سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: محمد ايوب کهڙو

باب-7

صفحو :7

باب ستون

نئين انتظاميا جو ڍانچو

 

کهڙو صاحب پنهنجي خوشيءَ ۾ مست، وائسراءِ ۽ گورنر جي باوقار آفيسن ۾ ٿيندڙ ڊرامائي بمبئي ڪابينا ۾ شموليت لاءِ ٿيندڙ پتوڙ ۽ گڏوگڏ لارڊ بري بارن سان پنهنجي ٿيل ملاقات جي نتيجن کان اڻڄاڻ سنڌ جي عليحدگيءَ لاءِ باقي رهيل ڪم ۾ ئي لڳو رهيو. هو پنهنجي انگلينڊ واري دوري ۽ گڏيل پارلياماني ڪانفرنس ۾ پنهنجي شاندار ڪارڪردگيءَ تي پڻ خوش هو. ديس ۾ هو جدوجهد جي سرواڻي ۾ ئي رهيو ۽ بلاشڪ عليحدگيءَ واري ڪيس بابت سڀ کان وڌيڪ ڄاڻو هو، جنهن جو اعتراف نه رڳو عام ماڻهو پر سرڪاري عملدار پڻ ڪندا هئا. پر ماڻهن ۾ عليحدگيءَ واري جدوجهد بابت اڃا تائين خدشا هئا ۽ ان جو اهم سبب هندن طرفان ان خلاف لاڳيتو ڀنڊي ٻارڻ هو. اهڙو اظهار انگلينڊ کان پنهنجي واپسيءَ جي ڪيترن ئي مهينن کان پوءِ اپريل 4 3 9 1 ع ۾ لاڙڪاڻي مان کهڙي صاحب جي آغا خان کي لکيل هڪ خط ۾ ٿئي ٿو:

”مون کي سنڌ جي مسلمان اڳواڻن هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ جي عليحدگيءَ واري سوال جي ڏس ۾ اسان جي لائحه عمل بابت هن پيغام جي انداز ۾ اوهان جي ماهراڻي رهنمائي حاصل ڪريان.

ان مسئلي جي هاڻوڪي صورتحال ڪجهه هيئن آهي. سنڌ ۾ هندن انتهائي شديد پروپيگنڊا شروع ڪري ڏني آهي، هنن هڪ ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي جنهن ۾ عليحدگيءَ خلاف هڪ سگهارو ٺهراءُ بحال ڪيو ويو. هندو پريس انتهائي زهريلو ۽ شر انگيز مواد شايع ڪري رهي آهي، هنن لنڊن ۾ آفيس کولي آهي، اهو سمجهيو پيو وڃي ته سنڌ جي حوالي سان هو پارليامينٽ جي ميمبرن جي مدد ۽ همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ پتوڙي رهيا آهن ۽ ايندڙ مهيني هڪ هندو وفد انهيءَ مقصد سان انگلينڊ اُسهي پيو ته لنڊن ۾ پنهنجي طاقت کي نئين سر منظم ڪري گڏيل پارلياماني سليڪٽ ڪميٽيءَ کان پنهنجي مقصد سان ٺهڪندڙ رپورٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ان ۾ سڀ کان مٿي انهن پارليامينٽ ميمبرن جا سوال آهن جيڪي پارليامينٽ ۾ اڪثر سنڌ جي عليحدگي خلاف موقف اختيار ڪندا رهندا آهن.

معاملن جي اها حالت سنڌ ۾ مسلمانن کي انتهائي ايذائي رهي آهي ۽ ان مرحلي تي اسان کي اوهان جي رهنمائي جي سخت ضرورت آهي. اسين مئي جي شروعات ۾ عليحدگيءَ لاءِ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي رهيا آهيون ۽ جيڪڏهن اوهين ضروري سمجهندا ته اسين ڪو وفد انگلينڊ پڻ اماڻي سگهون ٿا جتي اهو هندو وفد جي پروپيگنڊا کي رد ڏئي. پر جيڪڏهن اوهين سمجهو ٿا ته انگلينڊ ڏانهن وفد اماڻڻ جو کڙ تيل نه نڪرندو ته، ڇا؟ اسان کي لنڊن ۾ پنهنجي آفيس کولڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ها ته پوءِ ان جو انتظام ڪيئن ٿيندو. انهن نڪتن سان گڏوگڏ جيڪڏهن اوهين عزت ماب ڪي اهڙا ٻيا به طريقا رٿيو جن سان اسان جي مقصد جي تڪڙي حاصلات ٿي سگهي ته اسان کي انهن تي عمل ڪندي انتهائي خوشي ٿيندي.

اميد اٿم ته اوهان عزت ماب صاحبن وٽان هن خط جي وراڻي ايئرميل (جهاز وسيلي ٽپال) ذريعي ٿئي ته جيئن اوهان جي هدايتن جي روشنيءَ ۾ ڪانفرنس جون پاليسيون جوڙي سگهون.

هن سان گڏ اوهان ڏي ڪجهه اخباري خبرون پڻ اماڻيان پيو ته جيئن عليحدگيءَ ڏانهن هندو مخالفت جو اندازو ڪري سگهو.“

آغا خان نئين سر اها خاطري ڪرائڻ لڳو ته فيصلو ته بهر صورت ٿي چڪو آهي ۽ عليحدگي مخالفن طرفان اها آخري پتوڙ پاڻيءَ تي ڦوٽو ثابت ٿيندي، ان ڪري لنڊن ۾ آفيس کولڻ پئسي ڏوڪڙ جو زيان ئي ثابت ٿيندو.

