جيئن
مٿي
لکيو ويو
آهي
ته اوهان
جي
والد ۽ منهنجي
وچ
۾
تڪرار 1930
ع
جي
پڇاڙيءَ
ڌاري سنڌ
جي
عليحدگيءَ واري
معاملي تي
ٿيو
جيڪو
1937
ع
تائين جاري
رهيو، جڏهن
اوهان جي
والد
کي
خودمختيار سنڌ
صوبي
جي چونڊن
۾
شڪست
آئي هئي،
جيتوڻيڪ مون
ذاتي
طور تي
سندس
مخالفت ۾ ڪو
ڪردار ادا
نه
ڪيو
هو. منهنجي
خلاف
مرحوم شير
محمد
خان ابڙو
بيهاريو ويو
پر
هو ڌڪ نه
جهلي
سگهيو ۽ ضمانت
ضبط
ڪرائي
ويٺو. دراصل1937
ع
۾
اوهان جي
والد
کي
مليل شڪست
جو
مون کي ذميوار
نه
سمجهيو وڃي.
هو
تن
ڏينهن ۾ تازو
ئي
قائم ڪيل يونائيٽيڊ
پارٽيءَ جي
قيادت ڪري رهيو
هو
۽
آءٌ سر
غلام
حسين سان
گڏ
ڊيموڪريٽڪ
پارٽيءَ
۾
هئس.
خان بهادر
احمد
خان
کانسواءِ سندس
ڪنهن
به
ويجهي مائٽ
سندس
حمايت نه
ڪئي
۽
منجهائن گهڻن
ته
اصل ۾ سندس
خلاف
ڪم
ڪيو.
اوهان جي
والد
ڀلي
ڀت
ڄاتو
ٿي
ته سندس
شڪست
۾
منهنجو ڪو هٿ
نه
هو، ان
ڪري
ئي
هو سنڌ
ڇڏڻ
کان
پوءِ
به بمبئي
سنڌ
پبلڪ سروس
ڪميشن
سنڌ
جي عيوضي
بڻجڻ
کان
پوءِ به
مون
سان لهه
و
چڙ ۾ رهيو.
هو
جڏهن به
پنهنجي سالياني
دوري
تي
ڪراچيءَ ايندو
هو
ته اسين
پاڻ
ملاقاتون
ڪندا هئاسين.
1943
ع
۾
جڏهن
آءٌ قائداعظم
محمد
علي جناح
جي
ورڪنگ
ڪميٽيءَ ۾ شرڪت
لاءِ
اپريل- مئي
ڌاري
بمبئي ويس
ته
مرحوُم سر
شاهنواز مون
سان
ملڻ تاج
هوٽل
آيو، جتي
آءٌ
ترسيل هئس
۽
مون
کي
پنهنجي
ڪمبالا هل
واري
فليٽ تي
هلي
رهڻ لاءِ
زور
ڀريائين.
هن مون
کي
پنهنجي ڪار ۾ سوار
ڪري
اتي
پهچايو. مون
هفتو
ڏهه
ڏينهن
ساڻس گڏ
گذاريا. جڏهن
هو
جهونا
ڳڙهه تي
هندستاني قبضي
کان
پوءِ، جتي
هو
ديوان جي
منصب
تي فائز
هو،
سنڌ موٽي
آيو
ته مڪنيل
روڊ
تي اچي
رهيو
هو ۽ اسين
اڪثر
پيا گڏبا
هئاسين. تن
ڏينهن
۾
آءٌ
ڪڏهن
وزير هوندو
هئس
ته
ڪڏهن وري
مخالف ڌر ۾. اوهان
کي
ياد
هوندو ته
1954ع
۾
جڏهن
اوهين پرڏيهه
مان
تعليم پرائي
واپس
موٽيا هئا
ته
هن اوهان
ذريعي پنهنجي
مڪنيل روڊ
واري
گهر تي
مون
ڏانهن
مانيءَ جي
دعوت
اماڻي هئي
جيڪا
مون قبولي
هئي.
اوهان کي اهو
به
ياد هوندو
ته
اوهان
ڊسمبر
1954ع دوران لاڙڪاڻي
۾
مون
وٽ اچي
ون
يونٽ جي
حمايت ۾ لکيل
پنهنجو
ڪتابڙو پيش
ڪيو
هو.
اوهان کي اهو
به
ياد هوندو
ته
جنوري1956ع
۾
ٿيل
لاهور
۾ پاڪستان
اسيمبليءَ جي
اڻ
سڌي چونڊ
مهل
اوهان جي
والد
منهنجي مدد
لاءِ
اوهان کي مقرر
ڪيو
۽
اوهان
ڪراچيءَ ۾ سردار
سلطان احمد
چانڊئي وٽ
منهنجي سهائتا
لاءِ
ويا ۽ پنهنجي
سهري
خان بهادر
احمد
خان ڀٽي وٽ
پڻ
قاضي فضل
الله
جي مقابلي
۾
اسان
جي گروپ
لاءِ
حمايت حاصل
ڪرڻ
ويا
هئا.
گذريل
ڏينهن
پنهنجا پراڻا
ڪاغذ
ڦلهوڙيندي
مون
کي
6 2
آگسٽ
1955 ع
تي
هائيڊ پارڪ
هوٽل
لنڊن مان
اوهان جي
والد
سر شاهنواز
ڀٽي
جو
لکيل هڪ
خط
هٿ آيو.
ان
خط جي
هڪ
فوٽو
ڪاپي هن
سان
گڏ اماڻيان
پيو
جنهن سان
اوهان کي اندازو
ٿيندو
ته
اسان جا
ڪيتري
حد
تائين ناتا
هئا.
هو طبي
علاج
لاءِ لنڊن
ويل
هو. تنهنجي
پياري امڙ
به
اسان سان
دوستاڻو ورتآءٌ
رکندڙ هئي
۽
اڪثر
اسان جي
گهر
ايندي هئي.*
سردار
واحد
بخش ڀٽو
تو
پنهنجي خط
۾
ڄاڻايو
آهي
ته مون
سردار واحد
بخش
خان کي خانزادي
(زوجه
ڇٽو
ٻرڙو)
قتل
ڪيس
۾
سزا
ڏيارڻ لاءِ
زمين
آسمان هڪ
ڪري
ڇڏيا.
اوهان واتان
اهو
ٻڌي
نه رڳو
حيرت
پر پيڙا
ٿي
اٿم.
سردار واحد
بخش
سندس
ڀآءٌ نبي
بخش
خان ۽ آءٌ
لاڙڪاڻي مدرسي
۾
ساڳي
عرصي دوران
پڙهندا هئاسين.
نبي
بخش منهنجو
همعصر هو
پر
واحد بخش
اسان
کان
ٻه
ٽي
سال اڳتي
هو.
اسين سڀئي
پاڻ
۾
سٺا دوست
هئاسين ۽ بعد
۾
هڪٻئي کي شڪار
تي
پڻ گهرائيندا
هئاسين.
دراصل
هو
انهن
ڪجهه ويجهن
دوستن مان
هڪ
هو جن
مون
کي
اڪٽوبر“ نومبر
1923 ع
وارين چونڊن
۾
حصو
وٺڻ تي
مجبور
ڪيو. هن
پنهنجي واعدي
مطابق منهنجي
ڀرپور
مدد
ڪئي.
هن شروعات
۾
ته
منهنجي لاءِ
ڪم
ڪيو
پر
اوچتو چونڊن
کان
ڪو
ٻه
هفتا
اڳ پنهنجي
ڪٽنب
جي
دٻآءٌ تي
جڏهن
سر شاهنواز
(تڏهن
خان
بهادر
ڀٽو) سندس
گهر
وڃي هفتو
کن
ميرپور وڃي
رهيو
هو ته
هن
به توهان
جي
والد جي
حمايت
ڪئي. پر
ان
هوندي به
اسان
جا تعلقات
برقرار رهيا.
آءٌ
حلفيا طور
تي
چئي سگهان
ٿو
ته
خانزادي واري
معاملي ۾ منهنجو
ڪو
هٿ
نه هو.
ماڻهن جون
عمومي همدرديون
غريب
ڇُٽي
ٻرڙي
سان هيون
جنهن
جي زال
کي
اغوا
ڪري
جيستائين مون
کي
ياد
ٿو
پوي ٺٽي ضلعي
۾
قتل
ڪري
دفن ڪيو ويو.
پر
منهنجو سندن
علائقي يعني
نئون
ديرو
ڀرسان
ٻرڙا ڳوٺ سان
ڪو
تعلق
نه هو.
منهنجي ان
ڪيس
۾
نه
ڪا
گواهي هئي
نه
ئي دلچسپي.
اصل
ڳالهه
اها آهي
ته
ان معاملي
۾
آءٌ
واحد بخش
خان
جي نه
ڪا
واهر
ڪري
پئي سگهيس
۽
نه
ئي مخالفت.
تن
ڏينهن
جو
ڪليڪٽر اي
ڊي
گوروالا ۽ ايس
پي
رسبي صاحب
منهنجا دوست
هئا.
پر جيڪڏهن
آءٌ
واحد بخش
جي
حمايت يا
مخالفت ۾ ساڻن
لهه
و چڙ
۾
اچان
به ها
تڏهن
به هو
قتل
جي ڪيس ۾
ڪجهه به
نه
ڪري
سگهن ها.
هوٻئي ايماندار
۽
خودمختيار آفيسر
هئا
جن تي
زوربار وجهڻ
ممڪن
نه هو.
اڳتي
هلي بمبئي
جي
گورنر جي
ڪابينا
۾
گهرو
معاملن واري
وزير
سر ارنيسٽ
هٽسن
جڏهن شاهنواز
جي
زور ڀرڻ تي
واحد
بخش خلاف
ڪيس
واپس
ورتو ته
مون
ڪا
مخالفت نه
ڪئي،
اهو
ياد رهي
ته
هٽسن به
منهنجو گهرو
دوست
هو. آءٌ
۽
مرحوم واحد
بخش
خان سندس
وفات
تائين هڪ
ٻئي
وٽ
ويندا هئاسين.
آءٌ
سندس عذر
خواهي ڪرڻ سندس
ڀآءٌ
۽
ڪٽنب
وٽ
پڻ ويو
هئس.
مرحوم
الله
بخش ڪيس وارو
معاملو:
الله بخش
کي
پير
پاڳاري جي
حرن
مئي
1943 ع ۾ قتل
ڪيو.
حرن
کي
سندس خلاف
ڪيتريون
ئي
شڪايتون هيون.
پير
صاحب ۽ الله بخش
سياسي اتحاد
ڪيو
هو
۽
ان ڪري ئي
فيبروري- مارچ
1941ع
واري
بجيٽ سيشن
دوران پير
صاحب
ڪراچيءَ
۾
مرحوم سر
غلام
حسين جي
گهر
اچي ترسيو
جيڪو
الله بخش
جي
حڪومت ۾ گهرو
معاملن جو
وزير
هو. پير
صاحب
پنهنجي مريد
اسيمبلي ميمبرن
کي
الله
بخش جي
پاسي
ٿيڻ
لاءِ چيو
۽
نتيجي طور
مير
بنده علي
خان
جي حڪومت
جنهن
۾
آءٌ ٻئي نمبر
تي
هئس، ڊهي پئي.
سگهوئي پير
صاحب
جي حرن
سنڌ
۾
وڏي پئماني
تي
بدانتظامي پکيڙي
ريل
گاڏيون
ڪيرايون ويون
جن
مان هڪ
۾
ته
سر غلام
حسين
جو پٽ
به
مارجي ويو،
راهه
ويندي
ڪيترائي ماڻهو
ڪُٺا
ويا
۽
ڌاڙا،
ڦرون
روز جو
معمول بڻجي
ويا.
سر هگ
ڊائو
تن
ڏينهن
۾
سنڌ جو
گورنر هو.
هن
پنهنجي حڪومت
کي
امن
امان بحال
ڪرڻ
واسطي زور
ڀريو
۽
پير
صاحب کي گرفتار
ڪري
جبلپور جيل
۾
رکيو
ويو.
1942 ع
جي
شروعات ۾ کيس حيدرآباد
واپس
آندو ويو
۽
مارشل لا
تحت
مٿس ڪيس هلائي
کيس
موت
جي سزا
ڏني
وئي.
حرن جي
جوابي
ڪاروائيءَ لاءِ
اهو
جواز
ڪافي هو.
آءٌ
سياسي حرفت
۽
سازش
جو شڪار
بڻيس، سنڌ
اسيمبليءَ ۾ مسلم
ليگ
جي سربراهه
طور
مخالف ڌر جي
اڳواڻ هئڻ
ناتي
سر غلام
حسين، يوسف
هارون ذريعي
مون
سان رابطو
ڪيو
ته
اسان جي
پارٽي ساڻس
گڏجي
هڪ گڏيل
حڪومت
ٺاهي جنهن
لاءِ
کيس
آڪٽوبر
1942ع جي شروعات
۾
گورنر چيو
هو.
سر غلام
حسين
تن
ڏينهن ۾ مسلم
ليگ
جو مخالف
هو.
جي ايم
سيد
صوبائي مسلم
ليگ
جو صدر
هو.
اسان
ٻنهي ساڻس
ڳالهيون
ڪيون
جن
۾
اهو شامل
هو
ته سر
غلام
حسين پنهنجي
سمورن حمائتين
سان
گڏ مسلم
ليگ
۾
شامل
ٿيندو ۽ چئن
مسلمان ميمبرن
مان
ٻه
هو نامزد
ڪندو
۽
باقي
ٻه
اسين. ان
تي
سهمت
ٿياسون ۽ بعد
۾
قائداعظم به
ان
جي منظوري
ڏني.
مون
پاڻ
کانسواءِ ٻئي مسلم
ليگي
وزير طور
محمد
هاشم گذدر
جو
نالو تجويز
ڪيو.
ان
هدايت الله
حڪومت جي
سگهه
۾
تهائين وڌيڪ
اضافو ڪيو جيڪا
سنڌ
۾
مسلم ليگ
جي
حڪومت هئي
۽
ورهاڱي تائين
قائم
رهي. الله بخش
کي
خان
بهادر وارو
پنهنجو
ٽائيٽل موٽائي
ڏيڻ
تي
آڪٽوبر
1942ع جي
شروعات ۾ وائسراءِ
جي
حڪم تي
برطرف ڪيو ويو
هو.
هن
ٽائيٽل
ڪانگريس جي
دٻآءٌ تي
واپس
ڪيو
هو جيڪا
سنڌ
اسيمبليءَ ۾ سندس
حمايت ڪري رهي
هئي.
منهنجي سياسي
مخالفن منهنجي
خلاف
سازش گهڙي
۽
مون
کي
بي بنياد
طور
الله بخش
قتل
ڪيس
۾
ڦاسايو
ويو، ان
ڏس
۾
پوليس کي تمام
وڏي
رشوت ڏني وئي.
گورنر
هگ
ڊائو
کي
به ان
ڏس
۾
آجو
قرار نٿو
ڏئي
سگهجي.
انهيءَ
انگريز گورنر
جي
مون تي
پراڻي
ڪاوڙ هئي.
1933 ع
۾
جڏهن
آءٌ سنڌ
جي
عليحدگيءَ بابت
گڏيل
پارلياماني
ڪميٽيءَ آڏو
شاهدي ڏئي برطانيا
کان
واپس
موٽيس ته
وائسراءِ لارڊ
ولنگنڊن آڪٽوبر
۾
هڪ
انتظامي
ڪميٽي جوڙي
ڇاڪاڻ
جو
کيس
واسطيدار وزير
هدايت جاري
ڪئي
هئي
ته سنڌ
کي
ڌار
صوبو
بڻايو پيو
وڃي.
انهيءَ
ڪميٽيءَ جو
سربراهه ساڳيو
سر
هگ
ڊائو جيڪو
تن
ڏينهن
۾
هندستان حڪومت
۾
سيڪريٽري هو.
آءٌ
۽
سر عبدالله هارون
ان
ڪميٽيءَ
۾
مسلمان ميمبر
هئاسين جڏهن
ته
ديوان بهادر
هيرانند
کيمسنگهه هندو
عيوضي هو.
ڪميٽيءَ
۾
حڪومت جا
ٻه
عيوضي چيف
انجنيئر مڪ
لاگن
۽
هندستان جو
آڊيٽر جنرل
ڪائولا
صاحب
پڻ شامل
هئا.
ان
ڪميٽيءَ جو
ڪم
سنڌ
جي نئين
صوبي
۾
جڙندڙ انتظاميا
جي
وهنوار جو
طريقو تجويز
ڪرڻ
هو.
مون ان
ڪميٽيءَ
۾
اها
تجويز رکي ته
سنڌ
کي
پنهنجي يونيورسٽي
پڻ
هئڻ گهرجي
سر
هگ
ڊائو کي اها
ڳالهه
نه
وڻي پر
ان
تجويز تي
ويچار دوران
هن
ڪميٽيءَ
لاءِ هڪ
تفصيلي نوٽ
لکيو
جنهن ۾ سنڌ
جي
جاگيردارن ۽ زميندارن
تي
تنقيد
ڪندي مجموعي
مسلم
آباديءَ جي
پسماندگيءَ تي
انتهائي چڙ
ڏياريندڙ
ٻوليءَ
۾
ڇوهه
ڇنڊيائين
۽
تجويز
ڏنائين ته
سنڌ
جي انتهائي
پوئتي پيل
۽
اڻ
پڙهيل صوبو
هئڻ
ڪري
ٻن
برطانوي پروفيسرن
جي
ڊيوٽي
لڳائي وڃي
ته
هو متعين
ڪن
ته
جيڪڏهن صوبي
کي
يونيورسٽي جي
ضرورت آهي
ته
پوءِ اها
ڪهڙي
نوعيت جي
هئڻ
گهرجي. ان
مان
واضح طور
تي
لڳو ٿي ته
يونيورسٽي مڪمل
طور
تي انگريزن
جي
هٿ وس
هوندي. آءٌ
اهو
برداشت نه
ڪري
سگهيس ۽ گڏجاڻيءَ
۾
سخت
احتجاج ڪيم ۽ مٿس
زور
ڀريم
ته هو
پنهنجو چڙ
ڏياريندڙ
نوٽ
واپس وٺي
۽
ان
کي
ٻيهر
لکي ته
سنڌ
جي خود
مختيار صوبي
ٿيندي
ئي
هڪدم يونيورسٽي
قائم
ڪرڻ
جي
ڳالهه آڏو
رکي
۽
ان جو
انتظام هندستان
جي
ڪنهن
به حصي
مان
ميسر ٿي سگهندڙ
مسلمان ئي
هلائين ۽ هوئي
سنڌ
جي تعليمي
لحاظ
کان
پوئتي پيل
صوبي
کي
ان شعبي
۾
اڳڀرو ڪرڻ جا
اپآءٌ وٺن.
