سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :32

(60)

ڪوڙين مانَکَ ڪَنِ، شيوا سُمَرَڻَ  تَنَ سان،

سواسنِ سان سامي چَئي، ڪي جڳِ ياسي جُڙَنِ،

عاشقَ اَڳاهون لَنگهي، اَنڀِئه رَسُ پِيئن،

جاڳي ڏِٺو جَنِ، پانهنجي اَکِئين پاڻ کي.

(61)

مَحَبَتَ جَنِ جي مَنِ، سي پاڻهِين پَڌِرا،

دَرِسَنُ پَسي دوستَ جو، راتيون ڏينهَن رَهِسَنِ،

ڀريا ساگر پريم جا، اَنَڀئه رَسُ چکَنِ،

سامي ڪين لِڪَن، ڌرتيءَ اَئون آڪاس ۾.

(62)

سوئي سَنتُ ڀڳتُ، سوئي پنڊت گيان وان،

مِرگَ تِرشنا جي جَل جان، ڏِٺو جَنهِن جڳَتُ،

مِٽايائين مَنَ مون، سامي مَمَتا مَتُ،

اَنڀئِه آتَمَ تَتُ، پائي پَرچو پاڻَ سان.

(63)

سوئي سنت مَهنتُ، سوئي سِڌُ گِياني ٿِي،

جنهن ڏِسي پنهنجو پاڻ کي، ڪيو اَوِدِيا جو اَنتُ،

سامي سدا بَسَنتُ، کيلي خوفُ ڪَڍي ڪري.

(64)

سوئي سنتُ صَرافُ، سُجاڳو سامي چَئي،

جو ڏِسِي لالُ اَنڀَئي، ٿِيو سَنسي کون صاف،

ڪَنهِن سان ٻولي ڪِينَڪِي، گهٽِ وڌِ خام خلافُ،

مُلِڪُ مِڙِيوئي معاف، کائي سَمَ سيتَلُ ٿي.

(65)

سوئي سنتُ پيارو، پريمي پرميشور کي،

ڏٺو جنهن اَکِنِ سان، اَنڀئِه اُجارو،

ڪري نَه ڪَتَرَ جِيترو دَنڀُ ۽ ڏيکارو،

سدا مَتِ وارو، سامي رهي سڀاوَ ۾.

(66)

لُنؤ لُنؤ جاپُ جَپي، ڀڳَتُ سو ڀڳِوَنت جو،

ڀيدُ وِڃائي مَنَ مون، ڪَلپتَ ڪَنڌِ ٽَپي،

ٽِنِ تاپَنَ جي تاپَ ۾، سامي ڪين تَپي،

وجهي سِرُ ڪَپي، پَنجنَ ئي جو پَرتِيتِ سان.

(67)

ويشنو سوئي، جو وياپَڪُ ڄاڻي وِشن کي،

مالها ساسَ اَساسَ جي، پائي ڳَلِ پوئِي،

سامي مَنُ سُڌُ ڪري، سُمَرَڻَ سان ڌوئي،

جِيئن رَنگ رَتي لوئي، تيئن رتو رهي رنگَ ۾.

(68)

جَنهين پَهريو پوشُ، فارق فَقِيريءَ جو،

سو گِلا اَئون گِيبَتَ کي، ڪڏِي ڏِئي نَه گوشُ،

ڪيائين ڪينو ڪڍي، کَلِ کَلِ کون خاموش،

دُئيتَ وَرائي دوسُ، سامي ڏسي سڀ ۾.

(69)

فَقيرَنِ فِڪِرُ ڪَڍيو سڀُ اندر مون،

ڄاڻَ وڃائي پانهِنجي، ٿيا بڻيءَ تي شاڪِرُ،

لُنؤ لُنؤ ڪن ذڪر، سن مک ڏسن سپرين.

(70)

سو جوڳي سر ڄاڻَ، مُندِرا جَنهِن مَرمَ جون،

سِڱِي واهي سَهَجَ جِي، سَمَ رَهي سَڀَ ساڻُ،

چيٽِي ۽ ڪُنچَرَ ۾، ڏِسي پانهنجو پاڻُ،

پائي پَدُ نِرَٻاڻُ، ماهل ٿِيو مَهِران ۾.

