سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: محمد ايوب کهڙو

باب-15

صفحو : 15

باب پندرهون

 

آزاديءَ لاءِ جاکوڙ

3  آگسٽ 1945 ع تي کهڙو صاحب آزاد ٿيو. ساڳئي سال مئي مهيني ۾ اتحادي فوج کي يورپ ۾ سوڀ ملي چڪي هئي. سندس آزاديءَ کان رڳو ٽي ڏينهن پوءِ هيرو شيما تي ايٽم بم ڪيرايو ويو. جنهن کان پوءِ مجبور ٿي جاپانين 2  سيپٽمبر تي جنرل ميڪ آرٿر آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا. دنيا بدلجي چڪي هئي، سرد جنگ ۽ ويهين صديءَ ۾ شهنشاهيت ۾ ٻيو ڀيرو ٽٽڻ جو دور اچي رهيو هو، جيتوڻيڪ هندوستان جي وائسراءِ لارڊ لنلٿگو ڊسمبر 1939 ع ۾ اهو اعلان ڪري چڪو هو ته:

”اهو اسان جي پاليسي ۾ شامل نه آهي..... هندوستان ۾ انهن جي لاءِ آئيني تبديلين جي سلسلي کي تيز ڪيون ..... يا هروڀرو ان کي هندستانين جي حوالي ڪرڻ لاءِ ان رفتار کان به تڪڙ ڪيون، جنهن کي اسان ڊگهي عرصي کان هندوستان کي شاهي راڄ ۾ شامل رکڻ واري حوالي سان بهتر ۽ مناسب سمجهون ٿا.“ (1 )

تنهن هوندي به جنگ جي خاتمي مان اهو ظاهر ٿي ويو هو ته برطانيه هندوستان جي آزاديءَ جي باري ۾ ڪنهن طريقيڪار تي رضامنديءَ بعد جلد کان جلد پنهنجا پلئه آجا ڪرائڻ گهري پيئي. برطانيه ۾ جيڪي چونڊون ٿيون، تن ۾ جنگ جي هيرو چرچل کي شڪست آئي هئي ۽ ليبر پارٽي ڪليمينٽ ايٽلي جي سربراهيءَ ۾ اقتدار سنڀاليو. انگريز هندستان مان نڪرڻ لاءِ آتا هئا. انهن ۾ شهنشاهيت کي وڌيڪ جاري رکڻ جي نه همت هئي ۽ نه وري ڪو حوصلو. جنهن وقت کهڙو صاحب ٻيهر واپس سياسي منظر عام تي آيو تڏهن آزاديءَ وارو عمل شروع ٿيڻ ئي وارو هو.

کهڙو صاحب هن وقت سنڌ جي مسلمانن ۽ مسلم ليگ جو مڃيل هيرو بنجي چڪو هو. هو جنهن ڪٺن مرحلي مان لنگهي آيو هو تنهن سنڌ جي عوام کي ايترو متحد ڪري ڇڏيو هو، جيترو هو پهريان ڪڏهن به نه هئا ۽ کين يقين ٿي چڪو هو، ته جيڪو ماڻهو خلوص ۽ سچائيءَ سان سندن ڀلائي ۽ بهتري جو سوچيندو، ڪانگريس توڻي ٻين پارٽين جا هندو ان کي هرگز برداشت نه ڪندا، هڪ ڪانگريسي حامي مبصر جو خيال هو:

”مسلم ليگ جيڪا سنڌ جي مسلمانن مٿان ڪو اثر ڇڏڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي هئي، اها اڄڪلهه ايترو مقبول ٿي چڪي هئي جيترو ڪانگريس تنظيم باقي هندوستان ۾ مقبول هئي. مسلم ليگ کي اڄڪلهه هندن ۽ هندو ڪانگريس جي ظلمن کان مسلمانن کي ڇوٽڪارو ڏياريندڙ پارٽي سمجهيو ٿي ويو. ماضيءَ ۾ سڄي سنڌ ۾ مسلم ليگ جي ميمبرن جو انگ ڪجهه سون کان وڌيڪ نه هو، پر کهڙي صاحب خلاف هندو پريس جي جوٽيل جنگ جي مهربانيءَ سبب اڄ سنڌ ۾ ليگ جي ميمبر شپ جو انگ لکن ۾ پهچي چڪو آهي.“(2 )

کهڙي صاحب جي ڪيس مسلمانن ۽ هندن وچ ۾ ويڇا وڌائي ڇڏيا هئا ۽ انهن وچ ۾ ڪنهن سرچاءَ جو هاڻي شايد ئي ڪو امڪان هو.

ساڳئي وقت جيڪو سال کهڙو صاحب سياست کان ٻاهر رهيو هو، انهيءَ سال سنڌ ۾ مسلم ليگ ۽ وزارت تي قبضي جي حوالي سان سيد گروپ ۽ هدايت الله صاحب وچ ۾ شديد ۽ هاڃيڪار سياسي ڇڪتاڻ ۽ هڪ ٻئي خلاف سازشن واري صورتحال اڀري سامهون آئي هئي. انهيءَ رد عمل جي پٺيان جي ايم سيد صاحب جو هٿ هو، جيڪو مسلم ليگ جي تنظيم تي ڪنٽرول ڪري سنڌ حڪومت جي اقتدار جون اصل واڳون پنهنجي هٿ وس رکڻ پيو گهري. اها ڇڪتاڻ آڪٽوبر 1942ع ۾ وزارت جي حلف کڻڻ کان پوءِ هڪدم شروع ٿي ويئي هئي. کهڙو صاحب به انهيءَ ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيو. پر سندس وزارت ڇڏڻ بعد اها جنگ سنئون سڌو سيد صاحب ۽ هدايت الله صاحب وچ ۾ وڏي شدت سان شروع ٿي ويئي. کهڙي صاحب جي استعيفيٰ ڏيڻ بعد سيد صاحب نئين وزير جي چونڊ لاءِ مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ جو اجلاس سڏايو. هدايت الله صاحب کي احساس هو ته سيد صاحب جيڪو نئون اميدوار نامزد ڪندو تنهن سان سندس مٿان دٻاءُ وڌي ويندو، سو هن اجلاس ڪينسل ڪري ڇڏيو. هن جناح صاحب کي شڪايت ڪندي لکيو:

”هتي صورتحال سخت اڻانگي ٿي ويئي آهي ڇو ته مسٽر جي ايم سيد صاحب هتي سيد راڄ قائم ڪرڻ گهري ٿو ۽ هو چاهي ٿو ته مان ڪنهن سيد کي وزير مقرر ڪيان. اسان وٽ هڪ سيد اسپيڪر طور موجود آهي ۽ پير صاحب کي به هو پنهنجو ماڻهو شمار ڪن ٿا ۽ اوهان کي پهريان ئي خبر آهي ته مسٽر گذدر صاحب به جي ايم سيد صاحب جو اتحادي آهي.“(3 )

هدايت الله صاحب زور ڀريو ته وزير جي چونڊ ڪرڻ سندس حق آهي. هن سيد صاحب ۽ گذدر صاحب تي الزام هنيو ته اهي غير مسلمانن سان سازباز ڪري رهيا آهن. هن پنهنجي شڪايت ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي لکيو:

”هو صوبائي ليگ جو نامزد ٿيل صدر آهي ۽ هن پنهنجي ڪائونسل نامزد ڪئي آهي. اوهان خود اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ان قسم جي ڪائونسل ذريعي هو ڪهڙا مقصد ماڻڻ گهري ٿو.“(4 )

هن وري ورجايو:

”اوهان کي چڱي ريت خبر آهي ته مسٽر سيد صاحب مون کي ڀائيندو نه آهي. کهڙي صاحب کان جان ڇڏائڻ کان پوءِ، هو ۽ سندس دوست مون مان به پلئه آجا ڪرائڻ گهرن ٿا سندس خواهش آهي ته هر قيمت تي سندس راڄ قائم ٿي وڃي.“ (5 )

اهي الزام ۽ انهن جي جواب ۾ ٻيا الزام جناح صاحب ڏانهن ويندا رهيا. سيد صاحب جوابي طور هدايت الله صاحب تي الزام هنيا:

”......اهو ممڪن آهي ته ان هٿ ٺوڪئي ليگ وزارت جو وڏو وزير ڪنهن ٻئي نالي سان نئين وزارت ٺاهي وٺي.“(6 )

ڪجهه هفتا رکي هدايت الله صاحب جي ايم سيد صاحب جي نامزد اميدوار محمد علي شاهه آف درٻيلو جي بدران مير غلام علي ٽالپر صاحب کي وزير مقرر ڪيو. ان ويڙهاند ۾ ان وقت وڏي تيزي ۽ شدت آئي جڏهن هڪ مسلم ليگ جي چونڊيل ميمبر جي وفات تي شڪارپور ۾ ڇوٽيءَ چونڊ جو مسئلو سامهون آيو. هدايت الله صاحب جي خواهش هئي ته سندس پٽ انور صاحب مسلم ليگ پاران نامزد ڪيو وڃي جڏهن ته جي ايم سيد صاحب، سلطان ڪوٽ جي آغا غلام نبي پٺاڻ کي اميدوار مقرر ڪيو. پارليامينٽري بورڊ ۾ سيد صاحب جي حامين جي  گهڻائي هئي تنهن ڪري پٺاڻ کي نامزد ڪيو ويو، پر سندس پوزيشن ڪمزور هئي. ان تڪ مان جيڪو چونڊيل ميمبر خان بهادر سڌايو فوت ٿيو هو، اهو کهڙي صاحب جي ڀرپور حمايت ۽ اثر رسوخ سبب چونڊيو هو ۽ هاڻي حالتون ايتريون آسان نه هيون، ڇو ته الله بخش سومري صاحب جو ڀاءُ مولا بخش سومرو به ميدان ۾ لٿل هو. جڏهن سيد صاحب کي احساس ٿيو ته هاڻي ڪو چاڙهو نه آهي ته پٺاڻ جي نامزدگي واپس وٺي پارليامنيٽري بورڊ جي صلاح کان سواءِ ٻيو اميدوار سامهون آندائين. انهيءَ ڇڪتاڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو مولا بخش سومرو چونڊ ۾ سوڀارو ٿي ويو. مسلم ليگي ڌڙن جي اها ڇڪتاڻ ان وقت عروج تي پهتي، جڏهن وڏي وزير هوم منسٽر گذدر صاحب کي برطرف ڪيو. جناح صاحب ڪنهن مداخلت کان نابري واري ۽ وزيرن جي چونڊ وارو معاملو وڏي وزير جي مٿان ڇڏيو.

مسئلو اتي ختم نه ٿيو ۽ حيدرآباد ضلعي جي ٽنڊو محمد خان واري ڇوٽيءَ چونڊ ۾ وري اها ڪهاڻي ٻيهر ورجائي ويئي ۽ مسلم ليگ جي ڌڙن پنهنجا پنهنجا ڌار اميدوار نامزد ڪيا. هن ڀيري فرق رڳو ايترو رهيو ته وڏي وزير جو نامزد ڪيل اميدوار چونڊ کٽي ويو. نقصان وري به مسلم ليگ جو ٿيو ڇو ته مسلم ليگ پارٽي جو نامزد ڪيل اميدوار جيڪو سيد صاحب مقرر ڪيو هو، اهو هارائي ويو. سيد صاحب جنوري1945ع ۾ هڪ ڊگهو پريس بيان جاري ڪري هدايت الله صاحب تي اصولن جي سودي بازي ۽ مسلم ليگ سان بيوفائي ڪرڻ جا الزام هنيا. سال 1945 ع جي منڍ ڌاري سنڌ مسلم ليگ ۾ ڏار پڌرا ٿي چڪا هئا ۽ سڄو ملڪ انهن کان واقف هو ۽ خود سيد صاحب پنهنجي لفظن ۾ اهو معاملو هن طرح بيان ڪيو ته:

”سڄي ملڪ ۾ هڪ وڏو اسڪينڊل بڻجي ويو هو جنهن (مسلم ليگ جي) سڄي تنظيم جي عزت ۽ ساک کي ڪاپاري ڌڪ رسايو هو.“ (7 )

فيبروري ۾ مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ ڪوئيٽا جي مسلم ليگي اڳواڻ قاضي عيسيٰ کي موڪليو پر اختلاف ايترا سخت هئا جو هن کان نبيرجي نه سگهيا. جناح صاحب، سيد صاحب کي بمبئي طلب ڪيو جتي هن پنهنجو مؤقف ٻڌائڻ ۾ ٽي ڏينهن صرف ڪيا. بعد ۾ جناح صاحب پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل لياقت علي خان ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ٻن ميمبرن نواب اسماعيل خان ۽ چوڌري خليق الزمان کي موڪليو ته اهي اهو مسئلو نبيرن پر کين پڻ ڪاميابي نه ٿي ۽ اهي واپس موٽي ويا. سيد صاحب وزارت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيون ۽ 24  فيبروري تي هڪ ڪٽوتي واري رٿ تي وزارت کي 9 1  جي ڀيٽ ۾ 25  ووٽن سان شڪست آئي، پر گورنر صاحب هدايت الله صاحب کي پنهنجي حڪومت بچائڻ جو هڪ موقعو ڏنو ۽ هدايت الله صاحب جيئن ته جوڙ توڙ جو ماهر هو تنهن ڪري هن وٺ پڪڙ ڪري پنهنجي حڪومت بچائي. هن شڪارپور مان چونڊيل غير مسلم ليگي ميمبر مولا بخش سومرو کي ڪابينه ۾ شامل ڪيو ۽ ٻين غير مسلم ليگين ۽ مسلم قوم پرست ميمبرن جي به حمايت حاصل ڪري ورتي.

