باب سورهون
سنڌ جو وڏو وزير
4 1 آگسٽ 1947ع جي ڏينهن کي پاڪستان جي آزاديءَ
لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. هندستان جي آخري وائسراءِ
مائونٽ بيٽن کي ڪراچيءَ اچي نئين رياست کي اختيار
جون واڳون سونپڻيون هيون. اتفاق سان ان ڏينهن کهڙي
صاحب جي 6 4 هين سالگرهه هئي ۽ کيس آزاد پاڪستان ۾
سنڌ جي وڏ وزارت سنڀالڻي هئي.
جناح صاحب جنهن کي سرڪاري طور تي قائداعظم جو خطاب ملڻو هو، 7
جولاءِ تي پهريان ئي ڪراچي پهچي چڪو هو ۽ سندس
استقبال لاءِ ماڻهن جا وڏا انبوهه ڪٺا ٿيا هئا،
جيڪي آزادي ملڻ ۽ پنهنجي ننڍڙي صوبائي گادي جي شهر
جي رياست واري گادي بڻجڻ تي خوش ۽ پرجوش هئا.
پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي جنهن کي نه رڳو ملڪ
جو آئين جوڙڻو هو، پر عبوري طور تي سندس قانون
سازيءَ جو به ڪم ڪرڻو هو، تنهن جو پهريون اجلاس
11 آگسٽ تي سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي جي نيم گول
چيمبر ۾ ٿيو. اهو عاليشان پر ڪجهه ننڍڙو چيمبر 9
6 ميمبرن سان ٽٻڻيءَ جيان ڀريل هو. عملدارن ۽
مهمانن جا انبوهه هر پاسي تي موجود هئا ۽ مهمانن
واري گيلري به انهن سان ٽمٽار هئي. مس جناح ۽ ٻيون
برک شخصيتون معزز مهمانن جي گيلريءَ ۾ ويٺل هيون.
ساڻن گڏ اهي پرڏيهي سفير به ويٺل هئا جيڪي ڪراچيءَ
پهچي چڪا هئا. جناح اسپيڪر جي ڪرسيءَ تي ويٺل هو،
اسيمبليءَ پهريون ڪم اهو ڪيو، جو اُن اتفاق راءِ
سان پنهنجي صدر جي چونڊ ڪئي.
آئين ساز اسيمبلي جي صدر طور قائداعظم جي نامزدگي لاءِ ڪاغذ
ڀريا ويا. اُنهن مان هڪ کهڙي صاحب ڀريو هو. بعد ۾
تنهن ڏينهن آجيان واريون جيڪي ڪجهه تقريرون ٿيون،
انهن مان هڪ تقرير کهڙي صاحب جي هئي، هن پنهنجي
خطاب ۾ 1940ع واري لاهور جي ٺهراءَ جو ذڪر ڪيو،
جنهن کي ڪافي موقعن تي هڪ خواب سمجهيو پئي ويو، پر
هاڻي رڳو 8 سالن بعد بنا ڪنهن خونريزيءَ جي ۽
بنان ڪنهن وڏي قربانيءَ جي پاڪستان وجود ۾ اچي ويو
هو. کهڙي صاحب جناح صاحب جي دانائيءَ ۽ سندس بي
مثال سياسي تدبر کي خراج تحسين پيش ڪيو.کهڙي صاحب
اهو چيو ته آئين ساز اسيمبلي جو بنيادي ڪم اهو
هوندو ته اها هڪ نئون قانون جوڙي ۽ هن چيو ته کيس
خاطري آهي ته ”جناح جي رهنمائيءَ ۾ اهو ڪم اهڙي ته
خوش اسلوبيءَ سان ٿي ويندو جو جڳ ريسون ڪندا.“
ان اهم مسئلي جي نشاندهي رڳو کهڙي صاحب جي ئي تقرير ۾ ڪئي ويئي،
ٻئي ڏينهن اسيمبلي جناح صاحب کي ”قائداعظم“ جو
سرڪاري طور تي خطاب ڏنو. اسيمبليءَ بنيادي حقن جي
باري ۾ هڪ پارليامينٽري ڪميٽي به جوڙي جنهن جو
کهڙو صاحب ميمبر هو.
3 1 آگسٽ جي منجهند جو مائونٽ بيٽن جهاز ذريعي
آيو. هوائي اڏي تي گورنر ۽ سنڌ جي نئين وڏي وزير
طور کهڙي صاحب سندس استقبال ڪيو: کين سنڌ گورنر
هائوس پهچايو ويو، جيڪو هاڻي پاڪستان جي گورنر
جنرل جي رهائشگاهه هو، جتي قائداعظم ۽ مس جناح
سندس استقبال ڪيو.
کهڙي صاحب تنهن ڏينهن وقت ڪڍي سرڪاري تقريبن ۾
شرڪت ڪئي، جن ۾ هوائي اڏي تي آجيان واري تقريب ۽
گورنر هائوس واري دعوت به شامل هئي، جنهن ۾ پنهنجي
گهر واريءَ سميت شرڪت ڪيائين، پر هو پنهنجي وقت جو
هڪ هڪ پل ڪراچيءَ کي پاڪستان جي گاديءَ واري شهر ۾
بدلائڻ واري ڪم جي نگرانيءَ ۾ گذاري رهيو هو.
پناهگيرن جي تمام وڏي انگ ۾ اچڻ ۽ ٻين اهڙن بحرانن
سان نبرڻ به سندس ذميواري هئي. ٻئي ڏينهن سنڌ
اسيمبلي هال ۾ اختيارن جي منتقلي واري سادي پر
پروقار تقريب ٿي جيڪا هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي.
پاڪستان هاڻي هڪ حقيقت بڻجي چڪو هو. مائونٽ بيٽن
پاڪستان ٺهڻ جي خوشيءَ ۾ ٿيندڙ ٻين تقريبن ۾ شرڪت
نه ڪئي ۽ اهي سڌو واپس هليا ويا. پاڪستان حڪومت
آزاديءَ ۽ پاڪستان جي قيام واري سلسلي ۾ وڏي انگ ۾
اهم تقريبن جو اهتمام ڪيو هو، جن ۾ فوجي پريڊ ۽
مظاهرو به شامل هو، پر کهڙو صاحب ايترو ته مصروف
هو جو هو پنهنجي ٻارن کي به ان پروگرام ۾ وٺي وڃي
نه سگهيو.
جڏهن جون ۾ جناح صاحب نئين رياست جو گورنر جنرل بڻجڻ جو فيصلو
ڪيو ته ان سان مسلم ليگ جي ڪجهه حلقن کي حيرت ٿي
ڇو ته اهي سمجهي رهيا هئا ته پاڪستان ۽ ڀارت جي
آئيني جوڙ جڪ جي پيش نظر گورنر جنرل ملڪ جو علامتي
سربراهه هوندو. ان ڏس ۾ اها تجويز به سامهون آئي
ته مائونٽ بيٽن کي پاڪستان ۽ هندستان ٻنهي جو
گورنر جنرل مقرر ڪيو ويندو. پر جڏهن هن اهو عهدو
پاڻ سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو ته صورتحال آئيني طور تي
ڪجهه اڻچٽي بڻجي ويئي، مٿان وري جناح جڏهن کان
ڪابينه جي اجلاسن جي صدارت ڪندي حقيقي حڪومتي
سربراهه جا فرض ادا ڪرڻ شروع ڪيا ته ڪافي مونجهارا
کڙا ٿي پيا.
وزيراعظم جي عهدي لاءِ جناح پنهنجي پراڻي ٻانهن ٻيليءَ لياقت
علي خان جي چونڊ ڪئي هئي. لياقت علي سياسي ۽
درٻاري معاملن جو جهونو ماهر هو ۽ هو پنهنجي ذاتي
ارادن کي پوشيده رکڻ ۽ هر معاملي ۾ جناح صاحب سان
ها ۾ ها ملائڻ جو ڪاميابيءَ سان مظاهرو ڪندو پئي
آيو. باقي ڪابينه ذري گهٽ اها ئي هئي، جيڪا مسلم
ليگ پاران عبوري ڪابينه ۾ نامزد ڪئي ويئي هئي.
جنهن تي ويويل صاحب به سخت نڪته چيني ڪئي هئي.
بيٺڪيت واري دور جا ٻه جهونا ڪامورا به وزير بڻايا
ويا، جن مان غلام محمد صاحب کي ناڻي ۽ چوڌري
ظفرالله صاحب کي پرڏيهي معاملن واري وزارت جا
قلمدان مليا.
جناح صاحب پنهنجي ڪابينا ۽ دارالحڪومت مقرر ڪئي. 4 1 آگسٽ 1947
ع تي آزاديءَ کان اڳ جيڪي به عملي مرحلا هيا تن
جو بار سنڌ حڪومت جي ڪلهن تي وڌو ويو. پاڪستان جي
وجود ۾ اچڻ واري انتهائي اهم مرحلي ۾ سنڌ جي وڏي
وزير طور کهڙي صاحب جو انتهائي اهم ڪردار رهيو.
پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ طور ڪراچيءَ جي چونڊ نئين رياست جي
افتتاح کان رڳو ڪجهه هفتا اڳ ۾ ئي ٿي هئي. چوڌري
محمد علي کي نئين انتظاميه جو سيڪريٽري جنرل مقرر
ڪيو ويو تنهن پڌرو ڪيو ته گاديءَ واري شهر جي
حوالي سان ڪراچيءَ کانسواءِ وٽن ڪو ٻيو نعم البدل
موجود ڪونه هو. بنگال ۾ مسلم ليگ جي وزارت هئي، پر
اتي خود ڍاڪا جي صورت ۾ نئون صوبائي گادي وارو هنڌ
ٺهڻو هو. ملڪ جي مغربي حصي وارا ٻيا صوبا به ڪنهن
نه ڪنهن سبب ڪري ناموزون سمجهيا ويا، هن رپورٽ ڏني
ته:
”مغربي پاڪستان ۾ جنهن واحد صوبي ۾ مسلم ليگ جي
وزارت هئي اهو سنڌ جو.....à
ڪراچي هڪ صاف سٿرو جديد شهر آهي جنهن جي آبهوا
وچٿري آهي ۽ ان کي هڪ عمدو بندرگاهه ۽ هڪ هوائي
اڏو آهي، جنهن ذريعي اوڀر پاڪستان ۽ ٻاهرين دنيا
سان رابطي جو ذريعو پهريان ئي موجود هو. اهو شهر
قائداعظم جي جنم ڀومي پڻ رهيو هيو. جيتوڻيڪ کيس ان
سبب جي ڪري ملڪ جي گاديءَ لاءِ چونڊيو نه ويو هو.“
چوڌري محمد علي جنهن هندستان سرڪار جي ناڻي واري کاتي جا
لامحدود وسيلا ڏٺا هئا تنهن کي اها ڄاڻ نه هئي ته
برٽش انڊيا جي سڀ کان ننڍن صوبن مان هڪ صوبي ۾
گاديءَ واري هنڌ جوڙڻ سان سنڌ سرڪار کي ڪيتري قدر
مسئلا برداشت ڪرڻا پوندا ۽ ڪيترو بار سنڀالڻو
پوندو. کهڙي صاحب لاءِ ڪراچي کي گادي واري شهر
بنائڻ جو فيصلو سڀ کان مشڪل ۽ اڻانگو هو. پي ڊبليو
ڊي جي وزير طور اها کهڙي صاحب جي ذميواري هئي ته
اهو نه رڳو 0 0 0 4 ڪلارڪن، 0 0 2 پٽيوالن کي
رهائشي سهولت فراهم ڪري پر سندس کاتي کي وزيرن،
ڪامورن ۽ سندن کاتن لاءِ پڻ اهڙيون سهولتون مهيا
ڪرڻيون هيون ۽ اهو سڄو ڪم رڳو ٻن مهينن ۾ اڪلائڻو
هو. پاڪستان حڪومت جو اصرار هو ته کيس مرڪزي
ڪراچيءَ ۾ جڳهه فراهم ڪئي وڃي ۽ اها ملير جهڙين
جاين تي وڃڻ لاءِ تيار نه هئي جتي جنگ جي وقت
واريون عمارتون ۽ بيرڪون جهجهي مقدار ۾ موجود
هيون.
سنڌ حڪومت هاءِ ڪورٽ جي چوگرد موجود کلئي ميدان جي قرباني ڏني ۽
پنهنجو گورنر هائوس، اسيمبلي بلڊنگ ۽ سيڪريٽريٽ به
مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪئي. سنڌ حڪومت پاڻ نيپيئر
بيرڪس ڏانهن منتقل ٿي ويئي جيڪي تنهن وقت شهر کان
ٻاهر تصور ڪيون وينديون هيون. کهڙي صاحب جي وڏي
وزير طور آفيس بيرڪ جي پٺيان هڪ ننڍي انيڪسي ۾
هئي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ان وقت چيمبر ۾ ٿيڻ
لڳو، جڏهن آئين ساز اسيمبلي کي بندر روڊ جي اسڪول
۾ اجلاس ڪوٺائڻا پيا، جيڪو وڏي وزير جي نيپيئر
بيرڪس واري آفيس کان ڪافي پري هو.
بندر روڊ، لائينز ايريا ۽ ٻين جاين تي هٿيار بند فوجن جي
استعمال لاءِ جيڪي گهر ۽ بيرڪس ٺهيل هيون تن کي
مرڪزي سرڪار جي حوالي ڪيو ويو. پي ڊبليو ڊي کاتي
کي جنگ جي وقت فوجي بيرڪون اڏڻ جو تجربو هو ۽ ان
مختصر وقت ۾ گهڻي کان گهڻيون عمارتون اڏڻ جو ڪم
پنهنجي هٿ ۾ کنيو.
کهڙو صاحب هر روز پنهنجي 4 2 ڪلاڪن مان گهڻو وقت
آزادي کان ٻه مهينا اڳ کنيل ان اهم ذميواري کي
ڏيندو هو. سنڌ مالي لحاظ کان پنهنجي پيرن تي بيٺل
صوبو هو ۽ وٽس پنهنجي ضرورت جي پورائي لاءِ جهجهي
ترقياتي بجيث موجود هئي، پر هڪ نئين رياست کي گادي
وارو هنڌ مهيا ڪرڻ يقيني طور تي سندس وت کان وڌيڪ
هو ۽ پاڪستان جي نئين حڪومت کي پنهنجا فنڊ تمام
گهٽ هئا، پر جڏهن آگسٽ جي وچ ڌاري مرڪزي حڪومت اچي
پهتي ته ان لاءِ عمارتون معجزاڻي طور تي پهريان ئي
تيار هيون. کهڙي صاحب هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي غير
معمولي تنظيم ڪاري وارين صلاحيتن جو مظاهرو ڪري
ڏيکاريو هو.*
مرڪزي حڪومت جي برک شخصيتن لاءِ گهرن جي ڳولا واري ڪم ۾ ڪڏهن
ڪڏهن عجيب واقعا به پيش آيا جهڙوڪ هڪ ڀيري متوقع
وزيراعظم جي زال پاڻ جاءِ جي ڳولا ۾ نڪتي ۽ سنڌ جي
چيف جسٽس جي رهائش گاهه کي پسند ڪيائين پر چيف
جسٽس جي زال اهو گهر خالي ڪرڻ لاءِ ڪا ڳالهه ٻڌڻ
لاءِ ئي تيار نه هئي. جنهن کان پوءِ هن سنڌ جي هڪ
وزير مير غلام علي ٽالپر جي بنگلي تي اک وڌي، پر
هو به راضي نه ٿيو. آخر ۾ کهڙي صاحب پنهنجي رهائش
گاهه سندس حوالي ڪئي. پاڻ ان ننڍي گهر ۾ رهائش
اختيار ڪئي، جيڪو اڪثر ڪري ڪليڪٽر ڪراچي جي
استعمال ۾ هوندو هو. نئين حڪومت جي ناڻي واري وزير
کي هڪ شاندار ٽائون هائوس آڇيو ويو، جيڪو هڪ پارسي
گهراڻي جو هو پر جيئن ته اهو هڪ فيشن ايبل روڊ جي
ڪجهه اڻ فيشنل ايبل ڪنڊ تي هو تنهن ڪري اهو
مٿاڇريءَ دل سان قبوليو ويو. سندس پٽ لاءِ الڳ گهر
مهيا ٿي نه سگهيو ۽ اها ڳالهه ناڻي واري وزير جي
ناراضگيءَ جو ڪارڻ بڻي. گهرن ۽ بنگلن جي مناسبت
بابت ان هل بکيڙي کهڙي صاحب کي ڏاڍو حيران ڪيو
ڇوته کيس پاڪستان جي بانين ۽ پاليسي سازن کان
مختلف رويي جي اميد هئي. خاص ڪري اهڙي موقعي تي
جڏهن عام شهرين کي تمام گهڻا مسئلا درپيش هئا،
سندن ريلن کي بارڊر وٽ روڪي کين قتل عام ڪيو پئي
ويو ۽ هجرت ڪندڙ هزارين ماڻهو سلامتيءَ سان مهاجر
ڪيمپ پهچڻ تي به پاڻ کي وڏو خوش نصيب سمجهي رهيا
هئا.
