”منهنجي نوجوان
دوست
ڀٽي
جو ڪو پسمنظر
ناهي. آڪٽوبر
1958ع
۾
جڏهن
هو اڃان
ٽيهن
سالن
جو ئي
مس
هو ته
مرحوم اسڪندر
مرزا
کيس
اوڏي مهل
رات
وچ ۾ وزير
بڻايو، جڏهن
هن
ڪمانڊر
انچيف سان
گڏجي
فيبروري 1959
ع
۾
اسان
جي حڪومت
جون
رٿيل چونڊون
ٽارڻ
لاءِ
مارشل لا
هنئي
هئي. ڀٽو آمريتي
راڄن
سان سهڪار
ڪندي
اقتدار سان
چنبڙيو
رهيو.
آڪٽوبر 1958
ع کان جون 1966ع
تائين ڪو اٺن
سالن
دوران سندس
ڪردار
کان
هرڪو
ڀلي
ڀت
واقف آهي.
هو
مون تي
منهنجي وڏ
وزارت دوران
جمهوريت کي گدلائڻ
جو
الزام ٿو هڻي.
ايوب
خان جي
آمريت دوران
پنهنجي اقتداري
ڏينهن
دوران ڄڻ هن
ڪي
شاندار جمهوري
ڪارناما
سرانجام ڏنا هجن!
ڇا
هو
ساڳيو ڀٽو ناهي
جنهن
پنهنجي ذات
۽
پنهنجي ساٿين
لاءِ
رستو صاف
ڪرڻ
واسطي سمورن
سينئر سياستدانن
کي
ايبڊو جو
شڪار
بڻايو؟ ڇا هو
بنيادي جمهوريتن
جو
موجد ناهي
جنهن
عوام کي بالغ
راءِ
دهي واري
حق
کان
محروم ڪيو ۽ 1962
ع
۽
1965
ع
وارين چونڊن
دوران کيس ۽ سندس
ساٿين کي
ڌانڌلين جو
موقعو مهيا
ڪيو؟
ڇا
هو
اڄ به
فاطمہ جناح
کي
سندس
تڏهوڪي ان
داتا
۽
هاڻوڪي حملن
جي
هدف بڻيل
ايوب
خان هٿان
آيل
شڪست ۾ پنهنجي
ڪردار
تي
فخر مند
آهي؟
ڇا
هن پنهنجي
صاحب
کي
سوئيڪارنو ۽ نڪرو
ما
وانگر تاحيات
صدر
ٿيڻ
جو مشورو
نه
ڏنو
هو؟ ۽ ايوب
خان
کي
هڪ جماعتي
رياست قائم
ڪرڻ
۽
پنهنجي
ڦرلٽ جاري
رکڻ
لاءِ سرڪاري
عملدارن کي ان
جو
ميمبر بنائڻ
جي
صلاح
ڪنهن ڏني هئي؟
حيرت
انگيز طور
تي
اڄ هو
ملڪ
۾
جمهوريت ۽ سوشلزم
جو
چيمپئين بڻجي
ويو
آهي.“
پر
ڀٽو
انتهائي اوچو
اڏامي رهيو
هو.
سندس اڍنگيون
۽
ڌمڪي
ڀريون
تقريرون ۽ سندس
پوئلڳن طرفان
امن
۾
ڏار
وجهڻ وارين
سرگرمين تي
ٻين
پارٽين کي لڳل
اچرج
دوران ڪا روڪ
ٽوڪ
نه
هئي. تن
ڏينهن
۾
تمام
ٿورڙن
ماڻهن ٿي
ڄاتو ته
ڀٽي
۽
تڏهوڪي حاڪمن
وچ
۾
ڪيڏا
ويجها ناتا
هئا.
ڀٽي
جي آتم
ڪهاڻي
لکندڙ کيس يحيٰ
خان
جو شرابي
۽
شڪاري ساٿي
ڄاڻائي
ٿو
۽
اهو
ته هو
حڪومت جي
انتهائي اندروني
ڪائونسل
جو
انتهائي با
اختيار رڪن
هو.
هو ڀٽي ۽ يحيٰ
خان
جي پرسنل
اسٽاف آفيسر
۽
چيف
مارشل لا
ايڊمنسٽريٽر جي
هيڊ
ڪوارٽرس
جي سربراهه
ليفٽيننٽ جنرل
ايس
جي ايم
ايم
پيرزادي وچ
۾
موجود سرگرم
صلاح
مشورن جو
پڻ
ذڪر ڪري ٿو. چونڊن
کان
اڳي
واري انهيءَ
عرصي
دوران يحيٰ
سان
رابطو فقط
جنرل
پيرزادي وسيلي
ئي
ممڪن هو.
تقريباً سمورا
اهم
دستاويز پيرزادي
اڳواٽ ئي
ڀٽي
کي
ڏيکاريا
۽
گهڻي
ڀاڱي
سياسي معاملن
تي
ساڻس مشورو
ڪيو
ٿي
ويو.
اهي حقيقتون
کهڙي
صاحب
جي ڄاڻ ۾
ڊسمبر 1970
ع
۾
ٿيندڙ
چونڊن کان پوءِ
اچڻيون هيون.
ڀٽي سنڌ
۾
عوامي مقبوليت
رکندڙ سڀ
کان
وڌيڪ
اهم سياسي
اڳواڻ
کهڙي صاحب
کي
شعوري طور
تي
هدف بڻايو.
هو
لاڙڪاڻي مان
چونڊن جي
نتيجن بابت
بي
يقينيءَ جو
شڪار
هو، تنهن
ڪري
ٻين
به
ڪيترين
ئي تڪن
مان
چونڊ وڙهڻ
جو
فيصلو
ڪيائين، پر
هن
ڄاتو
ٿي
ته پنهنجي
ساک
ڏيکارڻ
لاءِ کيس پنهنجي
اباڻي ضلعي
مان
هر صورت
۾
چونڊ
کٽڻي
پوندي. ان
ڪري
هن
لاءِ ضروري
هو
ته
کهڙي صاحب
کي
سنڌ
جي
”غدار“ طور
ماڻهن آڏو
پيش
ڪري.
جنرلن خاص
طور
تي جنرل
پيرزادي وسيلي
يحيٰ
شاهيءَ جي
اندروني
ٽولي تائين
رسائي رکندي
۽
پروپيگنڊا جا
نوان
طريقا اختيار
ڪندي
ڀٽي
کهڙي
صاحب
کي
سياسي طور
تي
تباهه ڪرڻ جو
پڪو
پهه
ڪيو.
کهڙو صاحب
معاشي وسيلن
۾
به
ساڻس ڀيٽ جهڙو
نه
هو. ڀٽي وٽ
وسيلن جو
انبار ٿي نظر
آيو
جنهن وسيلي
هن
نه رڳو
پاڪستان جي
سمورن رستن
پر
ڏورانهن
علائقن جي
هوٽلن کي به
پنهنجي پارٽي
جهنڊن سان
ڍڪي
ڇڏيو
هو.
کهڙي صاحب
لاڙڪاڻي مان
ڀٽي
جي
سامهون چونڊ
وڙهي. هو
ضلعي
۽
صوبي لاءِ
ڪيل
پنهنجي خدمتن،
ماڻهن بابت
سندس
وسيع ۽ جوڳي
ڄاڻ
۽
سندن
وفاداري جي
آڌار
تي ميدان
۾
لٿل
هو. هاڻ
هو
9 6
سالن
جو
هو ۽ گذريل
ٻارهن
سالن
دوران لاڙڪاڻي
جي
نمائندگي نه
ڪري
سگهيو هو،
ان
دوران ملڪ
جي
سياسي وهنوار
۾
وڏي
شاهي تبديلي
اچي
چڪي هئي
پر
کهڙي
صاحب چونڊن
۾
حصو
وٺڻ پنهجي
ذميواري ٿي سمجهي.
ڀٽي
کيس
نياپو اماڻيو
هو
ته جيڪڏهن
کهڙو
صاحب
قومي اسيبليءَ
جي
تڪ تان
هٿ
کڻي
ته موٽ
۾
کيس
صوبائي اسيمبليءَ
جون
ٻه
سيٽون ڏئي سگهجن
ٿيون.
هن
پروڙيو ته
ڀٽي
وٽ
تمام گهڻا
وسيلا هئا
۽
يحيٰ
شاهي به
سندس
پٺڀرائي ڪري رهي
هئي
پر هن
محسوس ٿي ڪيو ته
عوام
ان ماڻهوءَ
کي
قطعي
ووٽ نه
ڏيندا
جيڪو
نفرت جو
هدف
بڻيل ايوبي
آمريت جو
اهم
پرزو رهيو
هو.
کهڙو
صاحب
ڪائونسل مسلم
ليگ
جي
ٽڪيٽ تي
چونڊ
وڙهي رهيو
هو،
پر سندس
جماعت ٽوڙ ڦوڙ جو
شڪار
هئي ۽ قيوم
خان
ڌڙي
کي
حڪومت جي
پٺڀرائي حاصل
هئي.
ان دور
جي
هڪ هاڻوڪي
تاريخدان موجب:
”قيوم خان
شروعات کان ئي
حڪمران
ٽولي سان
ويجها رابطا
پئي
رکيا. هن
کي
قومي
سلامتيءَ واري
ڊويزن
۽
انٽيليجنس ايجنسين
جي
آشيرواد حاصل
هئي.“
يحيٰ
شاهيءَ مسلم
ليگي
فنڊن کي حاصل
ڪيو
هو،
ان کان سواءِ
ڪيترن
ئي
سرمائيدارن کان رقمون
حاصل
ڪري
پنهنجي منظور
نظر
اميدوارن ۾ ورهائي
چڪي
هئي. ان
جو
مطلب هو
ته
مسلم ليگ
سياسي ۽ مالياتي
طور
تي
ڪمزور هئي
۽
ڪو
مضبوط مورچو
ٺاهڻ
۾
ناڪام رهي.
ان
ڪري
ان جي
کٽڻ
جا
ڪي
وڏا امڪان
نه
هئا.
ڊسمبر 1970
ع
۾
عام
چونڊون
ٿيون. چونڊن
دوران ڀٽي لاءِ
رياستي مشينريءَ
جي
پٺڀرائي وڌيڪ
واضح
طور تي
نظر
ٿي
آئي.
ڊيوٽيءَ تي
موجود فوجي
عملدارن سرگرميءَ
سان
مداخلت ڪئي ۽
کهڙي صاحب
جي
حمايتي ووٽرن
کي
پولنگ اسٽيشن
تي
وڃڻ کان روڪيو.
ڀٽي
سرڪاري عملدارن
سان
گڏ پولنگ
اسٽيشنن جو
دورو
ڪيو.
هن گوڙ
گهمسان ته
ڪيو
پر
آخري لمحي
تائين بي
يقينيءَ جو
شڪار
هو. جڏهن
ڀٽي
جي
اباڻي شهر
نئون
ديرو جي
سندس
واسطي هڪ
محفوظ پولنگ
بوٿ
۾
کهڙي
صاحب جي
هڪ
خاتون اليڪشن
ايجنٽ پولنگ
آفيسر سان
انگريزي ۾
ڳالهايو ته
ڀٽي
جي
پهرين زال
شيرين امير
بيگم
جيڪا اتي
پولنگ ايجنٽ
بنيل
هئي، پنهنجي
مڙس
کي
نياپو اماڻيو
ته
کهڙي
صاحب جي
ايجنٽ پولنگ
آفيسر سان
سازش
ڪري
رهي آهي.
انهيءَ سازش
کي
ٻنجو
ڏيڻ
لاءِ
ڀٽو
هڪدم انهيءَ
پولنگ اسٽيشن
تي
پهتو.
عام
ماڻهن کي وڏي
واڪي
اپيلن وانگر
ڀٽي
ضلعي
جي با
اثر
۽
وڏن زميندارن
جي
حمايت حاصل
ڪرڻ
لاءِ
وسان نه
گهٽايو. هن
ڏوڪريءَ
۾
کهڙي
صاحب
جي حمايتي
وڏيري غلام
عمر
انڙ کي غنڊا
ايڪٽ
تحت گرفتار
ڪرايو.
کهڙي
صاحب
انهيءَ گرفتاري
تي
احتجاج ڪرڻ لاءِ
مارشل لا
اختياري وارن
سان
مليو پر
پنهنجي ساٿيءَ
کي
آزاد
نه
ڪرائي سگهيو.
ڀٽي
ڪجهه
ٽياڪڙن
ذريعي انڙ
سان
ڳالهيون
ڪيون
۽
پنهنجي حمايت
جي
صورت ۾ آزاديءَ
جي
خاطري
ڪرايائين. ساڳئي
ريت
اوستائين
کهڙي صاحب
جي
حمايت
ڪندڙ ٻين زميندارن
جي
حمايت حاصل
ڪرڻ
لاءِ
به ڀٽي دڙڪي
داٻ
کان
ڪم
ورتو. جڏهن
زميندارن ڏٺو ته
فوجي
حڪومت مڪمل
طور
تي ڀٽي جي
پٺڀرائي ڪري رهي
آهي
ته هنن
پنهنجي مفادن
سبب
سندس حمايت
ڪرڻ
شروع
ڪئي.
چونڊن
۾
کهڙي
صاحب
جو هڪ
اهم
حمايتي پير
پاڳارو هو
جنهن
ڀٽي
سان
ٺاهه ڪرڻ کان انڪار
ڪندي
کهڙي
صاحب
کي
مڪمل حمايت
جو
يقين
ڏياريو هئائين.
چونڊن کان هڪ
ڏينهن
اڳ
کهڙي
صاحب لاڙڪاڻي
جي
اسٽيڊيم ۾ هڪ
جلسي
جو بندوبست
ڪيو
جنهن
۾
پير پاڳاري
کي
تقرير ڪري
کهڙي صاحب
لاءِ
پنهنجي حمايت
جو
واضح اعلان
ڪرڻو
هو.
پر عين
موقعي تي
پير
پاڳارو پهچي
نه
سگهيو ۽ سندس
غير
موجودگيءَ ۾ ئي
جلسي
جي
ڪاروائي هلي.
پير
پاڳاري جي
اها
غير موجودگي
کهڙي
صاحب
لاءِ انتهائي
اڻ
سهائيندڙ هئي.
دراصل پير
پاڳارو
ڪراچيءَ واري
پنهنجي گهران
روانو ٿي ٺٽي ۾ پنهنجي
حمايتي اميدوارن
جي
مهم هلائڻ
هليو
ويو هو
جتي
سندس مريدن
جو
تعداد تمام
ٿورو
هو.
عام طور
تي
اهو سمجهيو
ٿي
ويو
ته پير
پاڳاري کي
کهڙي صاحب
جي
جلسي ۾ شرڪت
نه
ڪرڻ
لاءِ مارشل
لا
اختياري وارن
نياپو ڪيو هو،
ان
نياپي تي
هو
ڪن
ٽار
نه پئي
ڪري
سگهيو.*
کهڙي صاحب
جي
آبائي تعلقي
۽
لاڙڪاڻي شهر
جا
ووٽر انهن
سمورين
ڏکيائين جي
باوجود ساڻس
گڏ
رهيا ۽ کيس انهن
هنڌان اڪثريت
حاصل
ٿي.
شهر ۾ رهندڙ
اردو
ڳالهائيندڙن
سندس مڪمل
حمايت ڪئي جن
کي
اتي
ٿانيڪو
ٿيڻ
۾
مدد ڪرڻ لاءِ
هن
وسان نه
گهٽايو هو.
رتوديرو
(جنهن ۾ ڀٽي جو
مضبوط
ڳڙهه هو
نئون
ديرو پڻ
شامل
هو) ڀٽي جي
حمايت ۾ سامهون
اچڻو
هو پر
فيصلي ڪُن ووٽ
ڏوڪري
تعلقي ۾ پوڻا
هئا
جتان ڀٽو پنهنجي
دٻآءٌ وارين
حرفتن سبب
کٽي
ويو.
ڀٽي
3 6 7 ،0 7
ووٽ
کنيا
جڏهن
ته
کهڙي صاحب
کي
9 0 0 ،1 3
ووٽ
مليا
جڏهن ته
ٽي
هزار
کن
ووٽ مذهبي
جماعتن ۽ ٻين کي مليا.
کهڙي صاحب
ان
شڪست کي به
ان
ريت وقار
سان
قبوليو جيئن
هو
سڄي زندگي
ڏکيائين
مهل
ڪندو
پئي آيو.
جڏهن
سندس
ڪارڪن ۽
ڪٽنب جا
ڀاتي
سڄي
ڏينهن
جي ٿڪ کان پوءِ
نتيجن جي
مايوسيءَ سان
موٽي
آيا ته
هنن
کهڙي
صاحب کي سڪون
سان
مختلف پولنگ
اسٽيشنن تان
آيل
نتيجن جو
جائزو وٺندي
ڏٺو.
