سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :9

     ويساسي

(الف)

(1)

وَڏو ڄاڻُ ويساهُ، سامي سَڀَڪَنهين کون،

ويدَ پُراڻَ مَٿي ڪَري، ڪَڍيو اِهو راءُ،

اَنتَرِ مُکِ اَچي ڪَري، سَمُجِهي ڪَرِ سماءُ،

ڇڏ وَڏائي واءُ، تَه سَهِجـٖـي مِلَني سُپِرين.

(2)

وَسي مَنجِهه ويساهَ، وِيا پَڪُ ساريءَ وِسُ جو،

سَهجي سُپرينِ جِي، تون سامي ڪَرِ صَلاحَ،

جُڙِي جوتِ سَروپَ سان، ڪَري چِتُ اَچاهَ،

اَٿِي اِها راهَ، سَنتَنِ ساپُرسَنِ جي.

(3)

وَسي مَنجهه ويساهَ، وِيا پَڪُ ساريءَ وِسُ جو،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، تون اِها نرمَلَ راهَ،

سَهجـٖـي ٿئي صلاح، اَٺَ ئي پَهَرَ عَجيبَ جِي.

(4)

جَنهِين ريجهايو، سامي وَرُ ويساهه سان،

تَنهن کي خاوَندَ خوش ٿي، ڳَلِ ڳِچيءَ لايو،

چاڙهي سُکپَتِ سيجَ تي، سَنسو مٽايو،

اَهِڙو رَسُ آيو، جو مُشڪي ڪُشڪي ڪِينَڪِي.

(5)

جن کي نانهِه ويساهُ، تَنِ کي مِلَڻُ مَحالُ ٿِيو،

سي ڀُلي پئڙا جَهنگَ ۾، ڇَڏي مورَکَ راهُ،

بِنا ٽَڪنِ شاه، ڪونَه ٻُڌوسي ڪاٿَهين.

(6)

سي ڪيئن پِريِن پَسَنِ، جي گُٿا مُوڙهَه ويساهَ  کون؟

سامي ساپُرسَن جو، مَرَمُ نَه رَکَنِ مَنِ،

جهاتي پائي گَهرَ ۾، ڪَڏي ڪينَ ڏِسَنِ.

جي ڌِڪِيا پاڻَ وَتَنِ، تِنِ کي مِلَڻُ محالُ ٿِيو.

(7)

سي ڪيئن رَنگِ رَچَنِ، وِئڙا جي ويساهَ کون؟

ڇَڏي دَرُ دِوسَن جو، ڪَچِي ڪَئي ڪَچَن،

سَچُ سُڃاڻَنِ ڪِينَڪي، کپَتِ مَنجهه پَچَنِ،

پَرڇُ نَه لَهَنِ پَنِ، سامي سُڃا سُکِڻان.  

(8)

ڪوڙو بکيڙو اَٿي مايا موهَ جو،

سَمُجهي ڪَڍُ سامي چَئي، جُهڳي مون جهيڙو،

ڪَرِ ڪِرپا سان موڪِرو، ويساسي ويڙهو،

تَه نيڙي کون نيڙو، سَنَمُکُ ڏِسين سُپرين.

(9)

سدائي سيتَلُ، ڇايا ٻوڌَ بِرڇَ جي،

ويٺا جي ويساهَ سان، سي نَرَ ٿِيا نِرمَلُ،

تَپَتِ مِٽي تَنَ مَنَ جي، کائِنِ آتَمُ ڦَلُ،

پائي پَدُ اَچلُ، پَرچا رَهَنِ پاڻَ ۾.

(10)

ورلو ويساهي، ڪو سيتل رهي سُڀاءَ ۾،

جَنهن سامي ساڌ سَنگِتِ جي، رج مَسَتَڪِ لائي،

ميٽي ويٺو مَنَ مون، پَچر پرائي،

جُهولي سَدائي، پريمَ هِندوري پيءَ سان.

(11)

وَچنَ تي ويساهُ، رکين سِڪَ سَچيءَ سان،

پَرچي ڪَريئي  پانهِنجو، سامي مَردُ مَلاحُ،

لَحظي مَنجِهه لَنگهي پَويــٖـن، اَٽَڪَ جو دَرياهُ،

هَهِڙو دِلبرُ داءُ، موٽي اِيندءُ ڪِينَڪِي.

(12)

مَها سُوکَمُ راهَ اُٿِي پَدَ آگَمَ جي،

پَهتو ڪونَه پَنڌُ ڪَري، بِنا سِڪَ ويساهَ،

ڇَڏي چنتا چاهَ، تون سامي گَهرُ سَهي ڪَرين.

