سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :25

(10)

ڀُلَنِ کون ڀَرَمُ، مِٽي ڪِينَ مَرَڻَ جو،

مَڃي ويٺا پاڻَ کي، رَتُ پُنئه هَڏا چَمُ،

ڪو نيهي نِرِڀَئِه رَهي، سامي سَمَ سوکَمُ،

جَنهِن کي خاطَرِ جَمُ، ڪَئي سَمُجهاڻي سَتِگُروءَ.

(11)

پرچِي جِيئن پَتَنگَ، جَلي مُئا جوتِ ۾،

تِئن دوستيءَ جي دَورَ ۾، نيهي پيا نسِنگَ،

لائي لالُ گُلالُ ٿيا، رَهَتِ سَچيءَ جا رَنگَ،

سَهَنُ سِيلُ سَٻَنگَ، سامي ڪَيا سَتِگُروءَ.

(12)

دوست درواجو، پٽي ڇڏيو پريمَ جو،

پيهي اَچي ڪو پاڻَهين، نيهي نِواجو،

جَنهِن کي ڪَيو سَتِگُروءَ اَٽَڪَ کون آجو،

ڀِڄِي بِراجو، سامي سکپت سيجَ تي.

(13)

پاپي پاپن ساڻُ، ڀوڳِن ڀوڳَ نرڪ جا،

پُڃي سُکَ سُرڳ جا، پائي ڪَنِ پَرِماڻُ،

ٻِنهين جي ٻنڌن کون، نيهي ٿِيا نرٻاڻُ،

پاڻ وَرائي پاڻ، سامي ڄاڻَن سَروَ گَتِ،

(14)

گُرَگَمَ جَنهِن لايو، نِيهُن نِرَنجَنَ ديوَ سان،

سامي لَڌو سُکُ تنهِن، ٺَهيو ٺهايو،

جاڳي وِڃايو، اَوِديا ڀَرَم اَندرَ مون.

(15)

جِتي حَبيبَ هَڻَنِ، ناوَڪ ڀَري نِينهَن جي،

وَٺِي نَنهَن چوٽيءَ کون، سامي مَٿي کَڻنِ،

ڳَڻتيءَ ليکي کون پَري، لُنوَ لُنوَ چاڪَ چِڪَنِ،

تاتي طبِيبنَ، ڦڪيون سڀ ڦٽيون ڪيون.

(16)

تو بِنُ رَهي ڪِيئن، بِرَهَنِ عَشقَ لَپيٽي،

تَنُ مَنُ ڌَنُ ڀُلائي، ڏِنو تُنهِنجي نِيهن،

سِڪَندي ٿِئڙا ڏينهَن، آءُ دَيا رَکُ دِلِ ۾.

(17)

نِيون نِهوڙي، جَنهِن کي عِشقَ عَجِيبَ جي،

سو ويٺو دَرسَ درياهَ ۾، ٻيائي سڀ ٻوڙي،

سامي مُنهُن موڙي، ڪَنهِن ڏي ڏِسي ڪِينَڪي.

(18)

جي تون پُهتينءَ پار پرين کي، ته خبر ڏي کَري،

نيئي نِياپو نِيهن جو، وَهِلو آڻ وري،

چيتو ڪَرِ چري، متا ڌِڪي ڪِني ڌاريو.

(19)

جَڏها نڪُو جانِبَ سين، ٿِيو نينهن لَڳِي نروارُ،

وِسري وِيو ڪِينَڪي، تڏهانڪُو تَڪرارُ،

ياد اَسان کي يارُ، اَسين به يادِ ڪيون ٿا يار کي.

(20)

جَنهِن کي نِيهَن نَرَمُ، موڙي ڪِيو مَرَمَ سان،

مِٽيو تَنهن جي مَنَ مون، ڀولائو ڀَرَمُ،

لَيءِ ڏِٺائين لَکَ ۾، سامي سَڀُ عالَمُ،

دوسَ وَرائـٖـي دَمُ، خالي کَڻي ڪونَڪو.

(21)

جَنهِن ڏي نِهاري، نيهي نيڻَ ڀَري ڪَري،

تَنهِن کي پِيالو پريمَ جو، پورَنُ پِياري،

ڪَري مَست مَيا سان، اَچرَجُ ڏيکاري،

ٻانڀَڻُ چَئي ٻاري، ڏيو رَکِي ڏِيل ۾.