حالتن جيڪو
روپ
ڌاريو
هو تن
مان
هن اندازو
لڳايو ته
چونڊون نتيجن
جي
اعلان کان اڳيئي
هارايون /
کٽيون ويون
هيون.
کهڙي صاحب
ڄاتو
ٿي
ته
هن تمام
ڀلو
مقابلو ڪيو هو،
هڪ
اهڙي مقابلي
۾
جنهن
۾
سندس مخالف
اميدوار نه
رڳو
وسيلن ۾
کانئس وڌيڪ
مضبوط هو
پر
ان کي حڪومت
جي
پڻ حمايت
حاصل
هئي.
کهڙي صاحب
ڀٽي
کي
چونڊن واري
مهم
دوران لاڙڪاڻي
۾
تمام
گهڻو مصروف
ڪري
رکيو
هو جيتوڻيڪ
هو
ٻين
به
ڪيترن تڪن
مان
چونڊ وڙهي
رهيو
هو، جن
مان
سندس مستقبل
جي
خواهشن لاءِ
پنجاب جي
سيٽ
کٽڻ
انتهائي ضروري
هئي.
چونڊن
جا
نتيجا مارشل
لا
اختياري وارن
جي
توقع جي
برعڪس آيا
جن
کي
آسرو هو
ته
اوڀر پاڪستان
۾
ووٽ
ورهايل هوندو
۽
ان
ريت اقتدار
سان
چنبڙيو رهڻ
واري
سندس خواهش
پوري
ٿيندي
رهندي. پر
ان
جي ابتڙ
عوامي ليگ
0 0 3
ميمبرن
واري
قومي اسيمبليءَ
جون
2 6 1
سيٽون
کٽي
واضح
اڪثريت حاصل
ڪئي
جڏهن
ته ڀٽي جي
پيپلز پارٽي
پنجاب ۽ سنڌ
مان
1 8
سيٽون،
سرحد
صوبي مان
هڪ
۽
بلوچستان ۽ اوڀر
پاڪستان مان
ڪابه
سيٽ
حاصل نه
ڪئي.
ان
کي
پنجاب ۽ سنڌ
مان
فقط 2 4
سيڪڙو ووٽ
مليا
۽
الهندي پاڪستان
جي
چئن مان
ٻن
صوبن
۾
نمائندگي نه
هيس.
عوامي ليگ
جي
سربراهه شيخ
مجيب
الرحمان اسيمبليءَ
۾
اڪثريت حاصل
ٿيڻ
تي
پنهنجي وزير
اعظم
ٿيڻ
جي اميد
پئي
ڪئي،
ٻئي
پاسي صدر
يحيٰ
خان جنوري
1971
ع
جي
ٻئي
هفتي دوران
پنهنجي
ڍاڪا واري
دوري
دوران کيس مستقبل
جو
وزير اعظم
ٿي
ظاهر
ڪيو.
ڍاڪا کان واپسيءَ
جي
هڪدم پوءِ
يحيٰ
خان ڀٽي جي
شڪار
واري دعوت
تي
لاڙڪاڻي ويو.
ساڻس
گڏ جنرل
پيرزادي ۽ جنرل
حميد
سميت سندس
ڪيترائي
اهم
صلاحڪار پڻ
هئا.
هن ڀٽي کي مجيب
سان
ٿيل
ڳالهين
ٻولهين
بابت
ٻڌايو. ڀٽي انتهائي
حرفت
سان سندس
ذهن
۾
شڪ شبها
پئدا
ڪيا
۽
اقتدار چونڊيل
پارليامينٽ جي
حوالي ڪرڻ واري
سندس
سڌي سنئين
پروگرام کي
ڦٽائڻ ۾
ڪامياب
ٿيو. ڀٽي هاڻ
اهڙا
داستان
ٻڌائڻ شروع
ڪيا
ته
اوڀر پاڪستان
ڪهڙي
ريت
پاڪستان کان ڌار ٿي ويندو
پر
ان دوران
هو
واضح نه
ڪري
سگهيو ته
هڪ
اڪثريتي صوبو
ٻين
ننڍن
صوبن کان ڇو ڌار
ٿيندو. هن
پنهنجو پاڻ
کي
ملڪ
جي الهندي
ڀاڱي
جي
اڪيلي ترجمان
طور
پڻ پيش
ڪرڻ
شروع
ڪيو
۽
ٻنهي
ڀاڱن
جي وسيع
مخلوط حڪومت
جي
رٿ پيش
ڪيائين.
هو
يحيٰ خان
کي
ان
تي سهمت
ڪري
ويو
ته سندس
راضپي کان سواءِ
اقتدار جي
منتقلي نه
ٿيندي.
اڳتي
هلي
”لاڙڪاڻو سازش“
سڏجندڙ ان
مامري واقعن
جي
سمت
تبديل ڪري
ڇڏي. جنرل
هاڻ
بداعتماديءَ سان
ڀرجي
اڪثريتي پارٽيءَ
کي
وهنوار ۾ شامل
ڪرڻ
کان
نابري وارڻ
لڳا
۽
ڀٽو
سندن ساٿاري
بڻجي
ويو.
ڀٽو جنوريءَ
جي
پڇاڙيءَ ۾ شيخ
مجيب
سان
ڳالهائڻ لاءِ
ڍاڪا
ويو
پر اهي
ڳالهيون
عوام
۽
جنرلن تي
واضح
ڪرڻ
لاءِ هيون
ته
اوڀر ۽ اولهه
پاڪستان وچ
۾
ڪوبه
گڏ
رهڻ جو
نڪتو
ناهي ۽ اسيمبليءَ
جو
اجلاس ملتوي
ڪيو
وڃي.
لازمي طور
تي
مجيب انهيءَ
التوا سان
سهمت
نه هو
جنهن
ڀٽي
کي
اڪثريتي پارٽيءَ
خلاف
وڌيڪ سازشن
جي
مهلت ٿي
ڏني.
ڍاڪا کان واپسيءَ
تي
ڀٽو
يحيٰ خان
سان
مليو ۽ چيائينس
ته
مجيب اولهه
پاڪستان جي
صوبن
کي
معاشي طور
تي
ڪمزور
ڪندو
۽
هو پنهنجو
آئين
به لاڳو
ڪندو.
هن
يحيٰ خان
کي
اسيمبليءَ جي
اجلاس کي مارچ
جي
پڇاڙيءَ تائين
ملتوي ڪرڻ لاءِ
چيو
ته جيئن
هو
اولهه پاڪستان
۾
جلسا
جلوس ڪري سگهي.
ڀٽي
پنهنجي پارٽي
ته
ڇا
پر اولهه
پاڪستان مان
چونڊيل ٻين ميمبرن
کي
به
مارچ جي
شروعات ۾ سڏرايل
قومي
اسيمبليءَ جي
اجلاس ۾ شرڪت
کان
جهلڻ
جو پڪو
پهه
ڪيو
هو. کيس خاطري
نه
هئي ته
هو
کليل
اجلاس ۾ پنهنجي
اولهه پاڪستان
جي
ميمبرن جون
وفاداريون برقرار
رکي
سگهندو ۽ واضح
طور
تي کيس اهڙو
ايوان پسند
نه
هو جنهن
۾
هو
اقليتي اڳواڻ
طور
هجي ها.
هن
ڍاڪا
ويندڙ ميمبرن
کي
”ٽنگون
ٽوڙڻ“،
جي
ڌمڪي
ڏني
۽
”اُدهر
تم اِدهر
هم“
جو نعرو
هڻي
عوامي ليگ
۽
پنهنجي وچ
۾
ملڪ
ورهائڻ جي
ڳالهه
ڪيائين.
هن
اولهه پاڪستان
جي
ٻين
اڳواڻن کي
ڍاڪا وڃڻ
جي
صورت ۾ خطرناڪ
نتيجا
ڀوڳڻ جو
چتآءٌ
ڏنو. ڀٽي جي
گُهر،
نظام
جي ضابطن
کان
مٿڀرو هئي
۽
اها
آئين کان بالاتر
قدمن
وسيلي پوري
ٿي
پئي
سگهي.“
9 1
فيبروريءَ تي
ڀٽي
يحيٰ
خان سان
ساڍن
پنجن
ڪلاڪن تائين
ملاقات ڪئي ۽ يحيٰ
ڀٽي
کي
سندس
حڪم
ٽاري
ڍاڪا ويندڙ
پارٽي ميمبرن
کي
برطرف ڪرڻ لاءِ
ليگل
فريم ورڪ
آرڊر
۾
تبديلي آڻڻ
تي
راضپو
ڏيکاريو. ان
ملاقات کان پوءِ
محسوس ٿيڻ لڳو
ته
مارشل لا
اختياري وارن
جي
سوچ تهائين
وڌيڪ
گهري ٿي وئي
آهي.
ملاقات کان ٽي
ڏينهن پوءِ
يحيٰ
خان صوبائي
گورنرن ۽ مارشل
لا
ائڊمنسٽريٽرن جو
هڪ
اجلاس گهرائي
اسيمبليءَ جو
اجلاس اڻڄاتل
مدي
تائين ملتوي
ڪرڻ
بابت
پنهنجو خيال
ظاهر
ڪيو.
پهرين مارچ
جي
منجهند جو
ريڊيو پاڪستان
ذريعي اسيمبلي
اجلاس جي
ملتوي ڪرڻ جو
اعلان
ٿيو، جنهن
هڪدم
وڳوڙن جو
روپ
اختيار
ڪيو.
ٺاهه ۽ نبيري
جي
وڪالت ڪرڻ تي
اوڀر
پاڪستان جي
گورنر ايڊمرل
احسن
کي
برطرف ڪيو ويو
۽
سندس
جاءِ تي
جنرل
يعقوب کي گورنر
بڻايو ويو.
پر
يعقوب به
سخت
گير نه
هئڻ
سبب گهڻو
وقت
نه هلي
سگهيو ۽ ٽڪا خان
کي
امڪاني طور
تي
ڀٽي
جي سفارش
تي
گورنر بڻايو
ويو.
اوڀر
پاڪستان ۾ فوجي
ڪاروائي
جو
فيصلو امڪاني
طور
تي فيبروري
۾
ئي
ڪيو
ويو هو
جڏهن
کان
هوائي جهازن
وسيلي اوڏانهن
فوج
منتقل ڪرڻ جو
عمل
شروع
ٿيو. فوجي
اوڀر
پاڪستان کي
ٻيهر حاصل
ڪرڻ
وارين تيارين
جي
اڳئين مرحلي
۾
هئڻ
دوران يحيٰ
خان
ڪراچيءَ
۾
ڀٽي
سان ملاقات
ڪندو
4 1
مارچ
تي
ڍاڪا
روانو
ٿيو. ان
کان
هڪدم
پوءِ ڀٽي
ڪراچيءَ ۾ هڪ
عوامي جلسي
کي
خطاب
ڪندي
اقتدار
ٻنهي
ڀاڱن جي
اڪثريتي جماعتن
جي
حوالي ڪرڻ جي
تجويز
ڏني.
واقعن
جو
مطلب مارچ
جي
آخر
ڌاري اوڀر
پاڪستان ۾
ٿيندڙ فوجي
ڪاروائي
جي
اولهه پاڪستان
پهچندڙ خبرن
مان
واضح ٿي رهيو
هو.
5 2
۽ 6 2
مارچ
جي رات
يونيورسٽي هاسٽلن
تي
چڙهائي سان
ڍاڪا
۾
فوجي
ڪاروائي
شروع ٿي. انهن
واقعن جا
پاڪستان لاءِ
۽
گڏوگڏ ننڍي
کنڊ
جي
مسلمانن واسطي
انتهائي اُگرا
نتيجا نڪرڻا
هئا.
فوجي
ڪاروائي شروع
ٿيندي
ئي
ڍاڪا
کان
روانو
ٿيندڙ ڀٽي
ڪراچي پهچڻ
تي
اعلان ڪيو
”خدا جو
شڪر
آهي ته
پاڪستان بچي
ويو!“
کهڙي صاحب
هڪ
جامع اخباري
بيان
جاري ڪري صورتحال
عوام
تي واضح
ڪئي:
”ان گهوٽالي
پئدا
ٿيڻ
۾
ڀٽي
صاحب جي
ادا
ڪيل
ڪردار
کان
اکيون نه
ٿيون
پوري
سگهجن. فيبروريءَ
جي
شروعات
ڌاري شيخ
مجيب
سان
ڍاڪا ۾ سندس
ڳالهيون
ناڪام رهيون،
جتي
هو آئين
ٺهڻ
کان
پوءِ
عوامي ليگ
جي
ٺهندڙ
حڪومت ۾ پنهنجي
ڀاڱي
ڀائيواري
بابت
ڳالهائڻ
ويو هو.
ڀٽي ۽ سندس
جماعت جو
اصل
مقام
مخالف ڌر هئي.
جمهوري طرز
جي
ڪنهن
به حڪومت
۾
اڪثريتي پارٽي
کي
حڪومت
ٺاهڻ جو
حق
هوندو آهي
۽
اقليتي جماعت،
جيڪا
اسان وٽ
پيپلز پارٽي
هئي،
مخالف ڌر بڻبي
آهي.
صورتحال کيس مڪمل
طور
تي توائي
ڪري
ڇڏيو
۽
8 2
فيبروري
تي
لاهور ۾ ڪيل سندس
تقرير انتهائي
افسوسناڪ هئي.
هن
صدر طرفان
3
مارچ
تي
ڍاڪا
۾
سڏرايل اسيمبليءَ
جي
اجلاس جي
وڏي
واڪي بائيڪاٽ
جي
ڳالهه
ڪئي
۽
اولهه پاڪستان
سان
تعلق رکندڙ
اسيمبلي ميمبرن
کي
اجلاس ۾ شريڪ
ٿيڻ
جي
صورت ۾
ڌمڪيون
ڏنائين، ان
ريت
گهوٽالي کي تهائين
وڌيڪ
گهرو
ڪيائين.“
کهڙي صاحب
ڄاڻايو
ته
ڀٽي
نه رڳو
ملڪ
۾
جمهوري روايتن
کي
هاڃو
رسايو آهي
پر،
پرڏيهه ۾ پڻ
پاڪستان کي شڪ
جي
نظر سان
ڏسڻ
جوڳو
بڻايو اٿس:
”هو ايران
۾
پرڏيهي سڌ
سمآءٌ جي
ادارن سان
ڳالهائيندي
بنگلاديش ۽ ٻين معاملن
تي
ڀارت
سان امن
امان
قائم ڪرڻ ۽ شيخ
مجيب
سان افهام
تفهيم جي
ڳالهه
ٿو
ڪري
جڏهن
ته پاڪستان
موٽي
اچڻ تي
هتي
ڀارت
سان جنگ
جي
ڳالهه
ٿو
ڪري.
ڇا
ڀٽي
کي
اهو احساس
آهي
ته هن
مرحلي تي
جنگ
اسانجي خطي
کي
هڪ
ٻئي
ويٽنام ۾ تبديل
ڪري
ڇڏيندي،
جتي
روس ۽
ڀارت وچ
۾
دفاعي اتحاد
عالمي طاقتن
کي
جنگ
۾
ڌر
بڻجڻ تي
مجبور
ڪندو ۽ اها
صورتحال
ٻنهي ملڪن
لاءِ
انتهائي هاڃيڪار
ثابت
ٿيندي.
ڀٽو ئي1965
ع
واري جنگ
لاءِ
وڏو ذميوار
هو
جنهن پاڪستان
۽
ڀارت
کي
انتهائي گهڻو
معاشي نقصان
رسايو.
هن
نه
رڳو تاشقند
ٺاهه
تي
صحيح ڪئي پر
ان
جي تياريءَ
۾
هٿ
ونڊائيندي اخبارن
۽
اسيمبليءَ جي
ايوان تان
به
ان جي
ساراهه جا
ڍڪ
ڀريائين
۽
ان
هوندي به
تڏهوڪي صدر
ايوب
خان طرفان
ڪابينا
مان
پنهنجي برطرفيءَ
کان
پوءِ
هو پنهنجي
عوامي جلسن
۾
ان
کي
ننديندو رهيو
۽
ڊگهي
عرصي
تائين معصوم
عوام
کي
بيوقوف بڻائيندو
رهيو
ته هو
ان
ڏس
۾
راز فاش
ڪندو.
ان
بابت ڪي به
راز
نه
هئا
۽
نه ئي
اهي
فاش
ٿيا، بس
رڳو
پنهنجي پارٽي
اميدوارن لاءِ
ووٽ
حاصل ڪرڻ لاءِ
ان
ڳالهه
کي
استعمال ڪيو ويو.“
لاڙڪاڻي
جي
صورتحال جو
ذڪر
ڪندي،
کهڙي
صاحب ڀٽو مخالف
ماڻهن سان
ڏاڍاين
جو
تفصيل بيان
ڪيو:
”خدا اسان
جي
ملڪ کي اهڙي
ڦرڻي
گهرڻي سياستدان
کان
بچائي جنهن
جو
واحد مقصد
هر
قيمت تي
اقتدار ماڻڻ
۽
پنهنجي مخالفن
جو
جيئڻ جنجال
ڪرڻ
آهي.