(71)

سو جوڳي سر ڄاڻَ، مُندِرا جَنهِين مَرمَ جون،

سِڱي وڄائي سَهَجَ جي، صِدِقَ صَبوريءَ ساڻ،

ڏيئي دِلِ دِلِبَرَ کي، رَکي نَه پرڇِنَ پاڻُ،

پائي پَدُ نِرٻاڻُ، سامي ماڻي سيجَ سُکُ.

(72)

ورلو ڪو آهي، جوڳي سر جهان ۾،

جو مُندرا پائي مرم جون، سهج سِڱي واهي،

ترويڻي اَسر سير ۾، گرگم نت نائي،

تت تلڪ لائي، سامي جڙي سروپ سان.

(73)

سَنياسي سيئي، جي آدَمَ کون اَڳي ٿِيا،

اوريان اورينِ عامَ سان، پَريان پَريئي،

تنين کي ڏيئي، باد وِڃايَمَ بِکيا.

(74)

سيئي سَنياسي، جي مَمَتَ نَه رَکَنِ مَنَ ۾،

سامي ڪَٽيائون سَمَ ٿي، ڦُرني جي ڦاسي،

حَدَ پري بيحد ۾، وڃي ٿيا واسي،

اَلکُ اَبِناسي، ڏِسَنِ نتُ نِرَٻاڻَ ٿي.

(75)

سوئي سنياسي، جو ڀڳِوا پَهري ڀاوَ جا،

لائي خاڪَ کِميا جي، ڪَٽي جَمَ ڦاسي،

ڪري نِتُ ڪَلپت ري، بِکيا آڪاسي،

اَلکُ اَبِناسي، سامي ڏسي سَڀَ ۾.

(76)

سوئي سنياسي، سِيتَلُ رَهي سڀاوَ ۾،

ڪَٽِي جنهن ڪِرپا سان، ڦرني جي ڦاسي،

سَمَ ڏسي سامي چَئي، اَلکُ اَبِناسي،

گَنگا گَيا ڪاشي، ڀَويـٖـن ڪِينَ ڀُلَنِ جان.

(77)

سنياسي سيئي، پاڻُ ڪڍيو جن پاڻ مون،

سامي تَنِ کي پَدَ جِي، سَهجـٖـي سُڌِ پيئي،

ساڌَن سڀيئي، اَرپيائون آرامَ ۾.

(78)

وِرلو جَنُ وسي، سَناسي سَنسارَ ۾،

وَدو جَنهن پَنجَن جو، گُرگَمَ ٻَلُ کَسي،

مايا موه اَسارَ ۾، سامي ڪينَ ڦَسي،

ڇَڏي پاڻُ رسي، اَنڀئِه پَد اَپارَ ۾.

(79)

سنياسي سيئي،  جي سَنسي کون صافُ ٿِيا،

ڏِسن پانهنجي ڏيلَ ۾، شِوَ شَڪَتِ ٻيئي،

ٻيا پُڻ سڀيئي، ٿا مٽي پائن منهن ۾.

(80)

سُرِجهو سناسي، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

سامي جَنهن گُرگَمَ ڏٺي، ڪايا منجهه ڪاسي،

مَمَتَ وِڃائي مَنَ جي، ٿِيو نِرَمَلُ نِراسي،

اَلکُ اَبِناسي، ڀيٽي نِتُ ڀَرَمَ ري.

(81)

سوئي اُداسي، جو رَهي اُداسُ اَندَرَ ۾،

سيلِي پَهري سَچ جي، ٽوپي آڪاسي،

کِميا جي کَڦِڻي ڪَري، ڪٽي جَمَ ڦاسي،

اَلک اَبِناسي، سامي ڏِسي سَڀَ ۾.

(82)

سوئي اُداسي، جو شيوا ڪَري سَنگَتِ جي،

سامي سدائين رَهي، دَرَسنَ جو پياسي،

ڪٽي جَمَ ڦاسي، سَنمُکُ ٿِئي سَروپَ جي.

(83)

سامي سو سلطانُ، جو وِهي اَنڀَئِه تَخَتَ تي،

ماري مَنَ مَواسَ کي، جيتي سَڀُ جَهانُ،

هوڪو ڦيري حق جو، نياءُ ڪري نِرَٻاڻُ،

سدائين وِدَمانُ، ڏِسي سارَ سروپَ کي.