(22)

نيهيءَ ڪيو نِروارُ، سامي سَتِ اَسَتِ جو،

ڪَٽِي تنهن ڪلپنا، ڏٺو ڏسَڻَهارُ،

اُپجي نِپَجي لِينُ ٿـٖـي، جَنهِن ۾ سَڀُ سنسارُ،

سدا رهي گُلزارُ، نِماڻو نِرَٻاڻ ۾.

(23)

نيهيءَ ڪَيو نِياءُ، ويهي وِڌِ سَچيءَ سان،

تَنهن کي سَت اَسَتِ جو، سچو پيو سماءُ،

ويٺو اَنڀَئي تَخِتَ تي، ميٽي دُنِيا ڀاءُ،

ڄاڻِي دلبر داءُ، سامي ماڻـٖـي سانتِ سُکُ،

(24)

ناگنُ ڪين نوايو ناٿُ نِوايو نينهَن،

اصَلُ اَوڌتَن کي، مَڙهيءَ اُٺا مِينهَن،

ڪن جاڳندي ڏينهَن، ڪِنِ کي پَلَڪَ ۾ پَرچو ٿيو.

(25)

نِرو ڪَلَپُ نيهي، پاڪُ رَهي پُڃَ پاپ کون،

پَرَتکِ پورَنُ آتِما، پَسِيو جَنهِن پيهي،

سامي ماڻي سانتِ سُکُ، وِڌِ سَچيءَ ويهي،

مانُکا ديهي، سَڦَلُ ڪَيائين ساڌَ سَنگِ.

(26)

نيهيءَ جي نگاهَه، ڪنهن ۾ ٻُڏي ڪِينَڪي،

جَنهِن کي لالُ گلالُ، ڪَيو، سِڪَ سَمُجَهه ويساهَ،

ويٺو انڀئه تَخت تي، ميٽي چنتا چاهَه،

ساڌَ سَنگَتِ جِي راهَه، سامي رَکِي سِرَ تي.

(27)

نيهي نِرڌارُ، ڪوڙِن ۾ ڪو هِڪِڙو،

جاڳي جَنهِن سَهي ڪيو، سُپنن جو سَنسارُ،

ڪَري اُپديسُ اَنڀَئي، عَينُ ڏِسي اَڌِڪارُ،

سدائي گُلِزارُ، سامي رهـٖـي سڀاوَ ۾.

(28)

نيهي نِراسو، رَکي نَه آسَ اَندَر ۾،

پرچي ڪيو جَنهِن پَدَ ۾، وِڌِ سَچيءَ واسو،

ماڻـٖـي سُکُ سَروپَ جو، خالِصُ خُلاصو،

جيئين پيو پَتاسو، ساگر ۾ سامي چَئي.

(29)

نيهي نِراسو، رَکي نَه آسَ اَندَر ۾،

ڪَيو جنهِن ڪِرپا سان، پَرڇِنِ کون پاسو،

سُتهِه ٿِيو سامي چَئي، خِلِوَتي خاصو،

ڏسي تماسو، ساکِي ٿِي سنسار جو.

(30)

نيهي نِراسو، آسَ نَه رَکي ڪَنهِن جي،

رَهي چَندَر چَڪورَ جان، دَرِسَنَ جو پِياسو،

ڪِيائين چَرَنَ ڪَمَلَ ۾، وِڌِ سَچيءَ واسو،

ڪيئن ڪَري پاسو، سامي تَنهِن کان سپرين.

(31)

نيهي رَهَنِ نِراسُ، سدائين سَنسارَ ۾،

ڪَيائون ڪَلپَ ڪَڍي ڪَري، نَئنَنَ مَنجِهه نِواسُ،

پورَنُ ڏِسَنِ پِريمَ سان، چِيتَنُ چِد آڪاسُ،

جَنهن ۾ پريمَ پِرڪاسُ، سامي رَهي سَروپَ جو.

(32)

نِروِڪَلَپُ نيهي، ڪوڙنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

جَنهن ڏِٺو پانهنجي پاڻَ کي، پَلِڪَنِ منجهه پيهي،

جاڳي ڪڍيائين جيءَ مون، سَنسا سڀيئي،

ٻانڀَڻَ بديهي، رَهي سدائين ديهه ۾.

(33)

نِرَوِ ڪَلَپُ نيهي، ڪوڙِن ۾ ڪو هِڪِڙو،

جَنهِن سُتَهَه سَروپُ صحيح ڪيو، گُرگَمُ گَهرِ پيهي،

پَلِ پَلِ پِيئـٖـي پريمَ رَسُ، وِدِمانُ ويهي،

ٻانڀَڻَ بديهي، رهي دعويٰ ري ديهِه ۾.