ان
دوران
ڪجهه سخت
لفظن
جي ڏي وٺ
پڻ
ٿي
۽
آخرڪار کيس پنهنجي
ڳالهه
تان
هٿ
کڻڻو پيو.
پر
هن ان
لاءِ
مون کي
ڪڏهن به
معاف
نه
ڪيو. ان
سان
گڏوگڏ کيس پنهنجي
ڪجهه
عرصي
تائين سرڪاري
وهپ
واري عرصي
دوران بمبئي
ڪائونسل
۾
منهنجي حڪومت
مخالف تقريرن
تي
پڻ چڙ
هئي.
سر
شاهنواز
1942 ع کان
1945 ع واري
انهيءَ عرصي
دوران بمبئي-
سنڌ
پبلڪ سروس
ڪميشن
جو
ميمبر ۽ بمبئي
۾
رهندو هو
۽
انهيءَ قتل
جي
ڪوڙي
ڪيس
۾
چوڻ لاءِ
وٽس
ڪجهه
به نه
هو.
کيس
جون- جولاءِ
1945 ع
۾
سرڪاري گواهه
طور
هروڀرو سکر
اچڻ
جي زحمت
ڏني
وئي.
شايد کيس الله
بخش
سان منهنجي
سياسي اختلافن
جي
گواهي ڏيڻ لاءِ
گهرايو ويو
هو.
کيس
گهٻرائڻ جي
ضرورت ئي
نه
هئي
ڇاڪاڻ جو
منهنجي سنڌ
۾
مسلم
ليگ جي
اعليٰ اڳواڻ
۽
الله
بخش کي هندو
ڪانگريس
جي
حاصل حمايت
جا
ڪيترائي
ثبوت موجود
هئا.
آءٌ اوهان
جي
والد کي داد
ٿو
ڏيان
جنهن
استغاثي جي
توقع
پٽاندڙ منهنجي
خلاف
ڪا
اضافي
ڳالهه نه
ڪئي
۽
نه
ئي
ڪوڙي شاهدي
ڏنائين-
هن
پڪ سان
مون
سان يا
مسلم
ليگ سان
پنهنجي همدرديءَ
سان
گڏوگڏ پنهنجي
ساک
تي پڻ
ويچاريو هوندو.
قائداعظم مون
تي
انهيءَ
ڪوڙي الزام
تي
تمام گهڻو
پريشان هو.
بمبئي جي
هڪ
نامياري وڪيل
بيريسٽر سومجيءَ
کي
منهنجي ڪيس وڙهڻ
لاءِ
موڪليائين ۽ منهنجي
بري
ٿيڻ
تي هو
تمام
گهڻو خوش
ٿيو
هو.
هن منهنجي
زال
کي
مبارڪن جو
هڪ
ٽيليگرام
اماڻيو هو.
ترت
پوءِ قائداعظم
ڪراچيءَ
آيو.
مون ايئرپورٽ
تي
سندس آجيان
ڪئي
۽
ايندڙ
ڏينهن هو
اسان
جي گهر
آيو
۽
مانيءَ جي
هڪ
ذاتي دعوت
۾
شريڪ
ٿيو.
مون
کي
اهو
ٻڌي
افسوس ٿيو ته
گذريل
ڊسمبر ۾ چونڊن
دوران
ڪجهه بدمعاشن
اوهان جي
موٽر
ڪار
تي حملو
ڪيو
جنهن
۾
بيگم نصرت
ڀٽو
سوار
هئي. اهو
واقعي جي
ڏهن
مهينن کن کان پوءِ
اوهان جي
واتان پهريون
ڀيرو
ٻڌان
پيو.
بيگم ڀٽو جي
ته
منهنجي زال
۽
ڌيءَ
حميده سان
ساهيڙپ رهي
آهي.
مهرباني ڪري ساڻس
منهنجي طرفان
ان
واقعي تي
افسوس جو
اظهار ضرور
ڪجو.
اهو
چوڻ
انتهائي وڏو
ڪوڙ
آهي
ته مون
اوهان جي
ڪابينا
جي
برطرفيءَ کان پوءِ
ايوب
خان کي پنهنجون
خدمتون آڇيون.
پاڪستان ۾
ٿوري گهڻي
اهميت رکندڙ
سمورا سياستدان
اوهان جي
صلاح
تي ايوب
خان
ايبڊو تحت
نا
اهل قرار
ڏنا
هئا.
دراصل اوهان
66 -
1958 ع
وارن
اٺن سالن
دوران ساڻس
گڏ
هوندي انتهائي
خراب
ڪردار
ادا
ڪيو. اوهان
ئي
تجويز ڪيو هوندو
ته
سمورن سياستدانن
کي
ايبڊو تحت
نا
اهل ڪيو وڃي،
اها
به اوهان
جي
رٿ هئي
ته
ڪميونسٽ
يا نيم
ڪميونسٽ
ملڪن
جيان هڪ
جماعتي راڄ
هجي
جنهن ۾ تعلقي،
ضلعي
۽
صوبي جي
سطح
تي سرڪاري
عملدار با
اختيار هجن،
اوهان ئي
1962 ع
جي
پڇاڙيءَ ۾
ڪنوينشن ليگ
ٺهرائي
۽
ان
ريت تنظيم
۾
ڏار
وڌو.
ايوب
خان
جي
ڪابينا مان
اوهان جي
برطرفي ۽
ڊسمبر 1966ع ۾ ايبڊو
تحت
پنهنجي نا
اهليءَ جو
معياد پورو
ٿيڻ
تي
مون پنهنجي
ڪراچيءَ
واري
رهائشگاهه تي
اهم
سنڌي سياستدانن
جو
اجلاس گهرايو،
جنهن
۾
ان
ڳالهه تي
ويچاريو ويو
ته
اسان کي ايوب
خان
جي حمايت
ڪرڻ
گهرجي يا
مخالفت. قاضي
فضل
الله ۽ ٻين جي
سهمت
نه هئڻ
جي
باوجود وڏي
اڪثريت سان
فيصلو ڪيو ويو
ته
اسين ان
حڪومت جي
مخالفت
ڪنداسين. آغا
غلام
نبي جيڪو
هاڻ
اوهان جي
انتهائي ويجهو
آهي،
منهنجي شاهدي
ڏيندو.
مون
قاضي فضل
الله
تي واضح
ڪيو
هئو
ته هو
جيڪڏهن حڪومت
۾
شامل
ٿيڻ
چاهي ٿو ته
ڀلي
ٿئي
پر
آءٌ صوبائي
يا
مرڪزي حڪومت
۾
شامل
نه
ٿيندس. ڇهن مهينن
کان
پوءِ
قاضي فضل
الله
کي
صوبائي حڪومت
۾
شامل
ڪيو
ويو.
1967 ع ۽
1968ع دوران
منهنجي تقريرن
۾
اوهين حڪومت
تي
شديد تنقيد
ڏسي
سگهو
ٿا.
ايستائين جو
مون
سان تعلق
هئڻ
سبب قاضي
فضل
الله کي فيلڊ
مارشل ايوب
خان
۽
گورنر موسيٰ
آڏو
جوابده
ٿيڻو پيو.
آءٌ
اولهه پاڪستان
جي
انهن
ٿورڙن اڳواڻن
مان
هڪ هئس
جنهن
ايوب خان
سان
هر ملاقات
تي
سندس انتظامي
خامين جي
شڪايت ٿي
ڪئي.
اوهان
پنهنجي خط
۾
ڪجهه
اهڙن
قدمن جو
ذڪر
ڪيو
آهي جيڪو
اوهان ايوب
خان
جي حڪومت
۾
پهرين صنعتن
۽
پوءِ
پرڏيهي وزير
طور
منهنجي ڀلي لاءِ
کنيا.
مون
کي
ان جو
پتو
پهريون
ڀيرو اوهان
جي
ان خط
مان
ئي لڳو
آهي
ڇاڪاڻ
جو ان
کان
اڳ
اسان جي
ٿيل
ملاقاتن ۾ اوهان
ان
جو ذڪر
به
نه ڪيو هو.
منهنجي خلاف
ڪار
جي
وڪري وارو
ڪيس
اين
ايم خان،
جي
اُتساهه تي
داخل
ڪيو
ويو، اهو
مڪمل
طور تي
ڪوڙو
۽
بي
بنياد ڪيس هو
جنهن
جو ثبوت
سپريم
ڪورٽ طرفان
منهنجي يڪرائپ
سان
بري ٿيڻ آهي.
فوجي
بغاوت مهل
منهنجي هڪ
جمهوري حڪومت
۾
بچآءٌ وارو
وزير
هئڻ ڪري ايندڙ
(غير
جمهوري) حڪومت
وٽان
اهڙي زيادتي
متوقع هئي.
بهرحال
آءٌ
اوهان تي
واضح
ڪريان
ته اهو
چوندي اوهان
جي
يادگيري اوهان
کي
ڌڪ
ڪڍي
وئي
آهي ته
منهنجي ضمانت
جي
توثيق ۾ اوهان
ڪا
مدد
ڪئي
هئي. هاءِ
ڪورٽ
ضمانت کان انڪار
ڪيو
هو
۽
سپريم
ڪورٽ اها
قبولي ۽ اها
حتمي
هئي تنهن
ڪري
تصديق يا
توثيق جو
ڪو
سوال
ئي نه
ٿو
پئدا
ٿئي.
بهرحال اڳتي
هلي
بروهي صاحب
ڀارت
۾
پاڪستان جو
هاءِ
ڪمشنر
بڻجي ويو
۽
منهنجي طرفان
لاهور ۾ سپريم
ڪورٽ
آڏو
ان ڪيس جي
پيروي مرحوم
حسين
شهيد سهرورديءَ
ڪئي.
آخر
۾
آءٌ
انهن
ڪوڙن ۽ بي
بنياد الزامن
جو
جواب
ڏيان ته
1 - مون
پنهنجي اڏاوت
هيٺ
گهر جي
ڏاکڻي
پاسي
چار ديواري
ٺاهيندي
سردار پير
بخش
خان جي
اڍائي هزار
چورس
فٽ زمين
ڦٻائي
آهي.
2 - مون
اسان
جي گهر
جي
اتر اوڀر
پاسان ميونسپالٽيءَ
جي
نو هزار
چورس
فٽ زمين
تي
قبضو ڪيو آهي.
جيستائين
پير
بخش خان
واري
معاملي جو
تعلق
آهي ته
سندس
موجودگيءَ ۾ انهيءَ
ايراضيءَ جي
ماپ
فيبروري
1968 ع ۾ سٽي
سرويئر ڪئي هئي.
هو
مطمئن نه
هو،
تنهن ڪري تڏهوڪي
ڊپٽي
ڪليڪٽر
الياس بلوچ
وٽ
جيڪو سٽي
سروي
آفيسر پڻ
هو
شڪايت
ڪيائين. بلوچ
صاحب
حيدرآباد کان هڪ
سروي
پارٽي گهرائي.
هنن
ايراضيءَ جي
ماپ
ڪئي
۽
سندس ۽ اسان
جي
زمين وچ
۾
چار
ديواريءَ جو
تعين
ڪيو.
ان کان پوءِ
ئي
اسان سندس
ڄاڻ
۽
منظوريءَ سان
چار
ديواري کڻڻ شروع
ڪئي.
جيڪڏهن هو
مطمئن نه
هجي
ها ته
سول
سوٽ داخل
ڪري
ها
۽
چئن سالن
تائين چپ
ڪري
نه
ويهي ها.
ميونسپالٽيءَ
واري
تڪرار بابت
ٻڌايان
ته
اها تڪراري
ايراضي نو
هزار
چورس فٽ
نه
پر فقط
0 5 7 2
چورس
فٽ
آهي. روينيو
ريڪارڊ موجب
اها
اسان جي
زمين
آهي. ميونسپل
ڪميٽيءَ
1968 ع
۾
ان
تي
ڪوڙي دعوا
ڪئي.
ٻئي
پاسي
احمد حسين
لاهوري ۽ سندس
ڀآءٌ
پڻ
انهيءَ زمين
تي
ملڪيت جي
دعوا
ڪئي.
هو سول
ڪورٽ
۾
ويا
۽
اسان جي
خلاف
درخواست داخل
ڪيائون
جنهن
۾
ميونسپالٽيءَ کي به
ڌر
بڻايائون. ڪيس دوران
ميونسپالٽيءَ
ڄاڻايو ته
اها
ان ڪيس ۾ ڪا دلچسپي
نه
ٿي
رکي
ڇاڪاڻ جو
ان
زمين سان
ان
جو ڪو تعلق
ناهي. اسان
به
سول
ڪورٽ ۾ ڪيس داخل
ڪيو
هو
ڇاڪاڻ
جو ان
کي
پنهنجي زمين
ٿي
سمجهي سين.
ان
ريت اهو
معاملو
ڪورٽ ۾ هلندڙ
آهي.
مون
اوهان جي
چڙ
۽
اشتعال
ڏياريندڙ خط
جو
اهو سوچي
انتهائي صبر
۽
تحمل
سان جواب
ڏيڻ
جي
ڪوشش
ڪئي
اٿم ته
اهو
سڀ
ڪجهه سياسي
تڪرار جو
نتيجو آهي.
آخر
۾
مون
کي
چوڻ ڏيو ته
سياست ۾ ڪي به
مستقل دوستيون
يا
دشمنيون نه
ٿينديون
آهن.
مون کي سياسي
زندگيءَ جو
وڏو
شاهي تجربو
آهي
۽
پنجاهه کن سالن
دوران وڏا
لاها
چاڙها ڏٺا اٿم.
چونڊن
۾
جماعتون
کٽنديون ۽ هارائينديون
آهن.
جمهوريت ۾
ڪابه پارٽي
سدائين اقتدار
۾
رهڻ
جي توقع
۽ دعوا
نه
ٿي
ڪري
سگهي.“
ڀٽو پنهنجي
خط
جي انهيءَ
جامع
جواب مان
خوش
نه هو
جنهن
کيس
حرف آخر
نه
سمجهندي سندس
الزام رد
ٿي
ڪيا.
هن
ان تي
بس
نه ڪئي ۽ هن
ڀيري
سندس
خط
ڳتيل
ٽائيپ وارن
6 1
صفحن
تي
ٻڌل
هو.
کهڙي صاحب
کي
ته
ان تي
به
حيراني پئي
ٿي
ته
ڀٽي
کي
پنهنجي تصوراتي
۽
بي
بنياد الزامن
لاءِ
ماضيءَ ۾ جهاتيون
پائڻ
لاءِ ايڏو
وقت
به ملي
ٿو
وڃي.
هو ڀٽي جي
ذهني
مونجهارن ۽ سندس
تلخيءَ جي
گهرائيءَ جو
اندازو نه
ڪري
سگهيو هو.
ڀٽو
ڪٽنب
سان
سندس ڪو خوني
تڪرار نه
هو.
کهڙي
صاحب جا
سندس
مائٽن سان
انتهائي سٺا
ناتا
هئا.
1958ع
۾ مارشل
لا
حڪومت ۾ وزير
بڻجڻ
کان
اڳ ڀٽي جي
کهڙي
صاحب
سان معمولي
ڏيٺ
ويٺ
ٿي
هئي. سندن
تعلقات واري
عرصي
جو گهڻو
تڻو
حصو ڀٽو اقتدار
۾
هو
ان ڪري اُتر
هو.
هاڻ هو
اولهه پاڪستان
۾
اڪثريتي پارٽيءَ
جو
قائد هو،
چونڊن ۾
کهڙي صاحب
کي
شڪست
ڏئي
چڪو هو
۽
پاڻ
ئي لکي
چڪو
هو ته
سندس
آڏو انتهائي
وڏا
معاملا هئا،
تنهن
ڪري
ماضيءَ جي
مزارن تي
ٻڌل
ايڏا
ڊگها
خط لکڻ
جو
کيس
وقت
ڪٿان ٿي مليو؟
ايڏي
ساري تلخي
ڪٿان
آئي
هئي؟
کهڙي صاحب
لکيو:
”6 1
نومبر تي
لکيل
اوهان جي
خط
جي مهرباني
جيڪو
مون کي لاڙڪاڻي
۾
مليو
۽
سورهن صفحن
تي
ٻڌل
هو.
اها
غير
اهم
ڳالهه آهي
ته
منهنجو والد
ننڍو
زميندار هو
يا
وڏو. جيڪڏهن
هو
پنهنجو پاڻ
کي
ٺاهيندڙ
به
هو تڏهن
به
هو جس
لهڻي
جو پنهنجي
پڄاڻا ايڏي
ملڪيت ڇڏي ويو
جو
سندس وفات
جي
ٻن
سالن کان پوءِ
مون
اوهان جي
والد
سرشاهنواز خان،
نواب
حاجي امير
علي
خان لاهوري،
خان
بهادر غلام
محمد
اسراڻ ۽ خان
بهادر
ڪريم بخش
خان
جتوئي خلاف
ٻاويهن
ٽيويهن
سالن
جي
ڄمار ۾ بمبئي
اسيمبليءَ جي
چونڊ
وڙهي.
2 - مون
کي
اهو
ڄاڻي
حيرت ٿي آهي
ته
اوهان
ڪمشنر سنڌ
جي
جنوري
1932 ع واري
درٻار
ڪوٺائڻ واري
حڪمنامي هٿ
ڪرڻ
لاءِ
جاکوڙ
ڪئي. سر
شاهنواز تن
ڏينهن
۾
نه
رڳو بمبئي
ليجسليٽو
ڪائونسل جو
ميمبر هو
پر
ڊسٽرڪٽ
لوڪل بورڊ
جو
صدر ۽ فرسٽ
ڪلاس
مئجسٽريٽ به
هو.