(13)

ڳالهيون سَڀيئي، اَٿي ڪوڙيون گُرَ ويساهَه ري،

ويدَ پُرانَ سِڌَ ساڌَ جَنَ، وڃي پُڇ پيهي،

مَنُ مَنِسا ڏيئي، تون سمجهي ڏِس سامي چَئي.

(14)

جَنهِن کي دَرسَنُ دانُ، سامي ڏِنو سَتِگُروءَ،

سو ڏِسي ڏِيوَ اگَمَ کي، ويساسي وِدِمانُ،

پَرچي ٿِيو پَرتيتِ سان، نانا کون نِرَٻاڻُ،

ڄاڻي سَڀُ جَهانُ، ستُهه لَهر سَمُنڊَ جي.

(15)

سامي سَڀيئي، ليکا اوري لَکَ کون،

ڪَنهِن وِرلي ويساسيءَ کي، گُرگَمَ سُڌِ پيئي،

جو اَرِڌِ اُرِڌِ ٻيئي، ميٽي ويٺو مَنَ مون.

(16)

جُڳِتِنِ سان جوڙي، سَنتَ لکائن سارُ ٿا،

وِرِلو ويساسي ڏِسِي، سامي مُنهُن موڙي،

ڪَڍٖي سَڀَ وَچَنَ مون، مَکَڻُ وِلوڙي،

اَوِديا ڳَنڍِ ڇوڙي، مُڪتو ٿِئي مَهِراڻَ ۾.

(17)

سَنتَنِ سَنڌِ ڏَسِي، سوکَمُ سارَ سَروپَ جي،

ڪَنهِن وِرلي ويساسيءَ جي، وَڃي سُرتِ رَسِي،

جَنهن اِندريُنِ جي اُلٽي ڪَري، سامي شَڪتِ کَسي،

پانهنجو پاڻُ پَسي، مُڪتِ ٿِيو مَهِراڻَ ۾.

(18)

سوکَمَ سَنڌِ سَهي، ڪَئي گُرَمُکَ گودڙِئي،

ويئي سَڀَ ويساهه ۾، آوِديا مَيلُ وَهي،

آتَمُ لعلُ لَهي، سامي چڙهيو سِيرَ تي.

(19)

جَنهِن کي سَمَ ويساهُ، سامي ڏِنو سَتگُروءَ،

سو لَحظي مَنجِهه لَنگهي پِيو، اَٽَڪَ جو دَرياهُ،

پاتائين پَرچي ڪَري، آتَمَ سُکُ اَسِگاهُ،

سَدا بيپرواهُ، رَهي پَنهنجي حالَ ۾.

(20)

وِديا اَئون ويساهُه، جَنهِن کي ڏِنو سَتِگروءَ،

تَنِهن پَرچي پريمَ نگَرَ جو، لَڌو اَنڀِئَي راهُ،

بوندَ مِلي پاڻيءَ سان، سامي ٿِي آسِگاهُ،

سَدا بيپرواهُ، رَهي پَنهنجي حالَ ۾.

(21)

ويساسيءَ کي وِڌ، سُتَهَه ڏِني سَتگُروءَ،

پَرچي لَڌائين پانهِنجي، آدي نِرَمَلُ نِڌِ،

ڪَري ڪارِجَ سِڌِ، سِيتَلُ ٿِيو سامي چَئي.

(22)

ويساسيءَ وَچَنُ، سامي مَنيو سَنتَ جو،

جيتيائين جُڳِتِ سان، پَرچِي مَنُ پَوَنُ،

گَهٽِ وَڌِواڻيءَ واچَ کي، ڪَلپِي ڏئي نَه ڪَنُ،

بِنا ڀيدَ ڀَڄَنُ، ڪَري ڪَرتا پُرکَ جو.

(23)

ويساسِنِ وڻي، سَودو ڪَيو سَنتَنِ سان،

سُتهِه سِڌِ سَروپَ جِي، جَنِ کي سِڪَ گهڻي،

سامي سَٽيائون سِرَ تون، کَلِ کَلِ سَڀَ کَڻي،

توڙي پِننِ پنجَ ڪڻي، تَه بِه راجا رانولَ ديسَ جا.