سيد صاحب ان باري ۾ جناح صاحب کي شڪايت ڪئي ۽ کيس وضاحتي تارون اماڻيون. پر جناح صاحب قائل ٿي چڪو هو ته سيد صاحب جنهن پاليسي تي هلي رهيو آهي، ان جي ڪري ليگ جي وزارت کي ٻاهران مدد وٺڻي پوي پئي ۽ ان ۾ مسلم ليگ جي ڪا خدمت نه ٿي رهي آهي، هن سيد صاحب جي انهن ڪارواين تي خوب ڇوهه ڇنڊيا:

”....... اوهان جيڪي غير آئيني طريقا استعمال ڪيا آهن، ۽ دشمنن جي هٿن ۾ کيڏي پنهنجي پارٽي ۽ ان جي اڳواڻ جي عزت کي هاڃو رسايو آهي ۽ پاڻ کي خسيس سازشن ۾ ملوث ڪيو آهي، ان سان اوهان پهريائين اسان جي آدرش ۽ مسلم ليگ جي وقار کي ڇيهو رسائي چڪا آهيو. اوهان هڪ بحران کڙو ڪيو، پارٽي جي ڊسپلين کي تباهه ڪيو، ان ۾ ڌڙابندي ڪئي، سنڌ جي مسلمانن جي يڪجهتي کي نقصان پهچايو. اهو عمل اوهان مون کي بمبئي وارين ڳالهين جي پڄاڻي تي جيڪا خاطري ڪرائي هئي ۽ جيڪا مون صلاح ڏني هئي تنهن جي بلڪل خلاف هو ......“(8 )

سيد صاحب کي ان ڳالهه تي باهه وٺي وئي ته جناح صاحب، هدايت الله صاحب جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي ”جيڪو ظاهري طور تي ليگ جي وفاداريءَ جي حام هڻندي به غير ليگي ميمبرن کي ڪابينه ۾ شامل ڪري پارٽي ڊسپلين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. تنهن هوندي به کيس ليگ جي صدر جو آشيرواد حاصل آهي. جڏهن ته جناح صاحب جي سڄي ڪاوڙ ۽ ناراضگي وري منهنجي مٿان آهي ....“(9 )

حقيقت اها هئي ته هدايت الله صاحب مولا بخش صاحب کي اهو وچن ڏيئي چڪو هو ته جيڪڏهن جناح صاحب سنڌ ڪابينه ۾ شموليت تي اعتراض ڪيو يا سندس مسلم ليگ ۾ شموليت تي زور ڀريو، تڏهن به هو سندس ڀرِ کڻندو.

”جيڪڏهن جناح صاحب يا مسلم ليگ جي اعليٰ قيادت هن سياسي اتحاد تي راضي نه ٿي ته مان اوهان سڀني کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ نه چوندس ۽ نه وري مسلم ليگ جي ميمبرشپ تي اوهان کان صحيح ڪرائڻ لاءِ ڪو زور وجهندس. جيڪڏهن اهڙي ڪا صورتحال بڻي ته منهنجو اوهان سان مخلوط حڪومت سان ڀرپور ساٿ هوندو.“(0 1 )

جناح صاحب جي رويي سبب سيد صاحب پنهنجي موقف تان لٿو ۽ هن هدايت الله صاحب سان ٺاهه ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هدايت الله صاحب مولا بخش صاحب سان ڪيل وچن تان ڦريو ۽ مولا بخش صاحب کي ڪابينه مان نيڪالي ڏيئي، سيد صاحب واري اميدوار محمد علي شاهه سان سرچاءُ ڪري کيس ۽ هندو آزاد پارٽي جي ٻن نمائندن کي پنهنجي ڪابينه ۾ کنيائين. بحران وقتي طور تي ٽري ويو ۽ سر غلام حسين صاحب هاڻي سک جو ساهه کنيو ۽ جيئن ته کيس گورنر صاحب ۽ هدايت الله صاحب جي پٺڀرائي ۽ تحفظ حاصل هو، تنهن ڪري هن کي هاڻي سنڌ سرڪار جا معاملا هلائڻ ۾ پري پري تائين ميدان صاف پئي نظر آيو.(1 1 )

جناح صاحب جي دٻاءَ ۾ اچي سيد صاحب عارضي طور تي آڻ مڃي هئي، پر هن حقيقت ۾ اڃان گوڏا نه کوڙيا هئا.

جون 1945 ع ۾ سيد صاحب مسلم ليگ جي نئين چونڊيل ڪائونسل جو اجلاس گهرايو، جنهن ۾ سندس حامين جي گهڻائي هئي. هن شيخ عبدالمجيد صاحب کي به واپس آندو جنهن سومري صاحب جي وفات کان پوءِ پيدا ٿيل خال کي ڀرڻ لاءِ، مسلم ليگ کي ڇڏي آزاد مسلم گروپ جوڙيو هو ۽ اهو چيو پئي ويو ته کيس واپس انهي ئي بنياد تي آندو ويو هو، جيئن هو وڏ وزارت جي عهدي لاءِ بيهاري سگهجي. پر اها رٿا ناڪام ثابت ٿي ڇو ته آزاد مسلم گروپ جي فوتي اڳواڻ جي ڀاءُ جي حيثيت ۾ مولا بخش صاحب وڌيڪ بهتر اميدوار جي حيثيت ۾ سامهون اچي ويو. سيد صاحب شيخ صاحب کي ايڪشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو. هن راشديءَ صاحب کي به پارٽي ۾ خوش آمديد چيو جيڪو هاڻي حر معاملي کان واندو ٿي چڪو هو. 3  ۽ 4  جون واري گڏجاڻيءَ ۾ ڪائونسل ڪيترا ٺهراءَ منظور ڪيا جن مان ڪيترن ٺهرائن ۾ ”اعليٰ قيادت“ تي ڇوهه ڇنڊيا ويا ته اها صوبائي ليگ کي صوبائي اسيمبلي پارٽين ۽ وزارتن جي نگراني ۽ ڪنٽرول واري اختيار کان محروم ڪري رهي آهي.“ سيد صاحب پاران وزارتن تي ڪنٽرول جي ڪوششن خلاف جناح صاحب جيڪي اپاءَ ورتا هئا انهن قراردادن ۾ انهن تي سيد صاحب جو رد عمل سامهون آيو هو. بلڪل اهڙي ئي صورتحال ۾ 1944ع ۾ سيد صاحب ۽ کهڙي صاحب جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا هئا ۽ ٻيهر ان وقت جڏهن جناح صاحب، هدايت الله صاحب جي ڀرپور حمايت جو فيصلو ڪيو هو، پر دلچسپي جي ڳالهه اها آهي ته اها ساڳئي ئي ويڙهاند ورهاڱي کان پوءِ واري دور ۾ کهڙي صاحب مرڪز جي پاليسين خلاف جاري رکي. (2 1 )

سيد صاحب کي ان حقيقت جو هاڻي احساس ٿي چڪو هو ته مسلم ليگ جي مرڪز جي تنظيم ۾ اهڙن ميمبرن جي گهڻائي آهي جيڪي مسلم اقليتي صوبن سان واسطو رکن ٿا ۽ انهن جا مفاد مسلم اڪثريتي صوبن جي مفادن سان لازمي طور ٺهڪندڙ نه آهن. هاڻي ائين پئي لڳو ته صوبائي مسلم ليگ جي صدر ۽ پارٽي جي اعليٰ قيادت وچ ۾ ترت ٻه پاڻي ٿيڻ اڻٽر بڻجي ويو آهي.

اهڙي ريت کهڙو صاحب آزاديءَ کان پوءِ جنهن مسلم ليگ ۾ آيو اها صوبائي سطح تي ڦوٽ جو شڪار هئي ۽ مرڪز سان ان جا اختلاف وڌي رهيا هئا. ساڳئي وقت هندوستان جي قسمت جي فيصلي جو دارومدار به مسلم ليگ ۽ ڪانگريس پارٽيءَ ۾ ڪنهن سرچاءَ ٿيڻ ۽ موٽ کائيندڙ شاهي قوت جي نيڪ نيتي تي هو. لارڊ ويويل (Lord Wavell ) سڀني وڏين پارٽين جي نمائندگي سان وائسراءِ ڪائونسل جوڙڻ بابت صلاح مشورن لاءِ جون 1945 ع ۾ شملا ڪانفرنس ڪوٺائي. اها ڪانفرنس آخر ۾ ان ڪري ڪاميابي نه ماڻي سگهي، ڇو ته جناح صاحب جو اصرار هو ته ان ڪائونسل ۾ رڳو مسلم ليگ جا نامزد ڪيل مسلمان ميمبر کنيا وڃن، جيتوڻيڪ لارڊ ويويل ڪافي حد تائين جناح صاحب جي ان مطالبي سان سهمت هو، پر سندس زور هو ته پنجاب مان يونينسٽ پارٽي جو هڪ مسلمان به ان ڪائونسل ۾ کنيو وڃي. يونينسٽ ۽ برطانيه وچ ۾ جيڪي ناتا هئا ۽ جنگ دوران يونينسٽ حڪومت جيڪي خدمتون انجام ڏنيون هيون انهن جي پس منظر ۾ لارڊ ويويل جو اهو اصرار سمجهه ۾ اچي رهيو هو، پر جناح صاحب اها تجويز رد ڪري ڇڏي ۽ شملا ڪانفرنس کي ناڪامي نصيب ٿي. پر حالتون تيزيءَ سان پڄاڻيءَ ڏانهن وڌي رهيون هيون. عام چونڊون 1946 ع جي منڍ ۾ رٿيل هيون ۽ مسلم ليگ لاءِ پنهنجي ساک مڃائڻ ۽ آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ ڳالهين ۾ پنهنجي اثر رسوخ کي ثابت ڪرڻ لاءِ اهو آخري موقعو هو.

8 2  آگسٽ تي جناح صاحب ڪراچيءَ آيو، ٻين مسلم ليگين جيان کهڙو صاحب به سندس آجيان لاءِ هوائي اڏي تي موجود هو. جناح صاحب کيس پنهنجائپ مان ڀاڪر پاتو ۽ چيو:

”خدا جو شڪر آهي ته اوهان پنهنجي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ عزت سان آزادي ماڻي.“ (3 1 )

جناح صاحب کي ڀلي ڀت اها ڄاڻ هئي ته سنڌ هندوستان ۾ اڪيلو صوبو آهي جتي مسلم ليگ جي حڪومت آهي ۽ کيس ان ڳالهه جو وڏو اونو هو ته 1946 ع جي منڍ وارن چونڊن ۾ مسلم ليگ وڏي اڪثريت سان چونڊون کٽي صوبائي حڪومت جوڙي ته جيئن کيس پنهنجي پاڪستان واري مطالبي جي عمارت لاءِ سنڌمان پيڙهه جو پٿر مهيا ٿي سگهي. کهڙي صاحب جي مقبوليت مسلم ليگ لاءِ هڪ وڏو سرمايو هئي. خاص ڪري اهڙين حالتن ۾ جڏهن چونڊ سر تي بيٺل هئي ۽ پارٽيءَ جا اندروني ڏار ۽ اختلاف سنڌ ۾ مسلم ليگ جي اثر رسوخ کي وڏو هاڃو رسائي رهيا هئا.

جناح صاحب ان ڏس ۾ جيڪي شروعاتي قدم کنيا تن ۾ اها ڪوشش به شامل هئي ته پارٽي کي ڪمزور ڪندڙ ان اندروني ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو ٺاهه ڪرايو وڃي. هن هڪ اهڙي پارليامينٽري بورڊ جي تجويز ڏني جنهن ۾ سڀني گروپن کي نمائندگي حاصل هجي. سيدمخالف گروهه اهڙي هلچل هلائي رهيو هو ته سنڌ مسلم ليگ جي تنظيم جنهن ۾ سيد صاحب جي حمايتين جي اڪثريت هئي، تنهن کي بي اثر بنائڻ لاءِ هڪ متوازي مسلم ليگ جوڙي وڃي. سنڌي ٻوليءَ جي با اثر اخبار ”الوحيد“ پڻ اڻ ڏس ۾ وڏي زور شور سان حمايت ڪري رهي هئي. سڀني کي خبر هئي ته يوسف هارون صاحب انهيءَ سلسلي جو وڏو پرجوش حامي آهي. يوسف هارون صاحب کي کهڙي صاحب جي پٺڀرائي حاصل هئي، جنهن سندس والد جي وفات کان پوءِ سنڌ مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽري ۽ مرڪزي ليجسليٽو جي ميمبرشپ لاءِ سندس حمايت ڪئي هئي. سيپٽمبر ۾ پارليامينٽري بورڊ جوڙيو ويو، جنهن ۾ وزارتي گروپ مان هدايت الله صاحب، مير غلام علي ٽالپر صاحب ۽ پير الاهي بخش صاحب کي ۽ سيد گروپ مان سيد خير شاهه، آغا غلام نبي پٺاڻ (جنرل سيڪريٽري) ۽ خود جي ايم سيد صاحب کي (صدر طور) کنيو ويو. جڏهن کهڙو صاحب جيل کان ٻاهر آيو ته کيس به هڪدم ان بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو. سيد صاحب بورڊ جي انهيءَ جوڙجڪ مان خوش نه هو، ڇو ته هاڻي سندس حمايتين جي اڪثريت نه رهي هئي، پر پوءِ به هن ان کي ”سنڌ ليگ جي استحڪام خاطر“(4 1 )قبول ڪيو. اها ڌار ڳالهه هئي ته سيد جو بورڊ جي فيصلي سان چپ چاپ سهمت هئڻ ناممڪن پئي لڳو.