ان ڪري سمجهه
۾
ايندڙ
ڳالهه آهي
ته
کيس
رسمي درٻار
۾
مٿانهون مقام
حاصل
هو. جيئن
آءٌ
اڳيئي چئي
آيو
آهيان ته
هو
عمر ۽ تجربي
۾
مون
کان
سينئر هو.
اوهان
پنهنجي خط
جي
اٺين پيراگراف
۾
لکيو
آهي ته
مون
ڊسٽرڪٽ
لوڪل بورڊ
جي
صدارت لاءِ
اوهان جي
والد
سامهون چونڊ
وڙهي. اهو
مڪمل
طور تي
غلط
آهي. سر
شاهنواز
ڊسٽرڪٽ لوڪل
بورڊ
جو پهريون
غير
سرڪاري صدر
هو،
شروعات ۾
ڪليڪٽر جي
نامزدگيءَ سان
۽
اڳتي
هلي
1921ع تائين چونڊيل.
ان
عرصي دوران
آءٌ
ڪڏهن
به اميدوار
نه
هئس. ان
جي
ابتڙ مون
ڊسٽرڪٽ
لوڪل
بورڊ ۾ سدائين
سندس
حمايت ٿي
ڪئي.“
کهڙي
صاحب
ڪجهه
اهي نڪتا
کنيا
جن
بابت هن
جواب
ڏيڻ
ضروري ٿي سمجهيو.
هن
ٻيهر
ان الزام
جي
ترديد ڪئي ته
هن
هينئر ڀٽي جي
شخصي
طور تي
مخالفت ڪئي هئي:
”مون
ڪڏهن به
دعوا
نه ڪئي آهي
ته
1937 ع
وارين چونڊين
۾
اوهان جي
والد
کي
شڪست
ڏياري اٿم.
مرحوم نواب
لاهوري، خان
بهادر اسراڻ
۽
مون
هڪ ٻئي جي
مدد
ڪرڻ
جو
ٺاهه ڪيو هو.
مون
لاڙڪاڻي شهر
۽
تعلقي مان،
لاهوريءَ
ڏوڪري، وارهه
مان
۽
اسراڻ ميهڙ
قنبر
مان چونڊ
وڙهڻ
جي آڇ
ڪئي.
اسين
ٽئي
چونڊجي وياسين،
منهنجي ان
۾
ڪو
خاص
دلچسپي ناهي
ته
تون سوشلسٽ
آهين
يا فاشسٽ.
جڏهن
اقتدار ملنديئه
يا
قبضو
ڪندين ۽ ملڪي
معاملا اوهان
جي
هٿن ۾ ايندا
تڏهن
ئي وقت
ٻڌائيندو
ته
اصل ۾ ڇا آهين؟،
ڀٽي هڪ
ڀيرو
ٻيهر
الله
بخش قتل
ڪيس
وارو
معاملو اٿاريو
۽
کهڙي
صاحب
ٻيهر
جواب ڏنو:
”خان بهادر
الله
بخش سومري
جي
قتل بابت
اوهان جي
خط
جي 1 2
پيراگراف متعلق
چوندو هلان
ته
سومرو
ڪٽنب سميت
هر
ڪو
ان سان
سهمت
هو ته
آءٌ
بيگناهه هئس
۽
منهنجي خلاف
هڪ
گهري سازش
ڪئي
وئي،
جنهن جو
اظهار اوهان
کي
لکيل
پوئين خط
۾
ڪري
چڪو
آهيان. ان
ڏس
۾
وڌيڪ
ڪجهه
به نه
ٿو
چوڻ
چاهيان.“
جيڪو
ٻيو
نڪتو
کهڙي
صاحب جواب
جوڳو
سمجهيو ٿي سو
اهو
الزام هو
ته
ڀٽي
جي برطرفيءَ
کان
پوءِ
کهڙو
صاحب ايوب
خان
جي ويجهو
ٿيو
۽
هن
چونڊن ۾ فاطمہ
جناح
خلاف ايوب
خان
جي پٺڀرائي
ڪئي:
”اوهان جي
خط
جو
ٽيويهون پيراگراف،
صفحو
نمبر 1 1
، اهو
بلڪل
غلط آهي
ته
مرحوم حاجي
خان
ڪلهوڙي
جي زمينن
تي
شڪار لاءِ
آيل
صدر ايوب
خان
سان ملاقات
ڪرڻ
ويو
هئس. اڄ
ڏينهن
تائين حاجي
خان
ڪلهوڙي
جون
ٻنيون نه
ڏٺيون
اٿم. ان
ڪري
منهنجون کيس خدمتون
آڇڻ
وارو سوال
ئي
پئدا نه
ٿو
ٿئي.“
تون
قاضي
فضل الله
تي
ڀُليو
آهين، جيڪو
اتي
ويو هو
۽
بعد
۾
مون کي
ٻڌايو هئائين
ته
صدر سان
گڏ
رات جي
ماني
به
کاڌي هئائين.
اها
فيبروري
1967 ع جي
ڳالهه
آهي.
دراصل مون
قاضي
فضل الله
کي
واضح
طور تي
ٻڌائي
ڇڏيو
هو
ته آءٌ
ايوب
خان جي
ڪابينا
۾
شامل
نه
ٿيندس. موسيٰ
خان
جي صوبائي
حڪومت ۾ شامل
ٿيڻ
ته
پري جي
ڳالهه
آهي،
مون
ڪڏهن به
ايوب
خان جي
ساراهه جا
ڍڪ
نه
ڀريا
آهن. ڇا اوهان
ان
جو ڪو
کليو ثبوت
ڏيندا؟
پر
آءٌ اوهان
جو
ڪيتريون
ئي اسيمبلي
تقريرون ۽ بيان
ڳڻائي
سگهان ٿو جن
۾
اوهان کيس ستين
آسمان تي
رسائي
ڇڏيو هو.
تو
ته کيس صلاح
الدين ايوبي،
ابراهام لنڪن،
لينن
سميت
ڪيترن ئي
عالمي سرواڻن
سان
ملايو هو،
جن
دنيا جو
ڀاڳ
بدلائي
ڇڏيو آهي.
سندس
خلاف اوهان
جي
تلخي ته
اوهان جي
ڪابينا
مان
برطرفي ۽
ٽريڪٽر فراڊ
ڪيس
۾
اوهان خلاف
جاچ
کان
پوءِ ئي
شروع
ٿي
آهي. آءٌ
ايوب
خان سان
پهريون
ڀيرو ايبڊو
ختم
ٿيڻ
کان
پوءِ جولاءِ
1967ع
۾
مريءَ ۾ مليو
هئس
جتي هن
مون
کي
مانجهاندي تي
گهرايو هو.
اها
فضل الله کي
صوبائي وزير
بنائڻ کان پوءِ
جي
ڳالهه
آهي.
اوهان
جي
خط جو
چوويهون پيراگراف:
آگسٽ
۽
وچ
آڪٽوبر
1964 ع تائين
آءٌ
يورپ ۾ هئس.
جڏهن
0 2
آڪٽوبر
ڌاري
واپس
وطن وريس
ته
فاطمہ جناح
پنهنجي صدارتي
اميدوار بڻجڻ
جو
فيصلو ڪري چڪي
هئي.
ان ڪري پنهنجي
پهرين فرصت
۾
وٽس
وڃي پنهنجي
حمايت جو
يقين
ڏياريم.
تن
ڏينهن ۾ ممتاز
دولتانا
ڪراچيءَ ۾ هو
۽
هن
سميت جسٽس
زيڊ
ايڇ لاري،
حسن
اي شيخ،
محمد
ايس مٺا
۽
ٻين
ڪيترن
ئي
دوستن کي ان
کان
با
خبر
ڪيم.
..... توهان ڏٺو ته
مون
سڄي سنڌ
۾
فاطمہ جناح
لاءِ
ڪم
ڪيو.
مون پنهنجا
وسيلا خرچ
ڪيا
جو
وٽس
ڪجهه به
نه
هو. مون
سندس
مرڪزي اليڪشني
فنڊ
۾
به حصو
ملايو. جيستائين
ان
معاملي ۾ اوهان
جي
حصيداري جو
تعلق
آهي ته
مون
کي
پڪ آهي
ته
ان تي
فخر
نه
ڪندا هوندا.
ان
ڏس
۾
وڌيڪ
ڪجهه به
چوڻ
نه ٿو چاهيان،
ڇاڪاڻ
جو
اوهان کي وڌيڪ
ذهني
پريشانيءَ ۾ وجهڻ
مقصد
نه اٿم.“
ڀٽي دعوا
ڪئي
هئي
ته
1970 ع وارين
چونڊن ۾ هن
کهڙي
صاحب
جي ڳوٺ عاقل
۾
به
کانئس
وڌيڪ ووٽ
کنيا
هئا
۽
اهو
کهڙو صاحب
ان
ڳوٺ
۾
ڀٽن
کي
انتقامي
ڪاروائي جو
نشانو بڻائي
رهيو
هو.
کهڙي صاحب
انهن
الزامن جي
وراڻي ويتر
نرمي
سان ڏني ڄڻ ته
ڪنهن
ٻار
جي
ٻاراڻي
ڳالهين
کي
رد ڏئي رهيو
هجي:
”اوهان جي
خط
جي پندرهين
صفحي
تي
ٽيهون پيراگراف:
”پنهنجي ڳوٺ جي
پولنگ اسٽيشن
تي
ڪو
0 0 5 1
ووٽ
مليم
جڏهن ته
اوهان کي فقط
2 9
ووٽ
مليا. سئو
کان
وڌيڪ
ووٽ خارج
آيا
۽
ڪجهه
جمعيت العلماءِ
اسلام جي
مولويءَ
کنيا.“ مهرباني
ڪري
ووٽن
جي نتيجن
کي
ٻيهر
چڪاسيو. مون
اوهان جي
ڳوٺ
نئون
ديري جي
پولنگ اسٽيشن
تان
تقريباً اوترائي
(3
9
)
ووٽ
کنيا
هئا جيترا
اوهان عاقل
مان
کنيا
هئا. ان
ريت
قبائلي بنيادن
تي
اسان جي
ڳوٺن
۾
کهڙن
مون
کي
ووٽ ڏنا ۽ ڀٽن اوهان
کي.
مون
کي
ساڻن ڪا شڪايت
ناهي. آءٌ
کين
ڪنهن
به
قسم جي
انتقامي
ڪاروائي جو
نشانو بڻايان
جي
الزام تي
هر
ڪنهن
کي
چيلينج ٿو
ڪريان. هو
ڳوٺ
۾
پنهنجي گهرن
۾
اڳي
جيان راضي
خوشي
آهن. سندن
ٻنين
ٻاري،
دڪانن يا
گهرن
مان
ڪنهن تي
به
ڪو
زوري قبضو
نه
ڪيو
ويو آهي.
منجهانئن ڪي اڳي
جيان
اڃان تائين
منهنجا ذاتي
ملازم آهن.
مون
ڪنهن
کي
به برطرف
نه
ڪيو
آهي.“
ڀٽي
کهڙي صاحب
لاءِ
پنهنجي توهين
جي
انتهائن تي
پهچندي لکيو
ته
کهڙي
صاحب کي بمبئي
ياترا لاءِ
نواب
چانڊئي سهائتا
ڪئي
هئي.
”اوهان کان اهو
ٻڌڻ
نه
رڳو حيرت
جوڳو
پر اچرج
جوڳو
پڻ آهي
ته
ليجسليٽو
ڪائونسل جي
اجلاسن ۽
ڪميٽين وغيره
لاءِ
منهنجي ڪا مدد
جو
خرچ پکو
مرحوم نواب
غيبي
خان چانڊئي
ٿي
ڀريو.
حقيقت اها
آهي
ته نواب
غيبي
خان 1923ع ۽
1926 ع وارين
چونڊن دوران
منهنجي ڪا مدد
يا
حمايت نه
ڪئي
هئي.
1930 ع
وارين چونڊن
۾
سرشاهنواز، خان
بهادر اسراڻ
۽
آءٌ
بنا مقابلي
چونڊجي آيا
هئاسين. بمبئي
کان
سنڌ
جي عليحدگيءَ
کان
پوءِ
پهرين فيبروري
1937 ع
۾
جڏهن
پهريون
ڀيرو سنڌ
اسيمبليءَ جون
چونڊون
ٿيون ته
مون
قنبر تعلقي
مان
نواب غيبي
خان
جي پٽ
مير
محمد خان
جي
مخالفت
ڪندي قنبر
جي
پير تراب
علي
شاهه کي سندس
سامهون بيهاريو
هو.
دراصل نواب
صاحب
1940 ع
کان
پوءِ منهنجو
دوست
بڻيو، جڏهن
آءٌ
سنڌ حڪومت
۾
وزير
ٿيس.
ان ڪري غيبي
خان
طرفان منهنجي
مالي
سهائتا جو
سوال
ئي پئدا
نه
ٿو
ٿئي.“
آخر
۾
ڀٽي
کهڙي
صاحب
جي هڪ
وڌيڪ
توهين
ڪندي
ڄاڻايو ته
لاڙڪاڻي ۾ سندن
گهر
آڏو
کهڙي صاحب
جو
گهر انتهائي
وڏو
۽
خراب هو.
انهيءَ حيرت
انگيز رويي
جي
باوجود
کهڙي صاحب
انتهائي صبر
سان
جواب ڏنو:
”اوهان جي
گهر
جي سامهون
منهنجو گهر
اوهان جي
ڳالهه
پٽاندڙ اڏاوتي
لحاظ
کان
خراب ٿي سگهي
ٿو.
آءٌ
اوهان جي
انهيءَ ذاتي
نقطي
نظر سان
تڪرار نه
ڪندس.
اهو
گهر وڏو
ضرور
آهي
ڇاڪاڻ جو
منهنجو
ڪٽنب به
وڏو
آهي.“
ان
کانسواءِ
ڀٽي
پنهنجي انهيءَ
ناقابل يقين
خط
سان گڏ
پنهنجي تخليقي
پورهئي جو
شاهڪار
”عظيم هاڃو“،
پڻ
اماڻيو.
کهڙي صاحب
انتهائي بردباريءَ
سان
سندس
ٿورا مڃيا.:
”اوهان جي
ڪتاب
”عظيم
هاڃو“ جو
انگريزي ايڊيشن
اڳيئي پڙهي
چڪو
آهيان، جيڪو
وڪري
لاءِ ايندي
ئي
هڪ دوست
اماڻيو هئم.
ان
جو سنڌي
ترجمو اماڻڻ
لاءِ
مهرباني. وقت
ئي
ٻڌائيندو
ته گذريل
ڊسمبر
۾
ٿيل
عام
چونڊن کان پوءِ
اسان
کي
درپيش صورتحال
ڏانهن
اوهان جو
سياسي انداز
درست
آهي يا
غلط.
سمورين
نيڪ
تمنائن سان
ڌڻيءَ
در
دعاڳو آهيان
ته
هو اوهان
کي
درست
راهه تي
هلائيندو رهي.“
خطن
جي
اها ڏي وٺ
ٻنهي
همراهن جي
ڪردار
۾
واضح
فرق جو
اظهار ٿي
ڪري. ڀٽو پنهنجي
ذاتي
اهميت واري
طئي
ٿيل
خيالن سان
انتهائي غير
معروضي، جهُلون
ڪندڙ
۽
ڳالهه
کي
ڳنڍ
ڏئي
بيهڻ
وارو هو.
هو
اولهه جي
خود
غرضيءَ وارن
لاڙن
۾
انتهائي گهرائي
سان
شامل
ٿيندي
ڳوٺاڻي سنڌ
۾
زندگيءَ جي
گهرين روايتن
کي
نظر
انداز ڪري چڪو
هو.
ٻئي
پاسي
کهڙي صاحب
معاملن ۽
ڳالهين ۾ پنهنجي
مقصد
۽
مقام تي
ويساهه رکندڙ
ذهن
۽
شخصيت جو
مظاهرو ٿي
ڪيو. هن
مجموعي تناظر
۾
تفصيل ٿي بيان
ڪيا،
هو
معاملن جي
رپورٽ ڪرڻ ۾ معروضي
۽
واضح
هو.
کهڙي صاحب
خط
۾
بنان
ڪنهن هٻڪ
جي
اڳڪٿي ڪئي ته
ڀٽو
اقتدار حاصل
ڪندو:
”جڏهن اوهان
اقتدار حاصل
ڪندا
يا
قبضو
ڪندا تڏهن
ئي
اوهان جي
اصل
حقيقت وقت
ٻڌائيندو.“
اهو
امڪان نومبر
1971 ع
۾
اوڀر
پاڪستان تي
ڀارتي
اڳرائي مهل
قطعي
واضح نه
هئو،
پر هڪ
مهينو پوءِ
ئي
0 2
ڊسمبر
1971 ع تي
ان
حقيقت جو
روپ
ڌاريو
جڏهن ڀٽو ملڪ
جو
چيف مارشل
لا
ائڊمنسٽريٽر بڻيو.
کهڙي
صاحب
۽
پاڪستان کي معلوم
ٿيڻو
هو
ته ان
صورتحال ۾ ڇا ثابت
ٿيو.
باب
چوويهون
برداشت
جي
آزمائش
ڀيانڪ ترين
ممڪن
آفت اچي
ڪڙڪي
هئي.
پاڪستان پاڻ
لڳايل پيڙا
۽
رت
جي غسل
مان
لنگهيو، فوجي
طرح
شڪست
کاڌائين، ٽوڙ ڦوڙ جو
شڪار
بڻيو، عالمي
سطح
تي خوار
ٿيو
۽
گوڏن
ڀر
جهڪي پيو.
ڊسمبر
1971 ع
۾
اوڀر
پاڪستان جي
راڄڌاني
ڍاڪا ۾
ڀارتي فوجن
آڏو
هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان پوءِ
اقتدار انهيءَ
مهم
جُو جي
هٿن
۾
آيو جيڪو
خود
وسيع سطح
تي
ان آفت
لاءِ
ذميوار هو.
ڀٽي
۽
سندس
سازشي ساٿارين
ملڪ
کي
توهين ۽ تباهيءَ
جي
اٿاهه گهراين
۾
ڌڪي
ڇڏيو
هو.
پنهنجي
ڏوهارڪ قدمن
جي
نتيجن کي منهن
نه
ڏئي
سگهندي فوجي
جنتا
اقتدار ان
سويلين شخص
جي
حوالي ڪيو جيڪو
خود
سندن ئي
تخليق ڪيل هو.
