سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :28

(32)

عاشِقَ سي چَئجَنِ، جي سوري سَهَنِ سِرَتي،

پانهِنجي هَٿن پانهنجي، لاهي کَلَ ڏِئَنِ،

جِيڻَ ائون مرڻ جو، سَنسو سوچُ نه ڪن،

سَدا غَرقُ رَهن، سامي سارَ سروپَ ۾،

(33)

عاشِقُ سَڀ مَڃي، آگِيا عَجيبَنِ جي،

سامي رَهي سِڪَ ۾، وَچَنُ ڪينَ ڀَڃي،

توڙي سِرُ وَڃي، ته ڀي پيرُ نَه وِجهي پوئتي.

(34)

عاشِقَ ڄاڻَنِ اَڪُ، سامي سُکَ جَهانَ جا،

مِلي ٿِيا مَحَبوبَ سان، ڦُرني کون فارَڪُ،

ٻولِنِ ٻوليءَ ٻاهرون، لُنوَ لُنوَ عين الَحَقُ،

ڏَهَنِ دَرَنِ کي ڏَڪُ، ڏيئِي ويٺا هِڪڙو.

(35)

عاشِقَ عَشِقَ ڀَريا، مَست رَهَنِ مَهِرانَ ۾،

سامي سُڃاڻَنِ ڪِينَڪي، تَن کي لوڪَ چَريا،

سياڻَن سُجاکَنِ جا، ڏِسي نيڻَ ٺَريا،

سُتَهَه ڪاجَ سَريا، سَچيءَ سِڪَ وارَن جا.

(36)

عاشقَ اگهاڙو، ڪنهن کي ڪرن ڪِينَڪي،

سامي ڍڪن سڀ کي، رکي لُنوَ لاڙو،

ميٽي ويٺا من مون، سنسو ۽ ساڙو،

ڄاڻن ڏيهاڙو، مٿي اُتي موت جو.

(37)

عاشِقَ ٿِينَ نه ڏورِ، پَلَڪَ هِڪَ پِرِيَنِ کون،

ڄاڻ وِڃائي پانهنجي، هَردَمُ رَهَنِ حَضورِ،

لائي ويٺا ڌوڙِ، مَستَڪَ تي مَحبوبَ جِي.

(38)

عاشق روپَ اَنيڪَ، ڌارِنِ بازِيگَرَ جان،

مَنَ ۾ مَحَبوبَن جِي، هِڪَ ٽِڪَ رَکَنِ ٽيڪَ،

وَرِتَنِ ساڻُ وِويڪَ، ساکي ٿي سامي چَئي،

(39)

جنهن کي عَشِقُ لَڳو، اَچي عَجيبَنِ جو،

تَنهِن مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، سامي ڀولُ ڀَڳو،

وِڪڻِي ڍورُ ڍڳو، سُمهيو سکپت سيجَ تي.

(40)

جَنهِن کي چَڙِهيو اَمَلُ، اَچي عَشِقَ اَڀيدَ جو،

مِٽيو تَنهِن جي مَنَ مون، سامي سَڀُ خَلَلُ،

سُتَهَه سِڌِ سَروپَ کون، پاسي ٿِئي نَه پَلُ،

اَٺَ ئي پَهَرَ اَچَلُ، رَهي پانهنجي حالَ ۾.

(41)

جَنهِن کي چَڙِهيو خُمارُ، اَچي عَشِقَ اَڀيدَ جو،

سو سامي سُپريَنِ ۾، وِٿِ نه ڀائيــٖـن وارُ،

سدائي گلذار، رهي پنهنجي حال ۾.

(42)

جَنهِن ڪُٺـٖـي ڏيئي ڪَنُ، ٻُڌي ڳالهِه عشق جي،

سو سامي رِمِ جِهمِ ميگَهه ۾، پسي ٿِيو پَرَسَنُ،

دَهَ دِسِ ڏِسـٖـي دوسَ جو، دُئيتُ بِنان دَرَسَنُ،

ميٽي سَڀُ مَنَنُ، چَڙهي ويٺو چوڏولَ ۾.

