرتي کي معطل ڪرڻ آهي.
مون کي ٻڌايو ويو آهي ته اها اسڪيم اوڏي مهل شروع
ڪئي وئي هئي، جڏهن ترقيون ٿيڻ تڪڙيون هيون ۽ وڏي
پئماني تي عارضي جايون خالي هيون پر ان کان پوءِ
هاڻ نڪرندڙ جايون گهٽ آهن جو انهن ۾ رڳو عارضي
بنيادن تي رکيل ملازم ئي ٿانيڪو ڪري پيا سگهجن.
مون کي ڄاڻايو ويو آهي ته هاڻي باقي ٻن همراهن کي
کپائڻو آهي ۽ ان کان پوءِ اها اسڪيم ٻيهر عمل هيٺ
ايندي.
سنڌ ۾ مسلمانن جي تعليم بابت لکيل اوهان جي نڪتي
بابت آءٌ هن مهل ڪجهه نه ٿو چوان. ان سڄي معاملي
تي جنهن لاءِ آءٌ سهمت آهيان ته انتهائي فوري
نوعيت جو آهي، واسطيدار وزير غور ڪري رهيو آهي.
هلندڙ سال، پنهنجي سنڌ واري دوري جو بيچينيءَ سان
انتظار پيو ڪريان، جڏهن ته اهو محسوس ڪندي
بدقسمتيءَ سان اوهان جي سمورين شڪايتن جو ازالو
ڪرڻ ممڪن نه به هوندو، تڏهن به خاطري رکو ته
پنهنجي مالياتي گنجائش تحت حڪومت وڌ کان وڌ مسئلا
حل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.“
مختيارڪارن جي تقرريءَ واري معاملي تي زور ڀرڻ
وارن جي کهڙو صاحب سنڌ انتظاميا سان به سڌي سنئين
رابطي ۾ هو. 1 2 سيپٽمبر تي سنڌ جي ڪمشنر کيس
ڄاڻايو:
”عارضي لسٽ تي مسلمان مختيارڪارن جو مناسب تناسب برقرار رکڻ جي ڏس ۾ اوهان
جو 1 1 تاريخ وارو خط مليو ۽ نوڪرين ۾ فرقيوار
نمائندگي تي ويچاريو ويو.“
ساڳي معاملي تي گورنر کيس 2 2 آڪٽوبر تي لکيو:
”اوهان کي ڪائونسل هال ۾ مون سان ملاقات ۽ مختيارڪارن جي سڌي سنئين تقرريءَ
بابت جنهن تي اسين پاڻ ۾ اڳيئي لکپڙهه ڪري چڪا
آهيون ڳالهه ٻولهه ياد هوندي.
مون سنڌ جي ڪمشنر سان ان معاملي تي لکپڙهه ڪئي آهي
۽ هن مون کي ڄاڻايو آهي ته اهو ممڪن ناهي، منهنجي
خيال ۾ اوهان کي اڳ ۾ به ٻڌايو اٿم ته اهڙين ڀرتين
کان اڳ سڌو سنئون ڀرتي ڪيل مختيارڪارن ۽ ريزيڊينٽ
مئجسٽريٽن (تقررين جا اهي ٻئي ڀرتي ساڳي گريڊ ۾
آهن) کي مستقل بنيادن تي کپائڻو پوندو. اهڙن ڏهن
آفيسرن کي مستقل عهدا ڏنا ويا آهن پر مون کي ٻڌايو
ويو آهي ته سگهوئي خالي جايون نڪرنديون ۽ 0 5
سيڪڙو جي بنياد تي ڀرتي ڪئي ويندي.“
بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبريءَ جي پهرئين سال
دوران ئي کهڙي صاحب پنهنجي مقصد جو تعين ڪري ورتو
هو ۽ ان لاءِ پنهنجي جدوجهد ۾ جنبي ويو. بمبئي
ڪائونسل جي ڪيترن ئي نون چونڊيل ميمبرن سان گڏوگڏ
پراڻن ميمبرن جي جذباتي پڻي ۽ لٻاڙ بدران کهڙي
صاحب نه رڳو انهن تڪليفن بابت ڪائونسل ۾ تفصيلي
طور تي ڳالهايو پر جتي محسوس ڪيائين ته اختياري
وارن سان انهن جي حل لاءِ لهه وچڙ ۾ پڻ آيو.
ثابتيون ملن ٿيون ته اهو انداز لاڀائتو ثابت ٿيو.
پر حڪومتي ڌيان رڳو مختيارڪارن ۽ سب ججن جي
تقرريءَ جي معاملي ڏانهن ڇڪرائڻ ئي ڪافي نه هو.
کهڙي صاحب سگهو ئي ڄاتو ته کيس نوڪرين لاءِ مناسب
اهليت رکندڙ مسلمان ڳولهڻا پوندا. آخوند، قاضي ۽
دائود پوٽا اٽي ۾ لوڻ برابر هئا. نوڪرين جي اعلان
ٿيڻ مهل اميدوارن کي موجود هئڻ کپندو هو. مسلمان
اميدوار هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجي معمول کان هٽايل تقرر
ڪندڙ اعليٰ عملدار ڪو هروڀرو همدرد به نه هئا ۽
اهو عذر پيش ڪرڻ لاءِ تيار هوندا هئا ته اهل
مسلمان اميدوار موجود ناهن. کهڙي ان رڪاوٽ کي دور
ڪرڻ لاءِ انتهائي جاکوڙ ڪئي. هن رٿ ڏني ته حڪومت
اهل اميدوارن لاءِ مسلمانن جي تنظيمن سان رابطو
ڪري. 1 1 آڪٽوبر تي هن ولسن کي لکيو:
”آءٌ نه ٿو سمجهان ته اهو ڄاڻائڻ جي ضرورت اٿم ته اوهان جي عملداريءَ هيٺ
سنڌ جي مسلمانن کي سرڪاري نوڪرين ۾ 0 5 سيڪڙو هئڻ
گهرجي، جنهن تي عمل نه پيو ٿئي. ان جو سبب هت ڪو
ڏکيو ناهي. هڪ جيڪو بهانو پيش ڪيو ٿو وڃي سو هيءَ
ته اهل مسلمان اميدوار اڻلڀ آهن، ان ڪري خالي
جايون ڀرڻ لاءِ انتظاميا کي غير مسلم ڀرتي ڪرڻا
پون ٿا. اسان روزمرهه واري زندگيءَ جي معمول ۾
جڏهن ان کي چڪاسيون ٿا ته، اهو عذر غير مناسب ٿا
ڀانيون. سنڌي پڙهيل مسلمانن جي سرڪاري نوڪرين ۾
شامل ٿيڻ لاءِ دانهون ڪوڪون روزانو وڌي رهيون آهن
۽ اها مقامي انتظاميا طرفان پنهنجي فرض جي ادائيگي
بهتر انداز ۾ نڀائڻ سان ٺهڪي نه ٿي. منهنجو مقصد
سندن ڳولا کي نقص ڀريو سڏڻ ناهي، مون وٽ ته پاڻ
انهيءَ معذرت لاءِ سبب آهن. مون وٽ هڪ سبب اهو آهي
ته اختياري وارن کي معاملن جي اوتري اثرائتي ڄاڻ
ناهي، جيتري مسلمان فردن کي يا مسلمان تنظيمن وٽ
آهي.
ان ڪري آءٌ چاهيندس ته اوهان جي قاعدي جي عملي
لاڳاپي لاءِ ڪي اپاءَ وٺجن. ان ڪري منهنجي درخواست
آهي ته مقامي اختياريءَ وارا تقررين کان اڳ اهل
مسلمان اميدوارن جا نالا سنڌ جي ڪن نامياري مسلم
تنظيمن کان گهرائين. جيڪڏهن ان تي عمل ڪيو ويو ته
مون کي پڪ آهي ته سگهوئي اسين انهيءَ پاليسيءَ تي
مڪمل طور تي عمل ڪري سگهنداسين.“
ان خط جي گورنرن کان آيل موٽ مان اهي مشڪلاتون
ظاهر ٿيون ٿين، جيڪي مسلمانن کي سرڪاري نوڪرين ۾
سندن مناسب حصو ڏيڻ واري پاليسيءَ سان ڊگهي عرصي
کان قائم هندو ڪامورا شاهيءَ جي ردعمل طور تي
سامهون آيون ٿي. 6 1 آڪٽوبر تي لکندي هو چوي ٿو:
”توهان جو 1 1 آڪٽوبر وارو خط مليو، مون کي افسوس آهي ته نه رڳو منهنجي پر
حڪومت جي به اها خواهش آهي ته سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين
۾ مسلمانن کي گهٽ ۾ گهٽ 0 5 سيڪڙو حصو ملڻ گهرجي
تنهن تي جوڳو عمل نه پيو ٿئي. جيڪڏهن آءٌ سنڌ سان
تعلق رکندڙ ڪائونسل جي هندو ميمبر کان پهتل سخت
شڪايت جي آڌار تي فيصلو ڪريان ته پوءِ اهو ئي
سمجهان ٿو ته ان ۾ سختيءَ سان عمل ٿي رهيو آهي.
