باب پنجون
ٽڪراءُ
کهڙو صاحب مارچ 8 2 9 1 ع ۾ سنڌوءَ جي ٻئي ڪپ تي پنهنجي ڪچي جي ٻنين ڏانهن
”ڦلو“ ويو ۽ ڪجهه ڏينهن اُتي گذاريائين. ٻيڙي ۽ اٺ
تي ڪجهه ڪلاڪن جي مسافري ڪري هو 9 2 جي ڪچڙي
منجهند واپس لاڙڪاڻي پهتو. تنهن ڏينهن سندس دوست
خان بهادر علي حسن هڪڙي کي وٽس مانجهاندي لاءِ
اچڻو هو ۽ ٻئي ڄڻا جيئن اڃان دسترخوان تي ويٺا ۽
منجهند جي ماني کائي رهيا هئا ته کهڙي صاحب جو
دوست ۽ لاڙڪاڻي جو معتبر واپاري سيٺ خداداد سرهيو،
سيٺ محمد دين خواجا ۽ کهڙو صاحب جي اخبار ”سنڌ
زميندار“ جو مينيجر آغا نظر علي پٺاڻ ڊوڙندا آيا ۽
ٻڌايائون ته شهر ۾ وڳوڙ ٿي پيا آهن ۽ پوليس
مسلمانن کي ڌڙا ڌڙ گرفتار ڪري رهي آهي. پوليس سان
گڏ هندو مئجسٽريٽ روپ چند ۽ ڪجهه مها سڀائي ڪارڪن
هئا، جن انهن ماڻهن جي نشاندهي ٿي ڪئي جن کي
گرفتار ڪرائڻ ٿي چاهيائون.
وڳوڙ سڌي طرح، آريا سماج ۽ هندو مهاسڀا تحريڪن جي
هندو بنياد پرستن جي سرگرمين جو نتيجو هئا جيڪي
ڪيتري ئي وقت کان هندومت کان مسلمان ٿيل ماڻهن کي
هٿ ڪرڻ ۽ کين ٻيهر هندو بنائڻ (شڌيءَ) واري ڪرت ۾
جُنبيل هئا. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڏوڪريءَ ڀرسان هڪ ڳوٺ
۾ ڪو پندرهن سال اڳ هندو مان مسلمان ٿي هڪ ننڍي
زميندار سان پرڻيل ۽ ڪيترن ٻارن جي ماءُ، مائيءَ
کي آريا سماج وارن اغوا ٿيل ظاهر ڪيو ۽ ڪليڪٽر کان
هڪ وارنٽ جاري ڪرايائون. پوليس کيس لاڙڪاڻي وٺي
آئي، پر ڪليڪٽر ٻڏتر جو شڪار ٿيندي کيس نواب
لاهوريءَ وٽ امانت طور رهايو. لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر
حامد علي، ڪنهن حد تائين فيصلي ڪرڻ جي قوت کان
وانجهيل ليکيو ويندو هو ۽ ڪانگريس سان خانداني
لاڳاپا هئڻ ڪري مسلمان حلقن ۾ کيس غير دوستاڻي
درجي ۾ رکيو ويندو هو. سندس زال بمبئي جي مشهور
طيب جي ڪٽنب سان تعلق رکندڙ گانڌيءَ جي اورچائپ
ڀري پيروڪار عباس طيب جي ڌيءَ هئي، ان ڪري ڪليڪٽر
کي ڪانگريس جو همدرد سمجهيو ويندو هو. هن صورتحال
جي نبيري ۾ دير ڪئي ۽ اها سگهوئي ٽڪراءُ واري صورت
اختيار ڪري وئي. مائيءَ جو مڙس ۽ ٻار شڪايت ڪرڻ ۽
سندس ٻانهن موٽائي ڏيڻ جي گهر ڪرڻ لڳا پر لاڙڪاڻي
انتظاميا ڪن نه ڌريو.
ان واقعي لاڙڪاڻي جي اوسي پاسي وارن ڳوٺن ۾
انتهائي ڇڪتاڻ پئدا ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ جو ان کي هڪ
معتبر ماڻهوءَ جي گهر ۽ ڪٽنب تي حملو ليکيو ويو.
ڪيترائي ڳوٺاڻا شهر اچي پهتا ۽ ڏڦيڙ پئدا ڪيائون.
هنن دڪانن تان سوڍا واٽر جون بوتلون کنيون، ڪجهه
دڪانن تان ڦر ڪيائون ۽ معمولي وڳوڙ ڪيائون. شهر جي
هندو آبادي هراسجي وئي ۽ وڏي پئماني تي گرفتاريءَ
جي گهر ڪيائون. انتها پسند عناصر خاص طور تي هندو
مها سڀائي ڪارڪنن ڪنهن به مسلمان جي اڪيلو نظر اچڻ
تي مٿس حملو ٿي ڪيو. مونجهاري ڀريل اهڙن حملن ۾
اڻهتر ڄڻا زخمي ٿيا جن مان يارهن مسلمان ۽ باقي
هندو هئا، انهن مان هڪ هندو زخمن جي سٽ نه سهي
گذاري ويو. انتهائي منظم ۽ ڪامورا شاهيءَ ۾ پاڙون
پختيون ڪيل هندن وڳوڙين کي سخت سيکت ڏيارڻ جو پڪو
پهه ڪيو.
پوليس هندو سياسي ڪارڪنن جي چرچ تي وڏي پئماني تي
گرفتاريون ڪيون. مسلمان ڌر طرفان آواز اٿارڻ ۽
احتجاج ڪرڻ وارن جي اڻهوند سبب مسلمانن پنهنجو پاڻ
کي بيوس ۽ بي واهر ٿي ليکيو. شهر جي ٻن اهم مسلمان
اڳواڻن سر شاهنواز ڀٽو ۽ نواب لاهوريءَ پنهنجي گهر
مان نڪرڻ يا ڪا دلچسپي ڏيکارڻ يا رڳو همدرديءَ ڪرڻ
کان به نابري واري. سرواڻ مسلمان واپاري ۽ مقامي
اڳواڻ بعد ۾ کهڙي صاحب سان لهه وچڙ ۾ آيا، جنهن
هڪدم موٽ ڏيندي پنهنجي گاڏيءَ ۾ شهر جو گشت ڪري
صورتحال جي ڪٿ لڳائي.
”مون هڪدم گاڏيءَ ۾ سوار ٿي، معتبر شهرين سان گڏ شهر جو دورو ڪيو. مون
پنهنجي اکين سان ڏٺو ته هنن سچ ٿي چيو. ان مهل
تائين پنجاهه سٺ مسلمان گرفتار ٿي چڪا هئا.
مئجسٽريٽ آڏو احتجاج ڪندي چيم ته سندس قدم انتهائي
ٻه اکيائي ڀريا آهن ۽ هو رڳو مسلمانن کي سندن
مخالفن ۽ دشمنن جي چرچ تي گرفتار ڪري رهيو آهي.
حامد علي صاحب اهو چئي هليو ويو هو ته وٽس زراعت
جو ڊائريڪٽر مانجهاندي لاءِ اچڻ وارو آهي. ۽
پنهنجي غير موجودگيءَ ۾ سڄي مامري جي نگراني هندو
مئجسٽريٽ روپ چند صاحب جي حوالي ڪيائين. آءٌ حامد
علي صاحب وٽ پڻ ويس ۽ کيس صورتحال کان آگاهه ڪيم.
ڪليڪٽر انتهائي مطمئن نظر پئي آيو ۽ پنهنجي خيال
موجب شهر واسين سان ٿيل ناانصافيءَ جو ذرو به اثر
نه ورتائين. هن منهنجي شڪايت تي ڪوبه رد عمل ظاهر
نه ڪيو. شام تائين مون سان ملڻ لاءِ آيل واپاري
اڳواڻن سميت هڪ سؤ کن مسلمان اڳواڻ جيل ۾ پهچي چڪا
هئا. اهو محسوس ڪندي ئي عملدارن وٽان ڪو کڙ تيل نه
نڪرندو، مون گهر موٽي هڪدم بحالي ڪميٽي جوڙي، مون
پنهنجو حصو به ڏنو ۽ شهر سميت ضلعي مان ان ڏس ۾
چندو گڏ ڪيم. وڳوڙ ۽ بعد ۾ گرفتارين جو ٻڌي شيخ
عبدالمجيد (سنڌي) ۽ بيريسٽر عبدالرحمان ڪراچي کان
لاڙڪاڻي پهتا ۽ مدد جي آڇ ڪيائون. مون ڏاڍائي جي
شڪار ٿيل همراهن جي واهر لاءِ بيريسٽر عبدالرحمان
کي مقرر ڪيو. هو لاڙڪاڻي ۾ منهنجا مهمان ٿي رهيا
۽ امپائير روڊ وارو منهنجو گهر لاڙڪاڻي جي
مسلمانن جي بچاءُ ڪميٽيءَ جو هيڊ ڪوارٽر بڻجي ويو.