(43)

جَنهن کي ڏيکارِي، عاشِقَ لَٽَڪَ عَشِقَ جِي،

تَنهِن سامي سَٽِي سِرَ تون، خودي خُواري،

اُتِري ڪِينَ اَکِن مون، جا خوش خُماري،

ڦِريٖ نه بيکاري، ٿِي درِ دَرِ ڪارَڻِ دوسَ جي.

(44)

جَنهِن کي پيئي ٻاڻَ، اچي عشق اَڀيدَ جي،

مِٽي تَنهِن جي مَنَ مون، سامي چَئي سَڀَ ڄاڻَ،

پيءُ پَرچي ٿِيو پاڻَ، تَه بِه پيءُ پيءُ ڪَري پَپِيهه جان.

(45)

اَڀيدِي عاشِقَ، ڀيدُ ڇَڏي ڀَرِپورُ ٿِيا،

پَرچي ڪَيا جَنِ پانهِنجا، خِلوَتي خالِقَ،

مُلڪُ ڏسَنِ مالِڪَ ۾، مالِڪُ مَنجهه مُلڪَ،

تان ڀي رَکَنِ سِڪَ، سامي ساڌَ سَنگَتِ جي.

(46)

ڇَڏي هَٺُ هيبَتَ، عاشِق چڙهيا اَڇَ تي،

جَتي ڪالُ نَه ڪَرَمُ ڪو، نَڪي مَمَتا مَتَ،

نَڪو ڏينهن نه رات ڪا، نَڪو پَنج ئي تَتَ،

ڪَلپَتَ ري، قُدَرَتَ، سامي ڏِسي سَمَ ٿِيا.

(47)

ڪَڍي سَڀَ ڪلِپَتَ، عاشقَ چَڙِهيا اَڇَ تي،

ڪَنهن سان رَکَنِ ڪِينَڪي، سامي موهُ مَمَتَ،

لنگهي پنجَ ئي تَتَ، اِسٿَتِ ٿيا آرام ۾.

(48)

دَمَ تي رَکي قَدَمُ، عاشقَ چَڙِهِيا اَڇَ تي،

جَتي ڏينهُن نه راتِ ڪا، نَڪو ڪالُ ڪَرَمُ،

نَڪو جيءُ نَه بِرَهَمُ ڪو، نَڪو ڀولُ ڀَرَمُ،

اَنڀِئه پَدُ آگَمُ، سُتَهَه رَهـٖـي سامي چَئي.

(49)

ٻانڀَڻَ جَنهِن ٻُڌا، اَنَڀئِه واڪ عَشِقَ جا،

پرچي ڪَئي تنهِن پانهِنجي، مَحَبتيءَ مُدا،

جانيءَ کون جُدا، ڪَڏِي ٿِئي ڪِينَڪي.

(50)

عَجائِبُ آهي، تَختُ طائوسي تَنَ ۾،

سامي تَنهِن تي سُپرين، ٿو عَدَلُ چَلائي،

اُلَٽِي ڪَنهِن عاشِقَ ڏِٺو، مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

چِنتا چُڪائي، نِتُ ڪَري دورَ دَرسَ جِي.

(51)

اُلَٽي ٿا سَلَنِ، عاشِقَ ڳالِهه عَشِقَ جي،

سامي چَئي سَنسارَ ۾، هُنِرَ ساڻُ هَلَنِ،

سُتَهَه سِڌِ سَهي ڪيو، اِهو ڀيدُ ڀلَنِ،

جاڳي ڏِٺو جَنِ، پانهِنجي اَکين پاڻَ کي.

 

(52)

ڪو عاشِقُ جَنُ اَچي، مُئن جي مَجِلَسَ ۾،

کَنيو خُلاصو ڪَري، جَنهِن کي شَونقَ سَچي،

پَتَنگَ جان پاڻَ کي، ڏِسِي مَچُ مَچي،

سايم رنگِ رَچي، سُتَهَه سُپيرِيَنِ جي.