(84)

سوئي نِهَ ڪامي، سامي هِنَ سَنسارَ ۾،

جو ڪَنهِن جو ٿِئي ڪِينَڪِي، سَمُجهِي سَلامي،

سدا آرامي، رهي پد اَواچ ۾.

(ب)

سو پِريمي پَرِٻَلُ،  سو ساڌو جَنُ سورَمو،

ماري مَنَ مَواسَ کي، ڪَيو جَنهِن قَتَلُ،

اندَرِ ٻاهَرِ آتَما، ڏِسي اَسِتامَلُ،

جِئين جَلَ ۾ جَلُ، سماڻو سامي چَئي.

(2)

سو پِريمي پَرِٻَلُ،  سو ساڌو جَنُ سورَمو،

ڪَيو جَنهِن گُرگِياتِ سان، جاڳي جَنَمُ سَڦَل،

ويٺو اَنَڀَئِه تَخَتَ تي، ميٽي سَڀُ خَلَلُ،

اَلَکُ اِسِتامَلُ، سامي سورَجَ جان ڏِسي.

(3)

سو پِريمي پَرَٻينُ، سو جوڳي سَرُ جڳَ ۾،

جَنهِن کي ڏِنو سَتِ گُروءَ، پورَنُ پاڪُ يَقينُ،

سَدا سُپيرينَ جي، لِنوَ ۾ رَهي لِين،

دَرِ دَرِ ٿئي نَه دينُ، پَرِڇِنِ ڄاڻي پاڻَ کي.

(4)

سو پِريمي پورَنُ، سو ساڌو جَنُ سورَمو،

پاتو جَنهِن پَرِتِيتِ سان، گَهرو گِيانُ اَنَجنُ،

گِهري لَڌائِين گَهرَ مون، اَنَڀَئِه آتَمُ ڌَنُ،

ميٽي سَڀُ مَنَنُ، سامي ماڻي سانتِ سُکُ.

(5)

سو پِريمي پورَنُ، سو ساڌو جَنُ سورَمو،

جو آڻي سِيتا سُرِتِ کي، ماري مَنَ راوَڻُ،

ڪَڍي ڏيهِه ڏَهيءَ مون، سامي مَٿي مَکَڻُ،

اَچَڻُ اَئون وَڃَڻُ، ڏِسي ڪونَه آڪاسَ ۾.

(6)

سو پِريمي پانڊو، سو ساڌو جَنُ سورَمو،

کَنيو جَنهِن خوشيءَ سان، کِميا جو کانڊو،

ماري ڀَڳائِين مَنَ کي، ڀَرَمَ جو ڀانڊو،

ڪَري ڪَرَمَ ڪانڊو، سامي لَکائي سَمَتا.

(7)

سو پِريمي پَنڊِتُ، سو جوڳي جيوَنَ مُڪِتُ،

ڏِٺو جَنهِن ڏِئي جان، بِنان دُويتَ اَدُويتُ،

رَکي نَه رَتيءَ جيترو، ڪَنهِن سان موهُ مَمَتُ،

رائِي اَئون پَرِبَتُ، سَمَ ڄاڻي سامي چَئي.

(8)

سو پِريمي پَنڊَتُ، سو جوڳي جِيوَنَ مُڪِتِ،

ڏِٺو جَنهِن ڏيئي جان، اَدُويتُ ديو دَتُ،

رَکي نَه رَتيءَ جيترو، ڪَنهِن سان موهُ مَمَتُ،

رائي اَئون پَرِبَتُ، سَمَ ڄاڻي سامي چَئي.

(9)

سو پِريمي پِنگُلُ، سو اَوڌوتي آتَما،

پَرِچي لَڌو جَنهِن پانَهنجو، اَنَڀَئِه گَهرُ اَصُلُ،

سامي چَئي سَنسارَ ۾، ڀُلي ڪِينَ اَڀُلُ،

ڪَٽي ڪَلپَتَ ڪُلُ، اِسِٿِتِ ٿيو اَڪاسَ جان.

(10)

سو پَنڊَتُ پُخِتو، سو نيهي نِرَٻاڻُ،

سَمُجهو جَنهِن سامي چَئي، نِرآڌارُ نُڪِتو،

جاڳي ڪِيائين جڳَ جو، ليکو سَڀُ چُڪتو،

ويٺو ٿي مُڪِتو، سُڃَ وَسَنوَ جي وِچَ ۾.

