سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :16

          (155)

ورِلو ڪو مِهمانُ، گُرَمُکُ ڄاڻي پاڻَ کي،

جَنهِن کي هَنيو سَتِگروءَ، سامي سيتَلُ ٻاڻُ،

مَنجهي ديهه بِديهِه ٿيو، ڇَڏي پانهِنجو پاڻُ،

سَدا سَنتَنِ ساڻُ، ميلو ڪري مگَهنُ ٿي.

(156)

وِرلو ڪو گُرَمُکُ، پرچو رَهي پاڻَ ۾،

جَنهِن کي ڏِنو سَتِگُروءَ، اَنِڀَئه آتَمَ سُکُ،

ڪَٽي اَوِديا دُکُ، سامي چَڙهيو سير تي.

(157)

وِرلو ڪو هَرِجَنُ، ڪَرمُ ڪري نِهَڪَرَم ٿِيو،

چَڙهي ويٺو چَوڏولَ ۾، ميٽي سَڀُ مَننُ،

جنين پوکَ پچائي ڪُڙِمي، ڪَڍي اَنِڀَئِه اَنُ،

ڪَلِپَتَ ڪانو پَنُ، سَٽي وِجهي سامي چئي.

(158)

وِرلو گَسائي، ڪو مَحَبَتَ سان مَنَ مَڻِ کي،

مِلِي ڪاريگَر سان، پوتي ڳَلِ پائي،

سَنسو ڀَرَمُ اَندرَ جو، گُرگَمَ وِڃائي،

اَوِديا پَٽُ لاهي، سامي ڏِسي سَروپَ کي.

(159)

ورلو ڪو ڪَري، دَيا پَنهنجي پاڻَ تي،

ديِکيا داتِ گُروءَ جِي، هِرِدي منجهه ڌَري،

مَمتا مِٽائي مَنَ جي، سامي اَجَرُ جَري،

پَلَڪَ نه ٿئي پَري، سُتَهَه سِڌِ سَروپَ کون.

(160)

وِرلو جَنُ ڪَري، ڪو دَيا پانهِنجي پاڻَ تي،

ديکيا داتِ گُروءَ جِي، هِردي مَنجِهه ڌري،

ڪَڍي ڪوڙَ ڪَپَٽَ کي، جئيندي جڳ مَري،

سامي ڏِسِي ٺَري، سَڀَ گَهٽِ سُپيرين کي.

(161)

وِرلو جَنُ خُلاصُ، رَهي مايا موهَ کون،

جَنهِن کي ڏِنو سَتِگُروءَ، هردي مَنجِهه هُلاسُ،

چَڙِهي مِيرَ مَحَلَ تي، ڏِسي برهَمَ بِلاسُ،

ڪَري ڪَلِپَتَ ناسُ، سُکي ٿئي سامي چئي.

(162)

وِرلو جَنُ ڪري، ڪو پوجا آتم ديوَ جي،

سامي جنهن تي سَتِگُرو، پرچي هٿُ ڌري،

سَڀَ کي ڏِسِي ٺَري، پريتَمُ ڄاڻي پانهِنجو.

(163)

 وِرلو جَنُ ڇُٽي، ڪو سامي هِنَ سَنسارَ کون،

جو ماري مَنَ مَواسَ کي، لَشِڪَرُ سَڀُ لُٽي،

ڪَڍي پانهنجي گَهرَ مون، ڪَلِڪَلِ ڪوڙُ ڪُٽي،

بنان چيتَ چُٽي، نِشانو نِرَٻاڻَ جو.

(164)

وِرلو جَنُ ٿَڪي، ڪو اَوِديا جي اَهنڪار کون،

جنهن کي پوري سَتگُروءَ، هَنيو ٻاڻُ تَڪي،

ڄاڻَ وڃائي پانهِنجِي، اَنَڀئِه رَسُ ڇَڪي،

بيحدَ ڪِين بَڪي، سامي حَدَ جي جِيءَ سان.   

(165)

وِرلو جَنُ ٻُجهي، ڪو ڪو اَٻَجُهه ڳُجُهه پرِين جو،

جَنهن جو مَنُ مايا ۾، سامي ڪينَ رُجهي،

ساکي سارُ سُجهي، اَندرِ ٻاهرِ دَهَ دِسا.