مون سنڌ جي ڪمشنر هڊسن کان ملاقات جو وقت گهريو ۽
سڄي معاملي کان کيس واقف ڪيم. ڪمشنر لاڙڪاڻي ۾ ٿيل
واقعن جي سنجيدگيءَ جو تدارڪ ڪندي هڪ خاص مئجسٽريٽ
مقرر ڪيو ۽ حامد علي جي جاءِ تي هڪ انگريز اي اسي
وي ايڪوٽ صاحب ڪليڪٽر طور مقرر ٿيو.“
سرڪاري عملدارن جي پٺڀرائي سان هندو ڪارڪن مسلمانن
کي بچائڻ جي ڏس ۾ کهڙي صاحب جي ڪردار تي سخت مڇريل
هئا ۽ کيس وڳوڙين کي چرچ ڏيندڙ طور ملوث ڪرڻ جي پڻ
ڪوشش ڪيائون. ڊي آءِ جي پوليس هڪ خاص ڊي ايس پي
جاچ لاءِ مقرر ڪيو پر ان الزام جا ڪي به بنياد نه
هئا، سو ان جو ڪو کڙ ٿيل نه نڪتو. بچاءُ ڪميٽي
گهڻي ڀاڱي گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي،
البته ڏهن اهم شهرين جو ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ چالان ڪيو
ويو. کهڙي صاحب لاهور ۾ وڪالت ڪندڙ انتهائي ساک
وارن انگريز بيرسٽرن بيون- پٽمئن کي سندن بچاءُ
لاءِ گهرايو. خرچ پکن کي منهن ڏيڻ لاءِ چندا گڏ
ڪيا ويا ۽ نيٺ سمورن جوابدارن کي سيشن ڪورٽ باعزت
بري ڪري ڇڏيو.
لاڙڪاڻي وڳوڙن جي متاثر ٿيلن لاءِ پاڻ پتوڙڻ تي
کهڙي صاحب جو نالو سڄي سنڌ ۾ احترام ماڻي ويو. هو
ايترو ته مشهور ٿي ويو جو خود پوليس وارا رات جي
ڊيوٽيءَ مهل سندس ساراهه جا گيت ڳائيندا هئا. سڄي
سنڌ ۾ هو همت ڀريو سياستدان ۽ مسلمانن جي حقن جي
چيمپئن طور مشهور ٿيو.
ساڳئي وقت اهو به واضح ٿي چڪو هو ته شُڌي، مها
سڀائي تحريڪن جهڙيون هندو انتها پسند تنظيمون
فرقيوار ڏڦيڙ پئدا ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌل هيون.
هاڻوڪي ڪيس ۾ هنن چوڏهن سالن کان پرڻيل ۽ ڪيترن ئي
ٻارن جي ماءُ جي مامري تي گوڙ ڪيو. کيس پنهنجي
ساهراڻي ڪٽنب خلاف گواهي ڏيڻ تي هرکايو ۽ ڌمڪايو
ويو ۽ پنهنجي مڙس خلاف گواهيءَ جي نتيجي ۾ نه رڳو
سندس گهر ڦٽي ويو پر سنڌ ۾ پهريان فرقيوار فساد پڻ
ٿيا. اها سنڌ ۾ رهندڙ ٻن وڏين آبادين وچ ۾ ڇڪتاڻ
جي شروعات هئي ۽ ان واقعي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به
منهن ڪڍيو ۽ صوبي ۾ نفرتن ۽ ٻنهي برادرين ۾ مڪمل
ويڳاڻپ واري دور جي شروعات ٿي.
هندو انتها پسند تنظيمن جون سرگرميون جاري رهيون.
هنن پنهنجو پاڻ کي مسلمانن سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ لاءِ
تيار ۽ منظم ڪيو. هندو گهرن ۾ هٿيار گڏ ڪيا ويا ۽
نوجوانن کي جهيڙي ۾ هٿيار هلائڻ لاءِ تربيت ڏني
وئي. ماحول ڇڪتاڻ سان ڀريل هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ انتها
پسندن جي ناڪاميءَ کي شڪست ليکي، ان جي پلاند وٺڻ
جون سازشون گهڙيون ويون. فرقيوار تنظيمن جو طريقو
هٿيارن ۽ ويڙهاڪ پڻي جي نماءُ سان ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ
وارو هو ۽ جيڪڏهن ان جو نتيجو فرقيوار ڏڦيڙ جي
صورت ۾ نڪري ته ان جو الزام ڄٽ مسلمان تي هڻڻ لاءِ
پروپئگنڊا جي مهم هلائي وڃي. ”وڳوڙين“ خلاف ڪيس
درج ڪيا ويا، ان ۾ مسلمان آباديءَ جي اڪثريت کي
ملوث ٿي ڪيو ويو ۽ ڪامورن جي گهڻائي هندن تي مشتمل
هئڻ ڪري ۽ عملدارن جي مٿئين سطح تي اثر انداز ٿي
سگهڻ سبب مسلمانن پنهنجو پاڻ کي بي واهو ٿي ڀانيو.
9 2 9 1 ع کان 1 3 9 1 ع دوران تشدد جو سلسلو جاري رهيو، سکر ان ڏس ۾ خاص
نشانو رهيو، جتي مسلمانن کي مدد ۽ قيادت جي
انتهائي ضرورت هئي. مئي 9 2 9 1 ع ۾ کهڙي صاحب هڪ
ذهين پر مڇريل نوجوان پير علي محمد راشديءَ کي
پنهنجي اخبار ”سنڌ زميندار“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو
جيڪا سکر مان شايع ٿيندي هئي. راشديءَ جي ادارت ۾
اخبار مسلمانن جي وڪيل طور پنهنجو ڪردار شاندار
طريقي سان نڀايو. سنڌو درياءَ جي ڪپ تي اڏيل سکر،
سنڌ جي اهم واپاري مرڪزن مان هڪ هو. شهر ۾ هندن جي
اڪثريت هئي ۽ پنهنجي مذهب تي ٻين کي هرکائڻ لاءِ
وڌيڪ جوشيلا هئا. مسلمانن جي اڪثريت ڳوٺن ۾ آباد
هئي ۽ شهر ۾ سندن وچولو طبقو اٽي ۾ لوڻ برابر هو ۽
انتهائي سهپ ڀريا هئا.
لڳ ڀڳ هڪ صديءَ کان قائم برطانوي راڄ سنڌ ۾ روائتي
سماجي لاڳاپن کي جهرندي ڏٺو هو. هندو ۽ مسلمان
برادرين جي ناتن ۾ هڪ نئون پر ڇڪتاڻ ڀريو رخ جوڙيو
هئائين. وسيع بنيادن تي اهو نئين قانوني ۽ محصولي
سرشتن جي عمل پذير ٿيڻ جو نتيجو هو جن هارين ۽
ننڍن آبادگارن کي قرضي ٿيڻ جي ڇوٽ ٿي ڏني. جنهن جي
نتيجي طور هو پنهنجا ٻني ٻارا ۽ ٻي ملڪيت وغيره
وڃائي ٿي ويٺا. نئين سرشتي جي سختين جي سٽ نه سهي
سگهندڙ شهري واپاري ۽ واڻئي لاءِ صدقي جي ٻڪري
بنيل هئا. سندن وڌندڙ طاقت ۽ زراعت ۾ وڏي پئماني
تي سندن پيهي اچڻ واري عمل روائتي ڳوٺاڻي سماج جي
سڀاءُ کي ڌونڌاڙي وڌو. هڪ پاسي نون سرمائيدارن
آبادگارن کي ايڏي ڳاٽي ٽوڙ وياج تي رقمون ٿي ڏنيون
جو ان جو نتيجو سدائين سندن ٻنيءَ ۽ ٻي ملڪيت کان
هٿ کڻڻ جي صورت ۾ ئي ٿي نڪتو ۽ ٻئي پاسي سڄي صوبي
جي واپار تي پڻ سندن هڪ هٽي هئي، جنهن ڪري
آبادگارن کي ملندڙ وکر جو ملهه به انهن طئي ٿي
ڪيو. جڏهن ته پئداوار جي منڊيءَ ۾ پهچڻ تي اگهوتري
به سندن هٿ وس ٿي رهي، ان ريت آبادگار مڪمل طور تي
واڻيي جي رحم و ڪرم تي هو ۽ اڪثر قرضي پئي رهيو.
انهيءَ استحصال کي قانوني پٺڀرائي پڻ حاصل هئي. اڻ
پڙهيلن ۽ اهليت نه رکندڙن کي انهيءَ خلاف پنهنجو
بچاءُ ڪرڻو ٿي پيو، آبادگار ڄاتو ٿي ته وياج خور
وٽان کيس فضيلت ڀريو سودو نه ملڻو آهي ۽ سندس
ٻنيءَ ٻارو ڦرجڻ جي سدائين رهندڙ خوف ڇڪتاڻ، ڪاوڙ
۾ تهائين اضافو آندو.
ان کان سواءِ هندستاني مذهبي مت ڀيد واريون
روايتون پڻ هيون جن ٻنهيءَ برادرين وچ ۾ سماجي
ناتن تي روڪ ٿي وڌي ۽ ڇوت ڇات وارو ورتاءُ رڳو
هندن جي گهٽ ذات سان لاڳاپيل نه هو، پر اهو سماجي
وهنوار ۽ کائڻ پيئڻ جي ڏس ۾ غير هندن سان پڻ رکيو
ٿي ويو. سنڌ جهڙي مسلم اڪثريتي صوبي ۾ جتي مسلمان
حاڪم هئا اهو ڪو مسئلو نه هئو. ڇاڪاڻ ته مسلمان
حڪمرانن جي وقت هندو پنهنجي مذهبي مت ڀيد واري
پاليسيءَ تي اهڙا ڪٽر نه هئا ۽ سنڀالي هلندا هئا.