(53)

عشقَ جي اُلَٽي، ڪُنڍي اَڙي قَلوبَ ۾،

تَنهِن سامي سُرت مڇيءَ جِي، پيرؤن پاڙَ پَٽي،

هُئي اَوِديا جَلَ آسِري، سا ڪڍي سُڪَ سَٽي،

ڪَلِپَتَ سَڀَ ڪَٽي، رَهـٖـي نِرِٻاڻَ نَگَرَ ۾.

(54)

عاشِقَن ڌَرِڻو، ڏِنو دَرِ دوسنِ جي،

سَمجهائون سامي چَئي، پوءِ آڳي مَرِڻو،

ڪايا جو ڪَرڻو، ميٽي ويٺا مَنُ مون.

(55)

عاشِقَنِ اُتو، وَچَنُ هِڪُ ويساهَ جو،

مُئنِ جي مجلسَ ۾، اَچي ٿيءُ اَڇُتو،

ٻُنڌَڻَ سان ٻانڀَڻُ چَئي، هِردي مَنجِهه کُتو،

پاڻُ ڇَڏي پَهُتو، وَڃي خِلوَتَ خاصِ ۾.

(56)

عاشِقَنِ اَڏِيو، پريمَ پِينگهوڙو گَهرَ ۾،

پَسَڻَ ڪاڻِ پِرينِ جي، ٻيو سَڀُ ڪم ڇَڏيو،

اَچي گَڏُ گَڏِيو، سَڄَڻُ سِڪَ ڏِسي ڪَري.

(57)

عاشِقن اِهو، ساکي پُرسُ سِڌ ڪيو،

ٻاريو جَنهِن ٻانڀَڻُ چَئي، ڏيهيءَ مَنجِهه ڏِيو،

رَهي پانهنجي حالَ ۾، سَدائين کِيو،

پائي لِنوَ لِيو، تَنهِن کي ڏِسـٖـي تَدروپُ ٿي.

(58)

انڀئي عاشِقُ، ڪوڙنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

جَنهِن اَوِدِيا جو اَندَر مون، لَنؤُ سان ڪَڍيو لِڪُ،

سَهي ڪَيائين سُپرين، اَندَرِ ٻاهَرِ هِڪُ،

ڦُرني کون ڦارِڪُ، سامي سدائين رهي.

(59)

ڪي ڀُلِي ڀوڳِنِ ڀوڳَ، سَتِ ڄاڻي سَنسارَ کي،

ڪي ڄاڻِي جوٺِ جڳَتَ کي، ساڌِنِ جَپَ تَپَ جوڳَ،

عاشِقَ رَهَنِ اَروڳَ، ٻنهي کون ٻانڀَڻُ چَئي.

(60)

جا جانيءَ جي جاتِ، سا عاشِقَنِ جي آڳَهين،

مِٽِي جَن جي مَنَ مون، سَڀ پَرائي تاتِ،

سِيتَلُ ٿِيا سامي چَئي، دَرَسَنُ پائي داتِ،

جَتي ڏينهن نَه راتِ، تڪيائون تڪيو.

(61)

پَڙِهيا پُرجَهِن ڪِينَڪي، ڏاها ڪِينَ ڏِسَنِ،

مَنجِهين خوابَ خِيالَ جي، ڪوڙا قِصا ڪَنِ،

هڪڙو اَکَرُ پِريمَ جو، سامي رَکَنِ نه مَنِ،

پَتِيو پِيتو جَنِ، سي ماهِلُ ٿيا مهران ۾.

(62)

پڙهي ٿِيا پَرپَڪَ، عاشِقَ اَکَرُ پريمَ جو،

چَڙِهيا اَنَڀئِه اَڇَ تي، ويڙهي سَڀِ وَرِقَ،

پَلِ پَلِ ڏِسَنِ پورَبي، جَهڳِ مَگادِ جَهلَڪَ،

ٻانڀَڻَ پائي ٻَکَ، ستهه پيا سَروپَ کي.

(63)

پَڙهي ٿِيا پَربِينَ، عاشِقَ اَکَرُ پِريم جو،

سامي سُکُ اَندَرَ جو، ڪَنهِن کي سِلن ڪينَ،

سَدا  سُپيرينِ جي، لِنوَ ۾ رَهَن لينَ،

جِيئين جَلَ کون مِينَ، پَلَڪَ پَراهون نَه ٿئي.

