سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :17

(217)

ڳڻِيان ڪَهڙا ڀاڳَ، سامي تَنهِن سيوَڪَ جا،

جَنهِن ٻَنڌي ڏِني پانهِنجي سَتِگُرَ جي جي هَٿِ واڳَ،

ڇَڏي نانا راڳَ، لڳو رَهي لَکَ ۾.

سلوڪ گُرَمُکُ

(ب)

(1)

گُرَ سِکيءَ جي گَتِ، چَئِي وَڃي نَه مُنهَن سان،

پُڇي ڏِسُ تَنِين کون، رکي جَنِ رَهَتِ،

ماڻِنِ موجَ مُڪِتِ جِي، ميٽي مَمِتا مَتِ،

جاگِرتَ ۾ سُکَپَتِ، سدا رهن سامي چَئي.

(2)

گُرَ سِکيءَ جي سَنڌِ، لَکي وَڃي نُه لِنوَ ري،

پُڇي ڏِسُ تَنهين کون، جي پَهُتا اُنهِيءَ هَنڌِ،

لَنگِهيا پارِ سَمُندَر کون، بنان ٻيڙيءَ ٻَنڌِ،

ڪيريٖ ڪَلِپَتَ ڪَنڌِ، سامي مِليا سَروپَ سان.

(3)

سَچِي صَرافي، سَتِگُرَ ڏِني سِکَ کي،

پيهي ڏِٺائين پاڻ ۾، سامي سَمَ صافي،

ڪَٽي سَڀ ڪَلِپنا، مُلِڪُ کائي معافي،

طَمَعَ تَلافي، ڪَنهِن سان ڪَري ڪِينَڪِي.

 (4)

اَنڌو جيءُ اَحَمَقُ، سَچُ سُڃاڻي ڪِينَڪِي،

ديهي ڄاڻي پاڻَ کي، ڀوڳـٖـي نِتُ نَرَڪُ،

وِرَلو ڪو گُرَمُکُ رَهي، ڦُرِني کون فارَقُ،

ٻانَڀَڻ ٿي ٻارَڪُ، وَرتـٖـي سَڀَ وَهِنوارَ ۾.

(5)

اَلکُ عَدالَتي، ڪَري عَدالتَ اَنَڀَئي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، ماهِلُ مَحَبَتي،

جَنهِن کي ڏِني سَتِگوروءَ، سَچَ جي رَهَتِ رَتي،

ميٽي مَنَ مَتِي، وَرِتـٖـي ويدَ وِچارَ سان.

(6)

سامي چَئي شَريڪُ، آهي ڪونَه الله جو.

ڪَيو سِڪَ سَچيءَ سان، طالِبَنِ تَحقيقُ،

چَڙِهيا عينَ عَرِشَ تي، ٿي بيحَد باريڪُ،

نَئِنَنِ کَئون نَجِيڪُ، سُتَهَه ڏِسن سُپِرِين.

(7)

سامي سَڀيئي، سَنتَ لکائِنِ سَمَتا،

وِرلي ڪَنهن گُرَمُکَ کي، سَچي سُڌِ پيئي،

پاڻُ ڏِٺو جَنهِن پاڻَ ۾، ٽُڪُ ٽُٻي ڏيئي،

لوڪُ پَرِلوڪ ٻيئي، لَنگهي لالُ گلالُ ٿِيا.

(8)

سُپيريان جو پيرُ، سَنتَ لَکائِنِ سَڀَ کي،

گهِري پَنهِنجي گَهرَ مون، ڪَنهن گُرَمُکُ لڌو گهيرُ،

ويٺو اَنَڀَئِه تَخَتَ تي، ٿي نِرَڀئُه نِرَ ويرُ،

سامي جئن سُميرُ، ڪَري ڪانَه ڪَلِپنا،

(9)

رامَ نَگَرَ جو راهُ، سنتَ لَکائن سَڀَ کي،

پَهُچي ڪو پِنڊَ سَٽي، دَردَوَندُ داناهُ،

رَکِيو جَنهِن رَهَتِ سان، وَچَنَ تي ويساهُ،

عينَ اَڀيدَ اَچاهُ، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

(10)

هَرِجَنَ ڏِسي هَٿُ، دارون ڏِيَنِ دَرَدَ جو،

سُمُجهي ڪري ڪو سورَمو، پِرِيتِ سَچيءَ سان پَٿُ،

ڪَٽي سَڀَ ڪَلپِنا، سامي ٿئي سَمَرَٿُ،

ڪَٿي ڪينَ اَڪٿُ، اِسِٿَتِ رَهي آنَندَ ۾.