جناح صاحب موڪلن گذارڻ لاءِ ڪراچي کان ڪوئيٽا روانو ٿيو ۽ پهرين آڪٽوبر تي پارليامينٽري بورڊ پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست لاءِ ڪراچيءَ ۾ اجلاس شروع ڪيو. اجلاس جي هلندي ئي سيد گروپ ۽ ٻين ميمبرن جا اختلاف سامهون اچي ويا. جن ضلعن ۾ سيد صاحب جي دلچسپي نه هئي ته اتي اميدوارن جي چونڊ متفقه طور تي گهڻي ڀاڱي کهڙو صاحب جي صلاح تي ٿي ويئي. پر جڏهن سنڌ جي مرڪزي ضلعن جو وارو آيو ته صورتحال تڪراري بڻجي وئي. سيد صاحب اهو ڏٺو ته ان معاملي تي جمهوري انداز ۾ ووٽ واري فيصلي ٿيڻ تي کيس شڪست ملندي ڇو ته بورڊ ۾ سندس حامين جي اڪثريت نه آهي. ته هن هڪدم اجلاس کي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن تي ٻين ميمبرن گوڙ ۽ احتجاج ڪيو. جيڪي ميمبر سيد صاحب جي ان فيصلي سان سهمت نه هئا، اهي پاڙي ۾ کهڙي صاحب جي گهر ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ غور فڪر ڪرڻ لڳا ته هاڻي ڇا ڪجي. هدايت الله صاحب، پير الاهي بخش صاحب، مير غلام علي صاحب ۽ کهڙي صاحب پاران هڪ گڏيل تار جناح صاحب ڏانهن موڪلي ويئي. جنهن ۾ اجلاس ملتوي ڪرڻ واري فيصلي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ ڏاڍائي تي ٻڌل قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته سيد صاحب ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ پنهنجي منظور نظر سيدن کي ٽڪيٽون ڏيڻ گهري ٿو. جڏهن ته ان ڏس ۾ اهي اميدوار نظر انداز ڪيا وڃن ٿا، جن جي سوڀ جا مناسب امڪان موجود آهن. بورڊ ذريعي پنهنجي مرضيءَ مڃرائڻ جي ڪوشش ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ سيد صاحب مسلم ليگ ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ جو منصوبو جوڙڻ لڳو، جنهن ۾ سندس حمايتي واضح اڪثريت ۾ هئا. سيد صاحب پنهنجي سر به جناح صاحب ڏانهن تار اماڻي مطالبو ڪيو ته جيڪي ميمبر هن سان اختلاف ڪن ٿا تن کي برطرف ڪيو وڃي ۽ سندن جاءِ تي سندس ڪائونسل پاران نامزد ڪيل ٻيا ميمبر مقرر ڪيا وڃن. ان بابت جناح صاحب کي رپورٽ ڏيندي کهڙي صاحب 3  آڪٽوبر تي پنهنجي خط ۾ لکيو:

”پارليامينٽري بورڊ خوش اسلوبيءَ سان ڪم ڪري رهيو هو ۽ لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ نواب شاهه لاءِ اميدوار متفقه راءِ سان چونڊيا ويا. پر حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن لاءِ اميدوارن جي چونڊ ۾ مشڪلاتون سامهون آيون، بدقسمتيءَ سان اصل مسئلو اهو آهي ته انهن ضلعن لاءِ سمورا اميدوار جي ايم سيد صاحب يا ڪي ٻيا مير غلام علي خان ۽ آنريبل پير الاهي بخش صاحب جا منظور نظر آهن.

جن اصولن تي اسان سڀ راضي ٿيا سين تن موجب اهو طئي ٿيو هو ته ٽڪيٽ يا ته متفق راءِ يا وري وڏي اڪثريت جي فيصلي سان ڏني ويندي. ان ئي اصول هيٺ مٿي ذڪر ڪيل ضلعن يعني لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ نواب شاهه ضلعن جا اميدوار چونڊيا ويا. پر اهو اصول حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن تي لاڳو نه پئي ٿي سگهيو، ڇو ته 3  وزير هڪ پاسي هئا ۽ جي ايم سيد صاحب سميت 3  وري ٻئي پاسي هئا. ان صورتحال ۾، مان جنهن پاسي کان به ووٽ وجهان پيو ته ڳالهه اها ئي 4  ووٽ هڪ پاسي ۽ 3  ووٽ ٻئي واري پاسي بيهن پيا ۽ جيڪو اصول طئي ٿيو هو ان موجب اهو فيصلو نبيري لاءِ سينٽرل پارليامينٽري بورڊ جي اڳيان رکڻو هو.

پر جي ايم سيد صاحب اوچتو اجلاس  ملتوي ڪري ڇڏيو، باوجود ان ڳالهه جي ته اجلاس ملتوي ڪرڻ جي حق ۾ 2  ۽ ان جي خلاف 4  ووٽ هئا. بدقسمتي اها آهي ته ان معاملي تي گهوٽالي کڙي ڪرڻ بدران چيئرمين ان کي حل ڪرائڻ لاءِ آسانيءَ سان سينٽرل پارليامينٽري بورڊ ڏانهن موڪلي سگهي پيو ۽ سينٽرل پارليامينٽري بورڊ جيڪو به فيصلو ڪري ها، اهو ڌرين لاءِ قابل قبول هجي ها.

بهرحال مون کي خوشي ٿي آهي ته منهنجي خط جي جواب ۾ نوابزادي لياقت علي خان اهو لکيو آهي ته سينٽرل پارليامينٽري بورڊ هن مهيني جي 2 1  تاريخ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي مرڪزي ڪميٽي هن مهيني جي 4 1  تاريخ ڪراچي اچي رهيا آهن.“(5 1 )

کهڙي صاحب محسوس ڪيو ته سيد جي انهن ڪاررواين کي گذدر صاحب ۽ راشديءَ صاحب جي ڪري هٿي ملي رهي آهي، جن جا پنهنجا مفادات هئا. گذدر صاحب کي مسلم ليگ کان پنهنجون ڪجهه ذاتي شڪايتون هيون ۽ تنهن وقت تائين هو پارٽي ۾ ڪو اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل ٿي نه سگهيو هو. جڏهن ته راشدي صاحب مسلم ليگ جي وڌندڙ مقبوليت کي محسوس ڪندي ان ۾ ٻيهر شموليت حاصل ڪئي هئي. هو مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي مرڪزي قانون ساز اسيمبلي ۾ وڃڻ گهري پيو ۽ ساڳئي وقت هو سنڌ ۾ ڪانگريس جي قيادت سان به ناتا برقرار رکڻ جو خواهشمند هو.(6 1)کهڙي صاحب جناح صاحب ڏانهن خط ۾ ان معاملي تي پنهنجي خيالن جو هن ريت اظهار ڪيو:

”مسٽر جي ايم سيد صاحب پارٽيءَ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري ڏاڍو غلط ڪم ڪيو آهي. جڏهن ته اهو معاملو آسانيءَ سان ٽاري سگهجي پيو، پر اصل ۾ علي محمد راشدي صاحب ۽ ايم ايڇ گذدر صاحب جو ان معاملي جي پويان هٿ آهي. راشدي صاحب هندن جي چرچ تي ليگي حلقن ۾ ڦوٽ وجهڻ گهري ٿو ... هو سندن ايجنٽ ۽ ڇاڙتو آهي ۽ هو سيد صاحب کي گمراهه ڪرڻ ۽ ليگي حلقن ۾ ٽاڪوڙو مچائڻ جو هر موقعو خوب استعمال ڪري رهيو آهي. پر دشمنن جيڪي مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن انهن کي دور ڪرڻ ۾ اوهان جي موجودگي وڏي هٿي ڏيندي. صورتحال اهڙي آهي جو جنهن جي پيش نظر سينٽرل پارليامينٽري بورڊ کي ئي ٻنهي ضلعن حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر جي باري ۾ اسان ڪراچي ۾ ويٺل ميمبرن جي صلاح کان پوءِ فيصلو ڪرڻ گهرجي ۽ اهم معاملن تي کيس اوهان سان به صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي“(7 1 )

جناح صاحب جوابي خط ۾ سخت چتاءُ ڏيندي لکيو:

”مون کي اميد آهي ته سينٽرل پارليامينٽري بورڊ ان معاملي کي ڪاميابيءَ سان نبيريندو. مان ان معاملي تي رڳو اهو چئي سگهان ٿو ته هن وقت اسان جي آڏو اکنڊ هندوستان جي مقابلي ۾ پاڪستان کي سوڀارو ڪرڻ جو معاملو آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ ۾ اسان کي شڪست ملي ٿي ته پوءِ خدائي اسان جو واهي آهي.“(8 1 )

شايد هو اهو چوڻ گهري پيو ته پوءِ پاڪستان جو الله واهي آهي. ڇو ته جيڪڏهن مسلم ليگ جي پويان سنڌ جي حمايت نه پيئي رهي ته پاڪستان لاءِ ڪيس وڙهڻ ته ڇا پر ان جي پيش ڪرڻ جي به اميد نه پيئي رهي.

جناح صاحب جي بلوچستان کان واپس اچڻ يا سينٽرل پارليامينٽري بورڊ جي اجلاس ٿيڻ کان پهريان ئي سيد صاحب صوبائي ڪائونسل جو اجلاس سڏايو، جنهن ۾ هن سنڌ پارليامينٽري بورڊ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ان معاملي ۾ مرڪزي ڪائونسل کي صلاح ڏيڻ لاءِ هڪ پنج رڪني ڪاميٽي نامزد ڪئي. لياقت علي خان، نواب اسماعيل خان ۽ حسين امام صاحب تي ٻڌل ليگ جي پارليامينٽري بورڊ ٽن ڏينهن بعد اهو اعلان ڪيو ته صوبائي پارليامينٽري بورڊ جي اختلافن سبب اهو سنڌ ۾ مسلم سيٽن لاءِ 5 3  ٽڪيٽن جي ورهاست پاڻ ڪندو. ان سلسلي ۾ اجلاسن جي پهرين مرحلي ۾ چوويهن اميدوارن جا نالا طئي ڪيا ويا. اپر سنڌ جي معاملي ۾ ڪي به اختلاف نه هئا ۽ اتي جيڪڏهن ڪا مشڪل سامهون ٿي آئي ته کهڙي صاحب جي تجويزن تي اهي مسئلا حل ٿي پئي ويا. اتر اولهه سکر ۾ ”آزاد مسلم“ جي اميدوار مولا بخش سومري صاحب جي پوزيشن تمام مضبوط هئي ۽ اتي مقامي مسلم ليگي اميدوار غلام نبي پٺاڻ صاحب،  نبي بخش صاحب ۽ محمد حسين صاحب کي سندس مقابلي لاءِ ڪافي نه سمجهيو ويو ۽ اهو تجويز ڪيو ويو ته ان تڪ کان کهڙو صاحب کي چونڊ ويڙهائي وڃي. پر اها ڳالهه عملي طور تي ممڪن نه ٿي سگهي ڇو ته کهڙو صاحب سڄي سنڌ ۾ اميدوارن جي چونڊ مهم هلائڻ لاءِ گهربل هو ۽ کيس ڪنهن هڪ تڪ تائين محدود رکڻ مسلم ليگ لاءِ ڏاڍو ڏکيو پئي ٿيو. هن جي مخالفن کي به ان ڳالهه جو احساس هو ۽ هو کيس لاڙڪاڻي تائين محدود رکڻ گهرن پيا، جيئن ڊائو صاحب لکيو هو:

”..... نهچلداس جي سهڻي صلاح موجب ٿيڻ ائين گهرجي جو راشدي صاحب کي ڪانگريس ۾ شامل ٿي خان بهادر کهڙي صاحب جي مقابلي ۾ ليگ مخالف اميدوار طور بيهڻ گهرجي. ڇو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ کهڙي صاحب جي پوزيشن تمام مضبوط آهي. نهچلداس منهنجي سامهون اهو اعتراف به ڪيو ته راشديءَ صاحب جي کٽڻ جا ڪي به امڪان نه آهن پر اصل ڳالهه اها آهي ته کهڙي صاحب کي لاڙڪاڻي ۾ ئي ڦاسايو وڃي. بجاءِ ان ڳالهه جي ته هو ٻين ڪمزور ليگي اميدوارن جي حمايت لاءِ سڄو ملڪ پيو ڦرندو وتي.“(9 1 )

شڪارپور جي چونڊ ۽ ڪانگريس جي پاليسيءَ بابت ڊائو صاحب لکيو:

”شڪارپور ۾ خانبهادر مولا بخش ئي واحد مضبوط ليگ مخالف مسلم اميدوار آهي ۽ ڪانگريس کيس پنهنجي پارٽي ۾ واپس آڻڻ لاءِ بي قرار ويٺي آهي. ڇو ته هو ليگ مخالف اتحاد ۾ وڏ وزارت لاءِ واحد موزون ماڻهو آهي. مسلم ليگ جو اصل خيال اهو هو ته مولا بخش صاحب جي مقابلي ۾ کهڙي صاحب کي بيهاريو وڃي ڇو ته هو ئي اهو واحد اميدوار آهي جيڪو مولا بخش صاحب کي هارائي سگهي پيو، جڏهن ته کهڙو صاحب جي لاڙڪاڻي واري پڪيءَ سيٽ تي ڪو ٻيو عارضي اميدوار بيهاريو وڃي ته جيڪڏهن کهڙو صاحب شڪارپور ۾ چونڊ هارائي به وجهي ته ان کان استعيفيٰ ڏياري کهڙي صاحب کي پنهنجي اصلوڪي سيٽ واپس ڏياري وڃي. پر جيڪڏهن راشدي صاحب ڪانگريس جي مالي سهڪار سان لاڙڪاڻي تان چونڊ وڙهڻ لاءِ کڙو ٿئي ٿو ته پوءِ کهڙي صاحب جي سيٽ تي بيٺل عارضي اميدوار جي کٽڻ جا امڪان خطري ۾ پئجي وڃن ٿا، سو لڳي ائين ٿو ته نهچلداس کهڙي صاحب کي لاڙڪاڻي ۾ مصروف رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو جيئن شڪارپور ۾ مولا بخش صاحب جي ڪاميابي يقيني بڻجي سگهي.“ (0 2 )

پر حقيقت ۾ ٿيو ائين جو راشدي صاحب، کهڙي صاحب جي مقابلي ۾ بيٺو ئي نه ۽ کهڙو صاحب بنا مقابلي چونڊجي ويو ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ جي اميدوارن جي چونڊ مهم ۾ بهرو وٺندو رهيو.