(166)

وِرلو جَنُ رَکي، دِيکِيا دَولَتَ گَهرَ ۾،

چَڙهِي رَنگَ مَحَلَ ۾، آتَمَ رَسُ چکي،

چاهَ وڃائي چِتَ جي، دَرِ دَرِ ڪِينَ جکي،

گَهٽَ گَهٽَ مَنجِهه لکي، سامي سُپيرين کي.

(167)

ورلو  ڪو وسي، اَنڀئه جي آڪاسَ ۾،

جوپنجَن جِي پَرِتِيتِ سان، سامي شَڪَت کَسي،

اَندَرِ ٻاهر دَهَه دِسا، پانهنجو پاڻ پسي،

ڪنهن کي ڪينَ ڏَسي، آتم سُکُ اَندرَ جو.

(168)

وِرلو ڪو آهي، گُرَمُک گِياني گِياتِ سان،

جَنهِن پانهِنجو پاڻ سهي ڪَيو، مُنهن مَڙهيءَ پائي،

سَنسو مٽائي، سامي جُڙيو سَروپَ سان.

(169)

وِرلو ڪو آهي، گُرَمُکُ گياني جڳَ ۾،

جَنهِن گُرگَمَ ڏِٺو پاڻَ کي، اَوِديا پَٽُ لاهي،

ڀيد وِڃائي مَنَ مون، کِلي اَئون کائي،

سَنسو مٽائي، سامي رَهي سُڀاو ۾.

(170)

وِرلو ڪو آهي واسي آتمَ ديس جو،

جنهن گُرگَمَ ڏٺو پاڻَ کي، اَوِديا پَٽُ لاهي،

مَمِتا مِٽائي، سامي چَڙهيو سِيرَ تي.

(171)

وِرلو ڪو آهي، سامي سِکُ گروءَ جو،

ڏِٺو جَنهِن گُرگِياتِ سان، اَوِديا پَٽُ لاهي،

شيوا سَنگَتِ جي ڪري، مَمِتا مِٽائي،

سَهَجي سَلاهي، رُومَ رومَ سان رامَ کي.

(172)

اَنَنَ اَڀيدَ ڀڳَتِ، وِرلو ڪو گُرَمُکُ ڪري،

مِٽي جَنهن جي مَنَ مون، سامي مَمِتا مَت،

رَهي رَمِتا رامَ سان، راتِيون ڏِينهان رَت،

آسَڻ ڪيائين تَتِ، جتي ڏينهُن نَه راتِ ڪا.

(173)

وِرلي ڪَنهِن لَکِي، گُرَموک لَکَ اَلکَ جي،

پرچي ڏٺو جَنهن پاڻَ کي، ٽيڏِي رَمزَ رکي،

سِيتَلُ ٿِيو سامي چئي، بيحَدَ بوندَ چَکي،

جيئين اَنَلُ پکي، اِسٿِتِ رَهي اَڪاسَ ۾.

(174)

وِرلي ڪنهن وَدو، گُرَمُکُ دَرُ گروءَ جو،

سامي سُپرَين کي، لوڙي تَنهن لڌو،

ٻولِن مَنجِهه ٻَڌو، سو ڪئن پسي سپُري؟

(175)

پِيالو پِيارو وِرَلي ڪَنهِن گُرَمُک کي،

ڏِٺو جَنهِن آکِنِ سان، اَنڀئِه اُجارو،

جاڳي ڪَڍيائين جيءَ مون، ڀَرَمَ  ڀَؤ سارو،

رَهي مَتوارو، پِيئي پِياري رام رَسُ.

(176)

نانا وِڌِ ڪيئي، واٽان آتَمَ پَدَ جون،

وَڃي بيگَمَ پُرِ ۾، گڏُ ٿِيون سَڀيئي.

وِرلي ڪَنهِن گُرَمُک کي، سَمَ سوجهِي پيئي،

تَنهِن جي سڀ ويئي، اَوِديا ڪَلِپَتَ نِڪري.

(177)

پَڙَهنِ سڀيئي، ٿا اُتَم واڪ گُروءَ جا،

ڪوڙنِ مون ڪنهِن هِڪِڙي، ٻُڌا دِلِ ڏيئي،

سامي تَنهن ساپُرِسَ کي، گُرگَمَ لک پيئي،

تَنهن جي سڀ ويئي، اَوِديا ڪَلِپَتَ نڪري.

(178)

هِردي مَنجهه رکي، ڪو ورلو واڪَ گروءَ جا،

مَنَنُ ڪڍِي من مون، آتم رس چکي،

اَوِدِيا جي اهنڪار ۾، سامي ڪِين جکي،

گَهٽِ گَهٽِ اَلکُ لکي، دِٻ درِشت پائي ڪري.