پر جيئن ئي هڪ اڻ ڌري انگريز حڪومت قائم ٿي ۽ هندن
جي معاشي بالادستي آئي ته هنن جو هندوپڻو ۽ مذهبي
مت ڀيد ظاهر ٿي پيو ۽ هو پنهنجو پاڻ کان سواءِ
ڪنهن ٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هيا. روز مره
جي سامان، ڪپڙن، زرعي سامان يا ڪنهن ٻئي وکر لاءِ
روزانو شهر ايندڙ عام ڳوٺاڻن سان شهري واپار تي
ڇانيل هندو واڻيي جو ورتاءُ انتهائي اڻ سهائيندڙ
هو. هو ڳوٺاڻن سان وڻج واپار ته ڪندا هئا پر سندن
ڪپڙي لٽي، لهجي ۽ سندن غربت تي چٿر ڪندا هئا.
جيڪڏهن هو ٽاڪ منجهند جو به پاڻي گهرندا هئا ته
کين اهو ٺڪر جي ٿانوَ ۾ يا ان جي ٻڪ ۾ ڏنو ويندو
هو. عام طور تي هندو مسلمانن لاءِ ”ڄٽ“ لفظ ڪتب
آڻيندا هئا. اهي ايذاءَ ۽ شڪايتون ڪيترن ئي سالن
کان گڏ ٿي نيٺ ڦاٽڻ لاءِ تيار ٿي ويون.
ٻنهي برادرين وچ ۾ شاديون اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي ۽ ان جا ورلي ڪي مثال مليا ٿي.
ڳوٺاڻن علائقن ۾ اهو معمول هوندو هو ته هيٺين طبقي
جي ڪا قبائلي ڇوڪري سندس مائٽ يا دلال خوشحال
ڳوٺاڻن کي وڪرو ڪري ڏيندا هئا، جيڪي سندن مذهب
مٽائي ساڻن پرڻبا هئا. ان ڪري شُڌي تحريڪ نه رڳو
هر ڳوٺ ۾ سراسري ڇهن کان وڌيڪ اهڙن گهرن لاءِ ڏچو
پئدا ڪيو پر متاثر ماڻهن کان گهڻو وڌيڪ ماڻهن کي
پنهنجي فرقيوار نفرتن جو نشانو بنايو.
آگسٽ 0 3 9 1 ع دوران سکر ۾ ٿيل هڪ واقعي ۾ ويڙهو
هندن مسلمانن کي مارڪٽ ڪري زخمي ڪيو، ڀرپاسي جي
ڳوٺن جا مسلمان پلاند وٺڻ لاءِ شهر ۾ ڪاهي پيا. ان
جو نتيجو وڳوڙ ۽ شهر جي ڦر لٽ جي صورت ۾ نڪتو.
لاڙڪاڻي واري انداز تي هلندي انتظاميا وڏي پئماني
تي ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري مٿن انتهائي سخت الزام
مڙهيا. پوليس شڪي جوابدارن کي سيکت ۽ سزائون ڏيڻ
جو اهڙو ڍونگ اختيار ڪيو جو هر پاسي ان جي مخالفت
ٿيڻ لڳي. انهيءَ گهوٽالي ۾ سکر جا مسلمان هڪ اهڙي
مسلمان اڳواڻ ڏانهن وريا جنهن بابت هنن سمجهيو ٿي
ته سندن واهر لاءِ ايندو ۽ کهڙي صاحب کي ٽيليگرام
ڪيائون. بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جون چونڊون ٿي
چڪيون هيون ۽ کهڙو صاحب ٻيهر بنا مقابلي چونڊجي ان
جو ميمبر بڻجي چڪو هو. کهڙو صاحب هڪدم سکر روانو
ٿيو ۽ لاڙڪاڻي واري تجربي جي آڌار تي صورتحال جي
ڪٿ لڳايائين، چندا گڏ ڪرڻ، متاثر ٿيلن جي واهر ۽
گرفتار ٿيلن جي بچاءَ لاءِ ضلعي جي معتبر مسلمانن
تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙيائين. مسلمان قيادت جي انهيءَ
سرگرميءَ جي خلاف هندن وڏو ممڻ مچايو ۽ ڪميٽيءَ تي
کنيل ڪيترائي ميمبر ڊڄي هڪ پاسي ٿي ويا پر کهڙو
صاحب ثابت قدم رهيو. 8 2 آگسٽ 0 3 9 1 ع تي
ڪراچيءَ پهچندي هن سنڌ جي ڪمشنر جي اي ٿامس کي سکر
جي صورتحال ۽ پوليس جي ڏاڍاين جا تفصيل ڪجهه هن
ريت لکيا:
پيارا ٿامس صاحب.
سکر جي مسلمانن جي انتهائي زور ڀرڻ تي آءٌ ڳوٺاڻي
علائقن ۾ ڌاڙن جي جاچ ڪندڙ پوليس اهلڪارن جي
ڏاڍاين جو پنهنجي سر جائزو وٺڻ لاءِ ڪالهه سکر
ويس.
هن سان گڏ بيان ۾ تفصيل سان اهي حقيقتون درج ڪيل
آهن، جيڪي مون انتهائي ذميوار ماڻهن کان حاصل ڪيون
آهن. مون اُهي اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لاءِ جاري ڪرڻ ٿي
چاهيون پر سوچيم ته ان سان مسلمانن کي ذهني ايذاءُ
رسندو ۽ هو ويڳاڻپ جو شڪار ٿيندا سو اهي پهرين
اوهان ڏانهن اماڻڻ جو فيصلو ڪيو اٿم ته جيئن انهن
جي ازالي لاءِ ڪي قدم کڄن ۽ سڌ سماءُ جي ذريعن ۾
انهن جي شايع ٿيڻ کان بچي سگهجي.
اوهان جهڙو انتهائي تجربيڪار ۽ با ادراڪ آفيسر مون
سان سهمت ٿيندو ته هاڻوڪي ڳنڀير وقت جڏهن جذبا
پاري وانگر پيا ڊوڙن، ان ڳالهه جي انتهائي ضرورت
آهي ته هن رپورٽ ۾ مختصر طور تي ڄاڻايل معاملن جي
اسڪينڊل ڀري حالتن کي بهتر بڻائجي ۽ اهو اهڙي
بردباريءَ سان ڪجي جو اهي اپاءَ ماڻهن کي نه محسوس
ٿين ۽ نه وري کين مڇرائين، جيڪو انهن جي اخبارن
وغيره ۾ شايع ٿيڻ سان اڻٽر ٿيندو. آءٌ انهيءَ
پاليسيءَ کي شديد ناپسند ٿو ڪريان ۽ انتهائي نوڙت
سان گذارش ٿو ڪريان ته اوهان صاحب منهنجي رپورٽ جي
تت تي همدردي سان غور ڪرڻ فرمايو ۽ ان جي آخري حصي
۾ ڏنل تجويزن کي قبول ڪريو. جيڪڏهن اوهين گهربل
قدم کڻندا ته مون کي پڪ آهي ته ڳنڀير صورتحال کي
ٽاري سگهبو ۽ انتظاميا کي اشتعال انگيز اشاعت
وسيلي ٿيندڙ خواريءَ کان سواءِ معاملن جي پرامن
نبيري تائين پهچي سگهبو.“
خط سان گڏ اماڻيل بيان ۾ کهڙي صاحب سکر جي واقعي
جا تفصيل ٿامس کي ڪجهه هن ريت اماڻيا:
”گذريل هفتي ڏيڍ کان سکر جي ساکائتن ماڻهن طرفان مون کي ڌاڙي جي ڪيسن جي جاچ
دوران ڳوٺاڻن علائقن ۾ پوليس ۽ روينيو عملدارن جي
خرمستين، تشدد، ڀتي ۽ ظلم جا وار ڪانڊاريندڙ
داستان ڀريون رپورٽون پئي مليون. ملندڙ رپورٽن ۾
درج ڏاڍاين تي مڪمل طور تي ڀروسو نه ڪندي مون
پنهنجي سر سکر وڃڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ڄاڻي
سگهان ته مون تائين پهتل ڄاڻ ڪيتري حد تائين
سچائيءَ تي ٻڌل آهي. آءٌ شهر ۽ ضلعي جي معتبرن خاص
طور تي ڏاڍاين جي اکين ڏٺل شاهدن سان مليس. مون
تائين پهتل ڳالهين جي پوتاميل کان پوءِ ان نتيجي
تي پهتو آهيان ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ پوليس جي ڏاڍاين
جا اهي قصا صحيح آهن. انهن ۾ ڪنهن حد تائين ته
وڌاءُ ٿي سگهي ٿو، پر اهو ڪجهه جوش جي حالت ۾ ٿيڻ
اَوس آهي.
اهو الزام ڌريو پيو وڃي ته پوليس ڀتو وصول ڪرڻ
لاءِ عورتن ۽ مردن کي مارڪٽ جو نشانو بڻائي رهي
آهي. ۽ ڪن ڪيسن ۾ شڪي جوابدارن کان زوري اعترافي
بيان ورتا ويا آهن. انهيءَ وحشي پڻي جي مظاهرن
دوران ڪيترائي ماڻهو غش به ٿي ويا. ڏاڙهي ۽ جسم جي
ٻين حصن تان وار پٽيا ويا. عورتن کي سندن پٽن،
مڙسن يا مائٽن آڏو اگهاڙو ڪيو ويو ۽ مٿن هر قسم جو
ڏاڍ ۽ ڏمر ڪيو ويو. انڌاڌنڌ گرفتاريون ڪيون ويون،
متاثر ٿيلن کي سندن ملڪيتن کان محروم ڪيو ويو. ڀتي
طور پئسا ڦريا ويا. رقم جي ادائگي ڪري سگهندڙ ته
انهيءَ اڍنگي ورتاءَ کان بچي سگهيا پر اهو پورائو
نه ڪري سگهندڙن کي جيلن ۾ واڙيو ويو ۽ ڀل انهن ڪو
ڏوهه ڪيو هجي يا نه. ماحول ۾ انتهائي ڇڪتاڻ ۽
ڏهڪاءُ آهي. ڊپ وگهي عورتن ۽ ٻارن پنهنجو گهر گهاٽ
ڇڏي پاڻيءَ جي دٻن يا جهنگ ۾ وڃي پناهه ورتي آهي.