نواب شاهه ۾ جتي 5  سيٽون هيون اتي ٽي سيد نامزد ڪيل اميدوارن کي ڏنيون ويون هيون، جن تي سيد خير شاهه نواب شاهه جي اوڀر کان، پير قربان علي نواب شاهه اتر اولهه ۽ سيد محمد علي شاهه نواب شاهه اتر کان بيهاريا ويا هئا. نواب شاهه اولهه ۾ سيد صاحب جي نامزد ڪيل اميدوار سيد حسن بخش شاهه ۽ غلام رسول جتوئي وچ ۾ مقابلو هو جنهن کي پارليامنيٽري بورڊ جي باقي سڀني ميمبرن جي حمايت حاصل هئي. جتوئي جي کٽڻ جا امڪان وڌيڪ بهتر پئي سمجهيا ويا. سيد صاحب حيدرآباد ضلعي ۾ ٽالپرن جي مضبوط ڳڙهه ٽنڊو محمد خان ۾ به پنهنجو اميدوار بيهاريو هو. اتي ٽالپرن پاران مير حسين بخش ٽالپر کي بيهاريو ويو هو، جڏهن ته سيد صاحب پنهنجي هڪ سيد قبول محمد شاهه جي حمايت ڪري رهيو هو،  جيڪو ڇوٽي چونڊ ۾ جي ايم سيد صاحب جي حمايت هوندي به ٽالپرن کان هارائي چڪو هو. ان ڇوٽي چونڊ ۾ اهي ٻئي آزاد اميدوار طور بيٺا هئا. کهڙي صاحب مير حسين بخش صاحب جي حمايت ڪئي ڇو ته هن جي ئي کٽڻ جا امڪان وڌيڪ هئا. اهڙي ريت حيدرآباد اتر (هالا) واري تڪ ۾ به سيد صاحب تڪ جي سڀ کان با اثر اميدوار ۽ اسيمبلي ۾ موجود ميمبر مخدوم غلام حيدر قريشي خلاف سيد بقادار شاهه کي بيهاريو. اها ڳالهه مشهور هئي ته سيد بقادار شاهه آخري وقت ۾ چونڊ تان هٿ کڻڻ جو ماهر آهي ۽ هن اڪثر موقعن تي ائين ئي ڪيو آهي. انهيءَ صورتحال ۾ حقيقت پسنديءَ جو مظاهرو ڪندي کهڙي صاحب ۽ ٻين مخدوم جي حمايت ڪئي.

سکر ڏکڻ اوڀر ۾ خان بهادر آغا نظام الدين ۽ تازو مسلم ليگ ۾ آيل پيرزادي عبدالستار صاحب سميت 3  اميدوار هئا. کهڙو صاحب ۽ سيد صاحب ٻئي پيرزادي صاحب کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي حق ۾ هئا ڇو ته هن سمجهيو پئي ته سندس کٽڻ جا بهتر امڪان موجود آهن. جڏهن ته ٿرپارڪر اتر ۾ کهڙي صاحب ۽ سيد صاحب جي اميدوارن وچ ۾ وڏو مقابلو هو. نواب زادو لياقت علي خان لکي ٿو:

”انهيءَ چونڊ تڪ ۾ سيد ۽ ٻين خاص ڪري کهڙي صاحب وچ ۾ سخت اختلاف آهن. اتي ٻه اميدوار آهن جن ۾ خان بهادر غلام محمد وساڻ جي کٽڻ جا کهڙي صاحب  جي چوڻ موجب 5 7  کان 0 8  سيڪڙو امڪان آهن جڏهن ته ٻيو اميدوار سيد غلام حيدر شاهه آهي. کهڙو صاحب ۽ ٻيا وساڻ جا حامي آهن. سيد غلام حيدر شاهه جي ايم سيد صاحب  جو خاص اميدوار ۽ گَهڻ گُهرو آهي. هو هڪ نوجوان ۽ ايل ايل بي جو شاگرد آهي. ٻڌايو ويو آهي ته سڀني با اثر ماڻهن خانبهادر وساڻ کي حمايت جي خاطري ڪرائي آهي.“ (2 2 )

جيتوڻيڪ گهٽ ۾ گهٽ چئن ٻين تڪن ۾ به سيد صاحب پنهنجا ماڻهو کهڙي صاحب يا مير غلام علي ٽالپر ۽ ٻين ليگي ميمبرن جي اميدوارن خلاف بيهاريا هئا، پر جڏهن اها ٽڪيٽ کهڙي صاحب جي ماڻهوءَ وساڻ کي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو ته سيد اهو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. باوجود ان ڳالهه جي کهڙو صاحب، سيد صاحب کي هر اها رعايت ڏيڻ لاءِ تيار هو جيڪا هن مناسب پئي سمجهي.(3 2 )

حقيقت ۾ سينٽرل بورڊ ٻن ضلعن ۾ سيد صاحب کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪافي قرباني ڏني هئي ۽ اختلاف باقي وڃي ٻن سيٽن تي بچيا هئا، جن مان هڪ مرڪزي قانون ساز اسيمبلي واري سيٽ هئي، جنهن تي راشديءَ صاحب ۽ يوسف هارون صاحب وچ ۾ مقابلو هو ۽ ٻئي سيٽ اتر ٿرپارڪر ۾ غلام محمد وساڻ واري هئي. مرڪزي قانون ساز اسيملي واري سيٽ يوسف هارون صاحب کي ڏني ويئي پر جيئن راشدي صاحب پاڻ چيو آهي:

”مان گهڻو پريشان نه ٿيس، مون کي خبر هئي ته اصل ۾ سيد صاحب حيدرشاهه لاءِ، کهڙو صاحب وساڻ لاءِ، گهڻي ضد ڪندا. اها فيصلي ڪن ويڙهاند هئي ۽ اهو امڪان هو ته کهڙو صاحب پنهنجي ماڻهوءَ لاءِ ٽڪيٽ وٺي ويندو ۽ ان سان اسان کي ٻيهر مقابلي ۾ اچڻ جو موقعو ملي ويندو. اجلاس جاري هو ۽ مان ٻاهرين ڪمري ۾ انتظار ڪري رهيو هيس ۽ ائين ئي ٿيو جو سيد صاحب ڪاوڙ ۾ تپي ٻاهر نڪري آيو ۽ چيائين ته ٽڪيٽ وساڻ کي ڏني اٿائون. مون هڪدم کيس چيو ته اهو ڪو مسئلو نه آهي ڇو ته هو پاڻ صوبائي مسلم ليگ جو صدر آهي ۽ هو پاڻ پنهنجون ٽڪيٽون جاري ڪري سگهي ٿو.“ (4 2 )

ٽڪيٽن جي حتمي فهرست جو اعلان هڪ عام ميڙاڪي ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ سيد صاحب ۽ سندس حامين شرڪت نه ڪئي.

راشدي صاحب سيد صاحب کي چڱي ريت سڃاڻندو هو ۽ سيد صاحب جيڪو هڪ انتهائي ضدي شخص هو تنهن کي پنهنجي اميدوارن جي فهرست پڻ جاري ڪرڻ واري تجويز ڏاڍي وڻي. ساڳئي ڏينهن شام جو راشدي صاحب ۽ نهچلداس وزيراڻي سيد صاحب جي پٽيل پارڪ جي سامهون واري گهر آيا ۽ هنن سيد صاحب جي لاءِ هڪ پريس بيان تيار ڪيو. سينٽرل پارليامينٽري بورڊ پاران اميدوارن جي چونڊ کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي غور لاءِ سيد صاحب پنهنجي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس سڏايو. لياقت علي خان سيد صاحب تي زور وڌو ته هو پنهنجي کنيل قدمن تي ٻيهر سوچي يا ته صوبائي بورڊ پاران اڪثريت راءِ وارو فيصلو مڃي يا وري سينٽرل بورڊ جي فيصلي کي قبولي پر سيد صاحب اها صلاح مڃڻ کان نابري واري ۽ سينٽرل بورڊ جي رويي بابت هن چيو: ”..... هنن جي سڄي ڪاوڙ مون تي آهي، هو پنهنجي اختيار جي انهيءَ ڪمزوري جو مون کي ذميوار سمجهن ٿا.“(5 2 )

ڪراچيءَ پهچڻ بعد جناح صاحب سيد صاحب کي گهرايو ته گڏجي ويهي اختلاف دور ڪري سگهجن. جناح صاحب کيس چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ مسلمانن جي قسمت جو فيصلو ٿيڻ وارو آهي تنهن ڪري حالتن جي نوعيت کي محسوس ڪندي، ذاتي اختلاف هڪ پاسي رکي، گڏيل مقصد لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي. جناح صاحب کي خبر هئي ته جيئن ته پنجاب يا بنگال ۾ چونڊن جي نتيجن تي ڪو ڀروسو نه آهي ته اهي مسلم ليگ جي حق ۾ ويندا يا نه، تنهن ڪري مسلم ليگ لاءِ سنڌ ۾ چونڊن جي اهميت تمام گهڻي آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته سينٽرل پارليامينٽري بورڊ کي صوبائي پارليامينٽري بورڊ جي فيصلن کي رد ڪرڻ جو اختيار آهي. جناح صاحب کيس اهو به ياد ڏياريو ته انهن ٻن ضلعن ۾ سندس نامزد ڪيل اميدوارن کي ٽڪيٽن جو سٺو حصو ڏنو ويو آهي، پر هو پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو:

”اها نه رڳو رستن جي الڳ ٿيڻ جي شروعات هئي پر اها ان وڏي جهيڙي جو به پيش خيمو هئي جيڪو هاڻي اڻٽر بڻجي ويو هو.“ (6 2 )

سيد صاحب مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تان استعيفيٰ ڏني ۽ پنهنجي ڌڙي کي سنڌ مسلم ليگ جو نالو ڏيئي پنهنجي اميدوارن جي فهرست جو اعلان ڪيائين. هن اها تجويز پڻ ڏني ته صوبائي مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي. ان موقعي تي غلام نبي پٺاڻ سميت جي ايم سيد صاحب جا ڪيترا حامي سندس ساٿ ڇڏي اصلوڪي مسلم ليگ سان گڏ رهيا، جنهن جي جنرل سيڪريٽري وارو عهدو پٺاڻ وٽ ئي رهيو. سيد صاحب کي سڄي هندوستان مان مسلمانن جون صلاحون مليون ته هو ذاتي سوچن جي قرباني ڏئي ۽ مسلم ليگ ۾ ئي شامل رهي پر هن انڪار ڪيو.

کهڙي صاحب لاءِ اهو هڪ ڪٺن مرحلو هو. سندس ڪيس دوران سيد صاحب هن جو ساٿ نڀايو هو ۽ هن ڏانهن دوستيءَ جو هٿ ڊگهيڙيو هو. جيتوڻيڪ کهڙي صاحب ۽ سيد جي سوچ ۾ وڏو فرق هو پر هو پراڻا سياسي ساٿي ۽ هڪ ئي پارٽي ۾ شامل رهيا هئا. کهڙي صاحب اڳيان هڪ واضح مقصد هو، هو پنهنجي سياسي سڀاءَ ۾ متوازن رويي، انصاف ۽ قانون جي مٿڀرائپ جو قائل هو، هو روايتي سماج جي بهترين قدرن کي محفوظ ۽ جاري ساري رکڻ جي حق ۾ هو. جڏهن ته سيد صاحب پاڻ کي آدرشي انسان چوندو هو جيڪو بظاهر متضاد ۽ گاڏڙ ساڏڙ سوچن جو مالڪ هو. هڪ پاسي ته هو سيد گهراڻي جي روايتي اتحاد ۽ سندن برتريءَ جو قائل هو ته ٻئي پاسي وري هو سوشلسٽ خيالن جو چاهه رکڻ ۽ انقلابي پروگرام جا خواب لهندڙ ماڻهو هو. هو پنهنجي برادري جي ٻين سيدن کي انهيءَ ترقي پسنديءَ جي راهه جو رهبر سمجهندو هو جڏهن ته حقيقت ۾ اهي ۽ انهن جي گهڻائي انتهائي رجعت پسنديءَ جي گچڻ ۾ گتل هئي.