سنڌ جي عليحدگي ۽ ان جي خودمختيار صوبي طور جڙڻ جو اعلان  گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 5 3 9 1 ع واري هندستان جي نئين آئين سان گڏ ڪيو ويو. کهڙي صاحب پنهنجي طبيعت آهر ويچاريو ته هيءُ جدوجهد جي نتيجي ۾ پئدا ٿيل امڪاني تلخين کي دور ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ ميٺ محبت پئدا ڪرڻ جو وقت آهي. هن هڪدم هڪ بيان لکي هندو برادريءَ ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو. سنڌ عليحدگي ڪانفرنس جي ٻين اهم اڳواڻن جي به صحيحن سان جاري ٿيل انهيءَ بيان ۾ چيل هو:

”اسان کي اهو ڄاڻي انتهائي سرهائي ٿي آهي ته ٽين گول ميز ڪانفرنس جي آخري ڏينهن هز مئجسٽيءَ جي حڪومت طرفان هندستان لاءِ سيڪريٽري آف اسٽيٽ اعلان ڪيو ته سنڌ کي خودمختيار صوبو بنائڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ واسي ٻئي هندو ۽ مسلمان جيڪي دل جي گهراين سان پنهنجي ديس جو ڀلو چاهين ٿا، انصاف ڀرئي انهيءَ قدم کڻڻ تي حڪومت جا انتهائي ٿورائتا آهن ۽ سندن پاران اسين ٿور ا ٿا مڃون ۽ اهو اظهار ڪندي اسين فخر ٿا محسوس ڪريون ته انصاف ۽ اصول تي ٻڌل اهو فيصلو هاڻوڪي نسل ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ قيمتي سرمايو بنبو. اسين اميد ٿا ڪريون ته حڪومت اسان کي به اهڙائي حق ۽ مراعتون ڏيندي جيڪي ٻين خودمختيار صوبن کي حاصل آهن.“

سنڌ جي اڳواڻن محسوس ٿي ڪيو ته نئين شروعات مهل ساک هئڻ ضروري آهي ۽ انهن هندو قيادت کي جدوجهد دوران پئدا ٿيل تلخيون وسارڻ جي درخواست ڪئي.

”اهو حقيقتاً اڀاڳ هو جو اسان جي هندو دوستن جي هڪ حصي پنهنجي ديس جي آزاديءَ جي انهن سببن تحت مخالفت ڪئي جيڪي هر ڪو سمجهي سگهي ٿو. پر اسين اڪثريتي برادريءَ جي عيوضين طور کين اها خاطري ڪرائيندي اطمينان ٿا محسوس ڪريون ته ماضيءَ جون ساروڻيون مستقبل ۾ اسان جي ورتاءُ تي ڪڏهن به اثر انداز نه ٿي سگهنديون. اسين ان کي هڪ بند ٿيل باب ليکينداسين ۽ اهو اسان جو انتهائي مقدس فرض هوندو ته کين زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ هر ممڪن سهائتا ۽ اتساهه مهيا ڪريون ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن دنيا ڏسندي ته اهي ٻئي برادريون ٻن ڀائرن وانگر گڏ ٻڏڻ يا ترڻ وقت ڀائپيءَ جو مظاهرو ڪنديون. هاڻ جو سڀ ڪجهه ٿي چڪو آهي، اسين سنڌ جي هندو اڳواڻن کي وينتي ٿا ڪريون ته گذريل وقت کي دفن ڪيو وڃي ۽ هاڻ پنهنجو سمورو ڌيان امن ۽ ساک وارو ماحول پئدا ڪرڻ تي لڳائين ته جيئن سنڌ واسي اها نئين آئيني ذميواري بهتر انداز ۾ نڀائي سگهن.“

سنڌ جي اڳواڻن خودمختياري ماڻڻ کي ڪاڄ جي ڏينهن وانگر ئي ليکيو:

”سنڌ جي مسلمانن کي سندن منزل ماڻڻ تائين حب الوطنيءَ جي شاندار مظاهري کي واڌايون ڏيندي اسين کين هڪدم اڃان اڳتي وڌي حڪومت جو ٿورائتو هئڻ بابت پنهنجا احساس چٽي ريت واضح ڪرڻ جي صلاح ٿا ڏيون. انهيءَ مقصد لاءِ اسين تجويز ٿا ڏيون ته جمعو 0 2  جنوري تي ”سنڌ ڪاڄ ڏينهن“ ملهايو وڃي جنهن ۾ حڪومت جي ٿورن ۽ هندن کي خاطرين ڪرائڻ وارا ٺهراءُ منظور ڪيا وڃن. اها اميد ڪجي ٿي ته سنڌ جا مسلمان اهو ڏينهن ملهائڻ ۾ وسان نه گهٽائيندا.

اسان جو بيان اوستائين مڪمل ڪونهي جيستائين اسين گول ميز ڪانفرنس جي مسلمان عيوضين سر آغا خان ۽ ٻين هندستان جي مسلمانن خاص طور تي سر محمد اقبال، جناح صاحب ۽ مرحوم سر شفيع ۽ ٻين جا ٿورا نه مڃيون جن اسان جي جدوجهد ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي اسان سان سهڪار ڪيو.

پڄاڻيءَ کان اڳ اسين ڌڻيءَ در شڪر گذار آهيون جنهن جي ٻاجهه کان سواءِ ڪاميابي ڪڏهن به ماڻي نه سگهون ها.“