وزيرن کي گهر فراهم ڪرڻ ۽ آفيسون مڪمل ڪرڻ کان پوءِ کهڙي صاحب
سک جو ساهه کنيو. ايتري قدر جو چوڌري محمد علي کي
به اعتراف ڪرڻو پيو ته کهڙي صاحب پنهنجي ذميواري
کي تڪميل تي پهچايو آهي.
”5 1 آگسٽ 1947 ع ڌاري انهن هزارين گهراڻن لاءِ
جيڪي ڪراچي پهچي چڪا هئا ۽ هر هڪ وزارت يا کاتي
لاءِ يا ته آفيسون فراهم ڪيون ويون يا وري تڙ تڪڙ
۾ اڏائي ڏنيون ويون.“
ڪراچيءَ ۾ جيڪي ڪامورا ۽ سياستدان آيا تن کي عام
طور تي ڪجهه مايوسي ٿي. ڪراچي تنهن وقت صوبائي
گادي جو شهر هو جنهن جي آبادي رڳو چار لک هئي ۽
جيڪي ڪامورا هتي آيا اهي پنهنجي حالتن جي ڀيٽ انهن
همعصر ڪامورن سان ڪندا هئا، جيڪي نئين دهليءَ ۾
ٺهيل نين شاندار سرڪاري عمارتن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا.
سنڌ حڪومت جا وسيلا نسبتاً ڪافي محدود هئا ۽ جيڪي
ڪامورا ۽ سياستدان لڏ پلاڻ ڪري هتي پئي آيا انهن
مان گهڻا ان سلسلي ۾ پنهنجي ميزبان صوبي تي ڇوهه
ڇنڊي رهيا هئا.
آزاديءَ کان پوءِ 5 1 آگسٽ 1947 ع تي سنڌ مسلم ليگ اسيمبلي
پارٽيءَ کهڙي صاحب کي سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ نامزد
ڪيو. جيتوڻيڪ جناح، کهڙي صاحب سان اڳواٽ ئي وچن
ڪري چڪو هو ته آزاديءَ کان پوءِ کيس سنڌ جو وڏو
وزير بڻايو ويندو، پر تنهن هوندي به پارٽيءَ جي
قيادت لاءِ چونڊون ڪرايون ويون. آزاديءَ کان ڪجهه
اڳ جڏهن کهڙو صاحب پنهنجي دورن جي سلسلي ۾ دهليءَ
۾ هو ته لياقت علي خان پنهنجي گهر سندس مانجهاندي
جي دعوت ڪئي ۽ ان موقعي تي اها تصديق پڻ ڪئي ته
جناح صاحب جيڪو واعدو ڪيو آهي اهو ڊسمبر 1946 ع جي
چونڊن کان پوءِ پورو ڪيو ويندو ۽ کيس وڏي وزير طور
نامزد ڪيو ويندو. هدايت الله کي گورنر بڻايو
ويندو. کهڙي صاحب محسوس ڪيو ته هدايت الله جي
نامزدگي غير معمولي نوعيت جي هئي ڇوته ڪنهن ٻئي
صوبي ۾ مقامي سياستدان کي گورنر نه بڻايو ويو هو،
تنهن کان سواءِ هن جا هدايت الله سان پڻ تِرَ
سنوان نه هئا، جنهن ڪري ڪافي مسئلا کڙا ٿي پئي
سگهيا، پر هن ڪو احتجاج نه ڪيو. ساڳئي ڏينهن شام
جو دهلي ڪلب ۾ جناح صاحب کهڙي صاحب کي ٻڌايو ته
پيرزاده عبدالستار ساڻس رابطا ڪيا آهن، ته کيس سنڌ
جو وڏو وزير بڻايو وڃي. کهڙي صاحب کي ان ڳالهه تي
ڪافي اچرج لڳو ڇو ته کيس پڪ هئي ته سندس وڏي وزير
بڻجڻ جو فيصلو اڳواٽ ئي ٿي چڪو آهي ۽ هو ان
خاطريءَ ملڻ کان پوءِ جنوريءَ ۾ هدايت الله جي
مقابلي تان هٿ کڻي ويو هو. تنهن هوندي به هن اهو
جواب ڏنو ته هو ڪا مداخلت نه ڪندو ۽ ان سلسلي ۾
حتمي فيصلو اسيمبلي پارٽي ئي ڪندي.
ڪراچي واپس موٽڻ بعد کهڙي صاحب پارليامينٽري
پارٽيءَ جي ڊپٽي ليڊر جي حيثيت ۾ 5 1 آگسٽ 1947 ع
تي اسيمبلي پارٽي جو اجلاس سڏايو، تنهن ڏينهن صبح
جو هدايت الله گورنر جي حيثيت ۾ حلف کڻي چڪو هو
تنهن ڪري کهڙو صاحب اسيمبلي پارٽيءَ جو ڊيفيڪٽو
اڳواڻ هو.
کهڙي صاحب لياقت علي خان کي چيو هو ته هو پارٽي
اڳواڻ جي چونڊ جي نگراني ڪرڻ لاءِ ڪو ماڻهو نامزد
ڪري جيئن اڳتي هلي ڪو انهيءَ چونڊ تي گهپلي جو
الزام نه هڻي. لياقت علي خان ان اجلاس جي صدارت
لاءِ آءِ آءِ چندريگر کي موڪليو ۽ انهيءَ اجلاس ۾
کهڙو صاحب يڪراءِ سان چونڊ جي ويو. ڇوته ان عهدي
لاءِ ڪو ٻيو ميمبر مقابلي ۾ نه بيٺو. چندريگر کهڙي
صاحب کي چيو ته هو پنهنجي ڪابينه جي چونڊ ڪري پر
کهڙي صاحب غير معمولي قدم کڻندي ٽن وزيرن جي چونڊ
لاءِ پُکا ڪڍايا. جن ۾ مير غلام علي، پير الاهي
بخش ۽ لاڙڪاڻي مان کهڙي صاحب جي پٺڀرائي وارو
اڳواڻ قاضي فضل الله وزير چونڊ جي ويا. ساڳئي
ڏينهن شام جو ڪابينه کان قسم کڻايو ويو. کهڙي صاحب
کي اسيمبليءَ ۾ وڏي حمايت هئي ۽ هوڪابينه ۾ پنهنجا
اميدوار به چونڊرائي سگهي پيو، پر هن تنهن هوندي
به احتياط جو مظاهرو ڪندي مٿيون طريقو اختيار ڪيو.
بعد ۾ ثابت ٿيو ته ڪابينه جي ان ريت چونڊ کهڙي
صاحب کي ڪافي مهانگي پئجي ويئي.
ان کان اڳ جڏهن آئين ساز اسيمبليءَ ۾ نامزدگيءَ جو فيصلو ٿي
رهيو هو تڏهن کهڙي صاحب ان ايوان ۾ سنڌ جي
نمائندگيءَ لاءِ پيرزادي ۽ گذدر کي نامزد ڪيو هو.
ان ايوان ۾ سنڌ لاءِپنجن ميمبرن جي گنجائش رکيل
هئي. جولاءِ ۾ کهڙي صاحب کي مرڪزي ڪابينه جي
ميمبري آپشن ڏنو ويو ۽ گڏوگڏ اهو به پڌرو ڪيو ويو
ته جيڪڏهن هن ان آڇ کي نه قبوليو ته سنڌ مان ان
سلسلي ۾ ڪو ٻيو نالو نه قبوليو ويندو. کهڙي صاحب
فيصلو ڪيو ته کيس سنڌ جي وڏ وزارت جو جيڪو موقعو
مليو آهي هو ان کي هٿن مان نه ڇڏيندو. ڇوته هن
صوبي جي ترقيءَ جي لاءِ ڊگهي وقت کان وٺي جيڪو
پروگرام جوڙيو هو، ان تي وڏ وزارت واري عهدي ذريعي
هو هاڻي عمل ڪرائي سگهي ٿو. تنهن ڪري هن مرڪزي
ڪابينه واري عهدي کي نه قبوليو ڇو ته ٻي صورت ۾
کيس تاريخ جي ان نازڪ ۽ اهم موڙ تي سنڌ کي ڇڏڻو
پئي پيو. جيڪڏهن هو مرڪزي وزارت قبولي ها ته کيس
وڌيڪ آسائشون ملن ها پر پنهنجي طئي ڪيل ڪمن کي اڌ
۾ ڇڏڻ کهڙي صاحب جي فطرت ۾ ئي شامل نه هو.
جڏهن پاڪستان جي ڪابينه جو اعلان ٿيو ته ان ۾ سنڌ جو ڪوبه نالو
شامل نه هو. ان تي سڀني کي ڏاڍو اچرج لڳو ۽ جڏهن
ٻه مهينا گذرڻ جي باوجود به صورتحال ساڳئي ئي رهي
ته ان معاملي تي ويچارڻ لاءِ کهڙي صاحب جي چيئرمين
شپ ۾ سنڌمسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ جو اجلاس سڏايو
ويو. سنڌ مسلم ليگ پارليامينٽري پارٽي سخت لفظن ۾
هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو:
”اها ڳالهه سخت بي اطمينانيءَ جو سبب آهي ته
پاڪستان جي مرڪزي حڪومت ۾ سنڌ کي ڪابه نمائندگي نه
ڏني ويئي آهي. جڏهن ته ڪجهه صوبن کي تمام گهڻي
نمائندگي ڏني ويئي آهي. انهيءَ صورتحال ۾ پاڪستان
حڪومت جي پاليسي سازيءَ ۾ سنڌ جو ڪوبه آواز شامل
نه آهي.“
پارٽي اهو سمجهي ٿي ته:
”پاڪستان جي وفاقي جوڙجڪ ۾ وفاق جي هر هڪ يونٽ کي
قانون سازيءَ ۽ حڪومتي اختيارن ۾ هڪ جيترو حصو ملڻ
گهرجي. جيڪڏهن اهڙا اپاءَ نه ورتا ويا ته ننڍا
صوبا جهڙوڪ سنڌ، اين. ڊبليو. ايف. پي ۽ بلوچستان
جي حيثيت پاڪستان جي وڏن صوبن جي غلامن ۽ رعيت
واري ٿي وڃي ٿي.“
انهيءَ بيان ۾ رڳو سنڌ صوبي لاءِ هڪ وزارت جي گهر ڪيل نه هئي پر
ان ۾ زور ڀريو ويو هو ته وفاق ۾ ننڍن صوبن کي به
وڏن صوبن جيترا حق ڏنا وڃن. اڳتي هلي ڪري اهو
مسئلو پاڪستان جي آئيني تاريخ جو سڀ کان حساس ۽
ڇڪتاڻ وارو مسئلو بڻيو. انهيءَ بيان جا جوڳا اثر
نڪتا ۽ سنڌ کي هڪ وفاقي وزارت جي آڇ ملي ۽ کهڙي
صاحب ان عهدي لاءِ پيرزادي عبدالستار کي نامزد
ڪيو.
جناح صاحب کهڙي صاحب کي صلاح مشورن لاءِ لاڳيتو گهرائيندو رهيو.
جناح صاحب جڏهن به ڪراچيءَ ۾ هوندو هو ته کهڙو
صاحب هر روز صبح جو ساڻس ملاقات ڪندو هو ۽ کيس
تازيءَ صورتحال، پناهگيرن جي انگ، سرحدن جي وآءٌ
سوآءٌ، امن امان جي صورتحال جي ٻين اهم مسئلن کان
واقف ڪندو هو. ڪراچي تيزيءَ سان هڪ وڏي پناهگير
ڪيمپ ۾ بدلجي رهيو هو ۽ جناح صاحب کي ان وڏي
پئماني واري لڏپلاڻ واري ۽ قتل غارت گري تي سخت
ڳڻتي هئي. هن ڏس ۾ پنهنجي ناپسنديدگيءَ جو اظهار
ڪيو ۽ اهو پڻ چيو هو ته ان قسم جي تباهيءَ جي کيس
اميد نه هئي.
اصل ۾ جناح صاحب کهڙي صاحب کي صاف لفظن ۾ ٻڌايو هو ته سندس
خواهش هئي ته اقليتي برادريون پاڪستان ڇڏي نه وڃن.
اقيليتن کي وري به اها خاطري ڏيارڻ جي ضرورت هئي
ته اهي هتي محفوظ آهن. جيئن اهي لڏپلاڻ کان پاسو
ڪن، جناح صاحب اها ڳالهه واضح ڪئي ته هندستان ۾
مسلمانن جي سلامتي رڳو تنهن صورت ۾ يقيني ٿي سگهي
ٿي جڏهن اقليتون پاڪستان ۾ تحفظ سان رهن. هن
انهيءَ ڳالهه تي بار بار زور ڏنو ۽ کهڙي صاحب کي
هدايت ڪئي ته اهو سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ کي روڪڻ
لاءِ هر ممڪن اپاءَ وٺي. پاڪستان ۾ سنڌ واحد صوبو
هو، جنهن ۾ هندن جي چڱي آبادي هئي. جناح صاحب کي
اهو اونو هو ته پاڪستان کي هڪ مذهبي ۽ ڪٽر رياست
نه سمجهيو وڃي. ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن جناح صاحب
کان پچيو ويو ته ڇا پاڪستان هڪ اسلامي مذهبي رياست
هوندو ته هن چيو ته ”اها مذهبي رياست ڇا هوندي
آهي، مون کي ته سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي.“
کهڙو صاحب انهيءَ معاملي تي جناح صاحب سان مڪمل
سهمت هو، سندس خيال ۾ هندو، صوبي جي معيشت ۽ سماج
جو هڪ لازمي حصو هئا ۽ هو سمجهي پيو ته پنجاب يا
اتر هندستان جي صوبن ۾ جيڪي وڳوڙ ٿي رهيا آهن ۽
انهن جو سنڌ ۾ ٿيڻ جو ڪوبه سبب نه آهي. ڇو ته هتان
جي تاريخ ۾ اهڙو ڪو واقعو نه ٿيو آهي. پر اڳتي هلي
کهڙي صاحب کي تلخ تجربو ٿيڻو هو. صورتحال ۾
ابتريءَ اچڻ جي شروعات تڏهن ٿي جڏهن آل انڊيا
ڪانگريس جو سنڌ ڄايو صدر آچاريه ڪرپلاڻي آزاديءَ
کان ڪجهه ڏينهن اڳ، 2 آگسٽ 1947 ع تي سنڌ جي دوري
تي آيو. هن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو دورو ڪيو. جنهن جو
ظاهر ۾ ته اهو مقصد هو ته سنڌ واسين کي ورهاڱي جي
رٿا کان آگاهه ڪيو وڃي، پر اندروني طور تي هو هندن
کي اهو ڏسڻ آيو هو ته پاڪستان گهڻي دير جٽاءُ نه
ڪندو، تنهن ڪري هو عارضي طور تي لڏ پلاڻ شروع ڪن
جيئن ان نئين رياست لاءِ وڏو مسئلو کڙو ٿي وڃي.
بعد ۾ جڏهن اها رياست ختم ٿي ته هو وري فاتحاڻي
انداز ۾ پنهنجي ماڳن تي موٽي ايندا. کهڙي صاحب کي
ان منصوبي جي کڙڪ پئجي ويئي ۽ هن ترت ان کي بي اثر
ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. کهڙي صاحب کي اها به
ڄاڻ هئي ته هندستان کان آيل پناهگير تمام وڏي انگ
۾ پهچي چڪا آهن ۽ اهي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي هندن
کي هيسائي کين گهر خالي ڪرائڻ لاءِ دٻآءٌ وجهي
رهيا آهن جيئن ته انهن شهرن ۾ هندو تنگ ٿي لڏ پلاڻ
تي مجبور ٿي وڃن.
ورهاڱي کان پوءِ وارا مهينا ڏاڍا ڏکيا هئا. پنجاب ۾ سرحد جي
ٻنهي پاسن کان ڪوسن جون خبرون هر روز پهچي رهيون
هيون. 1 2 آگسٽ تي ڪوئٽا شهر ۾ وڳوڙ ٿيا، جن جو
وهم گمان ئي نه هو. انهن وڳوڙن ۾ 0 3 ماڻهو مارجي
ويا ۽ 0 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اهڙين رپورٽن اچڻ سان
سنڌ حڪومت تي دٻآءٌ ويتري وڌي ويو. ساڳئي وقت سنڌ
جي اندرين علائقن ۾ ڦرن ۽ ڌاڙن جا واقعا به اوچتو
وڌي ويا. هن ۾ مالدار هندو واپارين کي نشانو بڻايو
پئي ويو. کهڙي صاحب ان بدامنيءَ کي روڪڻ لاءِ
انتهائي ڪاروايون ڪيون ۽ امن امان جي صورتحال کي
سختيءَ سان برقرار رکيو. کهڙو صاحب انهيءَ غير
معمولي صورتحال ۾ وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۽ حڪومت
جي مسئلن سان منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ لاڳيتو صوبي جا
دورا به ڪندو رهيو، جيئن صورتحال تي ذاتي طور ڪرڙي
نظر رکي سگهجي.