سيد صاحب تمام گهڻو حساس ۽ انتها پسند ماڻهو هو. سالن جا سال جناح صاحب هن جو هيرو ۽ آئيڊيل رهيو. جڏهن کيس جناح تي قاتلاڻي حملي جي خبر پيئي ته هو سڀني جي سامهون روئي ويٺو ۽ جناح صاحب لاءِ سرڌڙ جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار هوندو هو. پر بعد ۾ جڏهن هو جناح صاحب کان الڳ ٿيو ته ڪالهوڪي هيري کي بدترين دشمن ۽ انتهائي نفرت جوڳو ڪردار سمجهڻ لڳو. راشدي صاحب وانگر جيڪي ماڻهو سيد صاحب جي ان سڀاءَ کان واقف هئا، اهي کيس آسانيءَ سان پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا هئا. کهڙو صاحب سيد صاحب کي سياسي طور تي هڪ ناڪام ۽ سندس ترقي پسنديءَ کي ٻاهر جو ڏيکاءُ ڪوٺيندو هو. هو هڪ اهڙو ماڻهو هو جيڪو مختلف مسئلن تي ڪٽر خيالن جو حامي هو ۽ هن پنهنجي ناممڪن ۽ غير عملي خيال پرستي کي هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ مختلف حڪومتن مٿان تلوار بڻائي لٽڪائي ڇڏيو هو. پر تنهن هوندي به کهڙو صاحب کيس هڪ دوست جي حيثيت ۾ گهڻو ڀائيندو هو ۽ سندس احترام ڪندو هو. جيتوڻيڪ کهڙي صاحب کي سيد صاحب پاران شايد ايتري موٽ نه ملندي هئي.(7 2 )هو پراڻا پاڙيسري رهيا هئا ۽ هنن ۾ ويجها سماجي ۽ سياسي ناتا رهيا هئا ۽ کهڙي صاحب، سيد صاحب کان قطع تعلق ڪرڻ نه پئي گهريو. هن جيتري قدر ممڪن هو سيد صاحب جي حامين کي ٽڪيٽن جي ورهاست ۾ سندس ساٿ ڏنو پر جن معاملن ۾ اهڙي عمل کي هن مسلم ليگ جي مفادن وٽان نه سمجهيو ته انهن معاملن ۾ هن سيد صاحب جي ها ۾ ها نه ملائي. پر سيد صاحب پنهنجي اميدوار تان هٿ کڻڻ جي ڀيٽ ۾ پارٽيءَ تان ئي هٿ کڻڻ کي بهتر سمجهيو ۽ اهڙو فيصلو سيد صاحب ڪيو.

سيد پنهنجي اميدوارن جي لسٽ پڌري ڪئي پر هو صوبائي مسلم ليگ جي صدر واري عهدي تي به ويٺو رهيو. مرڪزي قانون ساز اسيمبليءَ جون چونڊون نومبر 1945 ع ۾ ٿيڻيون هيون ۽ يوسف هارون صاحب مسلم ليگ پاران اميدوار هو. پر سيد صاحب ان سيٽ تي راشديءَ صاحب جي حمايت ڪري رهيو هو ۽ هن ان ڏس ۾ سندس پرچار ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ جو دورو ڪيو. هن ليگ جي اميدوار جي حمايت لاءِ ڪو بيان جاري نه ڪيو ۽ ماڻهن خط لکي جناح صاحب کي اهڙو اطلاع ڏنو:

”سيد پارٽي ... پير علي محمد راشديءَ صاحب جي سياسي حمايت ۾ رڌل آهي ۽ هنن مسلم ليگ ۽ خان بهادر کهڙي صاحب جي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا شروع ڪئي آهي، جنهن کي اسان سنڌ جي مسلمان برادريءَ جو هڪ هڏ ڏوکي ۽ بي لوث اڳواڻ سمجهون ٿا.“(8 2 )

کهڙي صاحب وڏي ڪوشش ڪئي ته هو سيد صاحب کي بطور پارٽي صدر جي سندس ذميوارين جي باري ۾ سجاڳ ڪري. چونڊ کان 10  کن ڏينهن اڳ هن سيد صاحب ڏانهن لکيل خط ۾ مٿس زور ڀريو ته هو ليگ جي اميدوار جي حمايت ڪري:

”اوهان کي ڄاڻ آهي ته مرڪزي قانون ساز اسيمبلي جي چونڊ ۾ صوبائي مسلم ليگ جو وقار ۽ ساک داءَ تي لڳل آهن، انهيءَ چونڊ ۾ مسلم ليگ ٽڪيٽ يوسف عبدالله هارون صاحب کي ڏنل آهي. منهنجي خيال ۾ هن وقت تائين صوبائي مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت ۾ اوهان، سنڌ جي مسلمانن کي ليگ جي نامزد ڪيل اميدوار يوسف هارون صاحب جي حمايت ڪرڻ لاءِ اپيل جو ڪوبه بيان جاري نه ڪيو آهي. اوهان کي خبر آهي ته يوسف اي هارون صاحب جي مقابلي ۾ سينٽرل پارليامينٽري بورڊ جي فيصلي کي پٺي ڏيندي مسٽر راشدي صاحب پاڻ اميدوار ٿي بيٺو آهي. انهيءَ چونڊ جي نتيجن تي ئي صوبائي اسيمبلي جي سيٽن ۾ مسلم ليگ جي اميدوارن جي ڪاميابيءَ جو دارو مدار هوندو. تنهن ڪري اها اوهان جي قانوني ۽ اخلاقي ذميواري آهي ته پنهنجي سڄي سگهه کي يوسف هارون صاحب جي سوڀ لاءِ استعمال ڪيو. مان پنهنجي پاران ان سلسلي ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن سان گڏجي توڻي اڪيلي سر سڄي سنڌ جا دورا ڪيا آهن ۽ هر ضلعي ۾ ووٽرن ۽ با اثر ماڻهن سان ملاقات ڪري کين ليگ جي اميدوار يوسف اي هارون صاحب جي حمايت لاءِ چيو آهي. اميد رکجي ٿي ته اوهان ۽ اوهان جا دوست سنڌ ۾ مسلم ليگ جا نمايان اڳواڻ به اهڙي ئي پوئواري ڪندا.

اسان جي پارٽي اوهان کان اميد رکي ٿي ته سنڌ ۾ ليگ جي صدر واري حيثيت ۾ اوهان ليگ جي نامزد ڪيل اميدوارن جي حمايت ڪندا ڇو ته هاڻي چونڊن ۾ ٻه هفتا به باقي نه بچيا آهن.

انهيءَ سلسلي ۾ مان اوهان کي درخواست ڪيان ٿو ته هاڻي کان وٺي اوهان پنهنجو سڄو ڌيان مرڪزي اسيمبلي ۾ ليگ جي نامزد اميدوار جي چونڊن جي ورڪ تي ڏيو. جيئن ڪنهن کي به اهو چوڻ جو موقعو نه ملي ته اسان ان وقت پنهنجي ذميوارين کي ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿياسين، جڏهن مسلم ليگ جي اعليٰ قيادت اسان مان ان ڏس ۾ وڏيون اميدون رکيون ويٺي هئي. مان اها پڻ وينتي ڪريان ٿو ته جيترو جلد ٿي سگهي يوسف هارون صاحب جي حمايت ۾ بيان جاري ڪيو ۽ ٻين کي به ائين ڪرڻ لاءِ چئو.

مان اميد رکان ٿو ته اوهان کي سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي صدر واري حيثيت ۾، اوهان کي ڪيل منهنجي هيءَ اپيل رائيگان نه ويندي ۽ مهرباني ڪري مون کي جلد کان جلد اهو اطلاع پڻ ڏيو ته اوهان هن چونڊن ۾ پارٽي جي مدد لاءِ ڪهڙا ڪهڙا اپاءَ وٺي رهيا آهيو.“ (29)

چونڊن جا نتيجا 4 2  ڊسمبر تي پڌرا ڪيا ويا ۽ سنڌ مان يوسف هارون صاحب اها چونڊ کٽي ورتي. مرڪزي قانون ساز اسيمبلي ۾ سڀني مسلم نشستن تان مسلم ليگ جا اميدوار سوڀارا ٿيا، جنهن ڪري اها پارٽي هڪ انتهائي سگهاري حثييت ۾ هندوستان جي مسلمانن جي حقيقي نمائندي جي طور اُڀري آئي. صوبائي اسيمبلين جون چونڊون جنوري جي شروعات ۾ ٿيڻيون هيون ۽ سنڌ ۾ ڏاڍي اڻانگي صورتحال هئي، ڇو ته پارٽيءَ جو صوبائي صدر پنهنجي ئي پارٽيءَ جي نامزد ٿيل اميدوارن خلاف کلي عام ويڙهاند ۾ رڌل هو، جنهن ڪري پارٽي ۾ زبردست مونجهارا جنم وٺي رهيا هئا. چونڊن جي مهم هلائڻ جو اهم بار کهڙي صاحب جي ڪلهن تي هو جيڪو سڄي سنڌ ۾ هر جاءِ تي وڃي ڪارڪنن ۽ عهديدارن سان صلاح مشورا ڪرڻ، کين دلجاءِ ڏيڻ ۽ همٿائڻ ۾ رڌل هو. کهڙو صاحب، جناح صاحب کي اليڪشن مهم جي صورتحال ۽ مختلف تڪن ۾ درپيش مشڪلاتن کان آگاهه ڪندو پئي آيو. هن جي ان لک پڙهه ۾ هاڪاري رويي جو اظهار هوندو هو، کيس جنهن معاملي تي جناح صاحب جي مشوري جي ضرورت هوندي هئي هو ان کي سنئون سڌو پيش ڪندو هو، جن طريقن سان چونڊ مهم کي فائدو رسڻ جي اميد هوندي هئي. جهڙوڪ مقامي پيرن کان حمايت يا خان آف قلات جي سهڪار سان ووٽرن کي قائل ڪرڻ وغيره، طريقا به پنهنجي خطن ۾ جناح صاحب ڏانهن لکي موڪليندو هو. (0 3 )

آخرڪار 0 2  ڊسمبر تي مرڪزي پارليامينٽري بورڊ سيد صاحب جي نامزد ڪيل سڀني اميدوارن کان ليگ جون ٽڪيٽون واپس ورتيون. هڪ هفتي کان پوءِ سيد صاحب آل انڊيا مسلم ليگ تان استعيفيٰ ڏني ۽ سنڌ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان ڌار چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو. هڪ ڊگهو ۽ تلخ بيان جاري ڪيائين جنهن ۾ هن مسلم ليگ جي قيادت کي رجعت پرست ڪوٺي ان کي ڪجهه ڌرين جو ڇاڙتو قرار ڏنو:

”جڏهن انهن کان پڇا ڪجي ٿي ته سر غلام حسين جهڙن ماڻهن لاءِ، اسان کي چيو وڃي ٿو ته پاڪستان حاصل ڪيون. ۽اسان تي ڇوهه ڇنڊين ٿا ....“ ۽ مسلم ليگ جون پاليسيون مسلمان اقليتي صوبن جا اڳواڻ هلائي رهيا آهن ۽ انهن ۾ اڪثريتي مسلمان صوبن ۽ عوام جي وڏي انگ جي مفادن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي.“ اسان کي اڃان به ڪانگريس ۾ ڪجهه اميد آهي پر ليگ ۾ ڪوبه آسرو نه رهيو آهي....“ (1 3 )

سيد صاحب پنهنجا 1 1  اميدوار بيهاريا ۽ ڪانگريس سان اتحاد جوڙيو جيڪا ان آسري تي سندس حمايت ڪري رهي هئي ته ان سان مسلم ليگ جو سحر ٽٽي پوندو. اهڙا افواهه پڻ هئا ته ڪانگريس مسلم ليگ جي اميدوارن خلاف بيٺل ماڻهن جي واهر لاءِ وڏيون وڏيون رقمون موڪلي رهي هئي ۽ اها حقيقت ته مڃڻ جوڳي هئي ڪانگريس سندن حمايت لاءِ پنهنجا وڏا اڳواڻ ضرور موڪليا هئا. مثال طور جواهر لال نهرو ۽ سروجني نائيڊو سنڌ جو دورو ڪيو. ڪانگريس کي اميد هئي ته اها 2 2  هندن لاءِ سيٽون کٽي ويندي. ساڳي وقت سيد ليگ جو گروپ به مسلم ليگ جي مخالفت ۾ متحد ٿي ويو. ڪراچي جي کڏا مدرسي جي مولوي محمد صادق ۽ ”بلوچستان جي گانڌيءَ“ عبدالصمد اچڪزئي هڪ مسلم بورڊ جوڙي 5 1  اميدوار بيهاريا. جمعيت العلماءِ هند ۽ ٻين جماعتن جا مولوي به وڏي انگ ۾ مسلم ليگ خلاف تقريرون ڪرڻ لاءِ پهچي ويا. هوڏانهن علامه مشرقي جا خاڪسار ۽ ٻيا قوم پرست پاڪستان کي سنڌ ۾ دفن ڪرڻ لاءِ متحد ٿي ويا. سنڌ ۾ مسلم ليگ جي اها حالت هئي جو خود ان جو صدر سندس مخالفت تي سندرو ٻڌي بيٺو هو. ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۾ ڏار پيل هئا ۽ پارٽيءَ جي چيلهه چٻي ٿيل هئي ۽ ان صورتحال ۾ پارٽي گهڻي ڀاڱي کهڙي صاحب جي ئي سهاري تي ويڙهاند ڪري رهي هئي. رڳو ڪجهه خاص تڪن ۾ مسلم ليگ جي ڪاميابي يقيني هئي.