وزير اعظم طرفان سڌارن جي اعلان کان اڳيئي، هندستاني حڪومت، سنڌ جي هڪ ڌار صوبي طور وهنوار جوڙڻ لاءِ سنڌ انتظامي ڪميٽي جوڙي ته انتظاميا، بنيادي ڍانچو جهڙوڪ نئين راڄڌاني ڪراچيءَ لاءِ ضروري عمارتن ۽ آفيسن ۽ نئين صوبي ۾ نوڪرين، تعليم وغيره کي ڪيئن هلائجي، جيئن صوبائي حڪومت روان ٿي وڃي. ڪميٽيءَ جو چيئرمين سر هِگ ڊائو هو، جنهن کي سنڌ جي ماليات خاص طور تي سکر بيراج جي ماليات جو ماهر ليکيو ويندو هو. کهڙو صاحب ۽ سر عبدالله هارون ڪميٽيءَ جا سنڌ مان مسلمان ميمبر هئا ۽ ان ريت صوبي جي اڪثريت جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. سر عبدالله هارون انتهائي تجربيڪار عوامي اڳواڻ هو، جنهن ڪميٽيءَ ۾ اثرائتي شرڪت لاءِ گهربل انتظامي ڪمن بابت ڄاڻ جي تفصيل لاءِ کهڙي صاحب جي مڪمل مدد ۽ حوصلي افزائي ڪئي. ڊائو جيڪو سنڌ کي هڪ سٺي عملي انتظاميا ڏيڻ بدران ان ڪوشش ۾ هئو ته حڪومت تي گهٽ ۾ گهٽ خرچ ڪيو وڃي) سان ونهوار دوران پر ٻنهي مسلمان ميمبرن ۾ انتهائي هم خيالي هئي ته گورنر کان سنڌ لاءِ گهڻي ۾ گهڻا فائدا حاصل ڪيا وڃن. ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري هِگ ٽريور ليمبرڪ هو، جيڪو ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ جي تاريخدان طور مشهور ٿيڻو هو.

ڊائو مغرور آفيسر هو، جنهن وٽ تيز ذهن ته هو پر ان ۾ اها ڳالهه گهر ڪيل هئي ته هو هندستان ۾ گورن جو بار ڪلهي تي کنيل هڪ اعليٰ نسل سان واسطو رکندڙ آهي. هو ”ديسين“ سان انتهائي توهين آميز ورتاءُ سان پيش ايندو هو. کهڙي صاحب کي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ڏسي چڪو هو، جتي هو حڪومتي وهنوار ۾سرڪاري ميمبر هو. هو اهو چوندي هندستانين لاءِ انيڪ ڀيرا پنهنجي ڌڪار جو اظهار ڪري چڪو هو ته کين ڪپڙو لٽو پائڻ ۽ ڳالهائڻ به انگريزن سيکاريو ۽ هاڻ وري هو پاڻ کي ”مهذب“ ڪندڙن تي ڇوهه ٿا ڇنڊين. اهو ڀاڳ جو ڦير هو جو اهڙو ماڻهو سنڌ سان نه رڳو سکر بيراج جي حوالي سان لاڳاپيل رهيو پر صوبي جي انتظامي معاملن جوڙڻ واري ڪميٽيءَ جو چيئرمين بڻيو ۽ اڳتي هلي سنڌ جو گورنر پڻ ٿيو. کهڙي صاحب جنهن جا سر ليزلي ولسن ۽ سر هينري لارينس ۽ سنڌ جي آخري گورنر سر فرانسس موڊي جهڙن اهم سول انگريز عملدارن سان ويجها ناتا هئا، پنهنجو پاڻ کي ڊائوجي بلڪل ٽڪراءُ ۾ ڏٺو. اهو ٻه طرفو احساس ڪميٽيءَ جي اڪثر گڏجاڻين ۾ وڏي واڪ سامهون پيو ايندو هو ۽ ان جا کهڙي صاحب کي اڳتي هلي اوڏي مهل اُگرا نتيجا ڀوڳڻا پيا جڏهن ڊائو سنڌ جو ٻيو گورنر بڻيو.

انتظامي ڪميٽيءَ کي هيٺين جوڙجڪ ۾ فيصلا ڪرڻا هئا:

1 - گورنمينٽ هائوس، ڪائونسل چئمبر، سيڪريٽريٽ ۽ سينئر سرڪاري عملدارن جي گهرن لاءِ ڪراچيءَ ۾ گهربل جايون.

2 - سکر بيراج رٿا جي ڪم لاءِ اثرائتي رابطي ڪاري ۽ نظرداريءَ لاءِ ضروري، انتظامي معاملا.

3 - جيڪڏهن ضرورت محسوس ڪجي ته پوءِ موجود هاءِ ڪورٽ، يونيورسٽي، ميڊيڪل، سائنسي، ڍورن ڍنگرن جي، ٻيلا، انجنيئرنگ، زرعي يا ڪنهن اداري جو ڪنهن ٻئي صوبي سان الحاق.

4 - آيا سمورن کاتن خاص طور تي آ ل انڊيا سروسز  تي نوڪرين لاءِ مقامي طور تي عملو برقرار رکيو ويندو.

سنڌ جي اعليٰ سول ملازمن، دانشورن ۽ عوامي اڳواڻن ۾ هڪ سوال نامو ورهايو ويو ۽ سمورا نقطي نظر سهيڙيندڙ تفصيلي بحث کان پوءِ ئي ڊائو نئين صوبي لاءِ  انتظامي ضرورتن ۽ انتظاميا جي ڪٿيل خرچن بابت هڪ رپورٽ تيار ڪئي. رپورٽ گورنمينٽ هائوس ۽ اسيمبلي بلڊنگ جي ماليت 4 1  لک 0 4  هزار ڏني ۽ سرڪاري تنصيبن ۽ گڏوگڏ سکر بيراج جي ماليت بابت پڻ تفصيلي ڪم ڪيو. ڊائو جي زور ڀرڻ  تي ماليتون ايڏيون گهٽ لڳايون ويون جو سکر بيراج جي ڪجهه بنيادي اسمن جهڙوڪ ڪئنال جي لائننگ (تر ٻڌڻ) کي شامل نه ڪيو ويو. کهڙي صاحب معيشت جي اها ڪوڙي گوري اهو ڄاڻندي ڳهي ويو جو اهو خودمختياريءَ سان لاڳاپيل بنيادي شرط هو پر سنڌ جي يونيورسٽيءَ واري معاملي تي هو ڊائو سان ڦيٽ کائي ويٺو.

