سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: محمد ايوب کهڙو

باب-22

صفحو : 26

باب ٻاويهون

تباهيءَ جا پروڻ

فيبروري 1965ع دوران ذوالفقار علي ڀٽي فون تي کهڙي صاحب سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ کهڙي صاحب کيس ڪراچيءَ واري پنهنجي گهر مانجهاندي تي گڏجڻ جي دعوت ڏني. ان دعوت جو مقصد کهڙي صاحب کي ايبڊو تحت سياست مان پنهنجي نااهليءَ جي باقي بچيل ٻن سالن جي معافيءَ واسطي ايوب خان وٽ درخواست پيش ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ هو. ڀٽي وڏا سبز باغ ڏيکاريا ته هو ان درخواست تي هڪدم راضپو حاصل ڪري وٺندو. کهڙي صاحب نرميءَ سان نابري واريندي ڄاڻايو ته جتي هن پنج سال صبر ڪيو آهي اتي وڌيڪ ٻه سال به ڪري سگهي ٿو. درخواست اماڻڻ جو وٽس سوال ئي پئدا نه ٿي ٿيو.

امڪاني طور تي ڀٽي سياستدانن کان اهڙا معافي ناما حاصل ڪري ايوب خان وٽ پنهنجو قد ٿي وڌايو، پر ان ڳالهه جا وڏا امڪان هئا ته ڀٽو اتي پنهنجي اهميت جتائڻ آيل هو. مانجهاندي تي ڀٽو انتهائي بااعتماد هو ۽ رڳو پنهنجو ذڪر ٿي ڪيائين. مسلسل ڳالهائيندي هن کهڙي صاحب کي ٻڌايو ته هن ايوب خان کي گهانا جي ڪوامي نڪروما وانگر هڪ جماعتي رياست ٺاهڻ جي صلاح ڏني آهي ۽ اهو ته سمورن ضلعي عملدارن کي پارٽي عهديدار بڻايو وڃي، مثال طور ڊپٽي ڪمشنر پارٽيءَ جو مقامي صدر هجي ته ايس پي سيڪريٽري، کهڙو صاحب دنگ رهجي ويو ۽ کيس چيائين ته اهو جمهوريت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هوندو ۽ ماڻهو ان کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا. ڀٽي ڪا خيالي ڳالهه نه ٿي ڪئي. اڳتي هلي جڏهن هو رياست جو سربراهه ۽ وزير اعظم بڻيو ته هن پڪ ڪئي ته سرڪاري عملدار جوڳي ريت پارٽيءَ جو حڪم مڃڻ ۾ پارٽي ڪارڪنن وانگر ئي ورتآءٌ ڪن. راءِ عامه جي سگهاري هئڻ سبب هن لاءِ هڪ جماعتي رياست جو رسمي اعلان ڪرڻ ناممڪن هو.

ان وقت ڀٽو پرڏيهي وزير هو، جيڪو عهدو هن مختصر عرصي ۾ ماڻي ورتو هو. هو سنڌ ۾ ايوب خان جي اعتماد وارو ماڻهو هو. هو ٽيهارو کن سالن جو نوجوان هو، جنهن آمريڪا ۽ آڪسفورڊ مان موٽڻ تي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي وڪالت شروع ڪئي هئي. 1958ع واري بغاوت کان پوءِ اسڪندر مرزا جي ڪابينا ۾ کيس سنڌين جي نمائندي طور وزارت ڏني وئي هئي. اتي هن سخت محنت ڪري پهرين اسڪندر مرزا ۽ اڳتي هلي مرزا مان جان ڇڏرائڻ تي ايوب خان جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ورتي. هن ايوب خان جو اعتماد ماڻڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ کيس سندس وڻندڙ نينگر ليکيو ويندو هو ۽ ايستائين جو سندن ناتن کي پيءُ پٽ جي ناتن جهڙو سمجهيو ويندو هو. ساڳئي وقت هن راولپنڊي واري هيڊ ڪوارٽرس ۾ ڪيترن ئي جنرلن سان ويجهي دوستي ڳنڍي هئي، جتي راڄڌاني1960ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ڪراچيءَ کان منتقل ڪئي وئي هئي.

ڀٽو اهو ڄاڻڻ جيترو عقلمند ضرور هو ته فوجي بغاوت واري دور کان پوءِ سياسي ۽ سرڪاري شعبي ۾ ترقيءَ جو واحد ذريعو فوجي ڪامورڪي اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائي حاصل ڪرڻ آهي ۽ هن سياسي اختيار ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ئي رستو اختيار ڪيو. اها سندس سوچيل سمجهيل ڪوشش هئي جنهن جو اظهار ان واقعي مان ٿئي ٿو جيڪو ڀٽو 1972  ع ۾ پنهنجي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هئڻ وارن ڏينهن ۾ اڪثر ٻڌائيندو هو. ڀٽي جي آمريڪا مان موٽڻ تي سندس والد سر شاهنواز ڀٽي جنهن ڪراچيءَ ۾ ريٽائرمينٽ جا ڏينهن ٿي گذاريا کيس سياست ۾ گهڙڻ بابت کهڙي صاحب سان مشورو ڪرڻ لاءِ چيو. کهڙي صاحب کيس سڀ کان پهرين ڪنهن سياسي جماعت ۾ شامل ٿيڻ ۽ ان ۾ سرگرميءَ سان ڪم ڪرڻ ۽ پوءِ مڪاني اداري جي چونڊ وڙهڻ ۽ جوڳو تجربو حاصل ٿيڻ تي صوبائي يا مرڪزي اسيمبليءَ لاءِ پارٽي ٽڪيٽ گهرڻ جو مشورو ڏنو. ڀٽو ٽهڪ ڏيئي اها ڳالهه ٻڌائيندي چوندو هو ته جيڪڏهن کهڙي صاحب جي انهيءَ مشوري تي عمل ڪري ها ته اڃان تائين بلدياتي ڪائونسلر ئي هجي ها. بيشڪ کهڙي صاحب جي سياسي جيوت جي ارتقا به اهڙيءَ ريت ئي ٿي هئي ۽ هن جمهوري انداز ۾ اڳتي وڌڻ تي اعتبار ٿي ڪيو.

کهڙي صاحب ۽ ڀٽي وچ ۾ فرق گهڻو نه هئڻ کپندو هو. پر ٻنهي ۾ ڪو خيالي هڪجهڙايون ئي هيون. ٻنهي جو تعلق زميندار گهراڻن سان هو ۽ ٻئي لاڙڪاڻي ضلعي جا هئا پر هڪجهڙاين جي اتي پڄاڻي پئي ٿي. کهڙو صاحب پنهنجي پسمنظر ۾ پيوست هو ۽ وٽس گهرين پاڙن وارا اصول هئا جتي سندس سياسي جيوت جو وهنوار بيٺل هو. هو پنهنجي ذات ۾ ٿانيڪو هو تنهن ڪري سياست جي لاهين چاڙهين کيس هرکايو يا ايذايو نه ٿي.

کهڙي صاحب روايتي معاشري کي سمجهيو ٿي، جنهن وٽ سماج جي مختلف حصن جي حقن ۽ ذميوارين لاءِ صحتمند ڳڻتي هئي ۽ انهن جي عمل جي حدن جو به تعين ٿيل هو. وفادارين ۽ ڳالهين ٻولهين تي ڀاڙيندڙ نام نهاد جاگيرداراڻي سرشتي جي جوڙ توڙ بابت ڀٽي کي سواءِ انتهائي عام انداز جي ٻئي ڪنهن ڄاڻ يا ڳڻتيءَ بابت ڪا خبر ئي نه هئي. انهن حقن ۽ ذميوارين کيس پنهنجي انتهائي محدود خود غرض انفراديت جيڪا هن اولهه ۾ ڏٺي هئي ۽ جنهن کي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو ٿي ليکيائين، سبب ڀٽائي ڇڏيو. سندس تعلق سياستدانن جي نئين نسل سان هو. روايتي سنڌي معاشري سان، (جنهن مان کيس سندس ابتدائي ڄمار ۾ ئي نڪرڻو پيو هو)، سندس تمام ٿورڙي ڏيٺ ويٺ هئي. هن پنهنجي حياتي اولهه زده بمبئي ۾ گذاري جتان اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا هليو ويو. هن هر موجود وقت جي اهميت مائل ڳالهه کي ساراهيو ٿي، جيڪا پهرين ته هڪ جماعتي رياست هئي پر ايوب خان سان ڦٽائڻ بعد سوشلزم ۾ تبديل ٿي وئي.

فوجي آمر جي وڻندڙ فرد طور ڀٽو انتهائي طاقتور ماڻهو هو. اها حيثيت هو سنڌ خاص طور تي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو هو. نواب آف ڪالاباغ جيڪو اولهه پاڪستان جو سخت گير حاڪم ليکيو ويندو هو، اڪثر اهو چوندي ٻڌو ويو ته سندس ڌاڪو سنڌ ۾ نٿو هلي ڇاڪاڻ جو اها ڀٽي لاءِ مخصوص ڪيل آهي. لاڙڪاڻو ته بلاشڪ سندس خاص ماڳ طور استعمال ڪيو/ ليکيو ويندو هو.