(179)

پڙهي ٿِيو پُخِتو، گُرَمُک اَکرُ پِريمَ جو،

ڪڍيائين ڪوري ڪري، نانا جو نقطو،

ڪَيائين ليکو سَڀَ سان، چتَ مَنجهون چُڪتو،

سدائين مُڪتو، سامي رَهي سُڀاءَ ۾.

(180)

ديهِي نَه ڄاڻي، گُرَمُکُ پانهِنجو پاڻَ کي،

چيتنَ سارَ سَروپَ کي، گُرگَمَ سُڃاڻي،

مَمَتَ مِٽائي مَن جي، موجان نتُ ماڻي،

سُمهين پَٽُ تاڻي، سامي سُکِپَتَ سيجَ تي.

(181)

سَدائي گُلزارُ، گُرَمُکُ رَهي گِياتِ ۾،

چيٽيءَ اَئون ڪُنچَرَ ۾، سامي ڏِسـٖـي سارُ،

لُنؤ لُنؤ اواَنڪارُ، سامي جَپي زَبانَ ري.

(182)

سَدائي گُلزارُ، گُرَمُکُ رَهي گِيات ۾،

ڪَڍيائين ڪَلِپَتَ جو، وِڌِ نِکِيدُ وَهِنوارُ،

سَمَ ڏِٺائين سَڀَ ۾، ساکي سِرِجَڻَهارُ،

لنؤ لنؤ اواَنڪارُ، سامي جَپي زَبان ري.

(183)

سَدائي مِهمانُ، گُرَمُکُ ڄاڻي پاڻَ کي،

سامي جَنهِن کي سَتِگُروءَ، ڏنو آتَمَ گِيانُ،

سَمَ رَهي سَڀَڪَنهِن سان، ڪَڍِي گيرُ گُمانُ،

ٿِيو نِرَمَلُ نِرَٻاڻُ، چيتَ وِڃائي چِتَ جي.

(184)

سَدائي مِهمان، گُرَمُک ڄاڻي پاڻَ کي،

ڏِٺو جَنهن گُرگِياتِ سان، فاني سَڀُ جَهانُ،

ڪايا مايا ڪُلَ جو، رَکي نَه اَڀمانُ،

پائي پَدُ نَرِٻانُ، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

(185)

سدا راجَ ۾ جوڳُ، گُرَمُک ڪري گِياتِ سان.

سامي جنهن جو سَتِگُروءَ، ڪَٽيوهِئين مان روڳُ،

هارَ جِيتَ سوکَ دُکَ جو، رَکي هَرَکُ نه سوڳُ،

توڙي ڀوڳي ڀوڳ، تان ڀي رَهي اَليــٖـپُ ڪَنوَلَ جان.

(186)

سَدا سَمُجهائي، گُرَمُکُ پانهِنجي پاڻَ کي،

ڀَرَمَ مَنجِهه ڀُلي ڪَري، باد نه بَڦرائي،

رَهِيو لِنوَ لائي، سامي چَئي سَروپَ سان.

(187)

ڀڳَت ڪَمائي، گُرَمُکُ ڇُٽو دُکَ کون،

ڏِٺائين گُرَگِياتِ سان، مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

ڳالِ نه سَلي ڪنهن کي، جِئن گُنگو ڳُڙُ کائي،

رهيو. لِنوَ لائي، سامي سُپيرِيَنِ سان.

(188)

ڀيدَ بنان ڀَڳوانُ، سَنتَ لَکائِنِ سَڀَ کي،

رَکَنِ نَه رَتيءَ جيترو، اَندَرَ ۾ اَڀِمانُ،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، گُرَمُکُ اِيهو گِيانُ،

پائي دَرسَنُ دانُ، سِيتَلُ رَهي سُڀاوَ ۾.

(189)

ڀَرَمُ وِڃائي ڀيڻَ، اَچـٖـي آتَڻَ وچَ ۾،

سَهي ساهيڙِنِ جا، سَمَ ٿِي ويڻَ ڪُويڻَ،

سامي لائي سِرَ تي، رَهي سَنَتَن جي ريڻَ،

ته ڀَري نِرَملَ نيڻَ، ڪَنِي نِهالُ نِظَرَ سان.

