سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: محمد ايوب کهڙو

باب-6

صفحو :6

باب ڇهون

سنڌ جي خود مختياري

0 3 9 1 ع جي سرءُ ۾ بمبئي جي مشهور قانوندان ۽ ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جي اهم اگواڻن مان هڪ محمد علي جناح پير پاڳاري خلاف جوڙيل ”همراهه ڪٽهڙي ۾“ واري بدنام ڪيس ۾ بچاءُ جي وڪيل طور پيش ٿيڻ واسطي سکر آيل هو. پير کي سندس ويجهن صلاحڪارن ۽ مريدن صلاح ڏني هئي ته هو کهڙي جي حمايت ۽ همدردي حاصل ڪري ڇاڪاڻ ته، هو نه رڳو سينئر اسيمبلي ميمبر پر بيٺڪي انتظاميا جي خواهشن جي خلاف سورهيائپ ڀريو موقف اختيار ڪرڻ جي همت رکندڙ پڻ هو. پير  پنهنجي خاص خليفي محبت فقير کي پنهنجي مريدن ۽ نوڪرن ڏانهن لکت ۾ اها هدايت ڏني ۽ کهڙي صاحب سان گڏجڻ واسطي لاڙڪاڻي اماڻيو ته کهڙي کي پير جي بچاءُ جي سار سنڀال لهڻ جون سموريون ذميواريون سونپيون وڃن. کهڙي صاحب پير جي ڳالهه تي راضپو ڏيکاريو ۽ ڪيس جي شروعات مهل سکر جيل آڻڻ تي ساڻس ملاقات ڪرڻ پڻ ويو. پير صاحب کيس التجا ڪئي ته هو جناح صاحب سان ملي جيڪو ان وقت سکر جي سرڪٽ هائوس، (جيڪو ٽڪريءَ تي واقع هو) ۾ رهائش پذير هو.

کهڙي جي جناح سان اها پهرين ملاقات هئي، جيتوڻيڪ هو هندستان جي مسلمانن جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ اعتدال پسند مسلمان اڳواڻ ۽ نامياري قانوندان طور جناح جي ناماچاريءَ کان واقف هو. کهڙي صاحب جي چوڻ مطابق ”جناح صاحب گهڻو تڻو وقت ڪيس دوران سياست تي ڳالهائيندو رهيو.“ کهڙو صاحب ڪجهه ڏينهن تائين سکر ۾ رهيو ۽ پير پاڳاري جي ڪيس جي شنوائين تي لاڳيتو ويندو رهيو. هن ۽ جناح سان ملاقات لاءِ ڪراچيءَ مان ڪهي آيل عبدالله هارون جناح کي مانجهاندي جي دعوت ڏني ته جيئن ناميارا مسلمان پڻ ساڻس ملاقات ڪري سگهن ۽ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ وارو ڪيس سندس آڏو رکي سگهجي. جناح دعوت قبولي ۽ آچر ڏينهن خيرپور جي هز هائينس مير جي سکر واري رهائشگاهه تي ان جو اهتمام ڪيو ويو.

”مون ڪجهه اهم شهرين سان گڏ منهنجي اخبار ”سنڌ زميندار“ جي ايڊيٽر علي محمد راشدي، خان بهادر پير بخش منشي، ريٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر، عبدالحامد خان پراڻي سکر وارو، سيد معصوم شاهه جي پونئيرن مان سيد ڪرم علي شاهه ۽ بيرسٽر عبدالرحمان کي دعوت ڏني. اسان سکر جي اڌ درجن کن واپارين کي پڻ دعوت ڏني، جيتوڻيڪ مهمانن جو ڪُل تعداد ويهارو کن مس هو.“ ان ڪاڄ بابت کهڙو صاحب پنهنجي ساروڻين ۾ ڄاڻائي ٿو:

”هارون ۽ کهڙي سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري مامري تي ڳالهايو، ۽ انگريزن طرفان آئيني سڌارن جي ايندڙ قسط ماڻڻ لاءِ سنڌ واسطي ان جي ضرورت کان آگاهه ڪيائون. جناح کي ان معاملي ۾ ذاتي دلچسپي وٺڻ جي درخواست ڪئي وئي ۽ هن ڄاڻايو ته هو اهو مقصد پنهنجي سر کڻڻ لاءِ تيار آهي. هو مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان ان مطالبي لاءِ پنهنجي حمايت جو اڳيئي اعلان ڪري چڪو هو. هن اهو معاملو موقعو ملڻ تي اٿارڻ لاءِ هام ڀري. مانجهاندي تي جناح صاحب آئيني سڌارن تي ۽ مسلم اقليت جي هندستان ۾ تحفظ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ڪلڪتي واري ڪُل جماعتي ڪانفرنس جو حوالو ڏنو جتي هن مسلمانن جي مسئلن کي سمجهائڻ لاءِ دليل پيش ڪيا. رپورٽ جي ليکڪن تي پڻ مسلم نمائندگي ۽ ”تحفظن“ لاءِ گهرون شامل ڪرڻ تي زور ڏنو. هن هندو انتها پسندن جي سخت گير هئڻ جي اپٽار ڪندي ڪانگريس سميت هندو قيادت جي تنگ نظري ۽ وسيع القلب نه هئڻ تي ڇوهه ڇنڊيا. هُن مصر جي زغلول پاشا جو حوالو ڏنو جنهن سندس بقول، پنهنجي ملڪ ۾ ڪل آبادي جي اٺ سيڪڙو واري قبطي اقليت کي ڪورو ڪاڳر ڏنو ۽ کين پنهنجي مرضيءَ جا تحفظ يا حالتون درج ڪرڻ لاءِ چيائين ۽ واعدو ڪيائين ته اڪثريت کان گهر ٿيندڙ اهي سمورا مطالبا مڃيا ويندا. ڪشاده دليءَ جي انهيءَ مظاهري قبطي برادريءَ جون دليون کٽي ورتيون ۽ هو برطانوي سامراج خلاف هلندڙ قوم پرست تحريڪ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيا. جناح جي تقرير سندس ٻڌندڙن کي موهي وڌو. سنڌ جي اڳواڻن سان سندس اهو تعارف ايندڙ ڏينهن ۾ هن کي ڪم آيو. 0 3 9 1ع  واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ انهن ئي اڳواڻن جي پٺڀرائي سان سنڌ ۾ مسلم ليگ جو پايو وڌو.

دراصل فرقيوار ڏڦير ۽ سنڌ جي روايتي بين المذهبي سهپ جي ڌاري به پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ واري هندو انتها پسندن جي هوڏ، کهڙي صاحب سميت مسلم قيادت کي نيون راهون ڏسڻ تي مجبور ڪيو. هو ان سان سهمت هئا ته صورتحال جو واحد حل سگهاري ۽ وڏي تعداد ۾ هندو ڪامورا شاهيءَ کي ٻنجو ڏيڻ آهي، جيڪا مسلمان اڪثريت لاءِ فائديمند، هر ان اپاءُ جي راهه ۾ رنڊڪ وجهڻ لاءِ اڳي کان اڳري هئي.  ان جو حل سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي هو. بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ ته هندو اڪثريت هئي پر خود مختيار سنڌ صوبي ۾ 5 7  سيڪڙو مسلم آباديءَ جي صورت ۾ هندو انتها پسند بي اختيار بڻجي وڃن ها. انهن حالتن عليحدگيءَ واري پراڻي گُهر ۾ نئون روح ڦوڪيو ۽ ان مامري تي آواز اٿارڻ لاءِ نئين ۽ همت ڀري قيادت پڻ نروار ٿي.

سنڌ پنهنجي ڊگهي تاريخ دوران گهڻي ڀاڱي آزاد پئي رهي آهي ايستائين جو وڏين سلطنتن جو حصو هجڻ مهل به ان ۾ سدائين پنهنجو گورنر ۽ علائقائي خودمختياري پئي رهي آهي. ان جا حاڪم پوءِ هو آزاد هجن يا وڏين سلطنتن جا ايجنٽ، ٻنهي صورتن ۾ مقامي حوالي سان راڄ پئي ڪندا آيا آهن. 3 4 8 1 ع ۾ انگريزن جي فتح کان پوءِ ڪجهه سالن تائين سنڌ سر چارلس نيپئر جي گورنر شپ دوران برطانوي سلطنت جو هڪ ڌار صوبو رهي ۽ 7 4 8 1 ع ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ جي حصي طور ڪمشنري هيٺ ڏيڻ سان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي آزادي وڃائي ويٺي. هاڻ نئين طور تي متعين ٿيل سنڌ جي ڪمشنر کي سوين ميل پري پريزيڊنسيءَ جي راڄڌانيءَ مان مليل اختيارن سان ليس ڪيو ويو. سنڌ هاڻ سمورن حوالن سان ڪمشنر ۽ سندس عملدارن جي رحم و ڪرم تي هئي. 8 6 8 1 ع واري سنڌ ايڪٽ ڪمشنر کي ڪائونسل جي گورنر جا ڪيترائي اختيار ڏنا ۽ ان کيس عملي طور تي آزاد حاڪم بڻائي ٿي ڇڏيو.

بمبئي جهڙي ڏورانهين راڄڌاني سبب سنڌ تي ڪمشنر ذريعي آپيشاهاڻو راڄ اڻٽر ڳالهه هئي. ان ريت سنڌ عملدارن لاءِ جنت بڻجي وئي. هت انهن آڳاٽي دورن جي شهزادن جيان راڄ ٿي ڪيو. ان جي ڪنهن به اعليٰ اختياري يا سندن قدمن تي ڪنهن سوال اٿارڻ جو خدشو نه هو ۽ ايستائين جو ڪي به معاملا پئدا ٿيڻ جي صورت ۾ ”گورنر واري ڪائونسل“ پڻ مقامي آفيسرن جي صلاح تي دارومدار رکندي هئي. بمبئي جو گورنر گهڻي ڀاڱي سالياني شڪار واري مند ۾ سنڌ جو دورو ڪندو هو ۽ سنڌوءَ تي ڦيروئي سندس عملي نظرداري بڻبو هو. بمبئي سرڪار جا اعليٰ اهلڪار سياري ۾ ڪو پندرهن کن ڏينهن لاءِ سنڌ ايندا هئا جن کي شڪار ڪرائي ۽ دعوتون کارائي خدمت چاڪري ڪئي ويندي هئي ۽ صوبي جي مسئلن کان اڳي وانگر لاتعلق ۽ اڻ واقف ٿي بمبئي موٽي ويندا هئا. ان ريت پنهنجي فتح کان پوءِ سٺ سال کن سنڌ ڪامورن جي تسلط ۾ پوريءَ طرح دٻيل رهي. آفيسرن طرفان پنهنجي شان ۾ اضافي طور سنڌ کي انعام يا مراعت ۾ ليکڻ جي حقيقت ان ڳالهه مان پڻ ظاهر ٿئي ٿي ته خاص طور تي اتر اولهه هندي صوبي جي ڌار انتظاميا بڻجڻ کان پوءِ جڏهن سرحد صوبو وجود ۾ آيو تڏهن سنڌ کي پنجاب سان ملائڻ لاءِ تمام سنجيدگيءَ سان ڪوششون ڪيون ويون.

7 4 8 1 ع کان 8 0 9 1 ع تائين جڏهن هندستان ۾ مورلي -منٽو آئيني سڌارا متعارف ڪرايا ويا ته به سنڌ مڪمل ڪامورڪي راڄ هيٺ هئي. هندستان ۾ حڪومت تي نمائندگيءَ جي اصول لاڳو ٿيڻ سان ئي ڪجهه ساهي حاصل ٿي. اها ئي هڪ واهه هئي جنهن جي مدد سان سنڌين پنهنجا عيوضي موڪلي، سرڪاري ايوان ۾ پنهنجو ڪيس پيش ڪري ٻين ديس واسين کان همدردي حاصل ڪري سگهي. ڪنهن حد تائين عوامي قيادت جي سامهون اچڻ جنهن جي ويهين صديءَ جي شروعات کان 4 2 9 1 ع ۾ پنهنجي موت تائين رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سرواڻي ٿي ڪئي، هڪ عليحده سنڌ جي گُهر سامهون آئي. 1913ع ۾ اها گُهر سياري واري مند دوران ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل آل انڊيا ڪانگريس جي سالياني اجلاس ۾ پڻ ڪئي وئي.

نامياري هندو ڪانگريسي ۽ ڀرڳڙيءَ جي گهاٽي سنگتي هرچند راءِ وشنداس عليحدگيءَ لاءِ پنهنجي ڳالهه ڪجهه هيئن رکي ”صوبي وٽ ڪيترائي اهڙا جاگرافيائي ۽ انساني گروهن جا اهڃاڻ آهن جيڪي ان کي پاڻ ڀرو علائقائي يونٽ بڻجڻ جو اهل ٿا بڻائين.“

سنڌ جي سياسي گروپن طرفان هندستان لاءِ سيڪريٽري سر ايڊون مانٽيگيو آڏو سندس 7 1 9 1 ع دوران حقيقتون لهڻ واري دوري وقت ڪيس رکيو ويو. هن ڀرڳڙي گروپ سان گڏ 5 8 8 1 ع کان ٿڌائپ سان مسلمانن جو نقطي نظر پيش ڪندڙ سنڌ جي محمدن ايسوسيئيشن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. 1919 ع وارن آئيني سڌارن ۾ سنڌ جي خود مختياريءَ کي شامل نه ڪيو ويو، جيتوڻيڪ اهو مسئلو مانٽيگيو جي ڌيان تي پڻ آندو ويو، جنهن پنهنجي هندستان واري دوري بابت ڇپيل ڊائريءَ ۾ ڄاڻايو آهي:

”بحث مباحثي اوڏي مهل دلچسپ صورتحال اختيار ڪئي، جڏهن اسين سنڌ جي علحدگيءَ واري سوال سان منهن مقابل ٿياسين. سنڌ صوبائي ڪانفرنس جيڪا ڪانگريس - مسلم ليگ جوڙيل رٿ سان آئي هئي. هڪ خاص صوبي جي تشڪيل کي تعطل وجهندڙ سنڌ ڪمشنريءَ کي ختم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. هنن خرچ پکي سبب ان مهل هڪ خاص صوبو نه ٿي چاهيو. سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جلد کان جلد سنڌ جي عليحدگيءَ ۽ اهو بيشڪ سچ آهي ته بمبئي طرفان سنڌ کي ملندڙ  فنڊن کان وڌيڪ سنڌ بمبئي کي ڏئي ٿي.“

پهرين مهاڀاري لڙائي کان اڳ واري دور ۾ عليحدگيءَ لاءِ جدوجهد انتهائي گهٽ هئي. 4 2 9 1 ع ۾ غلام محمد ڀرڳڙي پنهنجي سياسي عروج وارن ڏينهن ۾ چاليهن سالن جي ڄمار ۾ وقت کان اڳي گذاري ويو. سندس مرتئي سان عليحدگيءَ واري مقصد تي هندن ۽ مسلمان اڳواڻن ۾ سهڪار جي عملي پڄاڻي ٿي.1920ع واري ڏهاڪي دوران فرقيوار ڇڪتاڻ جي عروج هندو اڳواڻن کي هڪ پاسي ڌڪي عليحدگيءَ واري جدوجهد کان ڇني ڌار ڪيو. هاڻ هو عام ماڻهن کي لاڀ رسائيندڙ جمهوري وهنوار لاءِ بهتر انتظاميا جي ڏس ۾ ڪو عوام دوست موقف اختيار ڪرڻ بدران رڳو فرقيوار بنيادن تي سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ لڳا هئا. هندو قيادت جنهن ۾ ڀرڳڙيءَ جو جهونو ساٿي هرچند راءِ وشنداس پڻ شامل هو، ان بنياد تي سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي مخالفت ڪري رهي هئي ته بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ هندو وڏي اڪثريت ۾ آهن جڏهن ته ڌار ڪيل سنڌ ۾ هو انتهائي قليل اقليت ٿي پوندا. ان دور کان هندو قيادت جي مخالفت تلخ ۽ اڻ روڪ ٿي وئي.