سندس اقتدار
۾
نه
هئڻ جي
باوجود سندس
همراهن لاڙڪاڻي
۾
جيڪو
رڻ
ٻاري رکيو
آهي،
تنهن بابت
مقامي اخبارون
ڀريل
آهن.
اهڙا سياستدان
هٽلري طريقن
کي
عملي
طور تي
استعمال ڪرڻ چاهين
ٿا
۽
آمراڻي وس
۾
ويساهه رکندڙ
اهڙا
ماڻهو اسلامي
نظرئي تي
ٻڌل
آئين
تحت ڪا حڪومت
هلائڻ لاءِ
مناسب ناهن.“
فوجي
ڪاروائي
شروع
ٿيڻ
کان
پوءِ اولهه
پاڪستان جا
سياستدان ڄڻ ته
گونگا ۽
ٻوڙا ٿي ويا.
اوڀر
پاڪستان واري
صورتحال تي
ڪجهه
بلوچ
اڳواڻن طرفان
پنهنجي ناراضپي
جي
اظهار کان سواءِ
اختلاف يا
احتجاج جي
ڪا
ٻڙڪ
به
نه
ٻولي وئي.
سينسر شپ
واري
ڳالهه
رڳو بهانو
ٿي
بڻجي،
ڇاڪاڻ جو
5 2
مارچ
تائين واقعا
۽
حالتون اخبارن
وغيره ۾ ايندا
رهيا
۽
پرڏيهي اخبارن
۽
ريڊيو اوڀر
پاڪستان ۾ صورتحال
جا
تفصيل ٿي
ڄاڻايا.
تنهن
وقت
سينٽ انٽوني
ڪاليج
آڪسفورڊ جي
فيلو
کهڙي
صاحب جي
ڌيءَ
کي
انهيءَ صورتحال
ڏکائي
وڌو
۽
پاڪستان ۾
ٿيندڙ واقعن
تي
لنڊن جي
دي
ٽائيمس
۾
پنهنجو موقف
ڏنائين.
انهيءَ خط
۾
هن
ڀٽي
کي
صورتحال لاءِ
مڪمل
طور ذميوار
ليکيو:
”اڄ آءٌ
هڪ
سنڌياڻي، اولهه
پاڪستاني سڏجندي
لڄ
محسوس ٿي
ڪريان، جڏهن
اولهه پاڪستان
اوڀر
پاڪستان ۾
”ضابطو بحال“
ڪري
رهيو
آهي. پر
سنڌ،
بلوچستان، اتر
اولهه سرحد
صوبي
۽
مون کي پڪ
آهي
ته پنجاب
جا
رهواسي به،
بنگال سان
ٿيندڙ
ڏاڍاين
کي
پسند
نه ٿا ڪن. هيءُ
عمل
هندستاني ننڍي
کنڊ
جي
مسلمانن جي
ان
جذبي جي
ابتڙ
آهي جنهن
لاءِ
هُنن هڪ
ڌار
ديس
لاءِ جدوجهد
ڪئي،
جنهن
۾
بنگالي مسلمان
هاڻوڪي اولهه
پاڪستان وارن
کان
اڳڀرا هئا.
مسلم
ليگ جو
بنياد بنگال
جي
هندو ۽ مسلمان
اڪثريتي صوبن
واري
پهرين ورهاڱي
مهل
ڍاڪا
۾
پيو هو
۽
بنگالي مسلمانن
کي
پاڪستان تحريڪ
۾
هڪ
معتبر مقام
حاصل
هو.
پر
هاڻوڪي صورتحال
جيئن
آءٌ اڳ
۾
چئي
چڪي آهيان،
اوڀر
۽
اولهه پاڪستان
جي
عوام وچ
۾
سياسي يا
معاشي اختيارن
لاءِ
جدوجهد ناهي.
اها
هڪ ٻئي قسم
جي
جدوجهد آهي،
گذريل ويهن
سالن
کان
وڏي شاهي
پنجابي اڪثريت
واري
فوج ۽
ڪامورا شاهيءَ
طرفان بنگال
جي
اڪثريتي صوبي
۽
اولهه جي
ننڍن
صوبن جي
سياسي سرگرمين
۽
سياستدانن کي
ڪچليندي پنهنجي
بالادستي قائم
رکڻ
واري جدوجهد
1947ع
کان
پوءِ
پهرين ڏهن سالن
دوران پنجاب
پردي
پويان سياستدان
دشمني ۽ حرفت
گيري
ڪندو
رهيو، پوءِ
وارا
ڏهه
سال اڳوڻي
صدر
ايوب خان
وسيلي سڌو
سنئون راڄ
ڪيو
ويو
۽
هاڻ سندن
طرفان هڪ
نئين
ڪوشش
جو مشاهدو
ڪري
رهيا
آهيون، جنهن
۾
هو
ننڍن صوبن
جي
نمائندن ۽ پنجاب
جي
پراڻن سياستدانن
جي
پٺڀرائي وارن
بنگالي سياسي
عيوضين وسيلي
پنهنجي اختيارن
کي
خطري
سان منهن
مقابل آهن.
جدوجهد
جي
هاڻوڪي مرحلي
۾،
پيپلز پارٽيءَ
جي
ڀٽي
”سياسي
حراميءَ“ وارو
ڪردار
ادا
ڪيو
آهي. پئدائشي
طور
تي اهو
سنڌي
اڳواڻ هڪ
اهڙي
پارٽي جي
سرواڻي ٿو ڪري جيڪا
سوشلزم جي
ڳالهه
ٿي
ڪري.
هن
چونڊن ۾ خاص
طور
تي پنجاب
مان
”اٽي،
لٽي ۽ اجهي“
جي
نعري تي
ووٽ
حاصل ڪيا آهن.
کيس
ٻيو
ڪوبه
مينڊيٽ حاصل
ناهي. چونڊن
کان
وٺي
هن معاشي
سڌارن جي
ڏس
۾
ڪا
سنجيده
ڳالهه نه
ڪئي
آهي.
پر بي
معنيٰ غير
مستقل مزاجي
۽
هسٽريائي انداز
تي
ئي انحصار
ڪندو
رهيو
آهي. سندس
جماعت نيم
فوجي، رضاڪار
تنظيم جهڙي
ورتآءٌ سان،
ٻين
سياسي
ڌرين ۽ اڳواڻن
۽
پريس
کي
ڌمڪيون
ڏيندي
۽
هر صورت
۾
اقتدار ماڻڻ
جي
لوڙ ذريعي
جيئن
پوءِ تيئن
هڪ
فاشي جماعت
طور
سامهون اچي
رهي
آهي.
هن مهل
هو
اولهه پاڪستان
جي
چونڊيل اڳواڻ
طور
اهڙين
ڌرين کي سولو
محاذ
مهيا ڪري رهيو
آهي
جيڪي قانوني
۽
آئيني سياسي
سرگرمين کي
ڪچلي سگهن
ٿيون.
ڪوبه هاڻوڪي
گهوٽالي تائين
پهچڻ
۾
عوامي ليگ
جي
اڳواڻن ۽ اولهه
پاڪستان جي
اڳواڻن جي
ڪوتاهه
نظري
کان
انڪار نه
ٿو
ڪري
سگهي. هو
جمهوريت مخالف
قوتن
هٿان استعمال
ٿيا
آهن.
پر هاڻوڪا
واقعا
ڪيڏا نه
افسوسناڪ ۽ ان
جو
فوري نتيجو
ڪجهه
به
نڪري، اسين
سنڌ
واسي پنهنجي
بنگالي
ڀائرن کي اهو
ياد
ڪرائڻ
چاهيون ٿا ته
پاڪستان جو
تصور
ملڪ کي پنهنجي
مقصدن لاءِ
استعمال
ڪندڙن کان وڌيڪ
اهم
آهي ۽ اسان
اولهه پاڪستان
واسين کي پنهنجي
قسمت
جي حوالي
نه
ڪن.“
اهو
خط
پهرين اپريل
تي
”دي
ٽائمس“
۾
شايع ٿيو ۽ هڪدم
سڄي
دنيا مان
ماڻهن وٽان
موٽ
حاصل
ڪيائين. اهو
بي
بي سيءَ
پڻ
نشر ڪيو جيڪا
اولهه پاڪستان
مان
ماڻهن جو
موقف
۽
ردعمل حاصل
نه
پئي ڪري سگهي.
تقريبا هر
پاڪستاني وٽ
ٻڌجندڙ
اردو
سروس به
ان
کي
پاڪستان مان
عوامي رد
عمل
طور نشر
ڪيو.
حميده
کهڙو کي برطانيا،
اتر
آمريڪا ۽ ننڍي
کنڊ
مان
ڪيترائي
خط آيا،
جن
مان بنگالين
جي
همت افزائي
جا
۽
پنجابين بدڪلاميءَ
وارا
خط لکيا.
سڌسمآءٌ
جي
ذريعن متعلق
انتهائي حساس
۽
انهيءَ خط
سبب
پنهنجي شخصيت
لاءِ
حملو ليکيندڙ
ڀٽي
ان
تي پنهنجي
تڪڙي
رد عمل
۾
کهڙي
صاحب
تي جهلون
ڪيون،
جيڪو
تن
ڏينهن ۾
ٽنهي مسلم
ليگي
ڌڙن
جي ايڪتا
لاءِ
پتوڙي رهيو
هو.
”مسلم ليگ
جي
ٽن
ڌڙن
جي رٿيل
انضمام تي
تبصرو
ڪندي ڀٽي حيرت
جو
اظهار ڪيو ته
سدائين پنهنجي
ذاتي
مفادن لاءِ
پاڪستان جا
مفاد
دآءٌ تي
لڳائيندڙ مسلم
ليگي
اڳواڻ
ڪهڙيءَ ريت
قومي
نظرئي جي
تحفظ
لاءِ گڏجي
ڪم
ڪندا.“
هن
چيو
ته اهي
نام
نهاد سياستدان
پاڪستان جي
نظرئي ۽ سالميت
تي
ڳالهه
ٻولهه
ڪرڻ
لاءِ ايوب
کهڙي
جي
گهر تي
گڏجاڻيون ڪري رهيا
آهن.
ڀٽي
چيو ته
کهڙي
صاحب
جي
ڌيءَ حميده
تازو
ئي لنڊن
۾
هڪ
بيان جاري
ڪيو
آهي
جيڪو لنڊن
ٽائيمس
۾
شايع
ٿي
چڪو آهي.
هن
ڄاڻايو
آهي ته
هوءَ
پاڪستاني سڏرائڻ
تي
لڄي آهي،
ڀٽي
پنهنجي
ڳالهه اڳتي
وڌائيندي چيو
ته
هوءَ نام
نهاد
بنگلاديش جي
سرگرم حمايتي
آهي.
سو
ڪهڙي ريت
خان
عبدالقيوم خان
۽
ميان
ممتاز دولتانا
کهڙو
صاحب
جي گهر
تي
انهن معاملن
تي
ويچاري سگهن
ٿا،
جڏهن
سندس
ڌيءَ بنگلاديش
جي
حمايتي هجي.
کهڙو صاحب
اهڙو
شخص ٿي نه
پئي
سگهيو جيڪو
طالع
آزمائن هٿان
ملڪ
کي
ٽڪرن
۾
ورهائجندو ڏسي خاموش
رهي.
هن محسوس
ٿي
ڪيو
ته
انهيءَ تباهيءَ
کان
بچڻ
جو واحد
رستو
انتهائي تجربيڪار
اڳواڻن واري
انتهائي بالغ
نظر
جماعت مسلم
ليگ
کي
متحد ڪرڻ ئي
آهي.
هن ايڪتا
واري
معاملي تي
ايوب
خان جي
جيئري هوندي
ئي
ڪم
شروع ڪري ڏنو هو
۽
مسلم
ليگي اڳواڻن
جي
ويچار لاءِ
نڪتا
پڻ تيار
ڪيا
هئائين. انهن
۾
مسلم
ليگ جي
سمورن ڌڙن جو
انضمام ۽ مستقبل
جي
آئين جا
بنياد پڻ
شامل
هئا. ايوب
خان
جي اقتدار
جي
مالڪ هئڻ
دوران اهو
انضمام ٿيڻ انتهائي
ڏکيو
هو،
ڇاڪاڻ
جو هڪ
مسلم
ليگي ڌڙو هو
پاڻ
هلائي رهيو
هو
پر ان
جي
زوال سان
هن
انهيءَ انضمام
لاءِ
راهون ٿي
ڏٺيون.
3 1
آگسٽ1971
ع
تي
ڪائونسل مسلم
ليگ
جي
ڪجهه ميمبرن
جو
هڪ غير
رسمي
اجلاس صوبائي
اسيمبليءَ جي
ميمبر جي
اي
مدنيءَ جي
گهر
تي
ٿيو. اتي
کهڙي
صاحب
انضمام جي
ڳالهه
رکي
۽
گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ
سمورا ميمبر
ان
ڳالهه
تي اُتساهه
۾
ڀريل
ٿي
نظر
آيا.
کهڙي صاحب
به
مختلف ڌڙن سان
ڳالهائڻ
جو
ذمو
کنيو. هن
مختلف ڌڙن سان
ڳالهائڻ
جو
سلسلو ساڳي
ڏينهن
شروع
ڪيو.
سڀ کان پهرين
هن
خان عبدالقيوم
خان
۽
سندس همراهن
سان
ڳالهايو.
هن دولتانا
سان
پڻ رابطو
ڪيو.
ايندڙ ٻه ٽي
ڏينهن تفصيلي
ڳالهيون
ٿيون.
آچر
5 1
آگسٽ
جي
صبح قيوم
خان
انضمام تي
راضي
ٿي
ويو. دولتانا
به
کهڙي
صاحب جي
فارمولي سان
سهمت
ٿيو.
ڪنوينشن
ليگ جي
ملڪ
محمد قاسم
۽
فضل
القادر چوڌريءَ
به
راضپو ظاهر
ڪيو
۽
کهڙو
5 1
آگسٽ
جي
شام اخبارن
کي
انهيءَ
ٺاهه جا
تفصيل جاري
ڪرڻ
۾
ڪامياب
ٿيو:
”مون گذريل
ٽن
ڏينهن
دوران پنهنجي
گهر
تي پاڪستان
مسلم
ليگ
(قيوم گروپ)
ڪائونسل
مسلم
ليگ ۽
ڪنوينشن مسلم
ليگ
جي نمائندن
سان
ڳالهيون
ڪيون
آهن، هاڻ
ان
تي يڪرائپ
پئدا
ٿي
آهي ته
مسلم
ليگ جا
ٽئي
ڌڙا
سگهوئي پنهنجا
نمائندا اجلاس
گهرائيندا ۽ ان
ڳالهه
جي
اميد آهي
ته
انهن گڏجاڻين
۾
منظور
ٿيندڙ
ٺهرآءٌ
ٽنهي ليگن
جي
انضمام ۽ هڪ
گڏيل
تنظيم جي
سمورن عهديدارن
جي
چونڊ لاءِ
مخصوص ميمبرن
جي
خاص
ڪميٽين يا
پنهنجي ورڪنگ
ڪميٽين
کي
مڪمل
اختيار
ڏيندا ۽ منظوري
يا
تصديق لاءِ
اهي
فيصلا واسطيدار
ڪميٽين
کي
واپس
نه اماڻيا
ويندا.“
ٽنهي ڌڙن جي
جاري
ڪيل
اخباري بيان
۾
اڳواڻن مسلم
ليگ
جي صفن
۾
ايڪتا ۽ تنظيم
کي
هڪ
اهڙي عوامي
تنظيم ۾ تبديل
ڪرڻ
جي
ضرورت تي
زور
ڀريو
ويو جيڪا
”پاڪستان
جي
يڪجهتي ۽ استحڪام
۽
ملڪ
جي نظرياتي
۽
جاگرافيائي سرحدن
جي
ڀرپور
حفاظت
ڪري.“
کهڙي صاحب
پنهنجي گهر
تي
ٿيل
گڏجاڻيءَ خلاف
ڀٽي
جي
واريل اعتراضن
جو
به جواب
ڏنو:
”منهنجي گهر
تي
ٽنهي
مسلم ليگين
جي
اڳواڻن جي
ملاقات واري
خبر
تي ڀٽي جو
مڇرجڻ هرڪو
سمجهي سگهي
ٿو.