(64)

پِرِين بي پرواهَ، قِيمو ڪَنِ ڪُٺنِ کي،

سامي سِرُ صَدقي ڪَري، عاشِقَ ڪَڍَنِ نه آهَ،

پَلِ پَلِ پيئن پريمَ رَسُ، اَندَرِ ۾ آسِگاهَ،

سَلَڻُ ناهِ صلاحَ، متان ڇُلِي ڇولَ ڇَلا ڪري.

(65)

پَلـٖـي پاڙوسِي، عاشِقَ چَڙِهيا اَڇَ تي،

ڪَڏي پُڇَنِ ڪِينَڪي، پَنڊِتَ ۽ جوشي،

مُکِ رَکيائون مَنَ ۾، کِيما کاموشي،

ٿَڌِي ۽ ڪوسِي، سامي سَهَنِ سِر تي.

(66)

ڪري جُهدُ جَفا، عاشِقَ چَڙهيا اَڇَ تي،

ڪَٽيائون ڪَلِپَتَ جا، کِڻَ ۾ خِيالَ خَفا،

سامي ڏِسَن صفا، اَندَرِ ٻاهَرِ آتما.

(67)

مورکَ ناه مذاقَ، لائِڻُ عَشِقُ اَلاهَ سان،

سامي سُپيرِيَنِ جِي، اَٿي سوريءَ تي اوطاقَ،

سِرَسٽي سودو ڪري، ڪي وڃي پَهُتا پاڪَ،

خاڪي ٿِئڙا خاڪَ، نورَ مَحَلَ جي نيوَ تي.

عشق (ب)

(1)

عشِقُ آسانُ نَه ڄاڻُ، سامي چَيو سَتِگُروءَ،

مَڇيءَ، مِرِگَهه، ڀَنوَرَ کون، پُڇي ڏِسُ پَرِماڻُ،

ڏِئو ڏِسِي نَه رَهي، پَتَنگُ جَلائي پاڻُ،

چَڪَويءَ جو چَندِرَ ساڻُ، هَميشَه ئي هِتُ رَهي.

(2)

چِتَ کي چَکايو، عَشِق چپاٽو اوچتـٖـي

بيهي وِچَ بازارِ، سَڀُ ڪي لُٽايو،

سامي مِلي سَروپَ سان، اَچِرِجَ ۾ آيو.

نَڪي وِڃايو، نَڪي پاتو پاڻَ ري.

(3)

جِئين ڪاٺيءَ کي گُهڻُ، تئين عَشِقُ لَڳو اَرِواحَ کي،

لُنوَ لُنوَ ۾ لَڳو رَهي، راتِيون ڏيهَن رُڻُ جُهڻُ،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، پِريمي پاڪي بُڻُ،

جَنهِين کُٽائي کُڻُ، ميلو ڪِيو مَحبوبَ سان.

(4)

بيحَدِ ٻاڻُ لَڳو، جَنهِن کي عَشِقَ آگَمَ جو،

مِلي تَنهِن مَحَبوبَ سان، ڀولو ڀَرَمُ ڀڳو،

ڳَڻي ڪينَ اَندرَ ۾، پَرِڇِنُ پِڇو آڳو،

وِڪڻِي ڍورُ ڍڳو، سامي ماڻـٖـي سيجَ سُکُ.

(5)

اَچي عَشِقُ اُٺو، جاني تُنهنجو جيءَ ۾،

تَنهن حالون بيحالُ ڪَيو، وِجهِي پيرُ پُٺو،

گِهِلي وِيو گُمَراهَ ۾، پُڇي ڪِينَ ڪُٺو،

رَهَندين اَڃا رُٺو، ڪي ڪَندين مِهَرَ مُٺَنِ تي؟

(6)

روئـٖـي راتِيون ڏينهَن، عاشِقُ ڪاڻِ عَجيبَ جي،

دانهان ڪَري دَردَ سان، نِيو نِهوڙي نِينهَن،

جِئين بَنَ ۾ ٻَڪِري، گهيري ڪيهَرِ شينهن،

سامي چَئي سِريهَن، دَرَدُ نه مِٽـٖـي دَرَسَ ري.