(11)

ڀاڳِوَتي ڀاري، لَکَ لَکائِنِ اَنَڀَئِي،

سَمُجهي ڪري ڪو سامي چَئي، اُتَمُ اَڌِ ڪاري،

جاڳي جَنهِن جَڳَتَ جِي، پَٽي ميساري،

بيحَدِ جي باري، پَٽـٖـي ويٺو پاڪُ ٿِي.

(12)

جيڪو بِيکَ ڪَري، دَرَدَ وَندَنِ جي دَرَ تي،

تَنهِن کي سِڪَ سَمُجَهه سان، ڏِئَنِ ڀَنڊارَ ڀَري،

وِهي اَنَڀَئِه تَخَتَ تي، ڌِيرُ سُڌِيرُ ڌري،

سامي ڏِسِي ٺَري، اَنڊَرِ ٻاهَرِ آتما.

(13)

وَڪِتي کي سِروتو، سِياڻي سَجاکو مِليو،

ٻنهِي بيحَدِ ٻُڌِ سان، پِريمَ هارُ پوتو،

پائي چَڙِهيا چِت تي، چُسِتُ ٻَڌي چوتو،

کائِنِ نَه گوتو، سامي چَئي سَنسارَ ۾.

(14)

ڀوَ ساگَرُ ڀاري، لَهَرِيون ماري لوڀ جون،

سامي تَنهِن ۾ سَمُجَهه ري، وَهي وِسُ ساري،

لَنگهي چَڙِهيو لَکَ تي، ڪو اُتَمُ اَڌِڪاري،

سَمتا سَچاري، پهچائي ٿي پَدَ ۾.

(15)

وَڃي سَڀ وَهندي، خَلَقَ خامَ خِيالَ ۾،

سَتِ ڄاڻِي سُپني جِي، بنان نِيرَ نَندي،

وِرَلي ڪَنهِن گُرَمُکَ لَڌي، ڪِرپا ساڻُ ڪَنڌي،

ميٽي چڱي مَندي، سامي جُڙِيو سَروپَ سان.

 (16)

وَڃي سَڀ وَهي، ٿي خَلَقَ پَنهِنجي خِيالَ ۾،

وِرلي ڪَنهِن گُرَمُکَ ڪَئي، سامي ڳالهِه سَهي،

چَڙِهِيو اَنَڀَئِه اَڇَ تي، پَنجَئي دوتَ دَهي،

ڪَري راڄُ رَهي، سَدا بيگَمَپُرِ جو.

(17)

سَنسي جڳھ سارو، مُنجهائي موڳو ڪَيو،

ڪَنهِن جو هَلي ڪَينَڪِي چَتُرائِي چارو،

وِرَلو ڪو گُرَمُکُ رَهي، نِرِپکُ نيارو،

اَنَڀَئِه اُجايارو، سامي ڏِٺو جَنهِن سَمَ ٿي.

(18)

مايا موهي مَنُ، موڳو ڪيو ماڻُهن جو،

ڀَوَنِ ڀَؤ ساگَرَ ۾، ڌاري نانا تَنُ،

وِرَلي ڪَنهن گُرَمُکَ لَڌو، اُلَٽي آتَمُ ڌَنُ،

سَدائي پَرَسَنُ، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

(19)

مايا مچائي، ڪوڙي راندِ ڪَلِپَت جي،

وِرَلي ڪَنهِن گُرَمُکَ کي، اَنَڀَئِه ۾ آئي،

سامي مِلي سَروپَ سان، مَمِتا مِٽائي،

سَمَ ٿي سَدائي، ماڻي مَوجَ مُڪِتِ جي.