ڀٽي ۾ اسهپ ۽ حسد واريون صفتون ملڪ ۾ اهڙي اهم حيثيت حاصل ٿيڻ تي به جهڪيون نه ٿيون. سندس اسهپ خاص طور تي کهڙي صاحب لاءِ مخصوص هئي جيئن هيٺ ڏنل واقعا ڄاڻائين ٿا. ڀٽي جي پرڏيهي وزير بڻجڻ مهل کهڙو صاحب ڪجهه عرصي کان پاڪستان انڊونيشيا ثقافتي ايسوسيئيشن جو باني صدر هو. ان عرصي دوران برگيڊيئر اوئڪميٽو  هينڊراننگراٽ پاڪستان ۾ انڊونيشيائي سفير هو. سدس کهڙي صاحب سان ويجها ناتا هئا. صدر سوئيڪارنو 1963  ع ۾ پاڪستان جي دوري تي ٿي آيو. پرڏيهي وزير طور ڀٽي کي ايئرپورٽ تي سندس آڌرڀآءٌ ڪرڻو هو. پاڪستان انڊونيشيا ثقافتي ايسوسيئيشن جي صدر طور کهڙو صاحب به اتي موجود هو ۽ بعد ۾ سندس صدر سوئيڪارنو سان خلاصي ملاقات پڻ ٿيڻي هئي. جڏهن ڀٽي کي ان جو پتو لڳو ته هن انڊونيشيائي سفير کي چيو ته جيڪڏهن کهڙي صاحب جي سوئيڪارنو سان ملاقات ٿي ته ثقافتي ايسوسيئيشن کي سرڪاري مڃتا نه ملندي. حيراني ۽ پريشاني ۾ سفير ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري محمود العزيز سان اها ڳالهه ڪئي جنهن کيس خاطري ڪرائي ته کهڙو صاحب تجربيڪار سياستدان آهي ۽ ان جو ڪو حل ڳولهي ڪڍندو. عزيز کهڙي صاحب سان گڏجڻ ويو ۽ کيس ڀٽي جي ڏنل چتآءٌ کان واقف ڪيائين. کهڙي صاحب سڪون سان عزيز کي وراڻيو ته:

”هن لاءِ پنهنجي ذات کان وڌيڪ اهم پاڪستان ۽ انڊونيشيا جا ناتا آهن. ڀٽو ٻاراڻي پيو ڪري پر ان جو امڪان رکڻ کپندو هو. بهرحال کهڙي صاحب چيو ته هو ڀٽي وانگر ورتآءٌ نه ڪندو ۽ سفير سان معذرت ڪندو ته ڪراچيءَ کان ٻاهر دوري تي هئڻ ڪري هو صدر جي آجيان لاءِ ايئرپورٽ تي نه هوندو ۽ سندس نمائندگي ايسوسيئشن جو نائب صدر حڪيم احسن ڪندو.“

ان ريت هڪ انتهائي پريشان ڪن صورتحال کي ٽارڻ لاءِ کهڙو صاحب پنهنجي زمينن تي هليو ويو ۽ حڪيم احسن سندس نمائندگي ڪئي. انڊونيشيائي صدر جي پاڪستان ۾ موجودگيءَ دوران کهڙو صاحب صدارت تان استعيفيٰ ڏئي پئي سگهيو ۽ اهو ڄاڻندي ته ڀٽو اڳتي به مسئلا پئدا ڪري سگهي ٿو، سو ڪجهه عرصي کان پوءِ ان عهدي تان استعيفيٰ ڏنائين. کهڙي صاحب ۽ ڀٽي جي گڏجي مانجهاندو ڪرڻ جي ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ ايوب خان ڀٽي کي اٺن سالن تائين پاڻ سان گڏ رکڻ کان پوءِ برطرف ڪري ڇڏيو.

1960 ع کان پوءِ وارن سالن ۾ جڏهن ڀٽو پنهنجي غير معمولي ڪيريئر کي وڌائي ويجهائي رهيو هو، کهڙي صاحب جون سياسي سرگرميون، سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ کان سياستدانن کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ آگسٽ 1959  ع ۾ ايوب خان جي جوڙيل قانون ايبڊو سبب تمام گهڻيون گهٽجي ويون هيون، کهڙي صاحب صنعتن جي پٺ ڀرائي ڪندڙ ماحول جو فائدو وٺندي سنڌ ۾ زراعت سان لاڳاپيل صنعتون قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ڪيتريون ئي ڪمپنيون قائم ڪيون ۽ اوستائين خانگي شعبي جي بينڪن کان سرمايو پڻ حاصل ڪيائين. پر جڏهن به حڪومت سان گهربل اجازت نامي لاءِ لهه وچڙ ۾ ٿي آيو ته کيس در بند ٿيل ٿي مليا. پڇاڙيءَ ۾ اولهه پاڪستان جي گورنر نواب ڪالا باغ کيس غير سرڪاري طور تي ڄاڻايو ته ڀٽو سندس مخالفت ڪندو پئي رهيو. جيڪڏهن ڪابه سرڪاري زيادتي سندس ڌيان تي آندي ٿي وئي ته نواب ڪالا باغ چيو ٿي ته هو بيوس آهي ۽ سنڌ خاص طور تي لاڙڪاڻو ڀٽي جي جاگير آهن ۽ کيس اتان جي معاملن کان پري رهڻ جو چيو ٿي ويو. درحقيقت ڀٽي اها حقيقت لڪائڻ جي ڪوشش به نه ٿي ڪئي ته هو سياست ۾ کهڙي صاحب جي ڪٽب جو اثر رسوخ ۽ صلاحيتن کي مڏو ڪرڻ ٿو چاهي. هن کلي ريت پنهنجو موقف واضح ڪيو ته هو لاڙڪاڻي سان ئي واسطو رکندڙ قاضي فضل لله کان نه ٿو گهٻرائي، جيڪو نه رڳو پاڻ ڪمزور هو پر سندس ڪو ٻار ٻچو به نه هو جيڪو کانئس پوءِ سياست جاري رکي پر کهڙي صاحب جا ٻار هئا جيڪي سندس پوئواري ڪندي سياست ۾ گهڙي پئي سگهيا، ان ڪري هو کين صنعتون هڻڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندو ته جيئن مستقبل ۾ هو پنهنجو ڪو سياسي بنياد نه ٺاهي سگهن. اهو واضح ٿي ٿيو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پنهنجو بنياد مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀٽي کي کهڙو ڪٽنب تباهه نه ته به گهٽ ۾ گهٽ ڪمزور ضرور ڪرڻو هو. هن ايوبي حڪومت ۾ وزير هئڻ دوران کهڙو ڪٽنب خلاف رياستي مشينري استعمال ڪندي پنهنجي انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وسان نه گهٽايو.

1967 ع ۾ کهڙي صاحب زرعي سڌارن سان لاڳاپيل ڪم مان ڪنهن حد تائين واندو ٿيڻ تي ٻيو ڀيرو حج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. کهڙي صاحب ۽ سندس زال هن ڀيري حج سان گڏوگڏ اردن ۽ عراق ۾ زيارتن ڪرڻ جو سعيو ڪيو. حج ان سال مارچ ۾ ٿيڻو هو ۽ کهڙو صاحب ۽ سندس زال هوائي جهاز وسيلي روانا ٿيا. 1950  ع  واري ڏهاڪي دوران سندن ڪيل پهرين حج وقت موجود سهولتن ۽ هاڻوڪين سهولتن ۾ ڏينهن رات جو فرق هو. رستا ۽ هوٽل سندن اڳوڻي ياترا جي ڀيٽ ۾ هاڻي تمام گهڻو سڌريل هئا. خانه ڪعبه جي ايراضي هاڻي سنگمرمر سان مزين هئي، جڏهن ته اڳي اها ڪچي هئي، سعي يا حاجرا جي ڊوڙڻ واري جاءِ هاڻ دڪانن سان سٿيل گهٽيءَ بدران ڇت وسيلي ڍڪيل راهداري هئي. هنن اهو حج نسبتاً سٺي موسم ۽ مناسب حالتن ۾ ڪيو. کهڙي صاحب ڪجهه پراڻن واقفن جهڙوڪ جدي ۾ احمد يوسف زلين الرضا سان سنگت جي تجديد ڪئي. سعودي عرب مان روانو ٿيڻ کان اڳ کهڙي صاحب جي سعودي بادشاهه فيصل بن عبدالعزيز سان ملاقات ٿي ۽ کيس بادشاهه سان گڏ رات جي مانيءَ جي دعوت ڏني وئي. کهڙي صاحب اسلامي دنيا جي انهيءَ عظيم اڳواڻ جي شخصيت مان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ڪجهه سالن کان پوءِ ٻيهر کيس لاهور ۾ ٿيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس دوران شاهه فيصل سان ملاقات جو موقعو مليو.

جدي کان کهڙو صاحب ۽ سندس زال 5  اپريل تي جهاز وسيلي عمان روانا ٿيا جتي پاڪستاني سفير نواب راحت سعيد ڇتاري ۽ سندس گهر واريءَ سندن پرگهور لڌي. ايندڙ ڏينهن هو موٽرڪار وسيلي اموي خليفي هشام بن عبدالمالڪ جو محل گهمڻ لاءِ ويا ۽  حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ حضرت يعقوب عليہ السلام پيغمبرن جي مزارن تي حاضري ڀريائون. هنن اوستائين اردني ڪنٽرول هيٺ القدس ڏانهن ويندي بيت اللحم پڻ گهميو. سفر دوران هنن جيريڪو ۽ بحر مردار جي وچ ۾ واقع حضرت موسيٰ عليہ السلام جو مقبرو پڻ ڏٺو. ٻنهي ڄڻن جمعو 7  اپريل يروشلم ۾ گذاريو جتي مسجد اقصيٰ ۾ جمعي نماز پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪيائون. ان کان پوءِ هنن اوليوز جبل تي انٽر ڪانٽينٽل هوٽل ۾ مانجهاندو ڪيو. عمان واپسيءَ کان اڳ ٻنهي حضرت مريم جي مقبري ۽ يسوع جي گرجا تي پڻ حاضري ڀري. 8  اپريل تي هو عمان کان اڏاڻا ۽ ساڳي ڏينهن شام بغداد پهچي ويا.

