سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :27

(91)

ويا سڀ لوڪ لُڙي، اَوِديا جي آڙاهه ۾،

جنهن مون لَڀي نَه هڪڙي، سامي جَلَ ڦُڙي،

چَڙهيو چيتَن چِتَ تي، ڪو محبتي مُڙي،

جنهن جي ڳنڍ ڇُڙي، پَئي ساڌَ سَنگَتِ ۾.

(92)

ڪوڙي ڪَٿَ ڪَٿي، سامي سَڀ لُڙهي وِيا،

رَکنِ سِڪَ سَمُجَهه ري، ڪاڳَر ڪوٽَ سَٿي،

مکَڻُ ڪڍيو من مون، ڪنهن محبتيءَ مَٿي،

ليکي لَٿي پَٿي، شـٖـيشُ ڏِٺائين سُپرين.

(93)

وِرِلو ڪو آهي، مَحَبتي مُشتاقُ جَنُ،

جو مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

ڄاڻَ وِڃائي پانهنجي، لُنوَ لُنوَ لِنوَ لائي،

مَمِتا مِٽائي، سامي ڏِسي سَروپَ کي.

(94)

وِرِلو وِلوڙي، ڪو مکَڻُ ڪَڍي مَنَ مون،

ڪري مانڌاڻي مَحَبتَ جِي، ٿِرتا ٿَنڀُ کوڙي،

سيلـٖـي پائي سَچَ جي، جُڳِتِ سان جوڙي،

ڏِسـٖـي مُنهُن موڙي، پانهنجي اَکئين پاڻَ کي.

(95)

سَنتَنِ ساپُرسَنِ، هوڪو ڏِنو حَقَ جو،

ٻُڌو تَنهن ٻانڀَڻُ چَئي، مَحَبَتَ جَنهِن جي مَنِ،

ٻِيا سَڀِ ڏيئي ٻَنِ، دَرُ ودائين دوسَ جو.

(96)

وِرِلو ڪو آهي، محبتي مهمانُ جَنُ،

جو مِلِي ساڌ سَنگَتِ سان، مَمِتا مِٽائي،

ڄاڻَ وِڃائي پانهنجي، رَهيو رَنگُ لائي،

مُنهن مڙهيءَ پائي، جُڙيو رَهي جڳديسَ سان.

(97)

ڪارجُ ڪينَ سَري، سامي سِڪَ سَمُجَهه ري،

اِيئين چَوَنِ ٿا اَنَڀَئِي، سَڀَ کي ساکَ ڀَري،

سَدا جَنِ جي جيءَ ۾، مَحَبَتَ مَچُ ٻَري،

پَلَڪَ نَه ٿِيَنِ پَري، سُتهه شُڌِ سروپَ کون.

(98)

صفائيءَ ري سُکُ، ڪَنهين پاتو ڪِينَڪي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، محبتي مانکُ،

ڪَٽِيو جنهن ڪَلِپَتَ جو، دانائيءَ سان دُکُ،

صفائيءَ سَنِمُکُ، رَهي سارَ سروپَ جـٖـي.

(99)

مَحَبوبَن جِي موڙ، سَمُجهِي جَنهن سامي چَئي،

مِٽي تَنهِن جي مَنَ مون، سَهَجـٖـي سوڙه سَنگهوڙَ،

ٻَنڌَنَ سَڀِ ٻِيائيءَ جا، ڇوڙي ڇَڏيائين ڇوڙَ،

لِنوَ وَرائي لوڙَ، رَکـٖـي نَه رَتيءَ جيتري.

(100)

رَهي هوتُ حَضورِ، سامي سَڀَڪَنهين جـٖـي،

ڀَرَمَ مَنجِهه ڀُلِي ڪري، مورَکَ ڄاڻَنِ ڏورِ،

راتيون ڏينهَن مَرَمَ ري، مَرَنِ سَنسي سورِ،

چَڙهي پَڪـٖـي پورِ، ٿِيا مُقابِلِ مَحَبتي.