(20)

ڏورون ڏَڪائي، سَڀَ کي نانگُ نوڙيءَ جو،

سامي سگهي ڪونَه ڪو، پيرُ اَڳي پائي،

وِرَلي ڪَنهِن گُرَمُکَ ڏِٺو، ڏِيئو جاڳائي،

سَنسو مِٽائي، سُمِهيو سُکپَتِ سيجَ تي.

(21)

مايا مَنجِهه مُڪِتِ، وِرَلو ڪو گُرَمَکُ رَهي،

جَنهِن کي ڏَسِي سَتِگُروءَ، جُڙئي جِي جڳتِ،

ڏيئي ڪَنڊِ ڪَلَپَ کي، چيتَنُ ڪيائين چِتِ،

اَنَڀَئِه سُکُ اَمِتِ، سامي پائي سَمَ ٿِيو.

(22)

گهوڙو پَلاڻي، سَڀِڪو ڊوڙي دَهَ دِسا،

سَتِ ڄاڻي سَنسارَ کي، ڇائِي نِتُ ڇاڻي،

سامي ٻَڌو ساڌِ سَنگِ، گُرَمُکَ گَهرِ آڻي،

موجَ مِلِي ماڻي، پاڻَ وَرائي پاڻَ ۾.

(23)

پَنينِ مون پَڙِهي، حَرِفُ لَڌو جَنهِن هِڪڙو،

سو مَري ڪِينَ مُنجَهنِ جان، راتيون ڏينهن رَڙي،

ڀَڃِي ڀرَمَ گَهڙي، سَئِلَ ڪَري سامي چَئي.

(24)

ٻُڌي سو ٻُڌوان، مُرلي موهَنَ جي،

مِٽيو جَنهِن جي مَنَ مون، سامي سَڀ اڀِمانُ،

رَهي پانهِنجي حالَ ۾، سَدائي غَلِطانُ،

ڪري اَمِرَتَ پانُ، ماڻي دَورَ دَرِسَ جِي.

(25)

ڀڳَتَ نانا ڀانتِ، تَپَ تِيرَٿَ ساڌِنا،

وِرَلي ڪَنهِن گُرَمُکَ کي، سامي آئي سانتِ،

جاڳي ميٽيو جَنهن جيءَ جو، ڀُلائو ڀِرانتِ،

اَنَڀَئِه ري ايڪانتِ، ڪوڙي ڄاڻي ڪَلِپَ جِي.

(26)

اَچي ڪونَه واري، سُورَوِيرُ سَنسارَ سان،

بِيٺا مَتِ مَرِمَ ري، هَٺُ، هِمَٿَ هاري،

وِرَلو ڪو گُرَمُک هَلِيو، وِڌِ سان ويچاري،

چَڙِهي چَؤٻاري، سَئِلَ ڪَري سامي چَئي.

(27)

دوسِت جو دِيدارُ، سُڃَ وَسَنوَ جي وِچَ ۾،

وِرَلي ڪَنهِن گُرَمُکَ ڏِٺو، ٽُڪَدَمُ ڪَري قَرارُ،

چَئي سگهي نَه مُنهَن سان، اَنَڀَئِه سُکُ اَپارُ،

سَدا  مَسِتُ خُمارُ، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

(28)

آسا مَنجِهه نِراسُ، وَرَلو ڪو گُرَمُک رَهي،

جو وَڃي چَڙِهيو چِٽَ تي، ڪَري اَنَنَ اَڀياسُ،

جِتي تون مان نانهِه ڪا، نَه ڪو ٺاڪُرُ داسُ،

چيتَنَ چِداڪاسُ، سُتَهَه سِڌِ سامي چَئي.

(29)

وِرَلو ڪو چيلو، سمُجهـٖـي گِيانُ گُروءَ جو،

ڀَري هَڻي جو ڀَرَمَ کي، غَئِبي گُليلو،

سامي ڪَي سَروپَ سان، مَمَتا ري ميلو،

اَنتَر اَڪليو، ٻاهَرِ تون مان ۾ رَهي.