(24)

ويساسِنِ جي واٽَ، نِياري ويدَ ويچارَ کون،

چيتَ وِڃائي چِتَ جي، چَڙهيا اَوگَهٽَ گهاٽَ،

سامي ويٺا سَمَ ٿي، لِنوَ سان مَنجهه لِلاٽَ،

کولي بَجَرَ ڪَپاٽَ، سَنَمُکُ ڏِسَنِ سُپِرِين.

(25)

ويساسيءَ وِرتُ، سامي رَکيو سَچَ جو،

ڏِسي ڀيدَ ڀَرَمَ ري، نارائِڻَ کي نِتُ،

چَرَنَ ڪَنولَ کون چِتُ، پاسي ڪَري نَه هِڪُ پَلُ،

(26)

ويساسي وِدِمانُ، سُتَهَه ڏِسي سُپِرين،

جَنهِن کي ڏِنو سَتِگُروءَ، اَنڀَئِه آتمَ گِيانُ،

سامي چَئي سُپني جو، ڄاڻي سَڀُ جَهانُ،

پائي پَدُ نِرَٻاڻُ، مُشڪي ڪُشڪَي ڪِينَڪِي.

(27)

ويساسي ويري، ڄاڻي ڪونه جڳَتَ ۾،

کاڌِي جَنهن گُرگِياتِ سان، ڦُرني کون ڦيري،

ماري ڪَيائين مَنَ کي، ڀَسَمَ جي ڍيري،

ميٽي مَئِن ميري، سامي ويٺو سَمَ ٿي.

(28)

پوٿِيون ۽ پَنا، ويساسِنِ ويڙهي رکيا،

سَمُجهائون سامي چَئي، سارِي لاءُ ڪَنا،

چَڙهيا اَنڀَئِه اَڇَ تي، پَلـٖـي پَنجَ رَنان،

وِڌا جَنِ ٻَنا، اَڳِيون آتَمَ رامَ جي.

(29)

سامي جَنهن ٻُڌي، مُرَلي مَنَ موهَنَ جي،

سُرتِ تنهن ساپُرسَ جي، راتِيون ڏينهن رُڌي،

گَگنـٖـي ڳئون ڏُڌي، وِجهي وَنگُ ويساهَ جو.

(30)

ٻانڀَڻَ جَنهن ٻَڌو، تَوڪَل تُرَهو تارِ ۾.

سَهَجي سُپيريَنِ کي، لوڙي تَنهن لَڌو،

ڪوسو ۽ ٿڌو، ڳَڻيندڙ ٿَڪجي پيا.

(31)

ڀَرَمَ ري ڀاڻو، مَنيو مَحَبوبَ جو،

تَنِ جو مَنُ مَوجَ ۾، سَهَجـٖـي سَماڻو،

ڏيئي وِهاڻو، هو سامي سُمهيا سيجَ تي،

(32)

مَنُ مَٿُرا،  دِلِ دُوارِڪا، ڪايا مَنجِهه ڪاسي،

چيتَنُ وَسي چِتَ ۾، اَلکُ اَبِناسي،

پيهِي ڏِسي پاڻَ ۾، ڪو وِرلو ويساسي،

وَڃي ٿِئي واسي، بيحدَ بيگَمَ پورِ جو.

(33)

جَنِ کي جاني يادِ، آن يادِ ڪَريان نِتُ تنِ کي،

سامي مِليا سُپرين، پَرچيِ تَنِ پِرَسادِ،

تَنُ مَنُ اَرِپيان ڀاوَ سان، ڇَڏي واد وِواِد،

اِيها آدِ جُڳادِ، واٽَ بَڻِي ويساهه جي.

(34)

ويساسيءَ وَستي، سُتَهَه لَڌي سُڃَ مون.

چَڙهي جنهن جي چِتَ تي، مَحَبَتَ جي، مَستي،

ماري مَنُ هَستي، سوکَمُ ٿِيو سامي چَئي.

(35)

ويساسيءَ والِثُ، لَڌو ساريءَ وِسُ جو،

پَرچي ڏِٺائين پاڻَ ۾، ڇڏي اُونگَهه آلِسُ،

رَهـٖـي مايا موهَ کون، خُلاصو خالِصُ،

سامي ٿِي ثالِثُ، وَرِتـٖـي وِڌِ ويچارَ سان.

(36)

ويساسيءَ واسو، ڪَيو انَڀَئِه پَدَ ۾،

پائي گِياتِ گُروءَ جِي، ٿِيو نِرمَلُ نِراسو،

سامي رَکي نَه مَنَ ۾، مَمِتا جو ماسو،

ڏِسـٖـي تَماشو، ساکي ٿِي سَنسارَ جو.