سنڌ جي عليحدگيءَ لاءِ جدوجهد ٽن اهم مرحلن ۾ ڪئي وئي. پهرين مرحلي ۾ اها جدوجهد هندن ۽ مسلمانن گڏيل طور تي ڀرڳڙي ۽ وشنداس جي سرواڻيءَ ۾ هلائي جنهن دوران ديوان گدو مل، شيخ عبدالمجيد ۽ ٻيا به سرگرم هئا. اهو مرحلو1924 ع ۾ ڀرڳڙيءَ جي مرتئي ۽ ان ڏهاڪي ۾ فرقيوار ڇڪتاڻ تي پورو ٿيو. قيادت ۾ خال پئدا ٿيڻ ۽ هندستاني سياست ۾ نوان لاڙا پئدا ٿيڻ سبب اهڙي گڏيل قيادت جي ٻيهر اڀرڻ جا ڪي به امڪان نه هئا.

ٻئين مرحلي تي اها جدوجهد گهڻي ڀاڱي آل انڊيا سطح جي سالياني ڪانفرنس ۾ ٺهرائن جي منظوريءَ طور رهي. هيءُ اهو عرصو هو جنهن ۾ عليحدگيءَ لاءِ هندو مخالفت انتهائي واضح طور تي سامهون آئي. جيتوڻيڪ هندن مان ڪي انتهائي روشن خيال اڳواڻ اڃان تائين عليحدگيءَ جا حمايتي هئا پر هڪ وڌيڪ بااثر حصو انهيءَ خلاف سندرو ٻڌي آيو ۽ آزاد سنڌ ۾ هندن جي ٿيندڙ مبينه حالت جا داستان گهڙي ٻڌائڻ لڳو. نتيجي طور ڪلڪتي واري ڪل جماعتي ڪانفرنس ۽ نهرو رپورٽ پڻ ان مامري تي گوٿناٿ کان ڪم ورتو ۽ عليحدگيءَ لاءِ نالي ماتر منظوري  ڏنائون.

جدوجهد جو ٽيون ۽ حتمي مرحلو جنهن ۾ کهڙو صاحب انتهائي اهم اڳواڻ ۽ تحريڪ جي منتظم طور اڀريو هو، سنڌ سان تعلق رکندڙ قيادت انتهائي زور شور سان آل انڊيا سطح جي مسلم قيادت جي مدد سان هلايو، جنهن جو خيال هو ته سنڌ جو معاملو مستقبل ۾ سڄي هندستان جي مسلمانن جي آئيني حقن جي حوالي سان انتهائي اهم هو.

پر آل انڊيا قيادت جي سنڌ جي مسئلي جي مجموعي مسلم آباديءَ لاءِ اهم هئڻ تي سهمت ٿيڻ کان اڳ سنڌ جي مسلمانن کي پنهنجي سر گڏيل عمل ۽ يڪراءِ ڪيس تيار ڪرڻ جو مظاهرو ڪرڻو هو. کهڙو صاحب ۽ سندس دوست مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ واري عرصي دوران ٿورڙي گهڻي فرق سان غير سرگرم رهندڙ سنڌ جي عليحدگيءَ واري سوال کي ڀرپور انداز ۾ اڀارڻ جو پڪو پهه ڪري چڪا هئا. ورلي سالياني مسلم ليگ ڪانفرنس جهڙن مسلم ڪاڄن تي اهو معاملو اٿاريو ويندو هو، باقي عرصو ان تي خاموشي ڇانيل هوندي هئي. 7 2 9 1 ع کان کهڙو صاحب ان نتيجي تي پهچي چڪو هو ته ڪامورا شاهيءَ جو موتمار هٿ ٽارڻ جو و احد دڳ خود مختياري ماڻڻ آهي ۽ عليحدگيءَ جي مقصد سان سرگرميءَ سان جنبي ويو. پهريون ملندڙ موقعو نومبر 7 2 9 1 ع ۾ سرجان سائمن جي قيادت ۾ هندستاني سڌارن بابت سائمن ڪميشن طور مشهور ”شاهي آئيني ڪميشن“ ٺهڻ جي صورت ۾ سامهون آيو. 1928ع جي سياري ۾ هندستان آيل انهيءَ ڪميشن جو ڪم1919ع واري مانٽيگيو چيلمسفورڊ سڌارن ۽ Dyarchy واري سرشتي جو عمل درآمد جاچڻ ۽ وڌيڪ سڌارن لاءِ صورتحال جي ڪٿ لڳائڻ هو. ان جي برطانوي پارلياماني اداري طور ساخت سبب ڪميثن برطانيا جي ٻنهي ايوانن جي ميمبرن تي ٻڌل هئي ۽ منجهس ڪوبه هندستاني شامل نه هو. ڪميشن ۾ هندستاني نمائندگيءَ نه هئڻ تي سخت ڇوهه ڇنڊيا ويا ۽ ڪانگريس ته ڪميشن جو بائيڪاٽ به ڪيو. حڪومت تنقيد کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ مختلف صوبن ۾ ڪميشن جون سفارشون مرتب ڪرڻ لاءِ مقامي ميمبرن کي پڻ نامزد ڪيو. ڪانگريس ان عمل مان راضي نه ٿي ۽ پنهنجو بائيڪاٽ جاري رکيائين. ساڳيءَ ريت محمد علي جناح جي سرواڻيءَ ۾ مسلم ليگ جي ”قوم پرست“ ڌڙي پڻ ڪميشن جو بائيڪاٽ ڪيو.

بهرحال مسلم راءِ عامه جو هڪ اهم حصو ڪميشن سان سهڪار ڪرڻ جي حق ۾ هو. ڇاڪاڻ جو هنن محسوس ٿي ڪيو ته آل انڊيا ڪانگريس جي ميدان کان ٻاهر هئڻ ڪري پنهنجو نقطي نظر سولائي سان برطانوي حڪومت تائين رسائڻ جو ان کان وڌيڪ ڀلو موقعو شايد نه ملي. پنجاب جي يونينسٽ حڪومت پڻ ڪميشن سان سهڪار جي حق ۾ هئي. کهڙو صاحب ۽ سندس دوستن جيڪي برطانوي حڪومت آڏو پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ بيچين ۽ صوبي لاءِ خود مختياري ماڻڻ واسطي سمورا عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار هئا، پنهنجو مقصد ماڻڻ لاءِ انهيءَ سونهري موقعي مان لاڀ حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. دراصل غير ڪانگريسي هندو پڻ ڪميشن سان سهڪار ڪري رهيا هئا ۽ صوبي جي عليحدگي جي مخالفت ۾ ان آڏو ڀرپور طاقت سان پيش ٿيا.

کهڙي صاحب سنڌ جي قيادت جي رڳن ۾ ڄڻ پاور وجهي ڇڏيو. ان دور ۾ سينئر اڳواڻ، پنهنجي ڪجهه ساٿين سان گڏجي ”الوحيد“ اخبار قائم ڪندڙ خلافت تحريڪ جي سرواڻ سر عبدالله هارون ۽ الوحيد جو پهريون ايڊيٽر شيخ عبدالمجيد هئا. هارون ۽ شيخ عبدالمجيد ٻنهي آل انڊيا خلافت نهرو ڪميٽيءَ ۾ سنڌ جي مالياتي حيثيت جو جائزو وٺندڙ سر پرشوتم داس ٺاڪر داس جي سربراهيءَ واري ڪميٽيءَ جي اڪثريتي رپورٽ تي اختلافي نوٽ لکيو هو. انهن سينئر اڳواڻن کان سواءِ کهڙي صاحب جا همعصر الله بخش سومرو، جي ايم سيد، نور محمد وڪيل، سيد ميران محمد شاهه ۽ سندس ويجهي ساٿي پير علي محمد راشدي پڻ هئا. ايندڙ  ست سال سخت ۽ تفصيلي ڪم جي اورچائپ جو شاندار ثمر هئا، جن ۾ کهڙي صاحب پنهنجو پاڻ کي سرواڻيءَ ۾ رکيو. هن مسئلي ۽ بمبئيءَ جي ڪامورا شاهي ۽ هندو سياسي قيادت طرفان ان جي مخالفت، ٻنهي جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو ۽ هڪ اهڙو لاجواب ڪيس پيش ڪيائين جو برطانوي حڪومت کي نيٺ 5 3 9 1 ع وارو گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ آڻڻو پيو ۽ سنڌ خود مختياري ماڻي.

کهڙي صاحب هندستاني حڪومت ۽ برطانوي پارليامينٽ لاءِ انتهائي اهم  بڻيل مالياتي معاملي تي انتهائي اورچائپ سان ڌيان ڏنو ته نئون صوبو مالياتي لحاظ کان  اهل به ٿيندو يانه ۽ آيا اهو پنهنجا خرچ پاڻ ڀري سگهندو؟ جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب هائوڪار ۾ هئا ته پوءِ هندو مخالفت طرفان اڀاريل سياسي ۽ ٻين سوالن کي منهن ڏيڻ انتهائي سولو هو. ان ڪري هن سنڌ جو مالياتي ڪيس تيار ڪرڻ شروع ڪيو. کهڙي صاحب سنڌ جي مالياتي سوال تي پنهنجو پاڻ کي ماهر بڻائي ڇڏيو ۽ ان مامري جي جاچ ڪندڙ ڪيترين ئي ڪميٽين آڏو سگهاري گواهه طور پيش ٿيو. هو پنهنجي مقصد سان لاڳاپيل هڪ اڻٿڪ ڪارڪن هو، جنهن ٻين صوبن ۽ آل انڊيا نوعيت جي پارٽين ۾ شامل مسلمان اڳواڻن کي پنهنجي ڪيس کان باخبر ڪرڻ واسطي گهربل مواد شايع ڪيو ۽ ورهايو ٿي. هن صوبي ۾ راءِ عامه هموار ڪئي ۽ گول ميز ڪانفرنس جي ميمبرن تي پمفليٽن ۽ ٽيليگرامن جو وسڪارو ڪري ڇڏيائين. هن صوبي جي عليحدگيءَ لاءِ انتهائي جديد پروپيگنڊا جي آڌار سان ويڙهه وڙهي.

انهيءَ اڻانگي جدوجهد جو پهريون مرحلو سائمن ڪميشن آڏو ڪيس پيش ڪرڻ هو. سر جان سائمن ۽ سندس ڪميشن ”سائمن موٽي وڃ“ جي نعرن جي گونج ۾ هندستان پهتو هو. ڪانگريس سان گڏوگڏ جناح ۽ ٻين قوم پرستن جي سرواڻي وارا ننڍا گروپ ان جو بائڪاٽ ڪري رهيا هئا. بهرحال سمورن حلقن جا وچٿرا فرد انهيءَ اميد سان سهڪار ڪري رهيا هئا ته جاچ خود راڄ جي مقدار ۾ اضافو ۽ ڪجهه بهتر خود مختياري آڻي سگهي ٿي. سنڌ جي مسلمان پارليامينٽ ميمبرن ۽ سياسي اڳواڻن محسوس ٿي ڪيو ته اهو موقعو وڃائڻ نه گهرجي. بمبئي ڪائونسل جي سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبرن جي حڪومت سان سهڪار ڪرڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي مسلمانن لاءِ ڪي فائدا ماڻڻ هڪ روايت پئي رهي هئي.

2 1  نومبر1928ع تي سائمن ڪميشن ڳاڙهي پٿر جي نئين جوڙايل هاءِ ڪورٽ واري عمارت ۾ پنهنجي ٻڌڻي شروع ڪئي. انهيءَ جاچ جو اهم نڪتو سنڌ ۾ 1919 ع وارن سڌارن جي عمل جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ عليحدگيءَ واري گُهر جي ڪٿ لڳائڻ ۽ ان جو پوتاميل ڪرڻ  هو. بمبئي ڪائونسل سان تعلق رکندڙ ٻن ميمبرن سر شاهنواز ڀٽو ۽ سيد ميران محمد شاهه تي ٻڌل هڪ صوبائي ڪميٽي ڪميشن جو هٿ ونڊائڻ لاءِ نامزد ڪئي وئي. عليحدگيءَ لاءِ ڪيس سنڌ محمدن ايسوسيئيشن سان تعلق رکندڙ هڪ وفد پيش ڪيو، جنهن جي سربراهي کهڙي صاحب ٿي ڪئي. جڏهن ته علي محمد راشديءَ ان ۾ همڪاري ٿي ڪئي. هن بعد ۾ لکيو ته هندو وفد جي ڀيٽ ۾ عليحدگيءَ جا حمايتي انهيءَ اعليٰ سطحي ڪميٽيءَ آڏو پنهنجي پهرين سماعت دوران گهڻي تياري ڪيل نه هئا. ٻن صفحن جي مختصر تحرير کان سواءِ ڪوبه لکت ۾ مواد نه هو ۽ باقي سڄو معاملو کهڙي صاحب پنهنجي اهليت ۽ قابليت سان سنڀاليو. کهڙي صاحب ۽ راشديءَ کي ٻڌايو ويو ته عليحدگيءَ جا مخالف هندو پروفيسر ڇاٻلاڻي جي قيادت ۾ انگن اکرن سان ليس هڪ وفد اماڻي رهيا آهن. آخرڪار راشديءَ سڀ کان ڳرا قانوني ڪتاب ۽ گزيٽيئر هٿ ڪري هن همراهن جي مدد سان کهڙي صاحب جي گاڏيءَ ۾ ڀريا ۽ وفد ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ لاءِ روانو ٿيو. وفد جا باقي 6  ميمبر سندن انتظار ڪري رهيا هئا. انهن ۾ سنڌ محمد ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري ولي محمد حسن علي پڻ شامل هو. کهڙي صاحب ان مامرن تي ايسوسيئيشن جي موقف تي ٻڌل ميمورنڊم ڪميشن جي حوالي ڪيو ۽ ان کان پوءِ وفد جي ترجمان طور ڳالهايائين. هن عليحدگيءَ لاءِ انتهائي زوردار انداز ۾ ڪيس پيش ڪيو پر حتمي طور تي ڪميشن کي ان سان سهمت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.

عليحدگيءَ خلاف ڪيس دهلي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ايڇ ايل ڇاٻلاڻيءَ جي قيادت ۾ آل سنڌ هندو ايسوسيئشن رکيو. مسلم اڪثريت هٿان لٽجڻ جي خدشي جي اظهار کان سواءِ پروفيسر ڇاٻلاڻيءَ معاملي جي مالياتي پهلو تي ڌيان ڌريو. سندس اهم دليل اهو هو ته سنڌ کي بمبئي سرڪار کان سهائتا ٿي ملي سو اها پنهنجي سر پيرن تي بيهڻ لائق ناهي. اهو ئي دليل هو جيڪو برطانوي عملدارن جي ذهن کي وڌ کان وڌ متاثر ڪري پئي سگهيو. اهو ئي دليل بمبئي سرڪار پڻ پيش ٿي ڪيو، جيڪا سنڌ جي عليحدگيءَ جي مڪمل مخالف هئي.

ڪميشن جو حتمي فيصلو اهو چوندي عليحدگيءَ جي خلاف آيو ته اڃان ان جو وقت نه آيو آهي. سنڌ مان کنيل ميمبرن مان سر شاهنواز ڀٽو اڪثريتي فيصلي سان سهمت ٿيو. جڏهن ته حيدرآباد سان تعلق رکندڙ نوجوان ميمبر سيد ميران محمد شاهه جناح ۽ سر ابراهيم رحمت الله جي صلاح سان اختلافي نوٽ لکيو جنهن ۾ سنڌ کي خودمختياريءَ ڏيڻ اشد ضروري ليکيائين.

ڪميشن جي فيصلي سنڌ ۾ انتهائي بد دلي پکيڙي پر عليحدگيءَ جا حمايتي ماٺ ڪري نه ويٺا. هاڻ خود مختياريءَ لاءِ جدوجهد جي حمائتي قوتن جو سرواڻ کهڙو صاحب ئي رهيو. سائمن ڪميشن رپورٽ مايوس ڪندڙ ته هئي پر هن ان کي مسئلو بنجڻ نه ڏنو. هن ڄاتو ٿي ته آئيني سڌارا لاڳو ٿيڻ اڻٽر آهن ۽ ڪانگريس جي بائيڪاٽ ڪرڻ سبب ڪميشن جي نقطي نظر تي نظر ثاني ٿي سگهي ٿي. ڪميشن آڏو ڪيس پيش ڪرڻ واري مشق به ڪيترائي سبق ڏنا. اهو واضح هو ته خود مختياريءَ لاءِ ويڙهه واسطي اهم ترين نڪتو سنڌ جي مالياتي حيثيت ۽ ڌار صوبي طور پنهنجي سر ڀاڙڻ واري سگهه ئي هوندو. ان ريت ويڙهه مالياتي مورچي تي ٿيڻي هئي.