ڪجهه عورتن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته
سندن ٻار دانهيندا ۽ روئندا رهيا. اهو سکر ضلعي ۾
پئدا ٿيل ماحول جو مختصر احوال آهي.
آءٌ اهو نه ٿو چوان ته ڦرون ڪندڙن سان ڪا رعايت
ڪئي وڃي پر آءٌ ڏينهن ڏٺي جو پوليس اهلڪارن جي
مظلوم ماڻهن تي ڪيل ظلم کي انتهائي شدت سان ننديان
ٿو ۽ پڪ اٿم ته هرڪو ان ڳالهه ۾ مون سان سهمت
ٿيندو. مون کي ڌاڙن ۽ اهڙن ٻين ڏوهن جي شڪار ٿيل
هندن سان دلي همدردي آهي پر آءٌ ڪنهن به ريت ان
سان سهمت نه ٿو ٿي سگهان ته پوليس کي اهڙا اختيار
ڏنا وڃن جو اها پنهنجي سر پاڻ قانون بڻجي وڃي.
جيڪڏهن ڏوهن جو پتو لڳائڻ جو مطلب ظلم ۽
ناانصافيءَ جي ايتري ئي سگهه جو مظاهرو ڪرڻ آهي ته
پوءِ منهنجي نظر ۾ ڌاڙيل ۽ سرڪاري طور تي انهن کي
منهن ڏيندڙن ۾ ڪو فرق ناهي. ٻئي قانون ٽوڙيندڙ
آهن، هڪ ماڻهن جي ملڪيت ٿو ڦري ته ٻيو مٿن تشدد
ڪري ڀتو وصول ڪري ٿو. ٻئي هڪ جيترا ڏوهاري آهن ۽
ٻئي انتها درجي جي نندا ۽ سزا لائق آهن.
آءٌ سمجهان ٿو ته اهو حڪومت لاءِ انتهائي ضروري
آهي ته بنان ڪنهن دير جي ان بدنما صورتحال کي ٻنجو
ڏنو وڃي. ان حوالي سان ضلعن جي رهواسين ۾ انتها
درجي جي بيچيني آهي ۽ ان ڪري ضروري آهي ته ڏوهن جو
پتو لهڻ واري عمل کي ڏاڍ، ڏمر ۽ استحصال جو ذريعو
بنائيندڙ اهلڪارن جي ورتاءُ جي جاچ لهڻ لاءِ غير
سرڪاري ميمبرن جي اڪثريت واري هڪ جاچ ڪميٽي جوڙي
وڃي. جيستائين اهڙي ڪميٽي نه ٿي جوڙي وڃي ڳوٺاڻي
ايراضيءَ ۾ امن امان جي بحالي ناممڪن آهي ۽ پوليس
کي به پنهنجي روش جاري رکڻ لاءِ ڄڻ ٽيڪو ملندو
رهندو.“
سکر جي مسلمانن تي صورتحال جي اثرن جي وضاحت ڪندي
کهڙي صاحب سندن ڊپ ۽ خدشا مٽائڻ لاءِ حڪومت کي
تجويز ڏني:
”سکر شهر جي مسلمانن ۾ انتها درجي جو خطرو ۽ بدحواسي ڇانيل آهي. هندن ۾
موجود ڏڦيڙي عناصر شاهديون گهڙي رهيا آهن ۽ مسلمان
اڳواڻن کي ملوث ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. سندن
خلاف ڪوڙيون شڪايتون درج ڪيون پيون وڃن ۽ مسلمان
اڳواڻن کي ڦاسائڻ لاءِ هندو ننهن چوٽيءَ جو زور
لڳائي رهيا آهن. مسلمانن ۾ ايڏو ڏهڪاءُ آهي جو
وڳوڙن ۾ حقيقتاًÇ ايذايل، جن جا مٽ مائٽ مارجي ويا آهن ۽ جن کي زخم لڳا آهن سي به هندن جي
پلاند وٺڻ کان ڊڄي سندن خلاف دانهن يا ڪيس داخل
ڪرائڻ لاءِ سامهون نه پيا اچن.
انهن سمورين ڳالهين جي روشنيءَ ۾ آءٌ انصاف ۽ درست
ورتاءُ جي مفادن ۾ رٿ ٿو ڏيان ته حڪومت پوليس جي
ڏاڍائيءَ جي جاچ لهڻ واسطي هڪ ڪميٽي مقرر ڪري،
وڳوڙي ڪيس هلائڻ لاءِ هڪ انگريز اسپيشل مئجسٽريٽ
مقرر ڪري ۽ ضلعي جي آفيسرن کي ڏاڍاين کان پاسو ڪرڻ
بابت چتاءَ ڏئي ۽ سکر واقعي جي جاچ ڪندڙن کي
شاهدين ۽ گهوٻين کان هوشيار رهڻ جي خاص هدايت ڪري
۽ هندن طرفان مسلمانن جي پيڙا ۾ اضافو نه ڪرڻ جي
خاطري ڪري.“
جي اي ٿامس انتهائي متڪبر آءِ سي ايس آفيسر هو
جيڪو ڪيترائي سال سنڌ ۾ تعينات رهيو هو ۽ هاڻ سنڌ
جو ڪمشنر هو. ان عهدي کيس سمورا اختيار ٿي ڏنا.
ڪنهن به کيس کهڙي صاحب وانگر القابن کان سواءِ ۽
بي تڪلف انداز ۾ مخاطب نه ٿي ڪيو. شاهي اختيار جي
نمائندي طور کيس ان تي مٺيان لڳي ته ڪو ديسي ماڻهو
قانون لاڳو ڪرڻ واري بنيادي طور تي حاڪمن جي ڪم ۾
دخل اندازي ڪري رهيو هو. ان کان به وڌيڪ اهو ته
اها دخل اندازي اسيمبليءَ جي چونڊيل نوجوان ميمبر
ٿي ڪئي، جيڪو عمل ڪيترن ئي انگريز ڪامورن کي دل
سان پسند نه هو. ٻئي پاسي کهڙي صاحب لکيو ٿي ته
هو مسلمانن جي چونڊيل عيوضيءَ طور پنهنجو فرض
نڀائي رهيو آهي. هن اهو به ڄاتو ٿي ته ڪي ٿورڙا
مسلمان اڳواڻ ئي اڳتي اچڻ ۽ صاحبن جي ناراضگيءَ
جو جوکم کڻندا ۽ انگريز ڪامورا شاهيءَ تي مسلمان
رعيت کان اٿندڙ آواز جي ڀيٽ ۾ سندن هندو جوڙيوالن
۽ هندو اثر وارن سڌ سماءُ جي ذريعن جو اثر پوندو.
اڳتي ايندڙ ٻيو اڳواڻ خلافت تحريڪ جو ناميارو
ڪارڪن عبدالله· هارون هو جنهن سکر جي مسلمانن لاءِ کهڙي صاحب جي ڪاوشن کي
ساراهيو ۽ همٿايو ٿي.
کهڙي صاحب سکر ۾ پيش آيل واقعن جون سموريون حقيقتون گڏ ڪيون ۽ سکر جي سول
سرجن کان فوتين ۽ زخمين جي فهرست حاصل ڪيائين.
ڪمشنر سان لکپڙهه مهل کيس احساس هو ته حقيقتن ۾
ڪابه گهٽ وڌائي سندن خلاف استعمال ڪئي ويندي سو
انتهائي خبرداريءَ سان مڪمل جاچ لڌائين ته جيئن ڪو
وڌاءُ نه ٿئي. هن هڪ يورپي مئجسٽريٽ ۽ جاچ ڪميٽي
مقرر ڪرڻ جي پڻ تجويز ڏني هئي. جيڪڏهن ان تي عمل
ڪيو وڃي ها ته صورتحال ۾ ٺاپر اچي ها ۽ سمورين
ڌرين کي انصاف ٿيندي نظر اچي ها. پر ٿامس ان کي
پنهنجي ڪم ۾ مداخلت ليکيو ۽ ان کي برداشت ڪرڻ لاءِ
تيار نه هو. هن روائتي ڦونڊ سان ٻئي ڏينهن کهڙي
صاحب جي خط جو جواب ڏنو:
”پيارا خان بهادر،
توهان جي 8 2 تاريخ واري خط جي تڪڙي رسيد پيو
ڏيان، منهنجي اوهان کي صلاح آهي ته انهن معاملن ۾
نه وچڙو جيڪي سڌو سنئون اوهان سان واسطو نه ٿا
رکن. پاڻ کان وڌيڪ ٻين لاءِ پتوڙڻ واري اوهان جي
سڀاءُ لاءِ انتهائي احترام جي باوجود، آءٌ اهو چوڻ
کان سواءِ نه ٿو رهي سگهان ته اوهان جي خط سان گڏ
شامل بيان کي اخبارن لاءِ جاري ڪرڻ سوچيل سمجهيل
طور تي نقصان رسائڻ جي مترادف ٿيندو. سکر شهر ۾
وڳوڙن ۽ ضلعي ۾ ڌاڙن جي هلندڙ جاچن دوران هيل
تائين پئدا ٿيل پر امن ماحول ۾ اهي هندن ۽ مسلمانن
وچ ۾ جوش سان ڀريل فرقيوار جذبات کي تهائين
مڇرائيندا ۽ انتهائي ڏکي ڪم ۾ رڌل سرڪاري عملدارن
لاءِ بي اعتماديءَ جي فضا قائم ڪندا.