مسخرو سرواڻي*
ڪرڻ لڳو.
ڀٽي
پاڪستان ۾ اعليٰ
ترين
اقتدار ماڻڻ
واري
پنهنجي عزيز
ترين
خواهش پوري
ڪرڻ
لاءِ
پاڪستان جي
کنڊرن
۽
هزارين لاشن
تي
پسار ۽ رقص
ٿي
ڪيو.
بدقسمتيءَ
سان
پاڪستان جي
ڏکويل
۽
اٻوجهه ماڻهن
سياسي ۽ فوجي
صورتحال بابت
ٻڌايل
ڪوڙ
کان
تنگ
اچي ڀٽي جي
ڪنهن
نجات
ڏياريندڙ
طور آجيان
ڪئي.
ايندڙ پنجن
سالن
دوران
”مسخري“ کي
ڪيتريون ئي
حرفتون حاصل
ٿيون
هيون
پر ملڪ
کي
درپيش انتهائي
حساس
معاملن ۽ ملڪ
جي
بقا لاءِ
ڪم
واسطي محفوظ
هٿن
جي استعمال
جي
باوجود ڀٽي لاڙڪاڻي
يا
کهڙي
صاحب کي نه
وساريو.
ايندڙ
ڪجهه
سال
کهڙي
صاحب، سندس
ڪٽنب
۽
سندس
حمائتين واسطي
انتهائي آزمائش
ڀريا
هئا.
ذوالفقار علي
ڀٽو
عجيب
ڪردار
جو مالڪ
هو.
ٻاهرين
ڏيک
ويک، اندر
مونجهارن جو
شڪار
ڪنن
جو
ڪمزور شخص
هو،
جيڪو پنهنجي
خيالي شڪايتن
تي
به پنهنجي
دشمنن ته
ڇا
پر
دوستن سان
به
ڦٽائڻ
لاءِ اوچتو
تيار
هوندو هو.
هو
ماڻهن سان
تمام
گهڻو اڳتي
ويندو هو
۽
اوچتو ئي
اوچتو منجهائن
هٿ
ڪڍي
ويندو هو.
هن
ڌمڪين
کان
ڪم
ورتو جن
تي
ڪڏهن
ڪڏهن
عمل به
ٿيندو
هو.
کهڙي صاحب
سان
هاڻ هن
ڪوئي
۽
ٻليءَ
واري
پنهنجي پسنديده
راند
آزمائي. اقتدار
۾
اچڻ
کان
اڳيئي ڀٽو چونڊن
۾
کهڙي
صاحب
جي حمايت
ڪندڙن
خلاف
سرڪاري مشينري
سان
گڏ غير
سرڪاري طريقا
استعمال ڪري چڪو
هو.
هن پنهنجي
مرضيءَ آهر
ڏهڪآءٌ
جو
اهو سلسلو
جاري
رکيو.
کهڙي صاحب
جي
حمايت
ڪندڙ باعزت
زميندارن ۽ قبيلائي
سردارن جي
توهين ڪئي وئي.
سردار علي
حسن
ڏيپر
انهن ماڻهن
مان
هڪ هو
جن
کي
جيلن ۾ واڙيو
ويو.
جڏهن هو
آزاد
ٿيو
ته ڀٽي نياپو
اماڻيو ته
”هيانءُ
تان
چرٻي لٿي
اٿئي
يا نه؟“
(واضح
طور
تي ان
جو
مطلب اهو
ئي
هو ته
سندس
عقل
ٺڪاڻي تي
آيو
آهي يا
نه
۽
هو هاڻ
ڀٽي
جي
حمايت
ڪندو)
ڏيپر گوڏا
کوڙڻ
وارو
نه هو،
تنهن
ڪري
ناهڪار ۾ جواب
ڏنائين.
چونڊن ۾ شدت
سان
ڀٽي
جي مخالفت
ڪندڙ
نصير
آباد
ڀرسان وارهه
تعلقي جي
زميندار فقير
محمد
ڪلهوڙي
جي حصي
۾
تهائين وڌيڪ
ڳنڀير
صورتحال آئي.
کيس
مختيارڪاريءَ ۾ ماڻهن
آڏو
قتل ڪيو ويو
۽
ان
جا وڏا
افواهه ٿي هليا
ته
قاتلن کي حڪومت
انعامن سان
نوازيو. ساڳيءَ
ريت
ضلعي جي
ڀٽو
مخالف ننڍن
وڏن
ماڻهن تي
ظلم
جي بازار
گرم
ڪئي
وئي. زمينن
تي
قبضا،
ڏوهارڪ الزام،
جيل
انهن اڀاڳن
ماڻهن لاءِ
معمول بڻجي
ويا.
چونڊن
دوران
کهڙي صاحب
جو
هڪ بيباڪ
حمائتي ڀٽي جو
سئوٽ
به هو
جنهن
ذوالفقار علي
ڀٽي
جهڙي
خطرناڪ ماڻهوءَ
جي
پرواهه نه
ڪندي
کهڙي
صاحب
لاءِ ڪم
ڪيو. هاڻ
کيس
ان
جي قيمت
چڪائڻي هئي.
کيس
جيل
۾
وڌو ويو
۽
سندس
آبائي ڳوٺ جيڪو
ڀٽي
جو
به آبائي
ڳوٺ
هو،
ڳڙهي
خدا بخش
۾
سندس
گهر تي
قبضو
ڪيو
ويو. اقتدار
سنڀالڻ کان ترت
پوءِ
پهريون
ڀِيرو لاڙڪاڻي
ايندي موهن
جو
دڙو ايئرپورٽ
تي
ڀٽي
مقامي عملدارن
کي
چيو
”حبيب
الله ناريجي
جو
ڇا
ڪيو
اٿوَ؟“ ناريجو
کهڙي
صاحب
جو سرگرم
نوجوان
ڪارڪن هو،
جنهن
جي
ڦڙتي ۽ مڙسيءَ
جو
ڀٽي
کي
چونڊن دوران
اندازو هو.
ان
نوجوان کي ڀٽو راڄ
دوران انيڪ
سال
جيل ۾ گهارڻا
هئا.
ڪڏهن
ڪڏهن
ڏهڪآءٌ انتهائي
ڀيانڪ
روپ
ٿي
ڌاريو.
هڪ سرڪاري
اسڪول جي
ماسترياڻي، جيڪا
کهڙي
صاحب
جي
ڌيءَ سان
گڏ
ڪراچيءَ
جي اسڪول
۾
پڙهي
هئي ۽ جنهن
چونڊن واري
ڏينهن
کهڙي
صاحب
جي هڪ
پولنگ ايجنٽ
سان
خوش خير
عافيت ڪئي هئي،
معطل
ڪئي
ويئي. سندس
برطرفيءَ جا
حڪم
جاري
ڪندڙ سندس
نالي
زليخان کان ئي
واقف
هئا، سو
تعليم واري
کاتي
انهيءَ نالي
تي
اڪتفا
ڪندي سمورين
زليخائن کي معطل
ڪري
ڇڏيو.
ان
ريت ٽن چئن
زليخائن بنان
سبب
جي پنهنجي
خلاف
انتقامي
ڪاروائي جو
مزو
چکيو.
اهو
چيو
ٿي
ويو ته
عالم
خان گوپانگ،
قيصر
خان جتوئي
۽
ٻين
پئسا
وٺي ڀٽي کي ووٽ
ڏنا.
سندس
اقتدار ۾ اچڻ
کان
پوءِ
کين
گرفتار ڪري ڀٽي جي
سامهون پيش
ڪيو
ويو.
ٽنهي
رحم جي
اپيل
ڪئي.
ان کان پوءِ
ڀٽي
پنهنجي
ڊائري چڪاسي
۽
کين
ڏنل
رقم
ٻڌائيندي
حڪم
ڏنائين ته
شام
تائين اها
رقم
واپس موٽائي
وڃي.
اها رقم
واپس
ڪئي
وئي. ڀٽي جي
مخالفت
ڪندڙ
ڪيترائي ماڻهو
انهن
قهري
ڪارواين سبب
سنڌ
ڇڏي
بلوچستان جي
وڏي
وزير عطآءٌ
الله
مينگل جي
پناهه ۾
ڪوئيٽا رهڻ
لڳا.
نعپ حڪومت
جي
برطرفيءَ کان پوءِ
به
ڪوئيٽا
سنڌ جي
ڀيٽ
۾
محفوظ ماڳ
هو
۽
اهي تارڪين،
ڀٽو
حڪومت جي
خاتمي تائين
اتي
ئي رهندا
رهيا.
ڀٽي لاڙڪاڻي
انتظاميا کي پنهنجي
مرضيءَ آهر
منظم
ڪيو.
خالد کرل کي پنجاب
مان
آڻي لاڙڪاڻي
جو
ڊپٽي
ڪمشنر
بڻايو ويو.
ايس
پيءَ جي
انتهائي اهم
عهدي
لاءِ کيس ايس
پي
پنڃيل جي
روپ
۾
مناسب ترين
ماڻهو مليو.
پنڃيل ڀٽي جي
ڌيان
تي
تڏهن آيو
جڏهن
هو سب
اسپيڪٽر هو
۽
چونڊن دوران
نئين
ديري جي
ڊي
ايس
پيءَ هوندي
هن
سندس اعتماد
حاصل
ڪيو.
کيس
ايس پي
لاڙڪاڻي جي
عهدي
لاءِ تقرري
ڏني
وئي
۽
لاڙڪاڻي جي
ڊويزن
بڻجڻ
تي کيس ڊي آءِ
جي
مقرر ڪيو ويو،
ان
ريت پنهنجي
نوڪريءَ جي
سڄي
عرصي دوران
هو
لاڙڪاڻي کان
ٻاهر نه
نڪتو. هو
ڀٽي
جي
ايڏو ويجهو
هو
جو نئون
ديرو
۾
سندس پاران
راڄوڻي فيصلا
به
ڪندو
هو.
ڪجهه موقعن
تي
هو پنهنجا
ڪي
غير
واجبي فيصلا
مڃرائڻ لاءِ
ڀٽي
جو
اثر رسوخ
پڻ
استعمال
ڪندو هو.
وزيراعظم سان
ناتن
۾
هو سنڌ
جي
وڏن وزيرن
کان
وڌيڪ
با اثر
هو.
ڀٽي جي
صدر
کان
وزيراعظم ٿيڻ واري
رسمي
تبديليءَ کان پوءِ
کيس
آڳاٽن شهنشاهن
وانگر مقامي
معتبرن کي پنهنجي
درٻار ۾ گهرائڻ
۾
مزو
ايندو هو.
عيد
جي
ڏينهن ۾ هو
پنهنجي مرحوم
سهري
خان بهادر
احمد
خان ڀٽو جي
گهر
درٻار لڳائيندو
هو.
ڀٽو
ورانڊي ۾ ويهندو
هو
۽
ڊي
سي کرل ۽ ايس
پي
پنڃيل سندس
پويان بيٺل
هوندا هئا.
معتبر قطار
۾
بيهي
کيس
سوکڙيون پيش
ڪندا
هئا.
پنڃيل وٽ
هڪ
فهرست هوندي
هئي
جنهن موجب
هو
چڪاسيندو هو
ته
ڪير
آيو ۽ ڪير نه
آيو.
غير حاضر
رهندڙن کان ان
جو
سبب معلوم
ڪيو
ويندو هو.
جيڪڏهن وٽن
مناسب جواز
هوندو هو
ته
کين
رعايت ملندي
هئي
پر ايس
پيءَ
جي مطمئن
نه
ٿيڻ
جي صورت
۾
کين
جيل
جي چڪي
پيهڻي پوندي
هئي.
کهڙي صاحب
جي
سرگرم حامين
کانئس
ان
صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
بابت
معلوم ڪيو ۽ اهو
سمجهندي ته
ڀٽي
سان
نبيرڻ
ڪالي ديويءَ
کي
راضي
ڪرڻ
جيان آهي
سو
کهڙي
صاحب کين درٻار
۾
شريڪ
ٿيڻ
جي صلاح
ڏني،
ڇاڪاڻ
جو
هن سمجهيو
ٿي
ته
انهيءَ انتقام
پسند
ماڻهوءَ سان
سندن
دشمني مناسب
نه
هئي. ايستائين
جو
هن پنهنجي
پٽن
کي
به عيد
تي
اوڏانهن اماڻيو.
ڀٽي
انهيءَ قدم
کي
مان
ڏيندي
کين
پنهنجي
ڀرسان ويهاريو.
اهڙي
ئي هڪ
موقعي تي
ڀٽو
ماڻهن جي
هجوم
ٽرڻ
تي
کهڙي صاحب
جي
پٽ شاه
محمد
کي
پنهنجي
ڊرائنگ روم
۾
وٺي
ويو ۽ ماضيءَ
جا
قصا بيان
ڪرڻ
لڳو.
اڪثر اهڙن
موقعن تي
هو
1937 ع
۾
پنهنجي والد
جي
اليڪشني شڪست
جو
معاملو قبر
مان
کوٽي
کڻي
ايندو هو.
هن
شاهه محمد
ڏانهن
متوجه
ٿيندي چيو:
”تو کي خبر
آهي
ته بابا
چونڊن ۾ ڇو هارائي
ويو؟
ڇاڪاڻ
جو هو
تمام
گهڻو تفريح
پسند
هو ۽ تن
ڏينهن
۾
سندس
مسز پارليا
سان
عشق ٿي هليو
جنهن
جي ڪري لاڙڪاڻي
اچي
چونڊ مهم
هلائڻ ۾ دير
لڳس.“
ڀٽو
کهڙي صاحب
۽
ٻين
واسطيدار ماڻهن
کان
اهو
ڄاڻڻ
جي به
سدائين
ڪوشش پيو
ڪندو
هو
ته انهيءَ
شڪست
۾
سندس سئوٽ
۽
مائٽ
جو
ڪيترو هٿ
هو.
کيس
پنهنجي
ڪٽنب جي
ڪردار
جي
ڀلي
ڀت
ڄاڻ
ته هئي
پر
ان بابت
وڌ
کان
وڌ
ڄاڻڻ لاءِ
آتو
هو.
ڀٽي بيٺڪيتي
درٻارن جي
طرز
تي
ڪچهريون ڪرڻ به
شروع
ڪيون.
فرق رڳو
ايترو هو
جو
انهن ۾ عوام
کي
شامل
ٿيڻ
جي اجازت
هئي
ته جيئن
وزيراعظم سندن
مسئلن کان سڌو
سنئون واقف
ٿي
سگهي. سندن
لاڙڪاڻي اچڻ
تي
ڪچهري
گهرائي ويندي
هئي
جنهن جو
اڳيئي اعلان
ڪيو
ويندو هو.
اها
سندس گهر
يا
سرڪٽ هائوس
۾
ٿيندي
هئي.
ساڻس گڏ
وڏي
وزير سميت
سمورا سرڪاري
عملدار هوندا
هئا.
ضلعي جا
سمورا اهم
فرد
۽
چونڊيل عوام
موجود هوندو
هو
جيڪي پنهنجي
اهنجن ۽ مسئلن
بابت
درخواستون پيش
ڪندا
هئا.
اهي درخواستون
وغيره
ڊپٽي
ڪمشنر وصول
ڪري
وزيراعظم کي انهن
بابت
ٻڌائيندو
هو جنهن
تي
اسان جو
سورمو صحيح
ڪندو
هو
يا نوٽ
لکندو هو.
نوڪريون به
انهن
صحيحن يا
نياپن تي
ڏنيون
وينديون هيون.
وزيراعظم سائڪلن،
هينڊ
پمپن ۽ سلائي
مشينن سميت
ضرورت جون
شيون
پڻ ورهائيندو
هو.
عيد جي
ڏينهن
تي
هڪ ملازم
سئو
وارو نوٽ
جهلي
بيهندو هو
جيڪي
ڀٽو
غريبن ۾ ورهائيندو
هو.
ان ريت
ڀٽي
حڪومت جي
معمول واري
وهنوار کي اورانگهيو
۽
رسمي
ڪاروائي
پوري ڪرڻ
کانسواءِ فيصلا
ڪرڻ
واري
سرشتي جو
بنياد وڌائين.
هن
حڪومتي وهنوار
کي
نه
رڳو هڪ
هنڌان هلايو
پر
ان کي ذاتي
خواهشن جو
تابع
بڻايائين، جنهن
۾
سمورا اختيار
وزيراعظم کي حاصل
ٿي
ويا.
ابوظهبيءَ جي
حاڪمن جي
ڏوڪڙن
تي
سائڪلن کان وٺي
پلاٽن ۽ گهرن
جا
مفت تحفا
ڏيندي
۽
ماڻهن کي معمولي
رسمي
ڪاروائي
پوري ڪرڻ
کانسواءِ نوازيندي
هن
سنڌ ۽ باقي
ملڪ
۾
گداگريءَ کي جنم
ڏنو.
لاڙڪاڻي
کي
ڀٽن
جي
آبائي جاگير
طور
به سامهون
آندو
ويو. هتي
هن
اوسي پاسي
جي
زمينداري جي
ڍنڍن
۽
سنڌو
درياءَ تي
بدڪن، پکين
۽
ڦاڙهن
جي
شڪار لاءِ
ملڪي
صدرن ۽ بادشاهن
کي
دعوتون
ڏنيون. قومي
اڏام
ڪمپني
پي آءِ
اي
معزز مهمانن
جي
تفريح لاءِ
ناچ
۽
رقص جا
ٽولا
ٺاهيا.
شاهه
ايران سميت
ڪيترن
ئي
معتبر مهمانن
جي
تواضح لاءِ
ڪراچيءَ
جي
نائٽ
ڪلبن مان
ناچڻيون گهرايون
ويون. رستي
جي
ٻي
ڪنڌيءَ
تي پنهنجي
گهر
مان
کهڙا مهمانن
کي
ايئرپورٽ تان
کڻي
ايندڙ ۽ واپس
پهچائيندڙ هيليڪاپٽر
جا
ڦيرا
ڏسندا
رهيا. کين سامهون
وزيراعظم هائوس
مان
سنگيت جا
آواز
ٻڌڻ
۾
ٿي
آيا. هڪ
ڀيري
شاهه
ايران جي
لاڙڪاڻي ۾ ڀٽي جو
مهمان بڻجڻ
دوران
کهڙن کي رات
جي
مانيءَ تي
گهرايو ويو
جنهن
۾
هو شريڪ
ٿيا.