(37)

ويساسيءَ جو واسُ، سَدائين گُرگياتِ ۾،

جئين رَهي مَنَ ۾، اَڻَ لکو آڪاسُ،

مايا ڪايا ڪُلَ ۾، سامي رَهي نِراسُ،

پاتائين پِرڪاسُ، پَرچي پَرماتَمَ جو.

(38)

عجَبَ اَبِناسي، پدُ ڏِٺوسي پاڻَ ۾،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، وِرلو ويساسي،

پاڻُ ڪَڍِي جو پاڻَ ۾، ٿِيو آتَمَ اَبناسي،

وَڃي ٿِيو واسي، اَنَلَ جان آڪاسَ ۾.

(39)

ويساسي واصُلُ، وَڃي ٿِيو وحَدَتَ ۾،

جِتي تون مان ناهِ ڪا، نَڪو هَيبَتَ هُلُ،

روپَ رَنگَ پَنَ پاڙ ري، کُليو غيبي گُلُ،

ڪِرانتِ جَنهِين ۾ ڪَلُ، سورجَ چَندرَ چراغَ جِي،

ويساسي

(ب)

(1)

صَفائي ساڌَنُ، سَنتَ چَونَ سکِياتَ جو،

سَمُجهي ڪو سامي سَچو، ويساسي وَچَنُ،

جاڳي ڏِسي جوتِ ۾، پَر ميسَرُ پورَنُ،

ميٽي سَڀُ مَنَنُ، ماڻي مَوجَ مُڪتِ جي.

(2)

سُتَهَه سِڌِ سائِي، وارِي ويساسِنِ جي،

جَنين سِڪَ سمجَهه سان، پَرپَڪُ پَچائي،

سُکي ٿِيا سامي چَئي، اَمِرَتُ ڦَلُ کائِي،

سڀ ۾ سَمائي، جوتِ ڏسن جڳَديشَ جي.

 

(3)

ڪَنهن کي ڪِينَ مِلي، مُفتُ پِيالو پريم جو،

پَرچي پِيتو ساڌَ سَنگِ، ڪَنهِن ويساسيءَ ورلي،

سامي وِڌِي جنهن سِرَ تون، اَوِديا پِنڊَ اُڇَلي،

توڙي خَلَقَ کِلي، تَه ڀي مَستُ رَهي مَهراڻَ ۾.

(4)

ويساسي وَلو، ڏِسي ڪونَه اَکِنِ سان،

سامي ڪَيو جَنهن ساڌَ سَنگِ، تَرَ تِيبَرُ تَسلو،

جاڳِي ڏنائين جڳَ جي، ليکي اُتي لَلَو،

رَکِي ڀاءُ ڀَلو، وَرتـٖـي وِڌِ ويچارَ سان.

(5)

بِنان وِڌِ ويساهَ، ڪنهن پَدُ پاتو ڪِينَڪِي،

پُڇي ڏِسُ پَرِتيتِ سان، سامي سَڀِ داناهَ،

گِهرِي لَڌي جَنِ گَهرَ مون، رامَ نگَرَ جي راهَ،

ميٽي چِنتا چاهَ، اِسٿِتِ ٿِيا آڪاسَ جان.

(6)

بِنان وِڌِ ويساهَ، پَدُ پِراپَتِ نَه ٿئي،

پُڇي ڏِسُ پرتِيتِ سان، دَردَوندَ داناهَ،

مِٽِي جَنِ جي مَنَ مون، سامي چِنتا چاهَ،

سَدا بيپراوهَ، رَهن بِديهي ديهِه ۾.

(7)

بِنان وِويڪَ ويساهَ، پَدُ پراپَتِ نَه ٿئي،

ائين چَوَنِ سَڀِ اَنڀَئي، دَردوَندَ داناهَ،

مِٽِي جَنِ جي مَنَ مون، سامي چِنتا چاهَ،

جاڏي ڪَنِ نِگاهَ، تاڏي سَڄَڻُ سامُهون.

(8)

نِهَچـٖـي بِنا نامُ، ڪنهن کي مِلي ڪِينَڪِي،

توڙي تَپَ، تيرَٿَ ڪري، ٿِي نانگو نِهَڪامُ،

اِئين چَونِ ٿا اَنڀَئي، ڪَري اَنَنَ آرامُ،

سَمُجهي جَنِ سَلامُ، سامي ڪَيو سَڀَ کي.