اوهان کي خاطري ٿو ڪرايان ته ان تي عمل ٿيندو ڏسڻ
واسطي بيچين آهيان ۽ اوهان جي ڳالهه کي مڃان ٿو ته
ان ڳالهه تي مڪمل عمل نه ٿي رهيو آهي. پڪ اٿم ته
ان جو سبب اهل مسلمانن جي جوڳي تعداد هئڻ جي صورت
۾، سرڪاري نوڪريون خالي ٿيڻ مهل اهڙن مسلمانن جا
نالا هٿ ڪرڻ جو طريقو نقص ڀريو آهي. توهان جي رٿ
جي آجيان ٿو ڪريان، ان جهڙي ئي هڪ رٿ آءٌ اڳيئي
پريزيڊنسيءَ آڏو رکي چڪو آهيان ته اهل مسلمان
اميدوارن جي فهرست تيار ڪرڻ ۽ اهڙي لسٽ حڪومت آڏو
پيش ڪرڻ لاءِ ڪجهه مسلمان تنظيمن (آءٌ هڪ تنظيم جي
حق ۾ آهيان) کي ذميوار بڻايو وڃي. اهڙي ڪنهن تنظيم
لاءِ اهو به ممڪن هوندو ته اها اهڙين خالي جاين جي
اعلانن تي نظر رکي ۽ اهڙي ڪنهن خالي جاءِ لاءِ
مسلمان اميدوارن کي جوڳي درخواست تيار ڪرڻ ۾ مدد
ڪري.
توهان جي پونا ۾ موجودگيءَ دوران اوهان سان منهن
مقابل ملاقات جي اميد ٿو رکان، پر بهر صورت مون کي
اميد آهي ته اوهان ان معاملي تي چيف سيڪريٽريءَ
سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا جنهن کي اوهان جي خط کان
با خبر ڪيو اٿم.“
کهڙو صاحب پونا ۾ گورنر سان گڏيو ۽ ساڻس سنڌ جي مسلمانن جي مسئلن تي
ڳالهايائين. گورنر سهمت ٿيو ته سرڪاري نوڪرين ۾
مسلمانن کي سندن جائز حصو ڏيارڻ وارو معاملو ترجيح
ڀريو آهي ۽ بمبئي ڪائونسل جي سرءُ واري اجلاس ختم
ٿيڻ کان ترت پوءِ کهڙي صاحب کي سندس نقطي نظر جي
پٺڀرائيءَ ۾ لکيائين. 0 3 نومبر 5 2 9 1 ع تي
لکيل هڪ خط ۾ هن لکيو:
”گذريل ڏينهن اوهان سان ملاقات دوران، اوهان ٻين معاملن سان گڏوگڏ مسلم
برادريءَ سان تعلق رکندڙن جي تقررين بابت ڄاڻ ڏني
۽ ان بابت ڳالهايو. اوهان کي اوڏي مهل ٻڌايو هئم
ته ان ڏس ۾ آخري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ مون
کي پڪ آهي ته انهن تي عمل شروع ٿي ويو هوندو. هن
سان گڏ اوهان جي ڄاڻ لاءِ هلندڙ سال 3 2 جولاءِ
تي جاري ڪيل سرڪاري سرڪيولر جي هڪ ڪاپي پڻ اماڻيان
پيو، جيڪا ان سوال سان لاڳاپيل آهي ۽ جيڪو ڪنهن به
خالي جاءِ بابت وسيع تشهير جوڳي هدايت ٿو ڪري. مون
کي يقين آهي ته اوهين ان سان سهمت ٿيندا ته حڪومت
ان کان وڌيڪ ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي.
مون کي ڏنل اوهان جي انهيءَ رٿ جي ته مسلمان
تنظيمون سرڪاري نوڪرين لاءِ حڪومت کي اهل اميدوارن
جون فهرستون ڏئي سگهن ٿيون، جيئن اوهان کي روبرو
به چيو هئم، يقيناً اها بهتر رٿ ٿيندي ته سڄي سنڌ
لاءِ هڪ ادارو يا تنظيم نوڪرين جي اعلانن يا تشهير
تي نظر رکي ۽ اعلان ڪندڙ عملدارن کي اهڙي ڪنهن
اداري جي پٺڀرائيءَ سان اهل اميدوارن جا نالا
اماڻي. بهرحال آءٌ سمجهي سگهان ٿو ته سنڌ ۾ اهڙي
جوڙجڪ ۾ ڏکيائي ٿيندي ۽ جيڪڏهن سمورن ضلعن جو گڏجڻ
ناممڪن هجي ته پوءِ آءٌ تجويز ٿو رکان ته هڪ اهڙو
نمائنده ادارو قائم ڪيو وڃي، جنهن جي سفارشن تي
عمل ٿي سگهن. بهرحال آءٌ محسوس ٿو ڪريان ته جيڪڏهن
مختلف مسلم ادارا ضلعي ڪليڪٽرن سان لهه وچڙ ۾ اچن
ته ان تي عمل ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش نه ايندي، جيتوڻيڪ
آءٌ اڃا تائين ان ڳالهه جو آهيان ته تقررين لاءِ
سفارشون سنڌ ۾ مسلمانن جي مفادن جو تحفظ ڪندڙ ڪنهن
هڪ مرڪزي اداري کان اچن ته بهتر ٿيندو.“
محترم کهڙو به گورنر جي انهيءَ تبصري کي باجواز
سمجهي رهيو هو، جنهن موجب هڪ اهڙو نمائنده ادارو
هجي جيڪو اهل اميدوارن جي فهرست جوڙي، موجوده
ملازمتن سان سندن ڀيٽ ڪرڻ، خالي جايون ڳولهڻ ۽
انهن بابت اميدوارن کي آگاهه ڪرڻ جي ذميواري کڻي.
انهن سمورن ڪمن لاءِ صوبي جي وسيع تر حمايت رکندڙ
هڪ تنظيم جي ضرورت هئي. اصولن پٽاندڙ کهڙي صاحب
اهڙي تنظيم کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هو. 7 7 8 1 ع ۾
ڪلڪتي سان تعلق رکندڙ مشهور عالم، قانوني ماهر ۽
سياسي ڪارڪن سيد امير عليءَ جي قائم ڪيل مرڪزي
نيشنل محمدن ايسوسيئيشن جي سنڌ شاخ طور 4 8 8 1 ع
۾ حسن علي آفنديءَ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن قائم ڪئي
هئي. سيد امير علي هندستان ۾ مسلم سياسي تنظيم جو
بانيڪار هو ۽ سڄي ملڪ جو دورو ڪري مسلمانن کي منظم
ٿيڻ لاءِ همٿايو هئائين ته جيئن سندن مفادن جو
بهتر تحفظ ٿي سگهي. 5 8 8 1 ع تائين نيشنل محمدن
ايسوسيئيشن جون سنڌ سميت تيرهن شاخون قائم ٿي
چڪيون هيون ۽ ان ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ تائين انهن جو
تعداد ٽيونجاهه تائين وڃي رسيو. سنڌ محمدن
ايسوسيئشن جيڪا سڀ کان وڌيڪ سرگرم ۽ باصلاحيت
برانچن مان هڪ هئي ۽ جنهن خود مختيار انداز ۾ ڪم
ٿي ڪيو ۽ مسلمانن جي نمائندگي ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار
ادا ڪيائين. جيتوڻيڪ اها پهرين مهاڀاري لڙائي کان
پوءِ قابل قبول بنجندڙ انقلابي يا قوم پرست هئڻ
واري ڪسوٽي تي پورو نه ٿي لٿي پر ان هوندي به
پنهنجي ماڻهن جي شاندار شيوا ڪيائين. ان جو اندازو
بنيادي طور تي ڏاڪي به ڏاڪي وارو ۽ برطانوي سلطنت
جي وفادار شهرين طور مسلمانن جا وڌ کان وڌ جائز حق
حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪرڻ وارو هو.