(101)

اَپيريءَ جو پيرُ، پيراٺِيُنِ پرچي لَڌو،

ڏيئو ٻاري ڏيِلَ ۾، ڪَڍيو جَنِ اَنڌيرُ،

ويٺا اَنَڀَئِي تختَ تي، ٿي نرَڀَئِه نِرَويرُ،

رائِي ۽ سُميــٖـرُ، سَمَ ڄاڻن سامي چَڻي.

(102)

اَپيريءَ جو پيرُ، پُرِجهي ڪنهن پريميءَ لَڌو،

آهي جنهن جي آسري، ساگَرُ سَرُ سُميرُ،

سامي سَڀُ سو ڪَٽـٖـي، ٿيو نِرڀَئِه نِرويرُ،

سوريَه منجهه اَنڌيرُ، ڏِسـٖـي نَه آدِ جُڳادِ جو.

(103)

انَڀَئه لَکَ اَپَروک، سَنتَ لَکائِنِ سَڀَ کي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، مَحَبَتي مَموکُ،

پَرِچي ڏٺو جنهن پاڻ کي، نِتُ نِرمَل نِرَ دوک،

سَچارِي سَنتوک، مُک رکي موجان ڪري.

(104)

انَڀَئه لَکَ اَپَروک، سَنتَ لَکائِنِ سَڀَ کي،

سَمُجهـٖـي ڪو سامي چَئي، محبتي مَموکُ،

ڪَٽي ڪالَ ڪَلپنا، ٿيو نِرَمَلُ نِرَدوک،

سَچاري سَنتوکُ، مُک رکي موجان ڪري.

(105)

انَڀَئه لَکَ اَپَروک، سَنتَ لَکائِنِ سَڀَ کي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، مَحَبتي مَموکُ،

جو جيءَ ۾ ڪَڻَ جيترو، رَکي نَه راڳ دوکُ،

صفائي سنتوک، مُکِ رکي مَوجان ڪري.

(160)

جِيئين ڇَنڊي  ڇَڄُ، ڪَڍيٖ ڪِنُ ڪوَنڊيءَ مون،

تِيئين ڪَڍايو قُرانَ مون، مَحَبتنِ مگَجُ،

رَکَنِ نَه رَتيءَ جيترو، ڪنهن جو گَمُ گَرَجُ،

سامي هَردَمُ حَجُ، مِلي ڪَنِ مَحبوبُ سان.

(107)

جِيئين سورُ سَتِي، سانگو نَه رکن سر جو،

تِيئين مِليا مَحبوبَ سان، مَري مَحبتي،

جَن کي ڏِني سَتِگُروءَ، سَچي رَهَتِ رَتي،

پائي پَرَمَ گَتي، سامي ماڻِنِ سيجَ سُکُ.

(108)

تَنهِين سَڀُ ڏِنو، جَنهين مَنُ مُحَبوبَ کي،

اَوِدِيا ڀَرَمَ اَندَرَ مون، سَڀُ ڇِڪيءَ ساڻُ ڇِنو،

پاڻيءَ منجهه ڀِنو، جيئن کيلوڻو کَنڊُ جو.

محبتَ (ب)

(1)

مَحَبتِنِ جو مَتُ، ڪامِلَ آهي ڪَهِڙو،

سَچُ ڄاڻَنِ سائِينءَ کي، ڄاڻِي جوٺِ جڳَتُ،

سامي پُڇُ پَرِتيتِ سان، گورِکُ، نارِدُ، دَتُ،

ڇَڏي ويلُ، وَقَتُ، لَنگهي چَڙِهيا چِٽَ تي.

(2)

ڪانئِر ڪينَ اَچي، مَحَبَتَ جي ميدانَ ۾،

ديهِي ڄاڻِي پاڻَ کي، ڪَيو ڪَچُ ڪَچي،

سامي چَئي ڪو سورَمو، رَهَسِي رَنگِ رَچي،

جيئين پَتَنگُ مَچي، سَما ڏِسي سوجهرو.