(11)

سو نيهي نِرَويرُ، سو ساڌو جَنُ سورَمو،

گِهڙي لَڌو جَنهِن گَهرَ مون، اَپيريءَ جو پيرُ،

سُمِهيو سُکَ پَتَ سيجَ تي، ميٽي سَڀُ اَنڌيرُ،

رائِي اَئون سُميرُ، سَمَ ڄاڻي سامي چَئي.

(12)

سوينهي نِرَ ٻنڌُ سو اَوڌوتَ اَنَڀَئِي،

سَمُجهِي جَنهِن سامي چَئي، تاڃيءَ پيٽي تَندُ،

ڪَري نه ڪَٽَرَ جيترو، ڪَنهِن سان ڦِڪَلُ ڦَندُ،

سَڀ کي ڏيئي سُڳَنڌُ، گهَرَي ڀِيان گُلابَ جِي.

(13)

سو نيهي نِرَ ٻنڌُ، سو اَوڌوت اَنَڀَئِي،

مِٽيو جنهن جي مَنَ مون، سامي غيرت گندُ،

مِلي ڪري محبوبَ سان، اَٺئي پهر آنندُ،

جِئين مصريءَ جو قَندُ، ڪَوڙو لڳي ڪينڪي.

(14)

سو نيهي نِزَڌَڪُ، سو اَوڌوت اَنَڀئي،

ڏِيو ڏِٺو جَنهِن ڏيهِه ۾، سَڀَ جـٖـي پَرِڪا سَڪَ،

سَدا رَهي سامي چَئي، ڦُرِني کون ڦارَڪُ،

ڀانوين عينَ الحَقُ، ڀوٖين ٻولي رامُ رامُ.

(15)

سو گُرَمُکُ گِياني، سو اَوڌوتُ اَنَڀَئِي،

جَنهِن کي ڏِني سَتِگُروءَ، سَمُجَهه سُلِطاني،

سامي ڏِٺائين سَمَ ٿي، دِلِ ۾ دِلِ جاني،

سَدا سَئِلائي؛ وَرِتي وِڌِ نِکيدَ ري.

(16)

سو گُرَمُکُ گِياني، سو اَوڌوتُ اَنَڀَئِي،

جَنهِن کي ڏِنو سَتِگُروءَ، نِرَڀؤ نِيشاني،

ڏِٺائين اَڀيدُ ٿي، دِلِ ۾ دِلِ جاني،

سياڻَڀَ ناداني، ڪُوڙي ڄاڻي ڪَلِپَ جِي.

(17)

سو سُجاڳو سَيدُ، دُئيتُ نَه رَکي دِلِ ۾،

ڪَيو جَنهن ڪامِلَ پيرَ سان، پَڪو پاڪُ عَهدُ،

ڏِسي سَڀَ پَيداش ۾، حَقُ نورُ ناپَيد،

رَهي سَدا لاقيدُ، سامي پَنهِنجي حالَ ۾.

(18)

ڪَرَمَ ڪانڊُ ڪَرِتَوُ، شُڀُ ڏسي سَنسارَ کي،

اُپاسِنا اَڀِياسَ سان، روڪي مَنَ جو رَؤ،

سامي سَمَتا گِيانَ ۾، ڪونِهي ڀولو ڀؤ،

سوناري جو سَؤ، لاهارَ جو ڌَڪُ هِڪِڙو.

(19)

مَري جَنِ مَحَبتَ، ڪَئي ڪَرِتا پُرِکَ سان،

سي ساڌو سي سورَما، سي عاشِقَ اُپَرَتَ،

چَڙِهِيا اَنَڀَئِه اَڇَ تي، لَنگهي پَنجَ ئي تَتَ،

گورِکَ، نارِدَ، دَتَ، ساکَ ڏِيَنِ سامي چَئي.

(20)

جاڳِيو ٻالَ جَتِي، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

جَنهِن ڦُرني کي فُرصَتَ ري، ڏِني ڦارَ ڪَتي،

ڪيرُ اَچي جَنَمي مَري، ڪَنهِن جي گَڏَهِ گَتي،

ميٽي مَنوَتِي، سامي مِليو سَروپَ سان.