(190)

ڀَريو جَنهن سَلامُ، سُوڌو سُپيرين جو،

مِليا تَنهن مُشتاق کي، ٽيئي لوڪ اِنعامُ،

ڪيائين ڪَلپَتَ ڪڍِي ڪري، اَنڀئه منجهه آرام،

شادي اَئون ماتام، سامي ڄاڻي سَمَ سڀُ

(191)

ٻَڌو جَنهن پَلي، سَچُ سُڃاڻي پانهِنجو،

حڪُمُ تَنهن هَرِ جَنَ جو، سَڀَ تي سيگَهه هَلي،

پَنجَ ئي ڪَيائين پانهِنجا، سامي داسَ دَلي،

اَچَلُ ڪينَ چَلي، نِهِچَلُ نِرَمَلَ سارَ کون.

(192)

سَچُ ۽ سُوڌائِي، ڪَنهن گُرَمُکَ جي گهر ۾،

تنهن مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، ممتا مِٽائي،

سامي سَڀائِي، جوتِ ڏِسي جڳديسَ جي.

(193)

ساکيءَ جو ديرو، مَنَ ٻُڌِ واڻيءَ کون پَري،

سَمُجَهه ري سکِڻو اَٿي، اَوِديا جو جهيڙو،

گُرَمُکُ گُرَ ويساهَ سان، پاتو گَهرِ پيرو،

ڪَري نِبيرو، وَڃي سامي مِليو سَروپَ سان.

(194)

سُوکَمُ ديسُ سَهي، ڪَيو جَنهِن ڪِرپا سان،

تَنهِين ۾ تِر جيترِي، ڪَلَپِت ڪانَه رَهي،

 آتَم لالُ لَهِي، سُکي ٿِيو سامي چئَي.

(195)

مَحَبَتِن مُلِڪُ، جِيتيو سَڀُ جُڳِتِ سان،

لائي ويٺا لَکَ جو، گُرَمُک تَتُ تِلِڪُ،

اَندَرِ ٻاهِر هِڪُ، سامي ڏِسَنِ سُپرين.

(196)

لَڌو جَنهن ڌَڻي، گُرگَمَ گَهر جو گهرَ مون،

سامي تَنهن جي سُکَ جي، ڪَهڙي ڳالهه ڳَڻِي،

توڙي پِني پَنجَ ڪَڻي، تان ڀي راجا رانوَلَ ديسَ جو.

(197)

لَڌو جَنهِن لَٽِيو، آتَمُ ڌَنُ اَنَڀَئِي،

سامي سو سَنسارَ جي، حِرِصَنِ کون هَٽِيو،

گُرَگَمَ خاصِ کَٽيو، پَرچي کائـٖـي پورَبي.

(198)

خالصِو خَلاصُ، سَتِگُرَ ڪِيو سَڀَ دُکَ کون،

پَرچي ڏِٺائين، پاڻَ ۾، اَنِڀَئِه جو آڪاسُ،

مايا مَنجِهه اُداسُ، سامي سَدائي رَهي.

(199)

کوجيءَ لَڌو کوجُ، پرچي پِريمَ نگَرَ جو،

ٻُڌائين ٻانڀڻُ چَئي، تَنهِن ۾ سَهَجَ سَروجُ،

کَڻي سَٽِيائين سِرَ تون، سَڀُ ٻِيائيءَ جو ٻوجُهه،

هِردي مَنجِهه هَروجُ، دَرِسَنُ ڪَري دوسَ جو.

(200)

گيانوان گُرَمُکُ، ڀاڻي مَنجِهه ڀِنو رَهي،

مَمَتَ مِٽائي مَنَ جي، سَمَ ڄاڻي سُکُ دُکُ،

پورَنُ هِڪُ پُرُکُ، سامي ڏِسي سَڀَ ۾.

(201)

پَلَ پَلَ مَنجِهه پَلي، گِياني گُرَمُکُ پاڻَ کي،

توڙي سِيتَلُ ٿِيو سامي چَئي، پَنجَ ئي دُوتَ دَلي،

اِها ڳالهه اَندَر جي، ڪَنهن کي ڪينَ سَلي،

بِنان چاهُ چَلي، ساکي ٿِي سَنسار جو.

(202)

گُرَمُکَ جي گادي، اَنلَ جان آڪاسَ ۾،

هارَ جِيتَ دُکَ سُکَ کون، آگَمَ آلادي،

چَڙِهي تَنهِن چَوڪيءَ تي، ٿيو سَهِجـٖـي سَماڌي،

لڌائِين آدي، سامي سُکُ سَروپَ جو.