(30)

وِرلو ڪو ڄاڻي، گُرَ سِکيءَ جي گَتِ کي،

جو موڙي مَنَ پَوَنَ کي، اَنتَرِ گَتِ آڻي،

سُتَهَه سِڌِ سَروپَ سان، مَوجَ مِلي ماڻي،

سُمهـٖـي پَٽُ تاڻي، سامي سانتِ سَراءُ ۾.

(31)

وِرَلي ڪَنهن وَچَنُ، مَڃِيو ساڌو جَنَ جو،

ڪِيائين وَسِ ويساهَ سان، پَرِچي مَنُ پَوَنُ،

گَهٽِ وَڌِ واڻيءَ واچَ کي، ڪَلَپِي ڏِئي نَه ڪَنُ،

پَرَميسَرُ پورَنُ، سامي ڏِسي سَڀَ ۾.

(32)

هَلي ڪو هرِجَنُ سوڌِي راه رَهَتِ جي،

لَئِه ڪَيو جَنهِن لَکَ ۾، موڙي پانهِنجو مَنُ،

گَهٽِ وَڌ واڻيءَ واچَ کي، ڪَلَپِي ڏيئي نَه ڪَنُ،

پِرَميسوَرُ پورَنُ، سامي ڏِسي سَتِگُرو.

(33)

هرڪو ٻُڌِي حُڪُمُ، مَڃِيو جَنهِن مَحَبوب جو،

پَٽي سَٽِيو پارَ کون، طَمَع جو تُخُمُ،

سَدا رَهي سامي چَئي، گِياتِ آگمَ ۾ گُمُ،

مُئنِ کي مَعلُمُ، مِٺو سُکُ مئنِ جو.

(34)

مَڃِيو جَنهن چَيو، سَنَتنِ ساپُرِسَنِ جو،

تَنهن سُجاکي سورَمي، سَرِبَ تِياڳُ ڪَيو،

ڏِٺائين آڪاسَ جان، رَمي رامُ رَهِيو،

اُونهو اَڻَ مَيو، سامي ماڻي سانتِ سُکُ،

(35)

چڱنِ جو چَوَڻُ، مَنِيو جَنهِن مَحَبَتيءَ،

مِٽِيو تَنهِن جي من مون، ڀُلائو ڀَوَنُ،  

سُمِهيو سُکَپتِ سيجَ تي، پائي پَدُ پورَڻُ،

سامي ماسو مَڻُ، ڏِسي نَه رَهَتِ رَتيءَ ۾.

(36)

ويدَنِ جو وادِي، ٿِئي نَه سُجاکو سورَمو،

سُرِتِ ساڌي جَنهِن ساڌَ سَنگِ، اَنتَرَمُکِ آندي،

سامي ڏِٺائين سَرِبَ گَتِ، چيتَن لَکَ چاندي،

هيبَتَ هيڪاندي، سَٽي چَڙِهيو سُکَ پالَ ۾.

(37)

مَحَبَتيءَ ميڙي، سُرِتِ رَکي گُرَ شَبَدَ ۾،

نِئائِين نِرِتِ نگَرَ ڏي، رَهَتِ سَچيءَ ريڙهي،

جِتي دوسِتَ دَرِسَ جو، کيٽُ وڌو کيڙي،

ويهي مَنجِهه ويڙي، سَڀُ سَئِلُ ڪري سامي چَئي.

(38)

وَڏو وِچُ وِچاءُ، ڪَهَڻيءَ رَهَڻيءَ پاڻ ۾،

وِرَلي ڪَنهِن گُرَمُکَ کي، سامي پِيو سَماءُ،

جاڳي ڪِيائين جڳَ جو، اَتِي اَتَنتا ڀاءُ،

ڄاڻي دِلِبَرُ داءُ، پاسي ٿِئي نَه پيءُ کون.

(39)

سوئي سَرٻَنگِي، ساڌو جَنُ سَنسارَ ۾،

جَنهِن کي ڏِني سَتِگُروءَ، سامي رَمِزَ رنگيءَ،

پِئي پِيئاري پريم رَسُ، ميٽي طلبَ تِنگي،

سَدا ساڻ سَنگي، ڏِسي اَنَڀَئِه آتما.