سوال اهو هو ته آيا سنڌ کي ڪا ڌار يونيورسٽي هجي يا نه، جيڪڏهن هجي ته اها پنجاب يونيورسٽي سان لاڳاپيل هجي يا بمبئي يونيورسٽي سان. سنڌ ۾ يونيورسٽيءَ جي کوٽ ڊگهي عرصي کان محسوس ڪئي پئي وئي ۽ ان جي اڻهوند يقيني طور تي صوبي ۾ تعليم جي سست واڌ ويجهه جو اهم ڪارڻ هئي. اها نسبتاً تازو ئي قائم ٿيل ۽ مالياتي لحاظ کان پوئتي پيل سنڌ جي اسڪولن لاءِ ناممڪن ڳالهه هئي ته اهي بمبئي جي بهتر ۽ معياري تعليمي ادارن سان مقابلو ڪن، جيڪي مدراس سان گڏ، سڄي هندستان ۾ بهترين هئا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن بمبئي لاءِ گهربل تعليمي معيار برقرار پئي رکيو ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڏيارام گدومل، علامه آءِ آءِ قاضي، پرنسپل شاهاڻي، ڊاڪٽر عمر دائود پوٽو، مرزا قليچ بيگ ۽ ڄيٺمل پرسرام جهڙا ناميار عالم ۽ ڄاڻو پئدا ڪيا. فطري اهليت جي تيز تر جوڙجڪ لاءِ بمبئي جي سرشتي جو احسانمند ٿيڻو پوندو. اهو ئي سرشتو هو جنهن علائقي جي ٻوليءَ ۾ تعليم کي همٿايو ۽ ان ئي سنڌ جي سرڪاري ٻولي طور سنڌيءَ کي وڌايو ويجهايو. ان جي ابتڙ پنجاب ۾ علائقائي ٻوليءَ کي انتهائي پوئتي ڌڪيو ويو هو ۽ حڪومت طرفان اختيار ڪيل سرڪاري ٻولي هندستاني هئي. سنڌ جا تعليمي ماهر ۽ سياستدان هندستان ۾ قديم ترين پريزيڊنسيءَ جي بلوغت ۽ نفاست ۾ اسريا ۽ لاڀائتا ٿيا هئا. هاڻ بهرحال هنن محسوس ٿي ڪيو ته ان تي انحصار وارو وقت گذري چڪو هو ۽ سنڌ جون خاص ضرورتون سنڌ يونيورسٽي ئي پوريون ڪري سگهي ٿي.

کهڙو صاحب سياست ۾ گهڙڻ ۽ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو چونڊيل عيوضي ٿيڻ کان وٺي تعليم جي ترقيءَ لاءِ پتوڙي رهيو هو. هو بمبئي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ ۽ سينڊيڪيٽ ميمبر هئڻ سان گڏوگڏ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي گورننگ باڊيءَ جو پڻ ميمبر هيو. هو سنڌ سان تعلق رکندڙ شاگردن واسطي داخلائون ۽ اسڪالر شپون حاصل ڪرڻ ۾ انتهائي سرگرم رهيو. هو ان نتيجي تي پهتو هو ته بمبئي جو اوپرو ماحول ۽ فاصلو ڪيترن ئي اهڙن همراهن کي تعليم کان محروم ڪيو وجهي جيڪي هونئن يونيورسٽين ۾ ضرور تعليم پرائين ها. ان وقت سنڌ ۾ اعليٰ ترين تعليم ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ٻن ٽن ڪاليجن مان ئي ٿي ملي، جن ۾ هندو اڪثريت سان هئا ۽ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مسلمان ئي انهن ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيو ٿي. مئٽرڪ ۽ ان کان مٿي وارن درجن جا امتحان وٺڻ جي اختياري بمبئي يونيورسٽي وٽ هئي ۽ جيتوڻيڪ هاڻ صورتحال اڻويهين صديءَ جهڙي خراب نه هئي، جڏهن شاگردن کي بمبئي پهچي امتحان ڏيڻو پوندو هو، جيڪو تمام ٿورائي سرنديءَ وارا ڪري پئي سگهيا پر اڃان تائين سنڌ ۾ تعليم جي ڦهلاءُ واريون حالتون پئدا نه ٿيون هيون. ان ريت تعليم جي پکيڙ ۾ رڪاوٽ فنڊن جي کوٽ ۽ مقامي يونيورسٽيءَ جي اڻهوند هئي.

اهو کهڙي صاحب جو سپنو هو ته سنڌ ۾ ڪا يونيورسٽي هجي. هاڻوڪيون تبديليون سندس خيال موجب ان لاءِ مناسب هيون ۽ هن اهو ڪميٽيءَ آڏو رکيو. معمول جيان هن ڀيري به هن پنهنجي تياري مڪمل ڪئي هئي. سنڌ ۾ يونيورسٽيءَ لاءِ ضرورت تي مثبت نقطي نظر حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪميٽيءَ جي مول متن کي ڦلهوڙيو. هن شاهه جي رسالي کي سهيڙيندڙ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سميت پنهنجي تعليمي ماهر دوستن کي ڪميٽيءَ آڏو نقطي نظر پيش ڪرڻ لاءِ چيو.

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سنڌ لاءِ يونيورسٽيءَ جي حمايت ۾ هڪ سگهارو نوٽ لکيو. هن پنهنجي دليلن ۾ ڄاڻايو ته:

”دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ادارا پنهنجي مادر علميءَ کان ايترو پري ناهن جيترو سنڌ جا اسڪول ۽ ڪاليج بمبئي يونيورسٽي کان پري آهن. اهڙي صورتحال صوبي جي دانشوراڻي اوسر ۾ يقيني طور تي ناڪاري اثر وجهي ٿي. گذريل انيڪ سالن کان ڪيترن ئي ڪاليجن ۽ اسڪولن جي باوجود سنڌ ۾ اهڙي ڪنهن ماحول جي اڻهوند ئي منهنجي خيال ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ واسطي مضبوط ترين دليل آهي.“

هن وڌيڪ بحث ڪيو ته سنڌ جي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ سينڊيڪيٽ ۽ فيلوشپ ۾ تمام ٿورڙي نمائندگي پئي رهي آهي ۽ ان ڪري انهيءَ يونيورسٽيءَ جي پاليسيءَ تي ڪو اثر نه ٿو پوي. سنڌ جون ضرورتون پوريون نه ڪيون ويون آهن.