حالتون جنهن رخ تي وڃي رهيون هيون ان مان صاف ظاهر هو ته جلدئي
ڪونه ڪو ڀڀڙ ڀڙڪندو ۽ آخر 4 سيپٽمبر تي نوابشاهه
۾ ٿيل فرقيوار وڳوڙ ن جي افسوسناڪ واقعن سنڌ حڪومت
کي ڪجهه علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪرڻ تي مجبور ڪري
ڇڏيو. نوابشاهه ۾ پهرين سيپٽمبر تي شروع ٿيل
فرقيوار وڳوڙ ان دور ۾ سنڌ اندر پهريان اهڙا وڳوڙ
هئا ۽ اهي ڪنهن اتفاقي حادثي جو نتيجو نه هئا.
پهرين سيپٽمبر تي ريلوي اختيارين رپورٽ ڏني ته 55
اپ مڪسڊ ٽرين جيڪا11 وڄي 40 منٽن تي نوابشاهه
کان رواني ٿي اها 2 1 وڄي پنج منٽن تي نوابشاهه ۽
شفيع آباد جي وچ ۾ 77 هين ميل پوسٽ وٽ پٽڙي تان
لهي ويئي ۽ هٿياربند ماڻهن جي وڏي ميڙ ريل ۾ سوار
سِکن تي حملو ڪيو جنهن ۾ 11 مرد ۽ 4 عورتون ٿڏي
تي مارجي ويا ۽ 17 ڄڻا زخمي ٿيا. کهڙو صاحب تنهن
وقت امن امان جي بحالي واري سلسلي ۾ عملدارن کي
هدايتون ڏيڻ لاءِحيدرآباد آيل هو. هن واقعي بابت
جواب طلبي لاءِ ڪليڪٽر کي گهرائي ورتو ۽ گڏوگڏ
صورتحال تي ويچارڻ لاءِ اقليتي اڳواڻن، ڪانگريسي
اسيمبلي پارٽي جي اڳواڻ پروفيسر گهنشام داس
ڄيٺانند ۽ ڪانگريسي اڳواڻ ڊاڪٽر چمنداس سان صلاح
مشورا ڪيا.
ڪليڪٽر مسعود جيڪو 1936 ع وارين عام چونڊن ۾ ڪيل
ڏاڍاين جي حوالي سان عوام ۾ مشهور هو، اهو اڃا
تائين نوابشاهه ۾ تعينات هو.
هو آءِ.سي.ايس آفيسر هو ۽ تنهن وقت آءِ.سي. ايس آفيسر لامحدود
اختيارن جا مالڪ هوندا هئا. اها به خبر هئي ته
آءِ.سي. ايس آفيسرن جي مقرري ۽ بدليءَ جا اختيار
پاڪستان حڪومت وٽ آهن ۽ هو هر معاملي ۾ مرڪزي
سرڪار آڏو جوابداهه آهن. تنهنڪري هن سنڌ حڪومت جي
هدايتن کي مڃڻ جو پاڻ کي پابند نه پئي سمجهيو. هن
جي اختيارن ۽ اثر رسوخ جو اندازو ان ڳالهه مان به
لڳائي سگهجي ٿو ته 1946 ع ۾ هندستان جي اهم سياسي
اڳواڻن سندس خلاف هاءِ گهوڙا ڪئي، پر اهي سندس ڪک
به ٻيڻو نه ڪري سگهيا ۽ هو پنهنجي عهدي تي مزي سان
ڪم ڪندو رهيو. هاڻي جيتوڻيڪ پاڪستان بڻجي چڪو هو
پر هو ان جي باوجود به پاڻ کي پنهنجي مرضيءَ جو
مختيار سمجهي رهيو هو. نوابشاهه ۾ تنهن وقت سکن جي
وڏي آبادي رهندي هئي ۽ مسعود جي پاليسين سبب انهن
۾ ڀاڄ پئجي ويئي ۽ نتيجي ۾ اوڀر پنجاب مان
پناهگيرن جي ايندڙ وڏي انگ لاءِ گنجائش پيدا ٿي.
مسعود کي اها پرواهه نه هئي ته هو جيڪي ڪجهه ڪري
رهيو آهي اهو سنڌ جي پاليسين جي سنئين سڌي خلاف
ورزي آهي.
پهرين سيپٽمبر واري ريل حادثي، سکن کان ڦرمار جي ٻين واقعن کي
جنم ڏنو، پر سنڌ حڪومت سخت اپآءٌ وٺي انهن وڳوڙن
کي دٻائي ڇڏيو. صورتحال مطابق ترت اپائن وٺڻ سان
گڏوگڏ شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هڪ
آرڊيننس پڻ منظور ڪرايو ويو. 5 1 آڪٽوبر تي کهڙي
صاحب سنڌ جي اوڀر ۽ ڏکڻ وارن پنجن ضلعن جن مان
ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ نوابشاهه به شامل هئا،
سيفٽي آرڊيننس لاڳو ڪري ڇڏيو. هندستان کان سامونڊي
۽ هوائي جهازن رستي ۽ راجستان جي سرحد کان ايتري
قدر جو پنجاب جي به سرحد کان جيڪي پناهگير پهچي
رهيا هئا، اهي گهڻو ڪري انهن ضلعن ۾ اچي رهيا هئا.
پر فوجي تحفظ مهيا ڪرڻ جي باوجود ٽاڪوڙو متل هو ۽
نوابشاهه مان هندن ۽ سکن جي لڏ پلاڻ جاري رهي.
ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ٻي ڇرڪائيندڙ صورتحال
پيدا ٿي ويئي. نوان آيل پناهگير هندن کي سندن گهرن
مان ٻاهر ڪڍي انهن تي قبضو ڪري رهيا هئا. هڪ پاسي
ته حڪومت کي گهٽ کان گهٽ تڪليف ڏيندي گهربل گهر
فراهم ڪرڻا هئا ته ٻئي پاسي کيس شهرين کي ان مٿين
ڏاڍائي کان به محفوظ رکڻو هو. کهڙي صاحب رٽائرڊ
عملدارن جي هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي جنهن جو مقصد هو ته:
”شهر ۾ موجود خالي گهرن تي غير قانوني قبضن کي
روڪيو وڃي ۽ قبضن کي اهڙي نموني ريگيولرائيز ڪيو
وڃي، جيئن هڪ ئي بلاڪ ۾ هندو ۽ مسلمانن کي نه
رهايو وڃي. جيئن فرقي وار وڳوڙ ٿي نه سگهن.“
تنهن وقت بنگال جو وڏو وزير ايڇ. ايس. سهروردي فرقيوار جهيڙن کي
روڪڻ لاءِ گانڌيءَ سان گڏجي ڪم ڪري رهيو هو، کهڙي
صاحب کائنس صلاح مشورا وٺي هڪ امن بورڊ ٺاهيو جنهن
جو چيئرمين هو پاڻ هو ۽ يوسف هارون، شيخ
عبدالمجيد، پروفيسر گهنشام ۽ ڪماري ڄيٺي
سپاهيملاڻي ان جا ميمبر هئا ۽ جي الانا ۽ کهڙي
صاحب جي هڪ ويجهي دوست ايم. پي. ٽهلراماڻي کي ان
جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. بورڊ جو مقصد صوبي ۾
امن قائم ڪرڻ لاءِ طريقا ڳولڻ ۽ اقليتن جي لڏ پلاڻ
وارن ڪارڻن کي دور ڪرڻ هو. ان امن بورڊ جي مول متن
مان هندن جي انهيءَ بيچينيءَ ڏانهن اشارو ملي ٿو
جيڪا ورهاڱي کان پوءِ انهن ۾ موجود هئي، انهن مان
کهڙي صاحب کي انهيءَ مسئلي جي باري ۾ اهم ۽ بنيادي
ڄاڻ ملڻ ۾ پڻ وڏي مدد ملي.
بورڊ جي تفصيلي مقصدن ۾ جيڪي ڳالهيون شامل هيون تن ۾ پهرين
ڳالهه ته اها هئي ته اهڙا طريقا ڳوليا وڃن جن مان
صوبي ۾ بدامني پکيڙيندڙ ڌرين کي ضابطي هيٺ رکيو
وڃي، ٻيو ته اهڙا اپاءَ ورتا وڃن جيئن اقليتن جي
جان، مال، عزت ۽ معاشرو هر قسم جي حملن کان محفوظ
هجن. ٽيون ته اهڙا قدم کنيا وڃن جن سان صوبي ۾
معاشي زندگي عام نفسياتي ڇڏڻ جي عمل کي روڪ اچي.
پنجون ته پناهگيرن جي هڪ منظم نموني، اڳواٽ طئي
ڪيل رٿا ۽ پروگرام هيٺ آباد ڪاري ڪئي وڃي. بورڊ
اقليتي برادريءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ
سينيئر سول سرونٽ سردار محمد بخش جي صدارت ۾ هڪ سب
ڪميٽي پڻ جوڙي جنهن ۾ ڪافي هندو ميمبر کنيا ويا.
سنڌ ۾ مهاجرن جي آبادڪاري واري رٿابندي ۾ اها ڳالهه اهم هئي ته
انهن کي سڄي سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي. کهڙي صاحب کي نه
رڳو اها ڄاڻ هئي ته پناهگيرن جي وڏي انگ کي جاءِ
ڏيڻ هڪ ٻن شهرن لاءِ ممڪن ئي نه آهي. پر کيس ڪراچي
۽ حيدرآباد جو جيڪو تجربو هو تنهن مان به هن ڄاتو
پئي ته پناهگيرن جي تمام وڏي انگ ۾ غير منظم طريقي
سان اچڻ سبب ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. جيڪڏهن مقامي
آباديءَ جي سهڪار سان پناهگيرن جي سڄي صوبي ۾
آبادڪاري ٿي پئي سگهي ته ان سان مسئلا گهٽ به ٿي
پئي سگهيا، تنهن کان سواءِ جيڪڏهن پناهگيرن کي
صوبي جي مختلف شهرن ۾ موڪلڻ سان کين روزگار جا
بهتر ذريعا به فراهم ٿي پئي سگهيا ۽ هو ڪيمپن ۾
جٿا ٺاهي رهڻ ۽ امداد تي پلجڻ جا هيراڪ ٿيڻ کان به
بچي پئي سگهيا. کهڙي صاحب سنڌ جي اندرين شهرن لاءِ
پناهگيرن جون خاص ريلون هلرايون ۽ ڪراچيءَ ۽
حيدرآباد جي ڪيمپن جا دورا ڪري اتي ترسيل ماڻهن کي
انهيءَ رٿا تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ قائم ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. انهن ڪوششن جي باري ۾ اخبارن لکيو ته:
”سنڌ جي وڏي وزير ايم. اي. کهڙو صاحب اڄ ريجنل
ايمپلائمينٽ ايڪسچينج جي دوري دوران پناهگيرن جي
تڪڙن بنيادن تي آبادڪاريءَ يا کين ڪنهن واپار يا
ملازمت ذريعي روزگار سان لائڻ جي ضرورت تي زور
ڀريو..... هن ايڪسچينج ۾،سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ ايندڙ
پناهگيرن جي لاءِ روزگار جي ڳولا واري ٿيندڙ ڪم جو
پڻ معائنو ڪيو.“
کهڙي صاحب عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي سنڌ ۾
ايندڙ پناهگيرن جون روزگار جي حوالي سان مختلف
ڪيٽيگريون ٺاهين، جيئن انهن کي جيترو جلد ممڪن هجي
پنهنجي پيرن تي بيهاري معاشري جي تاڃي پيٽي جو حصو
بنائي سگهجي، جيئن اهي امداد تي نه ڀاڙين. هڪ
آءِ.سي. ايس آفيسر نذير احمد کي، ريفيوجي سيٽلمينٽ
آفيسر بڻايو ويو جيئن پناهگيرن جي آبادڪاريءَ جو
اهڙي ريت ڪم ڪري جيئن اهي رياست تي بار نه بڻجن ۽
پنهنجي پيرن تي بيهن.
پر انهيءَ پاليسيءَ جي خود پناهگيرن پاران به وڏي مخالفت ٿيڻ
لڳي. ڊان 1 2 آڪٽوبر تي لکيو:
”سنڌ جي وڏي وزير ايم. اي. کهڙو صاحب گذريل آچر تي
حيدرآباد (سنڌ) جو دورو ڪيو. جتي هن مصروف ڏينهن
گذاريو ۽ حيدرآباد، ٿرپارڪر، نوابشاهه ۽ سانگهڙ جي
ڪليڪٽرن سان انهن مسلم پناهه گيرن جي واهر ۽ ٻيهر
آبادڪاري جي مسئلي تي صلاح مشورا ڪيا، جيڪي هزارن
جي انگ ۾ سنڌ ۾ اچي رهيا آهن. هن انهن ضلعن ۾
ٿيندڙ ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. جيتوڻيڪ اهو
ٻڌي کيس افسوس ٿيو ته ٻولهاڙي ڪيمپ ۽ حيدرآباد جي
پناهگيرن جو رويو عدم سهڪار وارو آهي ۽ اهي معاشري
جو هڪ ڪمائو فرد بنجڻ لاءِ ڪم ڪار کان انڪار ڪري
رهيا هئا. هن سرڪاري ۽ غير سرڪاري عملدارن کي
هدايت ڪئي ته اهي پناهگيرن آڏو اصل حقيقتن کي پڌرو
ڪن ۽ سنڌ جي ڪار آمد شهري بڻجڻ لاءِ کين تيار ڪن ۽
کين سرڪاري خرچ تي کاڌي ۽ رهائش تي ڀاڙڻ کان پاسو
ڪرڻ تي آماده ڪن.“
جيئن اڳتي هلي سامهون آيو ته جڏهن کهڙي صاحب 1948ع ۾ پنهنجو
عهدو ڇڏيو ته اها پاليسي به ختم ڪئي ويئي. تنهن
کان پوءِ نگران عملدار گهڻو ڪري پناهگيرن کي
اويڪيو پراپرٽيءَ جي الاٽمينٽ تي ڀاڙڻ لڳا.
پناهگيرن ۾ ملڪيتن ۽ پئسن جي ورهائڻ واري ان
پاليسيءَ مستقبل ۾ ايندڙ ڪرپشن جا ٻج پوکيا ۽
پناهگير آبادين ۾ بنان محنت جي ڦل حاصل ڪرڻ واري
رجحان جا بنياد وڌا.
ڪسٽمز جي ذميواري مرڪز تي هئي پر جيئن ته ان وٽ
گهربل عملو موجود نه هو تنهن ڪري سنڌ جي سرحدن تي
ڪسٽمز جي وصولي سنڌ حڪومت جي حوالي هئي. لياقت علي
کي رپورٽون مليون ته جيڪي مسلمان پناهگير پاڪستان
اچي رهيا هئا، تن کي دهلي ۽ ٻين جاين تي ڦري سندن
قيمتي سامان انهن کان کسيو پئي ويو. ان سلسلي ۾
پاڻ سخت قدم کڻڻ بدران وزيراعظم هڪ عملدار معاشي
معاملن جي وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري حسنيءَ کي
کهڙي صاحب ڏانهن موڪلي کيس نياپو ڪرايو ته هو ان
ڏس ۾ قانون پاس ڪري ۽ صوبائي سطح تي اهڙا اپاءَ
وٺي ته جيڪي هندو سنڌ مان لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن،
اهي پاڻ سان گڏ وڏيون رقمون نه کڻي وڃن. کهڙي صاحب
کي مرڪز جي ان مطالبي جي پورائي کان ڪيٻائڻ گهرجي
ها، جيڪو پنهنجون ذميواريون سنڌ حڪومت جي مٿان
وجهي رهيو هو، پر کهڙي صاحب اهو مطالبو مڃيو ۽ امن
امان جي برقرار رکڻ، هٿيارن، بارود ۽ سون وغيره جي
اسمگلنگ تي پابندي هڻڻ لاءِ هڪ آرڊيننس جاري ڪيو.
انهيءَ قانون جي عمل درآمد ۾ ظاهر آهي ته ڪجهه
عملدارن زيادتيون ڪيون، جن جي ازالي لاءِ کهڙي
صاحب کي خاص اپاءَ وٺڻا پيا. 1 2 آڪٽوبر تي ڊان
لکيو ته:
”وڏي وزير ذاتي طور تي حيدرآباد جي اسٽيشن تي اچي
انهن هندن جي سامان جي تلاشيءَ واري ڪم جو جائزو
ورتو جيڪي سنڌ کان جوڌپور، بمبئي ۽ ٻين شهرن ڏانهن
لڏي وڃي رهيا هئا. هن ذاتي طور تي سرڪاري عملدارن
کي هدايت ڪئي ته اهي جهڙتيءَ جي ڪم ۾ نرمي ڪن ۽
لڏي ويندڙ هندن کي پنهنجي ذاتي سامان ساڻ کڻي وڃڻ
جي اجازت ڏين، ڇو ته تلاشيءَ جو مقصد اهو آهي جيئن
هندو لڏي ويندڙ پاڻ سان گڏ بنا اجازت جي وڏي تعداد
۾ هندستان ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ سامان نه کڻي وڃن.