ڪيترن ئي سالن تائين اسيمبلي ميمبر طور رهڻ ۽ ڪائونسل سنڌ جي مسئلن ۽ ماليات کي منهن ڏيڻ جي تجربي کهڙي صاحب تي واضح ڪيو ته سنڌ وٽ پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ وسيلا هئا. 1917ع ۾ به سر ايڊون مانٽيگيو پنهنجي ڪٿ ڏني هئي ته سنڌ بمبئي کان وٺڻ کان وڌيڪ ان کي ڏئي ٿي. پر ڳالهه ۾ مونجهارو بمبئي سرڪار وڌو هو جنهن سنڌ جا حساب ڪتاب يا بجيٽ ڌار نه ٿي رکيا، ان ڪري صوبي جي مالياتي حيثيت اها ئي ٿي سامهون آئي، جيڪا بمبئي سرڪار پيش ٿي ڪئي. کهڙو صاحب سنڌ جي ماليات بابت پنهنجي اڀياس جي شروعات ۾ ئي اهو پروڙي ويو هو. هن درست خاڪو پيش ڪرڻ ۽ ان جي خود مختياري جي راهه  هموار لاءِ پڪو پهه ڪري ورتو هو.

کهڙي صاحب پنهنجو پاڻ کي خود مختياريءَ  جي لاءِ ڪيس جي ويڙهه ۾ پروپيگنڊا واري جنگ ۽ انيڪ ماهر ڪميٽين آڏو سگهارو موقف رکڻ واسطي انگن اکرن جو ماهر بڻايو. عليحدگيءَ جي مخالفت ڪندڙ هندن به پنهنجي ڪيس جو مرڪزي نڪتو سالياني بنيادن تي سنڌ جي اهل نه هئڻ کي ٿي بڻايو. ان ريت برطانيا ۾ سرڪاري ۽ ديس ۾ هندو مخالفتن وارن ٻنهي مورچن تي سنڌ جو ڪيس مالياتي اهليت جي آڌار تي وڙهڻو هو.

0 3 9 1 ع جي شروعات ڌاري معاملو ٻيهر سنڌ وارن جي هٿن ۾ آيو. کهڙي صاحب 6 2  مئي1930ع تي پنهنجو ڪتاب (Sufferings of Sindh) ”سنڌ جون پيڙائون“ شائع ڪري پهريون وار ڪيو. ان ڪتاب سنڌ جي تاريخي پسمنظر کي ٿي پيش ڪيو ۽ موجوده دور جي سماجي، معاشي ۽ سياسي حيثيت ۽ صورتحال پيش ڪندي بمبئيءَ سان انتظامي الحاق کي سنڌ لاءِ نقصانڪار ثابت ڪيو. انتظامي هيڊ ڪوارٽرس کان فاصلي، مقامي عملدارن جي آپيشاهاڻي سڀاءُ ۽ ماڻهن سان مسئلن ۽ ناانصافين جي حل نه ٿيڻ جو ذڪر ڪيو. هن اهو به واضح ڪيو ته خود برطانوي راڄ دوران به سنڌ ڪجهه سالن تائين سر چارلس نيپيئر جي گورنريءَ ۾ ڌار رهي آهي ۽ سنڌ کي خود مختياري ڏيڻ سان نه رڳو تاريخي تسلسل بحال ٿيندو پر برطانوي هندستاني سلطنتن جي انتظامي مامرن ۾ به بهتري ايندي ۽ اهو قدم گهڻي وقت کان کڄڻ جو منتظر آهي. اهو ڪتاب سنڌ کان سواءِ سڄي هندستان ۽ برطانيا ۾ به تمام گهڻو پکڙيو ۽ اهو مامرو ڊرامائي انداز ۾ ماڻهن آڏو نئين سر آڻڻ جو سبب بڻيو.

”سنڌ جون پيڙائون“ وڏي تشهير جو ڪم ڏنو ۽ عليحدگيءَ لاءِ جدوجهد جو انتهائي اهم دستاويز بڻجي ويو. جدوجهد جي مخالفن ڪتاب جي شديد مخالفت ڪئي. پروفيسر ڇاٻلاڻيءَ پنهنجي هڪ ڪتاب ”سنڌ جي بمبئي پريزيدنسيءَ کان عليحدگي“ (خان بهادر محمد ايوب کهڙو جي سنڌ جي پيڙائن جي داستان جو جواب) وسيلي ان کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کهڙي صاحب جي ڪتاب پاڻ ملهايو ۽ ماڻهن ۽ پاليسي ٺاهيندڙن آڏو معاملو زندهه رهيو.

سائمن ڪميشن جي ناڪاميءَ کان پوءِ برطانوي حڪومت هندستان جي آئيني مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ مختلف نقطي نظرن جي نمائندگي ڪندڙن تي ٻڌل گول ميز ڪانفرنس وسيلي يڪرائپ تي پهچڻ جو فيصلو ڪيو. پهرين گول ميز ڪانفرنس 2 1  نومبر 1930ع تي لنڊن ۾ ٿيڻي هئي. سنڌ جي عليحدگيءَ وارو معاملو به ان ڪانفرنس ۾ پيش ٿيڻو هو. ان مسئلي تي ڪانفرنس جي هڪ ذيلي ڪميٽي خاص طور تي جوڙي وئي. جناح ان جي وفدن مان هڪ هو. لنڊن ويندي هو ڪجهه دير لاءِ  ڪراچيءَ ترسيو، جتي کيس سيٺ عبدالله هارون، کهڙي صاحب ۽ جي ايم سيد جي دعوت ۾ خاص مهمان طور نينڍ ڏني وئي. دعوت ۾ رسمي تقرير دوران کهڙي صاحب جناح تي لنڊن ۾ سنڌ جي عليحدگيءَ واري معاملي تي زور ڀرڻ لاءِ درخواست ڪئي، جنهن لاءِ جناح راضپو ڏيکاريو.

گول ميز ڪانفرنس جي سنڌ بابت ذيلي ڪميٽيءَ (سب ڪميٽي IX  ) جي صدارت ارل رسل ڪئي. جڏهن ته ان جا ميمبر لارڊ زيٽلينڊ جيڪو اڳتي هلي هندستان لاءِ اسٽيٽ سيڪريٽري بڻيو، اڳوڻو وائسراءِ مارڪوئس آف ايڊنگ اهم مسلم شريڪ هز هائنس آغا خان ۽ محمد علي جناح به هئا. ان ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن ۾ 1933ع ۾ ڪميٽيءَ آڏو گواهه طور پيش ٿيندي کهڙي صاحب جو مددگار بڻجندڙ ڊاڪٽر شفاعت احمد خان، پنجاب جو سر محمد شفيع، سرحد صوبي جو سر عبدالقيوم، سر شاهنواز ڀٽو ۽ سر غلام حسين هدايت الله هئا. هندو ميمبرن ۾ مهاسڀا جو ڊاڪٽر بي ايس مونجي، انتها پسند هندو اڳواڻ ايم آر جياڪر، سي واءِ چنتامڻي ۽ راجا نريندر ناٿ هئا. انهن کان علاوه ٻيا سک، پارسي ۽ انگريز اهم نمائنده به ڪميٽيءَ تي هئا. ٻين ۾ سردار سمپورن سنگهه، بي وي مهاديو، مختلف شعبن ۾ مهارت رکندڙ هندو ۽ مسلمان اڳواڻن، اڳوڻن ۽ مستقبل جي سرڪاري اهلڪارن واري اها ڪميٽي انتهائي طاقتور هئي. ڪارروائي جي شروعات ۾ ئي واضح ٿي چڪو هو ته هندو مهاسڀائي اڳواڻ ڊاڪٽر مونجيءَ جي قيادت ۾ هندو سخت گير همراهه ان نڪتي جي شديد مخالفت ڪندا. ڪميٽيءَ بهر صورت فيصلو ڪيو ته هڪ مالياتي جاچ ڪميٽي سنڌ جي حيثيت جي ڪٿ لڳائي. اهم نڪتو جيئن کهڙو صاحب اڳيئي پروڙي چڪو هو، مالياتي حوالي سان بڻجڻو هو. عليحدگيءَ جو دارومدار سنڌ جي مالياتي حيثيت تي هو. ان ريت ان سوال کي ايندڙ ڪانفرنس تائين معطل رکيو ويو.

1 3 9 1 ع ۾ هندستان جي حڪومت، سب ڪميٽي IX جي فيصلي پٽاندڙ سنڌ جي مالياتي حيثيت ڄاڻڻ لاءِ سر مائلس آئرونگ جي صدارت ۾ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي. غير رسمي طور تي آئرونگ ڪميٽي، ليکجندڙ مالياتي جاچ ڪميٽيءَ جولاءِ کان سيپٽمبر 1931ع تائين ڪراچيءَ ۾ گڏجاڻيون ڪيون. ان جي مول متن ۽ دائري ڪار ۾ درج هو ته:

”هندستاني گول ميز ڪانفرنس جي ذيلي ڪميٽي IX جي رپورٽ جي حوالي سان ڌار ڪيل سنڌ جي امڪاني محصولن ۽ خرچن ۽ سکر بيراج تي قرض جي ضمانت کي خبرداريءَ سان جاچڻ ۽ اهڙن مالياتي واعدن جي مناسب ٺهڪاءُ لاءِ تجويزون ڏيڻ جن لاءِ سنڌ کي باقيدار ليکيو ويندو.“

انهيءَ ڪميٽيءَ آڏو شاهديون ڏيندڙن ۾ کهڙي صاحب کان سواءِ عبدالله هارون، سيد ميران محمد شاهه ۽ پروفيسر گوکلي هئا جڏهن ته عليحدگي مخالفن ۾ پروفيسر ڇاٻلاڻي، ديوان ڀوڄ سنگهه ۽ ڊاڪٽر هنڱوراڻي شامل هئا. اها ورهاست ڪا هروڀرو فرقيوار به نه هئي. ڇاڪاڻ جو ڪيترن ئي ناميارن هندو ۽ پارسي ڪانگريسين اخباري بيانن ۽ مضمونن وسيلي صوبي جي سگهاري مالياتي حيثيت وارو موقف اختيار ڪيو. انهن ۾ ريواچند ٿڌاڻي، رستم سڌ واءِ، پروفيسر ڀاٽيجا پڻ شامل هئا. بهرحال مالياتي جاچ ڪميٽيءَ اهو نتيجو ڪڍيو ته ڌار ٿيل سنڌ کي هڪ ڪروڙ اٺ لک پنجيتاليهه هزار روپين جي خساري سان پنهنجو نئون سفر شروع ڪرڻو پوندو.

مائلس آئرونگ رپورٽ نومبر1931ع ۾ ٿيل ٻئي گول ميز ڪانفرنس جي موقعي تي ذيلي ڪميٽي IX آڏو پيش ڪئي وئي. گانڌي پڻ ڪانگريس جي واحد عيوضي طور ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هو پر ان ۾ آئيني سڌارن ۽ مستقبل جي پارليامينٽ ۾ مختلف هندستاني برادرين جي نمائندگي بابت ڪا يڪرائي حاصل ٿي نه سگهي. هندستاني اڳواڻن ۾ يڪرائپ جي اڻهوند سبب برطانوي وزير اعظم ريمزي مِڪ ڊونالڊ پاڻ پهل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجو /Comunal Award سرچاءُ جاري ڪيائين، جنهن جي آڌار تي سڌارا ٿيڻا هئا. سنڌ جي عليحدگي ۽ ان جو آئين خودمختيار صوبي طور حڪومت ان شرط تي تسليم ڪيو ته جيڪڏهن مالياتي حوالي سان ڪي جوڳا بنياد لڌا ويا.

اهي جوڳا بنياد ڄاڻڻ لاءِ هيٺين ريت هدايتون ڪيون ويون:

”سو اسين هندستاني حڪومت کي اها درخواست ڪرڻ چاهيون ٿا ته اها تازو ئي مڪمل ٿيل ماهراڻي مالياتي جاچ جي رپورٽ ۾ ظاهر ٿيل ڏکيائين تي قابو پائڻ جي ڪوشش طور سنڌ جي نمائندن تي ٻڌل هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي.“

وزير اعظم جي رٿ تي هندستاني سرڪار هيٺين مول متن تحت هڪ ڪانفرنس جوڙي: ”سنڌ ڪانفرنس وزير اعظم جي ڪرايل خاطريءَ جي تسلسل ۾ قائم ڪئي پئي وڃي. هز مئجسٽيءَ جي حڪومت اصولي طور تي تسليم ڪيو آهي ته اطمينان جوڳا مالياتي وسيلا نظر اچڻ تي سنڌ کي هڪ عليحده صوبو بڻايو وڃي. ڪانفرنس جو مقصد گذريل اونهاري دوران آئرونگ ڪميٽيءَ جي ماهراڻي مالياتي جاچ جي رپورٽ ۾ ظاهر ٿيل مشڪلاتن کي قابو پائڻ جي ڪوشش آهي. چيئرمين سنڌ جي عيوضين سان گڏجڻ کان پوءِ ڪانفرنس جا نتيجا هندستان سرڪار آڏو پيش ڪندو.“

ان مرحلي تي صوبي جي عليحدگي حتمي طور تي طئي نه ٿي چڪي هئي ۽ اڃان تائين ماليات واري سوال جي ٽياس تي ٽنگيل هئي.

ڪانفرنس25  اپريل1932ع تي ڪراچيءَ ۾ شروع ٿي ۽ پنجاب جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيل نامياري ۽ ايماندار آفيسر اي ايف ايل برائن جي سربراهيءَ ۾ 17  مئي1932ع تائين پنهنجي موضوع جي اڀياس ۾ رڌل رهي. ان ۾ عليحدگيءَ جي حمائتي ۽ مخالف ٻنهي ڌرين جي نمائندگي هئي. بمبئي سرڪار ۽ گڏوگڏ هندستان سرڪار کي به ان ۾ نمائندگي حاصل هئي. سکر بيراج جي ماليات جو ماهر ۽ ايندڙ وقت ۾ سنڌ جو گورنر بڻجندڙ هگ ڊائو (آءِ سي ايس) پڻ ڪميٽيءَ ۾ هو. عليحدگي پسندن جو مکيه ترجمان کهڙو صاحب هو جڏهن ته مخالفن جو پروفيسر ڇاٻلاڻي هو.

چيئرمين پنهنجي رپورٽ ۾ واضح ڪيو ته ڪانفرنس کي شروعات کان ئي ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. پهرين اها ته سنڌ وٽ ڪي به ڌار حساب ڪتاب ۽ بجيٽ نه هئا ۽ جيئن ماهراڻي آئرونگ ڪميٽيءَ پڻ واضح ڪيو، اصل محصولن ۽ خرچن جا انگ اکر گهڻي ڀاڱي سنڌ جي خزاني مان ڏيتي ليتيءَ جي گاڏڙ ۽ وسيع تر وهنوار مان حاصل ڪرڻ واري هئي. پريزيڊنسيءَ حڪومت جي اڪائونٽنٽ جنرل 28 -1927 ع کان 29-1930  وارن ٽن سالن لاءِ حقيقي ۽ محصول جا ساليانا انگ اکر پيش ڪيا جيڪي ڪميٽيءَ لاڳو ڪيا. بهرحال ساڳيا طريقا 2 3 -1931 ع واسطي سنڌ لاءِ نظرثاني ڪيل تخميني ۽ 3 3 -2 3 9 1 ع جي لاءِ بجيٽ واسطي لاڳو نه ڪيا ويا، جيڪي جاچ دوران انتهائي ڪارائتا ثابت ٿين ها، خاص طور تي جيڪڏهن موجود دور ۾ عالمي سطح تي ڪساد بازاريءَ کي ذهن ۾ رکجي. ان ڪري ڪانفرنس موجود نامڪمل ڄاڻ تي ئي انحصار ڪيو آهي.