(3)

پيرُ پُرِجِهي پائي، مَحَبَتَ جي مَيدانَ ۾،

ڏِسي اَڌَ مُئنِ کي، مَتان ڀَؤ کائي،

آسَ اَنديشو ديهِه جو، جِيئنديٖ جَلائي،

سامي سَمائي، تَڏي دَرِ دوسَنِ جي.

(4)

بيحَدِ نا ٻولي، سامي حَدَ جـٖـي جيءَ سان،

سَمَ وَرِتـٖـي وِڌِ وِيچارَ سان، اَڻَ هونديٖ اولي،

اَچي مِليو مَحَبتي، ڳوٺَ مَنجهون ڳولي،

تَڏي ڳَنڍِ کولي، جَڏي گاهڪُ ڏِسي گُڻَ جو.

(5)

دوسِتَ ڏِنِي ديدَ، جَنهن کي پَرچي پانهِنجي،

مَرِي ٿيا سي مَحَبَتي، سامي سَڀِ شَهيدَ،

حاضُرُ رَهَنِ حَضورَ ۾، ماهِلُ مُلِ خَريدَ،

اَٺَئي پَهَرَ عيدَ، مِلي ڪَنِ مَحَبوبَ سان.

(6)

پَرَميسَرَ پَهَنِـــٖـي، سامي سَنسو نَه رهـٖـي،

اها ڳالِهِه اَندَرَ ۾، ڪو مَحَبتي مَني،

پَرِچي لاهي پانهنجا، ٻيڙا ساڻُ ٻَني،

جِئين ڌَري ڌيانُ ڌَني، ٺاڪُرَ کي پيدا ڪَيو.

(7)

جِئين ٻيڙيءَ جو پورُ، تِئين سَنگُ سَنسارَ جو،

هَلِيو وَڃي هيڪِلو، پَلَ ۾ شاهُ مَزورُ،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، مَحَبَتي مَذَڪور،

سَٽي سَنسو سورُ، ماڻي سُکُ سَروپَ جو.

(8)

جِئين ٻيڙيءَ جو پورُ، تِئين سَنگُ سَنسارَ جو،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، مَحَبَتي مَذَڪور،

مِٽيو جَنهِن جي مَنَ مون، نِپَٽ سَنسو سورُ،

حاضِران حَضورُ، سُتَهَه ڏِسـٖـي سُپِرين.

(9)

مَحَبتي مَني، ڪو جِيئندي مَرَڻُ جڳَ ۾،

سامي جَنهِن کي سَبَقَ جو، پِيو پَرِلاءُ ڪَني،

سَمُجهِي اِنهيءَ ڳالهه کي، ٻيڙو لاءِ ٻَني،

جئن ڌَري ڌِيانُ ڌَني، پَٿَرَ مون پيدا ڪَيو.

(10)

جَنهِن کي لوڙَ لڳي، پَڪي پيءَ پَسَڻَ جي،

سو مَحَبتي مَلَنگُ ٿِيو، ڇَڏي ٺاهَه ٺڳي،

سامي سَمِجهي ساڌَ سَنگِ، نانا ڀِرانتِ ڀڳي،

اَنَڀَئِه جوتِ جڳي، سُتَهَه ڏِٺائين سَرِبَ گَتِ.

(11)

مَحَبتي مَلنگُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

جَنهِن ڏيئي ڪَنڊِ ڪَلِپَ کي، ڪَيو ساڌوءَ سَنگِ،

اَندرِ ٻاهَرِ آتَما. ڏِسي عَينَ اَڀَنگُ،

لُنوَ لُنوَ لائي رَنگُ، سامي لالُ گُلالُ ٿي.

(12)

مَحَبتيءَ ماڻِڪُ، لَڌو دِلِ دَرِياهَ مون،

اَندَرِ ٻاهَرِ آتَما، هَرِدَمُ ڏِسـٖـي هِڪُ،

سَهَجي ٿِيو سامي چَئي، ڦُرنِي کون ڦارِڪُ،

لِنوَ سان ڪَڍي لِڪُ، پَلِ پَلِ پَيئي پِريمَ رَسُ،

(13)

مَحَبتي مَگِنا، پاسي ٿِيَنِ نَه پيءَ کون،

ڇَتِرَ سِنگهاسَڻَ، راجَ سُکَ، تياڳــٖـي جن ڏنا،

ڄاڻن سَڀَ سُپِني جِي، نانا روپُ رَچنا،

ڀاڻـٖـي مَنجهه ڀِنا، سدا رهن سامي چئي.