”اسين پاليسين ۽ اڀياسي نصابن جي ان سلسلي سان ڳنڍيل آهيون جيڪي بمبئي يا ان جي پسگردائيءَ وارن علائقن جي ضرورتن پٽاندڙ بمبئي يونيورسٽيءَ جوڙيون آهن. هن گريجوئيشن کان اڳتي پڙهندڙ شاگردن جون ڏکيائيون پڻ ڄاڻايون، جن کان (اسان جي اهليت يا ڪم جي اسمن سان ليس هئڻ جي مدنظر رکڻ کان سواءِ) بمبئي ۽ پونا وانگر ئي ڪارڪردگي طلبي ويندي آهي. ۽ ان هوندي به سنڌ پنهنجي بنيادي ماڻن ۽ ماپن سان ٺهڪندڙ موضوعن جهڙوڪ صوبي جي تاريخ، مشرقي زبانن، ٻولين، ان جي جاگرافي، ان جي آڳاٽن دورن وغيره تي تحقيق ڪرڻ لاءِ جن لاءِ عالمن جو سڄو سارو لشڪر گهربل هوندو آهي، مختصر طور تي اسان کي هندستان جي ڄاڻ ۽ سوچ جي مجموعي ڌاري ۾ حصيداريءَ لاءِ سنڌ جي دريافتن کي جاچڻ ۽ سهيڙڻ گهرجي. آءٌ اديب، فلسفياڻي، مذهبي ۽ تاريخي پوربي نسخن جي گهٽ ۾ گهٽ ٻن اهڙن ذخيرن کان واقف آهيان جيڪي آڪسفورڊ واري بودليئن جي سر ٿامس بودلي جي ذخيري جيترائي لاڀائتا ٿي سگهن ٿا.“

هن وڌيڪ لکيو:

”سنڌ پراڻو صوبو آهي، شايد هندستان ۾ قديم ترين، ان جي پنهنجي تاريخ، روايتون ۽ ثقافت آهي. ان جي مٽي ۽ پٿر ڏورانهين ماضيءَ جي جاگرافيائي جوڙجڪ ۽ تحريڪ ڄاڻائي سگهن ٿا. ان جا نسل ۽ ٻوليون شاندار بنياد ٿا رکن. اهو سڀ ڪجهه اڃا تائين اڻ ڦلهوريل آهي ۽ ان جي مناسب ۽ عظيم الشان اڀياس سان سنڌي، عربي يا فارسيءَ جي سرشتيوار اڀياس تي ڪو ڌيان نه ڌريو ويو آهي.

سنڌ جي فطري ذهن جي درست وهنوار لاءِ ٺهيل اسان جي پنهنجي يونيورسٽي اسان جي فطري واڌ کي تيز ڪندي ۽ اسان جي محققن ۽ نوجوانن لاءِ وسيع تر ادراڪ جا در کوليندي. ڄاڻ پروڙڻ، وڌائڻ ۽ پکيڙڻ اسان جو اهم مقصد هئڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اسين ان ۾ ڪامياب نه  ٿا ٿيون، ته پوءِ سگهو ئي اسان وٽ اهڙو ماحول هوندو جنهن ۾ اسان جا سياسي ادارا صوبي جي رهواسين لاءِ حقيقي طور تي لاڀائتا بڻجي سگهبا...“

جيڪڏهن سنڌ جي ڌار يونيورسٽي نه هجي ته پوءِ ان کي ڪنهن ٻئي صوبي سان الحاق واري سوال تي هن وراڻيو:

”جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري سنڌ پنهنجي ڌار يونيورسٽي نه ٿي حاصل ڪري سگهي ته پوءِ آءٌ چاهيندس ته بمبئي سان ان جو الحاق جاري رهي. ان کان سواءِ ٻي رڳو پنجاب يونيورسٽي سان ئي ويجهڙائي هئڻ ڪري الحاق ڪري سگهجي ٿو. پر اهو پوئتي هٽندڙ قدم برابر ٿيندو، ڇاڪاڻ جو اِها ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي ته پنجاب يونيورسٽي معيار جي لحاظ کان بمبئي کان گهڻو پوئتي آهي. جيتوڻيڪ ان جي پوربي ثقافت کي همٿائڻ واري ساک ته آهي پر اها اڀياس جي تنقيدي طريقي کي جوڳي اهميت نه ٿي ڏئي، جيڪا پوربي تحقيق جي مناسب ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي.

آءٌ سختيءَ سان ان موقف جو آهيان ته جيترو جلد اسان کي پنهنجي يونيورسٽي هوندي اوترو ئي بهتر ٿيندو. ان کان پوءِ اسين هن صوبي جي ماڻهن جي ضرورتن ۽ پسمنظر سان ٺهڪندڙ ڏس ۾ ترقيءَ لاءِ آزاد هونداسين.“