رپورٽ موجب ”ٻي ڏکيائي“

”هاڻو ڪي معاشي گهوٽالي دوران مالياتي ڪٿ لڳائڻ جي ڪوشش ۾ ايندڙ عموماً ڏکيائي هئي، جڏهن سمورا معمولي طريقا رد ٿي چڪا آهن ۽ آئيندي لاءِ تمام ٿورڙي رهنمائي موجود آهي. هيءَ ڏکيائي اوڏي مهل خاص طور تي محسوس ڪئي وئي جڏهن لائيڊ بيراج جهڙي شاهي منصوبي جي مستقبل واري حيثيت جي ڪٿ لڳائي ٿي وئي، جيڪو منصوبو سنڌ جي مستقبل تي ڏور رس اثر وجهندو. ٽين ڏکيائي شايد ڪانفرنس جي آئين مان ورثي ۾ مليل هئي. سنڌ جي ٻارهن غير سرڪاري ميمبرن جي اڪثريت عليحدگيءَ لاءِ پڪو پهه ڪيل هئي. هڪ ننڍڙي اقليت ڪنهن به تبديليءَ جي شديد مخالف هندو ميمبرن اهو نقطي نظر ظاهر ڪيو ته گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌ مان هندو نمائندگيءَ جي غير موجودگيءَ ۾ اهو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ سب ڪميٽيءَ جي چيئرمين طرفان پيش ٿيل رپورٽ ۾ نتيجو اهو ڪڍيو ويو آهي ته جيڪڏهن سنڌ اهو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ٿئي ته اها پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ٿي ته عليحدگيءَ وارو قدم نه کنيو ويندو. وزير اعظم جي بيان ۾ کين خدشو هو ته انهيءَ کان اڳتي ٿي وڌيو.

اهو شايد فطري امر هو ته مالياتي سوالن جي ڏس ۾ جنهن ۾ تخمينن ۽ ٺوس ثابتين کان وانجهيل دليل گڏ ٿين ٿا، طريقي ڪار جا متضاد نڪتا، نقطي نظر جي اختلافن جو سونهون بڻجي سگهن ٿا ۽ اهي ڀل ڪيڏي به ڪوشش ڪجي سرچاءُ کان زور ٿا ٿين.“

ڪانفرنس انتهائي تفصيلي طور تي سنڌ جي موجوده ۽ آئيندي جي مالياتي حالت جو گهڻ طرفو جائزو ورتو. عليحدگي حاصل ڪرڻ لاءِ بيچين مسلمانن 5 9  سيڪڙو مسلمانن جي زراعت تي انحصار ڪرڻ جي باوجود رعايت طور زمين تي ٽيڪسن ۾ واڌ جي رٿ ڏني ۽ نيٺ ڪانفرنس کي ان تي سهمت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته خود مختيار سنڌ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ٿي. چيئرمين پنهنجي حتمي نڪتن ۾ هيٺيون ڳالهيون سامهون آنديون:

”ڪانفرنس کي سونپيل ذميواري، ماهر مالياتي جاچ جي رپورٽ وسيلي ظاهر ٿيل ڏکيائين تي قابو پائڻ هو. اهم ڏکيائيون عليحدگي مهل محصولن ۽ خرچن، ان کان سواءِ نج خرچن جي مستقبل ۾ توسيع وچ ۾ ابتدائي وٿيءَ کي مڪمل يا جزوي طور تي ڀرڻ هو. ڪميٽي طرفان ڪٿ لڳايل محصول هڪ ارب ٻياسي ڪروڙ ٻائيتاليهه لک کن هيو، جڏهن ته خرچ ٻه ارب اڻاسي ڪروڙ ٻياسي لک رپيا هئا ۽ فرق ستانوي لک رپيا کن ٿي بڻيو. انهن انگن اکرن ۾ سکر بيراج شامل نه هو، جنهن کي ڌار ليکيو ويو. خرچن جي ڪٿ ۾ وياج ۽ قرضن جي عدم ادائيگي لاءِ ايڪٽيهه لک رپيا ۽ سنڌ جي ابتدائي پينشنري بقايا جا ساڍا سورنهن لک رپيا پڻ شامل ڪيل هئا. اهي ئي اسم عليحدگيءَ واري تاريخ تي بمبئي کان منتقل ٿيڻا آهن.

انهن اسمن کان سواءِ سنڌ ۾ انتظامي خرچ ٻه ڪروڙ ٻٽيهن لکن تائين پهچن ٿا، جيڪي ڪٿ لڳايل محصولن کان تقريبا پنجاهه لک رپيا وڌيڪ آهن. ابتدا ۾ اهو واضح پئي ٿيو ته محصولن جي ايڏي محدود دائري ۽ چار ڪروڙ پندرهن لک روپين جي گهٽائي سگهجندڙ خرچن جي بار کي نه رڳو گهٽائڻ مشڪل هوندو پر هڪ ڪروڙ روپين جي حد تائين محصولن جي اضافي يا فنڊن ۾ توسيع جا ذريعا پئدا ڪرڻ به سولو ڪم نه هوندو. پهرين ته خاص طور تي سنڌ جي بيراج واري دور ۾ داخل ٿيڻ جي نتيجي ۾ انتظامي ۽ ضروري شعبن جي خرچن ۾ ڪٽوتي انتهائي ڏکيو عمل ثابت ٿيندو. ٻيو ته ٽڙيل پکڙيل آباديءَ واري علائقي ۾ محصول ٻني ٻارن ۾ اچي ٿو جيڪو اڳيئي آبادڪاري سرشتي تحت انتهائي محدود دائري تائين آهي. ان ڏس ۾ اهو نوٽ ڪرڻ انتهائي اهم ٿيندو ته 1 3 -0 3 9 1 ع ۾ سنڌ مان آمدني ٽيڪس ۽ سپر ٽيڪس جي مد ۾ فقط ساڍا سترهن لک روپيا حاصل ٿيا، جنهن مان ڪراچي جو حصو ٻارهن لک ٽيهه هزار رپيا ۽ باقي سڄي سنڌ جي حصيداري پنج لک ويهه هزار ٿي، اهي انگ اکر صنعتي ترقيءَ جي محدود پڻي جا ڪي اهڃاڻ واضح ٿا ڪن.

برين ڪانفرنس جي هندو ميمبرن جي حيثيت تي هن ريت تبصرو ٿو ڪري:

”ڪانفرنس جي هندو ميمبرن عليحدگيءَ جي اصول جي مخالفت واري نقطي نظر سان مسئلي کي سامهون رکندي سڄي وهنوار ۾ ڪو معمولي حصو ورتو. سندن نمائندا اهو ثابت ڪرڻ لاءِ بيچين هئا ته آئرونگ ڪميٽيءَ طرفان ڏنل خساري وارا انگ اکر انتهائي خوشفهميءَ تي ٻڌل آهن ۽ انهن ۾ لڳ ڀڳ 6 2  لک رپين جو اضافو ڪيو وڃي. عليحدگيءَ جي قيمت جيڪڏهن سنڌ ڪنهن ننڍي صوبي جي انتظاميا جي معمولي معيار کي ئي سامهون ٿي رکي ته اها به ماهر ڪميٽيءَ جي ڄاڻايل يارهن لکن کان گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻي هئڻ گهرجي. ايندڙ ٻن ٽن ڏهاڪن وارن خرچن ۾ واڌ کي هينئر ئي مدنظر رکجي، جڏهن ته ان دوران خرچ پورا ڪرڻ لاءِ اضافي محصول اچڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه ٿي لڳي. هاڻوڪن خرچن ۾ ڪا جوڳي ڪٽوتي نظر نه ٿي اچي ۽ ايستائين جو اڳيئي ماڻيل 2 1  لک رپين واري معيشت پڻ تعليم ۽ ٻين لاڀائتي شعبن ۾ خرچن جي گهٽائڻ سان اڌ تي وڃي بيهندي. مسلم زميندارن جي زرعي آمدنيءَ تي ڪنهن حد تائين انڪم ٽيڪس هڻڻ کان سواءِ کين محصولن جي نون وسيلن ۾ ڪا اميد نظر نه ٿي آئي.

بنيادي خسارو، بشمول عليحدگيءَ جي، خرچن ۽ اڳيئي لڳل اضافي محصولن ۽ ڪٽوتين جي جيڪي هنن مستقل طور تي قبول ٿي ڪيا، ماهراڻي رپورٽ جي تقابلي نظرثاني ڪيل 4 9  لک رپين جي ڀيٽ ۾ هڪ ڪروڙ اٺٽيهه لک رپيا ٿي بڻي. لائيڊ بيراج جي ڏس ۾ هنن اميد  ڀريو انداز نه ٿي اختيار ڪيو. سندن خيال ۾ بيراج جي قرض جي ادائيگي لاءِ زمين جي وڪري مان ڪٿ لڳايل رقم جي وصوليءَ جو عرصو گهٽ ۾ گهٽ ٽيهن سالن تائين وڌايو وڃي. ايستائين جو سندن خيال ۾ لڳايل ڪٿ جي وصولي به غير يقيني ۽ ان جو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي ته وڏا اگهه مقرر ڪرڻ سان زميني محصولن جي بهتريءَ تي اثر انداز ٿي سگهجي ٿو.“

برائين هندو ميمبرن جي مدد نه ڪرڻ واري ورتاءُ سامهون عليحدگيءَ جي حمائتين جي مثبت حصيداريءَ جي ڳالهه ٿو ڪري.

”ٻئي پاسي عليحدگيءَ جي اصول جي حمايت ڪندڙ اڪثريت اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهٽ ۾ گهٽ ڏکيائيءَ تي ڪنهن حد تائين قابو پائي سگهجي ٿو. عليحدگيءَ جي حمائتين اهڙيون تجويزون پيش ڪيون جن خساري کي لڳ ڀڳ 0 3  لک رپين تائين گهٽايو ٿي. برائين جو چوڻ هو ته ايستائين جو 0 3  لک رپين جو اهو نج خسارو سڌارن کان اڳ واري آبپاشيءَ ۽ 0 2  لک رپين واري غير ترقياتي پئداواري قرض کي تبديل ڪري اضافي رقم ۾ ٿي بدلائڻ چاهيو ۽ وفاقي محصولن ۾ خساري جي حصيداريءَ کان سواءِ سنڌ لاءِ وفاقي مالياتي ڪميٽيءَ جي مقرر ڪيل 1 2  لک روپين جي گهر ٿي ڪيائون.“

برائين پنهنجي رپورٽ جي پڄاڻي انهن ميمبرن جي ٿورن مڃڻ سان ڪئي آهي، جن جي ڀاڱي ڀائيواري انتهائي ڪارائتي ۽ مددگار ثابت ٿي. پروفيسر ڇاٻلاڻي، پروفيسر ڀاٽيجا ۽ خان بهادر کهڙي صاحب سنڌ جي معيشت ۽ ماليات جي انتهائي اورچائي سان اڀياس ڪيو جيڪو ڪانفرنس ۽ منهنجي لاءِ وڏي وٿ ثابت ٿيو.“

کهڙي صاحب هڪ اضافي نوٽ پڻ پيش ڪيو، جنهن ۾ بنيادي اڪثريتي حيثيت تهائين چٽيءَ ريت واضح ٿيل هئي. سنڌ جي مالياتي حيثيت جا بنيادي انگ اکر پيش ڪندي، کهڙي صاحب واضح ڪيو ته انتظاميا جي مد ۾ ڪٽوتيءَ جي گنجائش موجود آهي، ڇاڪاڻ جو ”سنڌ في ڪس ست رپيا خرچ ٿي ڪري، جيڪا رقم مدراس کان ٻيڻي آهي، بنگال کان تقريبا ٽيڻ تي آهي، جڏهن ته آسام في ڪس چار رپيا خرچ ٿو ڪري.“

هن محصول جي امڪاني نون وسيلن لاءِ پڻ تجويزون ڏنيون:

1 - بجلي تي ٽيڪس ملڪيت جي منتقلي واري ايڪٽ، ڪورٽ جي نين فين ۽ اسٽيمپن واري ايڪٽ جي ڏس ۾ سنڌ گهٽ ۾ گهٽ 2  لک رپيا حاصل ڪندي.

2 - عليحدگيءَ جو اضافي خرچ ڀرڻ لاءِ زمين واري محصول تي هڪ رپئي تي هڪ آنو مڙهڻ جي صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 1  لک رپيا حاصل ٿي سگهندا.

3 - سنڌ صوبي ۾ گڏ ٿيندڙ انڪم ٽيڪس، وفاقي مالياتي ڪميٽيءَ جي حساب ڪتاب موجب اسان کي 1 2  لک رپيا مهيا ڪندو. سنڌ جهڙو ننڍڙو ۽ خساري ۾ پيل صوبو  وفاقي حڪومت کي رقمون ڏيڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿو ٿي سگهي ۽ ان ڪري سنڌ طرفان وفاقي حڪومت لاءِ ڪنهن قسم جي سهائتا کي ويچار هيٺ آڻڻ مناسب نه ٿيندو. کهڙي صاحب انهن جا دليل مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا جيڪي چئي رهيا هئا ته بمبئي سنڌ جي سهائتا ڪري رهي آهي ۽ اهو ته صوبو بمبئيءَ جي گلي جو طوق آهي.

4 - آءٌ ان موقف جو آهيان ته سنڌ کي عليحدگي کان اڳ وارن قرضن جا وياج ڀرڻ لاءِ ذميوار نه بڻايو وڃي. پروفيسر ڀاٽيجا جي رٿيل اها رقم بمبئي کان وصول ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي عليحدگيءَ سان بمبئي کي سڌو سنئون 5 7  لک روپين جو فائدو ٿيندو. وفاقي مالياتي ڪميٽيءَ جي انگن اکرن جي جوڙ ڪٽ موجب، جيڪڏهن سنڌ کي ڌار ڪيو ٿو وڃي ته بمبئي موجوده حالتن تحت 5 6  لک رپين جي خساري جو شڪار هوندي. انڪم ٽيڪس جي حصي طور بمبئي 3  ڪروڙ 2 2  لک رپيا لهڻي. ان جو وفاقي حڪومت ڏانهن مڪمل حصيداري 2  ڪروڙ 0 3  لک رپيا هوندي. سو جيڪڏهن سنڌ کي ڌار ڪيو ٿو وڃي ته بمبئي سڌو سنئون 4 5  لک رپيا بچائي سگهندي. ان ريت بمبئي سنڌ مان جان ڇڏرائڻ عيوض 1 2  لک جي وياج جو ملهه سولائيءَ سان ڀري سگهي ٿي. جيڪڏهن سنڌ مسلسل بمبئيءَ جي ڳچيءَ ۾ طوق وانگر ٿي رهي ته هندستان ۾ وفاقي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ وفاقي مالياتي ڪميٽيءَ جي سفارش ڪيل انڪم ٽيڪس جي حصي جي باوجود بمبئيءَ کي هر سال ڪو 5 2  لک رپين جي خساري جو منهن ڏسڻو پوندو ۽ ان ڪري بمبئي کي سنڌ جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ 5 2  لک رپيا في سال جي سهائتا گهرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي منٿ ميڙ ڪرڻي پوندي. انهيءَ مان هڪ جي چونڊڻ ۾ يقيني طور تي پروفيسر ڀاٽيا جي رٿ هئي ته بمبئي وياج جا اگهه ڀري، بيشڪ بمبئي سرڪار لاءِ سودمند ۽ گهٽ نقصانڪار آهي.“

کهڙي پوتا ميل ڪيو ته جيڪڏهن وفاقي ماليات ڪميٽيءَ جي تجويز جي روشنيءَ ۾ محصولي وسيلا استعمال ڪجن ته سنڌ وٽ صحت، تعليم وغيره جهڙن قومي اڏاوتي شعبن ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ 0 2  لک رپين کان وڌيڪ جي اضافي رقم پاڇي ٿي سگهي ٿي.

برائين ڪانفرنس طرفان مثبت رپورٽ ڏيڻ جي باوجود سخت گير عليحدگي مخالفن پنهنجي زوردار مخالفت جاري رکي. سنڌ جي عليحدگي مخالف ڪانفرنس جي ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ برائين رپورٽ تي تنقيدي پمفليٽ شايع ڪيو. جنهن ۾ ڪانفرنس ۾ اختيار ڪيل عليحدگي مخالف موقف واضح ڪيو ويو هو. انتهائي تيز پروپيگنڊا وسيلي علحدگي مخالف موقف کي منهن ڏيڻ لاءِ کهڙي صاحب سندن دليلن جي جواب ۾ 6  سيپٽمبر 2 3 9 1 ع تي ”سنڌ عليحدگي مخالف ڪميٽيءَ جي تنقيد کي جواب“ جي عنوان سان هڪ پمفليٽ شايع ڪيو، جنهن پنهنجي بنياد ۾ فرقيوار لاڙو رکندڙ سندن مقصدن کي وائکو ڪندي سندن دليلن جو جامع جواب ٿي ڏنو.