(14)

مَحَبَتي مَطلبُ، ڪنهن سان رکن ڪينڪي،

رَهي جَنِ جي روحَ ۾، راتِيان ڏيهِان رَبُ،

چَڙِهِيا قَهُه قَهُه ڪُندَ تي، ڪَٽـٖـي ڪَلپَ ڪسَبُ،

توڙي لائي لوڪُ لَقَبُ، تان ڀي سَمَ رَهَنِ سامي چئي.

(15)

محبتي مَڌُرِي، ٻاڻي ٻولِنِ بيحَدي،

وَتي جَنِ ويساهَ سان، گُرَکون گِياتِ گُهري،

ڏِٺائون آڪاسَ جان، تَنَ ۾ پَدُ تُري،

ميٽي ڀَلِي بُرِي، ساماڻا سامي چَئي.

(16)

محبتي مُشتاقَ، پاسي ٿِيَنِ نَه پيءَ کون،

ڏِٺو جَنِ اَکِنِ سان، دَرِسَنَ جو دِيماڪُ،

سَدا رَهن سامي چَئي، پَرِڇِنا کون پاڪُ،

ٻولن اَنَڀَئِه واڪُ، عينَ اَڀيدُ اَنَڀَئِي.

(17)

محبتي مَحَبوبُ، پائي ويٺا ڪَڇَ ۾،

سامي پَرِچي پاڻَ ۾، نِتُ خِلِوَتَ ڪَرِن خوبُ،

ليٽنِ لالَ پَلَنگَ تي، ڪَري هِڪُ قَلوبُ،

مَمِتا سان مَطَلوبُ، رَکَنِ نه رَتيءَ جيترو.

(18)

لائي محبت موڪَ، جنهن پوک پچائي پنهنجي،

مٽيا تنهن جي من مون، سامي سنسا شوڪ،

چڙهيو چيتن چِٽَ تي، لنگهي ٽيئي لوڪ،

سودو روڪان روڪَ، ڪري سڀاوڪَ سڀ سان.

(19)

چَوهَٽي چَرِسُ، مڙِي پيئِنِ محبتي،

تَنُ، مَنُ، ڌَنُ ڏيئي ڪَري، رَکِي سِڪَ سَرسُ،

نانا کون نِرٻان ٿِي، ڏِسَنِ عينَ عَرِسُ،

دَهِ دِسَ دِبَ دَرِسُ، سامي ڪَنِ سَروپَ جو.

(20)

مَحَبَتَ مَڌَ ڀري، ڳالِهِه ٻُڌائِي سَتِگُروءَ،

سَمُجهي مَنُ سيتَلُ ٿِيو، بيحَدِ جوتِ ٻَري،

سنسي جِي سامي چَئي، ويئي ٽِڪَرَ ٽَري،

طَمعَ تارِ تَري، پارِ ڏِٺو پيءُ پنهِنجو.

(21)

محبت مِٺائي، آئي ديسَ آگَمَ کون،

پِريمي سَڀِ پَرِسَنُ ٿِيا، خوشيءَ سان کائي،

صَدِقي ڪَيائون سُکَ تون، وائي وَڏائي،

سامي سَدائي، ماڻِنِ دَورَ دَرِسَ جِي.

 

(22)

مَحَبتي مگنُ، رَهَنِ پانهِنجي حالَ ۾،

پاتو جَنِ پَرِتِيتِ سان، گَهَرو گِيانَ اَنَجنُ،

سامي ڏِسَنِ سَرِبَ گَتِ، پَرَميسَرُ پورَنُ،

ميٽي سَڀُ مَنَنُ، مُشڪَنِ ڪُشِڪَنِ ڪِينَڪي.