گربخشاڻي جو شاگرد ۽ باقي سڄي زندگي سندس پاڙيسري ۽ دوست رهندڙ کهڙو صاحب سنڌ ۾ تعليم پکيڙڻ جي حوالي سان يونيورسٽيءَ جي اهميت تي ساڻس قطعي سهمت هو. هن جلد کان جلد يونيورسٽي قائم ڪرڻ بابت ڪميٽيءَ جي سفارش لاءِ زور ڀريو. ڊائو ان تجويز جي مخالفت  ڪئي. سندس مقصد شايد رقم بچائڻ جي حوالي سان هو، ڇاڪاڻ جو ڪميٽيءَ ۾ سندس ڪردار گهڻي ڀاڱي هندستاني حڪومت جي فرض کي گهٽ کان گهٽ ڪرائڻ هو. پر هن پنهنجو اعتراض انتهائي تيز جملي واري انداز ۾ رکيو ته سنڌ اهڙي نفيس تعليمي اداري لاءِ انتهائي پوئتي پيل هئڻ ڪري اهو قدم وقت کان اڳي ٿيندو. هن چيو ته سندس خيال ۾ سنڌ کي پنهنجي ڌار يونيورسٽيءَ لاءِ اڃان ڪيترائي سال کپن ۽ اهو ته انگلينڊ کان گهٽ ۾ گهٽ ٻه تعليمي ماهر جيڪي انسان ذات جي مقصد سان پاڻ ارپيل هجن، هت اچي نوجوانن کي تعليم ڏين ۽ اسڪول جوڙيندي جوڳو دانشوراڻو ماحول پئدا ڪن ته جيئن ڪنهن يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ميدان هموار ڪري سگهجي. کهڙي صاحب ڊائو جي اهڙي تبصري تي شديد اعتراض واريو ۽ سنڌين طرفان کائنس معافيءَ جي گهر ڪيائين پر جيتوڻيڪ هڪ ديسيءَ ڊائو جي انهيءَ سوچ خلاف آواز ته اٿاريو هو پر هو هڪدم ان تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه هو. پنهنجا لفظ واپس وٺڻ کان ڊائو جي انڪار تي کهڙي صاحب واڪ آئوٽ ڪيو، جيڪو ان قسم جي ڪميٽيءَ ۾ انوکو مثال هو.

جيتوڻيڪ پنهنجي رپورٽ ۾ ڊائو يونيورسٽيءَ جي سفارش نه ڪئي پر پنهنجا تڪراري خيال پڻ شامل نه ڪيائين ۽ سنڌ ۾ يونيورسٽي قائم نه ڪرڻ لاءِ رڳو مالياتي سبب ڄاڻايائين. ڊائو ڪنهن حد تائين دٻاءُ جي نتيجي ۾ پنهنجي هوڏ تان هٿ ته کنيو هو پر واڪ آئوٽ ذريعي پنهنجي محسوس ڪيل توهين کي وساري نه پئي سگهيو. کهڙي صاحب کان پلاند وٺڻ لاءِ هن بهتر موقعي جو انتظار ٿي ڪيو.

يونيورسٽي جيڪا ڊائو ان وقت معطل ڪئي، سا ٻئي مهاڀاري لڙائي شروع ٿيڻ سبب ڪيترائي سال رولڙي ۾ پئجي وئي ۽ 5 4 9 1 ع ۾ موڊيءَ جي گورنريءَ تائين ان جو حڪم نامو جاري ٿي نه سگهيو. اها نيٺ 6 4 9 1 ع ۾ قائم ٿي. ان دوران سنڌ لاڳيتو بمبئي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل رهي، ان ڳانڍاپي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اعليٰ تعليمي معيار برقرار رکيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان سان صوبي ۾ تعليم جي ڦهلاءُ وارو عمل گهڻو متاثر ضرور ٿيو.

ٻيو معاملو جيڪو تڪراري ثابت ٿيو سو اهو ته آيا سنڌ کي نوڪرين جو ڪو خود مختيار جٿو هئڻ گهرجي يا نه. اهو سگهو ئي واضح ٿي ويو هو ته انتظاميا جي خرچن کي گهٽ رکڻ جي ضرورت تحت خود مختيار نوڪرين جو عارضي طور تي ته سوال ئي پئدا نه ٿو ٿئي. هاڻ سوال اهو هو ته بمبئي سان ڳانڍاپو برقرار رکيو وڃي يا مسلم اڪثريتي صوبي ۽ سنڌو درياءَ تي ئي گهڻي ڀاڱي انحصار ڪندڙ پنجاب سان نئون ڳانڍاپو رکجي. ڪيترن ئي عقل ۽ فهم ڀريل ماڻهن مشورو ڏنو ته بمبئي سان ڳانڍاپي جو تسلسل سنڌ جي بهترين مفاد وٽان ٿيندو. نقطي نظر ڄاڻڻ ۽ گڏوگڏ پنجاب جو حقيقي نقطي نظر ڄاڻڻ لاءِ کهڙي صاحب گول ميز ڪانفرنس دوران مددگار ثابت ٿيل سر محمد اقبال سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شخصيتن سان لکپڙهه ڪري انهن سوالن تي سندن راءِ حاصل ڪئي.

8 -1 -4 3 9 1

”منهنجا پيار سر محمد اقبال،

اوهان کي ڄاڻ هوندي ته انڊيا گورنمينٽ سنڌ جي عليحدگيءَ سان لاڳاپيل ڪيترن ئي انتظامي مسئلن جي ڏس ۾ سفارشون جوڙڻ لاءِ هڪ انتظامي ڪميٽي مقرر ڪئي آهي. ڪميٽي اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ پنهنجو اجلاس ڪري رهي آهي ۽ آءٌ ان جي ميمبرن ۾ شامل آهيان. هڪ تجويز اها آهي ته عليحدگيءَ کان پوءِ سنڌ جي آرٽس، انجنيئرنگ ۽ ٻين تعليمي ادارن جو پنجاب يونيورسٽي سان الحاق ڪجي. سنڌ جي مسلمانن اهو مطالبو شايد ان ڪري به پيش ڪيو آهي ته هو محسوس ٿا ڪن ته اهو گهٽ خرچ ۽ مسلم نقطي نظر جي لحاظ کان وڌيڪ لاڀائتو هوندو. ان ڏس ۾ اوهان جي راءِ ڄاڻڻ چاهيان ٿو ۽ گڏوگڏ اهو به چاهيندس ته جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنجاب يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪنهن فرد کي هدايت ڪريو ته ان يونيورسٽيءَ جا ڪي غير معمولي ڪم ڄاڻائيندڙ ڪو نوٽ مون ڏانهن اماڻي جنهن جي آڌار تي آءٌ الحاق بابت پنهنجو ڪيس جوڙي سگهان. هو مون کي انهن امڪاني شرطن کان به آگاهه ڪري جن تحت يونيورسٽي سنڌ جي ادارن کي پاڻ سان شامل ڪندي. آءٌ محسوس ٿو ڪريان ته پنجاب جي مسلمانن جي ويجهي رابطي ۾ اچي اسان جا ماڻهو بهتر تربيت ماڻي سگهن ٿا. اسين سنڌ جي اعليٰ ملازمتن جي درجي کي پڻ پنجاب سان ڳنڍڻ جو ويچاري رهيا آهيون. پر اسان کي ڄاڻايو ويو آهي ته پنجاب جا سويلين (ملازم) پنهنجي ڏيک ۾ وڌيڪ آپيشاهيءَ وارا آهن ۽ سنڌ واسين لاءِ کين سنڀالڻ انتهائي ڏکيو ٿيندو. انتهائي ٿورائتو رهندس جو اوهين ان سوال تي به پنهنجي راءِ کان نوازيندا.