آخرڪار 2  جنوري تي سينٽرل ايڪشن ڪاميٽي ”6 2  ڊسمبر تي جي ايم سيد صاحب پاران پريس کي جاري ڪيل بيان جو بغور جائزو وٺڻ کان پوءِ.....“ سيد صاحب کي مسلم ليگ جي صدارت تان لاٿو ۽ کيس پارٽيءَ مان نيڪالي ڏني ويئي. نائب صدر گذدر صاحب کي قائم مقام صدر بڻايو ويو ۽ ”ان حقيقت جي پيش نظر ته صوبائي چونڊون مٿان اچي چڪيون آهن“ ڪجهه ناميارن ليگي اڳواڻن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوڙي ويئي ته ”جيئن اها صوبي ۾ چونڊ واري ڪم کي هڪدم پنهنجي نگرانيءَ ۾ وٺي.“(2 3 )

کهڙو صاحب سنڌ ۾ پارٽيءَ جي چونڊ مهم جو باضابطه انچارج هو ۽ جيئن ته هو پاڻ لاڙڪاڻي اوڀر مان بنان مقابلي چونڊ کٽي چڪو هو، تنهن ڪري هو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي پارٽيءَ جي چونڊن جي مهم وارو ڪم آزادي سان ڪري رهيو هو. هاڻي جيئن ته پارٽي ۾ اندروني ڏڦيڙ، اختلاف ۽ ڦيٽارا نه هئا، تنهن ڪري چونڊ مهم وڌيڪ بهتر نموني هلي رهي هئي. تنهن هوندي به کهڙي صاحب سيد صاحب جي چونڊ تڪ ۾ وڃي سندس خلاف ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. کيس ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل ذاتي ناتن ۽ سياسي لاڳاپن جو تمام گهڻو خيال هو ۽ کيس اهو به احساس هو ته ٻين مسلم سياستدانن جي ابتڙ سيد صاحب همت ۽ دليري جو مظاهرو ڪندي پنهنجيون غلطيون تسليم ڪري قتل ڪيس ۾ سندس ساٿ ڏنو هو، تنهن ڪري کهڙي صاحب ”اعليٰ قيادت“ جي ان درخواست کي نه مڃيو جنهن ۾ کيس سيد صاحب خلاف چونڊ مهم هلائڻ لاءِ چيو ويو هو.

چونڊن جا نتيجا مهيني جي وچ ڌاري آيا ۽ مسلم ليگ 5 3  مسلمان جي سيٽن مان 8 2  تي سوڀ ماڻي، اها هن وقت تائين پارٽيءَ جي سڀ کان وڏي چونڊ لاءِ فتح هئي. سيد صاحب پنهنجي نشست ۽ ٽن آزاد حمايتي اميدوارن جي نشستن سميت چئن سيٽن تي سوڀ ماڻي ۽ امڪان هو ته جيڪڏهن مسلم ليگ جي پارٽي حڪومت ٺاهي ته انهن ٽن ميمبرن مان ڪوبه اچي ان ۾ شامل ٿي  پئي سگهيو. ڪانگريس سڀيئي هندن جون سيٽون کٽي ورتيون ۽ چئن ميمبرن جي حمايت سان سندس اسيمبليءَ ۾ 2 2  ميمبر هئا. ڪانگريس ۽ سيد گروپ هڪدم اتحاد جوڙي ورتو. تنهن ڪري چونڊن ۾ سٺي ڪارڪردگي ۽ قانون ساز اسيمبليءَ ۾ پنهنجي پوزيشن جي باوجود مسلم ليگ اڪثريتي پارٽي اڃان به بڻجي نه پئي سگهي.

سيد گروپ، ڪانگريس ۽ آزاد مسلمان ميمبرن ۾ هڪ اتحاد يا مخلوط جوڙجڪ قائم ٿي ويو. سيد گروپ پاڻ کي مسلم ليگ جو ترقي پسند ڌڙو ڪوٺائي رهيو هو ۽ هو ڪجهه شرطن سان پاڪستان کي پنهنجو مقصد قرار ڏئي رهيو هو، انهن شرطن ۾ اهو پڻ شامل هو ته مسلمان ”قوم پرستن“ جو هڪ ڌڙو مسلم ليگ کان ٻاهر ڌار قائم ڪيو ويندو، جيڪو ڪانگريس سان گڏجي گڏيل جدوجهد ڪندو. انهن شرطن موجب مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ گڏيل اليڪٽوريٽ نظام لاڳو ڪيو ويندو ۽ ڪانگريس جي منشور ۾ جيڪو تعميري پروگرام آهي اتحادي ان ”اتحاد“ کي جاري رکندو.“(3 3 )

آزاد صاحب ۽ پٽيل صاحب ٻئي ”اتحاد“ کي حڪومت وٺرائي ڏيڻ جي سلسلي ۾ سنڌ آيا ۽ اها حڪومت ان لاءِ به ممڪن هئي جو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ جيڪو ٿورو فرق هو ۽ ماضيءَ جي تجربي جيان ڪانگريس جي حڪومت ٺهڻ جي صورت ۾ ڪجهه مسلم ليگي ميمبرن جو ٽٽي ان ۾ شامل ٿيڻ جو امڪان هو. اسيمبليءَ ۾ آخري پوزيشن اها بيٺي جو مسلم ليگ ۽ اتحاد جا 8 2 ، 8 2  ميمبر هئا ۽ ٽن يورپين سميت 4  اڻ ڌريا ميمبر به اسيمبليءَ ۾ شامل هئا. هڪ آزاد مسلمان ميمبر به مسلم ليگ ۾ آيو پر بعد ۾ گورنر صاحب مسلم ليگ جي مڪمل حمايت ڪئي. جنهن جي ڪري ئي آخرڪار مسلم ليگ وزارت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي.

گورنر سر فرانسيس موڊي صاحب 5 1  جنوري کان عهدو سنڀاليو ۽ هو مسلم ليگ جي کلي ڪري حمايت ڪري رهيو هو، جيتوڻيڪ اهو پڌرو نه هو ته هو پنهنجي سر ائين ڪري رهيو آهي يا مٿان کيس اهڙا حڪم مليا آهن. هن سيد صاحب کي به قائل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ته هو مسلم ليگ سان پنهنجا اختلاف نبيري. مسلم ليگ پارليامينٽري پارٽي جي قيادت واري مسئلي تي پاڻ سخت مونجهاري جو شڪار هئي. سينٽرل پارليامينٽري بورڊ چونڊ مهم هلائڻ لاءِ جيڪا 6  رڪني ڪاميٽي جوڙي هئي تنهن ۾ کهڙو صاحب ئي واحد ماڻهو هو جنهن جو سڄي سنڌ ۾ اثر رسوخ هو. هارون صاحب، گذدر صاحب ۽ علوي صاحب ڪراچيءَ تائين محدود هئا. پٺاڻ صاحب آخري وقت تائين جي ايم سيد صاحب جو ماڻهو رهيو هو. مير غلام علي صاحب رڳو ٽالپر حلقي تائين محدود هو، تنهن ڪري اهو کهڙو صاحب ئي هو، جنهن سڄي سنڌ ۾ چونڊ مهم هلائي هئي.

سنڌ جي سياسي روايت موجب پارليامينٽري پارٽي جي اڳواڻ کي ئي وڏ وزارت ملڻي هئي ۽ چونڊيل ميمبرن جي اڪثريت کهڙي صاحب جي وڏ وزارت لاءِ حمايت ڪري رهي هئي. کهڙي صاحب پاڻ به محسوس ڪيو ته هن پنهنجو پاڻ کي محنت سان اهم ذميواري جي لائق بڻايو آهي. ماضيءَ ۾ هو ٻه ڀيرا نه ته هڪ ڀيرو ته پارٽيءَ جي مفاد خاطر ان عهدي جي لاءِ مقابلي کان الڳ ٿي ويو هو. هن ڀيري مسلم ليگ جيڪا شاندار سوڀ ماڻي هئي، ان ۾ جيڪڏهن سندس ڪوششون شامل نه هجن ها ته اها آسانيءَ سان نه ملي ها. کهڙي صاحب کي ڄاڻ هئي ته هن وقت وٽس هڪ اهڙو پروگرام آهي جنهن تي جيڪڏهن هن وڏي وزير طور عمل ڪرايو ته ان ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ايندڙ عام چونڊن لاءِ به سنڌ مان مسلم ليگ جي فتح يقيني ٿي ويندي.(4 3 )

پر جناح صاحب ڪافي مسلمان ميمبرن خاص ڪري هدايت الله صاحب جي ڦرڻي گهرڻي طبيعت کان واقف هو، جيتوڻيڪ مسلم ليگين لکت ۾ واعدو ڪيو هو ته اهي کهڙي صاحب جي حمايت ڪندا پر تنهن جي باوجود به جناح صاحب کهڙو صاحب کي چيو ته هو وڏ وزارت لاءِ اصرار نه ڪري ڇو ته ٻي صورت ۾ هدايت الله صاحب پارٽي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو. کهڙي صاحب سان واعدو ڪيو ويو ته جيئن حالتون ڪجهه بهتر ٿيون ته کيس وڏو وزير بڻايو ويندو. کهڙي صاحب کي ان تي ئي صبر ڪرڻو پيو، جيتوڻيڪ اتحادين پاران کيس ڪافي آڇون به ٿيون. جيڪڏهن ڪنهن ٻئي اسيمبليءَ ميمبر کي اهڙي آڇ ملي ها ته هو مشڪل سان ئي اها نه قبولي ها، پر کهڙو صاحب پنهنجي پارٽيءَ سان غداري ڪري نه پئي سگهيو ۽ جناح صاحب کي اها ڀلي ڀت ڄاڻ هئي.

گورنر صاحب هدايت الله صاحب کي گهرائي کيس مسلم ليگ جي حڪومت ٺاهڻ لاءِ چيو، حڪومت تنهن صورت ۾ ٺهي سگهي پيئي جڏهن يورپي ميمبر به ان جي حمايت ڪن ۽ گورنر صاحب کين اهڙي هدايت ڪئي. وڏي وزير کان سواءِ ٽي ٻيا وزير کنيا ويا جن ۾ کهڙو صاحب پبلڪ ورڪس ۽ روينيو جو انچارج سينئر وزير هو. سنڌ حڪومت جي روايتن موجب ٻه سيٽون هندو ميمبرن لاءِ خالي رکيون ويون، پر هن ڀيري سڀ هندو ميمبر ڪانگريس سان گڏ هئا. تنهن ڪري وڏو وزير ڪوششن جي باوجود کين ٽوڙي پاڻ سان ملائي نه سگهيو. ترت ئي ڪانگريس بجيٽ اجلاس شروع ٿيڻ سان ئي حڪومت خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي، مسلم ليگ حڪومت انتهائي نازڪ صورتحال ۾ هئي ڇو ته کيس رڳو هڪ ميمبر جي اڪثريت حاصل هئي ۽ مسلمان ميمبر پنهنجي عادت موجب، حڪومت جي ڪمزوري محسوس ڪندي کيس بليڪ ميل ڪري رهيا هئا.

کهڙي صاحب ۽ هدايت الله صاحب اهو محسوس ڪيو ته جيڪڏهن سندن مخالف ڌر مسلمان ميمبرن کي وزارتون آڇيون ته صورتحال سخت ڳنڀير ٿي ويندي تنهن ڪري هنن سياسي بليڪ ميلنگ کي منڍ کان ئي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اتحادي ڌر جي مسلمان ميمبرن سان رابطا ڪري سرچاءَ جي ڪوشش ڪئي. سيد صاحب وڏي وزير سان ملاقات ڪئي کيس مسلم ليگ جي قيادت سان سرچاءَ لاءِ آڇ ڏنائين. پارليامينٽري پارٽي جي سربراهه واري حيثيت ۾ هدايت الله صاحب ۽ نائب سربراهه واري حيثيت ۾ کهڙي صاحب، ٻنهي جناح صاحب ڏانهن تار اماڻي کيس سرچاءَ ڪرڻ جي صلاح ڏني. ٻنهي اڳواڻن اها راءِ ڏيکاري ته پارٽي ۽ صوبي جي مفادن خاطر سيد صاحب ۽ سندس ساٿين خلاف پارٽي نيڪالي جو حڪم واپس وٺي کين ٻيهر پارٽيءَ ۾ شامل ڪيو وڃي:

”سيد صاحب ۽ سندس پوئلڳ ليگ ۾ شامل ٿيڻ گهرن ٿا، ان صورت ۾ سندن مٿان لڳل بندش هٽائي وڃي. صورتحال جي تقاضا آهي ته کين واپس آندو وڃي. مسلمان عوام بي چينيءَ سان سرچاءَ جي اوسيئڙي ۾ آهي. مهرباني ڪري تار ذريعي پنهنجي منظوري اماڻيو.“(53)

جناح صاحب ۽ لياقت علي خان، ٻنهي کان جيڪو جواب آيو، اهو اِهو هو ته جيستائين سيد صاحب ”غير مشروط طور تي آڻ نه مڃيندو ۽ ليگ جي ڊسيپلين ۽ فيصلن جي ڀڃڪڙي تي ڏک جو اظهار نه ڪندو ۽ مستقبل ۾ مڪمل وفاداري جي خاطري نه ڪرائيندو تيستائين سندس مٿان پارٽي ۾ داخلا واري بندش هٽائڻ جو سوچي به نه ٿا سگهون.“ اهو اهڙو شرط هو جنهن جي پورائي جو ڪو امڪان نه هو.