(21)

پَنڊَتُ تَنهِن کي ڄاڻُ، جَنهِن کي سُڌ سَروپَ جي،

اَٺئي پَهَرَ سَروپَ سان، جُڙي سُ جوڳي ڄاڻُ،

سَنياسي سَنسي بِنان، سَڀَ ۾ ڄاڻي پاڻُ،

آتَمَ جَلَ ۾ اَپَرَسي، ڌوئي مَنُ سُڄاڻُ،

اُداسي اُداسُ ٿي، ڄاڻي جڳُ مَهِمانُ.  

سو اَوڌوتي اَنَڀَئِي، ڪَٿي ويدَ پِرَماڻُ،

وَئراڳي پَنهنجي پاڻَ کي، ڏِسَڻَ لاءِ حيرانُ،

نانگو ٿِيو نِرٻاڻُ سو، پاڻَ ڪَڍِيو جَنهِن پاڻُ،

مُلان مَنَ مسيت ۾، ڪَري دورُ قُران.

مومِنُ ڄاڻي مَنَ ۾، آهي سَڀَ جاءِ ساڻُ،

داتا دَياوَندُ سو، جو ڪَري پاڻُ قرِبانُ،

راڳي گاوي ديپَ راڳُ، ڏِئو ٻَري تَنهِن ساڻُ،

سُلطاني صاحِبُ سو، جو نِياءُ ڪَري نِرَٻاڻُ،

سَچو لِيکو جو لِکي، شاهُ تَنهِن کي ڄاڻُ.

سورو سَچو ڄاڻُ سو، جو جِيتي پَنجَئي پاڻُ“

گِرَهي گِيانَ گُروءَ جي، رَهي ماڻُ نِماڻ،

سَتِي رَهي پَتِوِرِتَ ۾، اهو ڄاڻي ڄاڻ،

اِهي ڳَلِهيو پَرِماڻُ، سامي ڄاڻي ڪو سچو.

(22)

سوئي سَوداگَرُ، کيپَ کٽي گَهرِ آئيو،

وَرِتو جَنهِن ويساهَ سان، دِلِ ڏيئي دِلبَرُ،

ڪَنهِن جو ڪَري ڪِينَڪِي، نِهَچي نِرادَرُ،

ڄاڻي سَڀُ گُذَرُ، سُپَني جو سامي چَئي.

(23)

سوئي سَچو سِياڻو، ساڌو جَنُ سَنسارَ جو،

ڍڍو ڍاهَرُ وِڪِڻي، ڪَري نِجُ ناڻو،

سامي لَڌو جَنهن پانهِنجو، پِريتَمُ پُراڻو،

ڏيئي وِهاڻو سُمِهيو سُکپت سيجَ تي.

(24)

سو نانگو نِرِٻانُ، سو اَوڌوتي آتَما،

جو ڪَٽي ڦاسَ ڳِچيءَ مون، اَوِدِيا آسمانُ،

اَستامَلُ اَولي جان، ڏِسي اَنَڀَئِه ڀانُ،

سامي سَڀُ جَهان، آهي جَنهِن جي آسري.

(25)

سو نِرَٻاڻُ نِهَنگُ، سو اَوڌوتي اَنَڀَئِي،

مِٽِيو جَنهِن جو مَنَ مون، اَڻَ هوندو اَهنگَتِ انَگُ،

پائي پُورَنَ پَدَ ۾، ويٺو پريمَ پَلَنگُ،

بي رَنگيءَ جو رَنگُ، سُتَهَه ڏِسي سامي چَئي.

(26)

سَناسي سيئي، جي ويسُ وَٽائِنِ ڪِينَڪِي،

ڏِسَنِ پَنهِنجي ڏيلَ ۾، سِوُ سَڪَتُ ٻيئي،

سامي سُمِهيا سيجَ تي، تَدَ تَڪِيو ڏيئي،

ٻِيا پڻ سڀيئي، ٿا مِٽي پائِنِ مُنهن ۾.

(27)

سَنياسي سيئي، ماڻِنِ سُکُ سَروپَ جو،

سامي جَنِ جِي ساڌَ سَنگِ، مَمَت مِٽي ويئي،

پِيئن پيالو پِريمَ جو، تَنُ مَنُ، ڌنُ ڏيئي،

دِرِشٽِ کُلي پيئي، سَهَجي گُلَ گُلابَ جان.