اهي ٻئي انتهائي اهم نڪتا آهن ۽ اميد ٿو ڪريان ته جلد کان جلد پنهنجي راءِ کان نوازيندا.“

علامه اقبال شايد پنهنجو پاڻ کي انهن اٿاريل سوالن جي جواب ڏيڻ جو مڪمل اهل نه ٿي سمجهيو سو پنهنجي ويجهي دوست، عالم، قرآن شريف جي مترجم ۽ سياسي ڪارڪن علامه يوسف عليءَ کان صلاح ورتائين، جيڪو گذريل سال حيدرآباد ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس جي صدارت ڪرڻ سان گڏوگڏ انيڪ ڀيرا سنڌ جو دورو ڪري چڪو هو. علامه يوسف علي پنهنجا عقل ۽ فراست ڀريا خيال اقبال ڏي اماڻيا جنهن پنهنجو ذاتي نوٽ هڻي، اهي جيئن جو تيئن کهڙي صاحب ڏانهن اماڻيا:

”منهنجا پيارا خان بهادر،

هن سان گڏ اوهان جي سوالن جا جواب اماڻيان پيو جن سان آءٌ مڪمل طور تي سهمت آهيان. مون کي خوشي ٿي جو اوهان اهي سوال مون ڏانهن اماڻيا. يوسف علي صاحب، جيئن اوهين پروڙيندا، معاملي جي ادراڪ لاءِ بهترين شخص آهي ۽ سندس هت موجودگيءَ ڪري مون ساڻس مشورو ڪرڻ مناسب سمجهيو. مهرباني ڪري اهو ذهن نشين ڪجو ته هيءُ خط فقط ذاتي استعمال لاءِ آهي نه ڪي اشاعت لاءِ.

اوهان جو پنهنجو

محمد اقبال

علاما يوسف علي جو خط ڪنهن به سطحي ليپاپوتيءَ کان مٿڀرو ممڪن حد تائين ايمانداراڻي صلاح سان ڀريل هو:

”منهنجا پيارا سر محمد اقبال،

خان بهادر کهڙي صاحب جي خط ۾ شامل تجويزن تي پنهنجي راءِ اماڻيان پيو. آءٌ سنڌ جي مسلمانن کي اهو مشورو نه ڏيندس ته هو پنهنجي آرٽس، انجنيئرنگ ۽ ٻين تعليمي ادارن جو الحاق بمبئي کان پنجاب منتقل ڪن. بيشڪ آخرڪار سنڌ پنهنجي ڌار يونيورسٽيءَ لاءِ پتوڙيندي پر هن مهل، پئسا بچائڻ جي پيش نظر هنن لاءِ بهتر ٿيندو ته بمبئي سان پنهنجو الحاق قائم رکن. انجنيئرنگ جي شعبي ۾ بمبئي پنجاب کان تمام گهڻو اڳتي آهي.

آءٌ پنهنجي سنڌي دوستن کي صلاح ڏيندس ته پنجاب يونيورسٽيءَ سان ڪو تعلق نه رکن. هو هڪ خود مختيار يونيورسٽيءَ لاءِ ماڻهن آڏو موقف رکڻ واسطي اسلامي ۽ عمومي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪنهن مضبوط مسلمان کي ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن يا تعليم جو وزير مقرر ڪري سگهن ٿا. پنجاب جي سويلين بابت راءِ ۾ خان بهادر کهڙو تمام گهڻو درست آهي. پنهنجي تاريخ ۽ تربيت پٽاندڙ هو ايڏا ته آپيشاهاڻا هوندا جو سنڌ کين مٿس سوار ٿيڻ لاءِ چوڻ تي سدائين افسوس ڪندي رهندي. ڪيڊر واري ڏس ۾ به هو پنهنجو پاڻ تي انحصار ڪرڻ لاءِ بمبئي مان بهتر لاڀ پرائي سگهن ٿا. ڏور مستقبل ۾ آءٌ بلوچستان جو ڀاڳ به سنڌ سان ڳنڍيل ٿو پروڙيان.“

اي يوسف علي

کهڙي صاحب سر فضل حسين ۽ سر فيروز خان نون سان پڻ لکپڙهه ڪئي هئي ۽ ٻنهي وٽان اها راءِ حاصل ڪيائين ته سنڌ يونيورسٽي ۽ نوڪريءَ واري ڪيڊر لاءِ پنجاب سان گڏجڻ گهرجي. پر اهو واضح هو ته علامه اقبال ۽ يوسف علي رڳو سياسي وابستگين کان مٿڀرو ٿي ويچاري رهيا هئا ۽ سنڌ جي بهترين مفادن وٽان صلاح ڏئي رهيا هئا. انهيءَ صلاح تي ڀاڙيندي کهڙي صاحب بمبئي سان ناتو برقرار رکڻ کي ترجيح ڏني.