کهڙي صاحب ايسوسيئيشن جي سرگرمين کي نئين سر بحال ڪيو، سڄي صوبي ۾ پکڙيل ان
جي رڪنيت کي وڌايو. هن رسيدن کي سنئون دڳ ڏنو. 6
رپيا سالياني في وقت سر وٺجڻ لڳي ۽ ميمبر شپ جو
رجسٽر ۽ حساب ڪتاب جو کاتو ٺاهيو ويو. ٿورڙي عرصي
۾ رسيدون ٻيڻيون ٿي ويون ۽ 8 2 9 1 ع تائين چئوڻ
تي وڌي ويون.
-
End-
ان ريت سنڌ محمدن ايسوسيئيشن 0 2 9 1 ع واري ڏهاڪي
جي وچ کان 0 3 9 1 ع جي ڏهاڪي جي و چ ڌاري سنڌ جي
بمبئيءَ کان عليحدگيءَ واري عرصي دوران سنڌي
مسلمانن جي ترقيءَ جو سڀ کان اهم مورچو بڻيل رهي.
کهڙو ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري ۽ نائب صدر
رهيو، جڏهن ته سنڌ جو سينئر سياستدان سر شاهنواز
ڀٽو اهو گهڻو تڻو وقت صدر رهيو. گورنر (۽ ڪڏهن
ڪڏهن وائسراءِ آڏو) سالياني سپاسنامي ذريعي
ايسوسيئيشن حڪومت آڏو مسلمانن جا مسئلا رکڻ ۽
وفاداريءَ جي خاطري ڪرائڻ کي حڪومت آڏو مسئلن رکڻ
جو عملي طريقو ڪري اختيار ڪيو. کهڙي صاحب ان کي
سنڌين جي حقن لاءِ پنهنجي ذاتي پتوڙڻ سان انتهائي
ميل ميلاپ ڀانيو ۽ ان کيس جديد تنظيم جي ڪارائتي ۽
لاڀائتي هئڻ جا شاندار سبق سيکاريا. هو اها تنظيم
سنڌ جي عليحدگيءَ واري ڪيس کي پيش ڪرڻ لاءِ
اثرائتي انداز ۾ استعمال ڪرڻ وارو هو ۽ سنڌ محمدن
ايسوسيئشين جي پليٽ فارم تان ئي هُن 9 2 9 1 ع ۾
سائمن ڪميشن آڏو مسلمانن جو ڪيس رکيو.
مختيارڪارن ۽ ٻين عهدن لاءِ مناسب اميدوار هٿ ڪرڻ
واسطي ايسوسيئيشن هڪ اهڙو رجسٽر تيار ڪرڻ شروع ڪيو
جنهن ۾ مئٽرڪ پاس ڪيلن جا نالا درج هئا ۽ جڏهن
مئٽرڪ پاس ڪيلن جو تعداد جوڳو نه ٿيو ته مئٽرڪ ۾
ناپاس ٿيندڙن جا نالا پڻ درج ڪيا ويا ته جيئن
مسلمانن کي نوڪرين ڏيارڻ ۾ مددگار ٿي سگهجي.
پر سنڌ ۾ پنجاهه سيڪڙو ملازمتون سنڌي مسلمانن کي
ملڻ واري کهڙي صاحب جي پنهنجي سر طئي ڪيل مقصد ۽
حڪومت جي خاطري ڪرايل هدف کي حاصل ڪرڻ انتهائي
ڏکيو هو. وقت گذرڻ سان گڏ کهڙي ڄاتو ته ان ڏس ۾
ڪيترائي مفاد ڪم ڪري رهيا هئا. ڪي غير معمولي قدم
کڻڻ تائين ان مسئلي جو حل ممڪن نه هو ۽ معمول ۾
ڦاٿل ۽ ورتاءٌ ۾ سخت بيٺڪي ڪامورا شاهيءَ کي گهربل
لچڪ ۽ وسيع النظريءَ تي راضي ڪرڻ انتهائي ڏکيو هو.
هڪ ٻئي کان پوءِ ايندڙ بمبئي پريزيڊنسيءَ جا گورنر
خود برطانيا جي حڪمران اشرافيه طبقي سان واسطو
رکندڙ هئا. جن آڏو اهو وسيع نظريو هو. پر رڳو
گورنر جو همدرد هئڻ يا رڳو ڪو سرڪيولر جاري ڪرڻ ئي
ڪافي نه هو. جيئن کهڙي صاحب کي پنهنجي سڄي جدوجهد
دوران تجربو ٿيو هو ته ڪامورا شاهي گوٿناٿ جي
طريقن جي ماهر هئي ۽ ان ڪيس ۾ گورنر جي جوڙيل
پاليسيءَ تي عمل درآمد ۾ پنهنجي ناڪاميءَ تي بهانن
پويان بهانا ٿي پيش ڪيائين.
سنڌ ۾ مسلمانن کي جوڳي تعداد ۾ نوڪرين سان لڳائڻ
جي سلسلي ۾ ٽن سالن کان وڌيڪ عرصو پتوڙڻ کان پوءِ
کهڙي صاحب ان مسئلي تي هڪ بيان لکيو جيڪو 0 3
جولاءِ 8 2 9 1 ع تي گورنر ڏانهن لکيل خط سميت کيس
اماڻيائين:
”هن سان گڏ بيان ۾ مون ڊپٽي ڪليڪٽرن ۽ مختيارڪارن جي عهدي لاءِ مختلف
برادرين سان تعلق رکندڙن کي ڏنل تقررين جو تعداد
واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اوهان صاحبن آڏو انتهائي نوڙت سان ڳالهه ٿو رکان
ته اڳوڻن ڪمشنرن وٽان ترقيءَ جي فهرست ۾ اڳڀرو
بڻيل مسلمانن جي جاءِ تي هندو ڊپٽي ڪليڪٽرن کي
ترقي ڏيڻ واري تازي پاليسيءَ سنڌ جي مسلمانن جي
ذهنن ۾ انتهائي پيڙا پئدا ڪئي آهي. ليجسليٽو
ڪائونسل ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ سمورا مسلمان
ميمبر پاليسيءَ ۾ انهيءَ اوچتيءَ تبديليءَ تي
بيچيني محسوس ڪري رهيا آهن، جنهن اسان جي برادريءَ
کي تمام گهڻو ڇيهو رسايو آهي. سر ايڇ لارينس جي
سندس سنڌ جي ڪمشنر هئڻ دوران جوڙيل پاليسي جنهن تي
بعد ۾ ايندڙ ڪمشنرن ڪيڊل صاحب ۽ عزت ماب جناب ريو
پڻ عمل ڪيو، انصاف تي ٻڌل ۽ عقل ڀري هئي. ايستائين
جو ٻه سال اڳ تائين مسلمانن وٽ ڊپٽي ڪمشنرن جي
عهدن لاءِ 5 5 سيڪڙو تقرريون هيون ۽ گذريل ٻن
سالن دوران ان پاليسيءَ ۾ آيل وڏي تبديليءَ اهو
تناسب 5 5 سيڪڙو کان گهٽائي 3 3 سيڪڙو تائين آڻي
رسايو آهي. ان ڪري آءٌ اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيان
ته مسلمان ان معاملي تي رنج جو شڪار آهن. جڏهن ته
ان پاليسيءَ جي به روڪ جاري رهڻ تي اعتراض اٿاريل
آهن. اها عارضي تقررين ۾ به ورجائي وڃڻي آهي. ان
ڪري آءٌ عرض ٿو رکان ته اوهان صاحب آرڊر جاري ڪري
ٻن مسلمان عارضي ڊپٽي ڪمشنر چنا ۽ عيساڻيءَ کي
اورانگهي ٽنهي هندو عارضي ڊپٽي ڪمشنرن کي مستقل
ڪرڻ وارو هاڻوڪو آرڊر معطل ڪندا. اها تبديلي انصاف
۽ برابريءَ جي مفادن ۾ انتهائي ضروري آهي.“
پنهنجي بيان ۾ کهڙي، گورنر جي هدايتن جي ابتڙ ڪيل
تقررين لاءِ ثبوت ڏنا. هُن وائکو ڪيو ته تقررن ۾
ايڏي هٿ چراند ڪئي وئي جو گورنر جي آرڊرن جو روح
چيڀاٽجي ويو ۽ انهن حڪمن تي عمل نه ڪرڻ جي ڍڪ طور
ٽيڪنيڪي قسم جا بهانا پيش ڪيا ويا ۽ اهو ته ڊپٽي
ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن ٻنهي جي مقررين جي معاملي ۾
هدايتن جي واضح ڀڃڪڙي ڪئي وئي. کهڙي پنهنجي شڪايت
جي پٺڀرائيءَ ۾ مثال ۽ انگ اکر پڻ پيش ڪيا جڏهن ته
گورنر کيس تڪڙي موٽ ڏيندي لکيو:
”اوهان جو 0 3 جولاءِ وارو خط ڪالهه منجهند جو مليو ۽ خوشي ٿيم، ته اوهان
مون کي اڳوڻي خط ۾ اٿاريل معاملي تي لکيو آهي.