(23)

مَحَبتي مگنُ، رَهَنِ پانهِنجي حالَ ۾،

پاتو جَنِ پَرِتيتِ سان، گَهَرو گِيانَ اَنجَنُ،

سامي ڏِسَنِ سَرِبَ گَتِ، پَرَميسَرُ پورَنُ،

ميٽي سَڀُ مَنَنُ، مُشڪَنِ ڪُشِڪَنِ ڪِينَڪي.

(24)

محبتي مُتِڪِلِ، پاسي ٿِيَنِ نَه پيءَ کون،

کسي وتي خوشيءَ سان، دوسِتَ جَن جي دِلِ،

سامي آيا سَنسارَ ۾، سُڀاوَڪي سَئِلِ،

جَهڳِمڳي جِهلِمِلِ، ڏِسَنِ عينَ اَنڀئَي.

(25)

مَحَبتنِ ميلاپُ، پَرِچي ڪَيو جَنِ پانهنجو،

پِئنِ پِئارِنِ پِريمَ جو، پِيالو عينَ اَماپُ،

لُنوَ لُنوَ لالُ گُلالُ ٿِي، جَپِنِ اَجَپا جاپُ،

ميٽي سَڀُ سَنِتاپُ، سامي ماڻِنِ سانتِ سُکُ.

(26)

محبتي مَطِلَبُ، ڪَنهِن سان رَکَنِ ڪِينَڪي،

رَهي جَن جي روحَ ۾، راتِيون ڏِينهان رَبُ،

سامي سدائي ڪَريــٖـن، تَنِ جو عين اَدَبُ،

تَه ڍَوَ سان ڏيئي ڍَٻُ، ڪَنِي پاڪُ پَنجَنِ کون.

(27)

محبتي مُشِتاقَ، پاسي ٿِيَنِ نَه پيءَ کون،

جَنِ کي جان جِگِرَ ۾، ڪَيا سِڪَ سُلاڪَ،

سَدا رَهَنِ سامي چَئي، پَرِڇنتا کون پاڪَ،

ٻولِنِ اَنَڀَئِه واڪَ، عينَ اَڀيدَ اَنَڀَئِي.

(28)

مَحَبتي مُشِتاقَ، پاسي ٿِيَنِ نَه پيءَ کون،

ماري ڪَيا جَنِ مَنَ جا، خِيالَ سَڀوئي خاڪَ،

سَدا رَهَنِ سامي چَئي، پَرِڇِنتا کون پاڪَ،

حَدَ پَريٖ اوطاقَ، آهي تَن جِي اَنَڀَئِي.

(29)

محبتي مَقِصَدُ، ڪَنهِن سان رَکَنِ ڪِينَڪي،

پِيتو جَنِ پَرِتيتِ سان، مُڪِتو مَحَبتَ مَدُ،

ڪَٽِيائون ڪَلِپَتَ سان، دِلِ مون دُکُ دَرَدُ،

پائي پورَنُ پَدُ، ساماڻا سامي چَئي.

(30)

محبتن مَرَڻو، سامي رَکيو سِرَ تي،

وَدائون ويساهَ سان، ساڌوءَ جو سَرِڻو،

اِسِٿِتِ ٿِيا آڪاسَ جان. ڇَڏي پاڻَ پَڻو،

ڄاڻَنِ رَسُ گَهڻو، سُتَهَه سِڌِ سَماڌَ ۾.

(31)

مُنهَن سان مَها واڪَ، ٻُڌي ٻولِنِ ڪيترا،

سَمُجهِي ڪي سِيتَلُ ٿِيا، مَحَبتي مُشتاقَ،

ماري ڪَيا جَنِ مَنَ جا، خِيالَ سڀيئي خاڪَ،

پَرِچِيا رَهَنِ پاڪَ، سامي سُپيرِيَنِ سان.

(32)

ڏِيئا ڏِسي پَتَنگَ، جَلِي جوتِ سَروپُ ٿِيا،

سَماڻا سامي چَئي، جَلَ ۾ جَلَ تَرنگَ،

تِئين مِليا مَحَبوبَ سان، مَحَبَتي مَلَنگَ،

سَدا اَليپُ اَسَنگَ، رَهَنِ بِديهي ديهِه ۾.