(34)

نِروِ ڪَلَپُ نيهي، سَمُجهِي سَمَ سِيتلُ ٿِيا،

دَرِ دَرِ ديوانَنِ جان، پُڇَنِ نه پيهي،

دَمِ دَمِ ڏِسَنِ دوسَ کي، وِدمانُ ويهي،

ٻانڀَڻَ بديهي، دعويٰ رکن نه ديهِه سان.

(35)

نيهي نَرُ نِهَڪامُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

ڪَٽِي جَنهِن گُرگِيات سان، طَمَع سَڀَ تَمامُ،

اَندَرِ ٻاهَرِ نَڀَ جان، ڏِسي رَمِتا رامُ،

سُرڳَ جَهڙو ڌامُ، سامي ڄاڻي سُپَنو.

(36)

نيهي نيڻَ ڀَري، جَنهِن ڏي جُڙِيي جان ڏِسي،

سَهَجـٖـي ٿِئي سامي چَئي، تَنهِن جو پَٽُ پَري،

جِيئين ڀِرنگيءَ ڪِيٽَ کي، پَلٽي ڀِرنگُ ڪري،

ٻيائيءَ بِنان ٻَري، ڏِيئو ڏيئي سان مِلي.

(37)

نيهي نانا ڀانتِ، ڀڳت ڪَرِنِ ڀڳوانَ جي،

وِرلي ڪنهن وَرِيامَ کي، سامي آئي سانتِ،

مِلي جَنهِن مَحبوبَ سان، ميٽِي مَنَ جي ڀِرانت،

اُٿانَ مجهه ايڪانِت، رَهـٖـي رَهَتِ سچيءَ سان.

(38)

نيهي نِماڻو، ماڻُ نَه رَکي مَنَ ۾،

سيوا ساڌَنِ جي ڪَري، پَرچِي پَرماڻو،

سَدا رهي سامي چَئي، وِڌَ سان وِڪاڻو،

ڀڳوتَ جو ڀاڻو، مَني ويٺو سَڀَ ۾.

(39)

نيهي نِر اَڀمانُ، سڄڻَ تُنهنجي سِڪَ ڪيو،

ڇَڏي خامَ خيالَ کي، ڌَري ويٺو ڌِيانُ،

ڄاڻي بيحد بانورو، سامي سڀُ جهانُ،

گُهري درسَنَ دانُ، آتَرُ ٿِي اَدَبَ سان.

(40)

نيهي نيڻَ ڀَري، روئـٖـي رَتُ اَکِنِ مون،

پُڇي پانڌيڙُنِ کون، سُڏِڪِي سَڏ ڪري،

سِڪَ تَه تُنهنجي سُپرين، هردم هَڏ گهري،

سگهي نه ڌيِرَ ڌَري، سُتَتُ مِلُ سامي چَئي.

(41)

نيهي نِماڻو، ماڻُ ڇَڏي ماهِل ٿيو،

رَهـٖـي ساڌَ سَنگَتِ ۾، وِڌِ سان وِڪاڻو،

پَرچي لڌائين پانهنجو، پريتَمُ پُراڻو،

ڀڳِوَتَ جو ڀاڻو، سامي رَکِيائِين سِرَ تي.

(42)

نيهي نِماڻو، ماڻُ ڇَڏي مَستانُ ٿيو،

جَنهِن کي اَزغيبي ڏِنو، عشقَ اوراڻو،

مَنيائين مشتاقُ ٿي، ڀَڳِوَتَ جو ڀاڻو،

رَهي وِڪاڻو، سامي ساڌَ سَنگَتِ ۾.

(43)

نيهي نِماڻو، ماڻُ نَه رکي مَنَ ۾،

ڄاڻِي ڄوٺُ جڳتَ کي، سُنِ ۾ سَماڻو،

پرچي لڌائين پانهِنجو، پريتَمُ پُراڻو،

رَهي وِڪاڻو، سَدا ساڌَ سَنگتِ ۾.

(44)

نيهي نِماڻا، رُئَنِ رَتُ اَکِنِ مون،

پَسَڻَ ڪاڻِ پِرِيَنِ جي، پَهِريائون ٻاڻا،

اَٺَ ئي پَهَرَ اَندَرَ ۾، اورِنِ اوراڻا،

سامي سَماڻا، رَهَنِ سَدائي سِڪَ ۾.