عليحدگي جي مخالفن عليحدگيءَ کي روڪڻ لاءِ آخري ڪوشش ڪرڻ چاهي ۽ هندستان ۽ پرڏيهه ۾ پنهنجي پروپيگنڊا تيز ڪيائون. هندو مهاسڀا پارٽيءَ سنڌ جي عليحدگيءَ خلاف احتجاج لاءِ لنڊن ۾ هڪ آفيس قائم ڪئي. عليحدگيءَ جي حمايتين وٽ لنڊن ۾ آفيس کولڻ جا وسيلا نه هئا. سو هنن آغا خان ۽ ٻين مسلمان اڳواڻن کي پنهنجي واهر لاءِ درخواست ڪئي. 1 2  نومبر 2 3 9 1 ع تي ٽين گول ميز ڪانفرنس جي عيوضي سر محمد اقبال کي کهڙي صاحب عليحدگيءَ جي مقصد جي وڪالت لاءِ لاڙڪاڻي مان لکيو:

”پيارا سر محمد اقبال!

سنڌ جا مسلمان هندستان گول ميز ڪانفرنس ۾ اسان جي صوبي جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ واري سوال تي دلچسپي وٺڻ لاءِ اوهان، هز هائينس آغا خان ۽ ٻين مسلمان اڳواڻن جا ٿورائتا آهن. مون کي ٽائيمس آف انڊيا ۾ اها ڇپيل خبر پڙهي انتهائي خوشي ٿي ته اوهان اخبار جي لنڊن واري خاطوءَ کي ڄاڻايو آهي ته اوهان سنڌ جي عليحدگيءَ جي ڏس ۾ اوهان کي اماڻيل مواد ورهائي. ان سوال ۾ پنهنجي انتهائي دلچسپيءَ جي مظاهرو ڪندا رهندا ۽ گڏوگڏ ان جي جلد عليحدگيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا.

مون نومبر جي شروعات ۾ پنهنجي پمفليٽ عنوان ”سنڌ عليحدگيءَ مخالف ڪميٽيءَ جي تنقيد کي جواب“ جون ويهه ڪاپيون هوائي ٽپال وسيلي هز هائينس سر آغا خان کي اماڻيون هيون ته جيئن گول ميز ڪانفرنس جي هندستاني عيوضين ۾ ورهائي سگهجن.

برطانوي عيوضين کي اهي سڌو سنئون پڻ اماڻيا اٿم. وري پنهنجي تازي ترين پمفليٽ ”سنڌ جي عليحدگيءَ لاءِ متاثر ڪن ڪيس“  جون چاليهه ڪاپيون هز هائينس سر آغا خان ۽ ڊاڪٽر شفاعت احمد خان کي گول ميز ڪانفرنس جي سمورن عيوضين ۾ ورهائڻ لاءِ اماڻيون اٿم.

اوهان جي ذاتي مطالعي لاءِ ان جون ٻه ڪاپيون موڪليان پيو. انهن پمفليٽن مان اوهان کي پتو پوندو ته بمبئي کان تڪڙي عليحدگيءَ ڪيتري منطقي آهي.

جيئن ته اوهان کي ڄاڻ آهي ته 5 1  ۽ 6 1  تاريخ تي حيدرآباد سنڌ ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس معنقد ٿي. اهو سنڌ ۾ ٿيندڙ هيل تائين سڀ کان وڏو نمائنده ميڙ هو. اوهان کي ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ اينگلو انڊين اخبار ”ڊيلي گزيٽ“ جون درجن کن خبرون اماڻيان پيو ته جيئن ان ڪانفرنس بابت غير جانبدار رپورٽ کان آگاهه ٿي سگهو. جيڪڏهن گول ميز ڪانفرنس ۾ اسان جي موقف جي حمايت رکندڙ وفدن ۾ اهي خبرون ورهائي سگهجن ته دعاڳو رهنداسين. منهنجي طرفان سنڌ جي عليحدگيءَ بابت مرڪزي ٺهراءُ جو مڪمل تت وزير اعظم ۽ هندستان لاءِ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ۽ هز هائينس آغا خان کي ڪانفرنس جي سيڪريٽري سيد ميران محمد شاهه طرفان اماڻيو ويو آهي. انهن اخباري خبرن مان توهان تي اها ڳالهه روشن ٿيندي ته سنڌ جا مسلمان هندن طرفان پيش ڪيل موقف کي مڃڻ لاءِ هرگز تيار نه آهن. هندن اهي موقف الله آباد يونٽي ڪانفرنس ۾ پيش ڪيا آهن. اسان جي اها شديد خواهش آهي ته اهو مسئلو پنهنجي اهليت آهر حل ٿئي ۽ سنڌ کي هڪدم ۽ غير مشروط طور تي بمبئي کان ڌار ڪري ان کي هڪ خود مختيار صوبو بڻايو وڃي.

سو آءٌ اوهان تي سنڌ جي مسلمانن طرفان زور ٿو وجهان ته برطانوي حڪومت تي سنڌ جي عليحدگيءَ لاءِ زور ڏيڻ گهرجي. عليحدگيءَ لاءِ ڪيس، شاندار آهي ۽ مالياتي شڪ شبها اسان سنڌين جي جائز حقن جي راهه کي ڌنڌلو بنائڻ جي ڪوشش کان سواءِ ڪجهه به نه آهن. مختصر لفظن ۾ اوهان کي ٻڌايان ته وفاقي مالياتي ڪميٽي واضح ريت ڄاڻائي چڪي آهي ته بمبئي هن مهل سنڌ جي شموليت سميت هڪ ڪروڙ 5 5  لک رپين جي خساري ۾ آهي. ان ڪري انڪم ٽيڪس جو مڪمل حصو بمبئي ڏانهن منتقل ڪرڻ جي باوجود ان جو خسارو اڃان به 5 3  لک کن رهندو. ان ڪري ڪميٽي پنهنجي ڪٿ انهيءَ انومان تي رکي آهي ته سنڌ کي ڌار صوبو بڻايو ويندو. ان حوالي سان ڪميٽي ڄاڻائي ٿي ته انڪم ٽيڪس جو مڪمل حصو تخصيص ٿيڻ جي صورت ۾ بمبئي وٽ 4 5  لک رپيا اضافي هوندا. ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته خود بمبئي جي فائدي ۾ اها ڳالهه آهي ته ان جي ڳاٽي ٽوڙ خساري کان بچڻ لاءِ سنڌ کي ڌار ڪيو وڃي. گڏوگڏ اهو به ذهن نشين ڪجي ته عليحدگيءَ جو خرچ پکو 0 1  کان 0 2  لک آهي ۽ انهن خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ گذريل اپريل ۾ مانواري جناب اي ايف ايل برائين جي صدارت ۾ ٿيل ”سنڌ ڪانفرنس“ ۾ سنڌ جي عيوضين ڪجهه سولا ٽيڪس رٿيا هئا جيڪي هن صاحب پنهنجي رپورٽ ۾ تسليم پڻ ڪيا. ان ريت اهو واضح آهي ته عليحدگي ڪنهن به ريت مجموعي طور تي هندستاني ٽيڪس ڏيندڙ تي ڪو اضافي بار نه وجهندي. جيئن ته بمئي سرڪار پنهنجي خساري کي مرڪزي حڪومت جي مدد کان سواءِ منهن نه پئي ڏئي سگهي ته پوءِ سنڌ تي ان جو ڏوهه ڇا جي لاءِ؟ اسين گهرون رڳو اهو ٿا ته بمبئي کي ملندڙ رقم سندن گهرجن آهر جزوي طور تي بمبئي کي ۽ جزوي طور تي سنڌ کي ڏنيون وڃن. اهو ان ريت مرڪزي حڪومت جي خزاني تي ڪو اضافي بار نه ٿيندو. مون کي اميد آهي ته اوهين اسان جي انتهائي مناسب ۽ جائز گُهر کي اڳتي وڌائڻ ۾ وسان نه گهٽائيندا.

نيڪ تمنائن ۽ پنهنجائپ سان

اوهان جو

(ايم - اي - کهڙو)

ڏانهن:

ڊاڪٽر سر محمد اقبال، ايم اي، پي ايڇ ڊي بيرسٽر

هندستان گول ميز ڪانفرنس، لنڊن جو عيوضي.

2 3 9 1 ع جو سڄو سال عليحدگيءَ جي حمائتين ۽ مخالفن جي مسلسل سرگرمين جو مشاهدو ڪندو رهيو، ته جيئن نومبر ۾ ٿيندڙ ٻن گول ميز ڪانفرنسن لاءِ سگهارو ڪيس ٺاهي سگهجي،. جنهن تي اعلان ٿيندڙ سڌارن جي نوعيت جو دارومدار هو. 8 1  اپريل تي شيخ عبدالمجيد جي صدارت ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس معنقد ڪئي وئي. ڪانفرنس جا اهم شريڪ کهڙو صاحب، عبدالله هارون، حاجي مير محمد بلوچ، سيد ميران محمد شاهه ۽ آجياڻي ڪميٽيءَ جو چيئرمين جي ايم سيد هئا. ڪانفرنس عليحدگيءَ جي حق ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو. ساڳئي سال 6 1  سيپمٽبر تي سڄي سنڌ ۾ ”سنڌ جي عليحدگيءَ جو ڏينهن“ انتهائي جوش خروش سان ملهايو ويو. 5 1  نومبر تي ٻي آزاد ڪانفرنس عالم ۽ قرآن شريف جي مترجم علامه يوسف علي جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ ٿي. ڪانفرنس عليحدگيءَ جي حمايت ۾ پنهنجو ٺهراءُ منظور ڪيو ۽ هڪ مستقل ادارو ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جوڙيو، جنهن لاءِ سر شاهنواز ڀٽو کي صدر، کهڙي صاحب کي نائب صدر ۽ سيد ميران محمد شاهه کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هندو فرقيوارن 1933ع ۾ سنڌ هندو ڪانفرنس ٺاهي ڦيٽ کاڌو ۽ منظور ڪيل ٺهرائن وسيلي برطانوي وزير اعظم جي اصولي طور تي سنڌ جي عليحدگيءَ کي قبولڻ واري اعلان کي ننديو ويو. 5  فيبروري تي سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ ڪميٽي گڏجاڻي ڪوٺائي هندو پروپيگنڊا کي منهن ڏيڻ جي اپائن تي ويچاريو. ڪميٽيءَ عليحدگيءَ واري موقف جي تشهير ۽ هندو پروپيگنڊا کي رد ڪرڻ لاءِ پير علي محمد راشديءَ کي مقرر ڪيو. عليحدگيءَ لاءِ جدوجهد جي آخري لڙائي شروع ٿي چڪي هئي.

مارچ 3 3 9 1 ع ۾ هندستاني آئيني سڌارن لاءِ ڍانچي جي جاچ لاءِ انگلينڊ ۾ هڪ گڏيل پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي. ڪميٽيءَ آڏو اهم مامرن ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي به هو. اپريل 1933ع ۾ ڪميٽيءَ عليحدگيءَ جي حمايتي ۽ مخالف ٻنهي ڌرين کي ڪميٽيءَ آڏو پيش ٿيڻ جي درخواست ڪئي. ڪميٽيءَ آڏو پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مسلمانن کهڙي صاحب جي چونڊ ڪئي. آزاد ڪانفرنس وٽ پنهنجو عيوضي انگلينڊ اماڻڻ لاءِ وسيلا نه هئا، سو کهڙي صاحب کي مڪمل طور تي پنهنجي وسيلن تي انحصار ڪرڻو پيو. اڪثر زميندارن وانگر کهڙي صاحب وٽ به روڪ رقم انتهائي گهٽ هئي، تنهن ڪري گول ميز ڪانفرنس آڏو پيش ٿيڻ واسطي لنڊن اسهڻ لاءِ کيس پنهنجي ڪجهه زمين وڪڻڻي پئي. عليحدگيءَ واري ڌر ۾ کهڙي صاحب جو ساٿ ڏيڻ لاءِ ڪنهن ٻئي همراه کي به گڏ اماڻڻ جو بحث ٿي هليو. شيخ عبدالمجيد پاڻ ٿي وڃڻ چاهيو، اهڙو ئي رخ سيد ميران محمد شاهه ٿي ڏنو، جنهن سائمن ڪميشن رپورٽ ۾ اختلافي نوٽ لکي انتهائي شاندار ڪارنامو سرانجام ڏنو هو. مسئلو اهو هو ته شيخ وٽ پنهنجي رقم نه هئي ۽ عليحدگي پسند گهربل رقم سهيڙڻ جي حيثيت ۾ نه هئا. ميران محمد شاهه به دعويٰ ڪئي ته هو گهربل رقم جو بندوبست نه ٿو ڪري سگهي. هڪ خاص خط واري انداز ۾ هن معاملو کهڙي صاحب آڏو رکيو.

”جيڪڏهن اوهان جي ايم سيد کي پڪ ڏياريو ته اوهان اڍائي هزار روپين جو بندوبست ڪري ورتو آهي ته هو هڪ ڏينهن اندر عبدالرحيم شاهه کان 0 0 5  رپيا ڏياري سگهي ٿو. سوال رڳو اهو آهي ته آيا حاجي عبدالله هارون پنهنجي کيسي مان هڪ هزار رپيا ڏيندو، جيڪڏهن هوڏئي ٿو ته پوءِ توهان کي ڄاڻ هوندي ته سڄي رقم جو بندوبست ٿي ويندو. اوهان کي اهو به ٻڌايان ته خان بهادر نور نبي پڻ مدد ڪرڻ چاهي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن اوهين هڪ هزار رپيا سيٺ هارون ۽ هڪ هزار روپيا عظيم خان (جيڪو اڃان تائين ڏيڻ لاءِ تيار آهي) کان حاصل ڪري وٺو ته پوءِ عبدالرحيم شاهه جي 0 0 5  رپين سميت باقي هزار رپين جو بندوبست ٿي ويندو. پر انهن سمورن مانوارن سان اوهين لکپڙهه ڪريو يا ذاتي طور تي ملو. جي ايم سيد ڏانهن پڻ 0 0 5 2  رپين جي خاطريءَ جي حوالي سان لکو. آءٌ اوهان ڏانهن حقيقتون جيئن جو تيئن پيو لکان. اوهين جيڪڏهن پنهنجي همسفر ساٿ بابت واقعي سنجيده آهيو ته اوهين راشديءَ کي گڏ وٺي وڃڻ کان به پاسو ڪري سگهو ٿا ۽ اها رقم پنهنجي ساٿيءَ جي خرچن لاءِ شامل ڪريو جيڪو اوهان کي راشدي صاحب جيترو ئي ڪم ڏيندو. جيتوڻيڪ هو راشدي صاحب جيان ٽائيپنگ ۽ ذاتي حاضري نه ڏيندو ۽ ڪير روايتي ٽائپسٽ کي لنڊن جي نازڪ ۽ شفاف ٽائيپسٽ تي ترجيح ڏيندو ۽ ڪير ان خيال کي قبوليندو ته لنڊن ۾ اوهان جي ڊريسنگ روم ۾ ڦرندڙ نفيس چهري جي رومانوي موجودگيءَ بدران ڪو مرد خدمتگار هجي.

ڀٽو اوهان کي ٻڌائي سگهي ٿو ته لنڊن ۾ فرنانڊز (سندس نوڪر) کيس ڪهڙيءَ ريت سهانگو ۽ اڻ ڪارائتو لڳو ته جيئن اوهان کي لنڊن ۾ بهتر خدمت ۽ سستو ساٿ ملي. راشدي صاحب جيڪو ڪري سگهي ٿو سو گهٽ خرچ سان بهتر طور تي انتظام به ٿي سگهي ٿو. اها رقم پنهنجي ساٿيءَ جي خرچ ۾ ڇو نه ونڊجي. آءٌ پنهنجي ڀاءُ راشديءَ جي لنڊن وڃڻ وارو موقعو وڃائڻ نه ٿو چاهيان، پر آءٌ رڳو عوامي مفاد ۾ مالياتي ڏکيائي ۽ اوهان تي اضافي بار نه پوڻ جو حل آڇي رهيو آهيان.“

آخر ۾ مالياتي ڀاڱي ڀائيواري مڪمل ٿي نه سگهي ۽ کهڙي صاحب کي اڪيلي سر لنڊن اسهڻو پيو. جيئن ته وقت گهٽ هو ۽ کيس 9 1  جولاءِ تي ڪميٽيءَ آڏو پيش ٿيڻو هو. سو هن ابتدائي اڏام ڪمپنين مان هڪ فرانسيسي ڪمپنيءَ سان سفر ڪرڻ جو انتظام ڪيو. اهي ابتدائي جهاز تمام ٿورڙا مسافر کڻندا هئا ۽ مختلف مرحلن ۾ يورپ پهچندا هئا. ڪراچيءَ ۾ کهڙي صاحب کي رخصت ڪرڻ لاءِ دوست، مائٽ ۽ انيڪ سياسي ڪارڪن گڏ ٿيا. يورپ ڏانهن سفر پنهنجي سر هڪ مهم هئي.