(33)

ويدانتي سَڀِ واڪَ، ٻولِنِ بيحَد ٻوڌَ جا،

سَمُجهي ٿِيا سامي چَئي، مَحَبتي مُشِتاقَ،

چَڙهِيا چيتَن چِٽَ تي، خيالَ ڪَري سَڀِ خاڪَ،

پَرِڇيا رَهَنِ پاڪَ، پاڻُ وَرائي پاڻَ سان.

عشق

(1)

پرچي ڏِنو پَهُه، مُرِشِدَ خاصِ مُريدَ کي،

اُٿندي وِهَندي عَشِقَ سان، اورَ اِنهيءَ ۾ رَهُ،

وَٺِي راهَ رِنديءَ جي، سَڀُڪي سِرَ تي سَهُه،

ته اَچي پاڻَ اَلهُه، مَطِلَبَ ڪَندُءِ مَنَ جا.

(2)

هَرَ هَرَ هَٿُ مَ پاءِ، عَشقَ جي اِسرارَ ۾،

سِياڻَپَ جِي سامي چَئي، تَتـٖـي ڪانهي جاءِ،

جي توکي پِياسَ پَسَڻَ جي، ته مَکَڻَ سِيکَ پچاءِ،

ڀيد بِنان لِنوَ لاءِ، ته سَهَجِ مِلَني سُپِرين.

(3)

عَشِقَ پُٺيءَ آيو، عَقُلُ پيهي پاڻَهي،

سورِجَ ساڻُ لڳو رَهي، جئين سورِجَ جو سايو،

مِلي عَشِقُ عَقُلَ سان، سامي سَمايو،

مَنَ مُرِچو لايو، سَمُجهِي پانهِنجو پاڻَ سان.

(4)

عَشِقَ ساڻُ عَقُلُ، مِليو رهـٖـي مُنڍَ جو،

جِئين سُن آڪاس سان، پاڻيءَ مليو جل،

جيئن تيج اگن سان، مينگهه مليو بادل،

سامي چل اچل، ٻيئي روپَ پَوَن جا.

(5)

اَچي عشق رکيو، زور جنهن جي جيءَ ۾،

تنهن چيــٖـتَ مٽائـٖـي چِتَ جِي، چيتَنُ رَسُ چَکِيو،

سُتهه سِڌِ لَکيو، سامي چَئي سروپَ کي،

(6)

عاشِقَ ڪينَ لِڪَنِ، سورِجَ جان هِنَ لوڪَ ۾،

سَدا اَلبيلَنِ جا، رَتا نيڻَ رَهَنِ،

ڪاڻِ نه ڪَڍَنِ ڪَنهِن جي، سُوري پِڻِ سَهَنِ،

اَٺَئي پَهَرَ وِهَن، سامي سُپيريَنِ سان.

(7)

جي توکي پِياسَ پَسَڻَ جي، عاشِقَ اَلڳ ٿيءُ،

اَکِنِ جي اَلِڪَنِ ۾، جوڙي رَکيــٖـن جيءُ،

لِنوَ لائي لُنؤ لُنؤ سان، پِريمَ پِيالو پيءُ،

ته سامي چَئي سَديءُ، حاضر ڏسين هوت کي.

(8)

عاشِقُ ڪُرِلائـٖـي، پَسَڻَ ڪاڻِ پِريَنِ جي،

دَردَ ڀريون دانهان ڪَري، سَڀَ کي ٻُنڌائي،

ڪو ڪَري مِهر مُئَنِ تي، سَڄَڻُ مِلائي،

اهڙو ڪو آهي، جو تَپَت مِٽائي مَنَ جي؟

(9)

بِرَهَنِ ڪُرلائي، وِڇُڙِي وَرَ آگَمَ کون،

روئـٖـي رَتُ اَکِنِ مون، دَرِ دَرِ واجهائي،

سامي چَئي ڪو سُپِرين، آڻي مِلائي،

اِهڙو ڪو آهي، دَرِدَوَندُ داتارُ جَنُ؟

(10)

ويلو ۽ وَقَتُ عاشِقَ ڳَڻِنِ ڪِينَڪي،

موڙي ڪِيائون من کي، اَوِديا کون اُپَرتُ،

سُتَهَه آتَمَ تَتُ، سامي ڏِسَنِ سَڀَ ۾.