(45)

اِيهو دانُ گُهري، نيهي نارائڻ کون،

تو بِنَ تِرَ جيترو، ٻيو ڦُرِڻو ڪونه ڦُري،

سَدا مَنُ سامي چَئي، وَسي پريم پُري،

نِرَمَلُ ٽورَ ٽُري، عادي عاشقن جِي،

(46)

نيهي نِهِه ڪَرَمَ، ڪَرَمُ ڪَنِ ڪَلِپَتَ ري،

نَڪي مايا موهِيا، نَڪي جُوهِيا جَمَ،

ٻولِنِ ٻُنڌَنِ ٻِيائيءَ ري، اَنڀَئِه واڪَ آگَمَ،

سامي ڏِسَنِ سَمَ، اَندَرِ ٻاهَرِ آتما.

(47)

روئي پِيَڙو ڳَلِ، نيهي نارائڻ جي،

پنهنچِي سَگهي ڪِينَڪي، سامي پنهنجي ٻَلِ،

ديکِيا داتِ گُروءَ جِي، پِي پاپِڻِ کي جَهلِ،

اَچي جلدي سَلِ، نَه تَه ڏِيون ٿا دَمُ درد ۾.

(48)

روئِي ڳَلِ پيو، نيهي نارائڻ جي،

ڏسِي ڇَلُ مايا جو، ڀارِي ڀَؤ ٿِيو،

سهجي رَمز سَهي ڪري، ساميءَ سَرڻ پِيو،

وَٺي تِتِ وِيو، جِتي تون مان ناهه ڪا.

(49)

روئي پِيَڙا ڳَلِ، نيهي نارائڻَ جي،

پَنهنچِي سَگَهنِ نه پَدَ ۾، ٻانڀَڻَ پَنهنجي ٻَلِ،

جان پاپڻِ کي پَلِ، جان اَچي مِلُ مُئنِ سان.

(50)

روئي پِيَڙا ڳَلِ، نيهي نارائِڻَ جي،

مُئنِ کي مايا جي، ڇَلَ وَل سان، نه ڇَلِ،

ڏورِي پائي ڏيلِ جي، وَهَ وَهندَنِ کي جهل،

ٻانڀَڻَ پنهنجي ٻَلِ، پُهَچي سگَهن نَه پَدَ ۾.

(51)

لَٽِڪـٖـي ساڻ لُٽي، ساهه کڻي ويو سپرين،

اَٺَئي پَهَرَ اَکِنِ مون، پاڻي ڪِينَ کٽي،

هيءَ داسي ڪيئن ڇُٽي، سامي خاصِ خيالَ مون.

(52)

روئِي پيئِي هَڏِ، نيهَن نِماڻِي ناٿَ جـٖـي،

بِردُ سُڃاڻِي پانهِنجو، نيڻ نيڻَنِ سان گَڏِ،

سامي چَئي نه ڇَڏِ، لوڙهي لوڀَ لَهَرِ ۾.

(53)

روئي پِيَڙي هَڏِ، نيهَن نِماڻِي ناٿَ جي،

بِرِدُ سُڃاڻي پانهنجو، نيڻَ نيڻَنِ سان گَڏِ،

پائي پاندُ ڳچيءَ ۾، مان آيَس تُنهنجي آڏِ،

سامي جلدي سَڏِ، نَتَ ڏِيندَس دَمُ درد ۾.

(54)

رَکيو جنهن ناتو، سامي سُپيريُنِ سان،

سو چَڙهِي چيتن چِٽَ تي، رَهي مَڌَ ماتو،

گَهٽَ گَهٽَ سُڃاتو، پَرچي پَنهنجي پيءَ کي،

(55)

سَڀُڪو پائي ڦَلُ، ٻيجي ٻيجُ ڀَلو بُرو،

رهي اَليپُ آڪاسَ جان، ڪو نيهي نِرَمَلُ،

سامي ڪيو جنهن ساڌَ سَنگ، موڙي مَنُ اَچَلُ،

پاسي ٿِئي نَه پَلُ، سُتَهه سِڌِ سَروپَ کان.

(56)

گِرِسـٖـي گِراسـٖـي، سَڀَ کي ميا موهِڻي،

ڪنهن کون ٿِئي ڪِينَڪي، پَلُ پاپِڻِ پاسي،

ڪَيُسِ گُمُ گِياتِ سان، ڪنهن نيهيءَ نِراسي،

هردم هِڪُ ڀاسي، جَنهِن کي اَندر آتما.