مانيءَ کان پوءِ
واري
تفريح ۾ لوڪ
فنڪارن جو
ڳائڻ
شامل
هو ۽
کهڙن کي اوڏي
مهل
انتهائي حيرت
لڳي
جڏهن ڀٽي جا
وفاقي ۽ صوبائي
وزير
به سنگيت
جي
سُرن تي
نچڻ
لڳا.
ڪجهه عرصي
کان
پوءِ
ساڳيو ماڻهو
ملڪ
۾
شراب بند
ڪري
محصولن ۾ وڏو
شاهي
نقصان*
ڪرڻ ۽ آچر
بدران جمعي
تي
موڪل جو
اعلان ڪرڻ وارو
هو.
ڪوبه
اها دعوا
نه
ٿو
ڪري
سگهي ته
اهي
قدم
ڪنهن آدرشي
تصور
تحت
کنيا ويا
هئا.
ڀٽي
کهڙن جي
حياتي هر
ممڪن
حد تائين
عذاب
بنائڻ جو
پڪو
پهه ڪيو هو.
جيڪڏهن
ڪوبه بااثر
شخص
کهڙي
صاحب جي
گهر
ايندو هو
ته
ڀٽو
ذاتي طور
تي
کانئس
انهيءَ ملاقات
جو
سبب پڇندو
هو.
سگهوئي اها
ڳالهه
پکڙجي وئي
ته
کهڙي
صاحب وارن
وٽ
وڃڻ خطري
کان
خالي
ناهي ۽
کهڙي صاحب
جي
گهر جي
پسگردائيءَ جو
به
نظر اچڻ
سورهيائپ جو
ڪم
ليکيو ٿي ويو.
اهي
به افواهه
پکڙيل هئا
ته
کهڙي
صاحب جي
گهر
تي قبضو
ڪري
ان
کي
سرڪاري مهمان
خانو
يا ڪو ٻيو ادارو
بڻايو پيو
وڃي.
کهڙي
صاحب جو
پراڻو گهر
حڪومت اڳيئي
ٽيڪنيڪل
ڪاليج
واسطي انتهائي
معمولي مسواڙ
تي
حاصل ڪري چڪي
هئي.
هيسائڻ ۽
ڊيڄارڻ جا
سنها
ٿلها
واقعا روز
جو
معمول هئا.
پنهنجي
حمائتين کي درپيش
مسئلن کي منهن
ڏيڻ
لاءِ
کهڙو
صاحب گهڻي
ڀاڱي
وقت
لاڙڪاڻي ۾ گذاريندو
هو.
پر اهڙي
صورتحال جي
موجودگيءَ جي
باوجود هو
هر
نئين ايندڙ
مصيبت لاءِ
تيار
يا متوقع
نه
هوندو هو.
کهڙو
صاحب
ستين مئي
1972 ع
کان
لاڙڪاڻي ۾ هو
جو
3 1
تاريخ
صبح
سوير سندس
ڪو
دوست
ڪنهن
هنگامي صورتحال
۾
ساڻس
ملڻ آيو.
ان
دوست کيس
ٻڌايو ته
ڀٽي
جو
سئوٽ پير
بخش،
جنهن جو
گهر
کهڙي
جي گهر
سان
لڳو لڳ
هو،
ايندڙ
ڏينهن تي
پوليس جي
مدد
سان
کهڙي صاحب
جي
گهر جي
ڏاکڻي
ڀت
ڊاهڻ
وارو
هو.
کهڙي صاحب
ڊپٽي
ڪمشنر
کي
فون
ڪيو
جنهن ان
کان
مڪمل
طور تي
نابري واري.
ان
کان
پوءِ هن
پير
بخش کي فون
ڪيو،
جنهن
ان معاملي
بابت
ساڻس
ڳالهائڻ کان انڪار
ڪيو
جنهن
مان لڳو
ته
دال ۾
ڪجهه
ڪارو هو.
کهڙي
صاحب
پنهنجي وڪيل
کي
هڪدم
ڊپٽي
ڪمشنر
کي
اهڙي قدم
کڻڻ
کان
جهلڻ
وارو
ڪورٽ جو
منع
نامو حاصل
ڪرڻ
لاءِ
چيو.
ڪورٽ ان
ڏينهن
جو
نوٽيس جاري
ڪيو
جيڪو
ساڳي
ڏينهن منجهند
هڪ
ڌاري
ڊپٽي
ڪمشنر
کي
تعميل
ڪرايو ويو،
پر
انهيءَ
ڪورٽ آرڊر
جي
باوجود ساڳي
ڏينهن
شام
چئين
ڌاري پوليس
جو
وڏو اٽالو
زرعي
کاتي
جي بلڊوزرن
۽
هڪ
سئو کان وڌيڪ
ماڻهن سميت
کهڙي
صاحب
جي گهر
جي
چارديواري
ڊاهڻ لڳو.
ڊاهڻ
جو
اهو عمل
هلندي اونداهي
ٿي
ته
بتيون
ٻاري به
اهو
ڪم
جاري رکيو
ويو.
سانجهي ٿيڻ تائين
کهڙا
صورتحال کي قطعي
ڄاڻي
نه
سگهيا. کين پتوئي
نه
هو ته
چار
ديواري پئي
ڊاهي
وڃي
يا مرڳو
ئي
گهر. صدر
ڀٽو
ساڳي
ڏينهن
تي لاڙڪاڻي
پهچڻو هو
۽
معمول جيان
سامهون واري
پنهنجي گهر
ئي
ترسيو.
ڪجهه مهينا
اڳ
کهڙي
صاحب کي لکيل
پنهنجي خط
۾
ڀٽي
ٻين
سان
گڏ اها
به
ڳالهه
ڪئي
هئي ته
کهڙي
صاحب
۽
سندس سئوٽ
پير
بخش ڀٽو جي
گهرن
جي وچ
واري
چار ديواري
بابت
پير بخش
کي
ڪا
شڪايت هئي.
بهرحال چار
سال
اڳ ميونسپالٽيءَ
وارن
جي ڪيل سروي
۽
چار
ديواري جي
تعين
کان
پوءِ پير
بخش
ڪڏهن
به
کهڙي صاحب
سان
ڪا
رسمي شڪايت
نه
ڪئي
هئي. نه
ئي
پير بخش
شهري
علائقن بابت
سول
ڪورٽ
۾
ويو هو
پر
جيئن
کهڙو صاحب
چوي
ٿو:
”اوچتو
1972 ع ۾ هاڻو
ڪي
حڪومت جي
اقتدار ۾ اچڻ
کان
پوءِ
مون ٻڌو هو
ته
هن شڪايت
ڪئي
آهي
ته اسان
سندس
2 2
سئو
فٽ
زمين تي
قبضو
ڪيو
آهي. پر
اسان
کان
خود روينيو
کاتي
به
ان ڏس ۾ ڪا وضاحت
نه
گهري آهي.“
هاڻ
ڪنهن
چتآءٌ
کانسواءِ بلڊوزر
اماڻيا ويا
۽
مقامي انتظاميا
جي
مدد سان
ڀتيون
ڊاٿيون
ويون. جيڪڏهن
کهڙي
صاحب
جي گهر
جي
چار ديواري
بابت
ڪو
تڪرار به
هو
تڏهن
به
کهڙا
انهيءَ مصيبت
کي
منهن
ڏيڻ
لاءِ تيار
نه
هئا. نه
رڳو
کهڙي
صاحب جي
گهر
کي
پير بخش
جي
گهر کان ڌار
ڪندڙ ڀت
ڊاٿي وئي
پر
کهڙي
صاحب جي
گهر
۽
رستي وچ
۾
ڀت
به
انتظاميا
ڊاهي
ڇڏي. ان
لاءِ
اهو بهانو
اهو
گهڙيو ويو
ته
اها ميونسپالٽيءَ
جي
حد هئي.
کهڙي
صاحب
هڪ اخباري
بيان
جاري ڪري واضح
ڪيو
ته
اوچتو ئي
اوچتو سندس
گهر
جي حد
تي
فٽ پاٿ
۽
رستي
جو حصو
هئڻ
واري دعوا
بلڪل
بي بنياد
هئي
۽
اهو معاملو
ڪجهه
سال
اڳ
ڪورٽ نبيري
چڪي
هئي پر
هاڻ
اپريل
1972 ع ۾ ان
کي
نئين
سر جياريو
ويو
هو.
ميونسپل
ائڊمنسٽريٽر طرفان
ٿيل
اهو
حملو سمجهه
۾
اچڻ
جوڳو آهي.
اهو
سمورو معاملو
ايوب
حڪومت جي
انهن
ڏينهن
۾
نبيريو ويو
هو
جڏهن
کهڙو صاحب
ڪنهن
به
قسم جو
اثر
رسوخ استعمال
ڪرڻ
واري
حيثيت ۾ نه
هو.
ذوالفقار علي
ڀٽو
اڳتي
هلي وضاحت
ڪرڻ
وارو
هو ته
کيس
انهيءَ قدم
لاءِ
سندس سئوٽن
پير
بخش ۽ ممتاز
مجبور ڪيو ۽ هن
پنهنجي
ڪٽنب کي
ڏڦيڙ کان بچائڻ
لاءِ
ان جي
اجازت ڏني هئي!!
اهو
هر
ڪنهن کي سولائي
سان
سمجهه ۾ اچي
سگهي
ٿو
ته ان
عمل
سان ماڻهن
تي
واضح
ڪرڻو هو
ته
هاڻ لاڙڪاڻي
۽
سنڌ
۾
کهڙي
صاحب جي
گهرن
جي ڪا حيثيت
نه
رهي آهي.
ضلعي
۾
کهڙي
صاحب
جي اثر
رسوخ
جا سمورا
دڳ
بند ڪرڻ جي
سلسلي ۾ ڀٽي کيس لاڙڪاڻو
زمينداري ڪو آپريٽو
بينڪ
جي صدارت
تان
به هٽائڻ
لاءِ
هٿ پير
هنيا.
1920 ع واري
ڏهاڪي
۾
سنڌ
۾
هلندڙ ڪو آپريٽو
تحريڪ دوران
قائم
ٿيل
انهيءَ بينڪ
جو
کهڙو
صاحب ابتدا
کان
صدر
هو ۽ تڏهن
کان
وٺي
ان کي اثرائتي
انداز ۾ هلائي
رهيو
هو. ڀٽي بينڪ
۾
جعلي
چونڊون
ڪرايون جنهن
۾
سندس
نامزد ڪيل همراهه
ڊائريڪٽر
چونڊجي آيا
۽
اڳتي
هلي سندن
پنهنجو ماڻهو
بينڪ
جو صدر
به
چونڊجي ويو.
ضلعي
جي زراعت
جي
سهائتا ۾ وٿي
اچڻ
سبب بينڪ
سگهوئي
ڏيوالپڻي جو
شڪار
ٿي
وئي. بينڪ
طرفان گذريل
چاليهن سالن
کان
مقامي زميندارن
کي
آڇجندڙ سهولتن
۽
خدمتن جو
اهو
سلسلو هميشه
لاءِ
ختم ٿي ويو.
ڀٽي
جي
اقتدار ۾ رهڻ
دوران
کهڙو
ڪٽنب کي درپيش
مصيبتن جو
اهو
ڇيهه
به نه
هو،
کهڙي
صاحب جي
وڏي
پٽ شاهه
محمد
خلاف ڪچي جي
علائقي مان
ڪاٺ
وڍڻ،
جنهن لاءِ
کيس
جيل
۾
وڌو ويو
۽
ڪورٽ
جي
حڪم تي
آزاد
ٿيو،
کان
وٺي مئي
جي
مهيني ۾ صحرا
۾
هرڻ
جو شڪار
ڪرڻ
جا
ڪوڙا
ڪيس
داخل ڪيا ويا.
انهيءَ پوئين
ڪيس
۾
سندس
ڀاڳ
ڀلا
هئا جو
ڪامورن
ڌيان
سان
ڪيس
نه تيار
ڪيو
هو.
کهڙي صاحب
جي
پٽ سان
گڏ
چونڊن ۾ سندس
حمايت
ڪندڙ ٻين همراهن
تي
به شڪار
جو
الزام هنيو
ويو.
انهن ۾
ڏوڪري تعلقي
جي
موسيٰ خان
ٻگهيو
جي
پٽ سڪندر،
گمبٽ
جو پير
جيئل
شاهه هو
۽
ڏوڪريءَ
جو
بهاول انڙ
شامل
هئا. شاهه
محمد
کي
قتل جي
ڪيسن
۾
ڦاسائڻ
جي
ڪوشش
پڻ ڪئي وئي،
پر
مقامي انتظاميا
۾
انهن
تي زور
ڏيڻ
جي
همت نه
هئي.
هڪ موقعي
تي
شاهه محمد
کي
گرفتار ڪري
ٿاڻي جي
لاڪپ
۾
بند ڪيو ويو.
تن
ڏينهن
تائين جج
اڃان
تائين مڪمل
طور
تي ذهني
ڏيوالپڻي
جو
شڪار نه
ٿيا
هئا
۽
ٻئي
ڏينهن
شاهه محمد
جي
ضمانت
کنئي وئي.
ڀٽو
جيڪو
هڪ
ڏينهن اڳ
دبئي
جي دوري
تي
ويل هو
کهڙي
صاحب
کي
فون ڪري چيائين
”مون
کي
افسوس آهي،
اهو
ممتاز جو
ڪم
هو،
مون کي ان
بابت
ڪا
خبر نه
هئي.“ دراصل
ڀٽو
ڪيترا
ئي
ڀيرا
فون ڪري اها
دعوا
ڪندو
رهندو هو
ته
کهڙن
تي
ڪڙڪندڙ مصيبتن
۾
سندس
ڪو
هٿ نه
هو.
کهڙي
صاحب ڀلي ڀت
ڄاتو ٿي ته
اهي
سوچيل سمجهيل
حرڪتون هيون
۽
ڪيڏي
ڪيڏي
مهل
ڀٽي
کي
فون تي
چئي
به
ڇڏيندو هو.
ڀٽي
طرفان زرعي
سڌارن وارا
تڪرار نبيرڻ
لاءِ
مقرر ڪيل خاص
وزير
۽
سندس مخالفن
تي
خاص
”نظر
ڪرم“
ڪندڙ شيخ
رشيد
کهڙي
صاحب جي
ننڍي
پٽ محمود
کي
ٻه
ايڪڙ
زمين ظاهر
نه
ڪرڻ
تي ستن
سالن
جي ٽيپ ڏيڻ جي
ڌمڪي
ڏني،
اها
ڌار
ڳالهه
آهي ته
اها
زمين سندس
نه
هئي.
مقامي
پوليس عملدارن
کي
وقت
بوقت
کهڙي صاحب
جي
گهر تي
ڇاپو
هڻي
کهڙي
صاحب جي
پٽ
کي
گرفتار ڪرڻ جو
حڪم
ڏنو
ويندو هو،
پر
پوليس آفيسر
حاڪمن کان وڌيڪ
تدبر
جو مظاهرو
ڪندي
کهڙن
کي
اڳواٽ ئي
اطلاع
ڪندا هئا.
ڊي
سي
کرل
کي
ڀٽي
جي مخالفت
ڪندڙ
زميندارن جي
بيعزتي ڪرڻ ۽ ساڻس
ملاقات لاءِ
اچڻ
مهل کين
ڪرسي نه
آڇڻ
جي خاص
هدايت ڪيل هئي.
کرل
۾
ايتري فضيلت
هئي
جو هن
کهڙن
کي
انهن
هدايتن کان واقف
ڪندي
پنهنجي پٽن
کي
ڪليڪٽريٽ
نه
اماڻڻ جو
چيو
هو.
ڀٽي حڪومت
جي
شروعاتي ڪمن ۾
کهڙي صاحب
جي
ڌيءَ
حميده
کهڙو کي
ڪراچي يونيورسٽيءَ
مان
ليڪچراريءَ تان
هٽائڻ هو.
سينٽ
انٿوني
ڪاليج آڪسفورڊ
مان
فيلو شپ
ڪرڻ
لاءِ
اسهڻ مهل
حميده موڪلون
وٺي
وئي هئي
پر
هاڻي کيس
ٻڌايو ويو
ته
اوڏانهن وڃڻ
جي
نتيجي ۾ سندس
نوڪري ختم
ٿي
چڪي
هئي. جڏهن
ڪراچي
يونيورسٽيءَ جي
وائيس چانسلر
ڊاڪٽر
محمود حسين
کان
ان
بابت پڇيو
ويو
ته هن
پنهنجي لاچاري
ڏيکاريندي
ظاهر
ڪيو
ته مٿس
حڪومت جو
دٻآءٌ هو.
سرڪاري خابروئن
ڪڏهن
به
کهڙي
صاحب جي
ڌيءَ
کي
سک
جو ساهه
کڻڻ
نه
ڏنو.
سنڌ جي
هوم
سيڪريٽري اپريل
1975 ع
۾
کهڙي
صاحب
کي
شڪايت
ڪندي لکيو
ته
هوءَ هڪ
هوٽل
۾
ايئر مارشل
اصغر
خان ۽ نواب
اڪبر
بگٽيءَ سان
چانهه پي
رهي
هئي ۽ اهو
ته
هوءَ سوويت
سفارتخاني پڻ
وڃي
ٿي.
کهڙي
صاحب کيس جواب
لکيو
ته اهو
درست
آهي ته
هن
ٻن
ناميارن سياستدانن
سان
گڏ چانهه
پيتي
آهي پر
هوءَ
پنهنجي تدريسي
مصروفيتن سبب
سوويت سفارتخاني
۾
ٿيل
سرڪاري تقريب
۾
شرڪت
نه ڪري سگهي
هئي.
1972ع ۾ جڏهن
ڀٽي
زرعي
سڌارن جو
اعلان ڪيو ته
کهڙي
صاحب
جي خيال
۾
سندن
زمين جا
نبيريل سمورا
معاملا نئين
سر
اٿلايا ويا
۽
ايندڙ پنجن
سالن
تائين لاڳيتو
سرگرم رهيا.