جيتوڻيڪ هن مهل اوهانجي خط سان شامل بيان ۾ ذڪر
ڪيل سمورين تقررين جي تفصيل کان محروم آهيان پر
اوهان کي خاطري ٿو ڪرايان ته سر هنري لارينس، ڪيڊل
صاحب ۽ ريو صاحب جي زماني جي پاليسيءَ ۾ ڪا تبديلي
آڻڻ بابت حڪومت يا منهنجو ڪو ارادو ناهي ۽ اوهان
کي هڪ ڀيرو ٻيهر يقين ٿو ڏياريان ته هر ممڪن حد
تائين خالي جاين تي مسلمانن کي ڀرتي ڪرڻ بابت اها
پاليسي جاري رکڻ جو ارادو اٿئون.
هن وقت اهو ئي چئي پيو سگهان ته اوهان جي خط ۽
بيان ۾ چيل ڳالهين بابت آءٌ جاچ ڪندس ۽ ان کان
پوءِ اوهان سان ٻيهر لکپڙهه ڪندس“
پنهنجي واعدي مطابق سر ليزلي وري 0 2 آگسٽ تي
ڪامورا شاهيءَ جي پرڪارن ۽ خاص طور تي ان جي بي
عمليءَ جي جوازن بابت لکيو:
”پنهنجي پهرين آگسٽ واري بيان جي تسلسل ۾ اهو چوڻ لاءِ لکي رهيو آهيان ته
اوهان جي 0 3 جولاءِ واري خط ۾ شامل بيان جي
اورچائپ سان جاچ لڌي اٿم ۽ اهو ڄاڻي خوشي ٿي اٿم
ته ڇانيل حقيقتن موجب سنڌ ۾ صوبائي سرڪار عارضي
ملازمتن جي هيٺئين ۽ مٿئين شاخن ۾ مسلمانن جي
مناسب نمائندگيءَ جي حوالي سان حڪومتي پاليسيءَ ۾
ڪابه تبديلي نه آندي وئي آهي، نه رڳو ايترو پر
انهيءَ پاليسيءَ سان نه ٺهڪندڙ ترقين ۽ تقررين جي
معاملي تي به ڪو قدم نه کنيو ويو آهي.
2 - اول ته اوهان جي ذهن مان اهو خيال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندس ته ڊپٽي ڪليڪٽرن ۽
مختيارڪارن جي عهدي جي جاين جو پنجاهه سيڪڙو
مسلمانن کي هر صورت ۾ ڏيڻ جو ڪو حڪمنامو آهي.
اوهان جي ذهن ۾ سنڌ جي ڪلارڪي نوڪرين جو پنجاهه
سيڪڙو مسلمانن کي ڏيڻ جو آرڊر آهي يا 8 1 9 1 ع جي
جاري ڪيل هدايتون آهن ته مختياڪارن جي ٻئي درجي جي
سالياني خالي جاين جو اڌو، اڌ کان وڌيڪ چار
تقرريون مسلمانن کي ڏنيون وڃن پر اهي هاڻ عمل هيٺ
ناهن.
3 - اوهان جي برادريءَ کي مناسب نمائندگي ڏيڻ واري اسڪيم ڏهه سال اڳ شروع
ڪئي وئي هئي ۽ ان جو اهم نقش مسلمانن جي هڪ جوڳي
مقصد کي تربيت جي هڪ مختصر عرصي کان پوءِ
مختيارڪارن جي سيڪنڊ گريڊ ۾ شامل ڪرڻ هو، جنهن کي
صوبائي سول نوڪرين جي مٿين ۽ هيٺين ڀرتين ۾ ڪم
ڪندي اڳتي هلي مسلمان ۽ ٻين برادريءَ وچ ۾ فرق
گهٽائڻو هو. اها اسڪيم هيل تائين ڪيترو ڪامياب رهي
آهي، سو هن مهل سيڪنڊ گريڊ مختيارڪارن جي تعداد
مان ڏسي سگهجي ٿو، جن جي 5 5 مان 0 3 مسلمان
آهن. پهرين گريڊ ۾، ماضيءَ ۾ اوهان جي برادريءَ
طرفان سرڪاري ملازمتن ۾ جوڳي تعداد سان داخل ٿيڻ
کان ڪيٻائڻ واري روش کي نظر ۾ رکندي ۽ ان گريڊ ۾
داخل ٿيڻ لاءِ نون عناصر جي وقت نه هئڻ جي باوجود
خود اوهان جي نقطي نظر موجب، ان جي اطمينان جوڳو
ٿيڻ جي اميد رکي سگهجي ٿي. ان جي باوجود مسلمانن
کي هيڊ منشيءَ طور تربيت ڏيڻ واري پاليسيءَ سبب
سندن تعداد مناسب حد تائين وڌندو. ڊپٽي ڪليڪٽر جي
گريڊ جي ڏس ۾، اوهان کي ياد ڏياريان ته اوهان جي
هم مذهبين جي حڪومت ٻن حوالن سان مدد ڪئي آهي. هڪ
سڌي سنئين ڀرتي ذريعي ۽ ٻيو پهرين گريڊ وارن
مسلمان مختيارڪارن جي ترقيءَ کي تيز ڪندي. پهرين
نقطي جي ڏس ۾ هن مهل سنڌ ۾ 6 ڊپٽي ڪليڪٽر سڌو
سنئون ڀرتي ٿيل آهن، جيڪي سمورا مسلمان آهن جن ۾
صديقي صاحب به شامل آهي، جنهن کي مسلمان طور ڀرتي
ڪيو ويو هو پر بعد ۾ ڪرستان مذهب اختيار ڪيائين.
جي ايم عيساڻي صاحب کي خاص پريزيڊنسيءَ بدلي ڪيو
ويو آهي. ترقين ۾ تيزي اوڏي مهل آڻي سگهجي ٿي جڏهن
مسلمان مختيار ڪار مناسب حد تائين سينئر هجن ۽
جڏهن اهڙيون ترقيون ٻين برادرين سان تعلق رکندڙ
ڊگهي عرصي کان مناسب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ وڏي ڄمار
وارن آفيسرن کي اورانگهڻ جي صورت سامهون نه اچي ۽
منهنجي حڪومت وقت بوقت ان تي عمل ڪندي ٿي رهي.
4 - اها ته ٿي عام پاليسي - هاڻ اچون ٿا تفصيل تي، مون کي ڄاڻ آهي، ته
واڌواڻي، پنجابي ۽ گجر جي پڪي نوڪريءَ ۾ ڪنهن به
مسلمان آفيسر کي اورانگهڻ جو معاملو ناهي. جيئن
تازو ئي اوهان تي واضح ڪيو ويو آهي ته ڊپٽي ڪليڪٽر
طور ڪم ڪندڙن جا نالا ضروري ناهي ته انهيءَ ترتيب
سان هجن جيڪا سندن ان عهدي لاءِ مقرريءَ سان
ٺهڪندڙ هجي. ان فهرست ۾ پرڏيهي سروس تي مقرر
آفيسرن جا نالا به ناهن جن جي ترقيءَ لاءِ، دعويٰ
کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. ٽن هندو آفيسرن مان ٻن وٽ
چئن سالن کان وڌيڪ عرصو ان عهدي تي ڪم ڪرڻ جو
تجربو آهي. جڏهن ته ٽين واڌواڻي صاحب کي ته نوَ
سال ان عهدي تي ٿيا آهن. جڏهن ته اوهان جي خط ۾
ڄاڻايل مسلمان آفيسرن مان ڪنهن کي به اڍائي سالن
کان وڌيڪ جو عرصو نه ٿيو آهي. ان جو ثبوت سندن
ترقيءَ جي وقت حاصل ڪندڙ پگهارن مان هٿ ڪري سگهجي
ٿو. هندو ڊپٽي ڪليڪٽرن جي پڪي نوڪري ڪيتري ئي عرصي
کان ٿيڻي هئي ۽ کين سندن جائز حق کان محروم رکڻ
خود سندن ڄمار جي تقاضن جي حوالي سان بنهه مناسب
نه هو. هو سمورا پنجاهه سالن کان وڏي ڄمار وارا
هئا جڏهن ته اوهان طرفان پيش ٿيل فهرست ۾ شامل
مسلمانن جي ڄمار 4 3 کان 1 4 سالن وچ ۾ آهي.