(28)

ويدانِتي وَڌيڪَ، ڪَنهِن سان ٻولِن ڪِينَڪِي.

جَنهِن کي ڏِني سَتِگُروءَ، سامي سَڀَ توفيقَ،

چَڙِهيا چيتَنَ چِٽَ تي، لَنگهي لوڪان ليڪَ،

نَئِنَنِ کون نَزِديڪَ، سُتَهَه ڏِسَنِ سُپِڙين.

(29)

سوئي سَنتُ سُگَهڙُ، سوئي عاشِقُ اَنَڀَئِي،

سَمُجِهيو جَنهِن سامي چَئي، ويدَنِ جو وڪَڙُ،

ميٽي مَسِتُ مگَهنُ ٿيو، سَڀُ ڦُرِني جو ڦَڙ،

بيحَدِ ڳولِيندڙُ، پَرِتَکِ ڏِسي پِنڊَ ۾.

(30)

سوئي سَنتُ مَهَنتُ، سِيتَلُ رَهي سُڀاوَ ۾،

جاڳي جَنهِن اَکِنِ سان، ڀَرِپورُ ڏِٺو ڀڳوَنتُ،

ڪَنهِن کي سَلي ڪِينَڪِي، سامي سُکُ بي اَنتُ،

جِئين ڪَڇَ ۾ پائي ڪنتُ، سُمِهي سُهاڳِڻِ سيجَ تي.

(31)

سو اَوڌوتُ اُدارُ، سو جوڳي جِيوَن مُڪتِ،

اُلَٽِي جَنهِن اَکِنِ سان، ڏِٺي سَنبَتَ سارُ،

رَکي نَه رَتيءَ جيترو، اَندَرَ ۾ اَهَن ڪارُ،

بَڻيءَ تي هَسوارُ، سَدا رهي سامي چَئي.

 

(32)

پيرُ پُرِجهي پائي مَحَبت جي ميدانَ ۾،

مَتان اَڌَ مُئَنِ کي، ڏِسِي ڀَؤ کائي،

پَرِچي پانهِنجي پاڻ کي، جِيئندي ڪُهاڻي،

تَڏِي ڪوٺائي، عاشِقُ عينُ اَلاهَ جو.

(33)

سامي چَئي سَرِسي، آهي تَنهِن عاشِقَ جي،

جولاهي رَکي لِنوَ سان، ساڌوءَ اَڳِيون سِسي،

وَٺـٖـي رِجهائـٖـي رَنگَ ڀَرِي، اَنَڀَئه آرِسي،

پَنهِنجو پاڻُ ڏِسي، تَنهِين ۾ تَدَروپُ ٿِئي.

(34)

سامي سو شيوَڪُ، وهِي گُرَ گاديءَ تي،

جيڪو پَٽِي پِريمَ جي، پَڙهي ٿِيو پَرِپَڪُ،

رَکي نَه رَتيءَ جيترو، مَنَ ۾ سَنسو شَڪُ،

پَرِميسَرُ پالَڪُ، سُتَهَه ڏِسي سِرَ تي.

(35)

سوئي جوڳي سَرُ، مُندِرا جَنهِن مَرَمَ جون،

سِڱي واهي سَهَجَ جِي، سامي سارُ سُڀَرُ،

ڌَري ڌِيانُ اُنَمُنِي، ڏِسي نِرِتِ نگَرُ،

جَنهِن ۾ اَجَرُ اَمَرُ، پُرَکُ وَسي پَرَماتَما.

(36)

پَنڊَتَ ڪَري پُڪار، سارُ لکائِنِ سَڀَ کي،

سَمُجهي سَچارنِ جو، کُلِيو مُڪتِ دُوارُ،

ڏيهُو ڏِسي ٿِيا ڏيهَه ۾، بيحَدُ باغُ بَهارُ،

بَڻيءَ هَسِوارُ، سَدا رَهَنِ سامي چَئي.

(37)

لِنوَ جي لانگوٽي، پاتِي جَنهِن پَرتِيتِ سان،

ڪَڍِيو ڪَلپَ ڪُتيءَ کي، تَنهن هَڻي سَمَ سوٽِي،

سامي کائي سارَ جِي، رَهَتِ سَچيءَ روٽي،

اَچي نَه موٽي، گَرِڀَ جُونِ جي غارَ ۾.