هن سامان جي ان ڍير جو معائنو ڪيو جيڪو مسافرن جي قبضي مان
هٿيڪو ڪيو ويو هو ۽ عملدارن کي هدايت ڪئي ته
مسافرن کان کسيل اهڙو سامان جن ۾ گهڻو ڪري ريشمي ۽
اوني ڪپڙي جا ٽڪرا شامل هئا، اهي کين واپس موٽائي
ڏنا وڃن. ان موقعي تي اسٽيشن تي موجود هندن وڏي
وزير جي ان مهربانيءَ ۽ نرميءَ لاءِ ٿورا مڃيا.“
ڪراچي واپس موٽڻ بعد کهڙي صاحب 3 2 آڪٽوبر تي
ڪراچي ميونسپل ڪراچي پاران ڏنل شهري آجياڻي کي
خطاب ڪندي هن بنيادي جهموري ادارن تي ويساهه جو
اظهار ڪيو ۽ انهن سان تاحيات واڳيل رهڻ جو عزم
ڪيو. جيتوڻيڪ ان وقت هو ڪيترن مسئلن ۾ وڪوڙيل هو ۽
کيس وڏي افراتفريءَ پڻ درپيش هئي، پر تنهن هوندي
به کهڙي صاحب پاڻ کي اتي موجود ماڻهن کي خاطري
ڏياري ته موجوده افراتفري جي پويان نظم ۽ ضابطي
واري صورتحال اچڻي آهي. هن صوبي جي تمام سينيئر
مقامي سرڪاري عملدارن کي خراج تحسين پيش ڪيو:
”منهنجي لاءِ اها ڳالهه تمام وڏي اطمينان جو باعث
آهي ته اوهان ڪارپوريشن طرفان هن عظيم شهر جي
انتظام کي سنڀالي رهيا آهيو.“
بعد ۾ هن ننڍي کنڊ ۾ مڪاني حڪومت جي تاريخ بيان ڪندي چيو:
”تاريخي طور تي مڪاني حڪومتي ادارا نمائنده
جمهوريت جو بنياد رهيا آهن ۽ پارلياماني حڪومت جي
شروعات ۽ ان ڏانهن ويندڙ حل جو ڳانڍاپو آهي. مڪاني
حڪومتن جي تجربيگاهه ۾ ئي اينگلو سيڪسن نسل جي
نشونما ٿي ۽ ان ذريعي ئي آهستي آهستي حڪومت جو اهو
مڪمل نظام وجود ۾ آيو. شايد اها تاريخ جي ڪا
الهامي قوت ئي آهي، جنهن ان نسل کي 0 0 2 سالن
تائين هندستان جي ننڍي کنڊ سان اقتداري لاڳاپن ۾
آندو ته جيئن مڪاني حڪومت وارا ادارا اسان جي
ڌرتيءَ ۾ به پاڙون کوڙي سگهن. هاڻي اهي ادارا
پنهنجون پاڙون کوڙي چڪا آهن ۽ اسان انهن جي جوڙجڪ
۽ هلت چلت کي سمجهڻ شروع ڪيو آهي ۽ انهن کي هاڻي
اسان انگريزن جي نگرانيءَ کان سواءِ پاڻ پنهنجي سر
هلائي رهيا آهيون.“
هن مڪاني ادارن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اهي سياستدانن کي
سکيا ڏيڻ ۽ کين سياست جا گر سيکارڻ لاءِ بيحد
ضروري آهن.
”اسان جي ماڻهن کي مڪاني حڪومت جي لاءِ تيار ڪرڻ ۽
کين پارلياماني جمهوريت جي ڏکئي، منجهيل ۽ نازڪ
هلت چلت ۽ جوڙجڪ ۾ ڪم ڪرڻ جي سکيا ڏيڻ لاءِ مڪاني
حڪومتي ادارا خاص ڪري هيءَ ڪارپوريشن انتهائي اهم
ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. مان اميد رکان ٿو ته اسان
جي مستقبل جا ڪافي پارليامينٽري ۽ عوام جا چونڊيل
نمائندا پارليامينٽري ادارن جي نظري ۽ عملي ڪم کي
سمجهندا، سکندا ۽ هنڊائيندا. اهڙي ريت سنڌ ۽
پاڪستان هر وقت اهڙا جمهوري ليڊر پيدا ڪندا رهندا،
جيڪي انهن بحرانن سان ڪاميابيءَ سان مهاڏو اٽڪائي
سگهن جيڪي دنيا کي وقت بوقت پيش ايندا رهن ٿا ۽
گڏوگڏ دقيانوسي قوتن ۽ فاشزم جي چيلينجن جو به
جواب ڏئي سگهن، جيڪي آزاديءَ ۽ جمهوريت کي تباهه
ڪري دنيا کي افراتفري ۽ وڳوڙ ڏانهن ڌڪڻ لاءِ هر
وقت اقتدار تي قبضي لاءِ آتيون رهن ٿيون. انهيءَ
دعا ۽ انهيءَ اميد سان مان اوهان جو، اوهان جي
ورڪشاپ، اوهان جي ڪراچي ڪارپوريشن جي ڪائونسلرن
جو ٿورائتو آهيان جو اوهان مون کي اڄوڪي شام هيترن
معزز ماڻهن جي ميڙاڪي واريءَ شهري تقريب کي خطاب
ڪرڻ جو موقعو ڏنو.“
ساڳي شام جو ئي هن اهو بيان ڏنو جيڪو پاڪستان کي اڳتي درپيش
ايندڙ تجربي جي لحاظ کان هڪ بلڪل درست اڳڪٿي هو.
”اسان جو مستقبل ۽ اسان جا جيڪي نسل ڄمندا تن جو
مستقبل ۽ هڪ آزاد رياست جي لحاظ کان هن ملڪ جي
تقدير جو دارومدار انهيءَ ڳالهه تي آهي ته اسان
انهن ادارن کان ڪاميابيءَ سان ڪم وٺڻ جي ڪيتري
صلاحيت رکون ٿا، جيڪڏهن اسان ان سلسلي ۾ ڪا سستي ۽
ڪوتاهي ڪئي ته اسان آمريت جي چنبن ۾ جڪڙجي
وينداسين.“
ترت ئي کهڙي صاحب، پاڪستان لاءِ هندستان جي هاءِ ڪمشنر سري
پرڪاش کي ساڻ کڻي، جيڪو ڪانگريس جو هڪ احترام جوڳو
۽ سينيئر سياستدان به هو، هندو آباديءَ کي آٿت ڏيڻ
۽ کين سنڌ مان لڏ پلاڻ کان روڪڻ لاءِ صوبي جو دورو
ڪيو. هن ۽ هاءِ ڪمشنر صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي
تقريرون ڪيون ۽ هندن کي خاطري ڏياري، ايتري قدر جو
دوري جي پڄاڻي ڌاري ”سٺو ۽ دوستاڻو ماحول پيدا ٿي
چڪو هو.“ کهڙو صاحب جڏهن موٽي آيو ته کيس ان وقت
ڏاڍو اچرج لڳو جڏهن لياقت علي خان هن تي ڇوهه
ڇنڊيا: ”اسان جي هاءِ ڪمشنر کي ته دهليءَ کان ٻاهر
وڃڻ جي اجازت به نه آهي ۽ توهان هندوستاني هاءِ
ڪمشنر کي دورا ڪرائيندا پيا وتو.“ کهڙي صاحب بنا
تاءَ ۾ اچڻ جي وضاحت ڪئي ته هندو آباديءَ کي خاطري
ڏيارڻ جي ضرورت آهي، خاص ڪري ان لاءِ به ته سندن
اڳواڻ کين لڏ پلاڻ ڪرڻ جي صلاح ڏئي رهيا آهن. هن
کيس ياد ڏياريو ته قائداعظم جي پاليسي به اها آهي
ته جيڪڏهن هندستان ۾ مسلمانن کي صحيح سلامت ڏسڻ
گهرو ٿا ته اقليتن جي حفاظت ۽ کين خوش خرم رکڻ
لاءِ اپآءٌ وٺو.
ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ کهڙي صاحب کي ڪميٽي جي
سلسلي ۾ لاهور ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي ڪوٺ ملي،
جتي 8 ڊسمبر تي پاڪستان ۽ هندستان جي وزير اعظمن
۾ به ملاقات ٿيڻي هئي. ڪشمير جو مهاراجا انهيءَ
رياست جي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ واري عمل ۾ رنڊڪون
وجهي رهيو هو. آڪٽوبر ۾ قبائلي لشڪر سرحد صوبي مان
ڪشمير ۾ داخل ٿي چڪو هو ۽ رياست ۾ لڙائي ٿي رهي
هئي. لاهور واري ڪانفرنس ان لحاظ کان ڦلدائڪ ثابت
نه ٿي جو نهروءَ ڪنهن قسم جي سرچاءَ ڪرڻ کان انڪار
ڪيو. کهڙو صاحب جيڪو پنهنجي پراڻي دوست سرفرانسيسز
موڊيءَ سان گڏ ترسيل هو جنهن کي اولهه پنجاب جو
گورنر بڻايو ويو هو ۽ انهيءَ موقعي تي رضا ڪارن جي
نگران آفيسرن ساڻس رابطو ڪري کيس راولپنڊي وارين
ڪيمپن جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جيئن هو پاڻ حالتن
جو جائزو وٺي، اهو ڏسي ته سنڌ سرڪار سندن ڪهڙي
واهر ڪري سگهي ٿي. لياقت علي خان کهڙي صاحب جي ان
دوري جي حق ۾ نه هو ۽ هو چاهي پيو ته گهٽ کان گهٽ
ماڻهن کي خبر هجي ته ان آپريشن ۾ سندس حڪومت ملوث
آهي پر هو کهڙي صاحب کي روڪي نه ٿي سگهيو. کهڙو
صاحب راولپنڊي ويو ۽ ڪيمپن جو دورو ڪيائين ۽
رضاڪارن لاءِ هٿيارن، خوراڪ ۽ ٻئي سامان سان ڀريل
هڪ خاص ٽرين موڪلڻ جو بندوبست ڪيائين.
کهڙي صاحب جي سلسلي ۾ موڊيءَ وٽ پنهنجي ايجنڊا هئي
۽ هو کيس فيروزپور ۽ والٽن جي پناهگيرن جي ڪيمپن
جي دوري تي وٺي ويو.
کهڙو صاحب پناهگيرن جي حالت زار کان گهڻو متاثر
ٿيو پر موڊيءَ جيڪا کيس درخواست ڪئي ته هو 3 لک
پناهگير سنڌ کڻي وڃي، هو اها درخواست منظور نه پئي
ڪري سگهيو. کهڙي صاحب اهو ٻڌائيندي ان درخواست
قبولڻ کان معذرت ڪئي ته سنڌ جيڪا ننڍي کنڊ جي سڀني
کان ننڍن صوبن مان هڪ آهي تنهن کي نه رڳو سڄي ساري
حڪومت پاڪستان جي رهائش جو بندوبست ڪرڻو آهي پر
گڏوگڏ انهن پناهگيرن جي به پر گهور لهڻي آهي جيڪي
هر روز هزارن جي انگ ۾ کوکرا پار واري سرحد کان
اچي رهيا آهن. جڏهن ته بمبئي کان ايندڙ پناهگيرن
جو انگ انهيءَ کان سواءِ آهي. صوبي جي وسيلن ۾
وڌيڪ سٽ سهڻ جي سگهه نه رهي هئي. موڊي کهڙي صاحب
جو سٺو دوست هو ۽ ساڻس سهمت نه ڪندي کهڙي صاحب کي
تڪليف به ٿي. کهڙي صاحب کي ڄاڻ هئي ته سنڌ ۾ جيڪي
مشڪل ۽ ڪٺن حالتون درپيش هيون، اهي وڌيڪ پناهگيرن
جي اچڻ سان ويتر ابتر ٿي وڃن ها.
پر ان سان به اهو مسئلو ختم نه ٿيو ۽ فيبروري ۾ لياقت علي خان
جناح ڏانهن لکي رهيو هو ته جوائنٽ ريفيوجي ڪائونسل
فيصلو ڪيو آهي ته اولهه پنجاب کان هڪ لک پناهگير
سنڌ موڪليا وڃن. ”اسان اهو ڏسڻ لاءِ آتا آهيون ته
سنڌ وڌ ۾ وڌ پناهگيرن کي پاڻ وٽ جاءِ ڏني.“
پر کهڙي صاحب ٻيهر به انڪار ڪيو ۽ چيو ته جيستائين مرڪز مناسب
واهر نه ڏيندو تيستائين سنڌ لاءِ وڌيڪ پناهگيرن کي
جاءِ ڏيڻ ممڪن نه هوندو. هن وقت تائين مرڪز مهاجرن
تي ٿيندڙ خرچ ۾ ڪجهه به نه ڏنو هو. هن زور ڀريو ته
اهو معاملو ايترو آسان نه آهي جو ان کي بنا ڪنهن
مناسب تياريءَ جي ايترو سولو سمجهي ورتو وڃي.
حقيقت اها هئي ته سنڌ جي شهرن ۾ امن امان جي
صورتحال ڪافي نازڪ هئي. خود پنجاب ۾ به خاص ڪري
ملتان ۾ گوڙ ٿي رهيا هئا جتي اهڙن پناهگيرن جو وڏو
انگ مسئلا کڙا ڪري رهيو هو، جن جي آبادڪاري اڃان
ٿي نه سگهي هئي. پنجاب جي صوبائي حڪومت مهاجرن جي
ايندڙ وهڪري سان منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي هئي ۽
قائداعظم لياقت علي خان کي هدايت ڪئي ته هو1948ع
واري سال جي شروعاتي مهينن جو گهڻو وقت لاهور ۾
رهي ۽ پناهگيرن جي آبادڪاري واري ڪم جي نگراني
ڪري. هن پنهنجي چيئرمينيءَ ۾ وزيرن جي هڪ ننڍي
ڪميٽي پڻ جوڙي جيئن پيدا ٿيندڙ مسئلن کي فوري طور
تي حل ڪيو وڃي.
ڊسمبر 1947 ع ۾ کهڙي صاحب محسوس ڪيو ته هن سنڌ جي
صورتحال کي گهڻي ڀاڱي ضابطي هيٺ آندو آهي، هن
ڪراچيءَ جي اهم اخبار ”ڊيلي گزيٽ“ جي بااثر هندو
ايڊيٽر شرما کي اقليتن جي مسئلي بابت لکيو:
”ڪيترن ئي موقعن تي مان عوامي پليٽ فارمن تان اهو
اعلان ڪري چڪو آهيان ته منهنجي حڪومت جي اختيار
ڪيل پاليسي اها آهي ته سنڌ جي هندن کي قائل ڪيو
وڃي ته اهي پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ کي تڙ تڪڙ ۾ نه
ڇڏين. مان کين سندن جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر
قسم جي خاطري ڪرائي آهي. مون کي فخر آهي ته مان
پنهنجي انهيءَ قول کي پاڻي ڏنو آهي. گڏوگڏ منهنجي
حڪومت هندن کي پاڪستان جي ٻين شهرين جيان برابري
وارن حقن جي خاطري ڏياري آهي ۽ انهن سان واپار،
نوڪرين ۽ ٻئي ڪنهن به شعبي ۾ مت ڀيد نه ڪيو ويندو.
اسان پنهنجي هندو شهرين کي پنهنجي سياسي ۽ معاشي
زندگيءَ جي سڀ کان اهم ترين حصي طور پاڻ سان گڏ
رکڻ گهرون ٿا. مون کي اها دعويٰ ڪندي خوشي ٿي رهي
آهي ته هندن مان لڏ پلاڻ وارو جوش هاڻي جهڪو ٿي
ويو آهي. ايتري قدر جو افراتفري واري ماحول ۾ جيڪي
هندو لڏ پلاڻ ڪري رهيا هئا تن مان به وڏي انگ ۾
ماڻهو واپس موٽي رهيا آهن. اهو ان ڳالهه جو اهڃاڻ
آهي ته پناهگيرن جي آمد واري وڏي وهڪري دوران اسان
هندن کي ڏوهارين ۽ ٻين سماج دشمن عنصرن کان بچائڻ
جي جيڪا پاليسي جوڙي آهي هندو ان تي اعتماد ۽
ڀروسو ڏيکاري رهيا آهن. اميد اٿم ته اوهان هن خط ۾
لکيل ڳالهين تي سوچيندو ۽ منهنجي ان ڳالهه تي
ڀروسو ڪندا ته سنڌ ۽ پاڪستان جي عظمت ۽ خوشحالي
لاءِ هندن جو هتي رهڻ به بيحد ضروري آهي.“
جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پناهگيرن جو وڏي پيماني تي اچڻ جو عمل جاري هو پر
کهڙي صاحب امن امان جي بحاليءَ لاءِ جيڪي اپآءٌ
ورتا هئا اهي ڦلدائڪ ثابت ٿيا هئا. جيڪي به بحري
جهاز مهاجرن کي کنيو ٿي آيا سي سڌا اچي ڪراچي
بندرگاهه تي پئي بيٺا. کوکراپار جي سرحد به کليل
هئي ۽ اتان به پناهگيرن جا انبوهه لاڳيتو اچي رهيا
هئا. تنهن وقت پناهگيرن لاءِ وڏو همدرديءَ جو جذبو
موجود هو ۽ عوام رضا ڪاراڻي طور تي جيترو انهن کان
ٿي پئي سگهيو، کين خوراڪ ۽ اجهو فراهم ڪري رهيو
هو. کهڙي صاحب تنهن وقت هڪ نوٽ لکيو:
”اهو سوچي ته ڪراچي شهر اڪيلي سر ڪيترن پناهگيرن
کي سموئي سگهندو، سنڌ جي اندرين علائقن ۾ به
پناهگيرن جي آبادڪاري لاءِ عملدار مقرر ڪياويا
آهن. اسان سنڌ جا دروازا پناهگيرن لاءِ کولي ڇڏيا
آهن ۽ ان ڏس ۾ عوام جي پڻ مڪمل حمايت حاصل آهي.