اقتدار جي
بکئي
هئڻ طور
هو
فطري طور
تي
ان قدم
تي
پريشان ٿو ٿئي جنهن
سان
سندس پارٽي
سوديبازي واري
حيثيت وڃائي
ٿي
ويهي. هينئر
به
اها سنڌ
۽
پنجاب تائين
محدود اقليتي
جماعت آهي
پر
مسلم ليگ
جي
انضمام کان پوءِ
ته
اها تهائين
وڌيڪ
اُگري صورت
۾
اچي
ويندي. ان
ڪري
ڀٽو
فطري
طور تي
مسلم
ليگ جي
ايڪتا واري
ڳالهه
هضم
نه پيو
ڪري
سگهي.“
پر
آگسٽ
1971
ع
تائين مسلم
ليگ
لاءِ اڳيئي
دير
ٿي
چڪي هئي.
جيڪڏهن اهي
ڌڙا
1968
ع
۾
متحد
ٿين
ها ته
1970ع
وارين چونڊن
۾
سندن
هڪ جماعت
طور
کٽڻ
جا امڪان
هئا.
پر اڳواڻن
وچ
۾
تڪرارن ۽ مارشل
لا
اختياري وارن
جي
مداخلت انضمام
۽
ايڪتا جي
راهه
کوٽي
ٿي
ڪئي.
قيوم خان
واري
ليگ کي فوجي
حڪومت جي
خاص
پٺڀرائي حاصل
هئي
۽
ان کي چونڊن
لاءِ
مالي امداد
پڻ
ڏني
وئي. هاڻ
فوجي
جنتا جي
ڀٽي
سان
ويجهي لهه
وچڙ،
1971
ع
جي انهن
اهم
مهينن دوران
سياسي سرگرمين
تي
پابندين ۽ سينسرشپ
جي
موجودگيءَ ۾
ڪنهن ٽين قوت
لاءِ
اُڀرڻ يا
پاڪستان ۾ معتدل
سياسي نقطي
نظر
رکڻ جي
تمام
ٿورڙي
گنجائش هئي
۽
پاڪستان تباهيءَ
جي
سفر تي
ڪنهن
روڪ
ٽوڪ
کان
سواءِ ئي
وڌندو رهيو.
باب
ٽيويهون
خطن
جو
خزانو کلي ٿو
مارچ
1971
ع
کان
پوءِ
وارن مهينن
۾،
جڏهن
اقتدار جي
چونڊيل عيوضين
کي
منتقليءَ جي
ڪا
اميد
نه رهي
ته
پاڪستان انڌائپ
۽
بي
عقليءَ سان
تباهيءَ
ڏانهن وڌيو.
اها
تباهي
ڊسمبر 1971
ع
۾
ڍاڪا
وڃائڻ جي
پڄاڻيءَ تي
رسڻي
نه هئي.
اها
ان شخص
جي
هٿ ۾ اقتدار
جون
واڳون اچڻ
جي
صورت ۾ جاري
رهڻي
هئي جيڪو
اصولن يا
آدرشن کان مڪمل
طور
تي وانجهيل
هو.
”هڪ
اهڙو شخص
جيڪو
ڄائو
ئي
ڦاسيءَ چڙهڻ
لاءِ.“*
1958
ع
کان
شروع ٿيل مارشل
لا
راڄن جيان
ئي،
سويلين مارشل
لا
۽
اڳتي هلي
جمهوري راڄ
به
ملڪ ۽ خاص
طور
تي
کهڙي صاحب
لاءِ
تباهه ڪُن ثابت
ٿيو.
کهڙي
صاحب
۽
سندس
ڪٽنب
ڏانهن ڀٽي جو
رويو
ايوب خان
جي
حڪومت دوران
سندس
وزارت وارن
ڏينهن
۾
ئي
واضح ٿي ويو
هو
جڏهن ڀٽي هر
ممڪن
طريقي سان
کهڙي
صاحب
جي سياسي
ساک
۽
حيثيت کي هاڃو
رسائڻ جي
ڪوشش
ٿي
ڪئي.
1970ع
وارين چونڊن
کان
پوءِ
اها روش
اڃان
وڌيڪ واضح
ٿي.
1970ع
واريون چونڊون
کٽڻ
کان
پوءِ
ڀٽو
۽
سندس پارٽي
وارا
پر اعتماد
هئا
ته فوجي
راڄ
جي پٺڀرائي
هئڻ
سبب کين حاڪمن
جيان
ئي ورتآءٌ
رکڻ
گهرجي ۽ هو
پنهنجي مخالف
سياسي ماڻهن
۽
آفيسرن کي ڏاڍ جو
نشانو بنائڻ
لاءِ
سند يافتا
آهن.
ان سال
مئي
ڌاري
کهڙي
صاحب هڪ
بيان
جاري ڪري انهيءَ
ورتآءٌ تي
ڇوهه
ڇنڊيا.
اهو
بيان به
کهڙي
صاحب
جي معمول
جيان
سگهاري ۽ غير
مبهم
انداز جو
اولڙو هو.
اها
ڳالهه
دلچسپيءَ کان خالي
ناهي
ته ڏهن سالن
جي
آمريت هوندي
به
عدليه ڪي اصول
برقرار رکيا
هئا
جو
کهڙي صاحب
ڪيترن
ئي
وائکو ٿيل اسڪينڊلن
جي
عدالتي جاچ
ڪرڻ
لاءِ
گُهر
ڪئي. اهم
اخبارن ۾ شايع
ٿيل
اهو
بيان هن
ريت
هو:
”پيپلز پارٽيءَ
جو
چيئرمين ذوالفقار
علي
ڀٽو
صاحب، ٻن صوبن
(سنڌ
۽
پنجاب) ۾ اڪثريتي
پارٽيءَ جي
اڳواڻ جي
دعويٰ تحت
روزمرهه وارن
انتظامي معاملن
۾
مداخلت
ڪرڻ، سرڪاري
عملدارن کي پنهنجي
۽
سندس
پارٽي اڳواڻن
جي
حڪمن جي
پوئواري
ڪرائڻ، عملدارن
کي
بدليون
ڪرائڻ ۽ پنهنجي
مرضيءَ سان
مقرر
ڪرايل
عملدارن کي پنهنجي
حمائتين کي نوازڻ
۽
مخالفن کي هيسائڻ
جا
حڪم جاري
ڪرڻ
پنهنجو حق
ٿو
سمجهي. مونجهاري
وارو
ماحول پئدا
ڪرڻ
۽
انتظاميه کي مڏو
ڪرڻ
واسطي هو
ڪڏهن
بيان
ٿو
جاري ڪري ته
هو
پاڪستان جي
صدر
کان
پوءِ اهم
ترين
فرد آهي
۽
ڪڏهن
وري
آمريڪا جي
صدر
کان
پوءِ پنهنجي
حيثيت ٿو بيان
ڪري.
انهيءَ صورتحال
جي
نتيجي ۾ پيش
ايندڙ حالتن
جو
لاڙڪاڻي مان
ئي
مثال وٺون
جتان
سامهون ايندڙ
اسڪينڊل قومي
اخبارن جي
پهرين صفحي
جي
زينت بڻجي
رهيا
آهن ۽ مون
کي
خدشو
آهي ته
انتظاميا اڃان
تائين انهن
جو
ڪو
سنجيده نوٽيس
ئي
نه ورتو
آهي.
اعليٰ اختيارين
کي
ڏنل
درخواستن ۽ اخباري
رپورٽن وسيلي
سامهون ايندڙ
انهن
شڪايتن جي
ازالي واسطي
گهٽ
۾
گهٽ
ڊسٽرڪٽ جج
جي
سطح واري
عدالتي عملدار
کان
جاچ
ڪرائي
وڃي.“
کهڙي صاحب
واضح
ڪيو
ته انتظاميا
اڃان
تائين يحيٰ
خان
جي مارشل
لا
اختياريءَ جي
ذميوار هئي
۽
ڀٽي
کي
ڪوبه
اختيار حاصل
نه
هو.
”ڀٽي صاحب
جي
اها دعويٰ
ته
کيس
روزمرهه جي
انتظامي معاملن
۾
مداخلت جو
حق
حاصل آهي
نه
رڳو آئيني
لحاظ
کان
پر بهتر
۽
غير
جانبدار انتظاميا
جي
نقطي نظر
سان
به بي
جواز
آهي.“
کهڙي صاحب
ڀٽي
۽
سندس
پارٽيءَ تي
مارشل لا
انتظاميا کي استعمال
ڪندي
اهڙيون شيون
ڪرڻ
جو
الزام
ڌريو جن
سان
رڳو سندس
سياسي ۽ پارٽي
مفادن کي
ٽيڪو ٿي مليو.
هن
چتآءٌ ڏنو ته
اهڙين حرڪتن
۽
عملن
سبب پئدا
ٿيندڙ
بدناموسيءَ جو
بنياد مارشل
لا
انتظاميا ليکي
ويندي.
کهڙي صاحب
انتظاميا کي صلاح
ڏني
ته
سياستدانن کي اقتدار
جي
منتقليءَ کان پوءِ
ئي
پنهنجي عملن
جو
ذميوار بڻايو
وڃي.
”جڏهن اقتدار
سياسي جماعتن
کي
منتقل ڪيو ويندو
ته
ملڪي معاملا
هلائڻ سندن
ئي
ذميواري هوندي
۽
ان
وقت سندس
ڏاڍاين
۽
سياسي انتقام
پسنديءَ جو
شڪار
بڻجندڙ کي بچاءَ
جا
ڪيترائي
رستا به
حاصل
هوندا.“
کهڙو صاحب
پڪ
سان جمهوريت
جي
پنهنجي ذاتي
تجربي جي
حوالي سان
ڳالهائي
رهيو
هو، جتي
انيڪ
تعين جي
باوجود هو
ڪورٽن
مان
انصاف ماڻڻ
۾
ڪامياب
ٿي
رهيو. عام
ماڻهن لاءِ
عدالتي سرشتي
۽
خود
پارلياماني سرشتي
جي
وهنوار ۾ به
واهر
موجود هئي.
هڪ
شاندار پٺڀرائيءَ
۾
هن
سياستدانن وسيلي
جمهوري احتساب
جي
نوعيت جي
اپٽار ڪئي:
”جمهوريت تحت
ڪم
ڪندڙ
حڪومتون پارليامينٽ
جي
نظرداري ۽
ڪنٽرول جون
پابند هونديون
آهن.
ان ۾
ڪنهن
ڇڙواڳ حڪومت
کي
لغام
ڏيڻ
لاءِ بي
اعتماديءَ جو
ووٽ
پيش
ٿيندو آهي،
بحث
ٿيندا
آهن ۽
ڪٽوتي ۽ معطليءَ
جون
رٿون پيش
ٿي
سگهن
ٿيون.
ان کان سواءِ
عدالتون به
آهن
جن ۾ شهرين
جي
بنيادي حقن
جي
اُپٽار
ڪندڙ آئين
تحت
سندن ڪمن کي چيلينج
ڪري
سگهجي ٿو. سڌ
سمآءٌ جا
ادارا اقتداري
ڌر
جي
غلط
ڳالهين کي وائکو
ڪرڻ
لاءِ
هر وقت
تيار
رهن ٿا. اندرين
جاچ
۽
تناسب جا
ڪيترائي
وسيلا آهن
جيڪي
جمهوريت جي
مڪمل
عمل هيٺ
هئڻ
مهل استعمال
ڪري
سگهجن ٿا. اهو
چوندي مون
کي
ڪا
هٻڪ
نه ٿي ٿئي ته
اهي
سياستدان جيڪي
اڄوڪي صورتحال
کي
استعمال ڪري رهيا
آهن
۽
اختيارن جو
اڻ
سڌو استعمال
ٿا
ڪن
سي
به پنهنجي
ذميواريءَ تي
ڪا
زيادتي ڪرڻ کان اڳ
ٻه
ڀيرا
سوچيندا ضرور.“
کهڙي صاحب
نه
چاهيندي به
ڄاتو
ٿي
ته
جيڪڏهن عوامي
ليگ
مرڪز ۾ مسلم
ليگ
سان حڪومت
ٺاهي
به
ٿي
تڏهن به
ڀٽي
جي
سربراهيءَ ۾ پ
پ
حڪومت سنڌ
جو
ڀاڳ
آهي، سو
ماڻهن کي جمهوريت
تحت
پنهنجي حقن
جي
تحفظ جي
ڄاڻ
ڏيندو
رهيو. کيس ان
مرحلي تي
به
شڪ هو
ته
ڀٽو
انهن حقن
۽
تحفظن کي نهوڙيندو
پر
هُن سوچيو
به
نه هو
ته
ڪو
صورتحال ايندڙ
ڪجهه
مهينن دوران
ايتري تبديل
ٿيندي
جو
ڀٽو
چيف مارشل
لا
ائڊمنسٽريٽر بڻجي
سامهون ايندو
۽
آخرڪار اهي
اُملهه بنيادي
حق
اڻڄاڻايل مدي
تائين معطل
ڪندو.
1971ع ۾ اوڀر
پاڪستان ۾
ٿيندڙ ڌٻڙ
ڌونس دوران
ڀٽو
ديوانن وانگر
اولهه پاڪستان
جا
دورا
ڪندي کيس اقتدار
کان
ٻاهر
رکڻ
تي پرتشدد
عمل
جون
ڌمڪيون
ڏيندو رهيو.
هو
يحيٰ خان
سان
وقفي وقفي
سان
ملاقاتون
ڪندو رهيو
۽
اوڀر
پاڪستان ۾
ٿيندڙ
ڪارواين جي
هر
مرحلي تي
ساڻس
مشورو ڪيو ٿي ويو.
اهو
ٽڪرآءٌ
۽
بليڪ ميلنگ
جو
عجيب امتزاج
هو.
ڀٽي
جي
ڪارڪردگيءَ ۾ ايترا
ته
ڦيرا
۽
ٽپ
هئا جو
سياستدان رڳو
ڳجهن
ملاقاتن بابت
اندازو لڳائي
ٿي
سگهيا جڏهن
ته
ويچارو عوام
مڪمل
طور تي
اڻڄاڻ رهيو.
کهڙي
صاحب
جنهن وٽ
انهن
ڳالهين
جو امڪان
به
ناممڪن هو،
انهيءَ
ٿيندڙ ناٽڪ
جي
وجود کي ئي
مشڪل
سان مڃي
سگهيو. ڀٽي جي
ڏينهون
ڏينهن
عوامي اجتماعن
۾
ڪيل
لٻاڙ
جي نتيجي
۾
عوام
۾
پئدا ٿيل جذباتي
ماحول کيس وڌيڪ
خبردار ٿي
ڪيو. 8
سيپٽمبر تي
حيدرآباد ۾ ڦاٽ
کاڌائين
”مون ۾ ڪا جدوجهد
هلائڻ جي
سگهه
۽
همت آهي.“
هو
ڪهڙي
قسم جي
جدوجهد لاءِ
رٿابندي ڪري رهيو
هو؟
وري 1 1
سيپٽمبر تي
قائداعظم جي
ورسيءَ تي
سندس
مزار آڏو
هڪ
اجتماع ۾ هن
بغاوت ڀري هڪ
تقرير ڪئي:
”جيڪي
ڪجهه اوڀر
پاڪستان ۾ ٿيو آهي،
سو
اولهه پاڪستان
۾
به
ٿي
سگهي
ٿو.... اسين
ڪنهن
ٻئي
جليانوالا باغ
جي
اجازت نه
ڏينداسين“.
کهڙو صاحب
ڇرڪجي
خبردار ٿي ويو
۽
فيصلو
ڪيائين ته
عوام
کي
سولائيءَ سان
وڳوڙ
۽
بدانتظاميءَ جو
سڻڀو
گرهه بڻجڻ
نه
ڏيندو.
هن 4 1
سيپٽمبر تي
چيف
مارشل لا
ائڊمنسٽريٽر
ڀٽي جي
تقريرن ۽ رويي
جي
خطرناڪ نوعيت
بابت
لکيو:
”پ پ
چيئرمين ذوالفقار
علي
ڀٽي
ڇنڇر
ڏينهن
قائداعظم کي خراج
عقيدت پيش
ڪرڻ
لاءِ
سندس مزار
تي
آيل ماڻهن
کي
مشتعل
ڪيو. جيڪڏهن
اوهان جو
انٽيليجنس ادارو
توهان لاءِ
بهتر
ڪم
ڪري
ٿو
ته ان
سندس
انتهائي تلخ
۽
اشتعال انگيز
تقرير کان اوهان
کي
آگاهه ڪيو هوندو.
هن
پنهنجي
ٻڌندڙن خاص
طور
تي شاگردن،
پورهيتن، هارين
۽
نيم
پڙهيل بيروزگارن
کي
تشدد
لاءِ
ڀڙڪايو.... اهو
مارشل لا
ريگيوليشن جو
مذاق
اڏائيندڙ اجازت
کان
سواءِ هڪ
غير
متوقع اجتماع
هو.
هن اوڀر
پاڪستان وانگر
رتوڇاڻ جي
ڳالهه
ڪئي.