جهاز کي ايراني رڻ پٽ ۾ هنگامي بنيادن تي لهڻو پيو، جتي کهڙي صاحب کي ٻين مسافرن سان گڏ ڪيترائي ميل پنڌ ڪري مدد حاصل ڪرڻي پئي. انگلينڊ پهچڻ تي کهڙي صاحب پنهنجي سفر جي روئداد ڪراچيءَ جي اخبارن کي اماڻي:

”امپيريل هوائي رستي ۾ جاءِ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ تي آءٌ 5  تاريخ ايئر اورينٽ سروس وسيلي ڪراچيءَ کان روانو ٿيس. مون کي 15 تاريخ تائين لنڊن پهچڻو هو. مون سان گڏ ٻه ٻيا زال مڙس مسافر مسٽر ۽ مسز دت پڻ هئا. هيءُ همراهه سي پي (مڌيا پرديش) جو هو جڏهن ته سندس زال فرانس جي هئي. مائي کي رڳو فرانسيسي ٻولي ٿي آئي. جڏهن ته سندس مڙس فرانسيسي ۽ انگريزي ڳالهائي پئي سگهيو. فرانسيسي جهاز واري ڪمپنيءَ جو سڀ کان وڏو ڏچو اهو آهي ته انهن مان ڪو انگريزي نه ٿو ڄاڻي. جيتوڻيڪ هو هندستان کان چڱي خاصي اڏام به ڪن ٿا. اسين ڪراچيءَ کان ڪو 0 0 5  ميل پري ايراني ساحل تي واقع شهر چار بار، اهو شهر دراصل ايراني ساحل تي ننڍڙي بندرگاهه شاهه بهار (Shah bahar) هو، ساڍي ستين وڳي پهتاسين. اسان کي اتي سج لهڻ مهل لهڻو هو، پر پائلٽ اتان وڌيڪ 0 0 2  ميل پري Djask پهچڻ تي زور ڀريو. ان شام ڪوهيڙو تمام گهڻو هو ۽ سج لٿي کان پوءِ زمين نظر ئي نه ٿي آئي. وهنوار موجب اسين ڏهين وڳي اتي پهچڻا هئاسين، پر اونداهي ۽ فاصلي جي درست ڪٿ لڳائڻ ۾ پائلٽ جي ناڪام ٿيڻ تي هو ڀٽڪي ويو. پيٽرول کٽي پوڻ تي اسان کي ايراني رڻ پٽ ۾ چار بار کان ڪو پنجاهه ميل پري رات جو هڪ وڳي هنگامي طور تي لهڻو پيو. لهندي ئي جهاز تباه ٿي پيو. پر اسين ڊوڙ پائي ڀڄي نڪرڻ سبب خوش قسمتيءَ سان محفوظ رهياسين. ان رات اسان کي ڦرجڻ جي ڊپ کان جاڳڻو پيو. صبح جو سوير ڇهين وڳي آءٌ ٻن فرانسيسين سان گڏ ڪنهن وسنديءَ جي ڳولا ۾ نڪتس، اسان وٽ هڪ نقشو ۽ هڪ ڪمپاس هئا. ڏهن ميلن جي پنڌ کان پوءِ به اسان کي ڪا وسندي نظر نه آئي. بهرحال وڌيڪ پنج ميل هلڻ کان پوءِ اسان کي ڪو درجن کن جهڳيون نظر آيون، جتي مڪراني مايون هيون. کين منهنجي فارسي سمجهه ۾ نه ٿي آئي، جو هنن رڳو مڪراني ٻولي ٿي سمجهي، جيڪا فارسي ۽ ڪجهه ٻين اورينٽل ٻولين جو گاڏڙ هئي. وڏي مشڪل سان هڪ پوڙهو مليو جنهن اٺ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ تي اسان کي پنهنجا ٻه گڏهه ڏنا. هن اتان 5 3  ميل پري چار بهار تائين پنهنجي پٽ کي سونهون ڪري اسان سان گڏايو. انتهائي گرم ڏينهن هو ۽ گرمي پد 0 2 1  ڊگري وڌ ۾ وڌ درجي حرارت هوندو. سڄو ڏينهن برسات جو ڪنو پاڻي پيئي گذارو ڪيوسين. ايراني رڻ پٽ ۾ سوين ميلن تائين ڪو کوهه نه هئڻ ڪري اهو ئي پاڻي اسان جو ثمر بڻيو. اسان گهڻي ڀاڱي پنڌ ٿي ڪيو ۽ ورلي گڏهن تي سواري ٿي ڪئي سين جو اهي اسان جو بار کڻڻ کان قاصر هئا. تان جو ستين وڳي چار بار پهتاسين. چار بار ۾ ٽيليگراف آفيس پهچي سپرنٽيڊنٽ سان ملياسين جيڪو ڪراچيءَ جو نڪتو ۽ اسان جو سٺو آڌرڀاءُ ڪندي پنهنجو مهمان بڻايائين. اُتي اسان 6  اُٺ ڀاڙي تي ڪيا ۽ جهاز ۾ ڦاٿل همراهن ڏانهن کاڌي پيتي جو سامان اماڻيوسين ۽ کين سامان سڙي سميت چار بهار پهچڻ لاءِ چيوسين. نئين جهاز لاءِ ڪراچيءَ تار ڪئي سين. جيڪو ستين تاريخ منجهند ٻارهين وڳي پهتو. پر اسان جا ساٿي ڇهين وڳي تائين پهچي نه سگهيا. ان ڏينهن تائين گهاريل مصيبتن جون اُهي گهڙيون ٻڌائڻ کان وڌيڪ تصور ڪري سمجهي سگهجن ٿيون. چار بار جي آبادي شهري ۽ فوجي انتظاميا جي ڪمانڊر انچارج ۽ گورنر سڏجندڙ اهلڪار جي تحت 0 0 5  شهرين ۽ 0 0 2  ايراني فوجين تي ٻڌل آهي. کين 5 3  ايراني سڪا پگهار ٿي ملي، جا اسان جي 0 5  رپين جي برابر هئي“.

کهڙي صاحب جي ساٿي مسافرن دت ڪٽنب پڻ پنهنجي اباڻي شهر  جبلپور جي اخبار ۾ ليک ڏنو. جيڪو کهڙي صاحب کي تهائين وڌيڪ سورمو ٿو بڻائي. اخبار لکي ٿي ته جيتوڻيڪ جهاز جو هڪ مڪينڪ ۽ کهڙو صاحب گڏجي روانا ٿيا پر: ”مڪينڪ 9 1  ميلن جو سفر ڪرڻ کان پوءِ ٿڪجي موٽي آيو پر مسافر (کهڙي صاحب) پنهنجو سفر جاري رکيو. مڪينڪ جي واپسي کان ڪو ڪلاڪ کن پوءِ هٿياربندن جو هڪ ٽولو ظاهر ٿيو ۽ پريشان حال جهازي پارٽي ڏانهن وڌڻ لڳو. ان رات ڳوٺ جو چڱو مڙس ڊگها جُبا پهريل ڇهن همراهن سميت پهتو. هن جهاز تي چوڏهن همراهن جو پهرو لڳايو ۽ مسافرن کي سڄي رات اتي ترسڻ لاءِ چيائين. ٻئي ڏينهن دير سان مددي پارٽي پهتي، اها ڪراچيءَ جي ايم اي کهڙي صاحب جي جا نفشانيءَ جو نتيجو هئي، جنهن رڻ پٽ ۾ 5 4  ميل سفر ڪري مسافرن ۽ عملي کي بچايو.“ کهڙو صاحب بعد ۾ پنهنجي انگلينڊ جي سفر جو باقي حال ڄاڻائي ٿو. جيڪو وچ اوڀر ۽ يورپ ڏانهن سندس پهريون سفر هو.

”ڇنڇر ڏينهن صبح ڇهين وڳي اسان پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ دجاسڪ ۽ لنگاهه (بندر لينگهه) تي مختصر ٿاڪ ڪندي شام چئين وڳي بشائر پهتاسين. ان ڏينهن اسان 0 0 9  ميلن جو فاصلو طئي ڪيو ۽ شام جو گهڻو تڻو وقت پرشيا ۽ ٻاهرين دنيا سان واپاري لاڳاپا رکندڙ سڀ کان وڏي ايراني بندرگاهه بشائر جو شهر گهمندي گذاريوسين. ڏينهن لوڙاٽيل هو ۽ شام ٽين وڳي تائين آسمان صاف نه ٿيو، اهو اسان کي اڳين کان وڌيڪ خراب صورتحال ۾ ڦاسائي ڇڏي ها. اسان رات ايران ۾ چڱي انداز ۾ ٺهيل ريسٽ هائوس ۾ گذاري.

آچر ڏينهن پنجين وڳي اسين بغداد روانا ٿياسين، جتي 9  وڳي پهچي وياسين ۽ ناشتو ڪرڻ کان ستت ئي پوءِ دمشق اُسهياسين ته جيئن شام جو متوقع واچوڙي کان بچي سگهون. دمشق شام چئين وڳي پهتاسين ۽ شهر ڏسڻ کان پوءِ ڪار ذريعي بيروت روانا ٿياسين جتي اٺين وڳي پهچي وياسين. اهو دمشق کان روڊ وسيلي 0 7  ميل کن ٿيندو. دمشق اوڀر جي بهترين شهرن مان هڪ آهي. پر آءٌ ماحول ۽ آبهوا سبب بيروت کي ترجيح ٿو ڏيان. شام ملڪ جو اهو حصو انتهائي زرخيز ۽ وڏي آباديءَ وارو آهي. بيروت جي بندرگاهه مشهور فلسطيني ۽ شامي ميوي جي پرڏيهه روانگي لاءِ مشهور آهي. هوٽل سينٽ جارج جنهن ۾ اسين رات ٽڪياسين سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل آهي. بمبئي جي ڪنهن به هوٽل کي ان سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي. افسوس اٿم ته وقت ۽ جاءِ جي تنگي انهن جاين ۽ ماڳن جي تفصيلي بيان جو موقعو نه ٿي ڏي.“

کهڙي صاحب لنڊن ڏانهن پنهنجو سفر سامونڊي جهاز وسيلي جاري رکيو ۽ ان سفر بابت ٻڌائي ٿو:

”سومر ڏينهن فجر جو ساڍي چئين وڳي سامونڊي جهاز وسيلي پنهنجو سفر شروع ڪيوسين ۽ منجهند 2 1  وڳي اٿينس ۽ شام 5  وڳي ڪارفو ٻيٽ پهتاسين، جت رات گذاري سين. ٻئي ڏينهن صبح 9  وڳي نيپلس ۽ شام چئين وڳي مارسيلز پهتاسين. بيروت ۽ مارسيلز وچ ۾ سڄو سفر سمنڊ مٿان ڪيوسين جيڪو انتهائي پر سڪون هو ۽ موسم به شاندار ۽ مزيدار هئي. مارسيلز کان ريل وسيلي 2 1  تاريخ تي شام ستين وڳي لنڊن پهتس، جتي آڌرڀاءُ لاءِ مسلمان وفد جي سيڪريٽري امجد علي صاحب سان گڏوگڏ ڪاڪس اينڊ ڪنگس لميٽڊ جو عيوضي اسٽيشن تي پهتل هئا.“

کهڙو صاحب پڪا ڊليءَ ڀرسان مارڪيٽ واري ايراضيءَ جي هڪ هوٽل ۾ ترسيو، جتان ڪانفرنس جي مسلمان وفد جو غير رسمي هيڊ ڪوارٽر بڻيل رٽز هوٽل ۾ آغا خان جو ڪمرو سڏ پنڌ تي هو. کهڙو صاحب هڪدم پنهنجي ميمورنڊم ۽ شاهديءَ جي تياريءَ واري ڪم ۾ جنبي ويو. ان ڪم ۾ سر شفاعت احمد خان سندس مدد ڪئي، جنهن جي رهائش سينٽ جيمس ڪورٽ واري فليٽ ۾ هئي. هو روزانو سندس آندل مواد جي آڌار تي ڪم ڪندا هئا. هو تريل مڇي يا چپس ۽ سلاد تي ٻڌل هڪ هلڪو ڦلڪو مانجهندو انهيءَ فليٽ تي ئي ڪندا هئا. کهڙي صاحب لاءِ جنهن انگريز مردن ۽ عورتن کي رڳو اعليٰ عملدارن ۽ حڪمران طبقي جي فردن طور ڏٺو هو، کين معمولي پورهيتن، گهريلو ملازمن ۽ دڪاندارن وغيره طور ڏسڻ بلڪل نئون ۽ انوکو تجربو هو. هن انگريزن کي سندن ديس ۾ انتهائي ٻاجهارو ۽ نرم گو ڏٺو، جيڪا هندستان ۾ حاڪميت سبب سندن غرور ۽ راڄ ڪرڻ جي ڦونڊ کان بلڪل مختلف ڳالهه هئي.

ان ڏس ۾ هڪ سٺو تجربو کيس آڪسفورڊ ۾ سر هينري لارينس سان ملاقات دوران ٿيو. پنجاب جي مشهور هينري ۽ جان جو ڀائٽيو سر هينري پهرين مهاڀاري لڙائي دوران سنڌ جو ڪمشنر هو. هو پراڻي نقطي نظر رکندڙ ڪمشنر جي ان گروپ ۾ شامل هو جن سنڌ جي مسلم آباديءَ لاءِ انصاف کان ڪم ورتو ۽ سندن حق بڻجندڙ عهدا کين ڏيڻ ۾ نه ڪيٻايائون. کهڙو صاحب سندس نوڪريءَ جي پوين ڏينهن ۾ ان وقت ساڻس مليو هو، جڏهن هو پريزيڊنسيءَ ۾ سينئر عملدار ۽ گورنر جي ايگزيڪيٽو ڪائونسل جو ميمبر هو ۽ سنڌ جي مسلمانن لاءِ کهڙي صاحب جي پتوڙ کي همدرداڻي انداز ۾ ٿي ڏٺائين. انگلينڊ جي پنهنجي پهرين دوري ۾ ئي کهڙو صاحب سر هينريءَ سان لهه وچڙ ۾ آيو جيڪو بوئرس هل آڪسفورڊ ۾ رهائش پذير هو ۽ کهڙي صاحب کي هفتيوار موڪل گڏ گهارڻ جي نينڍ ڏنائين. کهڙو صاحب ريل وسيلي اوڏانهن ويو ۽ سر هينري کيس اسٽيشن تي آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ آيو. کهڙي صاحب کيس پنهنجي ڪار پاڻ هلائيندي ڏٺو ۽ کهڙي صاحب کي چيائين“ مون سان گڏ اڳين سيٽ تي  ويهندين يا پويان صاحبن جيان براجمان ٿيندين؟“ کهڙو صاحب اڳيان سيٽ تي ويٺو ۽ کيس آڪسفورڊ جي ڪتابي منظر جهڙي علائقي جو دورو ڪرائڻ کان پوءِ بوئرس هل جي شاندار پسگردائيءَ ڏانهن وٺي ويو. هن ڏٺو ته جيتوڻيڪ لارينس ڪٽنب معاوضي تي ڪم ڪار ڪرائي ٿو پر گهڻي ڀاڱي ڪم هنن پنهنجي هٿن سان ٿي ڪيو. سنڌ جي فاتح سر چارلس نيپيئر جي ڀائٽي ليڊي لارينس کي هن انتهائي موهيندڙ پر عام عورتن جيان ڏٺو. جنهن نوجوان کهڙي صاحب جي آرام جو مڪمل خيال ٿي رکيو، جيتوڻيڪ هو گهر ۾ سندس ڪم ڪار ڪرڻ ۽ ايستائين جو ٽيبل تي کاڌو پيتو به پاڻ رکڻ واري سندس محنت تي لڄي پئي ٿيو.