رستن تي ڦر جا ڪجهه واقعا سامهون آيا هئا، هندو
واپارين کي رتوديرو جهڙن شهرن ۾ ڦريو پئي ويو.
مان انهيءَ سلسلي کي سخت اپآءٌ کڻي دٻائي ڇڏيو
آهي.“
حڪومت جي لاڳيتي ڪرڙي اک ۽ نگراني سبب هندن ۽ سکن خلاف انتظامي
ڪاروايون گهڻي ڀاڱي ضابطي هيٺ اچي چڪيون هيون.
انتظاميه اهڙا جوڳا اپآءٌ ورتا هئا ته ڪراچيءَ ۾
هندن کي انتقامي نشانو نه بڻايو وڃي ۽ کين سندن
گهرن ۽ جائداد کان محروم نه ڪيو وڃي ۽ هندن کي
خالي ڪيل جائداد جي الاٽمينٽ شفاف طريقي سان ڪئي
وڃي. اهڙيون ڪوششون ورتيون پئي ويون ته مهاجرن کي
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلايو وڃي جيئن ڪراچي ۽
حيدرآباد جهڙن شهرن تي حد کان وڌيڪ بار نه پئي ۽
جيڪا ڇڪتاڻ اوس پئدا ٿيڻي هئي، اها پڻ حدن کان نه
وڌي.
تمام وڏي جاکوڙ کان پوءِ اهو قائم ڪيل نازڪ توازن آخرڪار ترت
بگڙجڻو هو. کهڙي صاحب جي ڪاميابيءَ جو سارو
دارومدار رڳو سندس پنهنجي انتظامي مهارت تي نه هو
پر جيئن ته هن کي سرڪاري عملدارن جي ٽيم به هئي جن
تي هو ڀاڙي پيو ته اهي سندس حڪمن تي عمل ڪندا،
انهن جي ڪارڪردگيءَ جي به ان ڏس ۾ وڏي اهميت هئي.
اڳتي هلي اهو سامهون آيو ته حڪمن ۽ انهن جي عمل
درآمد واري انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه تمام ڪمزور ڪڙيون
به هيون. هڪ اهڙي ڪڙي نوابشاهه جو ڪليڪٽر هو.
اهڙيون ڌريون موجود هيون جن جا مفاد رڳو ان صورت ۾
پورا ٿي پئي سگهيا جڏهن سنڌ ۾ بدامني پکڙجي. کهڙي
صاحب 5 2 ڊسمبر تي ڊيلي گزيٽ کي خط لکيو ۽ کيس
اهو وهم گمان به نه هو ته 5 1 ڏينهن اندر سندس
خوشفهمي جو اهو پاڻي وارو ڦوٽو ڦاٽي پوندو.
سيپٽمبر ۾ ٿيل نوابشاهه وارن وڳوڙن اتان جي اقيلتي عوام جي
اعتماد کي ڇيهو رسايو ۽ نتيجي طور ضلعي مان وڏي
پيماني تي لڏ پلاڻ شروع ٿي ويئي. سنڌ حڪومت سک
برادريءَ جي شهر ڇڏڻ واري ان عمل کي هر ممڪن حد
تائين پر امن رکڻ جون ڪوششون ورتيون. نوابشاهه کان
سکن جون ڀريل ريلون ڪراچيءَ پهتيون جتان کين سمنڊ
ذريعي اڳتي وڃڻو هو. اهي ماڻهو عارضي طور تي
ڪراچيءَ جي سک گرومندر ۾ ترسايا ويا ۽ کين پوليس
تحفظ ڏنو ويو.
6 جنوري تي ڪراچيءَ جي وڳوڙن واري خبر آئي ته
کهڙو صاحب ان وقت پنهنجي آفيس ۾ هو. 1 1 وڳي امن
بورڊ جي سيڪريٽري ٽهلراماڻي ڀڄندو سندس آفيس ۾ آيو
۽ کيس ٻڌايائين ته خنجرن سان مسلح ماڻهو گرومندر ۾
ترسيل سکن کي ماري رهيا آهن. کهڙو صاحب پاڻ اهو
واقعو هيٺين لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
”مان ڊي آءِ جي پوليس ڪاظم رضا سان رابطي جي ڪوشش
ڪئي پر هو نه مليو، سو آءٌ ايس. پي شريف خان کي
هدايت ڪئي ته هو مندر تي ڪڙو چاڙهي ۽ انساني
جانيون بچائي. ڪلاڪ کن کان پوءِ ٽهلراماڻي ٻيهر
آيو ۽ ٻڌايائين ته ماڻهن کي اڃا ماريو پيو وڃي ۽
پوليس ڪجهه به نه ٿي ڪري. ڊي آءِ جيءَ جو اڃان ڪو
پتو ڪونه هو. مون کي بعد ۾ خبر پيئي ته هو پورٽ
ٽرسٽ جي چيئرمين سان گڏ هو. جنهن وٽ هو بظاهر ڪنهن
گڏجاڻيءَ لاءِ ويو هو پر هن پنهنجي آفيس موٽڻ ۾
دير ڪئي هئي. بعد ۾ اهو انڪشاف ٿيو ته پوليس جا
حفاظتي عملدار سکن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪينٽ اسٽيشن
ويا ئي نه هئا ۽ شهر ۾ جيڪو ڪجهه وهي واپري رهيو
هو پوليس ان کان ڊنل ۽ لاتعلق محسوس ٿي رهي هئي.
اهو ظاهر پئي ٿيو ته پوليس وڳوڙن کي روڪڻ جي ڪوشش
ئي نه ڪئي هئي. ساڍي 2 1 وڳي مان آفيس مان نڪري
وڳوڙن وارن علائقن ڏانهن ويس. مان پاڻ ڏٺو ته چاقن
۽ لٺين سان هٿياربند پناهگيرن جا جٿا مندرن تي
هلان ڪري رهيا هئا ۽ انهن مان ڪافي ماڻهو گرو مندر
۾ داخل ٿي چڪا هئا. ايس پي ۽ پوليس ٻاهران بيٺل
هئا، جنهن مون کي ٻڌايو ته وٽس رڳو ڏنڊن سان ليس 0
1 سپاهي آهن جيڪي وڳوڙين جي ان ڪٽڪ کي روڪڻ لاءِ
ناڪافي آهن، تنهن ڪري هو ڪجهه به ڪري نه ٿو سگهي.“
کهڙو صاحب جيڪو وڳوڙن واري علائقي ۾ هڪ گارڊ، هڪ
ڊرائيور ۽ هڪ بندوق سان گڏ ويو هئو، کهڙي صاحب
محسوس ڪيو ته ذاتي طور مداخلت ڪرڻ کان سواءِ ٻيو
ڪو چارو نه آهي. هن گارڊ کي چيو ته هو بندوق سان
وڳوڙين جو نشانو وٺي ۽ هن پاڻ انهن تي فائرنگ ڪئي.
وڏي وزير کي پاڻ فائرنگ ڪندي ڏسڻ وارو منظر گرو
مندر تي حملي روڪڻ لاءِ ڪافي هو ۽ وڳوڙي جٿا ڇڙوڇڙ
ٿي ويا. تنهن وقت تائين شهر ۾ عام وڳوڙ ڦهلجي چڪا
هئا ۽ دڪانن کي ڦرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. کهڙي
صاحب شريف خان سان گڏ ڪراچيءَ جو دورو ڪيو ۽ ڪافي
موقعن تي پنهنجو پستول استعمال ڪيو ۽ وڳوڙن تي
عارضي طور ضابطو آندو، پر صورتحال کي ڪنٽرول هيٺ
رکڻ ڪاسولي ڳالهه نه هئي:
”تنهن ڏينهن مانجهاندي تي منهنجا مهمان اچڻا هئا،
پر مان گهر واريءَ کي فون ڪيو ته هوءَ کين منهنجي
پاران معذرت ڪري ۽ مانجهاندو ڪرائي. هن ٻڌايو ته
قائداعظم جي ڪيترا ڀيرا فون آئي آهي ۽ هو وڳوڙن جي
باري ۾ سخت پريشان آهي ۽ هن پڇيو آهي ته ”کهڙو
صاحب ڪٿي آهي؟ کيس ٻڌايو ته مونسان ڳالهائي.....à“
کهڙي صاحب 0 3
.1 . وڳي ڌاري جي او سي جنرل اڪبر خان سان رابطو ڪيو جنهن
کيس ٻڌايو ته هو 3 وڳي فوجي دستا موڪلي رهيو آهي.
فوج برگيڊيئر ڪي.ايم. شيخ جي ڪمانڊ ۾ شهر ۾ آئي.
کهڙو صاحب رات جو 0 3
.8
. وڳي تائين شهر جو ايستائين دورو ڪندو رهيو
جيستائين هن محسوس ڪيو ته حالتون ٺاپر ۾ اچي ويون
آهن.
تنهن کان سواءِ اها قائداعظم کي تفصيلي رپورٽ ڏيڻ جي به مهل
هئي:
”مان گهر آيس ۽ تڙ تڪڙ ۾ رات جي ماني کائي 0 3
.9
ڌاري قائداعظم ڏانهن ويس. هو اهو ٻڌي خوش ٿيو ته
صورتحال ضابطي هيٺ آندي ويئي آهي. سندس لفظ هئا
”گڊ! سٺو ٿيو، اوهان سخت اپاءٌ ورتا آهن، وڳوڙن کي
هر صورت ۾ بند ڪرايو. هنن پناهگيرن منهنجو منهن
ڪارو ڪري ڇڏيو آهي.“ رڳو ٻه ڏينهن اڳ ظفرالله گڏيل
قومن ۾ چيو هو ته پاڪستان ۾ ڪو گوڙ يا وڳوڙ نه آهي
پر هندستان ۾ ڪيترا وڳوڙ ٿي رهيا آهن. جن مان ٽي
چار دهليءَ ۾ ٿيا آهن. مان کيس ٻڌايو ته وڳوڙ
پهريان ئي بند ڪرايا آهن ۽ اهڙا اپآءٌ وٺان پيو،
جيئن ٻيهر اهڙو ڪو واقعو نه ٿئي. قائداعظم سان
ملاقات کان پوءِ مان شهر جو دورو ڪيو ۽ تنهن رات
جو 2 1 وڳي جنرل اڪبر خان ۽ برگيڊيئر شيخ سان
منهنجي ساڻن گارڊن پوليس اسٽيشن تي گڏجاڻي هئي.
مان کين ٻڌايو ته مون کي شڪ آهي ته صبح جو وڳوڙ
ٻيهر شروع ٿيندا ۽ جيڪڏهن ضروري هجي ته فوج وڳوڙين
کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ لاءِ تيار هجڻ کپي. ٻئي صبح
جو ڏهين يارهين ڌاري مان شهر جو گشت ڪيو. مون وٽ
بندوق هئي. منهنجي پي ايس آغا شاهي وٽ پستول هيو.
مون کي ٻڌايو ويو ته گوڙ ٻيهر شروع ٿيا هئا پر ٻن
ماڻهن کي جڏهن گولي هنئي ويئي ته وڳوڙن تي ٻنجو
اچي ويو.“
کهڙو صاحب انهن وڳوڙن جي متاثر ٿيل ماڻهن کان ذاتي
طور تي شڪايتون ٻڌيون. وڳوڙن وارن علائقن مان
ڪيترن هندو عملدارن ۽ برک شهرين کيس ٽيليفون ڪيون
۽ کهڙي صاحب خاص حفاظتي دستا موڪلي کين محفوظ جاين
ڏانهن منتقل ڪرايو. انهن جوڳن اپائن جو سٺو کڙ تيل
نڪتو.
”ٽن ڏينهن اندر وڳوڙ مڪمل ضابطي ۾ اچي ويا، اسان
ڪيتريون جانيون بچايون. رڳو 0 1 يا 5 1 ماڻهو
مارجي چڪا هئا پر ڦرلٽ جا واقعا ڪافي ٿيا.“
کهڙي صاحب انهيءَ دور ۾ نه رڳو غير معمولي ذاتي
بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو پر هن هڪ ڀيرو ٻيهر اهو پڻ
ثابت ڪيو ته کيس صورتحال جي ڀليءَ ڀت پروڙ هئي ۽
هن دانشمنديءَ سان عملي اپآءٌ وٺندي ان کي ضابطي
هيٺ رکيو. هڪ منتظم ۽ ايڊمنسٽريٽر طور کهڙي صاحب
پنهنجي صلاحيت جو جيڪو مظاهرو ڪيو هو اهڙو مثال ته
هن وقت سڄي ننڍي کنڊ ۾ سندس ڪوبه همعصر قائم ڪري
نه سگهيو هو.“
جيئن ئي حالتون معمول تي واپس وريون ته کهڙي صاحب قائاعظم ۽ مس
جناح کي شهر جو دورو ڪرايو جيئن اهي پاڻ صورتحال
جو جائزو وٺن:
”8 يا 9 جنوري تي مان جناح صاحب ۽ مس جناح کي ساڻ
کڻي گاڏيءَ تي شهر گهمايو ۽ کين ڏيکاريو ته
صورتحال معمول تي اچي چڪي هئي. جناح صاحب امن امان
جي تڪڙي بحاليءَ کي تمام گهڻو واکاڻيو.“
پر وزيراعظم جا خيال ڪجهه ٻيا هئا.
”وڳوڙن ختم ٿيڻ بعد مان نائين يا ڏهين تاريخ ڪنهن
ڪم سانگي لياقت علي خان وٽ ويس ته هن مون کي چيو
ته تون ڪهڙي قسم جو مسلمان آهين جو جڏهن هندستان ۾
مسلمانن جو ڪوس ٿي رهيو آهي ته تون هتي هندن کي
تحفظ پيو ڏئين. ڇا توکي ڪو شرم نه ٿو اچي. تو ته
ڪجهه مسلمانن کي ماريو به آهي.“ مون کي ان ڳالهه
تي تمام گهڻي حيرت ٿي، پر مان کيس وراڻيو ته هڪ
ايڊمنسٽريٽر طور اهو منهنجو فرض آهي ته امن امان
جي بحالي ڪرايان ۽ شهرين جو مذهبي مت ڀيد کان
سواءِ بچآءٌ ڪيان.“
کهڙي صاحب ڪافي چورايل ملڪيتون واپس ڪرايون ۽ ڦورن
۽ قاتلن کي گرفتار ڪرايو، جن مان ڪيترا ماڻهو کيس
بعد ۾ مرڪزي حڪومت جي دٻاءَ تي آزاد ڪرڻا پيا.“
فيبروري
۾
نئين
جوڙيل پاڪستان
مسلم
ليگ جو
اجلاس
ڪراچيءَ جي
خالق
ڏني
هال ۾
ٿيو. ان
اجلاس جو
مقصد
پارٽيءَ جي
نئين
سر جوڙجڪ
۽
نون
عهديدارن جي
چونڊ
ڪرڻ
هو. انهيءَ
اجلاس جي
صدارت جناح
صاحب
ڪئي
۽
هن
کهڙي صاحب
کي
شاندار خراج
تحسين پيش
ڪيو.
”مان
هن
وقت تائين
جيڪي
به وزير
ڏٺا
آهن،
کهڙو
صاحب انهن
سڀني
۾
وڌيڪ ڪم وارو
آهي.“ اجلاس
۾
اٿي
بيهي
کهڙي صاحب
جي
آجيان ڪئي ويئي.
ڪجهه
هفتا
بعد ۾ جناح
صاحب،
کهڙي صاحب
۽
سندس
گهرواريءَ کي ملير
جي
بهاولپور هائوس
تي
مانجهاندي جي
ذاتي
دعوت
ڏني. جتي
هو
۽
مس جناح
هفتيوار موڪلون
گذارڻ ايندا
هئا.
دعوت ۾ ٻيو
ڪوبه مهمان
سڏايل نه
هو
۽
جناح صاحب
کهڙي
صاحب
سان کلي ڪري
ڪچهري
ڪئي. سندس
رويو
بي حد
دوستاڻو هو
۽
هن
ڪراچيءَ
جي وڳوڙن
سان
نبرڻ تي
کهڙي
صاحب
کي
مبارڪون
ڏنيون ۽ بنان
رک
رکآءٌ جي
کيس
ٻڌايو
ته
تون منهنجي
سڀني
ايڊمنسٽريٽرن ۾ سڀ
کان
سٺو
آهين.“ جناح
صاحب
وڌيڪ چيو
ته
مون کي تنهنجي
انتظامي صلاحيتن
جو
تمام گهڻو
قدر
آهي. تون
منهنجي گهڻن
وزيرن کان بهتر
آهين. رڳو
ظفرالله ۽ غلام
محمد
ڪم
جا ماڻهو
آهن،
باقي سڀ
بيڪار آهن.