(38)

ساڌُو جَنُ سُچکُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

سُتَهَه سِڌِ سامي چئي، لَکِيو جَنهين اَلَکُ،

وَرتـٖـي وِڌِ وِيچارَ سان، ڇَڏي پَرِڇَنُ پَکُ،

ڪَرِتا ٻاجهون ڪَکُ، خالي ڏِسي ڪونَ ڪو.

فقير

(1)

اَڻَ هوندٖي اولـٖـي، سامي لِڪو سُپرين،

لڌو سِڪَ سَچيءَ سان، فَقِيرَن ڦولي،

ويهي وِچولي، پَلِ پَلِ پيئن پريم رَسُ.

(2)

ڪَري فِڪُرُ فَقِيرَ، فاروقَ ٿِيا فڪِرَ کون،

سامي سُپيرين جي، دل کي ڏيئي ڌِيرَ،

مِسُ کي ڄاڻِن مِصِري،  چِيٿرا پَٽَ چِير،

رهن منجهه سرير، اَسرير آڪاس جان.

(3)

جنين پَهريو پوشُ، فارقُ فقيريءَ جو،

سي اَندر ٻاهر نڀ جان، دَهَ دِسِ ڏسن دوس،

ڪنهن کي ڏين ڪِينَڪِي، گيان وَرائي گوش،

کميا ۽ کاموش، ڪيائون ڪلپ ڪڍي ڪري.

(4)

پَهريو جنهن چولو، فارَقُ فَقيريءَ جو،

ڪَڍِيو تنهن اَندر مون، ڀَرِم جو ڀولو،

لَڌائين رَسُ رامَ جو، اَنَڀَئِه امولو،

سامي ٿِيو گولو، سَنتَن ساپرسَنِ سان.

(5)

فقيرن فريادُ، ڪِيو در دوسَنِ جي،

جَنِ وِڇوريو توکي، سي مُدعي ڪر مادُ،

پرچي پاڻ پريَنِ ڪيو، دِلاسي سان دادُ،

سامي سَڀُ وِکادُ، ميٽي ڪَيائون مُڪِتو.

(6)

ڀائنا جي ڀولـٖـي، سامي لِڪو سُپرين،

لَڌي سِڪَ سَچيءَ سان، ڦقيرن ڦولي،

جَنِ کي عشقَ آگَمَ جي، چِڻِگَ پَئي چولي،

پَٽُ پَردو کولي، ماڻِنِ دورَ درسَ جا.

(7)

ڪري فقير فِڪُرُ، فارقَ ٿِيا فِڪر کون،

جَن کي ڏَسيو سَتِگُروءَ، ساڌَنُ سارُ صَبُرُ،

مِلي رَهيا مَحبوبَ سان، ڇَڏي هَٺُ هُنُرُ،

اَندرَ ۾ اِسٿُر، سامي رَهَنِ سُميرَ جان.

(8)

ڦقيرَن ڦولهي، لَڌو ديسُ آگمَ جو،

نڪو ڪوه نه وکَ ڪا، اَڻ هوندي اولي،

سامي مِليو سَروپَ سان، پَٽُ پَردو کولي،

ويٺا وِچولي، پَلِ پَلِ پيئن پِريمَ رَسُ.

(9)

فَقيرن فرمان، مَنيو محبوبن جو،

تن ڪوري ڪَپي ڪَڍيو، اَندر مون اَڀمانُ،

گِهڙي لڌائون گَهرَ مون، اَنَڀَئِه آتمُ گِيانُ،

ٿِيڙا سي پِروانُ، اَڳيون عَجِيبَنِ جي.

(10)

فَقِيرَنِ فصُلُ، مِلِي ڪَيو محبوب سان،

جاڳي ڪڍيائون جيءَ مون، سامي سَڀُ خَلَلُ،

اَکِيون اَکِنِ ۾ رَکي، پاسي ٿِين نَه پَلُ،

سدائين سيتَلُ، رَهن پانهنجي حال ۾

(ب)

(1)

اَڻَ هوندي اولي، سامي لِڪو سُپِرينِ،

لَڌو سِڪَ سَچيءَ سان، ڦقِيرَنِ ڦولي،

جَنِ کي عَشِقَ اَگَمَ جي، چِڻِگَ پيئي چولي،

پَٽُ پَردو کولي، ماڻِنِ دورَ دَرِسَ جِي.