عدم اعتماد جي رٿ کي 9 2  ووٽن جي ڀيٽ ۾ 0 3  ووٽن سان ناڪام بڻايو ويو ۽ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ تمام ٿوري فرق سبب موقعي پرستن جي ٻيگهي مچي ويئي. اجلاس جي پڄاڻي ٿيندي ئي مير بنده علي صاحب بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ گورنر صاحب کي ٻڌايو ته هو وفاداريون مٽائڻ لاءِ فلور ڪراسنگ ڪري رهيو آهي. کهڙي صاحب ان صورتحال تي تبصري ۾ لکيو:

”مان هن سان ملاقات لاءِ سندس برنس روڊ واري فليٽ تي ويس جتي اين . اي فاروقي، آءِ. سي. ايس آفيسر کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته هو فلور ڪراسنگ نه ڪري پر هو مڙڻ وارو نه پئي لڳو ۽ ٻئي ڏينهن کيس وزير طور حلف کڻائي راضي ڪيو ويو.“(6 3 )انهيءَ دڙڪي جي ڪاميابيءَ کان پوءِ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ٻئي ميمبر پيرزاده عبدالستار صاحب فلور ڪراسنگ جي ڌمڪي ڏني. انهيءَ معاملي بابت کهڙو صاحب لکي ٿو:

”گورنر صاحب مون کي چيو ته کيس ان ڳالهه کان روڪيان ۽ کيس ٻڌايان ته بجيٽ اجلاس کان پوءِ کيس به وزير بڻايو ويندو. مان سندس گهر وڃي ساڻس ملاقات ڪئي پر هن صاف نابري واري. مان هن کي وٺي گورنر صاحب ڏانهن آيس ۽ هن به کيس چيو ته هو بجيٽ اجلاس تائين صبر ڪري پر هو نه مڙيو ۽ آخرڪار کيس به وزارت جو حلف کڻايو ويو. پر جيئن ته ٻئي ڏينهن بجيٽ منظور ٿيڻ واري هئي، تنهن ڪري سندس وزارت جو نوٽيفڪيشن في الحال روڪيو ويو.“(7 3 )

آخرڪار بجيٽ منظور ٿي ويئي ۽ حڪومت پنهنجي وهنوار هلائڻ لاءِ آزاد ٿي. ڪابينه جي نئين سر جوڙجڪ ۾ هدايت الله صاحب جي خواهش هئي ته جيترو ممڪن ٿي سگهي کهڙي صاحب کي گهٽ کان گهٽ اختيار ڏنا وڃن. کهڙي صاحب روينيو جي وزارت ۾ خاص طور تي دلچسپي وٺي رهيو هو ته جيئن هو ان ذريعي ڪجهه سڌارا آڻي سگهي، پر هدايت الله صاحب اها وزارت کهڙي صاحب کي ڏيڻ لاءِ راضي نه هو. موڊيءَ صاحب وزارتن جي ورهاست واري مسئلي کان وائسراءِ صاحب کي آگاهه ڪيو:

”اصل مسئلو کهڙي صاحب جو آهي.، جڏهن اسان وٽ ڪل چار وزير آهن پر هن پي دبليو ڊي ۽ روينيو جا ٻيئي قلمدان پاڻ وٽ رکيا آهن. مان چاهيان ٿو ته هو پي ڊبليو ڊي جي وزارت پاڻ وٽ رکي ڇو ته لوئر بئراج واري رٿا لاءِ وڏي محنت جي ضرورت آهي ۽ کهڙو صاحب ان محنت ۽ جاکوڙ جي ڀرپور اهليت رکي ٿو. پر کهڙو صاحب روينيو جي وزارت پاڻ وٽ رکڻ گهري ٿو. سندس دليل آهي ته هو زرعي قرضن جي رٿا ۾ دلچسپي رکي ٿو. جيڪا هڪ حقيقت آهي ۽ هو اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪجهه بل متعارف ڪرڻ گهري ٿو. ٻئي پاسي غلام حسين صاحب، کهڙي صاحب کي اها وزارت ڏيڻ جي حق ۾ نه آهي. ڇو ته سندس چواڻيءَ ان سان کهڙي صاحب کي تمام گهڻا اختيار ملي ويندا. آخرڪار مان پي ڊبليو ڊي جي وزارت کهڙي صاحب کي، روينيو جي وزارت پير الاهي بخش صاحب کي ۽ لينڊ اينڊ ايگريڪلچر مير بنده علي صاحب، پبلڪ هيلٿ ۽ تعليم ۽ لوڪل سيلف گورنمينٽ جي وزارت عبدالستار پيرزادي صاحب کي ڏني.“(8 3 )

کهڙي صاحب پسند جي وزارت نه ملڻ جهڙي ننڍڙي مسئلي کي پنهنجي راهه جي رنڊڪ نه بڻايو. هن محسوس ڪيو ته هارين ۽ آبادگارن جي بهتري لاءِ رٿابندي سان قانون سازي مسلم ليگ جي وزارت ذريعي ٿيڻ گهرجي. موڊي صاحب لکي ٿو:

”وزارت ۽ خاص ڪري کهڙو صاحب ايندڙ اجلاس ۾ ڳوٺاڻن قرضن جي باري ۾ بل متعارف ڪرائڻ گهري ٿو ۽ ان سلسلي ۾ غور فڪر لاءِ اسان ڪالهه ڪابينه جي پهرين گڏجاڻي به گهرائي هئي.“

موڊي صاحب اهو پڻ پڌرو ڪيو ته لينڊ ايلينيشن بل جي سوال تي ڊائو صاحب جو رويو ڪافي نا انصافيءَ وارو هو ۽ ان معاملي تي کهڙو صاحب جون ڊائو صاحب سان ڪافي جهڙپون به ٿيون هيون ۽ جڏهن اهو بل منظور ٿي ويو ته هن ان جي توثيق ڪرڻ کان انڪار ڪيو:

”يوئر ايڪسليسني کي ياد هوندو ته اسيمبليءَ هڪ بل پاس ڪري زرعي زمين جي غير زرعي شعبي جي ماڻهن ڏانهن منتقلي تي بندش وڌي ويئي آهي، پر ڊائو صاحب ان جي توثيق کان انڪار ڪيو هو. مان نه ٿو سمجهان ته مان ان بل بابت اهڙو فيصلو ڪريان ها ڇو ته سنڌ بل، پنجاب ايلينشن آف لينڊ ايڪٽ کان گهٽ تڪراري هو، جيتوڻيڪ ٻنهي بلن جو مرڪزي بنياد ساڳيو ئي هو. مان وزيرن کي ٻڌايو ته ڊائو صاحب ان بل جي توثيق کان انڪار ڪيو آهي ۽ مان ساڳئي ئي اصول يعني زرعي ۽ غير زرعي آباديءَ کي جدا جدا ڪرڻ واري اصول تي ٻئي بل جي حق ۾ نه آهيان.“

پر کهڙو صاحب ان قانون سازي جي معاملي ۾ تمام سنجيده هو ۽ هن ان معاملي تي موڊيءَ صاحب سان بحث ڪيو ۽ آخرڪار سرچاءَ جو هڪ رستو ڪڍيو ويو:

”ڪابينه ڪاميٽي هاڻي ان ڳالهه تي راضي ٿي چڪي آهي ته جهڙي نموني يو پي جي ڪانگريس حڪومت بل پاس ڪيو آهي اهڙي ئي نوعيت جو بل سنڌ لاءِ به تيار ڪيو وڃي. اهو بل اڃان به تڪراري هوندو ڇو ته وياج تي رقم ڏيندڙن جو وڏو اثر رسوخ آهي ۽ بل جو مقصد وياج ڏيندڙن کي ان ڳالهه کان روڪڻ آهي ته اهي زميندارن کي تمام گهڻو قرض ڏيئي يا ان تي تمام گهڻو وياج وٺي، انهن کي پنهنجي مٺ ۾ بند نه ڪن، پر انهيءَ معاملي کي اڳتي وڌائڻو پوندو.“ (9 3 )

کهڙي صاحب لاءِ ڪابينه ۾ ڪافي مشڪلاتون هيون. سندس خواهش هئي ته هو ايوان جي ڊپٽي ليڊر ۽ سينئر وزير طور پنهنجا اختيار  ڪم آڻي اهڙي قانون سازي ڪرائي، جنهن جي هو ڪافي عرصي کان ڪوشش ڪري رهيو هو ته جيئن آبادگارن کي به سهولتون ڏياري سگهجن ۽ گڏوگڏ نوڪرين ۾ به مسلمانن کي مناسب حصو وٺرائي ڏجي. پر هدايت الله صاحب سندس هر قدم آڏو رڪاوٽ وجهي رهيو هو ڇو ته کيس خوف هو ته کهڙو صاحب سندس ڪرسيءَ جي ڪڍ آهي. موڊيءَ صاحب انهي صورتحال جو هن ريت ذڪر ڪيو هو:

”ڪابينه اندر ڪافي اختلاف آهن. سر غلام حسين صاحب زڪام سبب بيمار آهي ۽ اڃان ٺيڪ نه ٿيو آهي. هو جڏهن ٺيڪ ٺاڪ به هوندو آهي تڏهن به هو گهڻي محنت کان پاسو ڪندو آهي. هو پنهنجي وزيرن جي ٽيم کي گڏجي هلائڻ ۾ به مشڪلاتن جو شڪار آهي، خاص ڪري کهڙي صاحب جي معاملي ۾ جيڪو سندس جُتيءَ ۾ پير پائڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي ۽ امڪان آهي ته جلد يا دير سان ان مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندو.“ (0 4 )

کهڙي صاحب ۽ هدايت الله صاحب وچ ۾ مسلمانن کي ڪوٽا جي بنياد تي ترقي ڏيارڻ واري معاملي تي به اختلاف هئا. کهڙي صاحب جو چوڻ هو ته مٿانهين سطح تي مسلمانن کي تمام گهٽ نمائندگي مليل آهي، تنهن ڪري کين سندن جائز حق ڏيارڻ لاءِ غير معمولي اُپاءُ وٺڻ گهرجن. ان معاملي ۾ کيس هڪ وزير کان سواءِ سڀني وزيرن جي حمايت حاصل هئي. هدايت الله صاحب جنهن کي خبر هئي ته سندس وڏ وزارت کي بچائڻ جو دارومدار هندن جي ووٽ تي آهي، تنهن ان خيال جي سختيءَ سان مخالفت ڪئي:

”هاڻي سر غلام حسين صاحب کان سواءِ سڀئي وزير گهُر ڪري رهيا آهن ته پروموشن لاءِ هڪ شرح مقرر ڪئي وڃي .... ائين چوڻ درست نه ٿيندو ته فرقيواريت جي بنياد تي ترقين واري شرح جي خلاف جيڪي اعتراض آهن، انهن کان اهي وزير واقف نه آهن. پر سنئين سڌي ڳالهه آهي ته هو اعليٰ سرڪاري عهدن تي مسلمانن جي مقرري ذريعي مسلم راڄ جا خواهشمند آهن. اهليت ۽ قابليت جهڙين شين جو وارو بعد ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن انهن سان اهو بحث ڪجي ٿو ته اها پاليسي انهن هندن سان نا انصافي هوندي جيڪي سرڪاري نوڪرين ۾ آهن ته هو اهو دليل ڏين ٿا ته هڪ مسلمان صوبي ۾ غير مسلمانن جي اڪثريت جو اعليٰ عهدن تي قابض هجڻ واري هاڻوڪي صورتحال به ته مسلمانن سان نا انصافيءَ تي ٻڌل آهي.“ (1 4 )

سنڌي مسلمانن کي مناسب نمائندگي ڏيارڻ واري ڊگهي جدوجهد جو نتيجو اهو نڪتو ته سنڌي مقامي ۽ ٻاهرين ماڻهوءَ جي مسئلي تي تمام گهڻو حساس ٿي ويا. جڏهن هندوستان سرڪار نوڪرين ۾ وڌ کان وڌ هندوستاني ماڻهن کي آڻڻ لاءِ سول کاتن ۾ سابق فوجين جي مقرري جي خواهش ڏيکاري ته سنڌ جي وزيرن سخت اعتراض واريا:

”.... جنگي سروس جي اميدوارن جي ڀرتيءَ بابت .... ڪافي اعتراض کڙا ڪيا ويا آهن، پر حقيقت اها آهي ته وزير غير سنڌي ماڻهن جي مخالفت ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ اهي مون کي هڪ به سنڌي ڪميشنڊ آفيسر جو نالو ٻڌائي نه ٿا سگهن. مان ڪوشش ڪئي ته هو پاڻ انهن اميدوارن جي فهرست پڙهن ۽ ڏسن ته انهن ۾ ڪو اهڙو موزون اميدوار هجي، جنهن کي آءِ سي ايس آفيسر رکي سگهجي، ڇو ته منهنجي خيال ۾ آءِ سي ايس آفيسرن جون ڀرتيون بند ٿي ويون آهن ۽ رڳو جنگ ۾ بهرو وٺندڙ سابق فوجي آفيسرن کي کنيو پيو وڃي. مون کي کهڙي صاحب وٽان ٿوري گهڻي حمايت ملي پر غلام حسين صاحب سختيءَ سان مخالفت ڪئي جيڪو کهڙي صاحب کي فرقي پرست ڪوٺي رهيو آهي، جيڪا ڳالهه درست به آهي، پر هن موقعي تي اهڙي الزام تراشي مناسب نه آهي.“(2 4 )

سنڌي مسلمانن جي ترقين ۽ سنڌ جي خود مختياري جي ڀرپور حاميءَ واري ساک جي باوجود کهڙو صاحب ڪنهن به لحاظ کان فرقي پرست نه هو. هن جي زندگيءَ جي مقصدن ۽ آدرشن کي اتساهه ڏيندڙ قوت انصاف پسنديءَ واري اصول جي هئي ۽ هو هندن ۽ مسلمانن ٻنهي جي معاملي ۾ انصاف پسندي جو قائل هو. هندو آفيسرن کي ان جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي ۽ کهڙو صاحب جا هندو سياستدانن، واپارين ۽ آفيسرن سان هميشه سٺا ناتا رهندا آيا هئا. هندو کهڙي صاحب جي وڏي وزير ٿيڻ جا ان لاءِ مخالف هئا جو کين ڊپ هو ته کهڙي صاحب کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جيڪڏهن ناممڪن نه ته سخت ڏکيو ضرور آهي ۽ کهڙي صاحب کي وڏ وزارت کان پاسي رکڻ ۾ خاص طور تي 1940ع ۾، هندن جي مخالفت جو سڀ کان وڏو هٿ هو. جيستائين کهڙي صاحب جو تعلق هو ته هن ڪڏهن به ڪامورا شاهيءَ جي هٿن ۾ ڪونه کيڏيو هو، جيتوڻيڪ اها تمام سگهاري هئي. پر جڏهن هن سمجهيو ته ڪامورا شاهي ناانصافي ڪري رهي آهي ته ان خلاف مهاڏو اٽڪائڻ کان به ڪنڌ نه ڪڍايو ۽ ان ۾ کيس ڪجهه نقصان به رسيو. سنڌ جي مسلمان آباديءَ ۾ اهو احساس وڌي ويو هو ته پنهنجي حقن کي مڃرائڻ جو وقت اچي ويو آهي. خود مختياري ملڻ کي 0 1  سال ٿي ويا هئا ۽ ماڻهن جو سياسي شعور ڪافي حد تائين اڳتي وڌي آيو هو.