(11)

سڀڪو ڪوٺائي، منهن سان عاشِقُ پاڻ  کي،

ڪو وِرِلو پَتنگَ جان، جِيئندي جَلائي،

جَنهِن کي لَکائي، سامي دَرِسَنُ سُپِرين.

(12)

مگَن ٿِيا مُشتِاقَ، ڏِسي مُنهُن مَحَبوبَ جو،

دوسَنِ سَندي دَرَجِي، نِتُ مَسِتَڪِ لائِنِ خاڪَ،

پاڻَ نِوازيا پاڪَ، سي خاصا خِلوَتَدارَ ٿيا.

(13)

چِڻِگَ پيئي چولي، عَجائِبُ عَشِقَ جي،

دَهَ دِسِ بِيٺُسِ دوسَ کي، فِڪِرَ سان ڦولي،

اچي چڙهِيسِ اوچتـٖـي، حَيرَتَ هِندولي،

سامي سِرَ اولي، سَهَجـٖـي مِليا سپرين.

(14)

پاڻ پِريَن ڪِي داتِ، عَشِقَ مُڪائون ايلچي،

ريڙهي وِيو رَهَتِ سان، جَتي ڏينهن نَه راتِ،

مِٽي ويئي مَنَ مون، سامي چَئي سَڀَ تاتِ،

عشق اِلاهي ذاتِ، ٿي ذاتِ سُڃاڻي ذاتِ کي،

(15)

عَشِقَ جاڳايوَ، سامي سُمهـٖـي جيءَ کي،

جِيئن چَقَمَقَ لوهَ، کي چِتَ ري چَلايو،

اگستَ جِيان آچِمان ڪَري، ساگرُ سُڪايو،

سورِجُ سِرِ آيو، اوِدِيا اوندَهِ نَه رَهِي.

(16)

عَشِقُ اِلاهي ذاتِ، سامي سَنسي ري اَٿِي،

وَڃي پُڇُ تَنِين کون، جَنِ اِهائي تاتِ،

لَڳا رَهَنِ لَکَ ۾، پُڇَنِ ڏينهُن نَه راتِ،

درَسَنُ گُهرَنِ داتِ، اَٺئي پَهَرَ عَجيبَ کون.

(17)

عاشق ڪوٺائيـٖـن، ته صرفو ڇَڏِ سَريرَ جو،

ڏيئي سِرُ سَتِگُرَ کي، پيرُ اڳي پائين،

تَڏِي لِنوَ لائين، سامي سُپِريَنِ سان.

(18)

اَٿِي کوهَ ڀريا، پِريَنِ جي پَچارَ جا،

نانا واڪ وِصالَ جا، نِڪِرَنِ اَڻَ گَهڙِيا،

ٻُڌي ٻِنِ ڪَنَن سان، ٿِيا عاشِقَ لوڪَ چَريا،

وَڃي سِيرَ چَڙهِيا، سامي سَنڌِ سهي ڪري.

(19)

عَشِقُ لايو جَنِ، سي ديوانا دوسَ جا،

بِنان سِڪَ سَڄَڻَ جي، ٻي ڳَلي ڪانَه ڏِسَنِ،

آگيا ساڻُ عَجيبَ جي، آيو ڀوڄَنُ ڪَنِ،

سامي سدا رهن، ديوانا درٻارِ ۾.

(20)

اَچي ٿِيو مَعمورُ، عشق اَڻانگو جيءَ ۾،

تَنهِن سَڪَتِ سَڀَ کَسـٖـي ڪَري، ڪِيائِين چَڪِنا چورُ،

ڪَنهِن کي سَلان سورُ، سامي سُپريَنِ جو.