(57)

اوديا آوَرَڻُ، ڏِنو ساري ڏيهَه کي،

اُلَٽِي ڏِٺو اَکِنِ سان، ڪَنهِن نيهيءَ نارايَڻُ،

جَنهِن کي ڪَيو سَتِگروءَ، ڪرپا سان ڪامَڻُ،

خالي رَهي نه کَڻُ، سامي سکپت سيجَ تي.

(58)

ڪري نانا ڇَلَ، مايا موهي سڀ کي،

ڪَنهِن کي ڇَڏي ڪِينَڪي، خالي بِنان خَلَلَ،

ڪي نيهي وِيسَ نِڪري، نِراسا نِرَمَلَ،

جَن کي سَمُجَهه سَٻَلَ، سامي ڏِني سَتِگُروءَ،

(59)

اَنڀَئه پَدُ اونهون، سَنتَ لَکائِنِ سَڀَ کي،

آهي جَنهِن جي آسري، جڳُ گوُنا گونو،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، نيهي نَمونو،

جئن کنڊ جو کيلونو، خالي رَهي نه کَنڊُ ري.

(60)

ڪَرمُ اُپاسِنا گيانُ، ٽيئي ڪانڊَ ڪَڍَڻَ جا،

سَمجهي ڪو سامي چَئي، نيهي نِرَ اَڀمانُ،

ڪَيو جنهن ڪِرپا سان، اَنڀئِه اَمرت پانُ،

جاڳي سَڀُ جَهانُ، لَئِه ڏِٺائين لَکَ ۾.

(61)

ڪري هَٺُ هَٺِي، کوهِه نَه مانُک ديهه کي،

کيپَ کٽي وِيا پريتِوانَ، نيهي واٽ وَٺي،

ڪَسَوٽي ڪامل جِي، سامي جن سَٺي،

ڪَلِپَتَ پِنڊَ پَٺِي، سَٽي مِليا سروپَ سان.

 

(62)

ڪوڙو ويسُ وڳو، گُرگَمَ ڪيو ڪونَڪو،

سَهَجـٖـي سُپيرِيَنُ سان، اَچي نيهُن لڳو،

ڇُٽو جيءُ جَنجال کون، وِڪِڻي ڍورُ ڍڳو،

اُٿي ڀَرَمُ ڀڳو، سامي گهر مون اَڻ پڇو.

نيهي (ب)

(1)

ڪيڏي وَڏائي،  ڳَڻِيان نيهي پُرِکَ جي،

جَنهِن سامي مِلي ساڌَ سَنگِ، مَمَتَ مِٽائي،

سُمهيو سَمَتا سيجَ تي، وِڃائي وائي،

سَمَ ٿي سَدائي، ماڻي دَورَ دَرس جِي.

(2)

سو نيهي نِرَمَلُ، سو اَوڌوتي آڳرو،

ڪَيو جَنهِن گُرگِياتِ سان، پُرِکارَٿُ ٻَرَٻَلُ،

سُکي ٿِيو سامي چَئي، پائي پَدُ اَچَلُ،

جِئين جَلِ ڪَنوَلُ، تئين رَهي وِديهي ديهِه ۾.

(3)

لِنوَ وارو ڪينَ لِڪي، سورِجَ جان سَنسارَ ۾،

سامي جَنهِن کي سَتِگُرو، ڦَلَ مون ڪَڍِي ڇِڪي،

اَٺَئي پَهَرَ اَنَڀئي، مُنهَن مون مَئِه چِڪي،

پائي سُکُ سِڪي، پَلِپَلِ ڪارَڻِ پيءَ جي.

(4)

نيهي ڏِسِي نورُ، پاڪُ ٿِيا پَرِپَنجَ کون،

باقي رَهِيُنِ ڪونَڪو، ڪَرِڻو جَتَنُ جَرورُ،

سَدا رَهَنِ سامي چَئي، ڀيدَ بِنان ڀَرپورُ،

مُلِڪَنِ ۾ مَشَهورُ، ويدَ چَونَ واڪا ڪَري.