کهڙي صاحب جي نظر ۾ سنڌ جو بنيادي قانوني مسئلو مناسبت (weightage) وارو هو. ڇو ته ان سان مسلم اڪثريت پنهنجي اثر پذيري کان محروم ٿي هئي. ان سان اڪثريت هٿراڌو طريقي سان گهٽجي رهي هئي ۽ چاليهه سيٽن جي ايوان ۾ مسلمانن کي رڳو 5 3  سيٽون پئي مليون. جيتوڻيڪ آباديءَ جي لحاظ کان سندن تناسب لڳ ڀڳ 5 7  سيڪڙو هو. نتيجي طور خود مختياريءَ جي سڄي دور ۾ اسيمبليون ڄڻ مفلوج ٿي رهيون. ڇو ته جڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ايترو معمولي فرق رهي پيو ته ڪوبه ميمبر حڪومت کي پنهنجي ووٽ واري قوت سبب بليڪ ميل ڪري پئي سگهيو. جيڪڏهن وڌيڪ محفوظ اڪثريت هجي ها ته اهڙي قسم جي بليڪ ميلنگ ڪرڻ وڌيڪ مشڪل هجي ها. تنهن کان سواءِ پارٽيءَ جي اندروني اختلافن سبب صورتحال ويتر اڻانگي ٿيل هئي. جڏهن چونڊن جا نتيجا آيا ته کهڙي صاحب انهن جي ممڪن نتيجن ۽ اثرن کي اڳواٽ ئي سمجهي ورتو ۽ هن فيبروري ۾ ئي کلي عام چئي ڏنو ته ”وهيٽيج“ کي ختم ڪيو وڃي. سنڌ کان سواءِ پنجاب ۽ بنگال جا اڪثريتي صوبا به ان وهيٽيج سبب متاثر ٿي رهيا هئا. ڏهن سالن کان مليل خود مختياري گورنر صاحب جي آمراڻن اختيارن سبب بي اثر ثابت ٿي چڪي هئي ۽ عوام ۾ اهو احساس وڌي ويو هو ته جيستائين اسيمبليءَ کي حقيقي اختيار نه ملندا ۽ گورنر صاحب کان ويٽو وارو اختيار نه کسيو ويندو، تيستائين حقيقي سڌارا اچي نه سگهندا. ڇو ته موجوده صورتحال ۾ ووٽرن جو جمهوريت تان ارواح کڄي رهيو هو. اهو ئي سبب هو جو سنڌ جي اڳواڻن ۾ اها سوچ تيزيءَ سان جنم وٺي رهي هئي ته سنڌ کي جلد کان جلد وڌ کان وڌ خود مختياري ڏياري وڃي ۽ چونڊيل اسيمبليءَ اندر آباديءَ جي حقيقي نمائندگي هجڻ کپي. جيتوڻيڪ اها سوچ لاهور واري قرارداد سان ويجهي مطابقت رکندڙ هئي ۽ مسلم ليگ جا سنڌي اڳواڻ ليگ جي پروگرام جي روشنيءَ ۾ ان نتيجي تي پهچي چڪا هئا ته ”سندن جاکوڙ آزاديءَ کان پوءِ سنڌ جي مڪمل خود مختياريءَ لاءِ ۽ هڪ اهڙي وفاق لاءِ آهي جنهن ۾ شامل يونٽ آزاد ۽ خود مختيار هوندا.“

1946 ع جي بهار ۽ اونهاري واري مند ۾ هندستان اندر بنيادي آئيني مسئلن تي ڌيان ڏيندڙ سياستدانن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي چڪو هو، خاص طور تي مسلم ليگ جي لاءِ جنهن کي ساڳئي سال جي منڍ ۾ چونڊن ۾ مليل شاندار سوڀ ملي هئي ۽ سندس اتحاد ۾ وڏو واڌارو آيل هو، مسلم ليگ مرڪزي اسيمبلي جي سڀني مسلم نشستن تي سوڀ ماڻي هئي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 495  مسلم سيٽن مان 466  نشستن تي کٽي ان پارٽي پنجاب اندر يونينسٽن جو صفايو ڪري ڇڏيو هو ۽ سواءِ سرحد جي کيس ٻين سڀني صوبن ۾ مسلم نشستن تان اڪثريت حاصل ٿي ويئي هئي.

برطانيه ۾ ليبر حڪومت جو ڪانگريس ڏانهن واضح لاڙو محسوس ٿي رهيو هو ۽ چرچل صاحب جي برعڪس اها حڪومت هندستان کي آزاديءَ ڏيڻ لاءِ تيار هئي ۽ اختيارن جي منتقلي جا رستا جوڙي رهي هئي. 19  فيبروريءَ تي بمبئي ۾ سامونڊي فوج بغاوت ڪئي. جنهن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ به سامونڊي فوج بغاوت ڪئي. وڳوڙن ۽ مظاهرن ۾ 0 0 2  جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا پر سياسي پارٽيون خاص ڪري ڪانگريس بغاوت جي پٺڀرائي کان لنوائي رهيون هيون. پٽيل باغين کي مشورو ڏنو ته اهي هٿيار ڦٽا ڪن ۽ نتيجي ۾ بغاوت جلد ئي ماٺي ٿي ويئي، پر ان سان برطانيه کي هڪ وڌيڪ چتاءُ مليو ته هندستان مان ٽپڙ ويڙهڻ ان لاءِ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ضروري ۽ اڻٽر ٿي ويو آهي.

9 1  فيبروري تي جنهن ڏينهن سامونڊي فوج بغاوت ڪئي تنهن ڏينهن انگريز سرڪار اعلان ڪيو ته هندوستان اندر سياسي حالتن جو جائزو وٺڻ ۽ آزادي ڏيڻ جا طريقا ۽ رستا ڳولڻ لاءِ هڪ ڪيبينٽ مشن کي هندستان اماڻيو ويندو. لارڊ ويويل صاحب پهريائين اها رٿ پيش ڪري چڪو هو ته هڪ اهڙي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جوڙي وڃي جنهن ۾ هندستان جي مڙني وڏين پارٽين کي نمائندگي حاصل هجي ۽ هڪ قانون ساز ادارو جوڙڻ جي لاءِ صلاح مشوري جي سلسلي ۾ هڪ ابتدائي ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي، پر جنهن وقت ويويل صاحب پنهنجي انهيءَ منصوبي کي عملي جامي پهرائڻ جا سانباها ڪري رهيو هو، برطانيه جي ڪابينه ان مسئلي کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي ڪيبينيٽ مشن کي نامزد ڪري چڪي هئي.

ان مشن ۾ جيڪي ٽي وزير شامل هئا تن ۾ سڀ کان اثرائتي ۽ حاوي شخصيت سر اسٽيفورڊ ڪرپس هو. اهو سخت گير سوشلسٽ خيالن وارو دانشور پاڻ کي هندستاني معاملن جو ڄڻ ماهر سمجهندو هو ۽ جنگ واري عرصي دوران ڪرپس صاحب رٿائون پيش ڪري چڪو هو. جيتوڻيڪ هندستان لاءِ پرڏيهي سيڪريٽري جو عهدو پيٿڪ لارنس صاحب وٽ هو پر حقيقت ۾ هندستان بابت سرڪاري پاليسي ڪرپس صاحب ئي جوڙيندو هو ۽ هاڻي به مشن اندر سندس شخصيت سڀني تي حاوي هئي. مشن جو ٽيون ميمبر اي وي اليگزينڊر صاحب هو.  مشن کي اهو ڪم سونپيو ويو هو ته سڀني مکيه پارٽي جي اڳواڻن کي ٻن معاملن تي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري پهريون ته هندستان اندر مڪاني حڪومت يا خودمختيار گورنمينٽ لاءِ آئين جوڙيو وڃي ۽ ٻيو ته هڪ نئين ايگزيڪيٽو ڪائونسل يا عبوري حڪومت جوڙي وڃي. جيتوڻيڪ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جن مقصدن لاءِ پرچار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهيون هيون اهي هڪ ٻئي جي ابتڙ هئا. پر پوءِ به اميد ڪئي پيئي ويئي ته جيڪڏهن اهي ٻيئي ڌريون گڏجي ويهنديون ته ان سان ڪا اهڙي راهه نڪري ايندي جنهن سان هندوستان کي ورهاڱي کان بچائي سگهجي.

ڪئبينيٽ مشن هندستان ۾ ٻه هفتا گذاريا ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان ڳالهيون ڪيو. سنڌ جي نائب وڏي وزير مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور کهڙي صاحب سان به مشن جي ميمبرن ملاقات ڪئي. هن ٻڌايو ته ان ملاقات ۾ مشن جا ٽيئي ميمبر :لارڊ پيٿڪ لارنس صاحب، ڪرپس صاحب ۽ اليگزينڊر صاحب موجود هئا ۽ ڳالهه ٻولهه جو مرڪز پاڪستان جي ٺهڻ وارن امڪانن بابت ئي رهيو، جنهن جو سنڌ هڪ اٽوٽ انگ هئي. تنهن کان سواءِ مسلمانن لاءِ ٻين قابل قبول متبادل تجويزن ۽ رٿن تي غور ڪيو ويو. (3 4 )

ان تفصيلي صلاح مشورن ۽ مختلف بحث مباحثن جي باوجود ڪو اتفاق راءِ ۽ گڏيل راضپو ٿي نه سگهيو ۽ ڪيبينٽ مشن فيصلو ڪيو ته اها هندستان جي سياستدانن آڏو پنهنجا مشورا ۽ تجويزون پيش ڪندي. مشن جي سڀ کان اهم رٿ اها هئي ته هڪ ڍلي فيڊريشن جوڙي وڃي جنهن ۾ ٽن سطحن وارو آئين هجي. جنهن مان هيٺين سطح تي موجوده صوبا هجن ۽ ٻئي نمبر تي اهي صوبا ٽي گروپ جوڙين ۽ ٽين سطح تي آل انڊيا يونين هجي، جنهن وٽ ٽي شعبا: پرڏيهي معاملا، بچاءُ ۽ مواصلات هجن. ٻيا سمورا شعبا صوبن جي حوالي ڪيا وڃن.

تجويزن تي غور لاءِ شملا ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي پر ڪو راضي نامو ٿي نه سگهيو. ڪانگريس کي اها ڳالهه نه ٿي آئڙي ته صوبا ٻئي سطح تي ٽي گروپ تشڪيل ڏين. جناح صاحب جو خيال هو ته مرڪز ڪمزور هجي ۽ ان وٽ ٽيڪسن وٺڻ جا اختيار نه هجن. جناح صاحب پاڪستان ڪارڊ کي بعد ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ لڪائي رکيو پئي آيو، جڏهن ته ڪانگريس ڪمزور مرڪز کي قبولڻ تي راضي نه هئي. نهرو جيڪو ڪتابي قسم جو سوشلسٽ هو، اهو اهڙي آزاد هندوستان جا خواب ڏسي رهيو هو جنهن ۾ سندس سوشلسٽ تجربن، مرڪزي پلاننگ ۽ 5  سالن جي منصوبي جي گنجائش هجي. هو جنهن هندوستان جو سوچي رهيو هو تنهن ۾ مضبوط صوبن ۽ ڳيجهو مرڪز جي ڪا گنجائش نه هئي.

هندوستان جي سياسي پارٽين جي سرچاءَ ۾ ناڪامي کان پوءِ مشن 16 مئي تي هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن پنهنجون رٿون پيش ڪيون جيڪي مڪمل خود مختيار پاڪستان ۽ ڪانگريس جي مضبوط مرڪز واري مطالبي جي وچ واري شڪل هيون.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org