(203)

گُرَمُکَ جَنهِن ڪِيو، اَنَتَرَمُکُ اَدَبَ سان،

سَهَجي سُپيرِن جو، تَنهِن پَرِلاءُ پِيو،

ڏِسي ٻُڌي ڪِينَڪِي، ٻانڀَڻُ چَئي ٻيو،

سَنسو ڀرَمُ وِيو، جهولي جَهروڪَنِ ۾.

(204)

گُرَمُکُ نَرُ گِياني، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

ڪَئي جَنهِن ڪَلِپَتَ ري، حاصُلُ حَقاني،

رهي اليپُ جڳتَ ۾، سامي سَيلاني،

پرِيَنِ ري پِراني، خالي ڏِسي ڪونَڪو.

(205)

گرَمُکُ موڙي مَنُ، سامي لايو لَک ۾،

بنان سارَ وَچَنَ جي، ڪَنهِن کي ڏِئي نَه ڪَنُ،

پاتائِين پَرچي ڪَري، اَنِڀَئِه آتَمَ ڌَن،

سدائي پَرسَنُ، رَهي پانهنجي حال ۾.

(206)

گرَمُکَ ريجهايو، مَها پُرَکُ مَحَبَتَ سان،   

ڄاڻَ وِڃائي پانهِنجي، آگِيا مَنجِهه آيو،

سَهَجي تَنهِن کي سَتِگُروءَ، اَلَکُ لَکايو،

سامي سَمايو، جَلَ پَپوٽو جَلَ ۾.

(207)

گُرَمُکَ لَڌو گَهرُ، پئي گِياتِ گُروءَ جي،

مِٽايائين مَنَ مون، سايم ڏُکُ ڏَمَر،

آتَمَ پَدُ اَمَرُ، پائي پَرچو پاڻَ ۾.

(208)

گُرَمُکَ پَدُ پاتو، اَنِڀِئَه جي آڪاسَ جو،

مَمَتَ مٽائي مَن جِي، سامي رَنگِ راتو،

صاحِبُ سُڃاتو، چيٽيءَ آئون ڪُنچَر ۾.

(209)

گُرَمُکَ لڌو لعل، اَمولَڪُ اَندَر مون،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، سامي ٿيو نِهالُ،

ڪَٽي ڪَلِپتِ ڪالُ سَماڻو سَروپَ ۾.

(210)

گُرَمُکَ سَڀَ سَٽيو، ليکو ڪَڍي جيءَ مون،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، آتَمَ رَسُ چَٽيو،

سامي سارُ کَٽِيو، ڇِڪي ٻَڌائين ڳَنڍ ۾.

(211)

گُرَمُکُ سالاهي، سدائي سَت سَنگَ کي،

ڏِٺو جَنهِن گُرگِياتِ سان، مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

مُمِتا مِٽائي، سامي چَڙهيو سِيرَ تي.

(212)

اَنِڀِئَه آتَم تَتُ، گُرَمُکَ لَڌو گَهر مون،

مٽايائين مَنَ مون، سامي سَڀُ مَمَتُ،

جاڳي سَڀُ جڳَتُ، لَئِه ڏِٺائين لَکَ ۾.

(213)

اَنڀِئَه آتَمَ پَدُ، مَنَ ٻُڌِ واڻيءَ کون پَري،

بنان مِهَرَ گُروءَ جي، پَهُچي ڪونه اَحدُ،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، ڪَڍي دُکُ دَرَدُ،

حَدَ پري اَنَحَدُ، وِرلو ڪو گُرَمُک لَکي.

(214)

اَنِڀَئِه جوتِ جڳي، گُرگَمَ جَنهِن جي گَهرَ ۾،

 سامي تَنهِن سا پُرَکَ کي، سَنسو ڪونَه لڳي،

توڙي لوڪُ وڳي، تان ڀي رهي اَليپ آڪاس جان.

(215)

آتَمَ پَدُ اُگاڌِ، گُرَمُکَ لَڌو گهرَ مون،

پاڻُ وِڃايو نِنڊَ ۾، سو جاڳئي آيو يادِ،

مِٽي ويئي مَنَ مون، سامي سَڀ اُپاڌِ،

سُتَهَه سِڌِ سَماڌِ، لڳِي رَهي لَک ۾.

(216)

آيو هَرِ حصي، گُرگَمَ جنهن گُرَمُک جي،

پيرُ تَنهِين جو پِريت کون، سامي ڪين کِسي،

راتيون ڏينهن ڏِسي، سنمک سپيرئن کي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org