(5)

نيهي نِرَمَلا، مَئِلُ نَه رَکَنِ مَنَ ۾،

سَمُجهي جَنِ سامي چَئي، گَهَرِي گِيانَ ڪَلا،

جاڳي ڏِنائون جڳَ کي، ليکي اُتي لَلا،

بُرا اَئون ڀَلا، ڄاڻَنِ ڪَرمَ ڪَلپَ جا.

(6)

بيحَدَ لِنوَ بارِيڪَ، آهي عَشِقَ آگَمَ جي،

سامي لائِي ڪَنهن سورَمي، لَنگهي لوڪان لِيڪَ،

جَنهِن کي ڏِني سَتِگُروءَ، تَرَ تِيٻَرَ توفيقَ،

نَئننِ کون نَجِيڪَ، سُتَهِه ڏِسي سَمَ سُپِرِين.

(7)

لِنوَ جو لَنگوٽو، پاتو جَنهِن پَرَتيت سان،

سامي کَنيون تَنهن ساڌَ سَنگِ، سَمتا جو سوٽو،

سوکَمُ ڪَيائين سُرِتِ کي، ماري مَنُ موٽو،

جَل جو پَپَوٽو، جُدا نَه ڄاڻي جَلَ کون،

(8)

لِنوَ جي لَنگوٽي، پاتي جَنهن پَرتِيتِ سان،

تَنهِن هَنئِين ڪَلِپَ ڪُتيءَ کي، سامي سَمَ سوٽي،

ڳاوَندو وَتي ڳوٺَ ۾، جَهنگِلو جَنجهوٽي،

لُٽِــٖـي نِتُ لوٽِي، اَنَڀَئِه جي آنَندَ جي.

(9)

لِنوَ جي لَنگوٽي، پاتي جَنهن پَرِتيتِ سان،

تَنهن هَنئِين ڪَلپَ ڪُتيءَ کي، سامي سَمَ سوٽي،

کائي کارائي خوشِ ٿئي، رَسَ ڀَرِي روٽي،

اَچي نَه موٽي، گَرَڀَ جُونِ جي غارَ ۾.

(10)

لِنوَ جي لنگوٽي، پَهرِي جَنهِن پَرِتِيتِ سان،

تَنهن هَنئِين ڪلپَ ڪُتيءَ کي، سامي سَمَ سوٽي،

کائـٖـي نِتُ نِرِٻاڻُ ٿِي، رَهَتِ جي روٽي،

اچي نَه موٽي، جَنَمَ مَرَڻَ جي دُکَ ۾.

(11)

لِنوَ جي لَنگوٽي، پاتي جَنهِن پَرِتِيتِ سان،

سَمُجِهي تَنهِن سامي چَئي، ڦارَڪَ ڦِروٽي،

ڪَڍيائين ڪَلِپَ ڪُتيءَ کي، هَڻي سَمَ سوٽي،

اَچي نَه موٽي، گَرڀَ جونِ جي گَپَ ۾.

(12)

لِنوَ جي لَنگوٽي، ٻَڌي جَنهِين يَقينَ سان،

تَنهِن ڪَڍِيو ڪَلَپَ ڪُتيءَ کي، ماري سَمَ سوٽِي،

ڳاوَندو وَتي ڳوٺ ۾، جَهنگلو جَهِنجوٽي،

لُٽـٖـي نِتُ لوٽِي، اَنَڀَئِه جـٖـي آنَندَ جِي.

(13)

نيهِنِ جو نگَرُ، ڪامِلَ آهي ڪَهڙو،

ڀَرِيو ڀاوَ ڀڳَتِ سان، سِيتَلُ سَهَجَ سُڀَرُ،

پُڇي ڏِسُ تَنِين کون، جَنِ گهَرو ڪَيو گُذَرُ،

سَدا باغُ بَهَرُ، سامي رَهَنِ سُڀاوَ ۾.

(14)

نيهِنِ جو نِيشانُ، سُڃَ وَسَنوَ جي وِچَ ۾،

ويٺا هَڻَنِ وِڌِ سان، نِتُ ڪَمانو ڪانُ،

سَمُجِهي سَگهي ڪونَڪو، اِشارو اَجانُ،

سامي سَڀِ حيرانُ، سِياڻا پَنڊتَ پارِکو.

(15)

ڪَنهِن کي پوي نَه ڪَلَ، اُڻهونديٖ آڙاهَ جي،

لُڙي لَهَوارا ٿِيا، سور وِيرَ سَٻَلَ،

لَنگهي چَڙِهيا لَک تي، ڪي نيهي نِرَمَلَ،

اَٺَئي پَهَرَ اَچَلَ، سامي رَهَنِ سُڀاوَ ۾.