مون کي سکر جي وڳوڙن جي غير جانبدار ۽ مڪمل جاچ
لهڻ لاءِ مقرر ڪيل خان صاحب سکيا ۽ ضلعي ۾ ڌاڙن جي
جاچ لهندڙ ضلعي مئجسٽريٽ ۽ پوليس عملدارن جي
صلاحيتن تي مڪمل اعتماد آهي. توهان جي لکيل بيان
جهڙا عمل سندن محنت کي ڇيهو رسائڻ جو سبب بڻبا ۽
اهڙن بيانن جي شايع ٿيڻ کي شديد ناپسنديده عمل ٿو
ليکيان. مون وٽ غير سرڪاري اڪثريت واري جاچ
ڪميٽيءَ هئڻ يا نه هئڻ بابت سرڪار کي ڏيڻ لاءِ ڪا
رٿ ناهي جيڪا اوهان جي تجويز پٽاندڙ پوليس جي
ورتاءَ جي جاچ لهي.
انهن ڳالهين جي باوجود به جيڪڏهن اوهان پنهنجو
بيان اخبارن ۾ شايع ڪرائڻ واري پنهنجي ظاهر ڪيل
هوڏ تان نه لهڻ تي زور ڀريو ته پوءِ آءٌ اوهان جو
8 2 تاريخ وارو بيان ۽ هيءُ خط اشاعت لاءِ
ڏيندس.“
هي انگريز ڪمشنر نهايت مغرور ۽ ڦونڊ ڀريل آفيسر
هئو ۽ کانئس زندگيءَ ۾ شايد پهريون ڀيرو بمبئي
ليجسليٽو ڪائونسل جي چونڊيل عيوضيءَ طور هڪ ديسي
کانئس سوال ڪرڻ جي همت ساري هئي ۽ اها اهڙي ڪوعڙي
گوري هئي جيڪا ٿامس ڳهڻ لاءِ تيار نه هو. کهڙي کان
سواءِ ڪوبه ٻيو شخص ڪمشنر جي جواب جي لهجي کان
گهٻرائي هٿ ڪڍي وڃي ها. هن ته سکر وڃي ماڻهن سان
ملاقاتون ڪري متاثر ٿيلن لاءِ هڪ بچاءُ ڪميٽي جوڙي
رڳو فرض پورو ڪيو هو. سندس دوستن کيس خبردار رهڻ
جي صلاح ڏني هئي جن ۾ سر شاهنواز ڀٽو پڻ شامل هو.
انگريز اڃا تائين بي شريڪ ۽ پڇاڻي کان مٿڀرا حاڪم
هئا ۽ سندن سلطنت انتهائي سگهاري هئي. ڪوبه سنڌي
سياستدان سنڌ جي انگريز حاڪم آڏو نظر کڻڻ کان به
قاصر هو.
پر کهڙو صاحب پوئتي هٽڻ وارن مان نه هو. سرشاهنواز
ڀٽي ڪمشنر سان ملي پئدا ٿيل غلط فهمي دور ڪرڻ جي
به آڇ ڪئي. پهرين سيپٽمبر تي کهڙو صاحب ڪمشنر سان
مليو پر هو تبديل ٿيڻ کان نابري واريل هو. ڪنهن به
ماڻهو طرفان ڪا مداخلت برداشت نه ٿي ڪري سگهيو. هن
لفظن ۾ نه، ته رويي ۾ اها ڳالهه واضح ڪئي ته
چونڊيل عيوضي بس رڳو نالي ماتر اهميت رکن ٿا ۽ کين
پنهنجون سرگرميون ڪائونسل جي ايوان تائين محدود
رکڻ گهرجن، نه ڪي راڄ جي اصل دنيا جي معاملن ۾
ٽنگ اٽڪائڻ لاءِ، کهڙو صاحب انهيءَ ملاقات جو حال
هيئن ٿو ٻڌائي:
”مون کي ڪمشنر سان ملاقات واسطي پهرين سيپٽمبر تي ٻارهين وڳي گهرايو ويو.
سندس آفيس ۾ ڪجهه اڳ ۾ پهتس ۽ پنهنجو ڪارڊ اماڻيم.
مون کي ٻارهن ۾ ڏهه منٽ گهٽ، تي اندر گهرايو ويو.
ڪمشنر انتهائي خراب موڊ ۾ هو ۽ معمول جي سڀاءُ
پٽاندڙ اٿي بيهي هٿ به نه ملايائين. شروعات کان ئي
اختيار ڪيل سندس انداز واضح ٿي ڪيو، هو اڳيئي غير
دوستاڻو ۽ جانبدار سڀاءُ ۾ هو. ابتدا ۾ هن مون کان
معلوم ڪيو ته ڇا سکر واقعي بابت منهنجي لکيل خط جو
سندس جواب مون کي مليو آهي يا نه؟ مون هائوڪار
ڪندي چيو ته آءٌ وٽس اها رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ
اتساهيل مقصد جي وضاحت ڪرڻ آيو آهيان. جيڪا هن
بدقسمتي سان غلط سمجهي ته ڇا پر، غلط ليکي آهي.
کيس نهايت واضح طور تي ڄاڻايم ته منهنجو بيان ڪنهن
به ريت ضلعي مئجسٽريٽ، ڊي ايس پي يا خانصاحب سُکيا
سان واسطو رکندڙ نه هو ۽ آءٌ پاڻ انهن عملدارن جي
صلاحيتن ۽ ادراڪ جو انتهائي معترف آهيان. مون مٿس
وڌيڪ واضح ڪيو ته مون کانئس رڳو اهو ٿي چاهيو ته
معاملي جي گهرائي ۾ وڃي پوليس جي ڏاڍائي ۽ ڀتي
خوريءَ جي هانءَ ڏاريندڙ اطلاعن جي جاچ ڪجي، ڇاڪاڻ
جو پوليس ۽ قانون کاتي جا سمورا ننڍا اهلڪار اهي
لڄي ڪندڙ عمل جاچ جي ڍڪ هيٺان ۽ اعليٰ اختيارين
کان مليل طاقت جي زور تي ڪري رهيا هئا.
ڪمشنر جي وراڻي ڦونڊ ڀريل ۽ انتهائي اعتراض جوڳي هئي. ”تنهنجي بيان ۾ لکيل
ڪنهن هڪ لفظ سان به سهمت ناهيان“. هن چيو. ”الائي
اهي بيان تو لکيا آهن يا ڪنهن ٻئي، آءٌ ورجايان
ٿو. جيئن پنهنجي خط ۾ به لکيو اٿم ته ان معاملي جو
اوهان سان ڪو تعلق ناهي، ان ڪري اوهان سان ان تي
ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهيان.“ پنهنجي ڳالهه ختم ڪندي
چيائين ”جيڪڏهن ان معاملي سان اڃان به وچڙين ته
ڪمشنر وٽ تنهنجي لاءِ ڪجهه به ناهي.“
مون پنهنجي لکپڙهه ۾ اٿاريل نڪتن جي وڌيڪ وضاحت
ڪندي انهن جي درست اپٽار ڪرڻ ٿي چاهي پر انهيءَ
انتهائي تڪبر ڀرئي ۽ غير معزز رويي واضح ٿي ڪيو ته
ان معاملي تي ڪمشنر سان وڌيڪ ڳالهائڻ وقت جي زيان
کان وڌيڪ ڪجهه نه هوندو. ڪمشنر جي انهيءَ اچرج ۾
وجهندڙ رويي تي انتهائي مايوسي ٿي. ۽ ٻئي دروازي
مان نڪري سندس آفيس مان اٿي آيس.“
کهڙو صاحب بمبئي جي گورنر وٽان ملندڙ مان ۽ همدرداڻي ڌيان جو عادي هو ۽ جڏهن
به عوامي مسئلن تي پريزيڊنسيءَ واري حڪومت سان
لکپڙهه ڪندو هو ته سنجيدگيءَ سان ٻڌو ويندو هو. هو
لاڙڪاڻي واري ڏڦيڙ دوران اثرائتي انداز ۾ عمل
ڪرائي سگهيو ٿي. هن عوامي عيوضيءَ طور پنهنجي فرض
تي سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏنو ۽ پنهنجي بهترين
صلاحيتن سان اهو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر
پهريون ڀيرو سندس واسطو ڇسي آءِ سي ايس آفيسرن جي
نئين نسل وارن مان هڪ سان پيو هو، جنهن پاڻ کي
رعيت جو ”مائي باپ“ ۽ حڪمران طبقي مان ٿي ليکيو.
کيس پنهنجي اختياريءَ ۾ دخل اندازيءَ تي مٺيان لڳي
هئي ۽ خاص طور تي هڪ نوجوان سنڌي زميندار طرفان
سندس فيصلي تي آڱر کڻڻ واري عمل تي چڙيل هو. هن
لکيو ٿي ته سندس تعلق رڳو ڪمشنر جي درٻار ۾ حاضري
ڏيڻ ۽ درٻار ۾ ڪرسيءَ جو اهل هئڻ بابت ويچارڻ سان
هئڻ گهرجي. کيس ڪنهن به ريت ڪمشنر کي امن امان جي
صورتحال بابت تجويزون ڏيڻ ۽ انتظاميه جون ڪمزوريون
ٻڌائڻ نه گهرجي.