هندو آفيسرن جو اهو جٿو ماضيءَ جو ورثو هو، جيڪو
هاڻ وڃي دڳ لڳايو ويو آهي ۽ ان تي خاطريءَ جا
سمورا سبب سامهون آهن ته مستقل ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي
گريڊ ۾ جوڳيون مقرريون ٻئي برادريون وڌيڪ هڪجهڙائپ
سان ونڊينديون.
5 - جيئن آءٌ اڳيئي پروڙي چڪو آهيان ته صوبائي سول سروس جي مٿئين ۽ هيٺين
شاخن جي ڪيترن ئي گريڊن ۾ هاڻوڪي پاليسيءَ جا اثر
وقت سان محسوس ڪيا ويندا. ان هوندي به ماضيءَ ۾
اوهان جي برادريءَ سان تعلق رکندڙن جي ماتحت
روينيو نوڪرين ۾ داخل ٿيڻ کان ڪيٻائڻ جي باوجود
اهو نظر نه ٿو اچيم ته اهو ڊپٽي ڪليڪٽر جي گريڊ ۾
توقع کان ڪو گهٽ آهن. ٻين ڊيوٽين ۾ مصروف ستن ڊپٽي
ڪليڪٽرن جي فهرست ۾ ٽي مسلمان، ٽي هندو ۽ هڪ پارسي
آهي ۽ باقي 7 2 مان 1 1 مسلمان، 2 1 هندو ۽ 4
عيسائي آهن. فهرست مان يعني جي ايم عيساڻي ۽
عبدالقادر هن مهل خاص پريزيڊنسيءَ ۾ ڊيوٽي ڪري
رهيا آهن ۽ جيڪي سنڌ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر طور پڪا ڪيل
هئا.
6 - عملي ڊپٽي ڪليڪٽرن جي تقررين جي ڏس ۾ معمول واري تناسب ۾ چڱو خاصو توازن
آهي پر آءٌ ان سان سهمت نه ٿيڻ جي جرات ٿو ڪريان
ته سندن اهليت کي هڪ پاسي رکندي مسلمانن کي روينيو
آفيسر، لائيڊ بيراج ۽ ڪئنالن جي اڏاوت جي ماتحتيءَ
۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو وڃي. بيراج تي ڪم ڪندڙ
هندو آفيسر پنهنجن ڪيترن ئي شعبن ۾ ماهر آهن. صوبي
جي سول سروس ۾ حڪومت مسلمانن جي مفادن جي تحفظ
لاءِ ڪهڙي به پاليسي جوڙي پر حالتن کي نظر ۾ رکندي
ان تي انڌاڌنڌ عمل ناممڪن آهي.
7 - آخر ۾ آءٌ واضح ڪريان ته مٿين تقررين جي ڏس ۾ فرقيوار بنيادن تي ڀرتين
جو تناسب مقرر ڪرڻ ناممڪن آهي. انهن لاءِ چونڊ
بنيادي طور تي سندن ذاتي اهليت ۽ ميرٽ تي هئڻ
گهرجي. حڪومت وڌ کان وڌ اهو ڪري سگهي ٿي ته
مختيارڪارن جي گريڊ ۾ ڀرتيءَ جي حوالي سان خاطري
ڪري ته هندو ۽ مسلمانن جي برادرين کي جوڳي تناسب
سان جايون ڏيئي ۽ اهو ڪجهه منهنجي حڪومت گذريل ڏهن
سالن کان ڪرڻ ۾ رڌل آهي.
8 - هاڻ مون کي اميد آهي ته اوهين ۽ اوهان جي خط ۽ بيان ۾ ڪيل تبصري ۾ اوهان
سان گڏ مانوارا صاحب ان پيڙا کان آجا ٿي ويا
هوندا، جنهن جو انهن ۾ اظهار ڪيل آهي ۽ اها پڪ ٿي
هوندي ته مسلمانن ڏانهن پنهنجي ورتاءُ جي حوالي
سان منهنجي حڪومت هڪ ٻئي پويان ايندڙ ڪمشنرن جي
صلاح مشوري سان سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ۾ مسلمانن جي
مفادن لاءِ هي عملي قدم کڻي رهي آهي.“
گورنر جو خط مسلمانن جي شڪايتن جو بمبئي جو
ڪامورڪو جواب ۽ ان عزم جو ارادو هو ته سندن
بالادستيءَ کي ڪنهن به ريت ڇيهو نه ٿو رسائي
سگهجي. گورنر جو الزام ته ”اوهان جي برادري جا رڪن
عام طور تي ماتحت روينيو نوڪرين ۾ گهڙڻ کان
ڪيٻائين ٿا.“ انڌو منڊو بهانو هو، جيڪو ڪامورا
شاهي هميشه ڪندي رهندي هئي. اهڙيءَ ريت ٻيا جيڪي
سبب جهڙوڪ سينارٽي، اهليت ۽ صحيح طريقيڪار وارا
عذر پيش ڪيا ويا سي صرف مسلمانن کي پري رکڻ جا
بهانا هئا. کهڙي صاحب گورنر کي هڪ سمجهه ڀريو جواب
اماڻيو ته گورنر جي وضاحتن جي باوجود مسلمانن کي
نوڪرين جي ڏس ۾ جائز شڪايتون آهن. لاڙڪاڻي کان 2
1 سيپٽمبر 8 2 9 1 ع تي لکندي هن چيو:
”سنڌ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽرن جي هاڻوڪين مقررين ۽ پڪي ڪرڻ جي ڏس ۾ 0 3 جولاءِ تي
منهنجي لکيل خط جي جواب ۾ اوهان صاحبن جي 0 3
آگسٽ تي لکيل پنهنجائپ ڀري خط تي مهرباني. آءٌ
اوهان صاحبن جو ان سڄي معاملي تي اورچائپ سان
جائزو وٺڻ ۽ تفصيل ۾ وڃڻ تي انتهائي ٿورائتو
آهيان. مون کي اها ڳالهه چٽيءَ ريت ڪرڻ گهرجي ته
تازو ئي ٽن هندو ڊپٽي ڪليڪٽرن کي هڪ ئي وقت پڪو
ڪرڻ وارو عمل صوبي جي مسلمانن لاءِ حيرانگيءَ جو
سبب بڻيو آهي. پر بهرحال اها ڳالهه اطمينان سان
محسوس ڪرڻ جوڳي آهي، ته جيئن اوهان چيو آهي ته
مستقبل ۾ ٻئي برادريون ڊپٽي ڪليڪٽرن جي عهدن واسطي
ڀرتيءَ ۾ هڪ جيتريون ڀاڱي ڀائيوار هونديون. ان ڏس
۾ آءٌ اوهان صاحبن جي حضور ۾ اها ڳالهه آڻڻ ٿو
چاهيان ته صوبي ۾ مسلمانن جي آبادي 75 سيڪڙو کن
ٿيندي، سو مسلمان ڪنهن نوڪريءَ لاءِ طئي ٿيل گهٽ ۾
گهٽ قابليت رکندي يا ان عهدي لاءِ جوڳو تجربو رکڻ
جي صورت ۾ سرڪاري کاتن ۾ 0 5 سيڪڙو کان وڌيڪ
نوڪرين جا حقدار آهن. ان کان سواءِ انهيءَ حقيقت
کي به سامهون رکيو وڃي ته هن صوبي ۾ مسلمان سرڪاري
نوڪرين ۾ تمام ٿورڙي نمائندگي رکن ٿا. پي ڊبليو ڊي
۽ ٻيلي کاتي جهڙن کاتن ۾ جتي ٽيڪنيڪل ۽ سائنسي
قابليتون گهربل هونديون آهن بدقسمتيءَ سان سندن
تعداد تمام گهٽ آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته اهو ئي سبب
آهي جو مسلمانن روينيو، عدالتي، پوليس وغيره جهڙن
شعبن ڏانهن جن لاءِ وٽن قابليت آهي داخل ٿيڻ تي
زور پئي ڏنو آهي.