(16)

آهي اوکيري، پائِڻُ پورَنُ پَدَوي،

ساکَ ڏِئي سامي چَئي، نيهي نِرَويــٖـري،

ماري ڪَيو جَنهِن مَنَ کي، ڀَسَمَ جي ڍيري،

اَوِدِيا اَنڌيري، لَنگهي چَڙِهيا لَکَ تي.

(17)

جانيءَ ڪَيو زَخَمُ، نيزو هَڻي نِينهَن جو،

کائي تَنهِن خلاصُ ڪَيو، هَڏُ، ماسُ، رَتُ، چَمُ،

نَظَرِ اَچي ڪونه ڪو، بِنان موتَ مَلَمُ،

سامي سَڀُ شَرَمُ، آهي ڳَلِ اُنهيءَ جي.

(18)

نيهي نهاري، دَهَه دِسِ پانهنجي دوس کي،

روئـٖـي رَتُ اَکِيُنِ مون، سَڏي سُڏِڪاري،

تُنهنجي بِرهَه ڀَسَمُ ڪئو، جيءُ جُسو جاري،

ويهُه نَه وِساري، سُتَتُ مِلُ سامي چَئي،

(19)

نيهي نَظَرَ پاڪَ، رُئنِ رَتُ اَکِن مون،

دانَهن ڪَنِ دَرَدَ سان، ڦَٽِيا عَشِقَ فِراقَ،

ڏِيَنِ سَنيها سَڀَ کي، سامي چَئي بي باڪَ،

سُتَتُ پَرِچي پاڪَ، اَچي مِلُ مُئنِ سان،

(20)

نيهي نِتُ مَري، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِريَنِ جي،

روئي رَتُ اَکِيُنِ مون، سُڏڪي سَڏ ڪَري،

اَٺَ ئي پَهَرَ اَندَرَ ۾، مَحَبَتَ مَچُ ٻَري،

سامي تَڏِي ٺَري، جَڏِي پَسي ميگُهه مِهِر جو.

(21)

نيهي نِماڻو، تِرَ ماڻُ نَه رکي مَنَ ۾،

جَنهِن کي سَنگُ ساڌوءَ جو، ڀَليءَ ڀَتِ ڀاڻو،

پَرِچي لَڌائين پانهِنجو، پريتمُ پُراڻو،

سامي پيٽو ٽاڻو، آهي جَنهِن جي آسِري.

(22)

نيهي نِماڻو، روئي رَتُ  اَکِنِ مون،

سَڄَڻَ تُنهنجي سِڪَ ڪَيو، سُڪائي ساڻو،

سامي سَدائي رَهي، وَسَ ري وِڪاڻو،

پَرِچي ڪَرِ پاڻو، اَچي مِهَرَ مُئنِ تي.

(23)

نيهي نِرَ اَڀمانُ، ڪَري ڪانَه ڪَلَپَنا،

ڏِٺو جَنهِن اَکِنِ سان، اُلَٽي اَنَڀَئِه ڀانُ،

آهي جَنهِن جي آسِري، سُنَ سُماڌ اُٿان،

سَدائي نِرِٻانُ، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

(24)

نيهي نِماڻو، ماڻُ نَه رَکي مَنَ ۾،

سيوا ساڌَنِ جي ڪَري، پَرچِي سَڀِ پاڻو،

سَدا رَهي سامي چَئي، وِڌِ سان وِڪاڻو،

پريِتَمُ پُراڻو، لَهِي لالُ گلالُ ٿِيو.

(25)

نيهي نِرَ اِڇَتُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

جَنهِن جاڳي واريو جَمَ جو، کِلي کاتو کتُ،

اَندَرِ ٻاهَرِ نَڀَ جان، ڏِسي اَنَڀَئِه تَتُ،

ڄاڻي سَڀُ جَڳَتُ، سُپَنُ وَتِ سامي چَئي.

(26)

نيهي نِرَ اَڀِمانُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

مِلي جَنهِن مَحَبوبَ سان، ڪَيو اَمَرِتُ پاڻُ،

سُکي ٿِيو سامي چَئي، پائي پَدُ نِرَٻاڻُ،

ڄاڻي سَڀُ جَهانُ، آهي هِڪَ اَلاهَه جـٖـي.