جيڪڏهن اوهان
جي
حڪومت اهڙي
خطرناڪ صورتحال
۾
به
ڪو
قدم نه
ٿي
کڻي
ته
پوءِ مارشل
لا
جو
ڪهڙو جواز
آهي
جنهن جا
ريگوليشن گهٽ
خطرناڪ ننڍن
ماڻهن يا
واقعن تي
سرگرم ٿيو وڃن.
يقيناً اسين اولهه
پاڪستان جا
پر
امن شهري
انهيءَ
ڀوائتي منظر
جا
مشاهد نه
ٿا
بڻجڻ
چاهيون، جيڪو
ڪجهه
اوڀر
پاڪستان ۾ ٿي چڪو
آهي.
آءٌ سمجهان
ٿو
ته
گهرو وڳوڙ
لاءِ
ميدان هموار
ڪرڻ
واري
انهيءَ طوفان
کي
شروعات ۾ ئي
ٻنجو
نه
ڏنو
ويو ته
ڪجهه
عرصي
۾
صورتحال
ڪنٽرول کان
ٻاهر نڪري
ويندي. هت
هر
ڪو
سمجهي ٿو ته
ملڪي
قانون
ڪنهن به
ننڍ
وڏائي جي
تفرقي کان سواءِ
هر
ڪنهن
تي هڪجهڙا
۽
هڪجيترا لاڳو
ٿين
ٿا.
مون
هن
ملڪ
جي هڪ
شهريءَ طور
پنهنجو فرض
پورو
ڪيو
آهي هاڻ
ملڪ
۾
امن امان
برقرار رکڻ
جي
ذميواري اوهان
جي
آهي.“
چيف
مارشل لا
ائڊمنسٽريٽر جي
هيڊ
ڪوارٽر
۾
ايندڙ ٻئي خط
و
ڪتابت
جيان اهو
خط
به جنرل
پيرزادي ڀٽي کي
ڏيکاريو. ڀٽو جيڪو
کهڙو
صاحب
طرفان اخباري
بيانن وسيلي
جمهوري قدرن
جو
احساس ڪرڻ
وارين
اپيلن کي نظرانداز
ڪري
چڪو
هو، ان
کان
ڀلي
ڀت
واقف
هو ته
جنرل
امن امان
برقرار نه
رکڻ
واري الزام
۽
اوڀر
پاڪستان جيان
اولهه پاڪستان
۾
به
بدانتظامي پئدا
ٿيڻ
واري
ڳالهه
برداشت نه
ڪري
سگهندا.
عوامي
اجتماعن ۾ ڀٽي جي
ڀڙڪيدار
۽
بي
روڪ
ٻولي سندس
عدم
تحفظ جي
شڪار
شخصيت جو
اظهار هئي،
جنهن
جو ثبوت
ان
وقت
کهڙي صاحب
سان
ڪيل
سندس غير
معمولي لکپڙهه
مان
پڻ ملي
ٿو.
کهڙي
صاحب
جي
ڌيءَ جي
دي
ٽائيمس
۾
خط
ڇپجڻ کان پوءِ
ڀٽي
شڪايتي لهجي
۾
کهڙي
صاحب
کي
خط لکي
پنهنجي
ڌيءَ کي جهلڻ
لاءِ
چيو.
کهڙي صاحب
کيس
وراڻي ڏني ته
سندس
ڌيءَ
بالغ، پرڻيل،
خود
مختيار ۽ آڪسفورڊ
يونيورسٽيءَ ۾ ڪم
ڪندڙ آهي.
ان
ڪري
هو سندس
لکڻين يا
حالتن ۽ واقعن
جا
انومان ڪڍڻ تي
ڪو
وس
نه ٿو رکي.
جيڪڏهن سندس
لکڻي
سان کيس
(ڀٽو) ڪو ايذآءٌ
رسيو
آهي ته
هو
پاڻ ان
لاءِ
معذرت ٿو ڪري ۽ پنهنجي
ڌيءَ
کي
خط
لکي مٿس
واضح
ڪندو
ته ڀٽي سندس
ڳالهه
جو
اثر ورتو
آهي.
اهو
خط
ملڻ تي
ڀٽي
عدم
تحفظ ۽
ڪاوڙ وچان
کهڙي
صاحب
کي
ڇهن
صفحن تي
مشتمل
ٽائيپ ٿيل هڪ
خط
لکيو جنهن
۾
ماضي
۽
حال ۾ ساڻس
شڪايتن ۽ پنهنجي
والد
۽
خود پنهنجي
زندگيءَ ۾ پيش
آيل
واقعن سبب
لڳل
گهڻي
ڀاڱي تصوراتي
گهاوَن، تخليق،
تحرير جا
در
کوليائين:
”7 1
سيپٽمبر تي
اوهان مون
کي
پنهنجي
ڌيءَ حميده
کهڙي
جي
اڻوڻندڙ رويي
تي
معذرت وارو
هڪ
خط لکيو،
جنهن
عزت
ڀرئي ماڻهو
جي
خلاف استعمال
ٿيندڙ
سمورا لفظ
ڄڻ
ته
وساري
ڇڏيا آهن.
بهرحال گذريل
سٺ
سالن کان به
وڌيڪ
عرصي کان منهنجي
۽
منهنجي
ڪٽنب سان
اوهان جي
ورتآءٌ جو
تسلسل ٻه
ڏينهن اڳ
صدر
يحيٰ خان
کي
اوهان جي
شهريءَ طور
لکيل
ان خط
مان
به ظاهر
ٿئي
ٿو
جنهن
۾
اوهان 1 1
سيپٽمبر تي
قائداعظم جي
مزار
آڏو عوام
جي
حقن جي
بحاليءَ لاءِ
ڪيل
منهنجي تقرير
سبب
مون کي گرفتار
ڪرڻ
جي
گهر ڪئي آهي.
اميد
اٿم ته
اهو
چوڻ تي
مون
کي
معاف
ڪندا ته
اهو
ڪانئرتا
۽
منافقت جو
اعليٰ مثال
آهي.
پر مون
کي
ڪا
حيرت
نه لڳي.
اسين
توکي ڀلي ڀت سڃاڻون.
اسان
کي
اها توريل
تڪيل
خبر آهي
ته
توهان پنهنجي
ذاتي
۽
سياسي زندگيءَ
۾
ڪهڙي
ريت
ورتآءٌ پئي
رکيو
آهي.
هت
آءٌ
اسان جي
اوهان لاءِ
چڱاين جي
موٽ
۾
اوهان جي
ورتآءٌ جو
ڪچو
چٺو
پيش نه
ٿو
ڪرڻ
چاهيان. جڏهن
به
خدا اسان
کي
ماڻهن جي
خدمت
ڪرڻ
جو موقعو
ڏنو
آهي
ته اسان
اوهان
ڏانهن همدرداڻو
رويو
پئي رکيو
آهي.
توهان جو
ڇا
خيال
آهي اهو
هڪ
طرفو معاملو
ڪيستائين
هلي
سگهي ٿو؟ مون
کي
اهو
ياد
ڪرائڻ جي
اجازت ڏيو ته
منهنجي والد
سر
شاهنواز خان
ڀٽي،
جنهن
جي اوهان
هاڻوڪي خط
۾
تمام
گهڻي تعريف
ڪئي
آهي،
تي اوهان
ڪڏهن
به
جهُلون ڪرڻ جو
موقعو هٿان
نه
وڃايو آهي.
بابا
جي اوهان
سان
پهرين ملاقات
اوهان جي
جوانيءَ واري
ڏينهن
۾
اسان
جي ڳوٺ ۾ اچڻ
تي
ان مهل
ٿي
جڏهن
اوهان ضلعي
جي
هڪ ننڍڙي
پر
محنتي
کاتيدار شاهه
محمد
کهڙو
سان رعايت
ڪرڻ
لاءِ
بولس صاحب
کي
سفارش
ڪرائڻ آيا
هئا.
اوهان
ٻنهي بابا
جي
داد رسيءَ
کي
ساراهيندي سدائين
پنهنجي سهائتا
لاءِ
منٿ ڪئي هئي.
1919
ع ۾ منٽو
مورلي سڌارا
لاڳو
ٿيڻ
تي بابا
امپيريل درٻار
ويو
پر 1923
ع
۾
صوبائي سياست
۾
ٻيهر
گهڙيو. 1923
ع
کان
وٺي
ٿيندڙ
سمورين چونڊين
۾
اوهان بابا
خلاف
سازشون
ڪيون پر
هُن
1937
ع
وارين فيصلي
ڪُن
چونڊن تائين
سڀني
۾
سڀ کان وڌيڪ
ووٽ
کنيا.
توهان جي
دشمناڻي ورتآءٌ
جي
باوجود بابا
سدائين اوهان
جو
گهڻگهرو رهيو
آهي
۽
اوهان کي سنڌ
محمد
ايسوسيئيشن جو
نائب
صدر
ڪيائين، جنهن
جو
پاڻ صدر
هو.
1928
ع
وارن وڳوڙن
دوران جيڪڏهن
بابا
واهر نه
ڪري
ها
ته وڏي
ڏچي
۾
اچي
وڃين ها.
منهنجي چاچي
سردار واحد
بخش
خان ڀٽي کي بدنام
زمانه خان
زادي
قتل ڪيس ۾
ڦاسايو ويو،
توهان کيس سزا
ڏيارڻ
لاءِ
زمين آسمان
هڪ
ڪري
ڇڏيو.
1928
ع
۾
اوهان جي
آزاديءَ لاءِ
ڪيل
سندس
پتوڙ جو
اوهان اهو
عيوضو ڏنو!
اوهان
لنڊن
۾
ڪوٺايل
پهرين ۽ ٻين گول
ميز
ڪانفرنس
دوران بابا
کي
سنڌ
۾ بمبئي
پريزيڊنسيءَ جي
مسلمانن جي
نمائندگي ڪرڻ کان محروم
ڪرڻ
واسطي ننهن
چوٽيءَ جو
زور
لڳايو. ان
جي
ابتڙ بابا
اوهان کي سنڌ
جي
عليحدگيءَ بابت
ذيلي
ڪميٽيءَ
جي سفارش
جي
حمايت ۾ پنهنجو
موقف
پيش ڪرڻ جي
اجازت
ڏني. عجب
ڳالهه
آهي
ته اوهان
به
ٻين
ڪيترن
ئي همراهن
وانگر هڪ
ذيلي
ڪميٽي
آڏو موقف
رکڻ
لاءِ ئي
ويا
هئا پر
غلط
بياني
ڪندي اها
دعوا
ڪيوَ
ته اوهين
گول
ميز
ڪانفرنس جا
مندوب هئا.
سوشلسٽ
هئڻ
ناتي آءٌ
جاگيرداريءَ جو
مخالف آهيان.
ان
هوندي اوڏي
مهل
دنگ رهجيو
وڃان
جڏهن اوهان
پنهنجي عظيم
الشان جاگيرداراڻي
ماضيءَ جون
وڏيون دعوائون
ٿا
ڪريو.
ڪيڏو
نه
چٽو پٽو
ڪوڙ
آهي؟
آءٌ ماضيءَ
کي
ڦلهوڙڻ
نه
ٿو
چاهيان متان
اوهين لڄي
نه
ٿيو.
اوهان جي
ڌيءُ
جي
انتهائي چڙ
ڏياريندڙ
ورتآءٌ جي
باوجود آءٌ
اوهان جي
احساسن کي مجروح
ڪرڻ
نه
ٿو
چاهيان.
1937ع وارين
چونڊن کان اڳي
بابا
۽
اوهان هڪٻئي
جي
مخالفت نه
ڪرڻ
جو
فيصلو ڪيو هو،
پر
اوهان انهيءَ
هم
خياليءَ جي
سڌي
سنئين
ڀڃڪڙي
ڪئي. اوهان
جي
انهيءَ وعده
خلافيءَ جي
باوجود بابا
پنهنجي قول
تي
قائم رهيو
۽
اوهان جي
سامهون پنهنجو
اميدوار نه
بيهاريائين. اوهان
جي
سازش ڪري گهٽ
پر
اسان جي
ويجهن مائٽن
جي
بيوقوفيءَ سان
بابا
جيڪو تن
ڏينهن
۾
سنڌ
جي گورنر
جو
مکيه صلاحڪار
هو،
چونڊن ۾ هارائي
ويو.
تن
ڏينهن ۾ هو9 4
سالن
جو
مس هو
۽
هڪ
ڏهاڪي
کان
به وڌيڪ
عرصي
تائين سنڌ
جي
سياست تي
سندس
ڌاڪو
رهيو. هو
نه
رڳو سنڌ
پر
بمبئي پريزيڊنسيءَ
جي
مسلمانن جو
به
مڃتا ماڻيل
اڳواڻ هو.
ان
سڀ جي
باوجود هن
نسبتاً ننڍي
ڄمار
۾
ئي
سياست تان
رضا
ڪاراڻي
دستبرداريءَ جو
فيصلو
ڪيو.
بابا
جي
سياست تان
هٿ
کڻڻ
کان
پوءِ به
هو
اوهان جي
لاڳيتو مدد
ڪندو
رهيو. جڏهن
اوهين الله بخش
قتل
ڪيس
۾
ملوث هئا
ته
هن اوهان
جي
واهر
ڪئي. بيگم
کهڙو
سکر
جي سرڪٽ
هائوس ۾ ساڻس
ملاقات ڪري اوهان
جي
جان بخشيءَ
لاءِ
ٻاڏايو.*
هن
اهو ان
لاءِ
ڪيو
جو اوهان
کي
ننڍپڻ کان سڃاتائين
ٿي
۽
هن
ئي اوهان
تي
شهرت جا
در
کوليا
هئا. اهو
ياد
رکو ته
هن
اهو
ڪجهه الله
بخش
سان سنگت
جي
باوجود
ڪيو. اوهان
جي
حق ۾ سندس
شاهديءَ کان پوءِ
الله
بخش جي
ڀآءٌ
مولا
بخش کي بابا
جهڙي
همراهه مان
قاتل
کي
بچائڻ جي
توقع
نه هئي.
اوهان پنهنجي
آزاديءَ کان پوءِ
ٿورن
جو
اظهار بابا
کي
بمبئي اماڻيل
ٽيليگرام
۾
به
ڪيو
هو. هڪ
سامراجي
ڊپٽي
ڪمشنر جي
ڏاڍائي
خلاف
واهر لاءِ
اوهان جي
وٽس
پهچڻ کان وٺي
هو
پنهنجي مرڻ
گهڙي
تائين اوهان
جي
مدد
ڪندو رهيو. 1957ع
۾
سندس
وفات کان اڳ
1954ع
۾
ٿيل
چونڊن دوران
هن
پنهنجي سئوٽ،
چاچي
۽
سهري خان
بهادر احمد
خان
ڀٽي
کي
اوهان جي
پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ
چئي
اوهان جي
مدد
ڪئي.
نتيجي طور
خان
بهادر احمد
خان
ڀٽو
ته پنهنجي
تڪ
مان هارائي
ويو
پر اوهان
۽
توهان جو
ڀآءٌ
سانگهڙ ۽ لاڙڪاڻي
مان
کٽي
ويا.
منهنجي
ڪٽنب
سان
اوهان جي
ابتدائي تعلق
دوران آءٌ
اڃان
ڄائو
ئي نه
هئس.
بعد ۾ پنهنجي
ننڍڙي
ڄمار سبب
اسان
سان اوهان
جي
وير کي پروڙي
نه
پئي سگهيس.
مثال
طور 1931ع ۾ آءٌ
ٽن
سالن
جو مس
هئس
جو بابا
لنڊن
۾
ڪوٺايل
گول ميز
ڪانفرنس
۾
حصو
ورتو، لاڙڪاڻي
مان
سندس غيرحاضريءَ
جو
فائدو وٺندي
اوهان کيس لاڙڪاڻي
ضلعي
لوڪل بورڊ
جي
صدارت تان
هٽائڻ جي
ڪوشش
ڪئي.
پنهنجي وڏين
ڪوششن
جي
باوجود اوهان
کيس
ان
عهدي کان هٽائي
نه
سگهيا جيڪو
گذريل پندرهن
سالن
کان
لاڳيتو هن
وٽ
هو. انهن
ڏينهن
کان
وٺي
اوهان جي
دشمنيءَ بابت
ٻڌندو
اچان
يا
ڏسندو اچان.
1958ع
۾
جڏهن
مارشل لا
لڳي
۽
اوهين بليڪ
مارڪيٽنگ ۾ گرفتار
ٿيا
ته
مون اوهان
جي
ڪراچيءَ
واري گهر
اچي
پنهنجي همدرديءَ
جو
اظهار
ڪيو. مون
اوهان جي
حيدرآباد ۾ رهندڙ
ڀآءٌ
کي
چيو
ته آءٌ
مارشل لا
اختياريءَ آڏو
اوهان جي
وڪيل
طور پيش
ٿيڻ
لاءِ
تيار آهيان.