کهڙي
صاحب
کائنس
پڇيو
”وزير اعظم
جي
باري ۾
ڪهڙو خيال
آهي؟“ جناح
صاحب
وراڻيو ”هو عام
رواجي صلاحيتن
وارو
آهي، باقي
سڀ
هنن کان چٽ
آهن.“ جڏهن
کهڙي
صاحب
موڪلايو ته
جناح
صاحب ۽ مس
جناح
کيس
ڇڏڻ
لاءِ
ٻاهر نڪري
آيا.
جناح اهڙي
زحمت
ورلي ئي
ڪندو
هو.
هن
کهڙي صاحب
کي
چيو
”غلام
محمد سڀاڻي
ڪراچيءَ
جي
معاملي ۾ مون
سان
ملاقات ڪرڻ اچي
رهيو
آهي. مان
سمجهان ٿو ته
تون
ان سلسلي
۾
سخت
رويو اختيار
ڪندين.“
جناح
صاحب
جي انهن
جملن
تي
کهڙي صاحب
کي
ڪا
حيرت
نه لڳي
ڇو
ته
کيس
چڱي نموني
خبر
هئي ته
سندس
سنڌ حڪومت
۽
مرڪزي حڪومت
وچ
۾
اختلاف جنم
وٺي
رهيا آهن.
سنڌ
جي وڏي
وزير
جي حيثيت
۾
کهڙي
صاحب
ننڍي کنڊ جي
تاريخ جي
انتهائي نازڪ
دور
سان منهن
ڏيئي
رهيو
هو. سنڌ
جيڪا
ان سڄي
معاملي لاءِ
تيار
نه هئي
۽
جنهن
وٽ محدود
وسيلا هئا،
اها
اوچتو ان
ڏچي
۾
اچي
ويئي هئي.
سنڌ
کي
نه رڳو
ڪراچيءَ
کي
مرڪزي حڪومت
۽
ساڻس
گڏ ايندڙن
جي
لاءِ تيار
رکڻو
هو، پناهگيرن
جي
وڏي وهڪري
کي
اجهو
فراهم
ڪرڻو هو
۽
انتهائي
ڇڪتاڻ واري
صورتحال ۾ امن
امان
بحال
ڪرڻو هو
پر
کيس
مرڪزي حڪومت
جي
مالياتي گهرجن
کي
پورو
ڪرڻو
هو جيڪا
پنهنجا خرچ
ڀرڻ
کان
به
لاچار هئي.
مٿان
وري
مرڪزي وزيرن
۽
ڪامورن
جا
نازن نخرن
وارا
مطالباالڳ هئا،
جيڪي
گهڻو ڪري اهو
سمجهندا هئا
ته
کهڙو
صاحب سندن
ڳالهه
نه
ٿو
ٻڌي.
مرڪزي حڪومت
جا
ڪامورا
جن کي جمهوري
نظام
جو ڪو عملي
تجربو نه
هو،
انهن
ڪڏهن اهڙو
ماحول ڏٺو ئي
نه
هو، جتي
هو
ڪا
خواهش ظاهر
ڪن
۽
اها
پوري نه
ٿئي.
جڏهن
ته صوبن
اندر
ڪجهه
نه
ڪجهه جمهوري
روايتون
ڊگهي عرصي
کان
موجود هيون.
اها
صورتحال سنڌ
جي
ڪنهن
به اهڙي
حڪومت لاءِ
برداشت ڪرڻ جوڳي
نه
هئي، جيڪا
خود
مختياري جو
ڏيک
ڏيڻ
۽
عوام
جي مسئلي
کي
ترجيح ڏيڻ جي
ڪوشش
ڪندي
هجي.
آزاديءَ کان پوءِ
جيڪي
وڏيون وڏيون
اميدون هيون
۽
انهن
جي پيش
نظر
اها صورتحال
اها
پهرين ڪڙي گوري
هئي،
جنهن کي نڙيءَ
کان
هيٺ
لاهڻو هو.
کهڙو صاحب
اها
ڳالهه
شدت سان
محسوس ڪرڻ لڳو
ته
سنڌ حڪومت
جيڪي
ڪوششوُن
وٺي رهي
آهي
۽
سنڌ جو
عوام
جيڪي قربانيون
ڏيئي
رهيو
آهي تن
جي
ڪا
مڃتا نه
آهي،
جيتوڻيڪ سنڌ
جو
عوام نه
رڳو
ٻاهران
ايندڙ پناهگيرن
جي
ڪشادي
دليءَ سان
آجيان ڪري رهيو
هو
پر
ڪراچيءَ ۾ آيل
ڦڪڙ
۽
کين
خالي
مرڪزي حڪومت
جي
ضرورتن کي پورو
ڪرڻ
لاءِ
سندن صوبي
جا
ڪيترا
ترقياتي پروگرام
ملتوي ڪيا ويا
هئا.
پناهگيرن
جي
هر ايندڙ
جٿي
سان گڏ
صوبي
۾
ڇڪتاڻ
اندر جيڪا
واڌ
پئي آئي
ان
کي
ختم ڪرڻ
۽ امن
امان
جي بحاليءَ
۾
سهڪار ڪرڻ بدران
مرڪزي حڪومت
ڪراچيءَ
جي
امن امان
کي
بگاڙڻ واري
عمل
جي پٺڀرائي
۽
هٿي
ڏيڻ
۾
رڌل هئي.
تنهن
کان
سواءِ ٻيا انيڪ
اهڙا
مسئلا هئا
جن
جي حل
لاءِ
اها سرڪار
ڪو
تعاون ڪرڻ کان نابري
واريو بيٺي
هئي.
سرڪاري عملدارن
جي
آفيسن ۽ رهائش
لاءِ
جيڪي عمارتون
جوڙيون ويون
هيون
اهي سنڌ
سرڪار پنهنجي
خرچ
تي اڏايون
هيون. پناهگيرن
کي
آڻڻ
۽
انهن جي
آبادڪاري جا
وڏا
خرچ به
سنڌ
جي
ڳچيءَ ۾ هئا.
مٿان
وري پنجاب
جي
گورنر
کهڙي صاحب
کي
ٽي
لک
پناهگيرن کي وٺڻ
لاءِ
چيو هو.
سندس
چوڻ هو
ته
پنجاب انهن
پناهگيرن کي سنڀالي
نه
ٿو
سگهي، باوجود
ان
ڳالهه
جي ته
پنجاب وڌيڪ
وڏو
۽
وڌيڪ شاهوڪار
صوبو
هو. اهو
صاف
ظاهر هو
ته
سڀ ڪا ڌر سنڌ
کي
اهڙي
ڳئون
سمجهي رهيا
هئا،
جنهن جو
وڌ
کان
وڌ کير ڏهڻ انهن
لاءِ
جائز هو.
کهڙو
صاحب
ان رويي
کي
محسوس ڪري رهيو
هو
۽
هو ان
کي
وڌيڪ
برداشت ڪرڻ لاءِ
تيار
نه هو.
مرڪز
جي
حڪومت اچڻ
کان
پوءِ
ماليات واري
وزير
غلام محمد
سنڌ
کان
قرض گهريو
هو.
هندستان حڪومت
واعدو ڪيو هو
ته
اها پاڪستان
کي
0 6
ڪروڙ رپيا
نقد
ڏيندي
پر جيئن
ته
اهي پيسا
اڃان
نه پهتا
هئا
تنهن ڪري سنڌ
حڪومت پنهنجا
مالي
وسيلا پاڪستان
جي
حوالي ڪري جيئن
هو
پنهنجي گاڏي
کي
گهلي
سگهي.
کهڙي صاحب
وضاحت ڪئي ته
هن
سنڌ جي
رقم
بينڪن ۾ جمع
ڪرائي
آهي
هو اهي
پيسا
ان نامناسب
نموني نه
ٿو
ڏيئي
سگهي. هن
غلام
محمد کي چيو
ته
هو هندستان
کان
رقم
طلب ڪري جنهن
مٿان
اها واجب
الادا به
آهي.
ماليات واري
وزير
اها دانهن
لياقت علي
خان
کي
ڏني
جنهن
کهڙي صاحب
ڏانهن
نياپو ڪري کيس گهرايو
۽:
”لياقت علي
خان
وڏي جذباتي
اپيل
ڪئي
ته هيءَ
اوهان جي
حڪومت آهي.
اسان
هتي اوهان
جي
هوندي ڀلا بک
مرنداسين ڇا؟ اسان
وٽ
ته پگهارون
ڏيڻ
لاءِ
به
ڏوڪڙ نه
آهن،
مان کيس چيو
ته
اسان پهريائين
وڏي
رقم خرچ
ڪري
چڪا
آهيون ۽ پناهگيرن
تي
اسان جو
خرچ
هلندڙ آهي.
اسان
پنهنجون آفيسون
اوهان جي
حوالي
ڪيون آهن
۽
جيڪو
ڪجهه
ٿي
سگهيو آهي
اهو
ڪري
چڪا آهيون.
سندس
اصرار تي
مان
کيس
سنڌ حڪومتن
جي
رقمن مان
0 3
ڪروڙ رپيا
3
سيڪڙو
وياج
تي ڏيڻ تي
راضپو
ڪيو.“
ڪراچيءَ ۾ گهرن
جي
الاٽمينٽ تي
مرڪزي حڪومت
سان
اڻبڻت، اختلاف
۽
جهيڙو هو.
سنڌ
حڪومت هندن
جي
لڏ پلاڻ
کان
پوءِ
خالي ٿيل گهر
۽
ٻيون
موجود رهائشون
الاٽ
ڪرڻ
لاءِ
ڪمشنر مقرر
ڪيا
هئا.
اها الاٽمينٽ
پناهگيرن ۽ مقامي
ماڻهن ۾ ضرورت
جي
بنياد تي
ٿي
رهي
هئي ۽ سنڌ
حڪومت اهڙي
الاٽمينٽ کي مناسب
سمجهي رهي
هئي،
پر لياقت
علي
خان ۽ غلام
محمد
جو اصرار
هو
ته سندن
چوڻ
موجب گهر
الاٽ
ڪيا
وڃن ۽
ڪجهه عنصر
گهرن
تي جيڪي
زبردستي قبضا
ڪري
رهيا
هئا تنهن
تي
ڪو
ايڪشن نه
کنيو
وڃي.
کهڙو
صاحب اها
ڳالهه
مڃڻ
لاءِ تيار
نه
هو،
تنهن
ڪري
مرڪزي اختيارين
ڪراچيءَ
۾
رهائشي شعبي
کي
پنهنجي ضابطي
۾
رکڻ
لاءِ
ٻياحربا هلائڻ
شروع
ڪيا.
بدقسمتيءَ
سان
وزيراعظم ۽ سنڌ
جي
وڏي وزير
وچ
۾
ان وقت
بدمزگي پيدا
ٿي
جڏهن
وزيراعظم پنهنجي
سرڪاري رهائش
گاهه
جي لان
۽
ان
جي باغ
وارن
آبشارن لاءِ
وڌيڪ
پاڻيءَ جو
مطالبو
ڪيو. تنهن
وقت
جڏهن
ڪراچي جو
گذر
سفر
ڊملوٽي جي
کوهن
کان
ايندڙ پاڻيءَ
تي
هو ۽ اڪثر
گهرن
۾
لان جي
بدران بجري
وڇائي ويندي
هئي
۽
اهڙي صورتحال
۾
جڏهن
لکين ماڻهو
شهر
۾
اچي رهيا
هئا،
کهڙي
صاحب محسوس
ڪيو
ته
اهو مطالبو
جائز
نه هو
۽
جڏهن
ميونسپالٽي اهو
معاملو سندس
ويچار لاءِ
موڪليو ته
کهڙي
صاحب
ان کي رد
ڪري
ڇڏيو.
ان
ڳالهه
تي لياقت
علي
خان کي
ڏاڍي مٺيان
لڳي
۽
هن هڪ
عام
جلسي ۾
کهڙي صاحب
کي
چيو
ته
ڪراچيءَ ۾ پاڪستان
جي
وزيراعظم کي پاڻي
به
اوهان جي
اجازت کان سواءِ
نه
ٿو
ملي.
کهڙي صاحب
تحمل
جو مظاهرو
ڪندي
سڄي
صورتحال سندس
سامهون رکي
۽
ٻڌايو
ته
کيس
ان درخواست
کي
رد
ڪري
خوشي نه
ٿي
آهي،
پر وٽس
ٻيو
ڪو
چارو
به نه
هو.
کهڙي صاحب
۽
وزيراعظم وچ
۾
ٻي
شديد
جهڙپ تڏهن
ٿي،
جڏهن
بچاءَ
کاتي جي
ڪجهه
عملدارن
کهڙي صاحب
کي
ٻڌايو
ته
کين
خبر پيئي
آهي
ته وزيراعظم
ڪراچي
جي
ماڙيپور واري
هوائي اڏي
تي
بيٺل 6
سيبر جيٽ
جهاز
هندستان حوالي
ڪرڻ
جو
فيصلو ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ هندستان
جنهن
کي
فوجي ساز
سامان،
ٽينڪن، بڪتربند
گاڏين جو
وڏو
انگ ۽ 0 6
ڪروڙ
رپيا
روڪ پاڪستان
کي
موٽائي
ڏيڻا آهن
۽
اهو
ان لاءِ
تيار
نه آهي.
انهن
عملدارن
کهڙي صاحب
کي
اپيل
ڪئي
ته هو
انهن
جهازن جي
منتقلي روڪرائڻ
لاءِ
ڪجهه
ڪري.
کهڙي
صاحب صورتحال
جي
ڳنڀيرتا
کي
محسوس ڪيو ۽ هڪدم
آءِ.
جي پوليس
کي
حڪم
ڏنو
ته هو
جهازن جي
چوڌاري ڪڙو چاڙهي
کين
اڏامڻ کان روڪي.
جنهن
کان
پوءِ
کهڙو صاحب
پاڻ
لياقت علي
خان
ڏانهن
ويو ۽ کيس پنهنجي
کنيل
اپائن جي
باري
۾
ٻڌايائين
۽
چيائين ته
جيستائين هندستان
پنهنجو واعدو
پورو
نه ٿو ڪري تيستائين
جهازن کي منتقل
نه
ڪيو
وڃي. لياقت
علي
خان وراڻيو
ته
پاڪستان جيڪو
واعدو ڪيو آهي
ان
کي
هر حالت
۾
پورو
ڪرڻ
گهرجي.
کهڙي صاحب
وزيراعظم سان
اهڙو
واعدو نه
ڪيو
۽
اٿي
هليو آيو.
کهڙو صاحب
ان
باري ۾ لکي
ٿو:
”هڪ مهينو
کن
پوءِ
نومبر ۾، لياقت
علي
خان
ڪجهه پرڏيهي
اهم
شخصيتن جي
مان
۾
آجياڻو
ڏنو. انهيءَ
موقعي تي
هن
جي مون
سان
جهڙپ ٿي. هن
چيو
ته مان
مرڪزي حڪومت
جي
معاملن ۾ ٽنگ اڙائي
رهيو
آهيان ۽ هڪ
صوبائي وڏي
وزير
جي حيثيت
۾
بچاءَ واري
وزارت جي
معاملن ۾ مداخلت
ڪرڻ
جو
مون کي اختيار
نه
آهي ڇو ته
اهو
کاتو
سنئون سڌو
مرڪز
جي حوالي
آهي.
مان کيس
ٻڌايو ته
مان
جيڪي
ڪجهه ڪري رهيو
آهيان اهو
ملڪ
جي مفاد
وٽان
ڪري
رهيو آهيان
۽
اسان
کي
ايستائين ترسڻ
گهرجي جيستائين
هندستان پنهنجو
واعدو پورو
نه
ٿو
ڪري.
هندستان کي جيڪو
ساز
سامان اسان
جي
حوالي
ڪرڻو آهي
هن
اڃان ان
جو
ڏهه
سيڪڙو به
اسان
کي
نه ڏنو آهي،
تنهن
ڪري
مان سمجهان
ٿو
ته
ڏاهپ
جي تقاضا
به
اها آهي
ته
اسان تڪڙ
نه
ڪريون
۽
ڏسون
ته هندستان
جو
پنهنجو عمل
درآمد
ڪيترو آهي.