(21)

اَچي واءُ گُهلِي، اَزِغيبي عَشِقَ جي،

ويئي تَنهِن جي تيجَ ۾، تون مان سَڀَ ڀُلي،

وَسيو ميگُهه مِهِرَ جو، پِيو چيتَنُ چَندرُ کُلي،

ميٽي ڪَلپَ ڪُلِي، سيتَلُ ٿِيو سامي چَئي.

(22)

جَيئن ڪاٺيءَ گُهڻُ کائي، تِيئن عَشِقُ لَڳو اَرواحَ کي،

سامي ريڙهي ويو سُنَ ۾، لِنو لاريٖ لائي،

جِيئن گهاگهرِ لوڻَ جي، سِنڌُ ۾ سَمائي،

ساگَرُ سُڪائي، اَٽلَ جوتِ عَجيبَ جي.

(23)

جِئين ڪاٺيءَ گُهڻُ کائي، تيئن عَشِقُ لَڳو اَرواحَ کي،

ڪَڍيائين ڪَلِپَتَ کي، لِنوَ لاريٖ لائي،

تَنُ مَنُ لُٽائي، ساميءَ ڏِنو سَڀُڪي.

(24)

ڦُرني جو فَريادُ، عاشقن کي اَندر ۾،

جَنِ کي آيو عشق کون، سامي چَئي سَوادُ،

دَرسَنُ پائي دادُ، پريتِ نَه مَٽِنِ پانهِنجي.

(25)

اَٺَئي پَهَرَ اُداسَ، عاشِقَ رَهَنِ اَندَرَ ۾،

پَسَڻَ ڪاڻِ پِريَنِ جي، لُنوَ لُنوَ مَرَنِ پِياسَ،

سامي چَئي سَنسار جي، ڀوري رَکِن نَه ڀاسَ،

ٿي خِلوَتي خاصَ، مِليا محبوبن سان.

(26)

راتِيون ڏينهَن رُئنِ، عاشِقَ ڪاڻِ عَجيبَ جي،

ڳالهه نَه سَلِنِ ڪَنهِن کي، پانهِنجو پاڻُ ڪُهنِ،

ڌاريو سِڪَ سچيءَ سان، اهِڙو حالُ مُئنِ،

اَچي مَنَ ڌُئَنِ، سامي چَئي مُنهُن سُپرين.

(27)

عاشِقَ اَڌ مُئا، سَدا تَڙڦَنِ تَنَ ۾،

جَنِ کي سِڪَ سچيءَ جا، اِهڙا ڦَٽَ هئا،

دَرسَنَ جي دُعا، سامي گُهرَنِ سَڀَ کون.

(28)

عاشِقَ ڪَنِ عَرِجُ، سَدا سِڪَ سچيءَ سان،

دَرسَنُ دَردَوَندن کي، ڏي نارائڻَ نِجُ،

اَوِديا اوندهه نَه رَهـٖـي، ڏِسِي ساکِي سِجُ،

سَڙي وَڃي ٻجُ، سامي چَئي سَنسارَ جو.

(29)

ٿَڪِي پيئي ٿاءِ، اَچِي دَرِ دوسَنِ جي،

اَکِنِ ۾ عاجزِ کي، جانيءَ ڏِني جاءِ،

ڪَري اَرِداسَ اَدَبَ سان، سامي ڀولـٖـي ڀاءِ،

پورِي پريت نباهِ، پاسي ٿيءُ نَه هِڪُ پلُ ڀِي.

(30)

ٿَڪِي پيئي ٿاءِ، مَمَتَ رهي نَه مَنَ ۾،

جڳَتُ ڏِٺو جڳَديسَ ۾، جڳَدِيسُ ڏِٺو جَڳَ مانهِن،

ڳالِهه چَوَڻَ جي نانهِه، چَوان ڪيئن زبان سان.

(31)

عاشِقَ اَتِيتَ، پَسَڻَ ڪاڻِ پِريَنِ جي،

سَهَنِ سَدائي سِرَ تي، دُک سُک اُسَنَ سِيتَ،

ڦَٽيا دَردَ فراقَ جا، گاوَنِ گيبي گِيتَ،

جيتي پَنجَ اَجِيتَ، سامي مِليا سَروپَ سان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org