جيتوڻيڪ ان
سان
منهنجي وزارت
چٽ
ٿي
پئي سگهي
پر
مون اها
آڇ
ضرور ڪئي هئي.
اوهان
جو
ڀآءٌ
منهنجي انهيءَ
آڇ
تي ايڏو
جذباتي ٿيو جو
ڳلن
تان
ڳوڙها
وهڻ لڳس.
منهنجي وزير
ٿيڻ
کان
ستت
پوءِ اوهان
کي
ٽيپ
آئي
۽
ٽئين
درجي جا
قيدي
بڻجي ويا.
آءٌ
صدر ايوب
خان
سان گڏ
ويٺو
هئس جو
ڪراچيءَ
جي
تڏهوڪي
ڊپٽي
ڪمشنر ۽ اڄڪلهه
اوڀر
پاڪستان ۾ چيف
سيڪريٽري مظفر
حسين
جيل ۾ اوهان
جي
خراب حالت
بابت
ٻڌايو. سندس
وڃڻ
کان
پوءِ صدر
ايوب
خان کي چيم
ته
سوڀ جي
سرهائي جو
اظهار
ڪندي اوهان
کي
جيل
۾
اهم سياسي
قيديءَ جو
مرتبو ڏي.* صدر ايوب
خان
دنگ رهجي
ويو
ڇاڪاڻ
جو سندس
خيال
هو ته
اوهان جي
۽
اسان
جي
ڪٽنبن جي
وچ
۾
پراڻي جاگيرداراڻي
دشمني هلندڙ
هئي.
مون کيس
ٻڌايو ته
اسان
جو پاڻ
۾
تعلق
تڏهن کان پئدا
ٿيل
هو
جڏهن اوهان
جو
والد ننڍي
زميندار طور
پنهنجو مرتبو
ٺاهڻ
لاءِ
پتوڙي رهيو
هو،
تنهن ڪري پراڻي
جاگيرداراڻي تڪرار
جو
سوال ئي
نه
ٿي
پئدا
ٿيو. جڏهن
منهنجا وڏا
لاڙڪاڻي ۽ جيڪب
آباد
۾
جاگيرن جا
مالڪ
هئا ۽ وڏي
مان
مرياڌا وارا
هئا
ته اوهان
جو
ڪو
نالو نشان
ئي
نه هو.**
نومبر
1958
ع
۾
اوهان جي
ضمانت تي
آزاد
ٿيڻ
کان
پوءِ اوهان
پنهنجي پٽ
شاهه
محمد سان
گڏ
منهنجي
ڪراچيءَ واري
گهر
تي آيا
هئا.
توهان مون
کي
ٻڌايو
هو
ته توهان
ٽٽل
شخص
آهيو ۽
ڪرندڙ صحت
سان
جيل جون
ڏکيائيون
برداشت ڪرڻ کان قاصر
آهيو. مون
اوهان کي پنهنجي
سهڪار جي
خاطري
ڪرائي هئي.
کڻي
رڳو
ان ڪري نه
ته
به
ڪنهن حد
تائين اهو
اوهان جي
ضمانت جي
مستقل بڻجڻ
جو
سبب هو.
جڏهن
اعليٰ سطحي
سول
۽
فوجي اهلڪارن
تي
ٻڌل
ٽيم
لاڙڪاڻي ۾ ڪچي جي
زمينن تي
اوهان جي
دعويداريءَ جي
جاچ
شروع ڪئي ته
ايوب
خان مون
کي
سندن
مدد ڪرڻ لاءِ
چيو
هو. جيتوڻيڪ
آءٌ
حڪومت کي اهڙيون
ثابتيون ڏئي پئي
سگهيس جن
سان
اوهان جي
ملڪيت تي
هاڃيڪار اثر
پون
ها. پر
مون
اهو
ڪجهه ڪرڻ کان پاسو
ڪيو.
مون
صدر ايوب
خان
کي
چئي
ڇڏيو ته
آءٌ
واپار جو
وزير
آهيان نه
ڪي
سندس
پوليس جو
سربراهه.
مارشل
لا
حڪومت ۽ اڳتي
هلي
1962
ع
واري آئين
تحت
جڙيل حڪومت
۾
پنهنجي
ڊگهي وزارتي
عرصي
دوران مون
ڪڏهن
به
اوهان کي نقصان
رسائڻ جي
ڪوشش
نه
ڪئي.
جيڪڏهن آءٌ
اهو
ڪجهه
چاهيان ها
ته
مارشل لا
اختيارين ۽ اڳتي
هلي
انتظاميا کي اوهان
جي
خلاف استعمال
ڪري
اوهان کي مڪمل
طور
تي
ڪچلي
ڇڏيان ها،
پر
اوهان به
اعتراف
ڪندا ته
انهيءَ تي
هر
کجڻ
بدران مون
پنهنجو فرض
نڀائي اوهان
سان
بهتر لڳ
لاڳاپو قائم
رکيو. گهرو
معاملن واري
وزير
ذاڪر حسين
۽
سندس
گهرو معاملن
واري
سيڪريٽري اين
ايم
خان1960
ع
۾ اوهان
کي
جيل
اماڻڻ جي
ڪوشش
ڪئي.
توهان جهاز
وسيلي راولپنڊي
پهتا
۽
پاڻ کي بچائڻ
لاءِ
مون وٽ
ٻاڏايو.
مهرباني ڪري اهو
ياد
ڪريو
ته مون
هڪدم
ذاڪر حسين
۽
صدر
ايوب خان
سان
ملي اوهان
خلاف
جاچ روڪرائي.
منهنجي ان
ٻڌائڻ
تي
آءٌ اوهان
خلاف
وڌيڪ جاچ
روڪرائڻ ۾
ڪامياب رهيو
آهيان، اوهان
منهنجا
ٿورا مڃيا
هئا.
وزير
طور
آءٌ
ڪيترا ئي
ڀيرا
اوهان جي
دعوت
تي اوهان
جي
گهر آيس.
اوهان
جي
ڌيءُ
جي وهانءَ
تي
خاص طور
تي
ڍاڪا
کان
ڪراچي
پهتس. پنهنجي
طرفان مان
ڏيڻ
جي
مظاهري طور
هڪ
ڀيري
آءٌ پنهنجي
زال
سان گڏجي
مانجهاندي تي
اوهان جي
گهر
آيس. اها
منهنجي ساڳي
زال
هئي جنهن
تي
اوهان جي
پالتو غنڊن
۽
ڇاڙتن
4
ڊسمبر 1970
ع
تي
اوڏي مهل
حملو
ڪرڻ
جي
ڪوشش ڪئي جڏهن
هنن
سمجهيو ته
هوءَ
به ٻين عورتن
سان
گڏ منهنجي
ڪار
۾
سوار
هئي. انهيءَ
ناقابل معافي
واقعي کان پوءِ
اوهان مون
سان
معذرت ڪرڻ به
گوارا نه
ڪئي.
اوهان
جي
پنهنجي مشڪوڪ
سرگرمين جي
باوجود مون 1962ع
وارين چونڊين
۾
اوهان جي
ڀآءٌ
علي
گوهر خلاف
سڌو
سنئون نه
اچي
اوهان جي
اڻ
سڌي حمايت
ڪئي.
ان
ريت هو
بنيادي جهموريتن
واري
چونڊن وسيلي
اولهه پاڪستان
جي
صوبائي اسيمبليءَ
جو
ميمبر بڻجي
ويو.
جيڪڏهن آءٌ
سندس
اثرائتي ۽
کليل مخالفت
ڪريان
ها
ته هو
ميمبر نه
ٿي
سگهي
ها.
تاشقند
کان
پوءِ
منهنجي استعيفيٰ
ڏيڻ
تي
اوهان سرهائي
جو
اظهار ڪيو هو.
اوهان پنهنجي
خوشي
۽
سرهائي لڪائي
نه
سگهيا. توهان
پنهنجي
ڪپڙن ۾ نه
ٿي
ماپيا. توهان
سوچيو ته
مون
کي
تباهه ڪرڻ جو
اوهان کي
ٺاهوڪو وجهه
ملي
ويو. ان
مقصد
لاءِ اوهان
ايوب
خان کي پنهنجون
خدمتون آڇيون.
توهان کيس
ڄاڻايو ته
اوهين انتهائي
مضبوط شخص
آهيو، بي
رحم
طاقت استعمال
ڪرڻ
۾
ڀڙ
۽
توهين ئي
مون
کي
تباهه ڪري سگهو
ٿا؟
پاڻ
جهڙن ٻين معمولي
سياستدانن سان
گڏجي
اوهان منهنجي
خلاف
هڪ محاذ
کڙو
ڪيو.
پر
خدا پنهنجي
ٻاجهه
سان
مون کي محفوظ
رکيو.
ڇاڪاڻ جو
مون
عام ماڻهن
جي
حقن لاءِ
ٿي
پتوڙيو. اوهان
جون
سموريون سازشون
ناڪام
ٿيون. جنوري
1967
ع
دوران رتيديري
۾
تقرير
ڪندي اوهان
مون
کان
پلاند وٺڻ
جي
ڳالهه
ڪئي.
ان واسطي
اوهان وسان
نه
گهٽايو پر
اوهان جي
سازش
۽
اڳوڻي آمر
جي
طاقت جي
باوجود مون
ايوب
خان خلاف
عظيم
الشان عوامي
جدوجهد شروع
ڪئي
۽
آمراڻي حڪومت
جي
پاڙ پٽجي
وئي.
جڏهن آءٌ
جيل
۾
هئس ته
اوهان ۽ سنڌ
جي
ٻين
بدنام سياستدانن
ايوب
خان کي رٿ
ڏني
ته
مون کي هاشم
خان
سان گڏ
قتل
جي
ڪوڙي ڪيس ۾
ڦاسايو وڃي.
جنهن
0 1
نومبر
1968
ع
تي
پشاور ۾ ايوب
خان
کي
قتل ڪرڻ جي
ڪوشش
ڪئي،
جن
ڏينهن
۾
ايوبي حڪومت
جا
تختا نڪري
چڪا
هئا تڏهن
به
اوهان ان
جي
حمايت ۾ لاڙڪاڻي
مان
بيان ٿي جاري
ڪيا.
بدليل دور
مان
غير مناسب
لاڀ
پرائڻ لاءِ
اوهان لاڙڪاڻي
۾
ايوب
خان جي
دعوت
جهلڻ جي
ٻئي
ڏينهن
منهنجي سئوٽ
جو
باغ ۽ هينڊ
پمپ
ڊاهي
سندس ملڪيت
تي
پنهنجو غير
قانوني قبضو
ڪرڻ
لاءِ
قانون پنهنجي
هٿن
۾
کنيو.
اهو چيو
ٿو
وڃي
ته اوهان
لاڙڪاڻي ۾ گهر
ٺاهڻ
لاءِ
منهنجي سئوٽ
۽
نواب
لاهوري جي
زمين
سان گڏوگڏ
ميونسپالٽيءَ جي
9 1
هزار
چورس
فٽ زمين
به
غير قانوني
طور
تي پنهنجي
قبضي
۾
ڪئي.
هاڻوڪي
مارشل لا
حڪومت دوران
ڪيترائي
ڀيرا
اوهان منهنجي
خلاف
حڪومت جا
ڪن
ڀريا.
اوهان گذريل
سال
چونڊن دوران
منهنجي تباهي
آڻڻ
جي
ڌمڪي
ڏني. پاڻي
وانگر دولت
وهائي، مشوريءَ
جي
حمايت خريد
ڪئي.*
پاڳاري
جي مدد
حاصل
ڪيئي،
اسلام جو
مقدس
نالو استعمال
ڪيئي
پر
ان هوندي
به
مون توکي
عبرتناڪ شڪست
ڏني
۽
خود
تنهنجي ڳوٺ ۾ به
توهان کان وڌيڪ
ووٽ
حاصل
ڪيم. پر
افسوس جو!
اوهان انهيءَ
شڪست
کان
پوءِ به
منهنجي ۽ منهنجي
ڪٽنب
جي
مخالفت واري
انڌ
۾
”نوشته
ديوار“ پڙهڻ
کان
نابري واري.
آءٌ
ڪڏهن
به وساري
نه
سگهندس ته
انهن
چونڊن دوران
اوهان جي
پالتو غنڊن
منهنجي ساٿين
تي
ڪهڙي
ريت حملا
ڪيا.
وري
ٿو
ورجايان ته
منهنجي زال
جي
گاڏيءَ تي
اهو
سوچي حملو
ڪيو
ويو
ته هوءَ
به
ان ۾ سوار
هوندي. توهان
ڪوڙ
تي
ٻڌل
اهي دعوائون
ٿي
ڪيون
ته
اوهان
1937ع وارين
چونڊن ۾ منهنجي
پيءُ
کي
شڪست ڏئي سنڌ
مان
ڊوڙائي
ڪڍيو
هو.
هاڻ
به
جڏهن آءٌ
جمهوريت جي
بحاليءَ واسطي
جدوجهد ۾ رڌل
آهيان اوهين
منهنجي خلاف
سازش
۾
رڌل آهيو.
جنهن
جو ثبوت
1 1
سيپٽمبر
تي
قائد جي
مزار
تي ڪيل منهنجي
تقرير کان پوءِ
صدر
کي
لکيل اوهان
جو
خط به
آهي.
ڪجهه
ڏينهن
پوءِ اوهان
پنهنجي
ڌيءَ جي
پهرين اپريل
1971
ع
تي
دي
ٽائمس آف
لنڊن
۾
ڇپيل
انتهائي توهين
آميز
خط تي
معذرت
ڀريو خط
لکيو. ان
خط
۾
اوهان جي
ڌيءَ
نه
رڳو مون
تي
غير مناسب
انداز ۾ حملا
ڪيا
آهن
پر هٿياربند
فوجن
۽
پاڪستان جي
هن
ڀاڱي
۾
رهندڙن جي
اڪثريت کي به
نه
بخشيو آهي.
پر
اهو وساري
ويٺي
آهي ته
سندس
پنهنجي والد
کي
ون
يونٽ مڙهيندڙ
سڀ
کان
وڏو ايجنٽ
ليکيو ٿي ويو.
آءٌ
ڪڏهن
به
ڪنهن جو
ايجنٽ نه
رهيو
آهيان. آءٌ
سوشلسٽ آهيان
۽
سمورن ماڻهن
جي
حقن ۾ ويساهه
رکان
ٿو.
تنهنجي
ڌيءَ ته
ايترو اڳتي
نڪتي
آهي جو
چوي
ٿي
ته کيس پاڪستاني
سڏرائيندي لڄ
ٿي
ٿئي.
منهنجي خيال
۾
هوءَ
ذهني طور
تي
نابالغ ناهي.
هوءَ
ڊاڪٽريٽ
جي دعويدار
۽
دنيا
جي هڪ
شاندار يونيورسٽيءَ
۾
تحقيق ۾ رڌل
آهي.
يقيناً کيس
ڪجهه وڌيڪ
مهذب
هئڻ کپي پر
لڳي
ٿو
ته رت
ڪاليجي
ڪتابن
کان
وڌيڪ
اثر
ڏيکاريندڙ آهي.
اوهان مون
وٽان
پنهنجي معذرت
جي
قبوليت جي
توقع
ڪهڙي
ريت ڪري پيا
سگهو؟ جڏهن
1932ع
۾
اوهان بابا
جي
ملازم حسين
کان
مٿس
پنهنجي غنڊن
جي
ڪرايل
حملي جي
معافي گهري
چڪا
آهيو. توهان
نه
رڳو اقتدار
۾
رهڻ
دوران پر
معمولي موقعو
ملڻ
تي به
اسان
تي جُهلون
ڪرڻ
کان
ڪڏهن
به
نه
ڪيٻايو آهي.
آءٌ
پاڪستان جي
بقا
لاءِ ايڏو
مصروف آهيان
جو
اوهان تي
ڌيان
ئي
نه پيو
ڌريان.
آءٌ
وڏين ذميوارين
۾
ايڏو
ته فنا
ٿيل
آهيان جو
ان
تي سوچڻ
جو
وقت به
نه
اٿم ته
اها
اوهان طرفان
هڪ
وڌيڪ وقتائتو
پر
غير ايماندار
اظهار آهي.
مهرباني ڪري
ٿورڙو سوچيو،
گذريل سالن
تي
ڪجهه
ويچاريو، پوتاميل
ڪريو
۽
معروضي نتيجن
تي
پهچو. واقعن
جي
غلط بيانيءَ
تي
هوائي قلعا
نه
جوڙيو.“
کهڙي صاحب
کي
اهو
خط سندس
لاڙڪاڻي کان
ڪراچي واپسيءَ
تي
6 2
سيپٽمبر
تي
مليو. ڀٽي جو
لهجو
انتهائي چڙ
ڏياريندڙ
هو.