(40)

جيڪو سيکَ سِکـٖـي، سامي سَچارَنِ کون،

ڪوڙا سو ڪَلَپِت جا، ليکا ڪِينَ لِکي،

پَهُچي پِريمَ نگَرَ ۾، چَڙهي تُرَنگَ تِکي،

پارَکُ ٿي پَرِکي، اَندَر ٻاهَرِ آتَما.

(41)

جَنهِن کي آتَمُ گِيانُ، سامي ڏِنو سَتِگُروءَ،

ڪَيو سَمَ ساگَرَ ۾، اُلَٽي تَنهن اِسَنان،

مَمَت مِٽائي مَنَ جي، ٿِيو نِرِمَلُ نِرِٻاڻُ،

ڄاڻي سَڀُ جَهانُ، چِمِتِڪارُ چيتَنَ جو.

(42)

جَنهِن کي خَبَرَ کَري، پيئي پَدَ آگَمَ جي،

سَهَجـٖـي ويا سامي چَئي، تنهن جا ٺَپَ ٺَري،

سُمِهيو سُکَپتِ سيجَ تي، سَٽي ڀَرَمَ ڀَري،

جِئن ڳَرو ڳَري، پاڻي ڄاڻي پاڻَ کي.

(43)

جَنهِن کي پورِ پَڪـٖـي، پارِ لَنگهايو پاتِڻيءَ،

پائي سُکُ سَروپَ جو، ٻِيا تَر ڪينَ تَڪي،

مَسِتَڪَ تي مَڻِ مَرَمَ جي، جَگمگات جَهلِڪي،

سامي سَدا ڍَڪي، اُگهاڙَنِ کي اَنَڀَئِي.

(44)

کَنيو جَنهِن ڌُڪو، گُرگَمَ گَريبيءَ جو،

ماري تَنهِن مُدَعِنِ کي، مَها مَسانِ مُڪو،

سُمِهيو سُکَپَتِ سيجَ تي، پائي چِٽَ چَڪو،

سارو ساٿُ ڍُڪو سامي ڏِسي سَراءِ ۾.

(45)

کَنيو جَنهِن ڌُڪو، گُرگَمَ گريبيءَ جو،

ماري تَنهِن مُدَعِنِ کي، مَها مَساڻِ مُڪو،

سامي ويٺو صافُ ٿي، پائي چِٽَ چٽڪو،

هَٿَ ۾ ڪَري حُقو، ماڻي مَوجَ دَرِسَ جي.

(46)

کَنئين جَنهِن گَدا، گُرگَمَ گريبيءَ جي،

جِيتي تَنهِن جَتَن ري، ويري سَڀُ وَدا،

جاڳي ڪَيائين جَمَ سان، اَنَڀَئِي اَدا،

سامي رَهي سَدا، پاڻُ وَرائي پاڻَ ۾.

(47)

کَنيِئن جَنهِن گَدا، گُرگَم گريبيءَ جي،

جيتي تَنهن جَتَنَ ري، ويري سَڀُ وَدا،

پَرِڇِنتا کون پاڪُ ٿي، ٻولِي پِريمَ پَدا،

سامي رَهي سَدا، سُڃَ وَسنوَ جي وِچ ۾.

(48)

کَنئين جَنهِن گَدا، گُرگَمَ گريبيءَ جي،

جِيتي تَنهن جَتَنَ ري، ويري سَڀِ وَدا،

ڳاوَندو وَتي ڳوٺَ ۾، پَرِچي پِريمَ پَدا،

سامي رَسي سَدا، پاڻُ وَرائي پاڻَ ۾.

(49)

گُرَمُک گِرَسِتي، مَسِتُ رَهي مَهَراڻَ ۾،

چڙهي جَنهِن جي چِتَ ۾، مَحَبتَ جي مَسِتي،

سوکَمُ ٿِيو سامي چَئي، ماري مَنَ هَستِي،

ڄاڻي سُڃَ وَسِتي، آڀا اَنَڀَئِه لَعلَ جِي.