بغداد ۾ هو اتان جي هڪ پراڻي ڪٽنب جي فرد محمد سالم الراديءَ جا مهمان بڻيا جيڪو جولاءِ 1958  ع واري بغاوت جي ڏينهن دوران ڀارت ۾ عراقي سفير هو. الراديءَ جي گهر واري ڀارت ۾ متعين سفيرن جي گهر وارين ۾ سڀ کان وڌيڪ سهڻي هئي ۽ هن کهڙو ڪٽنب لاءِ شاندار ميزبان هئڻ جو ثبوت ڏنو. سندس تعلق عثمانيه/ ڪرد اشرافيائي ڪٽنب سان هو. سندس هڪ سوٽ محمود شوڪت پاشا پهرين مهاڀاري لڙائي کان اڳ استنبول جو وزيراعظم پڻ رهيو هو. کهڙن جي بغداد وڃڻ تائين سندس والد منير عباس جيئرو هو. الراديءَ جي وڏي ڌيءَ سلميٰ گرٽن ڪاليج ڪيمبرج ۾ حميده جي ڪلاس فيلو هئي ۽ ٻنهي ڪٽنبن وچ ۾ گهرا ناتا برقرار رهڻا هئا.

ٻنهي عراق ۾ ڪيتريون ئي مذهبي ۽ تاريخي جايون گهميون جن ۾ پيران پير سيد عبدالقادر جيلانيءَ جو مقبرو ۽ مسجد سان گڏوگڏ اتي جي هڪ تاريخي لائبرري پڻ شامل هئي. هنن قزوين ۾ امام موسيٰ ڪاظم ۽ محمد تقي جي مزارن تي پڻ حاضري ڀري. هنن ڪوفي ۾ حضرت عليءَ تي حملو ٿيڻ واري مسجد ۽ نجف ۾ سندس مقبري جي پڻ زيارت ڪئي. هنن هڪ ڏينهن ۾ چار سئو ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري ڪربلا ۾ امام حسين ۽ ٻين جي مزارن تي پڻ حاضري ڀري. کهڙي صاحب ۽ سندس گهر واريءَ آڳاٽي مسيوپوٽيمائي راڄڌاني بيبلون، سمارا ۾ عباسين جي يادگارن سان گڏوگڏ امام مهديءَ جي گمشدگيءَ سان لاڳاپيل غار جو به چڪر هنيو. کهڙا انهن تاريخي ماڳن کي پنهنجي اکين سان ڏسندي دنگ رهجي ويا هئا جن مان اڪثر ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي اجتمائي لوڪ داستانن ۽ تاريخي اثاثي جو حصو هئا.

هنن الگيلاني ڪٽنب سميت عراق جي ڪيترن ئي معتبر ڪٽنبن سان ملاقاتون ڪيون ۽ ساڻن دوستيون رکيون. هنن بغداد شهر جي وچ ۾ دجلا نديءَ جي ڪپ تي مستنفر گهٽيءَ ۾ پنهنجي اباڻي گهر ۾ ٿانيڪو گيلاني ڪٽنب جي چڱي مڙس السيد يوسف وٽ به پير گهمايا. هنن سندس ننڍي ڀآءٌ ۽ پاڪستان ۾ عراق جي تاحيات سفير سيد عبدالقادر سان گڏ رات جي ماني پڻ کاڌي. هو ڀاڳ وارا هئا جو جولاءِ 1958  ع ۾ ٿيل بغاوت ۽ ان کان پوءِ پئدا ٿيل ڏڦيڙ کان اڳ سڪون ۽ استحڪام واري عرصي دوران بغداد گهمي سگهيا. 5 1  اپريل تي پي آءِ اي جي هڪ جهاز وسيلي ڪراچي واپس موٽندي هو پندرهن ڏينهن تائين مذهب ۽ تاريخ جي گاڏڙ سير جون يادون پاڻ سان گڏ آڻي رهيا هئا.

حج ۽ زيارتن کان واپسيءَ تي کهڙي صاحب جي دوستن سندس مان ۾  ڪراچيءَ ۾ آجياڻو ڏيڻ جو سوچيو. فريئر هال جي باغ ۾ ٿيل انهيءَ دعوت ۾ سڄي سنڌ مان سندس دوست ۽ گهڻگهرا ڪهي آيا جن آڏو هن پهنجي ڀلي پار واري سفر جا حال ونڊيا.

مارشل لا اختيارين 1958  ع کان وٺي ان صورتحال کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ٿي ڪيو جنهن ۾ قومن کي پنهنجي مقصدن جي سولي حاصلات لاءِ اڳيئي ون يونٽ جي نالي تي ختم ڪيو ويو هو. ڪنهن به راءِ عامه ۽ عوامي احتساب جي پرواهه نه ڪندي هنن ملڪي انتظام هلائيندي ننڍن صوبن وارن سان ائين ئي زيادتيون ڪيون ڄڻ اهي سندن مفتوح هجن. مارشل لا ائڊمنسٽريٽرن سنڌ ۾ جيڪي اڻوڻندڙ فيصلا ڪيا تن ۾ زون بي (لاڙ) جي ائڊمنسٽريٽر جنرل ٽڪا خان جو اهو فيصلو به شامل هو جنهن موجب مئٽرڪ جي امتحان لاءِ هاڻ سنڌي ٻولي لازمي شرط نه هئي. ان فيصلي هڪ ئي ڌڪ ۾ ٻوليءَ جي حيثيت ختم ڪئي ۽ ان جي سنڌ ۾ رهندڙ ٻين ننڍن نسلي گروهن جي ختم ٿيڻ واري عمل جي هڪ اوزار طور اهميت ختم ڪئي.

نئين حڪمران ٽولي 1955  ع ۾ مرڪزي حڪومت طرفان ڪيل ان واعدي جي به پوئواري نه ڪئي ته ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي لاڙ ۽ اتر جي بيراج اسڪيمن سبب پوک لائق بڻجندڙ زمينون مناسب اگهن تي مقامي آبادگارن کي ڏنيون وينديون. ان بدران انهن زمينن جو گهڻو تڻو حصو سول ۽ فوجي ڪامورن کي ڀڳڙن مٺ تي ڏنو ويو، اهو هر ڪنهن ڄاتو ٿي ته حاڪم جڏهن به ڪنهن سان خوش ٿي ٿيا ته انعام اڪرام طور ان کي سنڌ ۾ زمين ٿي ڏنائون. ساڳيءَ ريت 1955 ع ۾ ڪيل انهيءَ واعدي ته هيٺيون نوڪريون ترجيحي بنيادن تي مقامي ماڻهن کي ڏنيون وينديون، کي به نظر انداز ڪيو ويو. ۽ ڪلرڪي ۽ پٽيواليءَ لاءِ به صوبي کان ٻاهران ماڻهو آندا ويا. اها ڪڌي ريت اختيار ڪئي وئي ته جيئن ته پنهنجي ”اڪثر آفيسرن جو تعلق سنڌ سان نه هو تنهن ڪري هنن پنهنجي هٿ وس نوڪرين تي پنهنجي ”گرائين“ (ڳوٺائي) کي ٿي لڳايو.“ ساڳئي وقت صوبي ۾ ترقياتي ڪم ٺپ ٿي ويو. مسئلي ان ڪري به ڳنڀيرتا جو روپ ڌاريو جو ماڻهن ۽ حاڪمن وچ ۾ ڪو ڳانڍاپو/ رابطو نه هو. ايوبي حڪومت ۾ واحد سنڌي وزير ڀٽو هو جيڪو پنهنجي ذاتي ڪيريئر ٺاهڻ ۾ ايڏو رڌل هو جو ٻين معاملن تي ڌيان ئي نه ٿي ڏنائين.

کهڙي صاحب کي انهن حالتن تي تمام گهڻي ڳڻتي هئي. هن اولهه پاڪستان صوبي ۾ سنڌ جي شموليت واريون ڳالهيون ٻولهيون هلايون هيون ۽ جيتوڻيڪ فوجي آمريت مڙهڻ سبب صورتحال ۾ بنيادي تبديليون اچي چڪيون هيون پر کهڙي صاحب محسوس ٿي ڪيو ته سنڌين سان ڪيل واعدا پاڙڻ لاءِ ايوبي حڪومت کي راضي ڪرڻ واسطي کيس پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان ريت سنڌ جي پراڻي قيادت صورتحال جي ازالي لاءِ پنهنجي وس ۽ وت آهر ڪوشش ڪئي. کهڙي صاحب جو گهڻو تڻو ڌيان ان تي هو ته عوامي مفادن خلاف ٿيندڙ هر قدم خلاف مناسب احتجاج درج ڪرائجي. هن انهن مامرن تي ڪرڙي نظر ٿي رکي جن خاص طور تي سنڌ جي ڀلائيءَ کي متاثر ٿي ڪيو. جيئن اولهه پاڪستان جو تڏهوڪو تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي روايتي انداز ۾ ڄاڻائي ٿو:

”ايوب ڪانئر هو ..... هن کي رڦڻي اچي لڳي جو کهڙي صاحب ايوب خان جي تعليمي پاليسي ۽ ٽڪا خان جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضيءَ سان ڪيل اڍنگي ورتآءٌ ۽ ٽڪا خان جي سنڌي ٻوليءَ کي مناسب اهميت نه ڏيڻ تي ڪيترائي بيان جاري ڪيا. کهڙي صاحب ان حوالي سان ايوب خان کي ڪيترين ئي راتين جا اوجاڳا ۽ ڀيانڪ خواب ڏنا. ون يونٽ مخالف هنگامو اڳيئي زورن تي هو، مٿان کهڙي صاحب، حيدربخش جتوئي، جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جا اهي بيان ايوب ۽ سندس ساٿارين لاءِ اخلاقي سياسي طور تي پريشان ڪُن هئا.“

جڏهن ڊسمبر 1966  ع ۾ ايبڊو واريون پابنديون لاٿيون ويون ۽ هو بيان جاري ڪرڻ کان وڌيڪ ڪجهه ڪري پئي سگهيو ته کهڙي صاحب آئين ۾ ترميم ۽ صوبن جي انهن جي اڳوڻي حيثيت تي بحاليءَ واسطي ون يونٽ مخالف محاذ جي سرواڻي ڪئي.