مون کي اهو ڄاڻائيندي ڪا هٻڪ نٿي ٿئي ته اسين سنڌ
جا مسلمان پاڻ کي انصاف ۽ درست ورتاءُ پلئه پوڻ
لاءِ اوهان صاحبن تي انحصار ٿا ڪريون.
آءٌ هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان صاحبن جو انهيءَ خاطري
ڪرائڻ تي ٿورائتو آهيان ته اوهان صاحبن جي راڄ ۾
سرڪاري نوڪرين جي ڀرتين جي ڏس ۾ مستقبل جي ڪنهن به
مرحلي تي اسان کي پنهنجي جائز حق ۽ حصي کان محروم
نه ڪيو ويندو.“
حقيقت اها هئي ته گورنر جون سوچون ڀل ڪيڏيون به
مثبت هجن، کيس صورتحال جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ حقيقتون
ڄاڻائڻ لاءِ پنهنجي ماتحتن تي ڀاڙڻو ٿي پيو ۽
برطانوي راڄ جو ڍانچو اهڙو هو جو مٿين سطح واري
انتظاميا کي هيٺين آفيسرن جي ڳالهه ۽ ڪٿ تي انحصار
ڪرڻو ٿي پيو ۽ هو پنهنجي سر غير جانبدار جاچ ۽ ڪٿ
لڳائڻ جا اهل نه هئا. فطري ڳالهه آهي ته جڏهن
گورنر وٽس پهتل ڪنهن معاملي تي راءِ ٿي گهري ته
انتظاميا اها راءِ ٿي پيش ڪئي، جنهن ۾ سندس قدمن
جو جواز ٿي پئدا ٿيو. عوامي نمائندن جي ڪنهن جوابي
تناسب جي غير موجودگيءَ ۾ برطانوي راڄ جو ڪامورا
شاهيءَ تي انتهائي گهڻو ڀاڙڻ وارو اهو انداز
انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيڻو هو. ان سان گڏوگڏ جيئن
پوءِ تيئن وڌيڪ اعليٰ معيار وارا برطانوي به
سرڪاري نوڪرين ڏانهن گهٽ متوجهه ٿيڻ لڳا ۽ صوبن جا
معاملا ڇسن ماڻهن جي حوالي ٿيا ۽ ان تبديليءَ
ڪامورا شاهيءَ تي انحصار اڃان به وڌائي ڇڏيو.
سنڌ جي مسلمانن آڏو هڪ ٻيو انتهائي اهم ۽ نازڪ
مسئلو تعليم جو هو. کهڙي صاحب جي چونڊ کان ترت
پوءِ مجموعي پرائمري تعليم ۽ خاص طور تي محلي
اسڪولن جي رپورٽ بابت هڪ ڪميٽي جوڙي وئي. هن بمبئي
ڪائونسل جي ڪجهه ٻين ميمبرن سان گڏ اها ڳالهه
سامهون آندي ته سنڌ سان تعلق رکندڙ مسلمان ميمبرن
کي به ڪاميٽيءَ تي کنيو وڃي. بمبئي سرڪار سنڌ کي
نمائندگي ڏيڻ تي راضپو ڏيکاريو ۽ کهڙي صاحب سميت
چار ميمبر ڪميٽيءَ تي نامزد ڪيا ويا. سنڌ جي
مسلمانن جي تعليم ۾ انتهائي دلچسپي رکندڙ کهڙي
صاحب ان معاملي تي به پنهنجي روايتي جوش سان زور
ڏنو. بمبئي سرڪار جي تعليم واري وزير کي مارچ 6 2
9 1 ع تي لکيل خط ۾ هُن سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي
مسئلن تي ڳوڙهي نظر وجهندي ان ڏس ۾ خاص ڳالهيون
واضح ڪيائين:
”اميد اٿم ته اوهان جو وقت سيڙائڻ تي معاف ڪندؤ پر هيءُ معاملو ايترو اهم
آهي جو ان کان سواءِ رهي نه پئي سگهيس:
1 - مون کي پڪ آهي ته اوهين صاحب سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي پسماندگيءَ کان
واقف هوندا ۽ هاڻوڪي ڪائونسل جي عرصي دوران اسان
جو اهو مقصد رهيو آهي ته گورنر صاحب کي سنڌ جي
تعليم بابت ڪي واضح قدم کڻڻ لاءِ آماده ڪري سگهجي.
اسان کي اوهان صاحبن جي ان معاملي تي همدرديءَ جي
ڀلي ڀت ڄاڻ آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته
تعليم کاتي ۽ وزارت، مسلم تعليم جي واڌاري لاءِ ڪو
خاص ٻوٽو نه ٻاريو آهي.
2 - 4 2 9 1 ع ۾ اسان مسلمان ڇوڪرن لاءِ سرڪاري هاءِ اسڪولن ۾ جايون مخصوص
ڪرڻ جي فوري ضرورت لاءِ مانواري تعليم جي وزير جو
ڌيان ڇڪرايو. اوهان صاحبن کي اهو ڄاڻڻ ۾ يقيناَ َ
دلچسپي هوندي ته سنڌ ۾ سرڪاري اسڪولن جي ڀيٽ ۾
بنگال جي نيم سرڪاري مشنري اسڪولن ۾ مسلمانن کي
بهتر گنجائش حاصل آهي. معمول طور ملندڙ جواب اهو
پئي رهيو هو ته سرڪاري هاءِ اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ
لاءِ مسلمان ڇوڪرا آهن ئي ڪونه، پر هاڻ جڏهن ڇوڪرا
موجود آهن، تڏهن به داخلا کان نابري واري ٿي وڃي.
هيءُ ٻئي معاملا اسان جي بمبئي پهچڻ تي سرڪاري
نمائندن جي ڌيان تي آندا ويا هئا ۽ اسان کي ان ڏس
۾ پڪ ڏياري وئي هئي، پر ڪجهه ڏينهن لنگهندي ئي
اسان پنهنجو پاڻ کي اڳوڻي نظام تي ڏسي رهيا آهيون
۽ اسان کي ڏيکاريل سپنا سچا ٿيندي نظر نه پيا
اچن. ان ڪري ئي معاملي جي سگهه ۽ اهميت سبب اوهان
کي لکڻ جو سعيو ڪيو اٿم.
3 - اوهان صاحب ان کان ڀلي ڀت واقف هوندا ته مسلم آبادي گهڻو تڻو شهرن کان
پرڀرو ٿي رهي ۽ ان ڪري خان بهادر مير غلام محمد جي
پنجين درجي تائين تعليم ڏيندڙ لارينس مدرسي وارين
ڪاوشن جي ممڪن حد تائين سهائتا ڪرڻ مناسب ٿيندو.
اسان سائين جن کي اها درخواست ڪئي هئي ته ان اسڪول
جو درجو هاءِ اسڪول تائين وڌايو وڃي ۽ ان کي
سرڪاري ڪنٽرول ۾ ورتو وڃي، پر اسان جي درخواست کي
سائين جن وٽان مالياتي ميمبر ۽ ٻين ميمبرن جي
همدرداڻي نقطي نظر جي باوجود اڻ سهائيندڙ موٽ نصيب
ٿي، جو واسطيدار کاتي جا پنهنجا انگل هئا. اسان کي
ٻڌايو ويو ته حڪومت ان کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٽين
درجي تائين پڙهائيندي، جڏهن ته هينئر به اهو اسڪول
پنجين درجي تائين تعليم ڏئي رهيو آهي. تنهن ڪري
اسان هلندڙ سال درخواست ڪئي ته حڪومت هيءُ اسڪول
پنجين درجي تائين پنهنجي تحويل ۾ وٺي. ڪائونسل جي
شروعات مهل ته اسان جي درخواست جي منظوريءَ جا
مثبت اهڃاڻ ڏنا پئي ويا پر هاڻ اسان کي ڄاڻايو پيو
وڃي ته حڪومت ان اسڪول کي ڪي قدر امداد ڏيڻ تي ئي
ويچاري رهي آهي. هت اهو چوڻ جي ضرورت محسوس نه ٿو
ڪريان ته سنڌ واسي ڪهڙيءَ ريت 0 1 9 1 ع کان
علائقي جي ضرورت آهر سنڌ ۾ مفصل ۾ شروع ٿيندڙ مڊل
اسڪول لاءِ زور ڀري رهيا آهن. ايستائين جو هاڻ
جڏهن هڪ هڏ ڏوکي همراه پنهنجي هڙان وڙان ايترو
ڪجهه ڪيو آهي ته حڪومت مسلمانن جي تعليم لاءِ
پنهنجي عملي همدرديءَ جي ثبوت ۾ ڪجهه نه پئي ڪري.