ڀٽي
جي تقريرن
۽
ورتآءٌ جي
باهوڙيل انداز
بابت
صدر کي لکيل
کهڙي
صاحب
جو خط
انتهائي ذاتي
۽
رازداريءَ
ڀريو هو
۽
کهڙي
صاحب
کي
ايڏي وڏي
سطح
تي رازداري
نه
رکڻ تي
اچرج
ضرور لڳو.
سندس
واسطو سدائين
اهڙن
حڪومتي حلقن
سان
پيو هو
جيڪي
انتهائي اصول
۽
ساک
وارا هئا.
اهو
پاڪستان ۾ راڄ
جي
نئين انداز
سان
ڄڻ
سندس تعارف
هو.
پر
سندس
خط ۽ سندس
ڌيءَ
جي
تجزئي ڀٽي تي
پڪ
سان وڏا
اثر
ڇڏيا
هئاجيڪو وڏين
ذميوارين ۾ فنا
ٿيل
هو
۽
ڳتيل
ٽائيپ
وارن ڇهن صفحن
جو
۽
ٿورڙن
ئي هفتن
اندر
5 1
صفحن
جو
هڪ ٻيو خط
لکڻ
لاءِ وقت
ڪڍي
رهيو
هو.
کهڙو صاحب
اهڙي
خط کي نظرانداز
نه
پئي ڪري سگهيو
جنهن
۾
سندس پنهنجي
سياسي
ڪيريئر، ذاتي
زندگي ۽ پنهنجي
همعصرن سان
سندس
ناتن وارن
ماضيءَ جي
واقعن کي غلط
بيان
ڪيو
ويو هو.
بلاشڪ ڀٽو نوڪرن
۽
خوشامدين کان هوائي
داستان
ٻڌندو پئي
آيو
۽
انهن کي پنهنجي
مونجهاري سان
ڀريل
ذهن
جي سانچي
۾
رکي
ان مان
پنهنجون توضيحات
ٿي
ڪڍيائين.
کهڙي
صاحب
هر ممڪن
حد
تائين شانائتي
انداز ۾ کيس جوابي
خط
لکي مختلف
واقعن سان
ڀٽي
جي
ڪيل
هٿ چراند
وائکي ڪرڻ جو
فيصلو
ڪيو. هاڻ
هن
ڄاتو
ٿي
ته ڀٽي جو
اهم
مقصد پنهنجي
خود
ستائش آهي.
کيس
اهو
ادراڪ
ڪرائڻ انتهائي
ڏکيو
هو
ته
ڪيترائي اهڙا
ماڻهو موجود
هئا
جن عوامي
ذميواريءَ جي
احساس سان
عمل
ٿي
ڪيو.
کهڙو
صاحب ان
جي
ڪوشش
ئي ڪري پئي
سگهيو ۽ 4
آڪٽوبر تي
هن
به ساڳي
ڳتيل
ٽائيپ
وارن
ڏهن
صفحن تي
مشتمل پنهنجو
جواب
اماڻيو:
”1 2
سيپٽمبر 1971
ع
تي
لکيل اوهان
جو
ڏاڍاين
۽
غير مناسب
انداز ۽ مڪمل
طور
تي غلط
۽
بي
بنياد معلومات
تي
ٻڌل
خط مليم.
اوهان
جي
ايترو مشتعل
ٿيڻ
جو
اصل سبب،
جنهن
کان
پوءِ اوهان
اخلاق ۽ آداب
جا
سمورا بند
ٽوڙي
ڇڏيا
آهن،
اهو آهي
ته
صدر يحيٰ
خان
اوهان کي منهنجو
لکيل
ذاتي خط
ڏيکاريو
آهي.
مون
صدر
کي
پنهنجي خط
۾
ڪا
نئين
ڳالهه
نه ڪئي آهي.
ستين
تاريخ تي
حيدرآباد ۾ ۽1
1
سيپٽمبر تي
قائد
جي مزار
تي
ڪيل
اوهان جون
تقريرون انتهائي
اشتعال
ڏياريندڙ هيون
جن
۾
شهري علائقن
جي
صنعتي پورهيتن،
ڳوٺاڻي
علائقن جي
هارين سان
گڏوگڏ شاگردن
۽
نيم
پڙهيل
ڳڙهيل بيروزگار
نوجوانن کي تشدد
تي
ڀڙڪايو
اٿوَ. ان
نه
رڳو مون
کي
پر
اولهه پاڪستان
جي
ٻين
به
ڪيترن ئي
تجربيڪار سياسي
اڳواڻن کي اخبارن
۽
عوامي اجتماعن
وسيلي پنهنجي
ڪاوڙ
جي
اظهار ڪرڻ تي
مجبور ڪيو آهي.
اخبارون به
وقت
بوقت اوهان
جي
پرتشدد انداز
گفتگو تي
ڇوهه
ڇنڊينديون
رهيون آهن.
ان
جو سبب
شايد
مايوسي آهي.
اوهان کان سواءِ
ٻئي
اڳواڻ يا
جماعت کي ان
جو
ذميوار نه
ٿو
ليکي
سگهجي. هو
وقت
بوقت هاڻوڪي
حڪومت کي ان
ڏس
۾
اوهان جي
۽
اوهان جي
جماعت جي
ڪجهه
ٻين
همراهن جي
روين
کان
باخبر
ڪندا پئي
رهيا
آهن. اسين
ملڪ
جا قانون
پسند
۽
امن پسند
شهري
برداشت نه
ٿا
ڪري
سگهون ته
اولهه پاڪستان
به
ساڳي پيڙا
مان
لنگهي جنهنجو
شڪار
اوڀر پاڪستان
رهيو
آهي. ان
ڪري
انهيءَ صورتحال
بابت
صدر کي آگاهه
ڪندي
مون
پنهنجو فرض
پورو
ڪيو
آهي. لڳي
ٿو
ته
منهنجي ان
خط
مان اوهان
پنهنجا نتيجا
ڪڍيا
آهن
جو اوهان
جو
چوڻ آهي
ته
مون صدر
کان
اوهان جي
گرفتاريءَ جي
گهر
ڪئي
آهي. اوهان
ان
سان بهرحال
سهمت
ٿيندا
ته ملڪي
قانون هر
ڪنهن
تي
هڪجهڙو لاڳو
ٿئي
ٿو
پوءِ
ڀل ڪو ننڍو
ماڻهو هجي
يا
وڏو.
اوهان
پنهنجي ڄمڻ کان به
اڳ
واريءَ گذريل
پنجاهه سالن
جي
تاريخ
ڦلهوري آهي
جنهن
دوران
ڪڏهن مرحوم
سر
شاهنواز ڀٽو ۽ منهنجي
وچ
۾
سياسي اختلاف
به
پئدا
ٿيندا رهيا،
لڳي
ٿو
ته
ڪجهه ماڻهن
اوهان آڏو
غلط
ڄاڻ
آڻڻ جو
پڪو
پهه ڪري رکيو
آهي
۽
ڪنهن
حد تائين
يا
مڪمل طور
تي
بي بنياد
ڳالهيون
اوهان آڏو
آنديون اٿن.
مون
کي
پنهنجي خلاف
لڳايل اوهان
جي
الزامن جو
مختصر جواب
ڏيڻ
ڏيو.
آءٌ
پنهنجي زندگيءَ
۾
هڪ
ڀيرو
به اوهان
جي
والد سرشاهنواز
ڀٽو
سان
ملڻ اوهان
جي
ڳوٺ
نه آيو
آهيان. ساڻس
منهنجي پهرين
ملاقات تڏهن
ٿي
هئي
جڏهن آءٌ
لاڙڪاڻي واري
مدرسي ۾ پڙهندو
هئس
۽
اوهان جو
والد
ان جي
گورننگ باڊيءَ
۾
هو.
1917
ع
۾
آءٌ انگريزي
پنجين
ڪلاس جو
شاگرد هئس
جو
هو اسان
جي
ڪلاس
جو زباني
امتحان وٺڻ
آيو
هو ۽ مون
کي
بعد
۾
پتو لڳو
ته
هن مون
کي
منهنجي قابليت
کان
وڌيڪ
مارڪون
ڏنيون. اها
ڪنهن
حد
تائين جانبداري
هئي.
هن مون
سان
قربائتو
ڳالهائيندي بابا
جي
صحت جو
ڀڇيو
هو.
جناب اي
جي
بولس، جنهن
کي
آءٌ
پنهنجي مدرسي
بورڊ
جو صدر
طور
سڃاڻيندو هئس،
انتهائي شفيق
۽
با
اخلاق شخص
هو
۽
ان ڪري بابا
۽
سندس
وچ ۾
ڪنهن تڪرار
يا
جهيڙي جو
سوال
ئي نه
ٿو
پئدا
ٿئي
جو اوهان
جي
والد
ٽياڪڙي ڪئي هجي.
بابا
شاهه محمد
خان
ڪنهن
به ريت
ننڍو
کاتيدار
نه هو،
جيتوڻيڪ کيس جوانيءَ
جي
ڏينهن
۾
سخت محنت
ڪرڻي
ٿي
پئي
جيڪا منهنجي
خيال
۾
هر زميندار
کي
ڪرڻ
گهرجي. سڄي
ضلعي
۽
سنڌ جا
ماڻهو
ڄاڻن ٿا ته
هو
ضلعي جي
وڏن
زميندارن مان
هڪ
هو. سندس
وفات
جي ٻن سالن
کان
پوءِ
ئي نومبر
1923
ع
۾
مون
بمبئي ليجسليٽو
ڪائونسل
جي
چونڊن ۾ حصو
ورتو. لاڙڪاڻو
ضلعو
تن
ڏينهن ۾ دادو
ضلعي
سان گڏ
هو.
ضلعي ۾ ٽي گڏيل
تڪ
هئا ۽ ان
ريت
سمورن اميدوارن
کي
سڄي
ضلعي ۾ مهم
هلائڻي ٿي پئي،
جيتوڻيڪ ووٽرن
جو
تعداد ملڪيت
تي
منحصر هئڻ
سبب
انتهائي محدود
هو.
اوهان جي
والد
لاڙڪاڻي ضلعي
مان
بمبئي ليجسليٽو
ڪائونسل
لاءِ
پهريون
ڀيرو 1920
ع
۾
چونڊ
وڙهي، نه
ڪي
1923
ع
۾
جيئن
اوهان لکيو
آهي.
انهن چونڊن
۾
ساڻس
گڏ ميهڙ
جو
خان بهادر
ڌڻي
بخش
جتوئي ۽ خان
بهادر غلام
محمد
اسراڻ به
چونڊ
جي آيا.
نومبر 1923
ع
۾
آءٌ
به چونڊن
۾
حصو
وٺڻ لاءِ
ميدان تي
لٿس
۽
خان بهادر
اسراڻ مقابلي
تان
هٿ کڻي اوهان
جي
والد جي
مڪمل
حمايت
ڪئي، ان
ڪري
ئي
هو پهرين
نمبر
تي آيو.
خان
بهادر ڌڻي بخش
جتوئي جي
ڀآءٌ
خان
بهادر
ڪريم بخش
جتوئي سان
گڏ
آءٌ به
چونڊجي آيس.
نواب
امير علي
لاهوري ۽ پير
حامد
شاهه هارائي
ويا
هئا. جيڪڏهن
آءٌ
سخت محنت
ڪندڙ
ننڍي
آبادگار جو
پٽ
هجان ها
ته
انتهائي گهڻو
خرچ
پکو ۽ اثر
رسوخ
گهرندڙ رتوديرو
کان
سيوهڻ تائين
پکڙيل ايڏي
وڏي
تڪ مان
چونڊ
وڙهڻ جو
ست
ئي نه
ساريان ها.
سر
شاهنواز ڀٽو فقط
چاليهن سالن
جي
ڄمار
جي باوجود
انهن
چونڊن ۾ ايڏو
ته
ٿڪجي
پيو جو
بيمار ٿي پيو
۽
علاج
لاءِ
ڪراچيءَ منتقل
ٿيو
۽
ان
ڪري
چونڊن کان پوءِ
بمبئي ۾
ٿيندڙ فيبروري-
مارچ
1924ع
واري بجيٽ
اجلاس ۾ به
شرڪت
نه ڪري سگهيو.
هو
اوهان وانگر
انتقام پسند
يا
ڪوتاهه
انديش نه
هو.
خان بهادر
اسراڻ منهنجي
نامزدگي وارن
ڪاغذن
خلاف
لاڙڪاڻي جي
ڪليڪٽر
آڏو
جيڪو رٽرننگ
آفيسر به
هو،
اعتراض داخل
ڪيا
جنهن
اهي اعتراض
رد
ڪندي
منهنجي نامزدگي
برقرار رکي.
منهنجي چونڊ
جي
اعلان کان پوءِ
خان
بهادر اسراڻ
منهنجي خلاف
اليڪشن پٽيشن
ٿي
داخل
ڪرڻ
چاهي ته
آءٌ
2 2
سالن
جو
هئڻ ڪري چونڊ
وڙهڻ
جو اهل
نه
هئس. جڏهن
اوهان جي
والد
کي
ان جي
خبر
پئي ته
هو
منهنجي گهر
هلي
آيو ۽ مون
کي
ساڻ
وٺي خان
بهادر اسراڻ
جي
گهر ويو
۽
کيس
پٽيشن داخل
نه
ڪرڻ
لاءِ زور
ڀريائين.
اپريل
1924ع
۾ بمبئي
کان
سمنڊ
وسيلي
ڪراچيءَ
پهچڻ
تي آءٌ
ڪجهه
وقت
ڪراچيءَ
۾
ترسيس ۽ ان
عرصي
دوران ساڻس
حاجي
ڏوسل
جي
ڪلفٽن واري
بنگلي تي
جتي
هو ترسيل
هو
اڪثر ملڻ
ويندو هئس.
اوهان جي
والد
سان هو
اتي
لهه وچڙ
۾
آيو.
آءٌ
ڪينٽ اسٽيشن
ڀرسان
ڪارلٽن
هوٽل
۾
ترسيل هئس
جيڪا
شهر جي
بهترين هوٽل
ليکي
ويندي هئي.
مئي
جي شروعات
۾
اوهان جو
والد
به منهنجي
ڀرسان
واري
ڪمري
۾
اچي
ٿانيڪو
ٿيو. هو
اوهان جي
والده سان
گڏ
ڪوئيٽا
روانو
ٿيو. ڪو پندرهن
ڏينهن
کان
پوءِ
اتي هاڻوڪي
خان
آف قلات
جي
والد مرحوم
نواب
بهادر عظيم
جان
جي گهر
تي
نڪاح پڙهائڻ
کان
پوءِ
هو لاڙڪاڻي
آيا
۽
منهنجي لاڙڪاڻي
واري
گهر اچي
ترسيا. ان
مان
اوهان کي اندازو
ٿي
سگهي
ٿو
ته منهنجا
اوهان جي
مآءٌ
پيءُ سان
ڪيترا
ناتا
هئا. 1924
ع
کان
1929
ع
تائين سر
شاهنواز بمبئي
ڪائونسل
۾
مسلم
گروپ جو
سربراهه هو
۽
آءٌ
ان جو
ڊپٽي
اڳواڻ. جڏهن
ته
سنڌ ۾ هو
سنڌ
محمدن ايسوسيئيشن
جو
صدر، آءٌ
نائب
صدر هئس،
جڏهن
ته خان
بهادر ولي
محمد
حسن علي
جنرل
سيڪريٽري هو.
1928ع جي پڇاڙيءَ
ڌاري
هندستان بابت
وزير
سر سيموئل
هئوري هندستانين
لاءِ
وڌيڪ سڌارا
آڻڻ
واسطي سفارشون
تيار
ڪرڻ
لاءِ سر
جان
سائمن جي
سربراهيءَ ۾ هڪ
ڪميشن
اماڻيو.
ڪميشن انگريزن
تي
ئي ٻڌل هو،
ان
ڪري
انڊين نيشنل
ڪانگريس
ان
جو بائيڪاٽ
ڪيو.
صوبائي حڪومت
سائمن
ڪميشن سان
لهه
و چڙ
۾
اچڻ
لاءِ پنهنجي
صوبن
اندر مقامي
ڪميٽيون
جوڙيون هيون.
سنڌ
مان سر
شاهنواز ڀٽي ۽ مرحوم
سيد
ميران محمد
شاهه
کي
رابطي
ڪميٽيءَ تي
کنيو
ويو
هو. جنوري
1929
ع
۾
مون
هڪ وفد
جي
سربراهي
ڪندي سائمن
ڪميشن
آڏو
سنڌ جي
بمبئي کان عليحدگي
۽
ان
جي هڪ
ڌار
صوبي
طور تشڪيل
بابت
هڪ ميمورينڊم
پيش
ڪيو.
مرحوم مير
ايوب
خان، خان
بهادر حسن
علي،
غلام علي
چاڳلا، خان
بهادر الله
بخش
سومري سميت
سنڌ
جون
ڪيتريون ئي
نامياريون بزرگ
شخصيتون ان
وفد
۾
شامل هيون.