پر فوجي آمريت جي ڪن تي ڄڻ جونءَ به نه ٿي سري. فوجي قيادت ايترو ته ڦونڊيل هئي جو 1968  ع ۾ ايوب خان پنهنجي ”سڌارن جو ڏهاڪو“ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. سرڪاري پروپيگنڊا ته ڪنن جا پڙدا ٿي  ڦاڙيا پر اصل ۾ ان جو لڪل ابتڙ اثر ٿيو. ڊگهي فوجي آمريت کان تنگ آيل عوام کي ان خلاف پنهنجي اظهار جو ڪو بهانو ٿي کپيو:

”ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه آيو ته ملڪ اوچتو ڪهڙي ريت هنگامن جو شڪار ٿيو جيڪي جنوري 1969 ع ۾ سڄي ملڪ ۾ جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي ويا.“

ايوب خان جي اندرين همراهن مان هڪ گوهر ايوب چوي ٿو:

”ڇا سندس سرشتي خلاف وڌندڙ عوامي دٻآءٌ ڏسندي ايوب خان جا سرگرم حمايتي منجهائن هٿ ڪڍي ويا؟ ڇا اهو سياسي گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري دور جو فطري نتيجو هو؟ ڇا اها هٿياربند فوجن طرفان ڪجهه سياستدانن سان گڏجي سٽيل سازش هئي يا ڇا آمريڪي سي آءِ اي ايوب خان جي زوال لاءِ ذميوار هئي؟ ان دور بابت ايندڙ ڏينهن ۾ اڀياس ڪندڙ عالمن ۽ دانشورن وانگر ايوب خان پڻ انهن سوالن ۾ وڪوڙيل هو؟“

بهرحال ڪجهه مهينن اندر پنهنجي حڪومت وانگر ايوب خان به بيمار ٿي پيو. سندس حڪومت ايتري ته بيمار هئي جو تقريبا مڪمل طور تي ڊهي پئي. فيبروري1969 ع ۾ هڪ ٻئي فوجي جنرل يحيٰ خان چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر طور ايوب خان جي ڪرسي سنڀالي. يحيٰ خان اعلان ڪيو ته نئين آئين جي ضرورت آهي ۽ اهو ته عام چونڊون ڪرايون وينديون. 8 2  جولاءِ تي قوم کي پنهنجي ٻئي وڏي خطاب ۾ يحيٰ خان چيو ته سندس ذهن آئيني معاملن تي اڃان تائين کليل آهي، جيتوڻيڪ هو اوستائين 1956  ع وارو آئين بحال ڪرڻ تي ويچاري رهيو هو:

”آئيني مامري تي ڪجهه سمجهن ٿا ته 1956  ع وارو آئين ئي واحد جواب آهي. جڏهن ته ٻيا ان جا ايترائي مخالف آهن. ڪي چون ٿا ته چونڊون آباديءَ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجن ته ڪي وري برابريءَ وارو اصول برقرار رکڻ جي فرمائش ڪن ٿا.

(ون يونٽ واري معاملي تي موقف ورهايل آهي. اهو به نقطي نظر آهي ته تمام ٿورڙين انتظامي ضرورتن کان سواءِ اولهه پاڪستان جي ون يونٽ واري حيثيت ۾ ڦير گهير ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. ڪجهه حلقن ۾ اهو سخت احساس آهي ته ون يونٽ ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳو ناهي ۽ اولهه پاڪستان کي ون يونٽ کان اڳ واري حيثيت تي موٽايو وڃي.- ليکڪا جو نوٽ)

ان کان سواءِ اڀرندي ڀاڱي وارن اسان جي ڀائرن جو اٿاريل خود مختياريءَ وارو سوال به آهي.“

اهو ٿي لڳو ته آخرڪار فوجي نوڪر شاهاڻي راڄ کي پنهنجي راهه جي ڏکيائين ۽ ڳنڀيرتائن جو احساس ٿيڻ لڳو هو.

کهڙي صاحب باوقار طريقي سان رد عمل ظاهر ڪيو. کيس ان بابت ڪو شڪ شبهو نه هو ته گذريل هڪ ڏهاڪي دوران هلندڙ فوجي راڄ پاڪستاني تاريخ جو هڪ اونداهو باب هو ۽ جمهوري وهنوار معاملن کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنئين دڳ سان لڳائيندا. هو ان موقف جو هو ته فوجي راڄ هڪ بدسنوڻ هو جنهن کي اهڙي ريت ئي ڦڙتيءَ سان مٽائي سگهجي ٿو جيئن برطانوي راڄ کي ختم ڪيو ويو. اها بلاشڪ ذاتي سگهه هئي پر ان وقت واري ڳنڀير صورتحال جو انتهائي گهٽ ادراڪ ثابت ٿيڻو هو. هو ڪڏهن به ايستائين جو پڇاڙيءَ تائين به عمل ۾ جنبيل اونداهي مفاد پرست قوتن جو ادراڪ نه ڪري سگهيو. هو سدائين دور رس نگاهه رکندڙ هو ته اڻٽر طور تي سنڌ واسي اهڙي ريت ئي اثر انداز ٿيندا جيئن آدجڳاد کان هلندا پئي آيا ۽ اهو به ته سندن اڳواڻ کين اوڏي مهل ڌڪ نه ڪڍندا جڏهن سندن مفاد ۽ ڀلائي جوکم تي هجن. هاڻ ماڻهو سياسي ٻوسٽ جي سالن مان نڪرڻ واسطي پتوڙي رهيا هئا. کهڙي صاحب کي قطعي ڪا حيرت نه هئي، هنن حڪمران طبقي طرفان عام ماڻهن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪرڻ وارن تڪبر سان ڀريل ۽ عوام دشمن فيصلن جي عوام تي پوندڙ اثرن جو انتهائي ويجهي کان مشاهدو ڪيو هو. سندس اندازو هو ته ڏهن سالن واري فوجي آمريت پاڪستان ۾ اهڙا مسئلا پئدا ڪيا آهن جيڪي حل ڪرڻ ناممڪن نه ته به ڏکيا ضرور هوندا. هن ڄاتو ٿي ته انهن مان سڀ کان اهم سنڌ، بلوچستان ۽ اوڀر پاڪستان جهڙن صوبن ۾ جن جي هٿياربند فوجن ۾ نه هئڻ جيتري ۽ ڪاموراشاهيءَ ۾ تمام ٿورڙي نمائندگي هئي، لاتعلقي ۽ نظراندازيءَ وارا احساس هئا. کهڙي صاحب ڏٺو ٿي ته فوجي راڄ انهن صوبن جي رهواسين کي ملڪي معاملن ۾ شرڪت واري احساس ۽ آزاديءَ جي ان احساس کان محروم ڪري رکيو آهي جنهن جي پاڪستان جي آزاديءَ سان اميد لڳائي وئي هئي. محرومي ۽ معاشي طور تي نظر انداز ڪرڻ وارو احساس خاص  طور تي اوڀر پاڪستان جي رهواسين ۾ تمام گهڻو واسو ڪري ويو هو. کهڙي صاحب کي ان جو پنهنجي سر اندازو هو ۽ هو پنهنجي سر درست سمجهه ۾ ايندڙ موقف تي پتوڙڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار هو.

کهڙي صاحب ڄاتو ته سياسي پارٽين کي جيڪي فاطمہ جناح وارين چونڊن کان پوءِ عملي طور تي بي عمل هيون، نئين سر منظم ڪرڻ ۽ ٻيهر سرگرم ڪرڻ جي فوري ضرورت هئي. سندس پهرين ترجيح ان کي درست دڳ لائي سياسي سرگرمي جاري رکڻ هئي. هن ڄڻ ته تسليم ڪيو ته مسلم ليگ ۾ ڏڦيڙ ختم ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ ملڪي سطح تي هڪ مضبوط جماعت ٺاهڻ لاءِ موجود ٽنهي گروپن جي انضمام جي ضرورت هئي. ان مسئلي تي ويچارڻ لاءِ هن هڪ گڏجاڻي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو.

3 1  جولاءِ 1969  ع تي کهڙي صاحب سنڌ جي اڳواڻن خاص طور تي مسلم ليگ سان تعلق رکندڙن جو هڪ نمائنده اجلاس ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر تي گهرايو ته جيئن ٻي مارشل لا لڳڻ جي نتيجي ۾ پئدا ٿيندڙ صورتحال تي ويچاري سگهجي. گڏجاڻي ون يونٽ ختم ڪرڻ سميت تيرهن ٺهرآءٌ پيش ڪيا. ٺهرآءٌ موجب نوان صوبا جوڙي رياست، سرحدي علائقن وغيره کي چئن صوبن ۾ شامل ڪيو وڃي. انهن ٺهندڙن صوبن ۾ اڳوڻي سنڌ (خيرپور رياست سميت)، بلوچستان، پنجاب (بهاولپور سميت) ۽ سرحد صوبو (پسگردائي وارين رياستن ۽ قبائلي علائقن سميت) هئڻ گهرجي. گڏجاڻيءَ مستقبل جي چئني صوبن جي مٿانهين ايوان ۾ هڪ جيتري نمائندگي ۽ پاڪستان جي هڪ گڏيل ملڪ طور يڪجهتيءَ جي اظهار واسطي اولهه پاڪستان ۾ واپڊا ۽ مواصلات جو انتظام مرڪزي حڪومت کي سونپڻ جو به مطالبو ڪيو.