مون کي اميد آهي ته سائين جن اهو اسڪول گهٽ ۾ گهٽ
پنجين درجي تائين سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ فرمائيندا.
4 -
اسان عزت ماب وزير تعليم جو ڌيان سنڌ مدرسي جي
فوري ضرورتن ڏانهن پڻ ڇڪرايو ۽ اداري کي ويهن
هزارن روپين جي اضافي امداد ڏيڻ لاءِ گذارش ڪئي
سين. اسان کي ان ڏس ۾ پڪي خاطري ڏني وئي هئي، ذاتي
ڳالهه ٻولهه ۾ عزت ماب وزير تعليم چوي ٿو ته کيس
اوهان صاحبن کان مليل هڪ خط ۾ ستن کان ڏهه هزارن
جي امداد مدرسي کي ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي، کيس اصل
رقم ياد ناهي، مون کي پڪ آهي ته اوهان صاحبن،
جيڪڏهن اهڙو ڪو خط لکيو به آهي ته به کيس اسان جي
گذارش جي ڄاڻ ناهي ۽ اسين نا اميد نه ڪيا وڃون ها.
ان ڪري منهنجي درخواست آهي ته اسان کي اوتري رقم
ڏني وڃي جنهن لاءِ اسان جي گذارش ڪيل آهي.
5 -
اسان اسڪالرشپن جي ڏس ۾ اضافي ٽيهن هزار روپين جي
به درخواست ڪئي هئي ۽ اسان کي انهيءَ منظوريءَ جو
آسرو پڻ ڏنو ويو هو. پر گورنر صاحب کي اهو ٻڌي
حيرت ٿيندي ته هاڻي ان بابت ڪا ڳالهه نه پيا ٻڌون.
ڄڻ ان جو ڪو ذڪر ئي نه هو. مون کي پڪ آهي ته گورنر
صاحب کي احساس هوندو ته اسان انهن اميدن تي ڪيڏو
انحصار ڪيو آهي جيڪي پاڙيون نه پيون وڃن يا گهٽ ۾
گهٽ پوريون ٿيندي اسان کي نظر نه پيون اچن.
6 -
هن خط جي شروعات ۾ مون ڄاڻايو آهي ته تعليم واري
وزارت جو ڌيان ان پاسي ڇڪرايو ويو آهي ته اسان جي
ڇوڪرن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل نه پيو ڪيو وڃي.
سرڪار ان جي ضرورت ۽ اسان جي درخواست جي اهميت
محسوس ڪرڻ جي ابتڙ حڪومت ڪراچي هاءِ اسڪول ۾ ڏهه
سيڪڙو، حيدرآباد ۾ 0 5 سيڪڙو ۽ شڪارپور ۾ 50
سيڪڙو داخلائون مسلمانن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
هلندڙ اجلاس ۾ عزت ماب وزير کان ڪيل سوال جي جواب
۾ هن ڄاڻايو ته هن ڪراچي هاءِ اسڪول ۾ مسلمانن کي
ڏهه سيڪڙو داخلائون ان ڪري ڏنيون آهن جو ڪراچي
مدرسو شهر لاءِ نه پر سڄي سنڌ صوبي لاءِ آهي ۽ ان
ڪري ڪراچيءَ ۾ مسلمانن کي فقط 0 1 سيڪڙو داخلائون
ڏيڻ سنڌ جي مسلمانن سان انصاف نه ليکبو. پر ان کان
به وڌيڪ اڻ سهائيندڙ ڳالهه اها آهي ته حيدرآباد ۾
جتي عاملن جا ٻه بهترين هاءِ اسڪول آهن ۽ سڄي شهر
۾ انهن جون انيڪ شاخون پکڙيل آهن مسلمانن کي فقط 0
5 سيڪڙو جي گنجائش مليل آهي، جيتوڻيڪ هندو اسڪولن
کي سندن قائم ٿيڻ کان وٺي عمارت ۽ سار سنڀال جي ڏس
۾ سرڪاري امداد ملي رهي آهي، جنهن مان اهي ڀرپور
لاڀ پرائي رهيا آهن. ڪراچيءَ ۾ مسلم هاءِ اسڪول جو
وجود اسان کي رڳو ڏهه سيڪڙو سيٽون ٿو ڏياري جڏهن
ته حيدرآباد ۾ ٻه هندو اسڪول ۽ انهن جون شاخون
هندن کي 0 5 سيڪڙو سيٽون ٿيون ڏيارين، تنهن ڪري
حتمي نتيجو اهو ٿو نڪري ته هندو پنهنجي اسڪولن
هوندي به سرڪاري هاءِ اسڪول تي پنهنجي هڪ هٽي
برقرار ٿا رکن.
جيڪا ڳالهه خاص طور تي ايذائي رهي آهي. سا اها ته
حڪومت حڪم جاري ڪيو آهي ته مستقبل ۾ ناانصافيءَ
تي ٻڌل هئڻ جي باوجود سيٽن جي اها حصيداري مسلمانن
جي هيٺين طبقي جي ٻارن کي ملندي. جيڪڏهن جيئن جو
تيئن هلايو ويو ته پوءِ اهي حڪم ايندڙ ستن سالن
تائين سرڪاري هاءِ اسڪولن تي هندن جي هڪ هٽيءَ جي
راهه هموار ڪندا، پر عملي طور تي سدائين جو معمول
بڻبا. اسان ان معاملي تي جنرل سيڪريٽريءَ سان
ڳالهايو آهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته کيس اسان جي گذارش
جي جواز هئڻ جو احساس آهي. کاتي اها ڳالهه پيش ڪئي
آهي ته هو اسڪول ۾ اڳئي موجود ڪنهن ڇوڪري کي ڪڍڻ
جو سوچي به نه ٿا سگهن. توهان ان حقيقت کان با خبر
هوندا ته اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ايستائين جو خود انگلينڊ
۾ ڪو ڇوڪرو ان سان آخري وقت تائين چهٽي يا وفادار
رهڻ تي مجبور نه ٿو ڪري سگهجي. جڏهن ڪلاسن ۾
گهٽتائي يا ڇوڪرن جي تعداد ۾ گهڻائي ٿيندي آهي ته
شاگردن کي واپس اماڻيو ويندو آهي. اهو هندستان ۾
هر هنڌ ٿيو آهي ۽ هر ملڪ ۾ ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن
اوهين ٻاجهه ڪري اها حقيقت ذهن ۾ ويهاريو ته
حيدآباد ۾ آرڊر اهي هئا ته ورنيڪيولر پريڪٽسنگ
اسڪول جا ڇوڪرا حيدرآباد هاءِ اسڪول جي فقط پهرين
درجي انگريزيءَ ۾ کنيا وڃن. عاملن جي پاڙي جي عين
وچ ۾ واقع انهيءَ اسڪول ۾ مسلمان ڇوڪرن کي
حيدرآباد جي هاءِ اسڪولن ۾ داخلا کان انڪار ڪيو ٿي
ويو. ٻين سرڪاري هاءِ اسڪولن ۾ مسلمان ڇوڪرن جي
داخلا نه ٿيڻ جا به لڳ ڀڳ ساڳيائي سبب آهن. ان ڪري
مون کي يقين آهي ته اوهين پروڙي سگهو ٿا ته
داخلائن جي معاملي ۾ اسان ناانصافيءَ جو شڪار
آهيون. ان ڪري عرض ٿو رکان ته گورنر صاحب تناسب تي
نظرثاني ۽ نظرثاني ڪيل تناسب کي بنياد بڻايو ته
جيئن مستقبل ۾ جڏهن مسلمانن وٽان وڌيڪ تعداد ۾
داخلائن جي گهر اچي ته اهڙيون تبديليون ممڪن ٿي
سگهن ۽ اسان کي سمورن درجن ۾ هاڻوڪو مڪمل ترين حصو
ملي سگهي.“
بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر ٿيندي ئي کهڙو
صاحب زرعي قرضن، تعليم جي سهولت ۽ اعليٰ تعليم
لاءِ همٿائڻ، نوڪرين ۾ مناسب حصيداري ۽ فيصلي ڪُن
سطحن تي مسلمانن جي نمائندگيءَ جي ڏس ۾ مسلمانن جي
مفادن جي تحفظ واري ڪم ۾ جنبي ويو، ڇاڪاڻ جو هن
محسوس ٿي ڪيو ته سندن مجموعي حالت سڌارڻ لاءِ اهو
ڪم انتهائي ضروري هو.