(50)

گُرمُکُ گِرَسِتي، مَسِتُ رَهي مَهرانَ ۾،

چَڙِهي جَنهِن جي چِتَ تي، مَحَبَتَ جي مَسِتي،

سوکَمُ ٿِيو سامي چَئي، ماري مَنَ هَسِتي،

ڄاڻي سُڃَ وَسِتي، آڀا اَنَڀَئِه لالَ جِي.

(51)

گُرًمُک گِرَسِتي، پاسي ٿِئي نه پِيءَ کون،

جَنهِن کي اجگئبي چَڙِهي، مَحَبَتَ جي مَستي،

ڄاڻي سُڃَ وَستي، آڀا انَڀَئِه لَعلَ جِي.

(52)

راڄُ جوڳُ ٻيئي، گُرَمُکُ ڄاڻي سَمَ سَدا،

جَنهِن کي سارَ سَروپَ جي، سامي سُڌِ پيئي،

سَنسا سَڀيئي، ميٽي ويٺو مَحَلَ ۾.

(53)

بَڻيءَ تي هَسِوارُ، سَدا رَهي ڪو سورَمو،

جَنهِن کي ڏِني سَتِگُروءَ، اَنَڀَئِه مَتِ اَپارُ،

پيهي ڏِٺائين پاڻَ ۾، دوسِتَ جو ديدارُ،

ڄاڻي سَڀُ سنسار، سُپني جو سامي چَئي.

(54)

تَنهِن کي خَبَرَ کَري، پيئي پَدَ آگَمَ جي،

جَنهِن دِيکيا داتِ گُروءِ جِي، هِرِدي مَنجِهه ڌَري،

کَڻي سَٽِيائين سِرَ تون، سام ڀَرَمَ ڀَري،

سُتَهَه سِڌِ ٺَري، سُمهِيو سُکَپَت سيجَ تي،

(55)

جاڳِيو ڪينَ جَکي دَرِ دَرِ ديوانَنِ جان،

دِيکيا داتِ گُروءَ جِي، مُحَڪُمَ مَنِ رکي،

اَندَرِ ٻاهَرِ آتَما، سامي سَمَ لَکي،

چيتَنُ رسُ چکي، لُنوَ لُنوَ لالُ گُلال ٿي.

(56)

دَولَتَ دَردَوَندي، سَتِگُرَ ڏِني سِکَ کي،

سَڀ گهٽَ ڏِسي سُپِرين، ڇَڏي خود پَسَندي،

ڪَنهِن کي چَوي ڪِينَڪِي، مُنهَن سان چڱي مَندي،

هَرِدَمُ هَٿَ ٻَنڌي، سيوا ڪَري سامي چَئي.

(57)

دَرِسِيو دَولتَ وَنَدُ، رَهي اُدارُ اَندر ۾،

سَمُجهِي جَنهن سامي چَئي، تاڃيءَ پيٽي تَندُ،

ماڻي نِتُ مَرَم سان، اَنَڀَئِه جو آنَندُ،

جِئين مِصريءَ جو قَندُ، سَڀَ جو مُنهُن مٺو ڪري.

(58)

سَرَنديءَ کون ٽالو، وِرَلو ڪو گُرَمُک ڪَري،

کاڌو جنهِن کِميا سان، نِجُ نِرَڀَوُ نيوالو،

سَٽي وِڌائين سَرِبَ گَتِ، ڪَلِپَتِ ڪَشالو،

سَمَ سيتَلُ سکالو، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

(59)

پاڙهي ڪِيو پَرَپڪُ، مُرِشَدَ خاصِ مُريدَ کي،

رَکِي نَه رَتيءَ جيترو، طَمعَ سان تَعلَق،

پَنهَنجي اکئين پاڻَ کي، ڏِسي ٿِيو لاشَڪُ،

هَرِدَمُ عين اَلِحَقُ، ٻانڀَڻ ٻولي ٻَلَ سان.