کهڙو صاحب ان کان ڀلي ڀت واقف هو ته جمهوريت جي بحاليءَ واري مامري سان ايماندار هئڻ ناتي سياسي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجي صفن ۾ ڏڦيڙ کان بچڻ جي ضرورت آهي.

”سنڌ جي اڳواڻن واري گڏجاڻي ان موقف جي هئي ته ٽنهي ليگن کي هڪ گڏيل پليٽ فارم تي آندو وڃي. جيڪڏهن اها ڪوشش ناڪام ٿي ته کهڙي صاحب جو چوڻ هو ته سنڌ سان تعلق رکندڙ سياستدان هڪ اهڙي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيندا جنهن جو پروگرام مستقبل ۾ چونڊن ۽ مستقبل ۾ حڪومت جي طريقيڪار واسطي سمورا شرط مڃيندي.

جيڪڏهن اهو ممڪن نه هوندو ته اسين سنڌ زون سان تعلق رکندڙ ڪوشش ڪنداسين ته اولهه پاڪستان ۾ بلوچستان ۽ سرحد صوبي سان گڏجي هڪ پارٽي ٺاهيون ۽ هڪ سهمتي پروگرام تي اوڀر پاڪستان جي اهم پارٽين سان اتحاد ڪريون.“

اهو کهڙي صاحب جو بهترين اظهار هو. ڏهه سال سياسي سرگرمين کان ڪنڊائتو هئڻ جي باوجود هو 9 6  سالن جي ڄمار ۾ به اڃان تائين ساڳي ريت فيصلي ڪُن ۽ سڀ کان اڳڀرو هو. جهڙو ٽيهه سال اڳ بمبئي پريزيڊنسيءَ کان سنڌ جي عليحدگيءَ لاءِ پتوڙيائين ۽ 1945ع ۾ آزاديءَ جي نتيجي ۾ غير معمولي مسئلن کي منهن ڏيندي مظاهرو ڪيو هئائين. هو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي بهترين وِٿ جو مظاهرو ڪري رهيو هو، يعني سنڌ ۽ پاڪستان جي واسطيدار ماڻهن جي اصل معاملن تي سرواڻي ڪرڻ ته جيئن پنهنجي حقن ۽ آزاديءَ لاءِ سندس ورهين تائين هلندڙ جدوجهد جو ثمر ملي سگهي. هو عوامي مرضيءَ ڏي انتهائي حساس رويو رکندڙ هو ۽ سندس عملن هڪ ڏهاڪي تائين هلندڙ فوجي راڄ سبب ٿيندڙ ڏاڍاين ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ ولوڙ جو اظهار ٿي ڪيو ۽ پهرين مثال طور هو شاندار اندازي ۾ سوڀارو ٿيو. سندس جولاءِ واري گڏجاڻيءَ جي چئن مهينن اندر 4 1  ڊسمبر 1969 ع تي يحيٰ خان اعلان ڪيو ته ون يونٽ ختم ڪيو ويندو ۽ ننڍن صوبن کي چونڊن کان اڳ بحال ڪيو ويندو.

کهڙي صاحب هڪدم ڄاتو ته ان اعلان جو مطلب آهي ته سنڌ متحده محاذ جي چونڊن واري پڌرنامي مان هڪ اهم نڪتو خارج ٿي ويو آهي. ٻيهر هن هڪدم رد عمل ظاهر ڪيو ۽ صدر جي اعلان سان پئدا ٿيندڙ صورتحال تي ويچارڻ لاءِ ڪراچيءَ واري پنهنجي گهر تي 0 2  ڊسمبر تي هڪ گڏجاڻي گهرايائين. سندس دعوت نامي واضح ٿي ڪيو ته تيزيءَ سان بدلجندڙ صورتحال هم خيال سياستدانن جي هڪ گڏيل گڏجاڻيءَ جي متقاضي آهي ته جيئن سندن ڪنهن جماعت ۾ شموليت بابت ڪو فيصلو ڪري سگهجي. ڪجهه گڏجاڻين کان پوءِ 10 جنوريءَ 1970ع  تي هو ڪائونسل مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ واري فيصلي بابت گڏيل بيان جاري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.*  کهڙي صاحب ڀٽي جي پيپلز پارٽي سان ڪنهن به قسم جي گڏيل عمل کي امڪانن کان خارج قرار ڏنو. ”ڇاڪاڻ جو (سندن) اهي بحث هلندي کهڙي صاحب هڪ به پل ضايع نه ڪرڻ ۽ ون يونٽ جي خاتمي کان پوءِ سنڌ جي مفادن جو ڀرپور تحفظ ڪرڻ واسطي سنڌ متحده محاذ لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي. گڏجاڻي انهن مامرن تي ڪيترائي ٺهرآءٌ بحال ڪيا جن بابت کهڙي صاحب محسوس ٿي ڪيو ته ون يونٽ جي ٽٽڻ کي آڏو رکندي هڪدم ويچار هيٺ آندا وڃن. ٺهرائن وسيلي بالغ راءِ دهيءَ جي بنياد تي چونڊن واري فيصلي جي آجيان ڪندي اولهه پاڪستان صوبي جي خاتمي لاءِ کڄندڙ گهربل قدمن جي ڳالهه ڪئي وئي:

”هيءَ ڪائونسل صدر آغا محمد يحيٰ خان تي ون يونٽ جي خاتمي سان ٺهندڙ صوبن جي اثاثن ۽ قرضن/ادائيگين جو تعين ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ لاءِ اپآءٌ وٺڻ لاءِ زور ٿي ڀري.

سنڌ واسين کي خدشو آهي ته جيستائين سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن سان واسطو رکندڙن کي ان ڪميٽيءَ ۾ شامل نه ڪيو ويندو، تيستائين انهن صوبن سان انصاف ٿيڻ ممڪن ناهي. انهيءَ انتهائي اهم ڪميٽي ۽ گڏوگڏ انهن نون جڙندڙ صوبن جي انتظاميا جي ايندڙ جوڙجڪ بابت ڪميٽيءَ ۾ پڻ تجربيڪار غير سرڪاري ماڻهن کي به شامل ڪيو ويو.“

کهڙي صاحب کي اهو به احساس ٿيو ته ڪراچيءَ جي مستقبل بابت سوال پڻ اٿندو، جيڪا هاڻ وفاقي راڄڌاني نه رهي هئي ۽ ان کي اولهه پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو هو. کيس اميد هئي ته ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جو حصو بڻجي پر هن ڄاتو ٿي ته اهڙو فيصلو خود ڪراچيءَ جا رهواسي ڪن. ٺهرآءٌ نمبر -3  ان مسئلي بابت هو:

”هيءَ ڪائونسل پاڪستان جي صدر تي زور ٿي ڀري ته نون صوبن جون سرحدون واضح ڪندي ڪراچي- واسين جي خواهش جو به احترام ڪن ته هو سنڌ صوبي ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا يا ڌار صوبي طور رهڻ کي ترجيح ڏيندا؟ هيءَ ڪائونسل بهر صورت ڪراچيءَ جي سنڌ ۾ شموليت جي حمايتي آهي. ڇاڪاڻ جو جون 1948  ع تائين ڪراچي تاريخي طور تي سنڌ جو حصو رهي آهي. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار فقط مرڪزي راڄڌاني بنائڻ لاءِ ڪيو ويو هو، پر هاڻ جو راڄڌاني اسلام آباد منتقل ٿي چڪي آهي، ڪراچيءَ کي سنڌ ۾ شامل نه ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي. لاڙڪاڻي ضلعي ڪائونسل جي موقف موجب اهو عمل ڪراچي ۽ سنڌ ٻنهي لاءِ لاڀائتو ٿيندو.“

جڏهن ڪراچيءَ کي عملي طور تي سنڌ کي موٽائي ڏنو ويو ته کهڙي صاحب انتهائي اطمينان محسوس ڪيو ته جنهن فيصلي کي هن ٻه ڏهاڪا اڳ جمهوريت ۽ انصاف سان ٽڪرآءٌ ۾ ايندڙ ٿي ليکيو، هن پنهنجي اکين سان بدلجندي ٿي ڏٺو. شهر وڌي چڪو هو، ان جو آبادياتي نقشو بدلجي چڪو هو پر پوءِ به اهو اهڙو راڄڌاني وارو شهر هو جنهن تي سنڌ کي فخر هو ۽ جنهن کي سنڌ واسين پنهنجي تاريخي صوبن جو اڻ ٽٽ حصو ٿي سمجهيو. سنڌين لاءِ اها به انتهائي اطمينان جوڳي ڳالهه هئي ته ڪراچيءَ جي نون شهرين تاريخي سنڌ جي بحاليءَ ۾ سندن ساٿ ڏيڻ کي ترجيح ڏني هئي.