ان عرصي دوران ننڍي کنڊ جو ڀاڳ تبديل ڪندڙ سياسي
واقعن ۾ هو مددگار نه به هو، تڏهن به انهن کان
باخبر ضرور هو. کهڙو صاحب جماعتي سياست ۾ سرگرم
شرڪت کان پاسيرو رهيو. هن محسوس ڪيو ته سندس تڪ
واسي سنڌ جا مسلمان جماعتي وابستگيءَ واري گوڙ
گهمسان جي ڀيٽ ۾ ان مثبت تعميري ڪم مان وڌيڪ لاڀ
پرائي سگهن ٿا، جنهن ۾ هو رڌل هو، سنوت ۽ سمت ڀرئي
ڪم جو وهنوار سدائين نه هلڻو هو ۽ کهڙي صاحب 0 2 9
1 ع واري ڏهاڪي جي وچ کان هندستان کي ڌونڌاڙيندڙ
فرقيوار ڏڦيڙ ۾ نه چاهيندي به وچڙي پيو.
ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي وارو اهو فرقيوار جوار
ڀاٽا خلافت ۽ اڻ سهڪاري تحريڪن ۾ سڀ کان وڏي بين
المذاهب خاص طور تي هندو مسلم سياسي سهڪار کان
پوءِ ڦاٽو. 4 2 9 1 ع ڌاري اها سول نافرماني واري
تحريڪ گانڌيءَ اهو چئي واپس ورتي ته ان جي عدم
تشدد واري انداز جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. هندستان
واسين جي اڀاريل اُڌمن بعد ۾ مذهبي ڪٽرپڻي جي صورت
اختيار ڪئي، جنهن جو نتيجو سڄي هندستان ۾ فرقيوار
فسادن جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. اهي وڳوڙ هندستان جي
مشاهدي ۾ ايندڙ سڀ کان وڏا ۽ انتهائي وسيع تر هئا،
پر انهن تي تيل ڇڻڪندڙ عنصر هندستاني ڏيک ۽ تاريخ
۾ اڳيئي موجود هئا.
مغل سلطنت پنهنجي ٻن سؤ سالن واري بادشاهيءَ دوران
هندستان جي راجپوتن، منتظمن ۽ ٻين هندو اشرافيه
جي سهڪار ۽ ساٿ سان هڪ گڏيل سهمت وارو معاشرو ماڻي
ورتو هو. سو جڏهن اڪبر اعظم پنهنجي راجپوت جنرل
سان گڏوگڏ بابر همايون سان گڏ وچ ايشا کان آيل
سپهه سالارن تي انحصار پئي ڪيو ته وٽس پنهنجي
سلطنت جي محصول واري انتظاميا کي منظم ڪرڻ لاءِ
توڏر مل به هو. ايستائين جو تنگ نظر مسلمان
ليکجندڙ اورنگزيب جي سيوا ۾ پڻ هندو ۽ مسلمان جنرل
۽ سول منتظم موجود هئا. ان ڪري اهو چئي پيو سگهجي
ته ننڍي کنڊ جا رهواسي صدين کان ڌار عقيدن ۽ مذهبن
جا پيروڪار هئڻ جي باوجود اهڙي سهپ ۽ هڪ ٻئي تي
اثر انداز ٿيڻ سان مالا مال هئا، جنهن جو مثال نه
رڳو مغل سلطنت مان پر سندن رسمن ۽ رواجن تي پڻ هڪ
ٻئي جي پيل اثرن مان پروڙي سگهجي ٿو. خود مذهبي ڪم
تي انهيءَ اثر رسوخ صوفي روايتن کي جنم ڏنو جيڪو
هندومت جي ڀڳتي تحريڪ، مسلمان بزرگن جي تعليم ۽ سک
مت جهڙن نون مذهبن مان ظاهر هو، جنهن جي باني
گرونانڪ اسلامي ۽ هندو مت جي فلسفن جو گاڏڙ بڻايو.
ٻه طرفي سهپ جي اها روايت تهان ئي وڌي ۽ بالغ نظري
ماڻي ها، جيڪڏهن مغلن جي جاءِ مقامي حڪمران
والارين ها. دراصل جتي به مقامي حاڪمن پنهنجون
آزاد رياستون قائم ڪيون اتي ٻنهي برادرين ۾ ڏڦيڙ
نه پيا نه ته اڳ ۾ اهي امن ۽ شانتيءَ سان پاڻ ۾
رهنديون رهيون.
پر هندستان ۾ برطانوي راڄ اچڻ سان صورتحال مڪمل
طور تبديل ٿي وئي. هاڻ هڪ ٻئي لاءِ گنجائش پئدا
ڪرڻ وارو مامرو نه هو. ٻنهي برادرين کي انگريزن
ڏانهن نهارڻو ٿي پيو، جن اقتدار جي مومل ماڻي هئي
۽ وهنوار جا طريقا ٺاهي رهيا هئا. انگريزن صورتحال
مان ڀرپور فائدو ورتو ۽ سامراجي طريقي ”ويڙهايو ۽
حڪومت ڪريو“ يعني ڪنهن وقت هڪڙي ته ٻئي وقت ٻي
برادريءَ جي پٺڀرائي ڪندي منجهن ويڇا پئدا ڪيائون.
اها روش 7 5 8 1 ع واري بغاوت جي جهوٻي کان پوءِ
تهائين وڌيڪ گهري انداز ۾ اختيار ڪئي وئي. جڏهن
انگريزن اهو پرايو ته جيڪڏهن کين ننڍي کنڊ تي
پنهنجي حاڪميت قائم رکڻي آهي ته ٻنهي برادرين جي
گڏيل جدوجهد ۽ ايڪتا ۾ ڏار وجهڻا پوندا.
ساڳئي عرصي دوران يورپي عالمن جي آڳاٽن مذهبن ۽
طريقن جي ڄاڻ لاءِ دلچسپي، انگريزي پڙهيل هندو
طبقي ۾ وڌيڪ سجاڳي آندي ۽ پنهنجي مذهب متعلق وڌيڪ
ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ آتا هئا.
ان ڪري برهمو سماج، آريه سماج ۽ پوءِ شڌي تحريڪن
زور ورتو. انهن جي مقابلي ۾ مسلمانن وري پنهنجون
تحريڪون شروع ڪيون جن وسيلي اسلام کي اڳتي آڻڻ ۽
مسلمانن ۾ پنهنجي دين لاءِ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽
تبليغن جو سرشتو شروع ڪيو.
0 2 9 1 ع واري ڏهاڪي ۾ جيئن پوءِ تيئن وڌندڙ انهيءَ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾
ٽڪراءُ اڻٽر هو ۽ اهو هندستان جي مستقبل لاءِ
فيصلي ڪُن ثابت ٿيو هو. هندستان جي قيادت هندستان
جي آزادي ۽ ان کي متحد رکڻ جي حوالي سان انتهائي
محدود سوچ ۽ ڪانئر ثابت ٿي. ان گهوٽالي ۾ انتهائي
ڀيانڪ ناڪامي گانڌيءَ جي هئي جنهن پينڊورا باڪس ته
کوليو پر پنهنجي پئدا ڪيل مامرن کي دڳ ڏيڻ کان
قاصر هو. ٻئي پاسي جناح صاحب تي تمام گهڻي تنقيد
به ڪئي وئي پر هاڻي جيڪا ڳالهه صحيح سمجهي سگهجي
ٿي ته هو سياست کي رستن ۽ عوام تائين کڻي وڃڻ جو
مخالف هو.
سڄي هندستان ۾ فرقيوار وڳوڙ ۽ ڇڪتاڻ جو اثر سنڌ جي
پر امن ۽ سهپ ڀري ماحول تي به پيو ۽ 8 2 - 7 2 9 1
ع ۾ هندو- مسلم ٽڪراءُ ٿيا. انهن مصيبتن جي نازل
ٿيڻ دوران انهن ڇڏيل اثرن کان پوءِ کهڙي صاحب
پنهنجو پاڻ کي هڪ اهم ڪردار ادا ڪندي ڏٺو. |