(9)

ويساسِنِ وَڻـٖـي، وتي گِياتِ گُروءَ کون،

جَنِ کي پيءَ پَسَڻَ جي، سامي سِڪَ گَهڻي،

سَٽي وِڌائون سِرَ تون، کَلِکَلِ سَڀَ کَڻي،

پِنَنِ پَنجَ ڪَڻي، تَه ڀي راجا رانولَ ديسَ جا.

(10)

سامي سَنتَ سِڌو، وَچَنُ چونِ ويساهَ جو،

ڪوڙِن ۾ ڪَنهِن هِڪڙي، پَڪ پريميءَ پُرڌو،

سُکُ دُکُ جنَهن سَنسار جو، سَٽي سَڀُ وِڌو،

مَري مُلهه ڳِڌو، پَرَميسَرَ کي پريِتِ سان.

(11)

گُرَسِکيءَ جي گَتِ، سَمُجهِي جنهن سامي چَئي،

سَهجي تنهن جي مَنَ مون، مِٽي مَمَتا مَتِ،

لئِه ڏِٺائين لَکَ ۾، سُتَهَه شِوُ شَڪتِ،

تڪيو ڪَري تَتِ، ويٺو وِڌ ويساهَ سان.

(12)

ويساسِنِ وَڻي، ڪَيو سَنگُ، ساڌوءَ جو،

پَلِ پَلِ پيئنِ رامَ رَسُ، ڇَڏي مانَ مَڻي،

سامي لَڌائون سَمَ ٿي، گَهرَ مون گَهرَ ڌڻي،

تان ڀي پِياسَ گَهڻي، رکَنِ پِيالي پاڪَ جِي.

(13)

ويساسي وِستارُ، ڪَرِنِ نَه ڪَتَرَ جيترو،

جَنِ کي ڏِنو سَتگُروءَ، وِڌِ سَچيءَ وِيچارَ،

پَرچي لَڌائون پورَبي، پاڻَ پانهنجو يارُ،

سامي سَڀَ سَنسارُ، آهي جنهن جي آسري.

(14)

ويساسي وِستارُ، ڪَري نَه ڪَتَرَ جيترو،

مِٽيو جَنهن مَنَ مون، اَڻَ هوندو اَهَنڪارُ،

پَرَتکِ پورَنُ آتَما، ڏِسـٖـي ڏِسَڻَهارُ،

بَڻيءَ تي هَسوِارُ، سَدا رَهي سامي چَئي.

(15)

ويساسيءَ کي وِڌِ، سَتِگُرَ ڏسِي سَمَ جي،

پَرچي ڪِيائين پانهِنجا، سامي ڪارِجَ سِڌِ،

ڀَوٖي ڪينَ ڀُلَنِ جان، اَنڌو ٿِي اَرِڌَ اُرِڌِ،

پائي نوري نِڌِ، سُمهيو سُکَپتِ سيجَ تي.

(16)

وَچَنَ تي ويساهُ، سامي رَکيو جَنهن سورَمي،

ڏِٺو تنهن اَڀيدُ ٿي، اَکِنِ ساڪُ آلاهُ؟

ڪَنهِن کي سلي ڪِينَڪي، اَنڀَئِه سُکُ اَٿاهُ،

سَدا بيپَرواهُ، رَهي پانهِنجي حالَ ۾.

(17)

وَچَنَ تي ويساهُ، رَکيو جَنهِن رَهَتِ سان،

سو اُلَٽِي اَزترِمُکِ ٿِيو، دَردَوَندُ دناهُ،

پَرچي لَڌائين پَدَ جو، روُمَ روُمَ مون راهُ،

اَنڀَئِه سُکُ اَٿاهُ، سامي پائي سَمَ ٿِيو.

چَرَنَ ڪَنوَلَ کون چِتُ، پاسي ڪَري نَه هِڪُ پَلُ.

(18)

ويسا سيءَ وِرِتُ، سامي رکيو سَچَ جو،

جَنهِن کي ڏِني سَتِگُروءَ، سِڪَ سَمُجَهه ثابِتُ،

ڏسي پانهنجي ڏيلَ ۾، نارائڻ کي نِتُ.

(19)

ويساسيءَ وِرِتُ، سامي رکيو سَمَ جو،

اِشارو اَنڀَئِه جو، سَمُجهيو جَنهن ثابِتُ،

ڏِسي پَنهِنجي ڏيلَ ۾، نارائِڻَ کي نِتُ،

چَرَنَ ڪَنولَ کون چِتُ، پاسي ڪَري نَه هِڪُ پَلُ.