صدر جي ان اعلان سان ته ”اولهه پاڪستان کي ون يونٽ کان اڳ واري حيثيت تي هر ممڪن حد تائين بحال ڪيو ويندو.“ سنڌين پنهنجي ذهنن ۽ ڪم کي منظم انداز ۾ لڳائڻ جي وري ضرورت ٿي محسوس ڪئي. فيبروري 1970  ع ۾ سيد کي لکندي کهڙي صاحب واضح ڪيو ته سيد جي صدارت واري سنڌ متحده محاذ کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ لاءِ قاعدن قانونن جو ضابطو ۽ عزت ضروري هئا. کهڙي صاحب کي سيد طرفان محاذ جي گڏجاڻين کي بي ضابطگيءَ واري طريقي سان هلائڻ ۽ هر ڪنهن کي ورڪنگ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻين ۾ ويهارڻ، ڪنهن اڳواٽ نوٽيس کان سواءِ ٺهرآءٌ پيش ڪرڻ ۽ گڏجاڻين جي ڪاروائي ڪنهن طئي ٿيل ايجنڊا کان پوءِ هلائڻ تي اچرج هو. هن سيد کي رٿ ڏني ته معاملن جي انهيءَ انداز کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي.

”وقت اچي ويو آهي ته سنڌ متحده محاذ جي تنظيم کي مناسب شڪل ڏيو. اوهان ته ڄاڻو ٿا ته سڄي سنڌ مان پنهنجن ڪجهه دوستن کي ئي گهرائي کين ورڪنگ ڪميٽي سڏيندي هيءَ تنظيم قائم ڪئي اٿوَ.

هر سياسي تنظيم لاءِ پهرين ڳوٺن ۾ ۽ پوءِ ضلعن ۽ صوبائي ادارن ۾ ميمبر سازي ڪئي ويندي آهي. ورڪنگ ڪميٽي صوبائي ڪائونسل جي ميمبرن مان چونڊي ويندي آهي. سنڌ متحده محاذ ۾ اهي هيٺيان ادارا وجود ئي نه ٿا رکن. محاذ ۾ فقط اهو ئي آهي ته ذاتي تعلق جي بنياد تي هتان هُتان جي ماڻهن جو ميڙاڪو ڪٺو ڪيو ويو آهي. اهڙي وهنوار کي ڪنهن به ريت هڪ مڪمل سياسي جماعت نه ٿو ليکي سگهجي. بهرحال ان لاءِ اوهان تي به ڏوهه نه ٿو ڏئي سگهجي جو اڃان گذريل جولاءِ ۾ ئي جمهوريت جي بحاليءَ جو ڪرڻو نظر اچڻ تي محاذ جوڙيو ويو آهي ۽ ان جي چئن مهينن اندر ئي صدر يحيٰ خان اولهه پاڪستان ۾ ون يونٽ جي خاتمي واري پنهنجي فيصلي جو اعلان ڪيو. ان ڪري فطري طور تي اوهان کي سياسي جماعت منظم ڪرڻ جو وقت ئي نه ملي سگهيو آهي. هاڻ انهيءَ اعلان کان پوءِ ان تنظيم جو گهڻي ڀاڱي مقصد حاصل ٿي ويو آهي ۽ ان ڪري ان جو اثر رسوخ تمام گهڻو محدود ليکيو ويندو.

هيءُ خط لکڻ جو مقصد اهو اٿم ته جيستائين ان تنظيم کي سڄي سنڌ ۾ مقبول ڪجي ۽ ان کي مضبوط بنياد مهيا ڪجن گهٽ ۾ گهٽ ان جو آئين ۽ ضابطا مناسب انداز ۾ جوڙيل گاڏڙ ساڏڙ قسم جي ورڪنگ ڪميٽيءَ کي نئين سر منظم ڪندي سنڌ جي سمورن ضلعن ۽ وڏن شهرن جي نمائندگيءَ کي يقيني بڻايو وڃي. منهنجي رٿ آهي ته هر ضلعي مان ٻه ميمبر کڻجن. حيدرآباد شهر لاءِ ٻه ۽ ميرپور خاص، نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻي لاءِ هڪ هڪ سيٽ هجي. اهي ڪُل 6 2  ميمبر ٿين ٿا ۽ ٿي سگهي ٿو ته چار ميمبريون ناليوارن شاگرد اڳواڻن يا ليکڪن ۽ شاعرن کي ڏنيون وڃن. ان ريت صدر ۽ سيڪريٽريءَ کان سواءِ ڪُل تعداد ٽيهه ٿو بڻجي.“

”ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي فهرست با اعتماد دوستن سان صلاح مشوري کان پوءِ ٺاهي وڃي ۽ بعد ۾ هرهڪ جي ڄاڻ لاءِ شايع ڪرائي وڃي. هن مهل تائين جن به گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيو آهيان تن ۾ هر ڀيري ڪي نوان چهرا ٿا نظر اچن جن مان اڪثر ته ڪڏهن به سنڌ جي سياست ۾ نه رهيا آهن ۽ سندن ڪا شخصي اهميت به ناهي. مناسب اهو ئي آهي ته اسان کي اڳواٽ ئي پتو هجي ته محاذ جي ڪميٽيءَ جا ڪهڙا ميمبر آهن جن سان گڏجاڻين ۾ واسطو پئجي سگهي ٿو.

مون کي دير سان پتو لڳو ته اوهان محاذ جي ميمبرن ۾ ورهائڻ کانسواءِ ٺهرائن جي روپ ۾ انتهائي تڪراري معاملا سامهون آندا آهن. ان گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ همراهن مان ڪيترن مونجهارو ۽ مايوسي پکيڙي آهي. شايد ڪي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي تنظيم ۾ تعطل پئدا ڪرڻ جو مقصد رکن ٿا ۽ جن وٽ محاذ جي مقصدن جي واڌ ويجهه لاءِ ڪابه پرخلوص ۽ ايمانداراڻي ولوڙ ناهي.“

اها اڻ ٿيڻي هئي ته ڪو سيد پنهنجو طريقي ڪار تبديل ڪري پر کهڙي صاحب چاهيو ٿي ته سنڌ متحده محاذ پنهنجا مقصد چٽيءَ طرح واضح ڪري ۽ انتهائي ڌيان سان تيار ڪيل لاڳاپيل منشور تحت چونڊون وڙهي. ان ڏس ۾ هن ورڪنگ ڪميٽيءَ کان هڪ ٺهراءَ بحال ڪرائي منشور ٺاهڻ واسطي پنهنجي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙائي. هن ڪميٽيءَ جي ميمبري قبوليندي سيد کي لکيو:

”اڄوڪين اخبارن ۾ گذريل ڏينهن منظور ڪيل محاذ جي هڪ ٺهرآءٌ پٽاندڙ تنظيم جو آئين ۽ منشور وغيره تيار ڪرڻ واسطي ستن ڄڻن تي ٻڌل ڪميٽيءَ جوڙڻ بابت ڪا خبر نظر نه آئي اٿم. جيستائين مون کي ياد ٿو پوي، اهي ست ڄڻا آءٌ، شيخ عبدالمجيد، پير علي محمد راشدي، غلام حيدر شاهه، پيرزادو عبدالستار ۽ آغا غلام نبي هئا. مهرباني ڪري اهو اخبارن لاءِ جاري ڪريو ۽ مون ڏانهن هڪ نقل اماڻيو. آءٌ هلندڙ مهيني جي ڏهين ۽ يارهين تاريخ گڏجاڻي گهرائڻ لاءِ رٿيان ٿو ته جيئن جلدي ڪم مڪمل ڪري ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ايندڙ اجلاس آڏو منطوريءَ لاءِ پيش ڪري سگهون.“

ون يونٽ مخالف نعري جي بي اثر ٿي وڃڻ ڪري هڪ واسطيدار ۽ عوامي مقبوليت رکندڙ منشور جي فوري ضرورت هئي. کهڙي صاحب چاهيو ٿي ته سنڌ متحده محاذ ون يونٽ ختم ٿيڻ جي نتيجي ۾ پئدا ٿيندڙ مسئلن ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي مفادن جي تحفظ بابت پنهنجي پروگرام جو ڀرپور اظهار ڪري:

”ون يونٽ ختم ڪرڻ جي نتيجي ۾ پئدا ٿيندڙ معاملن جهڙوڪ سنڌ صوبي جي سرحدن، ڪراچيءَ جي سنڌ سان ٻيهر شامل ٿيڻ واري سوال، صوبي جي اثاثن ۽ بقايائن، ريلوي، واپڊا، اولهه پاڪستان جي صنعتي ترقياتي ڪارپوريشن ۽ زرعي ترقياتي ڪارپوريش وغيره کي منهن ڏئي سگهجي.“

کهڙي صاحب چاهيو ٿي ته ان ڪري سنڌ متحده محاذ کي هاڻ فقط سنڌ جي هڪ جماعت طور ڪم ڪرڻ گهرجي.

”جي ايم سيد ۽ ٻين سمورن کي هن مهل ڪنهن به سياسي جماعت سان وابستگي/ همدردي رکندڙ سمورن ماڻهن کي سنڌ جي مفادن جي تحفظ لاءِ هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪوششون ڪرڻ گهرجن. پاڪستان سطح جي معاملن ۾ هو پنهنجي پنهنجي جماعتن ذريعي سرگرميون ڪن.“

سيد بهر صورت صوبي جي اثاثن ۽ ادائگين ۽ معيشيت ۾ ڪابه دلچسپي نه ٿي رکي ۽ هڪ وسيع تر اتحاد جي ڪوشش لاءِ عوامي ليگ جي صدر شيخ مجيب الرحمان سان ڳالهين واسطي ڍاڪا روانو ٿي ويو. کهڙي صاحب ڄاتو ٿي ته اڃان تائين ڪنٽرول رکندڙ فوجي قيادت ۽ پنجاب جي اڻوڻندڙ  ڳالهه طور سيد جو اهو عمل ڪو گهڻو لاڀائتو نه هو. اقتدار سولائي سان چونڊيل عيوضين کي سپرد ٿيڻ واري مفاد کي سامهون رکندي پاڪستان حڪومت جي ڪبوترن آڏو ٻلي ڇڏڻ نه گهربي هئي. کهڙي صاحب سيد کي 6  نڪتا نه قبولڻ جو چتآءٌ ڏنو هو، جن سموري جمهوري وهنوار کي ڌونڌاڙي پئي سگهيو.