ان
سموري عرصي
دوران ڪيس جون
ٻڌڻيون
مختلف جاين
تي
رکيون ٿي ويون
۽
کهڙي
صاحب
کي
ذاتي طور
تي
وڪيلن جي
رهنمائيءَ لاءِ
تقريباً هر
هنڌ
وڃڻو ٿي پيو.
کهڙي
صاحب
جي
ٻنين تان
فصل
جو زوري
لابارو
ڪرايو ٿي ويو
۽
پوليس جي
نگرانيءَ ۾ فصل
تي
قبضو ڪري آبادگارن
کي
سندن
جائز ملڪيت
۽
وسيلن کان محروم
ٿي
ڪيو
ويو.
ڀٽي
جي برطرفيءَ
کان
پوءِ
کهڙي
صاحب جي
زرعي
سڌارن وارو
فائل
وزيراعظم هائوس
راولپنڊيءَ مان
هٿ
آيو.
کهڙي صاحب
پنهنجي پٽ
بيريسٽر محمود
کهڙي
کي
ان
جي حتمي
نبيري واسطي
فيڊرل
ڪميشن راولپنڊي
اماڻيو.
سمورن
سياستدانن جا
فون
ٽيپ
ڪيا
ويندا هئا.
اهو
عام خيال
هو
ته
ڀٽو جيڪو
تمام
ٿورڙي
ننڊ
ڪندو هو،
راتيون جاڳي
رڪارڊ ڪيل گفتگو
ٻڌندو
هو.
کهڙن
کي
ان جو
ذاتي
تجربو اوڏي
مهل
ٿيو
جڏهن
کهڙي صاحب
جي
ڌيءَ
1973 ع
جي پڇاڙيءَ
۾
لنڊن
کان
روڊ ذريعي
ڪراچي
موٽندي بلوچستان
مان
لنگهي جتي
نواب
اڪبر بگٽي
گورنر هو.
حميده ۽ سندس
مڙس
جي سٺي
دوست
هئڻ ڪري هن
کين
وڏو
مان
ڏيندي افغان
سرحد
کان
حفاظتي دستو
مهيا
ڪيو
۽
هو
ڪوئيٽا ۾ سندس
مهمان بڻيا.
حميده
ڪوئيٽا مان
فون
تي پنهنجي
مائٽن سان
پنهنجي بلوچستان
واري
سئر جو
ذڪر
ڪيو.
سندن
ڪراچي پهچڻ
تي
نصرت
ٻنهي کي رات
جي
مانيءَ جي
دعوت
ڪئي
۽
معصوميت سان
حميده جي
پنهنجي مائٽن
سان
ڪيل
فون تي
گفتگو بابت
ڳالهائڻ
لڳي.
کهڙي
صاحب جي
پٽ
جي شاديءَ
واري
ڪاڄ
تي ڀٽي جي
ڀيڻ
مانا
حميده کي نياپو
ڏنو
ته
ڀٽي
کي
سندس جي
ايم
سيد جي
سالگرهه ۾ شريڪ
ٿيڻ
وارو
عمل مناسب
نه
لڳو آهي!
جيتوڻيڪ
پنهنجي انداز
۾
ئي
سهي پر
سٺ
۽
ستر جي
ڏهاڪن
دوران ڀٽو
کهڙن سان
سماجي وهنوار
رکندو آيو.
جنوري
1973 ع ۾
کهڙي صاحب
جي
ٻئي
پٽ شاهه
زمان
جو وهانءُ
هو.
ڀٽو
ڪٽنب
کي
نينڍ ڏني وئي
جيڪا
ان قبولي.
شاديءَ واري
ڏينهن
شام
ستين وڳي
سنڌ
جي گورنر
هائوس ۾ فون
جي
گهنٽي وڳي.
گورنر مير
رسول
بخش
ٽالپر شاديءَ
۾
شرڪت
لاءِ تيار
ٿي
رهيو
هو. فون
تي
وزيراعظم ڀٽو هو.
”رسول
بخش
ڇا
پيو
ڪرين؟“ هن
پڇيو.
ٽالپر جواب
ڏنس
ته
هو
کهڙي صاحب
جي
وهانءُ لاءِ
تيار
پيو
ٿئي. ”پر اسين
ان
۾
شريڪ نه
ٿينداسين“.
ڀٽي
چيو.
”ٺيڪ
آهي سائين“
ٽالپر
جي
ورندي آئي
۽
فون
رکجي ويو.“
ٽالپر
هڪدم
پنهنجي پٽ
کي
گهرائي کيس شاديءَ
۾
شريڪ
ٿيڻ
۽
سندس صحت
جي
خرابيءَ سبب
شرڪت
کان
معذوريءَ تي
کهڙي
صاحب
کان
معافي گهرڻ
لاءِ
چيو. ٻئي
ڏينهن
ٽالپر اخبار
۾
اهو
پڙهي حيران
ٿي
ويو
ته بيگم
نصرت
ڀٽو
پنهنجي نڻان
سان
گڏ شاديءَ
۾
شريڪ
ٿي
هئي.
سرڪاري
عملدار ڀٽي کان ايترو
ته
ڊنل
هئا جو
ڪنهن
به
اهڙي ماڻهو
جي
ملاقات يا
آجيان کان
ڪيٻائيندا هئا
جيڪو
ڀٽي
وٽ پسنديده
نه
هو. ڀٽي جي
ويجهي حلقي
۾
رڳو
سندس زال
نصرت
ڀٽو
ئي هئي
جنهن
ڀٽي
جي اقتدار
وارن
ڏينهن
دوران
کهڙن سان
ملڻ
جلڻ برقرار
رکيو.
ڀٽو پنهنجي
ورتآءٌ ۾ انتهائي
عجيب
و غريب
هو.
1973 ع
۾
کهڙي
صاحب انگلينڊ
۾
موڪلون گذارڻ
جو
فيصلو
ڪيو. هن
پنهنجي صحت
جي
چڪاس
ڪرائڻ ۽ پاڪستان
جي
تآءٌ
ڀريل ماحول
کان
ڪجهه
پناهه ٿي حاصل
ڪرڻ
چاهيائين. پر
پنهنجو نالو
ايگزٽ
ڪنٽرول لسٽ
تي
ڏٺائين.
کهڙي
صاحب انهيءَ
پابنديءَ جا
سبب
ڄاڻڻ
لاءِ پنهنجي
پٽ
کي
هوم سيڪريٽري
ڏانهن
اماڻيو.
ٻاهر وڃڻ
لاءِ
اجازت گهرندڙن
جي
گهيري ۾ ورتل
هوم
سيڪريٽري
کهڙي جي
پٽ
کي
هڪ پاسي
وٺي
اهو فائل
ڏيکاريو
جنهن
تي ڀٽي جي
هٿ
اکرن سان
لکيل
هو ته
کهڙي
صاحب
کي
ڪنهن
به صورت
۾
پرڏيهه وڃڻ
جي
اجازت نه
ڏني
وڃي.
ڪجهه
عرصو پوءِ
ٿيل
هڪ
ملاقات ۾ ڀٽي
کهڙي صاحب
آڏو
وضاحت ڪئي ته
هن
کيس
لنڊن وڃڻ
کان
ان
لاءِ جهليو
هو
جو ان
سال
لنڊن جو
موسم
گرم هو!
ڪڏهن
ڪڏهن ڀٽو تاريخ
جي
وهڪري آڏو
جهڪي، پنهنجي
دشمنيءَ کي پاسيرو
رکندي
ڪجهه تاريخي
موقعن تي
کهڙي
صاحب
کي
دعوتن تي
گهرائيندو هو.
اهڙو
ئي هڪ
موقعو
1974 ع ۾ لاهور
۾
ٿيل
اسلامي سربراهه
ڪانفرنس
جو
هو.
کهڙو صاحب
گهڻي
ڀاڱي
سمورن اهم
اسلامي سربراهن
جي
پاڪستان ۾
ڪوٺايل اهڙي
پهرين اجتماع
۾
شرڪت
تي انتهائي
سرهو
هو. هڪ
ٻيو
موقعو
ڊسمبر
1976 ع قائداعظم
جي
هڪ سئو
ساله
سالگرهه وارو
ڪاڄ
هو.
کهڙي
صاحب قائداعظم
متعلق پنهنجون
يادگيريون لکيون
جيڪي
سرڪاري سطح
تي
شايع
ٿيڻيون هيون
پر
ڪجهه
صفحن جي
مواد
تي اعتراض
۽
کهڙي
صاحب
جي اهي
اعتراضي
ڳالهيون خارج
ڪرڻ
کان
نابري وارڻ
تي
بعد ۾ اهي
ڊان
اخبار ۾ شايع
ٿيون.
ڀٽي قائد
جي
ڪجهه
ساٿين کي هڪ
ننڍڙي دعوت
تي
گهرايو. ان
۾
دولتانا، اصفهاني
۽
کهڙو
صاحب
شريڪ
ٿيا. دعوت
دوران ڀٽو انتهائي
خوشگوار موڊ
۾
هو
۽
کهڙي
صاحب کان سندس
ڪامياب
منتظم هئڻ
جي
راز بابت
پڇيائين.
کهڙي صاحب
کيس
کن
پل
۾
وراڻيو ته
اها
فطري صلاحيت
آهي.
ان کان پوءِ
کهڙي
صاحب
کان
پڇيائين.
”توهان
ڪيترا
ڀيرا وڏا
وزير
رهيا آهيو؟“
”ٽي
ڀيرا“.
کهڙي صاحب
جواب
ڏنس.
ڀٽي
پڇيو
”اوهان استعفيٰ
ڇو
ڏني؟“
کهڙي
صاحب
وراڻيو ته
سندس
استعيفيٰ جا
ڪيترائي
سبب
هئا پر
عام
طور تي
ايوان جو
اعتماد وڃائڻ
تي
استعفيٰ ٿي
ڏنائين ۽
ٻيهر جوڳي
اڪثريت جو
اعتماد حاصل
ٿيڻ
تي
وڏ وزارت
ٻيهر
ٿي
حاصل
ڪيائين.
ڀٽي
جو چوڻ
هو
”آءٌ
سمجهان ٿو ته
اقتدار تان
استعيفيٰ
ڏيندڙ شخص
بيوقوف آهي.
آءٌ
ڪڏهن
به استعيفيٰ
نه
ڏيندس.
بس هڪ
ڀيرو
چونڊون
ڪرائيندس ۽ ان
کان
پوءِ
ڪي
به چونڊون
نه
ڪرائيندس.“
ڀٽي
جو آخري
جملو
جمهوريت
ڏانهن سندس
ورتآءٌ هر
قيمت
تي اقتدار
۾
رهڻ
واري سندس
خواهش جو
شاندار اظهار
آهي.
بدقسمتيءَ
سان
اهي سموريون
ڳالهيون
سچ
ثابت
ٿيون. انهيءَ
دعوت
تي ڀٽي اشارو
ڏنو
ته
هو
ڪجهه عرصي
۾
چونڊون
ڪرائڻ وارو
آهي.
ان دعوت
تي
ڀٽي
کي
خود اعتماديءَ
جي
ستين آسمان
تي
تڪبر سان
ڏسندي،
شاهه
ايران جهڙن
ماڻهو کي اڇاترو
تبصرو
ٻڌندي
کهڙي صاحب
جي
ذهن تي
خيال
تري آيو
ته
جر تي
ڦوٽي
جهڙو
معاملو
ڪيترو عرصو
هلي
سگهي ٿو.
کهڙي صاحب
لاءِ
اهي سال
انتهائي
ڏکيا هئا.
حڪومت جي
ڏاڍاين
۽
انتقامن جو
تجربيڪار هئڻ
جي
باوجود ڀٽي دور
جا
مامرا هن
لاءِ
بلڪل نوان
تجربا هئا.
کيس
خبر
ئي نه
ٿي
پئي
ته ايندڙ
حملو
ڪٿان
ايندو. آيا
سندس
پٽ گرفتار
ٿيندو،
يا
سندس ڪو حمائتي
قتل
جي ڪيس ۾
ڦاسايو ويندو
يا
اڃان پاڻ
قتل
ٿي
ويندو. آيا
سندس
گهر تي
قبضو
ٿيندو
يا اهو
ڊاٿو
ويندو، آيا
فصل
کسيا
ويندا يا
زمين
جي ملڪيت
تي
سوال اٿاريا
ويندا يا
اڃان
کيس
مختلف
ڪيسن ۾
ڦاسايو ويندو.
جيڪڏهن معاملو
رڳو
سندس ذات
تائين محدود
هجي
ها جيئن 1957ع
تائين هو
تڏهن
به برداشت
جوڳو
هجي ها.
ان
جو مطلب
اختيار وڃائڻ
يا
سياست ۾ حصو
وٺڻ
کان
منع نامو
هجي
ها. مارشل
لا
مڙهجڻ کان پوءِ
هڪ
اڻڄاتل جو
هڪ
نئون پهلو
به
ان ۾ شامل
ٿيو.
مارشل لا
جو
مطلب شهري
زندگيءَ جي
جيوت
کي
ڏنگڻ
۽
ماڻهن کي سندن
آزاديءَ کان محروم
ڪرڻ
هو.
پاڪستان جي
نامياري قانوندان
اي
ڪي
بروهيءَ مارشل
لا
جي ”ان قانونن
جي“
طور اپٽار
ڪئي
هئي.
اهو برطانوي
بيٺڪيتي راڄ
کان
به
وڌيڪ خراب
طرز
حڪومت هو.
ان
(برطانوي
حڪومت) ۾ گهٽ
۾
گهٽ
حاڪمن جا
اصول
ته هليا
ٿي
۽
ماڻهو انهن
ضابطن کان واقف
هئا
جن تحت
هو
گهاري رهيا
هئا،
پر مارشل
لا
۾
چڱائي يا
فضيلت جو
ڪو
اولڙو به
نه
هو.
چيف
مارشل لا
ائڊمنسٽريٽر طور
يا
1973 ع
واري آئين
لاڳو
ٿيڻ
کان
پوءِ وزيراعظم
طور
ڀٽي
جي حڪومت
فاشسٽ ئي
سڏي
سگهجي ٿي. بنيادي
حقن
جي ضمانتن
جي
بنياد تي
سمورن سياستدانن
جي
سهمت سان
جوڙيل آئين
منظور
ٿيندي ئي
بنيادي حق
معطل
ڪندڙ
ترميمن جي
زينت
بڻيو. جمهوري
ردعمل کي محدود
ڪرڻ
واسطي اڃان
وڌيڪ
ترميمون متعارف
ڪرايون
ويون. رياست
دشمن
الزام تحت
ڪيس
هلائڻ لاءِ
مخالف ڌر جي
سڄي
قيادت جيلن
۾
وڌي
وئي. بلوچن
خلاف
بي رحم
۽
ڏاڍ
ڀري
فوجي
ڪاروائي
شروع ڪئي وئي.
ڀٽي
بلوچ
سردارن کي اهڙو
سبق
سيکارڻ ٿي چاهيو
جيڪو
هو
ڪڏهن به
نه
وسارين ها.
هو
سندن اوچي
ڳاٽن
کي
برداشت ڪرڻ وارو
نه
هو. هڪ
ڀيرو
هن
کهڙي
صاحب جي
موجودگيءَ ۾ بلوچ
سردارن خلاف
ٿي
ڳالهايو
جو
کهڙي
صاحب کيس پنهنجو
ورتآءٌ درست
ڪرڻ
لاءِ
چيو،
ڇاڪاڻ جو
بقول
سندس بلوچن
۽
ڀٽي
کي
پنهنجي
ٻارن ٻچن سميت
ساڳي
ملڪ ۾ ئي
رهڻو
هو ۽ نه
هو
سدائين لاءِ
اقتدار ۾ به
رهڻو
هو.
ماڻهن
جي
توهين مان
مزو
ماڻڻ واري
ڀٽي
جي
جبلت جو
هڪ
مثال سندس
اهو
دور به
آهي
جڏهن خان
آف
قلات بلوچستان
جو
گورنر هو.
ڀٽي
جو
فيلڪن جهاز
ڪوئيٽا
۾
لهڻ
وارو هو.
هوائي اڏي
تي
گورنر، وزير
۽
ٻيا
معتبر قطار
ڪري
سندس
آجيان لاءِ
بيٺا
هئا. آخري
لمحي
تي هن
پنهنجي ساٿين
کي
چيو،
”اهي
حرامي ڀل انتظار
ڪن“
۽
پائلٽ کي
ڪجهه دير
لاءِ
هيڏانهن هوڏانهن
ڦيرا
ڏيڻ
لاءِ
چيائين. پائلٽ
ڪوئيٽا
ايئرپورٽ کي لاڳيتو
ٻڌائيندو
رهيو
ته هو
لهڻ
وارو آهي
۽
آجيان
ڪندڙن جي
قطار
ٺهي
ٿي
بيٺي پر
جهاز
مٿي ئي
ڦيرا
ڏيندو
رهيو. ڪو هڪ
ڪلاڪ
کان
پوءِ
ئي ڀٽي جهاز
لاهڻ
جو فيصلو
ڪيو
۽
ان
دوران پوڙهي
مڙس
خان آف
قلات
کي
بيٺي پير
انتظار
ڪرڻو پيو.
ڀٽو نه
رڳو
فوجي آپريشن
ذريعي بلوچستان
۾
ڏهڪآءٌ
پکيڙي رهيو
هو
پر سنڌ
۾
به
دهشت وسيلي
راڄ
ڪري
رهيو هو.
سندس
مخالفن کي بي
رحميءَ سان
قتل
به ٿي ڪيو ويو.
پير
پاڳاري جي
ڇهن
حرن
خليفن کي دردناڪ
انداز ۾ قتل
ڪيو
ويو.
1972ع
۾
حڪومت جي
بد
انتظاميءَ
ڪراچيءَ ۾
ٻوليوار فساد
ڪرايا
جن
۾
اردو
ڳالهائيندڙن جي
آبادي حڪومت
خلاف
رستن تي
نڪري
آئي. اهي
وڳوڙي حقيقت
۾
رڳو
سنڌ جي
شهري
علائقن
ڪراچي ۽ حيدرآباد
تائين محدود
رهيا
۽
سنڌي آبادي
کي
وچڙائي نه
سگهيا. بهرحال
لاڙڪاڻي ۾ حڪومت
ان
کي
1947ع
کان
لاڙڪاڻي ۾
ٿانيڪو اردو
ڳالهائيندڙ
آبادي کي شهر
مان
لوڌي ڪڍڻ جو
بهانو بڻايو،
جن
ان چونڊن
۾
کهڙي
صاحب
۽
مسلم ليگ
کي
ووٽ
ڏنا
هئا.