(27)

نيهي نِرَٻَنڌَنُ، ڪَنهِن کي ٻَنڌي ڪِينَڪي،

پاتو جَنهِن پَرتيتِ سان، گَهَرو گِيانَ انَجنُ،

سامي ڏِسـٖـي سَربَ گَتِ، پَرَميسَرُ پورَنُ،

عينَ اَڀيدَ ڀَڄَنُ، لُنوَ لُنوَ ڪري لالُ ٿي.

(28)

نيهي نِراسو، پَلِپَلِ پِيئي پِريمَ،

پَرِچي ڪَيو جَنهن پَدَ ۾، وِڌِ سَچيءَ و

سامي کيليٖ سَرِبَ گَتِ، خالِصُ خُلا

ڏِسي تَماسو، ساکي ٿِي سَنسارَ

(29)

نيهي نِرَهَنڪارُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو...

جَنهِن کي ڏِني سَتِگُروءَ، اَنَڀَئِه مَتِ اَپ...

سامي سَدائي رَهي، بَڻيءَ تي هَسِوا...

سُپَني جو سَنسارُ، لَئِه ڏِٺائين لَکَ ۾.

(30)

نيهي نِرِآڌارُ، ڪَري ڪانَه ڪَلپنا،

ڏِٺو جَنهِن ڏيهيءَ ۾، دوسِتَ جو دِيدارُ،

پِيئي پئاري پِريمَ رَس، سُندَرُ، سِيتَلُ، سارُ،

بَڻيءَ تي هَسِوارُ، سَدا رَهي سامي چَئي.

(31)

نيهي ٿِيا نِرِمَلَ، دَرِسَنُ پَسي دوسَ جو،

جَنِ کي آئِي ساڌَ سَنگِ، اَنَڀَئِي اَٽِڪَلَ،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، کَڻَنِ ڪينَ کَلَلَ،

اَٺَئي پَهَرَ اَچَلَ، سامي رَهَنِ سُڀاوَ ۾.

(32)

نيهي سَڀُ نِهالُ، رَهَنِ پانهِنجي پاڻَ ۾،

جَنِ کي ڏَسِي سَتِگُروءَ، سامي رَهَتِ رَسالُ،

ويٺا اَنَڀَئِه تَخَتَ تي، ڪَٽي ڪَلِپَتَ ڪالُ،

جاڏي ڪَنِ خِيالُ، تاڏي سَڄَڻُ سامُهون.

(33)

نيهي نِواجِيا، لِڪنِ ڇِپَنِ ڪِينَڪي،

سامي ڪَيا سَتِگُروءَ، طَلَبَ سان تاجا،

رَهَنِ مايا موهَ جي، اَٽڪَ کون آجا،

رَسِي ٿِيا راجا، بيحَدَ بيگَم پُرِجا.

(34)

چلي ڪونه چَوَڻُ، پِرِتِ جوڳيءَ ري پَرِسَپرِ،

ساکَ ڏِئي سامي سَچِي، نيهي نِراسُ نِپَڻُ،

مِٽِيو جَنهِن جي مَنَ مون، ڀولائو ڀَوَڻ،

پائي پيءُ پورَڻُ، ماڻي موجَ مُڪِتِ جي.

(35)

چَرِچا ڪينَ چَلـٖـي، پِرتِ جوڳيءَ ري پَرِسپَرِ،

سامي ڳالِهِه سَهي ڪَئي، ڪَنهِن نيهيءَ نِرَمَلـٖـي،

رَکيائين رَهَتِ سان، پنهنجو پاڻُ پَلي،

بِنان هَٺَ هَلي، جَهِڙي سان تَهڙو ٿِي.

(36)

گَهِريءَ گَتِ گوپالَ، مُرلي وَڄائي مَڌَ ڀري،

سازَ وَڳا سُرَ سارَ جا، سَڀَئي راڳَ رَسالَ،

ٻُڌي ٻِنِ ڪَنَنِ سان، نيهي ٿِيا نهالَ،

سدا لالَ گُلالَ، سامي رَهنِ سڀاوَ ۾.

(37)

ڳوپيون گئُو گُوارَ، موهِيا مُرِليءَ ڌُنِ ۾،

ٻُڌِي ٻِنِ ڪَنَنِ سان، نيهي ٿِيا نِرا آڌارَ،

پورَنِ ڄاڻي پيءَ کي، ماڻَنِ موجَ سَچارَ،

رَکَنِ ڪانَه سَنڀار، سامي جڳَتَ سَريرَ جِي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org