لنڊن موٽي اچي کهڙو صاحب 9 1  جولاءِ تي پارلياماني ڪميٽيءَ آڏو پيش ٿيو ۽ انتهائي جامع شاهدي ڏنائين، جيڪا عليحدگي حاصل ڪرڻ ۾ فيصلي ڪن ثابت ٿي. علحدگي مخالفن اتي به معاملي جي پچر نه ڇڏي ۽ عليحدگيءَ جي حق ۾ فيصلو روڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪيائون. بهرحال ڪيس انتهائي شاندار طريقي سان ٺهيل هو ۽ سياسي ماحول پڻ عليحدگيءَ جي حق ۾ هو ۽ ان ريت ٽين گول ميز ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي سنڌ خود مختياري ماڻي وئي. ٽين گول ميز ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي سنڌ عليحدگي ڪانفرنس جي عهديدارن ۽ ميمبرن طرفان کهڙي صاحب هڪ بيان تيار ڪيو، جنهن ۾ ان ڊگهي جدوجهد دوران هٿ ونڊائيندڙن ۽ آخرڪار سنڌ سان انصاف ڪرڻ تي ڪميٽي IX ۽ برطانوي حڪومت جا ٿورا مڃيا ويا.

خودمختياريءَ جي حق ۾ فيصلو ڪرائڻ لاءِ انتهائي بيچين آغا خان کهڙي صاحب جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي کيس چيو ”تون سنڌ لاءِ ڪيس تيار ڪندڙ آهين ۽ آءٌ ان جو وڪيل بڻيس.“ ڪيترائي سال پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪراچي اچڻ تي آغا خان کي پنهنجا اهي لفظ ياد هئا ۽ کهڙي صاحب کي چيائين ”سنڌ جي عليحدگي پاڪستان جي پيڙهه جو پٿر هئي“ ۽ لنڊن ۾ پيش ڪيل خراج ٻيهر ورجايائين. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي کهڙي صاحب جي ڪردار جي مڃتا طور سنڌ ۾ سندس ساٿين ڏانهن هڪ ٽيليگرام موڪليائين، جن ۾ بمبئي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو تڏهوڪو ميمبر ۽ آغا خان جو واقف سينئر سياستدان سر غلام حسين پڻ شامل هو.

”3 -8 -3 3 9 1 ع

پيارا سر غلام،

گڏيل چونڊيل ڪانفرنس آڏو سنڌ عليحدگي ڪانفرنس طرفان شاهدي ڏيڻ واسطي کهڙو صاحب هت پهتو. اهو چوندي خوشيءَ پئي ٿئيم ته ڪميٽيءَ تي خان بهادر جي شاهدي بهتر اثر وڌو ۽ اسان کي انتهائي اميد آهي ته سنڌ کي ڌار ڪرڻ واري سرڪاري فيصلي کي پارليامينٽ به بحال رکندي.

اوهان لاءِ نيڪ تمنائن سان

اوهان جو

آغا خان

سنڌ کي ڌار صوبو بنائڻ وارو  فيصلو گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 5 3 9 1 ع جي منظوريءَ سان گڏ ڪيو ويو ۽ پهرين اپريل 6 3 9 1 ع تي سنڌ کي صوبو بڻايو ويو.

کهڙو صاحب سامونڊي جهاز وسيلي وطن وريو. پي اينڊ او ڪمپنيءَ جي جهاز ڪو پندرهن کن ڏينهن لڳايا ۽ سفر آرامده هو. اهو سفر لاڳيتو هلندڙ جدوجهد کان پوءِ هن لاءِ پهرين اصل موڪل هئي. گهڻي ڀاڱي ٻيا مسافر انگلينڊ ۾ موڪلون گذاري هندستان ۾ ڊيوٽيون سنڀالڻ لاءِ موٽندڙ انگريز فوجي ۽ سول عملدار پنهنجي ڪٽنبن سميت هئا. جهاز ۾ راندين، ناچ پارٽين، فلمن ۽ کاڌن جي انيڪ قسمن ذريعي وندر جا ڪيترائي سامان هئا. 0 3 9 1 ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ يقيناً انگريزن ۽ هندستانين وچ ۾ سماجي رڪاوٽون هيون. انگريز اڃا تائين شاهي حاڪم هئا جن هندستانين ۽ انگريز حاڪمن وچ ۾ سماجي وهنوار جا سخت ضابطا ٿي اختيار ڪيا. ان ڪري کهڙو صاحب جيتوڻيڪ سفر دوران گڏجندڙ انگريز آفيسرن سان ته اٿي ويٺي ۾ رهيو پر انتهائي رسمي انداز کان سواءِ سندن ڪٽنبن سان ملڻ جو سوال ئي نه ٿي پيدا ٿيو. هن انگلينڊ ۾ انگريزن ۽ پرڏيهه ۾ انگريزن وچ ۾ تمام گهڻو تفاوت ڏٺو. بهرحال هو هندستان واپسيءَ واري پنهنجي پهرين سفر جي نظارن ۾ ئي گم هو، جنهن دوران هو سوئيز ڪئنال، ڳاڙهي سمنڊ ۽ مصر جي جهلڪ سان مکاميل ٿيو.

بمبئي پهچندي ئي کهڙو صاحب هڪدم شملا روانو ٿيو جتي وائسراءِ لارڊ ولنگڊن سان ملاقات ڪري کيس عليحدگيءَ بابت نيون خبرون چارون ڏنائين. لارڊ ولنگڊن متاثر ٿيندي بمبئي جي نئين گورنر لارڊ بري بارن کي بمبئي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ سنڌ جي سيٽ تي ايندڙ سال ٿيندڙ تبديليءَ تي کهڙي صاحب کي پنهنجو وزير بنائڻ جي سفارش ڪيائين. 1 2 9 1 ع کان بمبئي جي گورنر واري ايگزيڪيٽو ڪائونسل ۾ سنڌ جي هڪ سيٽ تي سر غلام حسين هدايت الله براجمان هو، جيڪو ان عهدي تي سنڌ جي تاريخ ۾ ڊگهو ترين عرصو رهيو هو. ابتدائي ڪجهه سالن لاءِ وزير طور ۽ بعد ۾ ايگزيڪيٽو ڪائونسلر طور رهيو هو. هو بمبئي جي گورنر جي وزارت ۾ تيرهن سالن کان شامل هو ۽ وائسراءِ محسوس ٿي ڪيو ته تبديليءَ لاءِ اهو مناسب وقت هو، خاص طور تي ان ڪري به ته هن ٻين صوبن ۾ پڻ تبديليون ڪرڻ ٿي چاهيون ۽ هڪ فرد کي ايڏو ڊگهو عرصو ٿيڻ تي ڪنهن قسم جو شڪي نه پئي ٿيڻ چاهيائين. سنڌ جي هڪ گورنر طرفان ”چالاڪ پراڻو پکي“ جو لقب ماڻيل هدايت الله انتهائي زيرڪ سياستدان هو. هندستان مان تازو ئي مسلمان ٿيل هڪ شڪارپوري ڪٽنب سان تعلق رکندڙ غلام حسين وڪيل بڻيو. ۽ پوئين صديءَ جي پڄاڻيءَ مهل دانشوراڻي ۽ سياسي سرگرمين جي مرڪز حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين. هن با اثر هندو ڪامورا شاهيءَ سان سنگت ڳنڍي ۽ سندن پٺڀرائيءَ سان سياست ۾ گهڙيو. کيس 9 0 9 1 ع واري مارلي منٽو سڌارن تحت بمبئي ڪائونسل جو ضلعي لوڪل بورڊ حيدرآباد جو عيوضي ڪيو ويو. بمبئي ۾ هن اوڏي مهل پنهنجو پاڻ کي سنڌ سان تعلق رکندڙ قابل قبول سياستدان طور مڃرايو، جڏهن سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ سگهارو سياسي گروپ ڀرڳڙيءَ جو هو، جنهن جي سياست واضح طور تي قوم پرستاڻي هئي. خلافت واري دور هڪ ٻئي قوم پرست سياستدان سيٺ عبدالله هارون جو عروج ڏٺو. جنهن انتهائي اورچائپ سان سنڌ ۾ خلافت تحريڪ منظم ڪئي. انهن مشهور ۽ طاقتور قومپرست سياستدانن جي سامهون حڪومت ڪيترائي اهل ماڻهو ڳولهڻ ۾ ڪامياب ٿي، جن جي مقامي سهائتا ڪار طور پرورش ٿي پئي سگهي. انهن مان اهم ترين غلام حسين هدايت الله هو.

هڪ سماجي تبصري نگار جي لفظن موجب ”هو ڀاڳ جو بادشاهه هو، جنهن ڪا موڙي سيڙائڻ، يا ڪا قرباني ڏيڻ يا ڏکيائي برداشت ڪرڻ کان سواءِ سنڌ سان تعلق رکندڙ سياستدان لاءِ موجود اعليٰ ترين سياسي عهدا ماڻيا.“

سنڌ جي سياست جو بي مثال ۽ انتهائي تيز ۽ ڏاهو سياستدان علي محمد راشدي سندس (غلام حسين) ڪردار جي ڪٿ هيئن ٿو لڳائي:

”سر غلام حسين سدائين وقت کي پروڙيو ۽ ڪڏهن به موقعو نه وڃايائين. هن درست وقت تي درست فيصلو ڪيو. هن پنهنجي پرسڪون سڀاءُ ۽ طبيعت کي سدائين برقرار رکندي ڪنهن به مرحلي تي پيڙا يا گهٻراهٽ جو مظاهرو نه ڪيو. روز شام جو هو ڪلب ويندو هو. اهو معمول ڪڏهن به نه ٽوڙيائين ۽ سندس مخالف وڌيڪ مڇرجي سندس مخالفت کلي عام ڪرڻ لڳا. جڏهن سندن منصوبا مڪمل طور تي وائکا ٿيندا هئا ته هو هڪ ئي ڀيرو واجهائتو وار ڪندو هو. ڪو اهڙو ڏيک ڏيڻ کان سواءِ پنهنجي جوڳن حريفن مان جان ڇڏرائڻ لاءِ سخت قدم کنيائين. سندس طريقا ڪڏهن به ناڪام نه ٿي ٿيا.“ هو انتهائي Diplomatic هو ۽ ڪڏهن به دشمن پئدا نه ڪيائين، سدائين ظاهري طور تي شفيق، سهپ ڀريو ۽ مهمان  نواز ٿي بڻيو. اهڙي ديس ۾ جتي ”گهڻو ڪجهه“ به ”گهٽ“ ليکيو ويندو هجي، سندس هر ڪنهن کي ڀليڪار ڪندڙ گهر ۽ مهمان نوازي سندس اُملهه ۽ عظيم ترين وٿ هئا.

راشدي چوي ٿو ”دراصل هن شروعات ۾ پنهنجي دسترخوان وسيلي اثر رسوخ قائم ٿي ڪيو، جيڪو پوءِ برقرار ٿي رکيائين. سڀ کان اهم اهو ته هن سموري نوعيتن جي ڪامورن کي خوش رکيائين ۽ سندن ڪمن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪيائين. وزير طور پنهنجو گهڻي ڀاڱي ڪم پنهنجي بااعتماد ساٿين جي حوالي ڪيائين ۽ پاڻ ماڻهن سان ملي با اثر دوستن کي ٺاهيندو هو، ارد گرد ٿيندڙ معاملن کان باخبر رهيو ۽ ان ريت ڪابه وارتا کيس ڇرڪائي نه سگهي. هن پنهنجي ڪاوڙ ۽ وير ڪڏهن ظاهر نه ڪيا، سدائين ٿڌو رهندي تنقيد تي هڪدم رد عمل ظاهر نه ڪيائين.“

4 2 9 1 ع جي شروعات ۾ کهڙي صاحب جي بمبئي پهچندي ئي هدايت الله انهيءَ نوجوان کي پنهنجو بنائڻ جي ڪوشش ۾ بمبئي ۾ رهڻ دوران کيس پنهنجي گهر رهڻ جي نينڍ ڏني، جيڪا کهڙو صاحب اڪثر قبول به ڪندو رهيو. هو حڪومتي ۽ دفتري معاملن تي صلاح مشورو ڏيڻ لاءِ به تيار هو. غلام حسين هدايت الله سنگت ڀريو شخص ۽ پنهنجون شامون ڪلب ۾ دوستن سان گڏ پيئڻ ۾ گهارڻ وارو هو. اها عادت خودمختياريءَ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ به جاري رکيائين، جتي ڪراچي ڪلب سندس ٽڪاڻو بڻيو. هن ڪيترائي دوست ٺاهيا، تن ۾ سرڪاري عملدارن سان گڏوگڏ واپاري ۽ سياستدان پڻ شامل هئا.

 

4 3 9 1 ع تائين غلام حسين هدايت الله ايگزيڪيٽو ڪائونسل ۾ ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي سيٽ والاريل هو. وائسراءِ بمبئي جي گورنر کي ڄاڻايو ته هاڻ چهري جي تبديلي ٿيڻ گهرجي. غلام حسين هدايت الله کي ڀڻڪ پئجي وئي ۽ وڃي گورنر جو پاسو ورتائين، جنهن وائسراءِ کي غلام حسين جي لاڳيتو  عهدي تي رهڻ جي استدعا ڪئي. لارڊ ولنگڊن افسوس ظاهر ڪندي چيو:

مون کي انتهائي افسوس آهي ته آءٌ غلام حسين کي واڌ نه ٿو ڏئي سگهان ۽ پڪ اٿم ته اوهين مون تي ان بابت ويساهه ڪندا ته اوهان جي ڪم کي هلڪو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس. پر اوهان کي ٻڌايان ته ٻه ڏينهن اڳ ئي اينڊرسن (بنگال جو گورنر) مون ڏانهن هڪ خط اماڻي لکيو آهي ته غزنويءَ کيس ڄاڻ ڏني آهي ته آءٌ غلام حسين ۽ مدراس جي ڪرشنا نائيز کي توسيع پيو ڏيان ۽ ان ڪري هو غزنويءَ جي معياد ۾ پڻ واڌ ٿو چاهي. مون کي پڪ آهي ته اوهين سمجهي سگهو ٿا ته ان ريت مون کي ڪم ۾ ڪيتري قدر ڏکيائي ٿيندي. ان ڏس ۾ اوهان جي ڪنهن مدد نه ڪري سگهڻ تي پڪ اٿم ته معاف ڪندا.“

غلام حسين هدايت الله ايگزيڪيٽو ڪائونسل ۾ پنهنجي ميمبري جاري رکڻ لاءِ هر ممڪن پتوڙ ڪرڻ شروع ڪئي، هن ڏاهپ سان ڪٿ لڳائي ته سندس ٻه امڪاني متبادل بهتر ريت آزمايل سر شاهنواز ڀٽو يا شايد تازوئي انگلينڊ مان ڪامياب موٽي آيل ۽ نه رڳو تجربيڪار پارليامينٽرين پر سنڌ ۾ چڱي موچاري حمايت رکندڙ کهڙو صاحب ٿي سگهن ٿا. غلام حسين هاڻ کهڙي صاحب جو اعتماد حاصل ڪري ورتو ۽ کيس باور ڪرايائين ته هو سندس گهڻگهرو ۽ ايماندار دوست آهي. هاڻ هن هڪ ڌڪ ۾ ٻه شڪار ڪرڻ ٿي چاهيا. هن کهڙي صاحب تي واضح ڪيو ته لارڊ بري بارن ڀٽي کي ايگزيڪيٽو ڪائونسل جو ميمبر بنائڻ بابت پنهنجي ذهن ۾ فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ جيئن ته ڀٽو سرڪاري ”جي حضور“ شخص آهي تنهن ڪري مستقبل جي سندس صوبي جي آزاداڻي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندو. ڀٽي جي مخالفت لاءِ کهڙي صاحب کي اهي ٻول ڏيڻ کان پوءِ هن اهو به انديشو ڏنو ته ڀٽي جي مقرري سنڌ ۾ کهڙي صاحب جي حيثيت کي به ڇيهو رسائيندي، جتي ڀٽو کيس لوئڻ ۽ پوئتي ڌڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو. ان کان سواءِ هُن اهو به واضح ڪيو ته عليحدگي واري مسئلي تي سر شاهنواز جو ريڪارڊ نقص ڀريو رهيو آهي. ان کان پوءِ هن کهڙي صاحب کي چيو ته هو گورنر کي ڄاڻائي ته غلام حسين کي ڪائونسل مان نه هٽايو وڃي.