هندستاني آئيني سڌارن 5 3 9 1 ع (گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 5 3 9 1  شق 6 4 ) جي اعلان سان سنڌ خود مختيار صوبو بڻجي ويو. 3 2  جنوري 6 3 9 1 ع تي ڪائونسل ۾ اهڙي حڪم نامي جو اعلان ڪندي عليحدگيءَ لاءِ پهرين اپريل 6 3 9 1 ع جي تاريخ مقرر ڪئي وئي.

عليحدگيءَ لاءِ جدوجهد ويهن سالن کان به وڌيڪ عرصو جاري رهي ۽ سنڌ جي قيادت طرفان مستقل مزاجيءَ واري جدوجهد ۽ مقصد جي ايڪتا جو شاندار مثال هئي. خاص طور تي 8 2 9 1 ع کان 5 3 9 1 ع تائين هلندڙ جدوجهد جي مرحلي دوران ويڙهاند انتهائي سخت رهي جنهن دوران نتيجن جي ڪا خاطري نه هئي. ان مرحلي دوران کهڙي صاحب جو ڪردار لافاني هو ۽ سندس محنت ۽ قيادت کان سواءِ شايد اها ويڙهه هارائجي وڃي ها.

خود مختياري ملندي ۽ 7 3 9 1 ع ۾ چونڊيل اسيمبليءَ ايندي سنڌ کي اهڙي پارليامينٽ حاصل ٿي جيڪا پنهنجو سمورو وقت صوبي جي معاملن ۾ ڪتب آڻي پئي سگهي. 6 3 9 1 ع کان 7 4 9 1 ع دوران ٻيءَ مهاڀاري لڙائي ۽ فرقيوار تلخين جي پئدا ڪيل انيڪ مسئلن جي باوجود، سنڌ آزاديءَ جو هڪ نئون احساس ماڻيو. چونڊيل عيوضين ڪيترائي سڌارا متعارف ڪرايا جن ماڻهن جا اهنج دور ڪيا ۽ هوائي اڏي ۽ سامونڊي بندرگاهه جي سهوليتن سميت رستن ۽ مواصلات جي حوالي سان صوبي جي ترقيءَ لاءِ ڪيترائي ڪم هٿ ۾ کنيا ويا. ڪامورا شاهيءَ جي توقع جي ابتڙ سکر بيراج جو قرض زرعي سامان لاءِ اگهه وڌائيندي لڙائي وارن سالن ۾ ئي چڪايو ويو ۽ سنڌ بيراج واري آبپاشيءَ جي ڦهلاءُ ۽ گڏوگڏ ان ۾ اضافي سان خوشحالي ماڻي ۽ جيتوڻيڪ گهڻو تڻو مرڪزي حڪومت انتهائي ٽئڪسن جي مد ۾ ڇڪي وئي، تنهن هوندي به قومي اڏاوتي سرگرمين لاءِ اضافي فنڊ ميسر ٿيا.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي ۽ ان جو هڪ مڪمل صوبي طور جڙڻ پاڪستان ٺهڻ واري عمل جو انتهائي اهم جُز هو. جيڪڏهن 5 7  سيڪڙو مسلمان آبادي واري خودمختيار سنڌ نه هجي ها، جيڪڏهن سنڌ گهڻ نسلي، گهڻ ٻوليوار ۽ گهڻ مذهبي آباديءَ واري وڏي شاهي بمبئي پريزيڊنسيءَ جو ئي حصو رهي  ها ته ورهاڱي لاءِ ڪيس انتها درجي جو ڪمزور ليکيو وڃي ها. پنجاب تي هڪ سگهاري يونينسٽ حڪومت جو راڄ هو، جنهن کي هندن ۽ سکن جي حمايت پڻ حاصل هئي ۽ ورهاڱي واري مطالبي جي حمايت ڪرڻ تي راضي نه پئي ٿي. عملي طور تي خودمختيار قبيلن جي ڪنفيڊريشن بلوچستان ۾ اڃان تائين گورنر جرنل جي هڪ ايجنٽ ذريعي حڪومتي وهنوار هلي رهيو هو ۽ اتر اولهه سرحدي صوبي کي خود مختياري ڏني وئي هئي پر ان جي سڀ کان اهم ۽ منظم پارٽي ”خدائي خدمتگار“ پنهنجي قائد سرحدي گانڌي خان عبدالغفار خان جي سرواڻيءَ ۾ ڪانگريس جي حمايتي هئي ۽ اهو سلسلو 7 4 9 1 ع تائين جاري رهيو.

جن صوبن ۾ مسلمان اقليت ۾ هئا اتي هو آل انڊيا مسلم ليگ جي حمايت لاءِ پرجوش هئا. جنهن ڪانگريس جي طاقت خلاف سندن پريشر گروپ جو ڪم ٿي ڪيو ۽ اڻ ڏٺل آدرشي اهڃاڻ طور، هنن پاڪستان ٺهڻ جي پڻ حمايت ڪئي. هو بهرحال انتهائي مختصر اقليت هئا ۽ ايستائين جو جن صوبن ۾ هو تمام گهڻي قوت سان آواز اٿاري پئي سگهيا اتي به ڪل آباديءَ جي ويهه سيڪڙو کان وڌيڪ نه هئا. ان ڪري سندن آواز اٿارڻ جي ڪا خاص اهميت نه هئي ۽ اڳتي هلي پاڪستان ٺهڻ سان لاڳاپيل نه هئا. اهي مسلم اڪثريتي صوبن ۾ پوندڙ ووٽ ئي هئا، جن کي پاڪستان جو ڀاڳ طئي ڪرڻو هو ۽ سنڌ جي اڻ روڪ حمايت کان سواءِ نئين رياست جي وجود ۾ اچڻ جو مشاهدو ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي. ان حوالي سان 8 3 9 1 ع کان 7 4 9 1 ع تائين پاڪستان جي مطالبي جو اهم مظهر خود مختيار سنڌ جو وجود پئي رهيو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org