(7)

تُنهنجي عَشِقَ ڦَٽـٖـي، جاني جيءُ دُکي ڪَيو،

روئـٖـي رَتُ اَکِنِ مون، راتِيون ڏينهَن رَٽـٖـي،

ڪَري مِهَرَ مُئنِ تي، اَچي دُکَ ڪَٽـٖـي،

وِهـٖـي ڪِينَ سَٽـٖـي، سُتَتُ مِلُ سامي چَئي.

(8)

پَلِپَلِ ڪَنِ پُڪارَ، ڦَٽيِا عَشِقَ فِراقَ جا،

سامي چَوَنِ مِلُ سُپِرين، روئِنِ زارون زارَ،

لُنوَ لُنوَ مَنجِهه لڳِي رَهِي تِکي تُنهنجي تارَ،

سُتَتُ لَهه سَنڀارَ، نَه تَه ڏِيون ٿا دَمُ دَردَ سان.

(9)

ڪو اَڳي ڀي عاشِقُ ٿِيو، ڪِي اسين ٿِيا سي سُپرين؟

دَردَ ديرو ڪَيو دِلِ ۾، ڀاري پيچُ پِيو.

رُئندي رُئندي راتِ ڏينهَن، ڀُلي تَنُ وِيو،

اَچي ڪو ٻِيو، سُڌِ لَهَندو سامي چَئي؟

(10)

پاڻَ عَشِقَ سوريٖ، ڪَيو وَسِ ويساهَ سان،

ماسُ کاڌائين مَنُ کسي، سامي سَڀُ ڪوري،

باقي پولو پِڃِرو، رڳان رُنيون تو ريٖ،

آءُ پِرين اوري، نَه تَه ڏِيون ٿا دَمُ دَرَدَ ۾.

(11)

مَنُ موهي مَڌُ ڪَرُ، جَنهِن جي عَشِقَ اَپارُ ڪيو،

لوڙي لَڌو لِنوَ سان، دِلِ مون تَنهن دِلِبَر،

ڪَنهِن کي سَلي ڪِينَڪِي، پائـٖـي پِريمَ نَگَرُ،

سَدا باغُ بَهَرُ، سامي رَهـٖـي سُڀاوَ ۾.

(12)

عَجَبُ عَشقَ گُهٽِي، پِيئندَڙي مَن پَتيو،

اَوِدِيا اوندهِ نَه رَهي، پورَبَ پِرِهَ ڦُٽي،

سامي ڏِسِي سَروپَ کي، اَنڀَئِه لُٽَ لُٽي،

سُتَهَه سِڌِ ڇُٽي، ٻَنَڌَنَ پِيا ٻِيائيءَ جا.

(13)

عاشِقَنِ اَصُلي، پريتَمُ لَڌو پانهِنجو،

سِيتلُ ٿِيا سامي چَئي، ميٽي ڪَلِپَ ڪُلي،

ماڻِنِ دَورَ دَرسَ جِي، خوشيءَ ساڻُ کُلي،

ڀَرمَ مَنجِهه ڀُلي، ڪَڏِي پَوَنِ ڪِينَڪِي.

(14)

عاشِقَ سَڀِ اوري، ڄاڻَنِ سُکَ سَنسارَ جا،

سامي سُرَکَ لوڪ برهم لوڪ جا، سُکَ سَڀِي ڇوڙي،

گُرَگَمَ چَڙِهيا چيــٖـتنِ تي، حَيرت هِندوري،

کائِنِ نِتُ ڀوريٖ، لَڏون پِريمَ آگَمَ جا.

(15)

ڪو عاشق ڪُل اَلپَتُ، رَکي تارَ عِشِقَ جي،

ٻاهَرِ ٻاڦي ڪِينَڪِي، اَندَرِ روئي رَتُ،

سامي لڌائين سُپِرين، سَچيءَ سِڪَ سُتَتُ،

ميٽي سَڀُ مَمَتُ، ماهِلُ ٿِيو مَهَراڻ ۾.