بمبئي سرڪار ۾ سينيئر اهلڪارن سان کهڙي صاحب جي
لهه وچڙ کيس خاطري ڪرائي هئي ته هو آفيسرن سان کلي
دل سان لهه وچڙ ۾ اچي سگهي ٿو، پر اهڙو مان سنڌ جي
ڪمشنر وٽ ناپيد هو، جنهن ڪنهن جي روڪ کانسواءِ
آپيشاهيءَ ڀريل انداز ۾ صوبي جو انتظام ٿي هلائڻ
چاهيو. اڃان رڳو ٻه سال اڳ، سر پيٽرڪ ڪيڊل عارضي
ڪمشنر هو ۽ سندس ۽ عوامي عيوضين وچ ۾ انتهائي
اطمينان جوڳو رابطو هو. کهڙي صاحب کيس انتهائي
همدرد ڀانيو هو پر هيءُ ٿامس ڪنهن ٻي مٽيءَ جو
ٺهيل هو.
سنڌ جي انهيءَ مطلق العنان حاڪم سان جنگ جوٽڻ ڪا
سولي ڳالهه نه هئي. ڪمشنر يقيناًÇسندس
ڪيريئر تباهه ڪرڻ ۽ ايستائين جو کيس چونڊ ۾ شڪست
ڏيارڻ وسيلي سندس زندگي زهر ڪرڻ جي حيثيت ۾ هو پر
ان وقت کهڙي صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻين بيشمار
لاهن چاڙهن ۽ ٻين جي خاطر پنهنجي مفادن کي نظر
انداز ڪرڻ ۽ مصيبتون ڀوڳڻ وارن مرحلن وانگر ان
وقت به کهڙي صاحب ماڻهن جي اجتماعي مفادن کي
پنهنجي ذات تي ترجيح ڏني. ڪجهه ڏينهن تائين
صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اڃان ڪارلٽن هوٽل ۾
رهندي ئي کهڙي صاحب ستين سيپٽمبر تي ڪمشنر کي
لکيو:
”اوهان جو 9 2 تاريخ وارو خط مليم. مهرباني
ڪالهه سر شاهنواز سان ڪيل پنهنجي ڳالهه ٻولهه مان اهو سمجهيو اٿم ته اوهان
جي خط جي موٽ ڏيڻ ۾ منهنجي دير ڪرڻ کي منهنجو مڪمل
طور تي مطمئن ٿيڻ ليکيو ٿو وڃي. ان ڪري اوهان جي
خط جي تت ۽ پهرين تاريخ روبرو ٿيل ملاقات دوران
اوهان جي اختيار ڪيل ورتاءُ مون کي اوهان جي 9 2
تاريخ واري خط جي تڪڙي جواب تي مجبور ڪيو آهي.
اوهان جي خط ۽ روبرو ڪيل ڳالهه ٻولهه جو غير
معمولي جزو اهو آهي ته اوهان منهنجي عيوضي هئڻ
واري ڪردار کان واضح انڪار ڪيو آهي، ايستائين جو
اوهان جو خيال آهي ته مون کي سرڪاري/ عوامي معاملن
۾ ٽنگ نه اٽڪائڻ گهرجي جو انهن جو بقول اوهانجي ته
مون سان ڪو سڌو سنئون تعلق ناهي. آءٌ ان جذبي جو
ورد ٿو ڪريان جنهن اوهان کي اهو چوڻ لاءِ اتساهيو.
مون کي انهن معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، جنهن
جو مون سان سڌو سنئون واسطو ناهي، پر مون کي افسوس
آهي ته اهڙي دور ۾ جڏهن عوامي راءِ عامه چٽي ۽
واضح ٿيندي پئي وڃي، عوامي شخصيت ۽ چونڊيل عيوضيءَ
جو جيڪو اعزاز مون کي حاصل آهي ان مان هڪ پل لاءِ
به اهڙي صلاح تي عمل ڪرڻ جي توقع نه ٿي رکي سگهجي.
پوءِ اهي صلاحون ڪيڏيون نه ڏاهپ ڀريون ۽ دوستاڻيون
ڇونه هجن پر انهن جي قبولڻ سان آءٌ ماڻهن سان
لاڳاپيل پنهنجي فرض کان ٿڙي ويندس. جڏهن ڪنهن
عوامي عيوضي کي يا ڪنهن عوام جي نمائندي کي ڪن ساک
رکندڙ عوام جي ماڻهن وٽان پوليس جي ڏاڍاين جي
شڪايت ملي ٿي ته پوءِ اهو ان عيوضيءَ جو اخلاقي
فرض ٿو ٿئي ته ان بابت اعليٰ اختيار کي اگاهه ڪري.
جنهن لاءِ ٿوري به هٻڪ سندس مٿان ڪيل اعتماد کي
ڇيهو رسائي سگهي ٿي.
هاڻوڪي معاملي ۾ جيڪي ڪجهه به ڪيو اٿم سو پنهنجي
فرض سان انتهائي وابستگي ۽ پنهنجي ضمير جي فيصلي
تحت ڪيو اٿم. اوهان کي سکر واقعي جي ڄاڻ ڏيڻ مهل
آءٌ ڪنهن به ريت شرانگيز ۽ ڀڙڪيدار مقصد رکندڙ نه
هئس. آءٌ رڳو ماڻهن طرفان منهنجي ڌيان تي آندل
ڳالهيون اوهان تائين رسائڻ لاءِ ذميوار آهيان ۽
پنهنجو پاڻ تي فخر ٿو محسوس ڪريان ته پنهنجو فرض
ضمير جي ڀرپور مظاهري سان نڀايو اٿم.
توهان جي خط ۽ ملاقات وقت ڳالهائڻ جو طريقو نهايت
غير مهذب هئو، جنهن مون کي تمام گهڻو ڏک پهچايو
آهي. مون کي انتهائي افسوس آهي ته اوهان سکر ضلعي
۾ ماڻهن خلاف پوليس جي ڏاڍاين بابت ڪيل شڪايتن تي
ڪن ڌرڻ بدران پنهنجي خط ۾ اهڙو لهجو اختيار ڪيو
جنهن منهنجي احساسن کي ايذايو. اوهان جي خط جو
گهڻو تڻو حصو انتهائي ڏکئي فرض ۾ رڌل سرڪاري
عملدارن جي ساراهه جي مڃتا سان ڀريل آهي. مون کي
اهو چوڻ جي اجازت ڏيو، سائين منهنجا ته انهن ڌمڪين
يا ساراهن جي قطعي ڪا ضرورت نه هئي. جيڪڏهن آءٌ
سمجهان ها ته ان بيان جي اشاعت منهنجي ماڻهن لاءِ
لاڀائتي ثابت ٿيندي ته ڪابه ڳالهه مون کي ان کان
روڪي نه سگهي ها. حقيقت اها آهي ته منهنجي غلط
سمجهيل خط ۾ مون واضح طور تي ڄاڻايو هو ته آءٌ
پنهنجي سر اها رپورٽ شايع ڪرائڻ نه ٿو چاهيان ۽
اوهان کي ان معاملي ۾ ضروري قدم کڻڻ جي درخواست
ڪئي هئم ۽ جيڪا واضح طور تي انهيءَ اشاعت سان
لاڳاپيل هئي. پر بدقسمتيءَ سان، مون کي انتهائي
افسوس سان چوڻو ٿو پوي، ته اوهان جاچ لاءِ اپاءُ
نه کڻڻ بابت منهنجي گذارش قبولڻ بدران منهنجي بيان
کي ئي نهوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.
يقيناً اوهان مون کي مڪمل طور تي سمجهي نه سگهيا
آهيو. تڏهن ته اهو اظهار ڪيو اَٿوَ ته اوهان کي
ايس ڪي سُکيا ۽ ٻين تي مڪمل اعتماد آهي. مون انهن
آفيسرن بابت ڪا راءِ زني نه ڪئي آهي ۽ اهو چوڻ
لاءِ تيار آهيان ته مون کي به انهن عملدارن تي
مڪمل اعتماد آهي، جيڪا ڳالهه مون کي سڀ کان وڌيڪ
ايذائي پئي سا اها ته اوهان پنهنجي ماتحت پوليس
عملدارن ۽ قانوني کاتي جي اهلڪارن بابت جاچ لهڻ جو
ڪو معمولي اشارو به نه ڏنو آهي، جيڪي هر حساس
ماڻهوءَ جي دل چيري ڦاڙي ڇڏيندڙ ڏاڍاين ۾ رڌل پئي
رهيا آهن.
اهو چوندي انتهائي افسوس ٿو ٿيم ته اوهان وٽان اهو
ٻڌي ته ان جو مون سان ڪو واسطو ناهي، مون کي
انتهائي مايوس ڪيو آهي. اهو اچرج اٿم ته اوهان جي
اها صلاح ڪهڙي اصول تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن بمبئي يا
پونا ۾ ايوان سجايل ڪو قانون ساز ادارو 0 0 8 ميل
پري صوبي سان واسطو رکندڙ معاملن تي ويچاري رهيو
هجي ته منهنجو خيال آهي ته ان صوبي سان تعلق رکندڙ
ميمبر کي حق ٿو رسي ته هو پنهنجي صوبي ۾، سکر
واقعي جهڙي ڪنهن به عوامي نوعيت جي واقعي تي ماڻهن
جي اُڌمن ۽ خيالن جو نمائندو بڻجي. ان سان گڏوگڏ
سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي عهديدار طور پڻ اهو
منهنجو فرض ٿو بڻجي ته اهڙن ڳنڀير الزامن ڏانهن
اوهان جو آئيني حڪومت جي سربراه جي حيثيت ۾ ڌيان
ڇڪرايان.