هن ڄاتو ٿي ته حالتن پٽاندڙ اٻهرائيءَ کان ڪم نه وٺڻ گهرجي. هن سيد کي سنڌ متحده محاذ جي يڪرائپ واري پروگرام جي يادگيري ڏياري.

”سندس (جي ايم سيد) رهائش گاهه تي منظور ڪيل 0 1  آگسٽ 1969  ع واري ٺهرآءٌ ۾ ڇهن نڪتن جو ڪوبه ذڪر ناهي. ان مرڪز ۾ وفاقي طرز جي حڪومت جي ڳالهه ڪئي آهي. جنهن ۾ هيٺين ايوان ۾ آباديءَ جي لحاظ کان ۽ مٿئين ايوان ۾ سمورن وفاقي يونٽن جي هڪجيتري نمائندگيءَ جي ڳالهه ٿيل آهي. اهو ٺهرآءٌ ڌار ڪرنسي، سمورن ٽيڪسن جا اختيار صوبن کي ڏيڻ يا ڌار پرڏيهي واپار جي حمايت نه ٿو ڪري.“

کهڙي صاحب ڄاتو ۽ محسوس ٿي ڪيو ته انتهائي خبرداريءَ سان هلڻ جي ضرورت هئي. فوجي جنتا ٿڪيل ٿي لڳي ۽ ان ملڪ ۾ عمومي سياسي حالتون بحال ڪرڻ جا اشارا ٿي ڏنا. پر ظاهري انداز ڪوڙڪي به ٿي پئي سگهيا. فوج ڏهن سالن تائين اقتدار ۾ رهي هئي ۽ سولائي سان آڻ مڃڻ واري نه هئي. ان کان سواءِ ملڪ جي وايو منڊل تي هڪ تآءٌ ڀريل ڌماڪيدار سياسي ڇڪتاڻ واسو ڪيل هئي، جيڪا ان جي آزاديءَ کان پوءِ واري پرسڪون وجود کي ڏارڻ واري هئي.

ذوالفقار علي ڀٽي کي 1965ع  ۾ ڀارت سان بي ثمر لڙائيءَ کان پوءِ اوچتو فوجي جنتا جي وڏي شاهي عهدي تان هٽايو ويو. شروعات ۾ ته ڀٽو انتهائي پريشان ۽ روئڻهارڪو هو ۽ پنهنجي هر ملاقاتيءَ کي ڏک جو اهو داستان ٿي ٻڌايائين. پر ايوب خان ساڻس انتهائي سٺو ورتآءٌ ڪندي مڪمل پگهار سان يورپ ۾ موڪلون گذارڻ جو خرچ پکو ڏنو. اتي سندس ملاقات هڪ ريٽائرڊ سفارتڪار ۽ ڏاهي جي ايم رحيم سان ٿي. ٻنهي گڏجي هڪ اميدن ڀريو منصوبو جوڙيو. سٺ وارو ڏهاڪو آمريڪا ۽ يورپ ۾ اميدن سان ٽمٽار هو. غريبن جو شاهوڪار ٿيڻ، ڌرتيءَ جو گولو بچائڻ، ڪجهه به ڪري سگهڻ، مطلب ته سڀ ڪجهه ممڪن هو. ڀٽو ۽ رحيم (ان وقت جي ٽين دنيا جي ٻين ماڻهن وانگر) انهيءَ اٿل پٿل تي سولائي سان هرکجي پيا. کهڙي صاحب اڳيئي ڄاتو ٿي ته ڀٽي جون پاڪستان جي اصل جيوت ۾ نه ڪي پاڙون هيون ۽ نه ئي هن ان بابت ڄاتو ٿي.

جي ايم رحيم، تڏهوڪي يورپي دانشوراڻي لٻاڙ اختيار ڪندي هڪ سياسي جماعت واسطي بنيادي دستاويز ۽ منشور لکيو، ڀٽو ڊسمبر 1967 ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نالي سان ان جماعت جو اعلان ڪرڻ وارو هو. 1968  ع جي سرءُ ۾ وڌندڙ بيچينيءَ تي ڀٽي هڪدم پنهنجو ردعمل ڏيکاريندي پاڻ کي هڪ عوامي اڳواڻ طور پيش ڪيو. هن گهڻي پتوڙ کان سواءِ ئي مقبوليت جي معراج ماڻي. سگهوئي ڀٽو سڄي ملڪ جو دورو ڪندي سياسي نمآءٌ جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ وارو هو. پاڪستان پيپلز پارٽي اولهه پاڪستان جي قيادت جي ساڄي ۽ کاٻي ڌرين جو انوکو ۽ غير مستحڪم ٿاڪ هو. نعري بازي، جلوسن ۽ پروپيگنڊا جهڙا اظهار پاڪستان واسين اڳي ڪڏهن به نه ڏٺا هئا. ايستائين جو پاڪستان جدوجهد جي عروج وارن ڏينهن ۾ به ماڻهن جا هشام پنهنجي اڳواڻن جون تقريرون ٻڌڻ ايندا هئا، پر ان دوران شانائتي ڳالهائڻ ۽ ڪردار جو مظاهرو ڪيو ويندو هو. ڀٽي شعوري طور تي اهڙو لهجو اختيار ڪيو جنهن عام ماڻهن کي هرکايو ۽ ڀڙڪايو ٿي. هن پنهنجو پاڻ کي تن ڏينهن ۾ مقبول سوشلسٽ اڳواڻن کان متاثر ٿيل ٿي ظاهر ڪيو. اصل ۾ سندس انداز ذاتي نمآءٌ ۽ پٺي اگهاڙي عوام سان يڪجهتيءَ جو گاڏڙ هو. کهڙي صاحب پنهنجي ديس واسين کي هنڀوڇين جي انهيءَ سيلاب جي خطرن جو چتآءٌ ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، جيڪو ماڻهن خاص طور تي پنجاب واسين کي هرکائي رهيو هو. چونڊن کان اڳ واري دور ۾ ان هسٽريائي انداز جو مشاهدو ڪندي سنڌ مسلم ليگ جي پارلياماني بورڊ چتآءٌ جاري ڪيو ته:

”سنڌ مسلم ليگ پارلياماني بورڊ پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن طرفان انتهائي توهين ڀريا ۽ غير ذميوراڻا بيان، تقريرون ۽ چڙ ڏياريندڙ سرگرمين سبب صوبي ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال تي انتهائي ڳڻتيءَ جو اظهار ٿي ڪيو. پ پ ڪارڪن هاڻوڪي حڪومت جي معتبرائي ڦٽائڻ جي مقصد سان، پر امن چونڊون ڪرائڻ سان لاڳاپيل واسطيدار قاعدن قانونن ۽ مارشل لا ريگيولريشن 6 ، 6  الف ۽ 0 6  جي کلي عام ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. ان ڪري بورڊ حڪومت تي زور ٿو ڀري ته اهڙين اڻوڻندڙ سرگرمين جي روڪٿام لاءِ جوڳا ۽ مناسب قدم کنيا وڃن ۽ مقامي عملدارن کي سختيءَ سان امن امان قائم رکڻ جي هدايت جاري ڪري.“

دراصل ڀٽي اٺن سالن تائين ايوبي آمريت ۾ وزارتن ماڻڻ دوران جاري ڪيل پنهنجي سمورن بيانن ۽ موقعن جي بلڪل ابتڙ ٿي عمل ڪيو. هاڻ هو بنيادي جمهوريتن کي غير جمهوري ۽ فراڊ سڏيندي ان تي سخت ڇوهه ڇنڊي رهيو هو. هو سدائين تاشقند ٺاهه جا راز فاش ڪرڻ جو اعلان ڪندو رهيو، پر عملي طرح ڪيائين ڪونه، اقتدار ۾ رهڻ دوران ڀارت سان هڪ هزار سالن تائين جنگ ڪرڻ واري اعلان جي ابتڙ هاڻ هن ڀارت سان مختلف رويو ٿي رکيو. هن پوئين دروازي مان چورن ذريعي ڀارتي سفارتڪارن سان ملاقات جا بندوبست ڪيا.* جڏهن به پنهنجي هاڻوڪي موقف جو ڪو جواز پيش نه ڪري سگهندو هو ته ماڻهن جي هجوم کان معافي گهرندو هو. اهو زوردار ناٽڪي انداز هو.

ايوب خان کان سواءِ ڀٽو ئي اولهه جي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل چهرو هو ۽ هن ان تي ۽ پنهنجي مخالف سياسي يا مذهبي اڳواڻن خلاف بدفضيلتو ڳالهائي پنهنجو نمآءٌ ڪندو رهيو. هن پنهنجو خاص مارو کهڙي صاحب لاءِ رکيو جنهن کي سنڌ ۽ خاص طور تي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي لاءِ خطرو ٿي سمجهيائين. ايوب خان جي فوجي راڄ ۾ اٺن سالن جي پنهنجي موجودگيءَ کي نظر انداز ڪندي هو کهڙي صاحب تي سندس سنڌ جو وڏو وزير هئڻ دوران جمهوريت کي نقصان پهچائڻ جو الزام ڌريندو رهيو.