لاڙڪاڻي
سان
تعلق رکندڙ
هڪ
صوبائي وزير
جي
گهر تي
سازش
سٽي وئي
۽
اردو
ڳالهائيندڙ
آباديءَ خلاف
وڳوڙ
ڪيا
ويا جيڪا
تن
ڏينهن
گهڻي
ڀاڱي واپار
جي
مالڪ هئي.
ان
معاملي ۾ وزير
لاڙڪاڻي جي
شيخ
برادريءَ کي اعتماد
۾
وٺي
ڏٽو
ڏنو
ته هو
انهن
دڪانن ۽ واپار
وڻج
تي قبضو
ڪن.
سنڌ
جي تاريخ
۾
اڻلڀ
مثال رکندڙ
ڪاروائي
دوران دڪاندارن
تي
حملن کي همٿايو
ويو
جنهن دوران
ڪي
ماڻهو اجل
جو
شڪار بڻيا.
جنهن
ڏينهن حملا
رٿيا ويا
هئا
صبح سوير
هڪ
وڏي پوليس
اٽالي
کهڙي صاحب
جي
گهر تي
ڪڙو
چاڙهيو. ٻن
ڏينهن تائين
ڪڙو
چڙهيل رهيو
۽
ايندڙ
ڏينهن شام
جو
اهو ختم
ٿيو.
پوليس جو
ڪڙو
ختم
ٿيندي
ئي
کهڙو صاحب
پنهنجي
ڳاڙهي جيپ
۾
هڪ
شاٽ گن
کنيل
پنهنجي
ڪجهه نوڪرن
سان
گڏ شهر
جي
وڳوڙي علائقن
۾
ويو.
هن پنهنجي
سرِ
وگوڙ جي
شڪار
علائقن ۽ بازارن
جو
جائزو
ورتو
۽
ماڻهن سان
همدرديءَ جو
اظهار
ڪيو. هو
ان
کان
سواءِ
ڪجهه به
نه
پئي ڪري سگهيو.
انهن
وڳوڙن جي
نتيجي ۾ گهڻي
ڀاڱي
ماڻهو لڏي
ويا.
کهڙي صاحب
جي
پنهنجي ذاتي
مڙسي
۽
مذهبي
اعتقاد
ئي هو
جنهن
کيس
ڀٽو
دور ۾ ٽٽڻ ۽ جهڪڻ
نه
ڏنو.
سندس سامهون
وچئين دور
جي
ڪنهن
بادشاهه جهڙو
ظالم، انتهائي
طاقتور ۽ شڪي
حاڪم
هو جيڪو
فرائڊ جي
دور
کان
پوءِ واري
عدم
تحفظ ۽ انتهائي
مونجهاري
ڀريل شخصيت
جو
مالڪ هو.
بدقسمتيءَ سان
کهڙن
کيس
لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي
انتهائي پسگردائيءَ
۾
ٿي
ڏٺو.
کهڙي
صاحب
کي
انتهائي صبر
۽
مٿس
انحصار
ڪندڙ ماڻهن
کي
ساهه
جي وٿي
ڏيارڻ
لاءِ
انتهائي عقلمنديءَ
جو
مظاهرو
ڪرڻو هو.
چاهيندي به
هو
ان
ڏکئي دور
۾
پنهنجو پاڻ
کي
معاملن کان پرڀرو
نه
پئي ڪري سگهيو.
ماڻهن کي
ڪوڙن
ڪيسن کان بچائڻو
هو.
سندن روزگار
محفوظ
ڪرڻو هو،
سندن
پوک محفوظ
ڪرڻي
هئي،
ڏاڍ
تي
ڀاڙيندڙ حڪومت
۽
پوليس کان سندن
تحفظ
کي
يقيني بنائڻو
هو.
ڀٽي
ڄاڻي
ٻجهي انصاف
۽
مقامي حڪومت
جي
روايتي سرشتن
کي
لوئيو، سماج
جي
روايتي اڳواڻن
کي
تباهه ۽ بيوس
ڪيو
۽
ڳوٺن
جو
انتظام پنهنجي
بدعنوان انتظاميا
۽
پوليس جي
حوالي
ڪيائين.
ڏوهارين لاءِ
ڪا
پناهه گاهون
آڇيندڙ معاشري
۾
سستو
۽
فوري انصاف
حاصل
ڪندڙ
ماڻهو هاڻ
پوليس جي
رحم
و ڪرم تي
هئا،
جن کين رشوت
نه
ڏئي
سگهندڙن کي جيلن
۾
ٿي
واڙيو ۽ رشوتون
ڏئي
سگهندڙن کي رعايتون
ٿي
ڏنيون.
ان
۾
معصوم ۽
ڏوهاري جي
ڪا
تفريق نه
هئي.
معتبرن جي
توهين ٿي ڪئي وئي
۽
معاشري جي
ڌڪاريلن
کي
مان
ٿي
مليو.
کهڙي صاحب
معاشري ۾ ايندڙ
انهن
اڻوڻندڙ تبديلين
کي
انتهائي بردباريءَ
سان
منهن ٿي
ڏنو. هن
انتهائي شديد
چڙ
ڏياريندڙ
حالتن ۾ به
پنهنجون ذميواريون
ايمانداريءَ سان
ٿي
نڀايون. آخرڪار
سندس
انهيءَ صبر
۽
تحمل
پنهنجو ڦل ڏنو جو
ڀٽي
طرفان لاڙڪاڻي
۽
سنڌ
۾
پنهنجا مقصد
پورا
ڪرڻ
لاءِ مقرر
ڪيل
عملدار به
ڍنگ
جو
مظاهرو ڪرڻ لڳا
ايستائين جو
ڊپٽي
ڪمشنر
کرل
۽
ايس
پي پنڃيل
به
کهڙي
صاحب کي سندس
خلاف
ٿي
سگهندڙ
ڪارواين کان اڳواٽ
واقف
ڪري
حفاظتي اپاءَ
وٺڻ
لاءِ چوڻ
لڳا.
جنوري
1977 ع
۾
اعلان ڪيو ويو
ته
عام چونڊون
مارچ
۾
ٿينديون.
ڀٽي
انتهائي هوشياري
سان
پنهنجو منصوبو
جوڙيو هو
۽
ڪنهن
وڏي
ڏکيائي
کانسواءِ
سندس کٽڻ جا
وڏا
امڪان هئا.
ان
۾
”بندي
جي من
۾
هڪڙي
ته رب
جي
من ۾ ٻي“ واري
ڳالهه
هئي.
مخالف جماعتون
گڏ
ٿي
ويون ۽ لاڙڪاڻي
۾
پ
پ سان
وڏي
للڪار بڻيون
پر
ڀٽي
جو صاف
شفاف
چونڊون
ڪرائڻ جو
ارادو نه
هو.
جماعت اسلامي
رسمي
طور تي
جان
محمد عباسي
کي
پنهنجو اميدوار
نامزد ڪيو پر
سندس
نامزدگيءَ وارا
ڪاغذ
وصول
ڪرڻ
لاءِ
ڊپٽي
ڪمشنر پنهنجي
آفيس
۾
ئي نه
هو.
ڊي
سي ٻين
ڪيترن ئي
اهم
ماڻهن سان
گڏ
وزيراعظم جي
رهائش گاهه
المرتضيٰ تي
اميدوار طور
ڀٽي
جي
بنان مقابلي
چونڊجي اچڻ
تي
کيس
گلن جا
هار
پارائڻ ۾ مصروف
هو.
عباسيءَ کي سندس
فيصلي تي
اغوا
ڪيو
ويو ۽ ڀٽو بنان
مقابلي اسيمبلي
ميمبر ٿي ويو.
پ
پ
جي
ڪاميابيءَ جو
اعلان
ٿيندي ئي
سڄي
ملڪ ۾ وڳوڙ
شروع
ٿي
ويو. نتيجي
طور
سڄي ملڪ
۾
هنگاما شروع
ٿي
ويا
جن ڀٽي کي به
حيران ڪري
ڇڏيو. هو
وڌ
کان
وڌ بي
واهر
نظر اچڻ
لڳو
۽
مخالف ڌر کي منهن
ڏيڻ
لاءِ
مختلف طريقا
آزمائڻ لڳو.
مارچ
۾
چونڊن کان پوءِ
جڏهن
کهڙو
صاحب لاڙڪاڻي
۾
هو،
ڀٽي
اڳواٽ اطلاع
کانسواءِ
ڪراچيءَ
سندس
گهر تي
اچي
ٺڪآءٌ
ڪيو.
کهڙي
صاحب جو
پٽ
شاهه زمان
۽
ڪٽنب
جا
ڪجهه
ڀاتي
منجهند جي
ماني
کائي
رهيا هئا
جو
ملازم اطلاع
ڏنو
ته
ڀٽو
صاحب آيو
آهي.
شاهه زمان
جنهن
اهو ٿي سمجهيو
ته
ڪو
ٻيو
ڀٽو
آيو هوندو،
ملازم کي چيائين
ته
مهمان کي
ڊرائنگ روم
۾
ويهاري ته
جيئن
هو ماني
کائي
ساڻس
ملي. ملازم
زور
ڏيندي
ٻڌايو
ته وزيراعظم
ڀٽو
آيو
آهي. ان
ڳالهه
کي
چرچو
ليکيندي شاهه
زمان
مانيءَ واري
ڪمري
کان
نڪتو
ته ذوالفقار
علي
ڀٽي
سان مکاميل
ٿيس،
جيڪو
پنهنجي سيڪريٽرين
۽
اي
ڊي
سين جي
هجوم
۾
سگار جا
سوٽا
هڻي رهيو
هو.
هن
کهڙي صاحب
جي
پٽ سان
هٿ
ملايو جنهن
پنهنجي والد
جي
غير موجودگيءَ
تي
معذرت
ڪندي کيس مانيءَ
جي
صلاح هنئي.
”نه نه“
ڀٽي
چيو
”آءٌ
ته بس
هتان
لنگهيس پئي
جو
سوچيم ته
اوهان سان
ملندو وڃان.
پنهنجي والد
کي
منهنجا سلام
ڏجو
۽
کيس
ڄاڻ
ڪجو
ته
آءٌ حاضري
ڀرڻ
آيو
هئس.“
اهو
هڪ
عجيب واقعو
هو.
ڇا
هو سرد
مهريءَ جي
ڀت
ڊاهڻ
آيو
هو؟ مخالف
ڌر
سان
نبيري لاءِ
پٺڀرائي
حاصل
ڪرڻ
يا اڃا
به
پل
ٺاهڻ آيو
هو؟
ان سوال
جو
جواب هٿ
نه
اچي سگهيو
ڇاڪاڻ
جو
هن
ٻيهر رابطو
نه
ڪيو.
سڄي
ملڪ
۾
مارچ کان وٺي
هنگامن زور
ورتو، جن
ڀٽي
کي
پاڪستان قومي
اتحاد سان
ڳالهيون
ڪرڻ
تي
مجبور ڪيو جيڪي
جولاءِ تائين
هلنديون رهيون.
4
۽ 5
جولاءِ
1977 ع واري
وچئين رات
فوج
بغاوت ڪئي ۽ جنرل
ضيآءٌ الحق
ملڪ
۾
چوٿين مارشل
لا
جو ائڊمنسٽريٽر
بڻجي
ويو.
جيتوڻيڪ
کهڙو
صاحب
جمهوريت جو
بي
روڪ
ٽوڪ
حمايتي هو
پر
هو به
ڀٽي
جي
برطرفيءَ تي
سک
جو ساهه
کڻڻ
کان
رهي
نه سگهيو.
پر
ڇا
آزمائش جا
ڏينهن
پورا
ٿي
چڪا هئا؟
يا
ايندڙ ٻن سالن
تائين ڀٽو نظربنديءَ
مان
نڪرندو، چونڊن
جي
تياري
ڪندو، هميشه
جيان
هر
ڪنهن تي
الر
ڪندو
۽
هر موقعو
ملڻ
تي
کهڙي صاحب
تي
جهُلون
ڪندو نظر
ايندو؟ پر
سگهو
ئي هو
نواب
محمد احمد
خان
قصوري جي
قتل
جي سازش
ڪرڻ
واري
الزام هيٺ
گرفتار ڪيو ويو.
ان
ڪيس
طول ته
جهليو پر
مارچ 1978 ع ۾ واضح
نظر
اچڻ لڳو
ته
ڀٽي
جا ڪي چڱا
ڏينهن
باقي
نه بچيا
آهن.
هو لاهور
هاءِ
ڪورٽ
۾
ڪيس
۽
سپريم
ڪورٽ ۾ اپيل
هارائي ويو.
هاڻي
حتمي فيصلو
مارشل لاائڊ
منسٽريٽر
جي
هٿ ۾ هو.
ملڪ
۾
تمام گهڻو
تآءٌ
۽
ٻڏ
تر واري
ڪيفيت
هئي.
لڳو ائين
ٿي
ته
ضيآءٌ الحق
انهيءَ اهم
فيصلي لاءِ
پنهنجي ساٿين
سان
مشورا ڪري رهيو
هو.
افواهه اهي
هئا
ته خود
ڀٽي
جي
بهترين دوستن
به
ساڻس ڪا رعايت
نه
ڪرڻ
جو مشورو
ڏنو.
کهڙي
صاحب
صورتحال تي
ويچاريو ۽ فيصلو
ڪيائين
ته
صدر ضيآءٌ
آڏو
صورتحال جو
درست
پهلو پيش
ڪرڻ
سندس
فرض هو
ته
جيئن ملڪ
جي
آئيندي لاءِ
مناسب ترين
فيصلو ٿي سگهي.
1 2
مارچ
1977 ع
تي
کهڙي
صاحب صدر
کي
خط
لکيو:
”پيارا جنرل
ضيَآءٌ الحق،
ڪجهه عرصي
کان
اوهان
ڏانهن قومي
اهميت
جي
هڪ مامري
تي
لکڻ جو
سوچيم پئي،
ڇاڪاڻ
جو
ذوالفقار علي
ڀٽي
واري
معاملي تي
ملڪي
صورتحال تي
پنهنجو نقطي
نظر
ظاهر ڪرڻ پنهنجو
فرض
ٿي
سمجهيم.
اوهان
ڀلي
ڀت
واقف
هوندا ته
منهنجو ڀٽي سان
ڪو
گهڻو
ٺاهه
نه هو.
جيتوڻيڪ منهنجي
ڪٽنب
جا
ڀٽي
ڪٽنب
سان سماجي
ناتا
آهن ۽ آءٌ
خاص
طور تي
سندس
والد مرحوم
سر
شاهنواز ڀٽي سان
ويجهي دوستي
رکندڙ هئس
پر
ذوالفقار علي
ڀٽي
جي
هوڙائي ۽ انتقام
پسندي اسان
جي
ناتن کي محدود
بڻائي
ڇڏيو آهي.
اوهان کي اهو
ياد
ڏيارڻ
جي ضرورت
نه
ٿو
محسوس
ڪريان ته
منهنجي
ڪٽنب سندس
هٿان
گهڻو
ڪجهه
ڀوڳيو آهي.
ايستائين جو
اڃان
تائين، اسين
اهڙن
ڪيترن
ئي معاملن
۽
مسئلن کي نبيري
نه
پيا سگهون
جيڪي
هن اسان
لاءِ
پئدا ڪيا آهن.
اوهان کي ياد
هوندو ته
هن
اقتدار ۾ ايندي
ئي
لاڙڪاڻي واري
منهنجي گهر
جي
چار ديواري
ڊاهڻ
جو
به حڪم
ڏنو
هو.
ان چوڻ
۾
ڪو
وڌآءٌ نه
ٿيندو
ته
هو منهنجي
ڪٽنب
کي
تباهه ڪرڻ لاءِ
هٿ
ڌوئي
پويان پيل
هو.
بهرحال
ان
جي باوجود
قوم
جي مجموعي
مفادن ۾، اسلامي
جمهوريه پاڪستان
جي
بانين مان
هڪ
۽
آزاديءَ لاءِ
جدوجهد جي
سرواڻن مان
هڪ
طور آءٌ
سمجهان ٿو ته
پاڪستان جي
هڪ
مستحڪم قوم
طور
بقا واسطي
اهم
معاملي تي
زبان
چورڻ منهنجو
فرض
آهي.
اوهان
کي
ياد
هوندو ته
ڀٽو
حڪومت جي
برطرفيءَ مهل
اها
ملڪ ۾ پنهنجي
حمايت وڃائي
چڪي
هئي. بدعنوانين،
چونڊن ۾ وڏي
پئماني تي
بدعنوانين، بدانتظامي،
مخالفن خلاف
سياسي انتقامي
ڪارواين
وغيره (ان حڪومت
جي
زيادتين جي
فهرست انتهائي
ڊگهي
آهي)
ان کي عوام
جي
نظرن ۾
ڪيرائي
ڇڏيو هو.
سندس
برطرفيءَ کان پوءِ
سندس
مخالفن ۾ پئدا
ٿيل
تاثر
هاڻ وقت
گذرڻ
سان گڏ
ماڻهن جي
ذهن
تان ميسارجڻ
لڳا
آهن ۽ ان
کان
به
وڌيڪ مٿس
هلندڙ
ڊگهي ڪيس دوران
سندس
حالت ماڻهن
۾
هن
لاءِ همدردي
پئدا
ڪرڻ
شروع ڪئي آهي.
اهو
سنڌ ۾ خاص
طور
تي پروڙي
سگهجي ٿو. سنڌ
جا
عام ماڻهو
ٻين
علائقن وارن
جيان
انهن شين
ڏانهن
ڪنهن
حد
تائين سادو
سودو
نقطي نظر
رکن
ٿا
۽
ڀٽي
جي ڪيس ۾ هو
سمجهن ٿا ته
هڪ
سنڌي اڳواڻ
کي
غير
سنڌي قوتن
بر
طرف
ڪيو، مٿس
ڪيس
هلايو ۽ کيس
ڦاسي ڏيڻ جا
به
امڪان آهن.