سر شاهنواز مون کي وڌيڪ ٻڌايو ته اوهان منهنجي 8
2 آگسٽ واري لکيل انداز تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو
آهي. آءٌ انتهائي ايمانداريءَ سان اوهان کي ڪا
ڌمڪي يا دڙڪو ڏيڻ وري ارادي کان انڪار ٿو ڪريان ۽
اڃان تائين ان جي عزت ڀري ٻوليءَ تي مطئمن آهيان.“
انهيءَ وضاحتي خط جو به، ڪمشنر وٽان ڪو اطمينان
جوڳو جواب حاصل نه ڪندي ۽ پهرين سيپٽمبر واري
پنهنجي ملاقات دوران پنهنجو نقطي نظر سمجهائڻ ۾
ناڪام ٿيڻ تي، کهڙي صاحب اها لکپڙهه سڌ سماءُ جي
ذريعن وسيلي ظاهر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن نه رڳو خطن
جا تت پڌرا ڪيا پر سکر ۾ وڳوڙ جي سبب بابت تفصيلي
رپورٽ پڻ جاري ڪئي. اُهو هندستان ۾ نه، ته به، سنڌ
۾ برطانوي راڄ جي تاريخ جو انوکو واقعو هو جو هڪ
نوجوان زميندار اسيمبلي ميمبر سنڌ جي انتهائي
بااختيار ۽ سگهاري ڪمشنر سان مهاڏو اٽڪائڻ جي همت
ساري هئي ۽ سندس اپائن ۽ قدمن کي عوامي احتساب
لاءِ پيش ڪيو هئائين. کهڙي صاحب پوليس ۽ انتظاميا
جي ڏاڍاين کي وائکو ڪيو ۽ عملي طور تي ڪمشنر کي ان
لاءِ ذميوار ليکيائين. انگريز ڪامورا شاهيءَ لاءِ
کهڙو صاحب هاڻ مسئلا پيدا ڪندڙ بڻجي ويو هو ۽ مٿس
اعتماد نه ٿي، ٿي سگهيو. اها سن 0 3 9 1 ع واري
ڏهاڪي جي شروعات هئي ۽ هندستان اڃان تائين مستحڪم
برطانوي شاهي ملڪيت بڻيل هو جيڪو انتهائي سگهاري ۽
اڻ للڪارجندڙ سلطنت جو حصو هو. آزادي اڃان
ڏورانهون سپنو هئي ۽ انگريز ڪاموراشاهيءَ سان
مهاڏو اٽڪائڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. دراصل بمبئي
جي گورنر ۽ سندس اعليٰ عملدارن سان (کهڙي صاحب جا)
سٺا ناتا هئا. هو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو سرگرم
ميمبر هو ۽ سندس بمبئيءَ واري ايگزيڪيوٽر ڪائونسل
جي ميمبر ٿيڻ جي توقع رکي پئي وئي. پر سکر جي
مسلمانن کي انصاف ڏيارڻ واري پڪي پهه کانئس ڪامياب
مستقبل قربان ڪرائي ڇڏيو.
ابلاغ عامه جي ذريعن ڏانهن ويندي کهڙو صاحب انصاف
ماڻڻ ۽ صورتحال کي ٺاپر ۾ آڻڻ واسطي راءِ عامه
هموار ڪرڻ وارو هو. مرڪزي ليجلسيٽو اسيمبليءَ جي
ميمبر سيٺ عبدالله هارون سکر جي مسلمانن سان ٿيندڙ
ڏاڍاين بابت 6 1 سيپٽمبر تي ڪمشنر کي لکيل خط سان
گڏ پوليس جي ورتاءُ بابت اخباري خبر پڻ اماڻي.
مسلمانن جي نقطي نظر کي جاءِ ڏيندڙ واحد اخبارون
ڪراچيءَ جي ”الوحيد“ ۽ سکر مان شايع ٿيندڙ کهڙي
صاحب جي ”سنڌ زميندار“ رهيون، جيڪي ٻئي سنڌيءَ ۾
ڇپبيون هيون. سنڌي هندو پريس ۽ هندن جي مالڪيءَ
واري انگريزي اخبار ”سنڌ آبزرور“ مڪمل طور تي
مسلمان دشمن هيون ۽ سکر واري مامري ۾ سرگرم مسلم
قيادت خلاف زهر پکيڙڻ ۾ رڌل هيون، جنهن ۾ کهڙي
صاحب کي خاص نشانو بڻائي اورنگزيب عالمگير جهڙو
سخت مسلمان ڪري پيش ڪيائون. هندو پريس خاص طور تي
مسلم قيادت ۾ ڏڦيڙ پئدا ڪرڻ ۽ لنڊن ۾ ٿيندڙ گول
ميز ڪانفرنس جي ايندڙ اجلاس ۾ کهڙي صاحب طرفان
مسلمانن جو ڪيس پيش ڪرڻ وارين تيارين جي راهه کوٽي
ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هئي. هندو پريس ۾ انهيءَ رويي
جو انتهائي تلخ مظاهرو ڪيو ٿي ويو ۽ آگسٽ 0 3 9 1
ع دوران ڊيلي گزيٽ ۾ شايع ٿيل هڪ خط ان جو واضح
اظهار ٿو پيش ڪري:
”صحافي گدڙ پنهنجي وڏي تنبو ۾ سنڌ آبزرور هيٺان گڏ ٿي ويا آهن ۽ پنهنجون
سموريون صلاحيتون مسلمان برادريءَ خلاف عام طور تي
۽ خان بهادر کهڙي جهڙن مڃتا ماڻيل ۽ محب وطن قيادت
خلاف ممڻ ٻارڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.......
اسان جو نوجوان خان بهادر اسلام لاءِ پاڻ ارپيل ۽
اڀرندڙ ستارو، جنهن پنهنجي حياتي ۽ مال ملڪيت
پنهنجي برادريءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ارپي ڇڏي آهي،
سنڌ آبزرور جي ايڊيٽر جي اک جو ڪنڊو بڻجي ويو آهي،
جنهن هڪ کان پوءِ ٻيو ڪوڙو الزام مڙهي کيس ماڻهن
جي نظرن ۾ ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان جي باوجود
هو ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو ته سندس مڃتا ۽ عزت مسلمانن جي
دلين ۾ گهر ڪيل آهي. پنهنجي انهيءَ مقصد ۾ مڪمل
طور تي ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ايڊيٽر هاڻ گول ميز
ڪانفرنس لاءِ نامزدگيءَ جي ڏس ۾ مسلمانن جي نامور
اڳواڻن خان بهادر کهڙو ۽ سر شاهنواز وچ ۾ ڏڦير
پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. 1 2 تاريخ واري
پنهنجي پرچي ۾ هن اڻ سڌي طرح حڪومت کي منٿ ڪئي آهي
ته خان بهادر کهڙي کي گول ميز ڪانفرنس ۾ نه اماڻيو
وڃي، ڇاڪاڻ جو هو فرقيواريت پسند ۽ عليحدگي پسند
آهي ۽ پنهنجي بي پاڙي ڳالهين جا ڪيترائي غير منطقي
دليل ڏئي سندس گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي مخالفت
ڪئي اٿس. انهيءَ سڄي ڳالهه جو تت ۽ پوتا ميل اهو
آهي ته مانوارو ايڊيٽر نه ٿو چاهي ته ڪانفرنس ۾
مسلمانن جي نمائندگي اهڙو اڳواڻ ڪري جيڪو اتي
انهيءَ اڪثريتي آباديءَ جا مسئلا ۽ اهنج پيش ڪري
سگهي ۽ صوبي جي 5 7 سيڪڙو آباديءَ لاءِ لاڀائتي
صوبي جي عليحدگيءَ بابت ڦيٽ کائي.
ڇا اسين کانئس پڇي سگهون ٿا ته جيڪڏهن سنڌ جي مسلمانن جي سياسي مسئلن جي
خاتمي لاءِ گهربل پتوڙ نه ڪرڻ جي صورت ۾ گول ميز
ڪانفرنس ڏانهن مسلمان عيوضي اماڻڻ جي ضرورت ڪهڙي
آهي؟ پوءِ (جياڪر صاحب هندو مهاسڀا ليڊر) سنڌ جي
نمائندگي ڇو نه ڪري ۽ اسان جي نقطي نظر موجب ڪو
فرقيواريت دشمن ۽ عليحدگي دشمن مسلمان عيوضي سندس
برابر هوندو.
هن صوبي جا مسلمان ان ڪري حڪومت ڏانهن واجهائي
رهيا آهن ته سندن نمائندگي خان بهادر کهڙي جهڙو
مسلمان اڳواڻ ڪري جنهن پنهنجو فرض ايمانداري ۽
اورچائپ سان نڀايو آهي.“
کهڙي صاحب سکر جي مسلمانن لاءِ هڪ بچاءُ ڪميٽي جوڙي ۽ ڪجهه انتهائي مشهور
مسلمان وڪيلن ۽ بئريسٽرن کي مختلف ڏوهن هيٺ گرفتار
ٿيل مسلمانن جي ڪيسن جي پيروي ڪرڻ لاءِ چيائين.
ستين سيپٽمبر 0 3 9 1 ع تي ان ڪميٽيءَ چندا گڏ ڪرڻ
واسطي هڪ خاص ڪميٽي جوڙڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ۽ ان
جو دائرو ڪيسن جي پيروي، فنڊ ۾ توسيع ۽ سڄي دفاع
جي انتظام تائين وڌايو.