کهڙي صاحب ڄاتو ٿي ته ڀٽو اقتدار ماڻڻ لاءِ ڪجهه به ڪري پئي سگهيو. هن کيس فوجي جنتا پاران آڇيل اقتدار ۾ حصو ماڻڻ لاءِ گهُت هڻندي پڻ ڏٺو هو. هو کيس پنهنجي پوري صلاحيت سان فوجي آمرن جي چاڪري ڪندي ڏسي چڪو هو. کيس ايوبي آمريت ۾ سڀ کان ڊگهو عرصو رهندڙ سويلين اسڪندر مرزا چونڊيو هو. هو سندس انتهائي پسنديده وزير ۽ سندس انتهائي ڀروسي وارو ايجنٽ ليکيو ويندو هو. هن سنڌ ۾ فاطمہ جناح خلاف سمورن چڱن مٺن طريقن سان ايوب جي مهم منظم ڪئي هئي. هن هڪ جماعتي رياست جي وڪالت ڪئي هئي جنهن ۾ هر سرڪاري ڪاموري کي ان پارٽيءَ جو ميمبر بنائڻو هو. کهڙو صاحب ڀٽي کي بلدياتي چونڊن ۾ ڪم ڪندي ڏسي چڪو هو جتي هن ڪنهن معمولي شرمندگيءَ کان سواءِ ئي پنهنجي ڪيل سمورن وعدن تان هٿ کنيو هو. کهڙو صاحب هاڻي عوام جي چيمپيئن طور ڀٽي جي دعوائن تي دنگ رهجي ويو هو. آمريت جي ڪُک مان جنم وٺندڙ هڪ سوشلسٽ سورمي جي دعويداري تن ڏينهن ۾ روز جو معمول بڻيل هئي. کهڙي صاحب ڀٽي جي پروگرام کي اهڙو دوکو ٿي ليکيو، جيڪو عوام کي سندن مسئلن جي حل جو جهانسو ڏئي ڪيو ٿي ويو. ڀٽي جي واڳون وارن ڳوڙهن، تمام ٿورڙي ڏاهپ ڀري ڊگهين ۽ وڏين دعوائن وارين تقريرن، پنهنجي قميص ڦاڙڻ ۽ مائوزي  تنگ جهڙي ٽوپي پائڻ، ڄڻ ان کيس انقلابي ٿي بڻايو، وارين حرڪتن کهڙي صاحب کي مڇرائي ڇڏيو هو. کهڙي صاحب ڏٺو ٿي ته سڄي ملڪ جيان لاڙڪاڻي جا سمورا لوفر به سندس چوڌاري گڏ ٿيل هئا.

پر ڀٽي کي ڪا جهل يا رڪاوٽ نه هئي. پنهنجي مهم واري دوري ۾ سندس هنڀوڇيءَ جي ڪا حد نه هئي. هن پنهنجي ذهن ۾ تصور ايندڙ هر ڪنهن تي جهلون ٿي ڪيون. جماعت اسلامي جو سربراهه مولانا مودودي ٻين مذهبي عالمن وانگر سندس حملن جو خاص نشانو بڻيل هو. ڀٽي سنڌ جي ٻن بزرگ اڳواڻن جي ايم سيد ۽ کهڙي صاحب خلاف بدزبانيءَ جو مظاهرو ڪري سخت ڇوهه ٿي ڇنڊيا. کهڙي صاحب ٻيهر محسوس ڪيو ته بدتميزيءَ جي انهيءَ طوفان کي ٻنڌ ڏيڻ جي ضرورت هئي. هن اخبارن کي هڪ بيان جاري ڪري ڀٽي طرفان عمومي چونڊ مهم جي اصولن جي ابتڙ ورتآءٌ اختيار ڪرڻ جي نشاندهي ڪئي:

ائين ٿو لڳي ته صدر طرفان تازو ئي لاڳو ڪيل مارشل لا آرڊيننس نمبر 0 6  مئل حڪم آهي جو ان تي عمل ئي نه پيو ڪيو وڃي.“

کهڙي صاحب عوام کي ملڪ لاءِ پنهنجي خدمتن ۽ گڏوگڏ ڀٽي جي حملن جو شڪار بڻيل جي ايم سيد جي اهميت کان نئين سر واقف ڪرايو:

”سنڌ ۽ ملڪ جو هر هڪ رهواسي مون کان ۽ بمبئي کان سنڌ جي عليحدگي ۽ سنڌ کي مسلم اڪثريتي صوبو بنائڻ، 1937ع کان 1947  ع تائين سنڌ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ منظم ڪرڻ لاءِ پتوڙ ۽ ان جي نتيجي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي سرواڻي ۽ رهنمائي ۾ پاڪستان جي حاصلات ۾ منهنجي ڪردار کان چڱيءَ ريت واقف آهي. 1937  ع کان 1945 ع تائين جدوجهد وارن انهن ڏينهن ۾ جي ايم سيد به اسان سان گڏ هو. هن سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جو ٺهرآءٌ تمام وڏي اڪثريت سان منظور ڪرايو.“

انهن جهونن اڳواڻن جي مقابلي ۾ جن پنهنجي حيثيت جدوجهد واري ميدان ۾ مڃرائي هئي، هاڻوڪي اڳواڻ جو ماضي انتهائي مشڪوڪ هو:


 


*  ڪائونسل مسلم ليگ ۾ شامل ٿيندڙ سنڌ جا ڪيترائي سياستدان سنڌ متحده محاذ جا ميمبر پڻ هئا ۽ کهڙي صاحب جي رٿ تي، دولتانا محاذ جي حوالي سان سندن پوزيشن واضح ڪرڻ جي ڏس ۾ هڪ پريس نوٽ لکيو:

1- اهو ته سنڌ متحده محاذ ڪا سياسي جماعت نه پر پاڪستان جي يڪجهتي ۽ استحڪام ذهن ۾ رکندي ۽ سنڌ واسين جي سمورن حصن جي وچ ۾ پنهنجائپ ۽ سهڪار جي فضا قائم ڪندي هڪ ڌار صوبي ۾ سنڌ واسين جي ڀلائي ۽ بهتريءَ ۾ دلچسپي رکندڙ مختلف سياسي جماعتن سان تعلق رکندڙ مختلف ماڻهن جو گڏيل مورچو آهي.

2- جسٽس زيڊ - ايڇ لاري، نوابزاده زاهد علي خان، حاجي نجم الدين سريوال سميت ڪيترائي ناميارا مسلم ليگي شروعات کان وٺي سنڌ متحده محاذ جا ميمبر رهيا آهن.

3- سنڌ متحده محاذ ۾ شامل ٻين به ڪيترن ئي اهم سنڌي شخصيتن پاڪستان مسلم ليگ ۾ شموليت پئي اختيار ڪئي آهي.

4- تازو ئي پاڪستان مسلم ليگ ۽ سنڌ متحده محاذ جي اڳواڻن جي جاري ڪيل گڏيل بيان جو مقصد انهيءَ گڏيل مقصدن لاءِ ڪوششن جي اڳيئي موجود رابطي ۽ ون يونٽ جي خاتمي بابت غير واضح ۽ غير منظم رويو ۽ غير واضح سوشلسٽ پروگرام آهي“ سهڪار جو نئين سر اظهار ڪرڻ هو. اهو ٻن مختلف سياسي جماعتن ۾ ڪو اتحاد يا نئين رابطي جو مظهر ناهي.

5- پاڪستان مسلم ليگ جون سموريون سرگرميون ۽ سياسي ڪوششون هيٺين مقصدن واسطي آهن:

لف) اسلامي طرز زندگيءَ سان وابستگي.

(ب) اسلامي اصولن پٽاندڙ معاشي، اخلاقي ۽ سماجي سرشتو لاڳو ڪرڻ.

(پ) پاڪستان جي يڪجهتي ۽ استحڪام برقرار رکڻ.

(د) اهو جاچڻ ته پاڪستان جي سمورن يونٽن، علائقن ۽ صوبن جي عوام جي مفادن ۽ خواهشن کي مڪمل مڃتا ڏني وڃي، وفاقي پارلياماني حڪومت جو قيام.

(ج) سنڌ واسين جي سمورن حصن ۽ عناصر وچ ۾ مڪمل سهڪار، هڪٻئي جي مڃتا ۽ پنهنجائپ قائم ڪرڻ.

(ر) پاڪستان ۾ حڪومت جو مڪمل جمهوري سرشتو قائم ڪرڻ.

*  ان وقت جي اولهه پاڪستان جي گورنر جنرل موسيٰ کي هڪ بيان جاري ڪري ڀٽي جي ڪجهه هوائي دعوائن جا پول کولڻا پيا:

”هو ڀارت سان هڪ ويڙهاڪ ٽڪراءُ ٿو چاهي ۽ ان هوندي به هو اوڀر پاڪستان جي عليحدگيءَ واري سازش ڪندڙن جي بچاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجون خدمتون آڇيندو رهيو. هن چيو آهي ته هن ڪراچيءَ ۾ ڀارتي هاءِ ڪمشنر سان رابطو ڪيو آهي. سفارتڪار کيس ڀارت بابت سندس موقف جا تفصيل ڄاڻڻ لاءِ ملاقات واسطي سڏيو هو، ڇاڪاڻ جو ڀارت کي سندس موقف سبب ڏڪڻي اچي لڳي هئي. جيڪڏهن اهو بيان درست آهي ته پوءِ هو ڀارتي هاءِ ڪمشنر هائوس ۾ چورن وانگر ڇو ويو. اهو عمل ظاهر ٿو ڪري ته سندس من ۾ کوٽ هئي ۽ هُن پاڪستان جي عوام کان اهو لڪائڻ ٿي چاهيو ته هو هن ملڪ ۾ ڀارتي عيوضيءَ سان لهه وچڙ ۾ آهي.“

جنرل موسيٰ، دي پاڪستان ٽائيمس، 2 1  آڪٽوبر 8 6 9 1 .

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org