سياست ۾ هاڻ جوڳو تجربو رکڻ جي باوجود کهڙو صاحب انهيءَ چالاڪيءَ کي سمجهڻ کان قاصر رهيو. هن سياست عوامي طور ٿي ڪئي ۽ ماڻهن جي ڀلائي ۽ انصاف جي خاطري سندس مقصد هئا. کيس ماڻهن ۽ سندن مسئلن جو ڀليءَ ڀت ادراڪ هو ۽ توڙ نڀائڻ ۽ محنت ڪرڻ سان گڏوگڏ مقصد حاصل ڪرڻ تائين جدوجهد ڪرڻ واري پنهنجي وصف ثابت ڪري چڪو هو. پر سندس سڀ کان وڏي ناڪامي، جيڪا سندس سڄي ڪيريئر ۾ شامل رهي، سا پنهنجي ساٿين ۽ همعصرن جا مقصد سمجهي نه سگهڻ هئي. ڪنهن به ”ميڪاولي“ خصلتن کان وانجهيل هئڻ سبب هو پنهنجي همعصرن جيان نه بڻجي سگهيو. کهڙي صاحب ان موقعي تي ڳوٺاڻي ديني انداز جو مظاهرو ڪيو جيڪو غلام حسين جي حرفتي انداز سان متضاد هو. ساڳئي وقت کهڙو صاحب سر شاهنواز ڀٽو کان پرڀرو ٿيڻ لڳو هو. جنهن سان هُن پهرين بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌ گروپ جي ڊپٽي اڳواڻ طور ۽ پوءِ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ۾ شاهنواز جي صدارت هيٺ نائب صدر طور ڪم ڪيو هو. کهڙي صاحب سنڌ جي عليحدگيءَ واري سوال تي سر شاهنواز جي بمبئي سرڪار جي پٺڀرائي ڪرڻ کي اعتماد کي ڇيهو رسائڻ ٿي ليکيو، ان جو سبب اهو به هو ته کهڙو صاحب شروعات ۾ مٿس تمام گهڻو اعتماد ۽ انحصار ڪندو هو. هاڻ هن لارڊ بري بارن کان ملاقات جو وقت گهري کيس غلام حسين هدايت الله کي سنڌ مان ايگزيڪيٽو ڪائونسلر طور توسيع ڏيڻ لاءِ زور ڀريو.

کهڙي صاحب جي مداخلت به سرڪاري وهنوار ۾ ڪا تبديلي آڻي نه سگهي، جيتوڻيڪ گورنر غلام حسين هدايت الله کي واڌ ڏيارڻ لاءِ پنهنجي وسان گهٽائي نه رهيو هو پر هن پنهنجي انهي سرڪاري اختيارن ۾ مداخلت کي سٺو نه ليکيو. غلام حسين جو مقصد ته حاصل نه ٿيو پر کهڙي صاحب کي پنهنجي لاءِ هڪ انتهائي سگهارو وير پرائڻ جو موقعو ضرور مليو. کهڙي صاحب کي اهو اندازو ئي نه ٿيو ته هو هندستان ۾ شاهي حڪومت جي اوچي ترين مسند گورنري سنڀاليل لارڊ بري بارن کي مڇرائي ويٺو آهي. هو پنهنجن ڪم ڪارين ۽ معمول جي ملاقاتن لاءِ گورنر سان گڏجندو رهيو پر هن کهڙي صاحب جي انهيءَ انداز کي ڪڏهن به درگذر نه ڪيو ۽ ايستائين جو 6 3 9 1 ع ۾ سنڌ جي نئين گورنر کي پڻ کهڙي صاحب بابت چتاءُ ڏنائين. پنهنجي محنت ڦيٽ ڪري کهڙو صاحب گهٽ ۾ گهٽ بمبئي ڪابينا ۾ پنهنجي شموليت جا ٻيڙا ته ساڙي چڪو هو ۽ اهو عهدو ڀٽي جي حوالي ٿيو جنهن پنهنجا پتا تمام عقل منديءَ سان کيڏيا.

ان دوران غلام حسين هدايت الله پنهنجو ڀاڳ آزمائيندو رهيو. لارڊ ولنگڊن ان موضوع تي بري بارن کي لکيو:

”ويچاري غلام حسين کي هت معاشي ڪانفرنس جي موقعي تي ڏٺم، ايترو ضرور چوندس ته هن سڄي معاملي کي تمام ڪريل انداز سان ورتو آهي. هو منهنجي ڪمري ۾ عملي طور تي منهنجي ڪلهي تي اهلجي اوڇنگارون ڏيڻ لڳو ته مون سندس عوامي ڪيريئر تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ منهنجي لاءِ کيس اهو سمجهائڻ ناممڪن بڻجي پيو ته ٻيا ماڻهو به سرڪاري عهدن تان هٽندا رهيا آهن.“

ولنگڊن کهڙي صاحب يا هارون کي متبادل طور رٿيندو رهيو. پر جيستائين بري بارن جو تعلق هو، کهڙو صاحب هن لاءِ اڻ وڻندڙ شخصيت بڻيل هو ۽ هو کيس ليکي نه پئي سگهيو. غلام حسين هدايت الله گهٽ ۾ گهٽ وزير (ايگزيڪيٽو ڪائونسلر کان هڪ ڏاڪو هيٺ) بنائڻ جي منٿ ڪئي ۽ بري بارن ٻيهر وائسراءِ کي لکيو:

”سر غلام حسين مون تي انتهائي زور پيو وجهي ته سندس ميمبر طور سيٽ خالي ڪرڻ تي کيس وزير بڻايو وڃي. بهرحال آءٌ سمجهان ٿو ته کيس وزير بنائڻ سان هڪ اهڙو مثال قائم ڪري ڇڏيندس جنهن جي ٻين هنڌن تي پوئواري انتهائي ڏکي ثابت ٿيندي، ان ڏس ۾ اوهان جي خيالن کان واقف ٿيڻ لاءِ آتو آهيان.“

ولنگڊن ڪنهن حد تائين سرد مهريءَ سان وراڻيو:

”اوهان جو 2 1  تاريخ وارو ٽيليگرام پهتو. جيتوڻيڪ چٽي ڳالهه ته اها آهي ته غلام حسين کي وزير بنائڻ واري اوهان جي رٿ سان اتفاق نه ٿو ڪريان پر اهو معاملو مڪمل طور تي اوهان تي ڇڏيان ٿو ته جيڪڏهن اوهين سمجهو ٿا ته اهڙو قدم اوهان جي ڏکيائي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ته پوءِ مون کي ڪو اعتراض ناهي. ان کان سواءِ آءٌ نه ٿو سمجهان ته اسان کي ان تي پريشان ٿيڻ گهرجي ته اهڙو ڪو مثال ڪنهن ٻئي هنڌ ڪو مسئلو کڙو ڪندو. ڇاڪاڻ جو تمام ٿورڙن ايگزيڪيوٽو ڪائونسلرن جو مُدو منهنجي خيال موجب صوبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائڻ کان اڳ ختم ٿيندو. جيڪڏهن اوهين غلام حسين کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪريو ٿا ته پوءِ اميد اٿم ته هو جلد کان جلد چونڊن ۾ بيهندو.“

لارڊ بري بارن يقيني طور تي وائسراءِ جي اهڙي واضح ناخوشيءَ خلاف نه پئي وڃي سگهيو ۽ اهڙو فيصلو ڪيائين ته وائسراءِ جي ذاتي سيڪريٽريءَ کيس خط لکي پنهنجي صاحب جي طرفان اطمينان جو اظهار ڪيو. ۽ لکيو ته وائسراءِ تمام خوش آهي ته توهان جهوني غلام حسين کي وزير نه بڻايو آهي... ڄاڻان ٿو ته هو ڪيترو بيچين ۽ اوهان تي ڪيڏو ڪاوڙبو. توهان مون کي معاف ڪندا، جيڪڏهن مان توهان کي ائين چوندي اها گستاخي جو ڪارڻ ٿو بڻجان ته توهان تمام اعليٰ فيصلو ڪيو آهي.

غلام حسين هدايت الله جي برطرفي ۽ ڀٽي جي مقرريءَ واري ايندڙ سال پيش ايندڙ ناٽڪ جو هڪ حاشيو اهو ٿيو ته جڏهن غلام حسين مٿي چڙهيو ۽ بري بارن کي ڪاوڙائي ڇڏيائين. جو جڏهن کيس خبر پئي ته وائسراءِ غلام حسين کي مانجهاندي تي گهرائي رهيو آهي ته احتجاجي ٽيليگرام ۽ بعد ۾ خط لکيائين:

”اهو محسوس ٿو ڪريان ته غلام حسين سان اوهان جي مانجهاندي بابت اوهان کي اماڻيل ٽيليگرام تي معذرت ڪرڻ کپي. پر جيئن ته اهو اوهان جي ڪنهن به اڳوڻي پروگرام ۾ نه ٿيو آهي، اهو ان خدشي جي خاتمي لاءِ به اماڻيم ته سڀ ڪجهه پڪ سان طئي شده نه هو.

آءٌ حقيقتاً ڄاڻان ٿو (سي آءِ ڊي ۽ ٻين وسيلن کان) ته هو خاص طور تي ڪراچيءَ واري فائرنگ جي واقعي بابت انتهائي زهر ٿو اوڳاڇي ۽ هر ڌر وٽ پير کُپائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جيئن پوءِ تيئن وڌائي رهيو آهي. ٻئي پاسي شاهنواز ڀٽي انتهائي هوشمنديءَ جو ثبوت ڏنو آهي ۽ محسوس ٿو ڪريان ته غلام حسين سان اوهان جو مانجهاندو کيس شاهنواز خلاف پنهنجي مهم ۾ مدد مهيا ڪندو.“

بري بارن اهو سوچي ڪاوڙيو پئي ته هُن غلام حسين جي حمايت ۾ ته وائسراءِ کي پڻ ناراض ڪرڻ جي حد تائين پهتو، پر تنهن هوندي به هن (غلام حسين) جي وائسراءِ وٽ ليجسليٽو اسيمبليءَ جي صدر ٿيڻ جي سفارش ڪئي هئي.

پر اهو غلام حسين هدايت الله جي لالچ جو ڪو ڇيهه نه هو. اپريل 6 3 9 1 ع ۾ سنڌ جي خود مختيار صوبي ٿيڻ کان پوءِ کيس صوبائي گورنر کان چڱي مڃتا ماڻڻ لاءِ گهٽ پتوڙڻو پيو ۽ هو ايندڙ ڏهن سالن جو گهڻو تڻو حصو اقتدار ۾ رهيو ۽ اهو سلسلو 8 4 9 1 ع ۾ سنڌ جي گورنر واري حيثيت ۾ ئي گذاري وڃڻ تائين جاري رهيو.

گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 5 3 9 1 ع وسيلي سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ تائين اهو ڳانڍاپو ڪو نوي سال کن هليو. جيتوڻيڪ سنڌ جي خودمختياري حاصل ڪرڻ مهل ان جو وقت ڀرجي آيو هو پر بيشڪ سنڌ انهيءَ ڳانڍاپي مان سياسي ۽ دانشوراڻو لاڀ ضرور پرايو. ٻئي پاسي اهو دليل ڏئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن سنڌ کي سر چارلس نيپيئر جي گورنريءَ وانگر ڌار صوبي طور ئي هلايو وڃي ها ته اهو بنيادي ڍانچي جي ڏس ۾ ۽ سنڌ جهڙي زرعي علائقي لاءِ انتهائي اهم محصولي انتظاميا جو سرشتو جوڙڻ ۾ تمام گهڻو اڳڀرو هجي ها، ايستائين جو سنڌ جي جديد حيثيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجندڙ تعليمي ۽ ٻيا شعبا پڻ واڌ ويجهه ماڻين ها. ٻين لفظن ۾ اهو چئجي ته خودمختيار رهڻ جي صورت ۾ سنڌ اهڙو سرشتو جوڙڻ ۽ جوڳو بنائڻ جي اهل هجي ها جنهن جي ان کي ضرورت هئي.

علائقي جي وهنوار ۽ معاشري بابت جوڳي ڄاڻ نه هئڻ سبب سنڌ تي برطانوي راڄ جي شروعاتي عرصي جي دوران انتهائي سنگين ۽ فيصلي ڪُن غلطيون ڪيون ويون. غلطيون جن جي ازالي لاءِ ديس کي ڪيترو ئي ڀوڳڻو ۽ اوسيئڙو ڪرڻو پيو. اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ ئي اهڙو محصولي سرشتو جڙي سگهيو جيڪو سنڌ جي انفرادي حالتن سان ٺهڪندڙ هو، نه ڪي هندستاني اپکنڊ جي ”رعيت واري“ سرشتي جو چرخو. ڏور رس ادراڪ جي ڪامورڪي اڻهوند جي نتيجي طور پئدا ٿيل اهي غلطيون پرڏيهي حاڪمن جي راڄ ۾ نئون ماحول ڀوڳيندڙ ماڻهن جي زندگين ۾ وڌيڪ پيڙائن جو سبب بنيون.

بيٺڪي انومانن جي پئدا ٿيل حالتن، جن ان کي ڏورانهين ماڳ، معاشي ۽ ثقافتي طور تي اوپري انتظامي ايراضيءَ سان ڳنڍيو، پر ان هوندي به سنڌ جا ڀاڳ ڀلا هئا جو ان کي هندستان جي سڀ کان وڌيڪ ترقي ڪيل ۽ ڪاسموپوليٽن پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍيو ويو. هت اولهه جي تعليم پاڙون پختيون ڪري چڪي هئي ۽ علائقي جي مقامي ٻولين کي شامل ڪندڙ هڪ اهڙو سرشتو جوڙيو ويو هو، جنهن کي تعليمي ڍانچي ۾ شامل ڪيو ويو. اهو سنڌ به اختيار ڪيو. هت هندستان جي انتهائي اڳتي وڌيل سياسي شرافت پڻ هئي. جنهن هندستان ۾ ”ايسوسيئيشن“ يا تنظيمي سياست شروع ڪئي. ڪانگريس بمبئيءَ ۾ جنم ورتو هو ۽ عظيم سمجهه ڀريل اڳواڻن نوروجي، مهتا ۽ گوکلي جو تعلق پڻ بمبئي سان هو. سماجي صورتحالن ۾ ورتاءُ بابت انهن اڳواڻن جو انداز سنڌي سياستدانن تي پڻ اثر انداز ٿيو. قانون جي حڪمراني لاءِ عزت، هندستان ۾ حڪومت جو بهترين ورتاءُ، ليجسليٽو (اسيمبلي) ۾ بحث جو شاندار معيار ۽ عوامي جيوت ۾ ساک بمبئي ۾ برطانوي سرشتي جي راڄ سان لاڳاپيل سنڌي اڳواڻن اتان حاصل ڪيون.

ان حوالي سان اهو چئجي ته سنڌ اهڙي خود مختياري ماڻي رهي هئي، جنهن لاءِ يقيناً سنڌين تمام وڏي جاکوڙ ڪئي هئي پر ساڳئي وقت تي اها ان ڳانڍاپي کي پڻ وڃائي رهي هئي، جنهن ان جي سياسي ۽ ثقافتي واڌاري ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. کهڙي صاحب لاءِ بمبئي سندس سياسي اسڪول هو. هت ئي هن اسيمبلي ميمبر طور بحث مباحثي جي لاهين چاڙهن، پنهنجي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ انتهائي واضح ۽ جامع ريت پنهنجو نقطي نظر پيش ڪرڻ جو پنهنجو پهريون تجربو ماڻيو. هن هڪ انتهائي گهڻ نسلي ۽ گهڻ ثقافتي معاشري جو مشاهدو ڪيو جنهن سندس فهم ۽ فراست کي وسيع ڪيو ۽ سندس شخصيت کي نکاريو جيڪو سندس صوبي تائين محدود رهڻ جي صورت ۾ ممڪن نه هو. هت هُن اعليٰ معيار جي ڪامورا شاهيءَ سان ڪم ڪرڻ سکيو ۽ اهي ئي معيار هئا جن جي هو باقي سڄي حياتي توقع ڪندو رهيو. کهڙي صاحب سنڌ کي بمبئي ليجسليٽو جي روايتن جي تسلسل طور تي ڏٺو جنهن ۾ سياسي جيوت با اصول ۽ با اخلاق هئي. سنڌ جي خود مختياري حاصل ڪرڻ سان فقط اهو فرق پوندو ته سنڌين کي جمهوريت جي وهنوار جا وڌيڪ ۽ بهتر امڪان حاصل هوندا. سندن مسئلا وڌيڪ اميد ڀرئي ماحول ۾ سندن پنهنجي چائنٺ تي ئي حل ٿيندا. هن ان کي ڪامورا شاهيءَ جي ارڏاين تي عوامي عيوضين جي ڪنٽرول جي موقعي ۽ انتظاميا جي عوام سان وڌيڪ همدرد هئڻ طور پڻ ٿي ڏٺو. انهن مقصدن جي حاصلات کهڙي صاحب جي تصور کان گهڻي ڏکي ثابت ٿيڻ واري هئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org