لياقت علي
خان
زور
ڀريو ته
مان
پوليس کي واپس
گهرايان ۽ مرڪزي
معاملن ۾ ٽنگ نه
اَڙايان. مان
پوليس کي واپس
گهرايو. مون
کي
ڊپٽي
ڊفينس
سيڪريٽري
ٻڌايو ته
هندستاني پائليٽن
پوليس هٽڻ
بعد
هڪ دم
جهازن کي پنهنجي
تحويل ۾ ورتو
۽
پاڪستان ايئرفورس
جي
ڪجهه
آفيسرن انهن
کان
اهو
چوندي ٻڌو ته
جڏهن
اسان هي
جهاز
نام نهاد
آزاديءَ جي
فوج
مٿان بمباريءَ
لاءِ
استعمال
ڪنداسين تڏهن
هنن
بيو قوفن
کي
خبر
پوندي ته
هنن
ڪيتري
وڏي غلطي
ڪئي
آهي.“
وزيراعظم
جي
ناراضگي ۽ مايوسي
وڌي
ويئي هئي
۽
هو
ان
ڳالهه تي
آتو
هو ته
ڪراچيءَ
کي
سنڌ
حڪومت جي
انتظام مان
ڪڍي
مرڪزي حڪومت
جي
ڪنٽرول
۾
ڏنو
وڃي. ان
سلسلي ۾ هن
وڏي
احتياط سان
رٿابندي
ڪئي. سڀ
کان
پهريان جناح
صاحب
کي
جيڪو
کهڙي صاحب
جي
لياقتن ۽ انتظامي
صلاحيتن جي
باري
۾
سٺو تاثر
رکندو هو،
بدگمان
ڪرڻو هو.
کيس
ان
ڳالهه
تي قائل
ڪيو
ويو
ته
ڪراچي سندس
ڄمڻ
وارو
شهر آهي
تنهن
ڪري
اهو سڌو
سنئون مرڪزي
حڪومت جي
ڪنٽرول
۾
هجي
ڇو
ته اها
ڳالهه
سندس
شان وٽان
نه
آهي ته
سندس
گاديءَ جو
هنڌ
صوبائي حڪومت
جي
انتظام هيٺ
۽
ان
جو
ڳيجهو هجي.
کيس
اهو
به
ٻڌايو ويو
ته
جيستائين
کهڙو صاحب
وڏو
وزير آهي
تيستائين
ڪراچيءَ جو
ڪنٽرول
حاصل
ڪرڻ
ناممڪن هوندو،
تنهن
ڪري
کهڙي
صاحب کي به
هٽائڻو پوندو.
کهڙي
صاحب
کي
وڏ وزارت
۾
آئي چار
يا
پنج مهينا
مس
ٿيا
هئا پر
سندس
پوزيشن تمام
نازڪ
هئي جيتوڻيڪ
هو
پنهنجي دشمنن
جي
ڪريل
حرڪتن جو
جواب
اهڙن ئي
حربن
ذريعي ڏيڻ کان پاسو
ڪري
رهيو
هو، پر
ان
سان به
کيس
لاڀ
نه رسيو.
سندس
خيال هو
ته
هو پنهنجي
ڪم
۽
عمل
ذريعي پنهنجي
مڃتا
ڪرائيندو
۽
گڏوگڏ سندس
آئيني پوزيشن
به
ايتري سگهاري
آهي
جو دشمن
سندس
ويجهو نه
ايندا، پر
انهيءَ سوچ
۾
کهڙو
صاحب
پنهنجي دشمنن
جي
انهن خطرناڪ
وارن
جو
درست اندازو
نه
لڳائي سگهيو
جيڪي
هن تي
ڪيا
پئي
ويا. ڊان جي
ايڊيٽر الطاف
حسين
سندس خلاف
هڪ
اخباري مهم
شروع
ڪري
ڏني
هئي. اها
اخبار
کهڙي صاحب
جي
بدناميءَ ۽ مٿس
جڙتو
الزام مڙهي
سندس
ساک بگاڙڻ
۾
پيش
پيش هئي.
مٿس
الزام هنيو
ويو
ته هو
پاڪستان حڪومت
جو
سڄڻ نه
آهي.
سندس خلاف
ڊس
انفارميشن جو
طوفان کڙو ڪيو ويو.
1948 ع
جو
سڄو سال
ڊان
کهڙي
صاحب
خلاف ان
اميد
تي جنگ
جوٽيندي رهي
ته
سندس پوزيشن
ضرور
ڪمزور
ٿي
ويندي.
ٻئي پاسي
جناح
صاحب کي
کهڙي صاحب
خلاف
ڀڙڪائڻ
۾
به ڪا ڪسر نه
ڇڏي
ويئي. ان
سلسلي ۾ جناح
صاحب
کي
ٻڌايو
ويو ته
قائداعظم فنڊ
۾
مناسب چندا
ان
لاءِ نه
ٿا
اچن
جو
کهڙي صاحب
جو
”پناهگيرن
لاءِ وڏي
وزير
جو فنڊ“
سڀ
چندا پاڻ
ڏانهن
ڇڪي
پيو
وڃي. نتيجي
طور
جناح صاحب
کهڙي
صاحب
کي
لکيو ته
هو
پنهنجو فنڊ
بند
ڪري
ڇڏي.
کهڙي
صاحب پنهنجي
جوابي خط
۾
انهن
مسئلن جي
وضاحت ڪئي جيڪي
پناهگيرن جي
آبادڪاريءَ جي
سلسلي ۾ سنڌ
حڪومت کي درپيش
هئا
۽
هن مرڪز
جي
عدم سهڪار
تي
به روشني
وڌي.
” مان
اوهان جي
ڄاڻ
لاءِ
وڏي وزير
فنڊ
جو پس
منظر
۽
ان جي
اوائلي تاريخ
پيش
ڪرڻ
گهران ٿو، جڏهن 6 1
آگسٽ
1947ع
تي
مان سنڌ
جي
وڏ وزارت
سنڀالي ته
اها
ڳالهه
منهنجي سامهون
آئي
ته اوڀر
پنجاب ۽ هندستان
جي
ڪجهه
ٻين
رياستن جهڙوڪ
ڀرتپور،
الوار، پٽيالا،
جوڌپور، اڌياپور،
جيپور ۽ بيڪانير
۾
مسلمانن جي
وڏي
پيماني تي
ڪوس
ٿيڻ
سبب
مسلمان پناهگيرن
جو
وڏو انگ
ڪراچي
۽
حيدرآباد پهچي
رهيو
آهي، ترت
ئي
اجمير جا
مهاجر ريلن
ذريعي حيدرآباد
پهچڻ
لڳا ۽ ان
کان
پوءِ
ڪاٺياواڙ،بمبئي
پريزيڊنسي ۽
ڪجهه ٻين صوبن
جا
پناهگير سامونڊي
رستي
پهچڻ شروع
ٿي
ويا.
هندستان
جي
ورهاڱي کان اڳ
به
اسان وٽ
بهار
جا پناهگير
موجود هئا،
جن 1946 ع جي
آخر
۾
1947 ع
جي منڍ
واري
قتل عام
سبب
اهو صوبو
ڇڏي
سنڌ
۾
پناهه ورتي
هئي.
سنڌ حڪومت
انهن
لاءِ
ڪراچيءَ ۾ جهوپڙا
اڏڻ
تي پهريان
ئي
چڱيرڙي رقم
خرچ
ڪري
چڪي هئي.
جيئن
جيئن هندستان
۾
قتل
غارتگري وڌندي
ويئي
تيئن تيئن
اسان
وٽ پناهگيرن
وارو
مسئلو اهڙي
ته
شدت سان
وڌيو
جنهن کي اسان
پنهنجي نسبتاً
محدود مالي
وسيلن ذريعي
منهن
ڏيڻ
کان
قاصر ٿي رهيا
هئاسين. تنهن
ڪري
مان
ماليات واري
وزير
غلام محمد
کي
فون
ڪئي
۽
کيس
چيو ته
مهاجرن جو
مسئلو بنيادي
طور
تي پاڪستان
حڪومت جي
ذميواري آهي،
تنهن
ڪري
اسان پناهگيرن
جي
آباديءَ ۽ بحال
ڪاريءَ
تي
جيڪو خرچ
ڪيو
تنهن
جو گهٽ
۾
گهٽ
0 5
سيڪڙو
کيس
ادا
ڪرڻ
گهرجي.
منهنجي
ڪاٿي
موجب
سيپٽمبر جي
منڍ
ڌاري
اسان جو
ڇهن
مهينن ۾
خرچ ان
مسئلي تي
0 2
لک
رپين
کي
ڌڪ
هڻڻ وارو
هو.
تنهن ڪري مان
فيصلو ڪيو ته
سنڌ
جي عوام
کان
چندن
۽
امداد جي
صورت
۾
0 1 لک
رپيا گڏ
ڪيا
وڃن.
مان غلام
محمد
کي
درخواست ڪئي ته
هو
باقي 0 1
لک رپيا
ادا
ڪري،
جيتوڻيڪ غلام
محمد
ڪو
پڪو واعدو
نه
ڪيو
پر هن
پر
اميد جواب
ڏنو
۽
ٻئي
ڏينهن
مان
پنهنجي گهر
ڪراچيءَ
جي
برک شهرين
جو
اجلاس سڏايو
۽
انهن
آڏو پنهنجي
پوزيشن بيان
ڪئي.
انهيءَ اجلاس
۾
فيصلو ڪيو ويو
ته
وڏي وزير
جي
فنڊ واري
نالي
سان هڪ
فنڊ
جوڙيو وڃي،
جنهن
مان انهن
مسلمان پناهگيرن
جي
بحالي ۽ آبادڪاري
ڪئي
وڃي
جيڪي انتهائي
زبون
حاليءَ جي
حالت
۾
هتي پهچي
رهيا
هئا. جنهن
ڪري
سنڌ
حڪومت تي
دٻآءٌ وڌي
رهيو
هو، جيڪا
کين
اٽو،
لٽو، اجهو
۽
روزگار فراهم
ڪري
رهي
هئي، ايتري
قدر
جو کين
ڏاند، هر،
ڦار
۽
ٻيو
زرعي
سامان به
ڏنو
پئي
ويو جيئن
اهي
ٻني
ٻارو
ڪن.
چندن
جي
وصوليءَ لاءِ
هڪ
وڏي مهم
شروع
ڪرڻ
لاءِ مان
ڪراچيءَ
۾
ضلعي
آفيسرن جي
ڪانفرنس
ڪوٺائي
۽
کين
چيو
ته اهي
ماڻهن کي ان
فنڊ
۾
چندن ڏيڻ لاءِ
ڪوٺ
ڏين،
گڏوگڏ مان
پريس
ذريعي سنڌ
جي
عوام کي اپيل
ڪئي
ته
اهي وڏي
وزير
جي فنڊ
۾
دل
کولي
چندا
ڏين. سيپٽمبر
۾
صوبي
جي مختلف
ضلعي
۽
تعلقا هيڊ
ڪوارٽرن
جي
شروع ڪيل دوري
۾
مان
عوام آڏو
پنهنجي اپيل
کي
ورجايو ته
اهي
کلي
دل سان
ان
فنڊ ۾ عطيه
ڏين.
فنڊ
۾
چندن جو
اچڻ
نومبر ۽
ڊسمبر مهينن
۾
تڏهن
شروع ٿيو جڏهن
زميندارن ۽ آبادگارن
کي
خريف
جي فصل
جا
پئسا مليا.
سڄي
صوبي لاءِ
0 1
لک
رپين
جو حدف
مقرر
ڪيو
ويو ۽ هر
ضلعي
۽
ڪراچي
لاءِ انهن
جي
وِت ست
موجب
حصو مقرر
ڪيو
ويو.
ستت ئي
قائداعظم فنڊ
شروع
ڪيو
ويو ۽ سنڌ
جي
گورنر جي
سربراهيءَ ۾ ان
سلسلي ۾
ڪميٽي جوڙي
ويئي.مانواري گورنر
سنڌ
صوبي لاءِ
پنهنجي هڪ
ڪميٽي
جوڙي
جنهن ۾ شرڪت
جي
مون کي به
ڪوٺ
ڏني
ويئي. مان
گورنر کي
ٻڌايو ته
مون
کي
پنهنجو فنڊ
بند
ڪرڻ
۽
ان ۾ گڏ
ٿيل
سموري رقم
قائداعظم جي
فنڊ
کي
ڏيڻ
۾
ڪو
اعتراض نه
آهي.
بشرطيڪه ان
مان
روڪ رقم
جو
ڪجهه
حصو منهنجي
حڪومت جي
صوابديد تي
رکيو
وڃي ته
جيئن
اهو
ڪليڪٽرن پاران
انهن
پناهگيرن تي
خرچ
ڪري
سگهجي، جيڪي
تمام
وڏي انگ
۾
صوبي
۾
داخل ٿي رهيا
آهن،
پر جيئن
ته
ان جو
ڪو
کڙ
تيل
نه نڪتو
۽
مون
کي
ترت خرچن
جي
ادائيگيءَ لاءِ
روڪ
رقم ڏيڻ جو
ڪو
واعدو نه
ڪيو
ويو
تنهن ڪري مون
وٽ
ٻيو
ڪو
چارو نه
رهيو
۽
مون کي
ڪليڪٽرن کي اجازت
ڏيڻي
پيئي
ته اهي
پنهنجن پنهنجن
ضلعن
۾
آبادڪاري وارا
خرچ
پورا ڪرڻ لاءِ
منهنجي فنڊ
۾
چندن
جي وصوليءَ
وارو
سلسلو جاري
رکن.
جيتوڻيڪ سنڌ
سرڪار
ٻولهاڙي، حيدرآباد،
ڪراچي
۽
سڄي
صوبي جي
ٻين
ضلعي
هيڊ
ڪوارٽرن ۾ پناهگيرن
لاءِ
ڪيمپون
قائم
ڪيون آهن،
پر
هن وقت
تائين ان
کي
قائداعظم فنڊ
مان
هڪ
ڏوڪڙ به
نه
مليو آهي،
پر
منهنجي فنڊ
ذريعي ئي
ڪليڪٽرن
ترت
خرچن کي انهيءَ
فنڊ
۾
گڏ ٿيل رقم
ذريعي پورو
ڪرڻ
جي
قابل ٿيا آهن،
اهو
فنڊ نه
هجي
ها ته
سنڌ
سرڪار وٽ
ايتري
ٿوري وقت
۾
انهن
ڪيمپن
قائم ڪرڻ لاءِ
روڪ
رقم ميسر
ٿي
نه
سگهي ها....
اوهان
کي
غلط
ٻڌايو
ويو آهي
ته
مان اهو
چيو
آهي ته
قائداعظم فنڊ
رڳو
پنجاب ۾ پناهگيرن
جي
ڀلائيءَ
تي خرچ
ڪيو
ويندو. اصل
۾
مان
اهو چيو
هو
ته جيئن
ته
سنڌ جي
ڀيٽ
۾
پنجاب اندر
پناهگيرن جو
مسئلو تمام
گهڻو
سنگين آهي
تنهن
ڪري
توقع اها
آهي
ته ان
فنڊ
مان وڏي
رقم
پنجاب موڪلي
ويندي. مان
اهو
چيو هو
ته
ان جي
باوجود به
سنڌ
پناهگيرن واري
انتهائي
ڳنڀير مسئلي
۾
ڦاٿل
آهي،
جنهن کي چڱيءَ
ريت
حل ڪرڻ لاءِ
تمام
گهڻن
ڏوڪڙن جي
گهرج
آهي. تنهن
ڪري
مون
وٽ پنهنجي
فنڊ
کي
جاري رکڻ
کان
سواءِ ٻيو ڪو چارو
نه
رهيو. خاص
ڪري
هڪ
اهڙي صورتحال
۾
سنڌ
حڪومت جي
قائداعظم فنڊ
مان
نه ڪا واهر
ڪئي
ويئي
آهي ۽ نه
وري
اهڙو ڪو واعدو
ڪيو
ويو
آهي. سنڌ
سرڪار جي
چيف
سيڪريٽري منهنجي
هدايتن تي
سرڪاري طور
تي
قائداعظم فنڊ
مان
واهر جي
درخواست ڪئي آهي
پر
هن وقت
تائين ان
جو
ڪو
جواب نه
مليو
آهي. تنهن
هوندي به
مان
اوهان کي اها
خاطري
ڪرائڻ گهران
ٿو
ته
مون کي پنهنجي
فنڊ
بند ڪرڻ تي
ڪو
اعتراض نه
آهي
۽
مان سڀني
ڪليڪٽرن
کي
هدايت
موڪلي
رهيو آهيان
ته
اهي پنهنجي
پنهنجي ضلعي
۾
اهو
فنڊ بند
ڪن
۽
هن
مهيني جي
آخر
تائين ان
فنڊ
۾
جيڪا رقم
گڏ
ٿي
چڪي آهي
تنهن
مان پناهگيرن
تي
ٿيل
خرچ ڪٽي باقي
رقم
قائداعظم فنڊ
۾
موڪلي ويندي.
پر
جيئن ته
اسان
کي
ترت ئي
پنجاب کان ڏيڍ لک
پناهگير ملڻا
آهن
۽
ان کان سواءِ
هندستان جي
ڪنڊ
ڪڙڇ
کان
۽
خاص
ڪري
اجمير ۽
ڪاٺياواڙ جي
بندرن کان هر
روز
سمنڊ ۽ زمين
رستي
ذريعي پناهگيرن
جو
وهڪرو سنڌ
۾
اچي
رهيو آهي،
تنهن
ڪري
اسان کي ان
سلسلي ۾ روز
مرهه
جي خرچن
جي
پورائي لاءِ
ڳپل
رقم
جي گهرج
آهي.
مان
ٻڌائيندو هلان
ته
اڃان اسان
وٽ
هر روز
سمنڊ
۽
زميني رستن
ذريعي هڪ
هزار
کان
0 0 5 1
پناهگير
پهچي
رهيا آهن.