(2)

دَرِويشَنِ جو دَرُ، وَتو جَنهِن ويساهَه سان،

مِٽِيو تَنهِن جي مَنَ مون، سامي مَمَتُ مَڪَرُ،

پَرِچي لَڌائين پانهِنجو، اَنَڀَئِه آدي گَهرُ،

جَنهِن ۾ اَجَرُ اَمَرُ، پُرِکُ وَسي پَرِماتِما.

(3)

فَقِيرَنِ فِڪِرُ، سَٽي وِڌو سَڀُ ساڌَ سَنگِ،

پورَنُ ڏِٺو پَرِماتَما، جاڳي جَنِ ظاهِرُ،

مَنَ ۾ لوڪَ پَرِلوڪَ جي، طَمَعَ رَکَنِ نَه تِرُ،

سامي ڪَري صَبِرُ، ماڻِنِ مُڪِتي مَوجَ کـٖـي.

(4)

فَقيرن ڦِيڻو، جَنهِن کي هَنيو حالَ جو،

تَنهِن ٻُڌو سَروجُ صَبُر سان، جُهڳي ۾ جِهيڻو،

شَهَه جو ٿِيو سامي چَئي، لَٽِڪي لَکِيڻو،

پَرِچي پَتِيڻو، ڳالِهِه نَه سَلي ڳُجَهه جِي.

(5)

فَقِيرنِ فَريادُ، اونهو ڪَيو اَندَرَ ۾،

پاتائون پَرِتيت سان، سامي دَرَسَنُ دادُ،

لُنوَ لُنوَ لالُ گُلالُ ٿي، وَٺنِ سارُ سَوادُ،

پَرِڇِنتا پَرِمادُ، رَکَنِ نَه رَتيءَ جيترو.

(6)

فقيرنِ فِراقُ، ساڌَنُ ڏَسِيو سُکَ جو،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، مَحَبتي مُشِتاقُ،

سَٽِيو جَنهِن سَنسارَ جو، دلِ مون سَڀُ ديماقُ،

پَرِڇنتا کون پاڪُ، مِلي ٿِيو مَحَبوب سان.

(7)

فَقِيرَنِ فَرِجُ، سَٽيو لوڪَ لَکاوَ جو،

ملي ڪَنِ مَحَبوبَ سان، هَرِدَمُ هِردي حَجُ،

سامي لال گُلالَ ٿِيا، ڪَٽي ڪَلپَ قَرِجُ،

بيحَدِ بيگرِجُ، رَهَنِ پانهِنجي حالَ ۾.

دردوَند

(1)

ڪَريان ڪهڙو حالُ، دَردَوَندنِ جي دل جو؟

ڪُٺا ڪُڇنِ ڪِينَڪِي، لِنوَ لائي ٿيا لال،

صدقي ڪَيائون سڪ تون، سامي تن من مال،

تن کي ڪوهُ ڪَرِيندو ڪالُ، جي مَرَڻ کون اڳي مُئا؟

(2)

دَردَوَندَ داناءَ، چَڙِهيا اَنَڀَئِه اَڇَ تي،

پُڇِي پيراڍُنِ کون، رَهَت سَچيءَ سان راهَ،

سيتَلُ ٿِيا سامي چَئي، ميٽي چِنتا چاهَ،

پِرينءَ پرواهَ، ڪَنهِن جي رَکَنِ ڪِينَڪِي.

(3)

دَردَوَندَ دَٻُلي، مَحَڪَمُ رَکَن مت جِي،

ڪَنهِن کي سَلنِ ڪِينَڪِي، ڀولي ڀاءِ ڀُلي،

سَچيءَ سِڪَ وارَن سان، خَلِوَت ڪَنِ کُلي،

ميٽي ڪَلپَ ڪُلي، سامي چڙهي سير تي.

(4)

دردَوَندَ دِيماڪُ، رَکَنِ نَه رَتيءَ جيترو،

سامي ٻولِنِ سَڀَ سان، نِيوون نِرِمَلُ واڪُ،

تَنَ جو کولي طاقُ، سَنمُکُ ڏِسَنِ سُپريِن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org