(60)

سوگُرَمُک گِياني، سو جوڳيسَرُ جڳ ۾،

جَنهن سامي ڳالهِه سَهي ڪَئي، هِڪِڙي حَقاني،

جڳَتَ ڏِسي جانيءَ ۾، جڳَتَ ۾ جاني،

سِياڻَپَ ناداني، سَٽي ويٺو سَمَ ٿي

سلوڪ ايشور مهما

(الف)

(1)

اِڇا ري اِسِرارُ، ٿيو خياليءَ جي خِيالَ ۾،

جنهن جو آدِ نَه اَنتُ ڪو، نڪو پارُ اورارُ،

مَنَ ٻُڌِ واڻيءَ کون پَري، ڪيرُ ڪَري تَڪِرارُ،

سايم سَمُجهِي سارُ، سنتن هِڪُ سوگهو ڪَيو.

(2)

عَجائبُ اِسرارُ، گُرگمَ ڏٺو غَيبَ جو،

ڌاري آيو جڳَ ۾، نِراڪارُ آڪارُ،

کيلي نانا ڀاءِ ٿي، رَهي اَليپُ اَپارُ،

وَڃي ٻَلِ ٻَلهارُ، سامي لَٽِڪي تون سَدا.

(3)

عَجائِبُ قُدِرَتَ، ڪَرتا رچِي ڪَلَ سان،

آدِسَڪتِ کون ديوَٽي، تِنِ کون ٿِيا پَنجَ تَتَ،

تَتَنِ کون وِستارُ ٿِيو، سَڀ نِياري نانَتَ،

سَيلُ ڪَري سَڀڪَنهِن جو، سامي بنان مَمَتَ،

لُڙَ کي هَڻي لَتَ، موتي سُمهيو سيجَ تي.

(4)

جَنهِين ٺڳ ٺڳي، ڪَئي ڪُلَ جَهانَ سان،

ساميءَ جِي تَنهِن ٺڳَ سان، پورن پريت لَڳي،

گُرگَمَ گِيانَ آگَمَ جِي، جَڳ مَڳ جوتِ جَڳي،

سَهَجـٖـي ڀِرانتِ ڀَڳي، جاڳئـٖـي اِيسَرَ جيءَ جِي.

(5)

اَجگَئِبي تارو، پورَبَ چَڙهيو پاڻَهي،

پورَنُ پَسريو تَنهِن جو، دَهَ دِسَ اُجارو،

وِياپَڪُ ڏِٺو وِسُ ۾، مِلِيو نِيارو،

سامي سُکُ ڀارو، پاتو جيءَ پَسِي ڪَري.

(6)

اَڻ هوندِي بازي، بازيگَرَ بَرَحالُ ڪي،

ڪاٿي پيرُ فَقيرِ اَميرُ ٿيو، ڪاٿي شيخُ مُلان قاضي،

ڪاٿي گُروگُسائِين گيانُ وانُ، ڪاٿي حَجَ ڪري حاجي،

ڪاٿي راجا پرجا چَوڌري، ڪاٿي مَهِتو ميانجِي،

ڪاٿي سُورِبيرُ داتارُ ٿِيو، ڪاٿي مِنَتَ موٿاجي،

ڪاٿي چورُ چُغُلُ ٺڳُ مَسِخرو، ڪاٿي پِندَ کڻي پاجي،

ڪاٿي ڳَڻتيءَ ليکي دُکَ ۾، ڪاٿي رضا ۾ راضي،

سامي جنهن ساجي، سو ساکِي پَٽَ پار ٿي،

(7)

قدَرَتَ تُنهِن جي قادُرا، ڏِسي مَنُ ٺَري،

ڪاٿي سُلِطانَن سُلِطانُ ٿين، ڪاٿي دَرِ دَرِ بِيکَ ڪَريــٖـن،

ڪاٿي لَکَ لُٽائين ڏينهَن ۾، ڪاٿي ڪوڏيءَ ڪاڻِ مَرين،

ڪاٿي صورَتَ جو سَرِدارُ ٿين، ڪاٿي موهين ذوقَ ذَري،

ڪاٿي زوراوَر ظُالِمُ ٿين، ڪاٿي ڏِسي روپَ ڏَرين،

ڪاٿي اَلبيلو اَوڌوت ٿين، ڪاٿي ڳڻتيءَ مَنجِهه ڳَرين،

ڪاٿي گِيانُ ڪَرين گُلِزارُ ٿي، ڪاٿي سُڏِ ڪي ساهَ ڀَرين،

مَنَ واڻيءَ کون پَري، آهي صِفَت تُنهِنجي صاحبا.