انهيءَ صورتحال
۾
اسان
کي
گهٽ ۾ گهٽ
5
لک
رپين
جي گهرج
آهي
جيئن ترت
خرچن
جو پورائو
ڪري
سگهجي. بعد
۾
ضرورت پٽاندڙ
اسان
وڌيڪ مالي
واهر
لاءِ گهُر
ڪنداسين.
منهنجي اوهانکي
درخواست
آهي
ته
قائداعظم
فنڊ مان
عطيو
ڏيڻ
وقت اوهان
کي
اهو
ذهن ۾ رکڻ
گهرجي ته
سنڌ
جي ان
معاملي ۾ ڪا گهٽ
اهميت نه
آهي
۽
ان کي پناهگيرن
جي
خرچ لاءِ
قائداعظم فنڊ
مان
مناسب حصو
ملڻ
گهرجي. خاص
ڪري
اهڙي
صورتحال ۾ جڏهن
ته
اهو سلسلو
اولهه پنجاب
جي
ئي ذميواري
آهي،
ته پوءِ
اهڙي
ريت ان
مسئلي کي سنڌ
سرڪار جي
ذميواري
ڪنهن به
حالت
۾
قرار
ڏيئي نه
ٿو
سگهجي.......
مان
انتهائي احترام
سان
ٻڌائڻ
گهران ٿو ته
مان
پناهگيرن واري
مسئلي سان
ويجهي رابطي
۾
آهيان ۽ اهو
مسئلو منهنجي
پنهنجي نگرانيءَ
۾
حل
ڪيو
پيو وڃي.
سنڌ
۾
مختلف جاين
تي
پناهگيرن لاءِ
اپآءٌ وٺڻ
۽
وڏي
وزير جي
فنڊ
۾
چندا جمع
ڪرڻ
جو
ڪم
به منهنجي
هدايت تي
شروع
ڪيو
ويو، پر
اها
به حقيقت
آهي
ته ٻين صوبن
خاص
ڪري
اولهه پنجاب
۾
پناهگيرن واري
مسئلي جون
جيڪي
پيچيدگيون آهن
تن
جي مون
کي
ڄاڻ
نه
آهي ڇو ته
قائداعظم فنڊ
کي
هلائڻ لاءِ
جيڪا
ڪميٽي
جوڙي ويئي
آهي
مان تنهن
جو
ميمبر نه
آهيان، ان
ڪميٽيءَ
۾
سنڌ
جي نمائندگي
مانوارو گورنر
ڪري
رهيو
آهي، جنهن
جو
صوبي جي
روز
مرهه جي
معاملن سان
ڪو
سڌو
تعلق نه
آهي.
تنهن ڪري مون
کي
خدشو
آهي ته
کيس
پاڻ
کي
به اها
خبر
ناهي ته
سندس
صوبي ۾ ڇا ٿو وهي
واپري.“
کهڙي صاحب
کي
ڀلي
ڀت
ڄاڻ
هئي
ته جناح
صاحب
جو خط
انهن
بدگمانين جو
نتيجو آهي
جيڪي
کهڙي
صاحب خلاف
اجايا الزام
هڻي
قائداعظم جي
ڪَنن
ڀرڻ
جي
نتيجي ۾ پيدا
ٿيون
هيون
۽
هن پنهنجي
خط
۾
انهن
ڏانهن اشارو
ڪيو
۽
پناهگيرن جي
واهر
لاءِ مرڪزي
سرڪار جي
عدم
سهڪار
جو
ذڪر
ڪيو.
کهڙي صاحب
جو
اهو صاف
۽
کرو
انداز قائداعظم
جي
مزاج مطابق
نه
هو جنهن
کي
هاڻي
ڄڻ
هڪ ديوتا
جو
درجو ملي
چڪو
هو، پر
کهڙو
صاحب
عوام جي
خوشحاليءَ وارن
مسئلن ۾ خاموش
رهڻ
۽
نٽائڻ جو
قائل
نه هو.
تنهن
ڪري
هن
ڄاڻي واڻي
سڄي
صورتحال چٽي
نموني جناح
صاحب
جي سامهون
رکي.
جناح
صاحب
کي
6 جنوري
تي اهو
خط
ملڻ کان رڳو
ٻه
ڏينهن
پوءِ
ڪراچي
۾
وڳوڙن ڪر
کنيو ۽ جناح
صاحب
آڏو سنڌ
جي
وڏي وزير
جي
صلاحيتن جو
مظاهرو
ٻيهر سامهون
آيو
پر تنهن
وقت
اهو سمجهيو
پئي
ويو ته
جناح
صاحب
ڪراچيءَ کي سنڌ
جي
انتظام کان الڳ
ڪرائڻ
واري
منصوبي تي
راضي
ٿي
چڪو هو.
جنوري
1948 ع
جي
ٽين
هفتي جي
منڍ
۾
گورنر جنرل
جي
آفيس ۾
ڪابينه جو
اجلاس
ڪوٺايو ويو،
جنهن
۾
کهڙي
صاحب کي به
شرڪت
جي ڪوٺ ڏني ويئي.
کهڙي
صاحب
کي
ڪابينه
جي اجلاس
۾
شرڪت
لاءِ دعوت
ڪا
نئين
ڳالهه
نه هئي.
هو
ماضيءَ ۾ به
اهڙن
اجلاسن ۾ ويندو
رهيو
هو، پر
پيرزادي کيس خبردار
ڪيو
هو
ته گڏجاڻيءَ
۾
ڪراچي
کي
الڳ
ڪرڻ
وارو معاملو
اٿاريو ويندو.
جناح
صاحب گڏجاڻيءَ
جي
صدارت ڪري رهيو
هو.
لياقت علي
خان
اجلاس ۾ تقرير
ڪئي
۽
چيو
ته مرڪزي
حڪومت هاڻي
وڌيڪ
صوبائي حڪومت
جي
رحم ڪرم تي
رهي
نه ٿي سگهي.
”مرڪزي حڪومت
هتي
ڌارين
وانگر ويٺي
آهي.
اسان کي اهو
اختيار نه
آهي،
هر شئي
جي
منظوري صوبائي
حڪومت ۽ خاص
ڪري
کهڙي
صاحب
وٽان ملي
ٿي
جنهن
جو شهر
تي
راڄ آهي.
ڪراچي
۾
اسان
جي ڪا حيثيت
نه
آهي، جيڪڏهن
مون
کي
مالي گهرج
ٿئي
ٿي
ته
به
کهڙي صاحب
کي
چوڻو
پوي ٿو، جيڪڏهن
مون
کي
باغ کي پاڻي
ڏيارڻو
آهي
ته به
کهڙي
صاحب
کي
چوڻو پوي
ٿو.
هو
هر شئي
جو
مالڪ آهي،
اسان
کي
ڪا
اهميت نه
آهي.“
هن
وڌيڪ
چيو ته
سنڌ
حڪومت
ڪراچيءَ کان
ٻاهر هلي
وڃي.
ڪراچي
شهر جي
معاوضي تي
ويچاري اهو
معاوضو سنڌ
حڪومت کي ڏنو ويندو.
”وڃو پنهنجو
گادي
وارو هنڌ
حيدرآباد يا
ڪنهن
ٻئي
شهر
کي
بڻايو.“
کهڙو صاحب
ان
زهريلي جملي
۽
خاص
جناح صاحب
جي
رويي تي
دنگ
رهجي ويو.
”جناح صاحب
سڄو
وقت خاموش
ويٺو
رهيو ۽ هن
منهنجو ڪو دفاع
نه
ڪيو.“
کهڙي صاحب
لاءِ
جناح صاحب
جي
بي رخيءَ
جو
اهو صدمو
ان
لاءِ به
ڏکوئيندڙ
هو
جو هن
رڳو
0 1
ڏينهن اڳ
ڪراچيءَ
۾
وڳوڙن کي اثرائتي
نموني ۽ همت
سان
منهن ڏيڻ تي
کهڙي
صاحب
جي واکاڻ
ڪئي
هئي.
کهڙي صاحب
دليريءَ سان
اها
ڳالهه
سامهون آندي
ته
گاديءَ واري
هنڌ
جو صوبائي
حڪومت جي
انتظام هيٺ
هئڻ
ڪا
نئين
ڳالهه نه
آهي.
هڪ سئو
سالن
کان
وڌيڪ برٽش
انڊيا جي
گاديءَ وارو
شهر
ڪلڪتو
بنگال سرڪار
جي
انتظام هيٺ
رهيو
۽
اهو شهر
ان
جي به
گاديءَ جو
هنڌ
هو ۽ هندستان
جو
اونهاري واري
گاديءَ جو
هنڌ
شملا پنجاب
حڪومت جي
انتظام هيٺ
هو،
تنهن ڪري ان
ڳالهه
۾
ڪو
حرج
نه آهي
ته
ڪراچيءَ
جو انتظام
سنڌ
سرڪار جي
هٿ
هيٺ هجي.
ان
معاملي ۾ مرڪزي
سرڪار کي مداخلت
ڪرڻ
جي
ڪا
ضرورت نه
آهي.
کهڙي
صاحب کين اهو
به
چيو ته
هو
ان معاملي
تي
جواب ڏيڻ کان اڳ
پنهنجي حڪومت
سان
صلاح
ڪندو.
ڪابينه
ڪراچيءَ کي پاڪستان
جو
مستقبل جي
گاديءَ وارو
هنڌ
جوڙڻ واري
معاملي تي
سنڌ
سرڪار سان
ڳالهيون
ڪرڻ
لاءِ
ٽن
مرڪزي وزيرن
آءِ.
آءِ. چندريگر،
راجا
غضنفر علي
۽
غلام
محمد تي
ٻڌل
هڪ
ڪميٽي
جوڙي.
کهڙي صاحب
مرڪزي حڪومت
جي
ان مطالبي
بابت
سنڌ
ڪابينه کي اطلاع
ڪرايو.
هن
سينٽرل
ڪميٽيءَ جي
ان
پهرين اجلاس
۾
شرڪت
ڪئي
جنهن ۾ مرڪزي
وزيرن
ڪسٽمز جا
فرض
پاڻ سنڀالڻ
جو
فيصلو
ڪيو. اهو
پڻ
فيصلو ڪيو ويو
ته
رينٽ
ڪنٽرول ۽ گهرن
جي
الاٽمينٽ وارا
ڪم
به
مرڪزي سرڪار
پنهنجي بلي
ڪندي.
غلام
محمد پنهنجي
سيڪريٽريءَ کي هاڻوڪي
الاٽمينٽ جي
چارج
وٺڻ لاءِ
نامزد
ڪيو.
کهڙي صاحب
کي
يقين
هو ته
مرڪز
ڪراچي
کي
پنهنجي قبضي
۾
وٺڻ
واري فيصلي
۾
نا
انصافي ڪري رهيو
هو
۽
اهو فيصلو
غير
منصفاڻو ۽ پنهنجي
نوعيت جو
اڪيلو مثال
هو
۽
سنڌ پاڪستان
۽
مرڪزي حڪومت
لاءِ
جيڪي
ڪجهه ڪيو هو،
اهو
ان جو
نا
مناسب صلو
هو.
هن وزيراعظم
کي
هڪ
ڊگهو
نوٽ لکي
کيس
ياد
ڏياريو
ته قائداعظم
جي
وعدي موجب
مرڪزي حڪومت
ڪراچيءَ
۾
رڳو
عارضي طور
تي
آيل هئي،
تنهن
ڪري
سنڌ حڪومت
کي
ٻاهر
نڪرڻ
جو جواز
نه
هو. هن
پنهنجي انهن
دليلن کي
ٻيهر ورجايو
ته
ڪلڪتو
اٽڪل ٻن صدين
تائين هندستاني
شهنشاهيت جي
گاديءَ وارو
هنڌ
رهيو ۽ گڏوگڏ
اهو
شهر بنگال
جو
به گاديءَ
وارو
هنڌ رهيو
۽
ان
جو انتظام
به
بنگال سرڪار
جي
حوالي رهيو.
هن
اهو پڻ
مثال
ورجايو ته
برٽش
انڊيا جو
اونهاري وارو
گاديءَ جو
هنڌ
شملا به
انتظامي طور
تي
پنجاب سرڪار
جي
هٿ هيٺ
رهيو. انهن
مثالن جي
موجودگيءَ ۾ سنڌ
کي
پنهنجي گاديءَ
واري
شهر جي
منتقلي جي
ڪا
ضرورت نه
آهي.
مرڪزي حڪومت
مناسب وقت
تي
پنهنجو گاديءَ
جو
هنڌ جوڙي
اوڏانهن وڃي
سگهي
ٿي.
گڏوگڏ سنڌ
سرڪار
ڪراچيءَ جي
معاوضي لاءِ
به
حساب
ڪتاب
ڪيو، جنهن
موجب
رڳو عمارتن
جي
لاڳت 0 6
ڪروڙ
رپيا
طئي ڪئي ويئي.
بعد
۾
جڏهن مرڪزي
سرڪار سان
معاوضي جي
مسئلي تي
ڳالهه
ٻولهه
ٿي
ته
ان رڳو
0 3
ڪروڙ رپين
ڏيڻ
جي
حامي
ڀري. پر
اهو
گهٽايل معاوضو
به
رڳو
ڪاغذن جي
زينت
بڻيو رهيو
۽
حقيقي طور
تي
معاوضو تنهن
وقت
يا بعد
۾
ادا
نه ڪيو ويو.
فيبروري
مهيني جي
آخر
تائين
ڪميٽيءَ جا
ڪيترا
اجلاس ٿيا ۽
کهڙي صاحب
۽
چندريگر وچ
۾
تفصيلي لک
پڙهه
ٿيندي
رهي، جنهن
۾
کهڙي
صاحب
سنڌ جي
۽
چندريگر مرڪز
جي
مؤقف جي
وضاحت
ڪندو رهيو.
سنڌحڪومت
جو
چوڻ هو
ته:
”آفيشل
ڪميٽيءَ جي
ٽرمس
آف
ريفرنس جي
سلسلي ۾ سخت
اختلاف سامهون
آيا
آهن. چندريگر
گهري
ٿو
ته
ڪميٽي سنڌ
جي
گادي واري
شهر
کي
ڪراچيءَ
کان
ٻاهر
ڪڍڻ
واري رٿ
جو
تفصيل سان
معائنو
ڪري، جڏهن
ته
سنڌ سرڪار،
اسيمبليءَ جي
مڪمل
مخالفت ڪري ٿي ۽ سندس
خيال
۾
ان رٿ
جي
ويچارڻ جو
ڪوبه
سبب
نه آهي.“
کهڙو صاحب
هڪ
هڪ لفظ
پنهنجي
ڪابينه جي
ساٿين جي
منظوريءَ سان
لکيو
هو. کين خبر
هئي
ته سندس
سامهون ڪا معمولي
قوت
نه پر
مرڪزي سرڪار
جي
مڪمل سگهه
مقابلي ۾ آهي،
جنهن
کي
قائداعظم جي
حمايت پڻ
حاصل
آهي. مرڪزي
حڪومت پاران
ڪراچيءَ
تي
قبضي واري
مطالبي جي
خبر
وچ جنوري
۾
ڪابينه
جي
اجلاس کان پوءِ
وائکي ٿي چڪي
هئي
۽
سنڌين ان
تي
سخت ردعمل
جو
اظهار
ڪيو. 1 2
جنوري تي
اخبارن
ڪراچي ۾ سنڌي
شاگردن جي
مظاهري جون
خبرون
ڇاپيون:
”اڱاري تي
سنڌ
مسلم اسٽوڊنٽس
فيڊريشن جي
شاگردن
ڪراچيءَ کي باقي
سنڌ
کان
الڳ ڪرڻ واري
مجوزه رٿ
خلاف
پنهنجي مهم
شروع
ڪئي.شهر
جي مختلف
ڪاليجن
جي 800
کن
شاگردن صبح
جو
وڏي وزير
ايم
اي
کهڙو صاحب
جي
رهائش گاهه
آڏو
مظاهرو
ڪيو.
مظاهرين
جيڪي
مطالبا پيش
ڪيا
تن
۾
ڪراچيءَ
کي
باقي صوبي
کان
ڌار
ڪرڻ
جي
مخالفت سان
گڏوگڏ هنن
سنڌ
سرڪار تي
زور
ڀريو
ته اها
سنڌ
۾
وڌيڪ پناهگير
نه
قبولي. هنن
اهو
به مطالبو
ڪيو
ته
نوڪرين ۾ سنڌي
مسلمانن کي ترجيح
ڏني
وڃي
۽
کين
واپار ۾ پڻ
همٿايو وڃي.
ان
موقعي تي
وڏي
وزير کين خطاب
ڪندي
چيو
ته
”پاڪستان حڪومت
اڃان
تائين سرڪاري
طور
تي لکت
۾
اسان
کي
ڪراچيءَ
جي باقي
صوبن
کان
الڳ ڪرڻ جو
نه
چيو آهي،
پر
سنڌ حڪومت
ان
منصوبي تي
ڪنهن
به
قيمت تي
عمل
ٿيڻ
نه
ڏيندي. اسان
اهڙا
اپاءَ وٺنداسين
جيئن
سنڌ کان سندس
حق
نه
کسيا وڃن.“
|