(16)

عاشِقَ سي چَئِجَنِ، سِڪَ جَني کي سَچَ جي،

لائي لِنوَ لالَن سان، هردي مَنجهه هيرَنِ،

سامي پَرچي پيءَ سان، مَنَ ۾ مَوجان ڪَنِ،

سَدائي گاوَنِ، بِلاوَلُ بيحَد مَنجهون.

(17)

عاشِقَ تي عاشِقُ، سُتَهَه رَهي سُپِرين،

اِها ڳالِهِه اَٽِپَٽي، سمجهـٖـي ڪو سالِڪُ،

مِٽيو جَنهن جي مَنَ مون، سامي ڦَيرُ ڦارِڪَ،

اَندَرِ ٻاهَرِ هِڪُ، سورِجُ ڏِسـٖـي سَمَ جو.

(18)

هِڪَ چَپاٽَ هَنئِين، جَنهِن کي عَشِقَ اَلاهَ جـٖـي،

سو سامي مَري نَه سورَمو، ڌَنڌا ڍيرَ ڌَنئين،

اُسِتَتِ نِندا لوڪَ جِي، سِرَ تي سَڀَ کَنئين،

وَٺي واٽَ سَنئِين، پَهُتو پورَنَ پَدَ تي.

(19)

مورکَ نانِهه مَذاقَ، لائِڻُ  عَشِقُ اَلاهَ سان،

پُڇي ڏِسُ تَنين کون، جَنِ جي سوريءَ اُتي اُطاقَ،

کَلَ لاهي ڏِيَنِ پانهِنجي، طالَعِ وَندَ تَراڪَ،

توڙي ٿِيَنِ خاڪَ، ته ڀي سامي سنڀارِنِ يارَکي،

(20)

بِنان خاش خَريدَ، ٿِئي نَه عَشِقُ اَلاهَ جو،

اِئين چَوَنِ ٿا اولِيا، سامي سَڀِ شَهيدَ،

مَري جَنِ مُرِشِدَ کون، وَتِي دَرِشَنَ دِيدَ،

ڪَنِ اَڀيدِي عيدَ، مِلِي نِتِ مَحَبوبَ سان

عاشق

(1)

عاشِقَ سي چَئِجَنِ، جَنِ تي عاشِقُ پاڻَ ٿِيو،

جَتي ڏِسَنِ نيڻَ ڀَري، تِتي پِرين ڏِسَنِ،

اُٿندي وِهَندي نِنڊ ۾، سامي مِليا رَهن،

اَهڙي رنگِ رَچَنِ، سي عاشق معشوق ٿيا.

(2)

عاشِقَنِ جِي راهَ، جُدا سَڀَ جَهان کون،

هَلَنِ هَٺُ ڇَڏي، ڪري، بِنان چِنتا چاهَ،

ڪَنهِن جي رَکَنِ ڪِينَڪِي، پِريَنِ ريءَ پَرواهَ،

سَدا ڪَن سَلاهَ، سامي سُپيريَنِ جي.

(3)

پُرجهِي پائِجِ پيرُ، عَشقَ جي آڙاهَ ۾،

سوکَمَ کون سوکَمُ ٿِي، سُپيريان جو سيــٖـرُ،

موٽي موٽيو ڪونَڪو، عَيبي ٻُجهـٖـي گهيرُ،

ڄاڻِجِ ڦَندُ نَه ڦير، اُٿي اُونِهي غارَ عَجِيبَ جِي.

(4)

جِئين جَلَ ري مِينَ، تِئين عاشِقَ مَرَنِ عَجيبَ ري،

سَچي سِڪَ اَندرَ جي، ڪَنهِن کي سَلَنِ ڪِينَ،

سَدا رَهَنِ لِنو لِينَ، سامي دَرِسَ ديدار ۾.

(5)

عاشِقَ اُگهاڙي، ڳالهه نَه ڪَرِنِ ڳُجَهه جي،

ڪِيائون ڪَلِپَ ڪَڍي ڪرَي، مُحَڪُمُ مُهاڙي،

لائي ويٺا لَکَ سان، سامي سَمَ تاڙي،

ڏِسَنِ ڏهاڙي، پانهنجي اَکين پاڻَ کي.