جڏهن
سائمن
ڪميشن پنهنجي
رپورٽ ۾ سنڌ
جي
بمبئي کان عليحدگيءَ
جي
مخالفت ڪئي ته
سيد
ميران محمد
ساڻن
اختلافي نوٽ
لکي
سنڌ جي
عليحدگي جو
پرجوش انداز
۾
ڪيس
رکيو. سر
شاهنواز ان
سان
سهمت ٿيڻ کان نابري
واري
۽ سنڌ
کي
بمبئي سان
ڳنڍيل
رکڻ
واري سرڪاري
سائمن
ڪميشن تي
صحيح
ڪيائين.
اهو 1930ع
جي
شروعات ۾ پيش
آيو.
جنوري 1931
ع
۾
برطانوي حڪومت
هندستاني
اڳواڻن
جي هڪ
گول
ميز
ڪانفرنس لنڊن
۾
ڪوٺائي.
محمد
علي جناح
ڊسمبر
1930
ع
۾
پير
پاڳاري خلاف
هيٺين
ڪورٽ جي
ڏنل
سزا
خلاف
ڪراچيءَ ۾ تڏهوڪي
عدالتي
ڪمشنر واري
ڪورٽ
۾
پيش
ٿي
رهيو هو.
مون
ڪارلٽن
هوٽل ۾ کيس رات
جي
مانيءَ تي
گهرايو جنهن
۾
جي
ايم سيد،
حاتم
علوي، سيد
ميران محمد
شاهه، پير
علي
محمد راشدي
۽
سنڌ
جا ٻيا به
ڪيترائي
سياستدان پڻ
شامل
هئا. مانيءَ
کان
پوءِ
مون ڪيل پنهنجي
تقرير ۾ مٿس
گول
ميز
ڪانفرنس ۾ سنڌ
جي
بمبئيءَ کان عليحدگيءَ
تي
زور ڏيڻ جي
گذارش به
ڪئي.
هن
پنهنجي جوابي
تقرير ۾ ان
موقف
جي پٺڀرائي
ڪئي
هئي.
ٻئي
پاسي بمبئي
حڪومت سنڌ
جي
عليحدگيءَ واري
موقف
جي مخالفت
واسطي سر
شاهنواز کي گول
ميز
ڪانفرنس
۾
اماڻيو ويو.
محمد
علي جناح
۽
سر
شاهنواز
ڊسمبر جي
ٽين
هفتي
دوران ساڳي
اسٽيمر وسيلي
لنڊن
روانا
ٿيا. جڏهن
جنوري 1931
ع
۾
سمورا وفد
لنڊن
۾
مليا ته
مسلمان وفد
سر
آغا خان
کي
پنهنجو اڳواڻ
۽
مرحوم
ڊاڪٽر شفاعت
احمد
کي
سيڪريٽري مقرر
ڪيو.
محمد
علي جناح
اتان
ئي لنڊن
۾
وڪالت ڪرڻ لاءِ
ٿانيڪو
ٿيڻ
جو
فيصلو
ڪيو. سنڌ
جي
عليحدگيءَ لاءِ
مسلمانن جو
موقف
انتهائي سگهارو
هئڻ
سبب سر
شاهنواز ان
جي
مخالفت نه
ڪري
سگهيو. ان
دوران
ڪنهن وقت
۾
بمبئي جو
گورنر رهندڙ
لارڊ
ولنگڊن هندستان
جو
وائسراءِ
ٿيو. هو
ڪانگريس
۽
جناح
صاحب جو
شديد
مخالف هو.
لارڊ
ولنگڊن گانڌي
۽
ڪجهه
ٻين
اهم
ڪانگريس
اڳواڻن کي جيل
۾
وڌو
۽
گول ميز
ڪانفرنس
مان
جناح صاحب
جو
نالو پڻ
خارج
ڪرايائين.
سر شاهنواز
جو
نالو پڻ
ڪڍيو
ويو
ڇاڪاڻ
جو بمبئي
حڪومت اوستائين
اهو
سمجهي چڪي
هئي
ته برطانوي
حڪومت سنڌ
کي
ڌار
صوبو
بنائڻ واري
گول
ميز
ڪانفرنس جي
مسلمان وفد
جي
مطالبي تي
همدردي سان
ويچاري سگهي
ٿي.
سر
شاهنواز ۽ منهنجي
وچ
۾
ڏڦيڙ
دراصل سنڌ
جي
عليحدگيءَ واري
مامري تي
پئدا
ٿيو.
ٽين گول
ميز
ڪانفرنس
کان
پوءِ مون
کي
سنڌ
جي بمبئي
کان
عليحدگيءَ واسطي
سنڌ
جي سياستدانن
۾
سرواڻ
ڪردار ادا
ڪرڻ
سبب
جون جولاءِ
1933
ع
ڌاري
هندستان ۾ سڌارن
بابت
گڏيل پارلياماني
ڪميٽيءَ
آڏو
سنڌ جي
عليحدگيءَ وارو
ڪيس
پيش
ڪرڻ
لاءِ گهرايو
ويو.
سنڌ جي
عليحدگي جي
مخالفت
ڪندڙ هندن
پاران پروفيسر
ڇٻلاڻي
کي
گهرايو ويو.
آءٌ
اڪيلي سر
ويس
جڏهن ته
هندن
پروفيسر
ڇٻلاڻيءَ جي
واهر
لاءِ وڏو
شاهي
وفد اماڻيو.
ان
مان اوهان
پروڙيو هوندو
ته
اوهان جي
والد
جي پهرين
گول
ميز
ڪانفرنس ۾ شرڪت
يا
ٻين
۽
ٽين
ڪانفرنس
مان سندس
اخراج ۾ منهنجو
ڪو
ڪردار
نه
هو.
مون
اهو
ڊگهو
تفصيل رڳو
ريڪارڊ جي
درستگيءَ لاءِ
ڏنو
آهي
ته جيئن
ان
دور جي
تاريخ بابت
ڪا
غلط
بياني نه
ٿئي
جيئن
اوهان ڪرڻ جي
ڪوشش
ڪئي
آهي.
اوهان مئي
1928
ع
دوران لاڙڪاڻي
۾
هندو
مسلمان فسادن
جو
به ذڪر
ڪيو
آهي.
آءٌ لاڙڪاڻي
۾
با
اثر هندو
برادريءَ جي
ڪوڙي
۽
بي
بنياد پروپيگنڊا
جو
هدف بڻيل
مسلمانن جي
بچآءٌ
۾ سرواڻ
ڪردار
ادا
ڪندڙ
هئس. مسلمان
انتهائي پوئتي
پيل
۽
ڊنل
هئا. ان
ڪري
مونکي کين بچائڻ
جو
اهو ذمو
پنهنجي سر
تي
کڻڻو
پيو. مون
هڪ
بچآءٌ
ڪميٽي جوڙي،
سندن
بچاءَ لاءِ
بهترين وڪيل
ڪيا.
ماڻهن جي
وڏي
تعداد تي
ڪيس
داخل
ڪيا
ويا پر
خدا
جي
ٻاجهه سان
آءٌ
سمورن کي بري
ڪرائڻ
۾
ڪامياب
رهيس. تن
ڏينهن
۾
اوهان جو
والد
وچٿرو رويو
رکي
ٻنهي
ڌرين
کي
خوش ڪري رهيو
هو.
اهو مڪمل
طور
تي غلط
آهي
ته هن
مون
کي
وڳوڙ جي
الزام هيٺ
جيل
وڃڻ کان بچايو.
دراصل آءٌ
وڳوڙ
ختم ٿيڻ جي
ڪجهه
عرصي
کان
پوءِ ئي
لاڙڪاڻي پهتو
هئس
۽
مون کي انهن
وڳوڙن ۾ ملوث
ڪرڻ
جو
ڪو
سوال ئي
نه
ٿي
پئدا
ٿيو. منهنجو
واحد
ڪردار
انهن بيگناهه
مسلمانن جو
بچآءٌ ڪرڻ هو
جن
کي
ڏچي
۾
ڦاسايو
ويو هو.
اوهان
پنهنجي خط
۾
دعوا
ڪئي
آهي ته
اوهان سوشلسٽ
آهيو
۽
جاگيرداريءَ جا
مخالف. انهيءَ
دعوا
مون کي اچرج
۾
وجهي
ڇڏيو
آهي. توهان
جاگيرداريءَ جي
پئداوار آهيو
۽
چونڊ
مهم دوران
پنهنجي
ڪجهه تقريرن
۾
دعوا
ڪئي
اٿوَ ته
توهين منهنجهي
ڀيٽ
۾
وڏا
زميندار ۽ وڌيڪ
شاهوڪار آهيو.
ان
سان آءٌ
لڄي
نه ٿو
ٿيان
ڇاڪاڻ جو
اها
ڳالهه
گهڻي حد
تائين درست
به
آهي. 1959
ع
دوران جڏهن
ايوب
خان نام
نهاد
زرعي سڌارن
جو
اعلان ڪيو ته
اوهين سندس
وزير
۽
ساڄو هٿ
هئا.
اوهان سڀني
سموري متاثر
ٿيندڙ
زمين
مارشل لا
ريگوليشن 4 6
جو
کاڄ
ٿيڻ
کان
بچائي ورتي
پر
اسان مان
هر
ڪو
ان جو
متاثر بڻيو.
ڪراچيءَ،
لاڙڪاڻي ۽ آبائي
شهر
نئون ديرو
۾
شاندار گهر
۽
مختلف شهرن
۽
ڳوٺن
۾
ٻي
ملڪيت اهو
واضح
ٿا
ڪن
ته اوهين
شاهوڪار ماڻهو
آهيو. جيڪڏهن
اوهين سچا
پچا
سوشلسٽ هجو
ها
ته
ڪافي عرصو
اڳ
ئي پنهنجي
شهري
ملڪيت غريب
پورهيتن
۽
ڳوٺاڻي
ملڪيت لاڙڪاڻي
جي
غريب هارين
۾
ورهائي
ڇڏيو ها.
سوشلزم ته
رڳو
اوهان جي
چونڊ
مهم جو
نعرو
هو. دراصل
اوهان فاشسٽ
آهيو. جهڙي
ريت
لاڙڪاڻي ضلعي
۾
انهن
غريب ماڻهن
جي
ملڪيت ۽ گهرن
تي
پنهنجن غنڊن
ذريعي قبضا
ڪيا
اٿوَ
جن تي
اوهان جو
ذرو
به شڪ
ٿي
ويو
ته هن
اوهان کي ووٽ
نه
ڏنا
آهن، اوهان
جي
هٽلري مزاج
جو
واضح ثبوت
آهي.
ڪو
به سوشلسٽ
اهڙي
همت نه
ڪندو،
ڇا
مون
کي
خود اوهان
جي
پارٽيءَ جي
انفارميشن سيڪريٽري
مولانا
ڪوثر نيازيءَ
جا
لفظ ورجائڻ
جي
اجازت آهي
ته
”توهان
جاگيردار آهيو
پر
ان هوندي
به
سوشلسٽ.“
جيڪڏهن
پير پاڳاري
جي اچڻ
جو اعلان
نه به ڪيو وڃي
ها
تڏهن به کهڙي صاحب جي مهم تي ڪو خاص
فرق نه پوي ها.
دراصل ان
اعلان
سان
ماڻهن
خاص
طور تي سندس مريدن ۾ تمام
گهڻو جوش خروش پئدا
ٿيو هو پر پاڳاري
جي نه اچڻ
ڪري ماڻهن
۾ غلط فهميون پئدا
ٿيون. پاڳارو
جلسي کان
پوءِ پنجين وڳي لاڙڪاڻي
پهتو پر هاڻ
سندس اچڻ جو ڪو فائدو
نه هو. پاڳارو
واضح طور تي مارشل
لا
اختيارين
وارن
جي دٻاءُ هيٺ هو ۽ سندن ڳالهه
کان
انڪار
ڪرڻ يا
ٽارڻ
سندس وس جي ڳالهه
نه هئي.
پاڳاري
کهڙي صاحب
جي ويجهي دوست ٿرپارڪر
جي وڏيري غلام
محمد
وساڻ جي چونڊن ۾ به مشڪوڪ ڪردار
ادا
ڪيو. انتهائي
غير معمولي ساک وارو
اهو
سياستدان
جنهن ايوب خان
جي مارشل
لا
سميت ڪڏهن به نه هارايو
هو
1970ع
۾ پير پاڳاري
طرفان سندس حمايت
واري
وعدي تان ڦرڻ سبب پهريون ڀيرو چونڊون هارائي
ويو.
1960ع
واري
ڏهاڪي دوران
پاڪستان
۾ برطانوي هاءِ
ڪمشنر سر مورس جيمس (لارڊ
سينٽ برائڊمن) پنهنجي ڪتاب
”پاڪستان
ڪرانيڪل“ (آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس 3 9 9 1 ع) جي صفحي
4 7 ۽ 5 7 تي ڀٽي بابت
ڪيل اهم
ترين مشاهدو
ڄاڻائيندي
لکي ٿو ”ڀٽي وٽ يقيني طور تي اعليٰ
ترين مقام
تائين
رسڻ جون سموريون خصلتون
اُتم
موجود هيون يعني تحرڪ،
وقار، تصور،
هڪدم اثر
انداز
ٿيندڙ ذهن، زندگيءَ لاءِ
چاهنا،
سگهه، هڪ سگهارو آئين، خوش طبع ۽ اسهپ
......“
پر هن لاءِ
ڪيئن پيش ڪريان
ته دوزخي باهه جا
اُلا
هئا.
هو حرفتي
شيطان
۽ ڏار
پيل فرشتو هو. آءُ سمجهان
ٿو ته اندر
جي گهراين
۾ هن وٽ عظمت جو احساس
۽ ٻين ماڻهن
جو قدر نه هئا
۽ هن پنهنجو پاڻ
کي ئي ڪُل ٿي ليکيو. مون کي منجهس بي رحمي
۽ اڍنگا
ڪم ڪرڻ جي وٿ ٿي نظر آئي جيڪا
فطري مقدار
کان
گهڻو اڳتي ٿي وئي
.....
انسانيت
واري
لاڙي
کيس پنهنجو پاڻ کي ناقابل
تسخير سمجهڻ تي مجبور ڪيو.
سندس وصفن
۽ خوبين جي باوجود
هن 5 6 9 1 ع ۾ ئي پروڙيو ٿي ته ڀٽو هڪ ڏينهن
پنهنجو پاڻ
کي تباهه
ڪندو. ان ڪري ئي مون پاڪستان
۾ پنهنجي هاءِ
ڪمشنري دوران اماڻيل
پڇاڙڪي
رپورٽن مان هڪ ۾ لکيو. مون اهو
نڪتو واضح ڪرڻ لاءِ
لکيو: ”ڀٽو ڄائو ئي ڦاسيءَ
تي چڙهڻ لاءِ
آهي“.
تن
ڏينهن ۾ کهڙي صاحب
جي زال سخت پردو ڪندي هئي ۽ پنهنجي مڙس جي سکر جيل ۾ هئڻ دوران
ڪراچيءَ کان
ٻاهر
ئي نه نڪتي. سندس سار
سنڀال لاءِ
سندس والد
ڪراچيءَ
اچي
ترسيو هو.
کهڙي
تي ڪيس هلڻ دوران
مظفر حسين ڪراچيءَ
جو ڪليڪٽر ۽ سنڌ جي جيلن جو آءِ-جي
هو. هو ڪنهن به اهڙي
واقعي
جي ترديد ٿو ڪري جنهن ۾ هن کهڙي صاحب
کي جيل ۾ مراعتن
بابت
ايوب
خان
سان
ملاقات
ڪئي هجي. هو ان
ڏس ۾ ڀٽي سان ملاقات
جي به ترديد ٿو ڪري. مظفر حسين
پنهنجي ليکي ئي اهي
مراعتون
ڏيڻ لاءِ
با
اختيار
هو ۽ هن کهڙي صاحب خلاف
ڪيس داخل
ڪرڻ واري
سازش
۾ مرزا
جي ساٿاري
ڪمشنر ڪراچي
اين
ايم
خان
جي مخالفت جي باوجود
کهڙي صاحب
کي ڪيتريون ئي رعايتون
ڏنيون. (شاهه زمان
کهڙي صاحب
جو 0 3 جنوري 6 9 9 1 ع تي مظفر حسين
سان
ڪيل انٽرويو.)
مشوري
ڏوڪري
تعلقي جو
هڪ
پير هو
جنهن
کي
دراصل
ڀٽي
وڏي
شاهي رقم
ڏني
هئي.
هن معاملي
۾
به هن
پنهنجي معمول
جيان
پنهنجي
ڪيل
واردات
جو
الزام
پنهنجي
مخالف تي
ٿي
مڙهيائين.
|