(8)

جاني آيو آهِ، بيکُ ڌَري بازارِ ۾،

پاڻ لِڪائي پاڻَ کون، ٿو کيلي نانا ڀاءِ،

گُرو شيوَڪُ پاڻَ تي، لَکَ اَلکَ لَکاءِ،

سامي سَهَجِ سُڀاءِ، راند رچائِي خوش ٿي.

(9)

بيکُ ڌري آيو، خاوَندُ پاڻَ خَلقَ ۾،

چاهَ وَرائي چِتَ سان، نانا رَنگَ لايو،

ڳڻتيءَ ليکي کون پَري، اَچِرَجُ مَچايو،

سامي سَمايو، نِيارو رَهـٖـي نَڀَ جان.

(10)

وَدِي دِلِ کَسـٖـي، ساکيءَ سُهڻي موڙَ سان،

اَکيون اَکِنِ ۾ رَکي، سَنَمُکُ سَدا هَسي،

آدي ڳالهه اَنَڀَئِي، پَلڪن سان ڏسي،

راتِيون ڏينهِن وَسي، سامي مينگُهه مِهَرَ جو.

(11)

آيو ناگَرُ نَٽُ، بيکُ ڌَري بازار ۾،

ٻانڀَڻُ چَوي ٻِيائيءَ ري، ڪَڍي ويٺو هَٽُ،

پاڻَ وَپارِي، وَڻِجُ ٿيو، پاڻَ تارازي وَٽُ،

رَعيتَ، راجا پاڻَ ٿِيو، ڪانِئرُ، سُورُ، سُڀَٽُ.

پاڻَ ڪُنڀَرُ، آوي بَڻِيو، چَڪُ مِٽي، گَهٽُ مَٽُ،

پاڻَ ڦُولُ، ڦَل، پَترُ ٿيو، پاڻَ ڏارُ، ٻِجَ ٻَٽُ،

اَندَرِ ٻاهِرِ دَهِ دِسا، کيلي گُپتُ پَرِگَهٽُ،

پَرچِي کولي پَٽُ، پاڻ لَکائي پاڻَ کي.

(12)

نانا روپَ ڌَري، خِيالي کيلي پاڻَ سان،

جوڙي بُتَ مِٽيءَ جا، جِئي ٻالَڪُ راندِ ڪَري،

رَهي پاڻَ پَري، نَٽُ نَچائي پتليون.

(13)

شهه رڳ کون نَزديِڪُ، سَڄَڻُ اَٿي اوڏِڙو،

ڪَڍي غَيرُ اَندَرَ مون، ڪَري ڏِسُ تَحقيقُ،

ناحَقُ ڪُرڪُ مَ ڪِيڪ، سامي چئي سَمُجهه ري،

(14)

پاري ۾ پاڻي،تِنين وِپاپَڪُ وَسي سَڀَ ۾،

سوکَمَ سَنڌِ پِرَيَنِ جي، ڪَنهِن ڄاڻائي ڄاڻي،

سامي سَماڻِي، تَنهِن جي سُرِتِ سَروپَ ۾.

(15)

حاضِران حَضُورُ، سائين سيوَڪَ جي رَهي،

پَلَڪَ پَرانهون نَه ٿِئي، جِئين نَئنَنِ ۾ نور،

ڪڍِي سَنسو سُورُ سامي رَهي سَڀاوَ ۾.

(16)

حاضِران حَضورُ، سامي ڄاڻُ سَروپَ کي،

اَندَرِ ٻاهِرِ دَهَ، دِسان، سَدائي ڀَرِپور،

جِيئين نَئِنن ۾ نورُ، تِيئين سَنَمُکُ ڏِسـٖـي سُپِرين.

(17)

اَنَتَرَجامي ڄاڻُ، سامي سُپرِيَنِ کي.

دُويکَ نَه رکي ڪَنهن سان، سَمَ رَهي سَڀَ ساڻُ،

ڪَڍي پانهِنجو پاڻُ، تون شيوا ڪر سَروپَ جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org