اهو ڄاڻائيندي ته مسلمانن کي هيسائي نه ٿو سگهجي ۽
پوليس جون ڏاڍايون اڻ للڪارجندڙ نه ٿيون رهي سگهن.
هندو قيادت کي احساس ٿيو ته هو صورتحال کي وڌيڪ
عرصو جاري نه ٿا رکي سگهن. ڇاڪاڻ جو سکر جي هندو
آبادي پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪندي هنن
ٺاهه ڪرڻ لاءِ اهڃاڻ پئدا ڪيا ۽ ان تي مسلمان
قيادت هڪ دم موٽ ڏني. فرقيوار ڏار سنڌ ۾ نئون
مامرو هئا ۽ ڪوبه ذميوار اڳواڻ ان جي وڌڻ ۾ خوش نه
هو. نبيري جي هڪ فارمولي تي ڪم ڪيو ويو، پروفيسر
ايس سي شاهاڻيءَ هندن طرفان ڳالهين جي قيادت ڪئي،
جڏهن ته مسلمانن جي نمائندگي کهڙي صاحب، سيٺ
عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد ڪئي، ٻئي ڌريون هڪ
نبيري واري فارمولي تي سهمت ٿيون جيڪو سڌ سماءُ جي
ادارن کي جاري ڪيو ويو:
”اسين هندن ۽ مسلمانن جا عيوضي سکر ۾ ٿيل وڳوڙن ۽ سکر ضلعي ۾ لڳل ڌاڙن ۽ ڦرن
۽ ٻين ڏاڍاين تي افسوس جو اظهار ٿا ڪريون. اسان جو
يقين آهي ته ان قسم جا واقعا ملڪي ترقيءَ لاءِ
هاڃيڪار آهن ۽ اسين سکر شهر ۽ ضلعي ۾ انتهائي
افسوسناڪ ۽ اڻ سهائيندڙ واقعن تي دلي افسوس جو
اظهار ڪريون ٿا. اسين سمورن متاثر ٿيلن سان
همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا.
اسين ان ڳالهه ۾ پڪو ويساهه ٿا رکون ته اختياري
وارن ڌاڙن، ڦرن ۽ ٻين اڻوڻندڙ واقعن کي ٻنجو ڏيڻ
واسطي فوري ڪارروائي ڪرڻ ۾ سستي ڏيکاري. اسان کي
ان تي به صدمو رسيو آهي ته اسان کي مليل اطلاعن
موجب ڪيترن ئي پوليس ۽ روينيو آفيسرن جاچ ڪرڻ
دوران انتهائي ڏاڍاين ۽ غير مناسب پڻي جو مظاهرو
ڪيو.
انهن حالتن تحت اسين حڪومت تي زور ٿا ڀريون ته
اسان جي صلاح مشوري سان هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا:
(الف) المناڪ واقعن جا سبب
(ب) اختياري وارن طرفان کنيل بي وقتا ۽ اڻ مناسب قدم
(ج) جاچ دوران انيڪ معصوم ماڻهن کي پيش آيل ڏکيائين جي الزامن
(د)
جاچ دوران
پوليس ۽
روينيو
عملدارن جو
ورتاءُ
(ت)
اصل
ڏوهارين کي
هڪدم
سوگهو ڪرڻ
۽ چورايل
يا ڦريل
ملڪيت
هڪدم واپس
ڪرڻ ۽
(ٿ)
انهن
المناڪ واقعن
جي واضح
ڪيل موجود
صورتحال ۾
سياسي،
سماجي، معاشي
۽ تعليمي
نقص ختم
ڪرڻ لاءِ
گهربل قدم
کڻي“.
هر
ڪنهن وٽ
هڪجهڙي
مڃتا ماڻيندڙ
پارسي
اڳواڻ جمشيد
نسروانجي
مهتا جي
صدارت ۾
مختلف
برادرين سان
تعلق
رکندڙ انتهائي
با اثر
اڳواڻن تي
ٻڌل هڪ
ڪميٽي
جوڙي وئي.
جنهن ۾
ٽي مسلمان
عيوضي سيٺ
عبدالله هارون،
(يا شيخ
عبدالمجيد
متبادل ميمبر
طور)،
محمد ايوب
کهڙو ۽
الله بخش
سومرو
شڪارپور وارو
پڻ شامل
هئا.
سومري
تي هندو
قيادت جو
اعتبار ۽
اعتماد
هو. ڪميٽيءَ
۾ ٽي
هندو
عيوضي پروفيسر
شاهاڻي،
لعل چند
نَول راءِ
۽ (يا
چنديرام)
۽ ڊاڪٽر
هنڱوراڻي
هئا. ڪميٽيءَ
کي پنهنجي
ڪرت ۾
مددگار
ثابت ٿي
سگهندڙ
مقامي اڳواڻن
سان سهڪار
ڪرڻ يا
حاصل ڪرڻ
جو اختيار
هو.
ڪميٽيءَ جي
ذميواري
هيٺين ريت
هئي:
1 -
چوري ٿيل
يا ڦريل
ملڪيت ان
جي اصل
مالڪن کي
موٽائي
ڏيڻ لاءِ
هر ممڪن
حد تائين
ڪوشش ڪرڻ.
2- تعطل
۾ پيل
ڪيسن مان
ڪهڙن تان
دستبردار
ٿجي، بابت
سفارشون
مرتب ڪرڻ
۽ ان
ڏس ۾
حڪومت کي
گڏيل
سفارشون ڪرڻ
۽ ان
حوالي سان
هر ممڪن
قدم ۽
اپاءُ کڻڻ
۽ گڏوگڏ
حڪومت جي
ڌيان تي
اهڙا ڪيس
آڻڻ جن
۾ اختياري
وارن اصل
ڏوهارين
خلاف ڪابه
ڪارروائي
نه ڪئي
هجي.
3- سندن
عام
اختيار ۾
موجود
سموري وت
۽ رِٿ
استعمال
ڪندڙ ماڻهن
وچ ۾
ڀائپي ۽
اعتماد
بحال ڪرڻ
لاءِ
سمورا ضروري
قدم کڻڻ
۽ عام
طور هن
گڏجاڻيءَ
۾ بحال
ٿيل
ٺهرائن جي
مقصدن تي
عمل لاءِ
اپاءُ
وٺڻ.
انهيءَ
ٺاهه جي
نتيجي ۾
سکر ۾
ڇڪتاڻ
تمام گهڻو
گهٽجي وئي
۽ گهڻي
ڀاڱي
مامرا ميٺ
محبت ۾
نبرجي
ويا. قتل
جهڙن
خطرناڪ ڏوهن
کان سواءِ
باقي ڪيسن
۾ کهڙو
صاحب ڄاڻو
قانوندانن
جي مدد
سان
پنهنجي ماڻهن
کي ايندڙ
نقصان کي
انتهائي
حد تائين
گهٽائڻ ۾
ڪامياب ٿي
ويو. هيءُ
ٺاهه
سياستدانن لاءِ
ان ڏس
۾ به
هڪ مثالي
سبق هو
ته جيڪڏهن
چاهيو وڃي
ته ڪنهن
به مامري
جو نبيرو
ناممڪن
ناهي. ان
سلسلي ۾
ٻيو پرايل
سبق کهڙي
لاءِ هو.
هن ڄاتو
ته
جيستائين سنڌ
ڪمشنر جي
راڄ هيٺ
هوندي
عوامي عيوضين
جي ڪردار
جي وسيع
تر ٿيڻ
جا امڪان
گهٽ رهندا
۽
خودمختياري يا
جمهوريت محدود
پئماني تي
ئي سهي،
لاڳو ٿيڻ
واسطي
مونٽفورڊ سڌارن
کي سامهون
رکيو ويو
۽ اهو
ئي واحد
رستو
ليکيو ويو،
جنهن
وسيلي ڪامورا
شاهيءَ کي
عوامي
عيوضين آڏو
جوابده ۽
ذميوار
بڻائي سگهڻ
ممڪن هو
۽ اهو
تڏهن ئي
ممڪن هو
جڏهن ڪو
اسيمبليءَ
جو ميمبر
خود
مختيار ۽
ڌار ٿيل
سنڌ ۾
پنهنجي
موجودگيءَ جو
احساس
ڏياري.
کهڙي
صاحب لاءِ
سکر جي
واقعن اهو
به ثابت
ڪيو ته
هو اهڙو
اڳواڻ آهي
جيڪو
حڪومت ۽
ان جي
طاقتور
اهلڪارن سان
ٽڪراءُ ۾
اچڻ کان
به نه
ٿو ڊڄي
۽ پوليس
يا ٻين
عملدارن
جي غير
مناسب
ورتاءُ تي
عام ماڻهن
جي حق
۾ آواز
اٿارڻ کان
نه ٿو
ڪيٻائي.
اڳواڻ ۽
منتظم طور
سندس
حيثيت جي
ثابت ٿيڻ
سان کهڙو
صاحب هڪ
اهڙي مقصد
سان لڳڻ
وارو هو
جيڪو نه
رڳو سنڌ
پر سڄي
ننڍي کنڊ
جي مستقبل
لاءِ هڪ
فيصله ڪن
قدم ثابت
ٿيڻ وارو
هو. هو
سنڌ جي
بمبئيءَ
کان
عليحدگيءَ
جو سڀ
کان وڏو
داعي بڻجڻ
لاءِ بنهه
تيار هو. |