(20)

ويساسيءَ وَڪيلُ، سِڪَ سان ڪَيو سَنت کي،

ڪَٽِيو تنهن ڪِرپا سان، دِلِ جو سَڀُ دَليلُ،

پَهُچايائين، پَدَ ۾، ڏيئي سَمِتا سِيلُ،

ڏِسِي پَنهنجو ڏِيلُ، سامي باغُ بَهارُ ٿِيو.

(21)

ويساسيءَ وَستي سُتَهَه ڏِٺي سُڃَ ۾،

جَنهِن کي اَزَغَيبي چَڙهِي، مَحَبَتَ جي مَستي،

سوکَمُ ٿِيو سامي چَئي، ماري مَنُ هَستي،

دَرِسَنَ جو دَستي، سَؤدو ڪَري سَروپَ سان.

(22)

ويساسيءَ وستي، سُتَهَه لَڌي سُڃَ مون،

چَڙهي جَنهِن جي چِتَ ۾، مَحَبَتَ جي مَستي،

سوکَم ٿيو سامي چَئي، ماري مَنُ هَستي،

دُئيتَ بِنا دَستي، سَؤدو ڪَري سَروپُ جو.

(23)

ويساسيءَ وَستي، سُتَهَه ڏِٺي سُڃَ ۾،

جَنهِن کي اَزَغَيبي چَڙهي، مَحَبَتَ جي مَستي،

سُوکَمُ ٿِيو سامي چَئي، ماري مَنُ هَستي،

تِياڳي آئون گِرستي، لَنگهـٖـي چَڙهيو لَکَ تي.

(24)

پَنا سَڀِ پَڙهي، پورا ڪَيا تَنهن پَلَڪَ ۾،

اَکَرُ لَڌو جَنهن عَينَ جو، ويساسيءَ وَري،

سامي چڙهيو سُميرَ تي، لَنن گهي مَسيت مَڙهي،

لائِي ڌيان ڌَڙي، لُنوَ لُنوَ لالُ گُلالُ ٿِيو.

(25)

ڦُرني مَنجِهه اَڦُرُ، وِرلو ويساسي رَهي،

ڀيٽيو جَهن ڀَرَمَ ري، گِيانَ پرَڪاشي گُرُ،

لائي لالُ گُلالُ ٿِيو، اَنَڀَئَي عَطُرُ،

ٺِڪَرَ ۾ ٺاڪُرُ، سُتَهَه ڏسـٖـي سامي چَئي.

(26)

ڦُرني مَنجِهه ڦاسي، پِيا سَڀِ جيءَ جَهانَ جا،

سَدا ڀَوَنِ سامي چَئي، مورَکَ مَواسي،

رَهي اَليپُ آڪاسَ جان، ڪو وِرلو ويساسي،

اَلکُ اَبِناسي، سَمَ ڏِٺو جَنهن ساڌَ سَنگِ.

(27)

رَکي جَنِ رَجا، پَرچِي پَنهنجي سِرَ تي،

سي ڦُرني کون فارغُ ٿِيا، ڇڏي لوڪَ لَجا،

ڪَنهن جي کائِنِ ڪِينَڪي، سامي چَئي سَجا،

مِلي ڪَنِ مَجا، پَرڇَنتا ري پيءَ سان.

(28)

مَستي دانائي، ٻيئي ٻِيائيءَ ٻُڌِ ۾،

سَمُجهـٖـي ڪو سامي چَئي، واصُلُ ويساهي،

ڏِٺو جَنهِن اَکِنِ سان، اَچِرَجُ اِلاهي،

ڦُرني جي ڦاهِي، ڪَٽي چَڙهيو ڪهَه ڪَهَه تي.

(29)

داوا اَگِنِ داهِي، خَلقَ سَڀ خِيالَ سان،

رَهي نِرِداوا نَڀَ جان، ڪو وِرلو ويساهي،

جو لَنگهي چَڙهيو لَکَ تي، ڦُرني جي ڦاهي،

عَدُلُ اِلاهي، سامي ڪَري سَمَ ٿي.

(30)

رکيو جَنهِين صِدِقُ، ثابِتُ پَنهنجي پِيرَ تي،

سو چَڙهيو چيتَنَ چِٽَ تي، لِنوَ سان ڪَڍي لِڪُ،

ڏِسـٖـي نِيارو نَڀَ جان، مُلڪَ ۾ مالِڪُ،

جئين پاڻي هِڪُ، سامي لَهَرَ تَرَنگَ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org