اهي
احساس اسان
جي
صوبي جي
شهرن
۽
ڳوٺن
۾
انتهائي سگهارا
آهن.
ان ڏس ۾ اهو
ذهن
نشين ڪرڻ انتهائي
اهم
آهي ته
ملڪ
جي عوام
خاص
طور تي
سنڌ
واسين آڏو
ڀٽي
جو
تصور
1958 ع ۾ پهرين
مارشل لا
لڳڻ
کان
وٺي قائم
آهي.
ان
دور
۾
جڏهن سياستدانن
سان
مجموعي طور
توهين آميز
ورتآءٌ رکيو
پئي
ويو، مٿن
طرح
طرح جا
الزام ٿي عائد
ڪيا
ويا،
اهو دور
جڏهن
ڪامورا
شاهي اعليٰ
ترين
هئي ۽ سياستدان
ڄڻ
ته
گار، ڀٽو تڏهن
به
صدر ايوب
جي
انتهائي ويجهو
هو
۽
ان ڪري سندس
برطرفيءَ کان پوءِ
به
سڌ سمآءٌ
جي
سرڪاري اداري
وسيلي سندس
شهرت
پکڙبي رهي.
انهيءَ کيس سنڌ
۽
پنجاب مان
1970 ع
واريون چونڊون
کٽڻ
۾
مدد
ڏني
۽
1971ع
واري گهوٽالي
دوران هو
ماڻهن آڏو
واحد
ڄاتل
سڃاتل
سياستدان
طور سامهون
رهيو. اوهان
کي
ته
چڱيءَ ريت
ڄاڻ هوندي
ته
اڳتي هلي
سڌ
سمآءٌ جي
ادارن کيس ترقي
چاهيندڙ اڳواڻ
طور
پيش ڪرڻ لاءِ
ڪيتري
پتوڙ
ڪئي.
اهو چوڻ
درست
ٿيندو
ته ڀٽو حڪومت
ڪيترائي
سڌارا متعارف
ڪرڻ
۽
ڪي
نا
انصافيون ختم
ڪرڻ
جي
ڪوشش
ڪئي
جيڪي معاشري
جي
عام ماڻهن
جي
ذهنن ۾ مثبت
انداز ۾ گهر
ڪري
ويل
آهن ۽ جيڪا
کيس
بلاشڪ قومي
منظر
۾
مقام
ڏياريندي.
مون
گذريل ويهن
سالن
دوران ڀٽي جي
عوامي ۽ سياسي
جيوت
۾
موجودگي ۽ سندس
مقبوليت جي
سببن
کي
مختصر طور
تي
بيان ڪرڻ جي
ڪوشش
ڪئي
آهي.
اقتدار کان سندس
برطرفيءَ وارن
هاڻوڪن ٻن سالن
سندس
حڪومت جي
ڪيل
خرابين کي وسارڻ
۽
سندس
پاليسيءَ جي
هڪ
مثبت پهلوئن
کي
ياد
رکڻ جو
ڪم
سرانجام ڏنو آهي.
جيڪڏهن ڀٽي کي موت
جي
انتهائي سزا
ڏني
ويندي ته
ماڻهو کيس شهادت
جو
تاج پهرائيندا.
پنهنجي حياتيءَ
جي
قيمت ڏيڻ تي
سندس
سمورا گناهه
ڌوپجي
ويندا. تاريخ
ڄاڻائي
ٿي
ته
شهادت معاشري
کي
ٽوڙي
ڦوڙي
ڇڏيو
آهي،
انقلاب آيا
آهن
۽
بد انتظامي
پکڙي
آهي. آءٌ
ڀٽو
ڪيس
جي
تاريخي پهلوئن
تي
واعظ نه
ٿو
ڪريان
پر
ان جي
اسان
جي ملڪ
تي
پئجي سگهندڙ
امڪاني اثرن
جو
ذڪر ٿو
ڪريان. سندس
موت
سنڌ واسين
۽
ٿي
سگهي
ٿو
ته پنجاب
۽
ٻين
علائقن جي
به
ماڻهن جي
ذهنن
تي اُگرا
اثر
ڇڏيندو.
اهو امڪاني
طبقاتي تڪرار
جو
سبب بڻبو.
اسين
ڄاڻون
ٿا
ته طبقاتي
ٽڪرآءٌ
جا
داعي
(ڪميونسٽ) اڳيئي
ڀٽي
جو
نالو استعمال
ڪري
رهيا
آهن.
هن
خطي
۾
هاڻوڪيون عالمي
حالتون
ٻرندڙ تي
تيل
وجهڻ جو
ڪم
ڪري
سگهن
ٿيون.
پاڪستان جو
خود
وجود ئي
خطري
۾
پئجي سگهجي
ٿو .
ڀٽي جو
موت
گهٽ ۾ گهٽ
به
اڪثريتي صوبي
خلاف
ڌڪار
پئدا ڪري سگهي
ٿو
جنهن
جا نتيجا
اڄ
يا سڀاڻي
اسان
سڀني کي قبولڻا
پوندا. آءٌ
اهو
نڪتو به
اٿارڻ چاهيان
ٿو
ته
اسان جي
ملڪ
جي سياست
۽
فوجي
بغاوتون پڻ
ڪيترن
ئي
ملڪن جي
ابتڙ
رتوڇاڻ کان پاڪ
رهيون آهن.
جيتوڻيڪ ڀٽي کي ملڪي
قانون تحت
عام
عدالت سزا
ڏيندي
پر
ان عمل
کي
وسيع
طور تي
هڪ
سياسي فيصلو
ئي
ليکيو ويندو.
اهو
هيل تائين
اوهان جي
حڪومت کي ڪيل
ڪيترن ئي
پرڏيهي اپيلن
مان
ئي ظاهر
ٿيل
آهي.
ملڪ جي
گهڻگهري ۽ ايماندار
ڪارڪن
۽
ڊگهي
عرصي
کان
سنڌ ۽ پاڪستان
واسين جو
اعتماد رکندڙ
طور
آءٌ تحمل
۽ رحم
جو
مشورو
ڏيندس. شل
ڌڻي
اوهان کي هن
ملڪ
۽
ان جي
ماڻهن جي
ڀلائيءَ
لاءِ
درست قدم
کڻڻ
جي
ڏاهپ
ڏي.
انتهائي
تبرڪات سان
اوهان جو
محمد
ايوب
کهڙو
اهو
کهڙي
صاحب
جي اڻ
ڌرئي
۽
انتهائي دانشمند
هئڻ
جو ثبوت
ڏيندڙ
خط
هو، جنهن
۾
هُن
انتهائي
ڳنڀير ۽ جذباتي
صورتحال ۾ به
اعتدال ۽ عقل
کي
هٿان
نه وڃايو
آهي.
کهڙي صاحب
کي
صدر
وٽان سڌو
سنئون جواب
ته
نه مليو
پر
کين
سنڌ جي
گورنر جنرل
عباسيءَ سان
ملاقات ڪرڻ لاءِ
چيو
ويو هو،
جنهن
اشارو ڏنو ته
ڀٽي
کي
ڦاسي
ڏيڻ
جو
فيصلو ٿي چڪو
هو
پر کيس ڀٽي جي
لاش
کي
ڇا
ڪرڻ
لاءِ مشورو
وٺڻ
واسطي چيو
ويو
هو. سندس
لاش
ڪنهن
اڻڄاتل هنڌ
تي
پورڻ يا
سمنڊ
جي حوالي
ڪرڻ
تي
به ويچاريو
ويو
هو.
کهڙو صاحب
پنهنجي ورنديءَ
۾
بلڪل
واضح هو.
هن
چيو ته
لاش
وارثن جي
حوالي ڪيو وڃي.
هن
پير صبغت
الله
شاهه راشدي
پير
پاڳاري جو
مثال
ڏنو
جنهن جو
لاش
انگريزن نه
ڏنو
۽
ڪيتري
ئي
عرصي تائين
سندس
مريد کيس جيئرو
سمجهندا رهيا
جيتوڻيڪ هُن
شهادت جو
رتبو
ماڻي
ڇڏيو هو.
ڀٽي
کي
4
اپريل
1979ع
تي
ڦاسي
ڏني
وئي ۽ سندس
لاش
وارثن جي
حوالي ڪيو ويو.
ڀٽي
جي
پٽن جي
پرڏيهه ۾ هئڻ
ڪري
کهڙو
ڪٽنب
جي
پرئي مڙس
پير
بخش ڀٽو سان
عذر
خواهي ڪرڻ ويو.
حڪومت
ڀٽي
جي
ڦاسيءَ
جي نتيجي
۾
پئدا
ٿيندڙ
ڪنهن
وڳوڙ کي منهن
ڏيڻ
لاءِ
حفاظتي اپآءٌ
ورتا، پر
دراصل
ڪٿان به
امن
امان جو
ڪو
مسئلو نه
پئدا
ٿيو.
ملڪ ۾ حيرانگي
ڀريل
سانت
ڇانئجي
وئي هئي.
ڀٽي
کي
ڦاسي
ڏيڻ
جي
صورت ۾ پئدا
ٿيندڙ
ملڪي
صورتحال
بابت
کهڙي
صاحب جي
ڪٿ
تقريباً درست
ثابت
ٿيڻ
واري هئي.
باب
پنجويهون
سانت
ڀري
موڪلاڻي
ا- الله جي
نالي
سان، جيڪو
انتهائي
ٻاجهارو ۽ رحم
وارو
آهي.
1 - تنهنجو
سينو
تو لاءِ
ڪشادو
نه
ڪيو
اٿئون ڇا؟
2 - ۽ تنهنجو
بار،
تو
تان
لاٿوسون.
3 - جنهن
تنهنجي پٺيءَ
کي، ڳرو ڪيو هو.
4 - ۽ تنهنجي
ساراهه تو
لاءِ
مٿانهين ڪئي سون.
5 - ڇو ته
بيشڪ
اهنج سان
گڏ
سهنج آهي.
6 - بيشڪ
اهنج
سان گڏ
سهنج
آهي.
7 - تنهن
ڪري
جڏهن
واندو
ٿئين ته
عبادت لاءِ
کڙو
ٿيءُ.
8 - ۽ خاص
پنهنجي پالڻهار،
ڏانهن
دل
لڳاءِ
(سوره
الم نشرح)
کهڙي صاحب
جي
حياتيءَ جا
پوڻا
ٽي
سال انتهائي
پر
سڪون گذريا.
هميشه جيان
هن
پنهنجو وقت
لاڙڪاڻي،
ٻنين ۽
ڪراچيءَ ۾ ورهايو.
سندس
اهو معمول
ڀيانڪ
ترين
ڏينهن
۾
به جاري
رهيو
هو. هن
پنهنجو عوامي
ڪم
جاري
رکندي ماڻهن
سان
ملاقاتون ٿي
ڪيون ۽ ملڪ
تي
اثر انداز
ٿيندڙ حڪومتي
قدمن
يا آرڊيننس
جو
نوٽيس ٿي ورتو.
اهم
مامرن تي
اخباري بيان
ٿي
جاري
ڪيائين
يا انهن
بابت
صدر کي خط
ٿي
لکيائين. صدر
ضيآءٌ الحق
سدائين معتدل
۽
ٻين
کان
مختلف رهيو.
هن
کهڙي
صاحب کان محتسب
جي
مقرري جهڙن
ڪيترن
ئي
مسئلن تي
صلاح
گهري.
کهڙي صاحب
کيس
ورندي ڏني ته
جيڪڏهن عام
چونڊون ٿين ۽ جمهوري
وهنوار هلندڙ
هجي
ته پوءِ
محتسب جي
ڪا
ضرورت نه
ٿي
رهي،
ڇاڪاڻ
جو چونڊيل
عيوضي ئي
ڏاڍاين
۽
نا
انصافين روڪڻ
لاءِ
پتوڙيندا. عملي
طور
تي سخت
مسلمان هئڻ
جي
باوجود
کهڙي صاحب
ضيآءٌ حڪومت
طرفان شروع
ڪيل
اسلامائيزيشن ۽ مُلن
کي
همٿائڻ واري
عمل
کي
پسند نه
ٿي
ڪيو.
هن
ضيآءٌ کي لکيل
هڪ
خط ۾ تاريخي
سبب
ڄاڻائيندي
عُشر لاڳو
ڪرڻ
جي
مخالفت
ڪئي. هن
محصول
۽
ٽئڪس واري
سرشتي کي سيڪيولر
برقرار رکندي
حمايت ٿي
ڪئي.
کهڙي صاحب
ان
عرصي دوران
هڪ
جهوني اڳواڻ
واري
پنهنجي حيثيت
تي
سرهائي ٿي محسوس
ڪئي.
هن
پنهنجي
ڪيريئر جو
انتهائي معروضي
تجزيو ڪيو ۽ صحافين
۽
محققن کي انتهائي
متوازن انٽرويو
ڏنائين.
هن
آفيسرن ۾ پيل
ڪمن
يا
نوڪرين وغيره
لاءِ
مدد واسطي
وٽس
ايندڙ جي
واهر
ڪرڻ
جو سلسلو
آخر
تائين جاري
رکيو. سندس
ٻارن
طرفان ملڪ
۾
پيش
آيل
ڪيترين ئي
اڻ
سهائيندڙ
ڳالهين جي
نشاندهيءَ جي
باوجود پاڪستان
۽
آزاديءَ لاءِ
جدوجهد ۾ سندس
ويساهه برقرار
رهيو.
ڪڏهن
ڪڏهن پراڻا
دوست
وٽس ڪهي ايندا
هئا.
هڪ
ڀيرو پنهنجي
ڳوٺ
سن
۾
نظربنديءَ مان
هڪ
خاص اجازت
تحت
ڪراچي
آيل جي
ايم
سيد ساڻس
ملڻ
آيو.
کهڙي صاحب
راشديءَ کي به
ساڻس
گڏجي ويهڻ
لاءِ
گهرايو. اها
هڪ
يادگار صبح
هئي،
جڏهن سيد
۽
راشدي، پراڻي
دور،
جناح ۽ بمبئي
۾
ورڪنگ
ڪميٽيءَ جي
گڏجاڻين ۽ ايستائين
جو
سنڌ جي
انهن
ٻن
جهونن ۽ اهم
سياستدانن تي
راشديءَ جي
اثر
تي
ڳالهائيندي نه
ٿي
ٿڪيا.
ٻه
ڀيرا اڳيئي
حج
ڪيل
کهڙو
صاحب
ٻيهر حج
ڪرڻ
جو
ويچارڻ لڳو.
پنهنجي آتم
ڪهاڻيءَ
۾
شامل
ڪرڻ
لاءِ هن
پنهنجي
ڌيءُ سان
پنهنجي حياتيءَ
جون
ساروڻيون ونڊيون.
کيس
وڏو
اشتياق
هو
ته اها
سندس
حياتيءَ ۾ ئي
مڪمل
ٿئي.
هو 0 2
آڪٽوبر
1980 ع تي
عيدالاضحيٰ جي
شام
پنهنجي
ڪٽنب جي
ڀاتين
جي
موجودگيءَ ۾ هن
دنيا
مان لاڏاڻو
ڪري
ويو.
لاڙڪاڻي
ڏانهن
سندس
لاش کڻي ويندڙ
ايمبولنس جي
گهر
گهر تي
ڳوٺاڻن
جا
هشام رستي
تي
اچي گڏ
ٿيا
هئا،
جن سنڌ
سان
پيار
ڪندڙ ۽ ان
لاءِ
پنهنجي حياتي
ارپيندڙ
کهڙي صاحب
کي
پنهنجي محبوب
سنڌ
جي شهرن
۽
ڳوٺن
مان
آخري
ڀيرو لنگهندي
ٿي
ڏٺو،
کيس
ڳوٺ
عاقل
۾
سندس اباڻي
قبرستان ۾ دفن
ڪيو
ويو.
بيگم
ڀٽو کهڙي صاحب
۽ سندس زال کي پنهنجو بهترين دوست ليکيندي هئي. هن تلخ لهجي ۾ ذوالفقار
علي ڀٽو جي ايراني
خاتون
سان
ٻي شادي
ڪرڻ جي شڪايت به ڪئي هئي. ۽ بعد ۾ ڪيترائي
ڀيرا
نصرت
ڀٽو کي ڪراچيءَ ۽ لاڙڪاڻي
کهڙي صاحب
جي گهر وٺي آئي. بعد ۾ هن سر شاهنواز
جي وفات
کان
پوءِ ذوالفقار
جي ساڻس
خراب
ورتاءُ جي پڻ شڪايت
ڪئي هئي ۽ چيو هئائين
ته جيڪڏهن هو کيس گهران
ڪڍي ڇڏيندو
ته هوءَ وٽن اچي
رهندي. لڳو ائين ٿي ته هو مٿس پنهنجا
سونا
زيور کيس ڏيڻ لاءِ زور ڀري رهيو هو ته جيئن اهي
پنهنجي ڌيئرن کي ڏئي سگهي. گفتگو ۽ اچ
وڃ
جي ليکڪا
پاڻ
مشاهد آهي.
تن
ڏينهن
۾
اهو تبصرو
ته ”هاڻ
ڀل مسخرو
وهنوار
هلائي“
ڀٽي
کي
اقتدار
۾ آڻيندڙ
ٻن
فوجن
جنرل گل
حسن
۽
ايئر مارشل
رحيم خان
جي حوالي
سان
ٻڌو ٿي ويو.
اهو
جملو منجهائن
ئي
ڪنهن هڪ
چيو
هو.
جڏهن
کهڙو صاحب
سنڌ جو وڏو وزير هو ته ملڪ ۾ شراب
بنديءَ بابت
قائداعظم
جو موقف ڄاڻڻ ويو هو پر قائد
کيس اهڙو
ڪوبه قدم نه کڻڻ لاءِ
چيو هو. هن واضح ڪيو هو ته ان
مان
نه رڳو محصولن
۾ گهٽتائي ايندي
پر شراب
جي استعمال
۾ گهٽتائي اچڻ
بدران
پابندي
ان
کي وڌيڪ وسيع بنائيندي ۽ ان
سان
اسمگلنگ
۽ ٻين ڏوهن ۾ اضافي
جا
به امڪان
وڌندا. آمريڪا
۾ شراب
بنديءَ واري
تجربي جو به اهو ئي سبق آهي.
|