(6)

نهاري نيڻَنِ، لَڌو پيرُ پَلَڪَ مون،

ٻِنِ ڀَرِنِ وِچَ سير ۾، مِلي مَوجان ڪَنِ،

جَتي اَٻوهيا لعل آهن، تَڪِيو ڪَري تَنهن ۾.  

(7)

نتاري نيڻنِ، لَڌو پيــٖـرُ پَلَڪَ مون،

نانا ڀانت ڇڏي ڪري، حاضُرُ هِڪُ ڏِسَن،

مَحبوبَنِ جي مُنهن کون، پَلَڪَ نَه پاسو ڪَنِ،

سدا غَرقُ رَهَن، سامي سارَ سَروپَ ۾.

(8)

جِن کي لَڳا تِيرَ، اَڻيالا عشقَ جا،

سي پَسَڻَ ڪاڻِ پِريَن جي، ڦَٽِيا ڦِرنِ فَقيرَ،

ڪٽيائون ڪَلِپَتَ جا، جاڳي سَڀَ زنجِير،

سامي چَڙهيا سيرَ، سَنَمُک ڏِسَنِ سُپِرين.

(9)

پيهي ڏِٺو جَنِ، سامي سُپيريَنِ کي،

پَسي عَينُ اَکِن سان، هِڪَ پَلَڪَ نه پاسو ڪَنِ،

ڪَلِپَتَ ڪڍي جيءَ مون، سامي سَمَ رَهَنِ،

تان ڀي سِڪَ سِڪَنِ، توڙي واقِفَ ٿِيا وِرونهه جا.

(10)

اَنڀئي عاشِقُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

جو سامي ڏِسي سُپرين، اَندَرِ ٻاهَرِ هِڪُ،

ڏيئي تَتُ تِلِڪُ، سيلُ ڪَري سَڀَ باغَ  جو.

(11)

بيهَنِ، ڪين ڀَڄَنِ، عاشِقَ اڳيون عَجيبَ جي،

سامي رُکُ سَهي ڪَري، اَگيا مَنجِهه رَهَنِ،

جِئڻَ مرَڻَ دُکَ سُکَ جو، سَنسو سوچُ نه ڪَنِ،

هلايا هَلَن، ڄاڻَ وِڃائي پانهِنجي.

(12)

دولَتِنِ جو دَمُ، ڳُجهو رَهي نه ڳوٺَ ۾،

جاڳِي ڪَيون جن زور سان، بَلائون ڀَسَمُ،

رَکَنِ نه رَتيءَ جيترو، ڪنهن سان گوندَرُ غَمُ،

سامي سڀ عالَمُ، مُئي ڀَري مُجِرا.

(13)

ٻُڌي بيحد ٻِينَ، عاشِقَ سَڀِ الڳ ٿيا،

ڏِسي مُنهن مَحَبوبَ جو، مُشڪنِ ڪُشڪَنِ ڪِينَ،

رَهَنِ پانهنجي حال ۾، سامي چئي لَئلين،

جِيئين جَل کون مِينَ، پَلَڪَ پَراهون نه ٿِئي.

(14)

پاٽـٖـي ٿا پَڙَنِ، عاشِقَ ڳالهه عَشقَ جي،

سامي چَئي سَنسارَ ۾، هُنِرَ ساڻُ هَلَنِ،

سُتهه سِڌِ سَهي ڪيو، اِيهو ڀيدُ ڀَلَنِ،

جاڳي ڏِٺو جَنِ، پانهنجي اَکئين پاڻَ کي.

(15)

پريتِ رَکي پوري، عاشِقَ چَڙهيا اَڇَ تي،

سامي ڪاڻِ سَڄَڻَ جي، سَٺائون سوري،

کَلَ لاهي ڏِينِ پانهنجي، هَٿين حَضوري،

نَئِنَنِ سان نوري، لَٽَڪَ لائي لالُ ٿِيا.

(16)

اَنَڀَئي عَشِقُ، لوري لَڳو جَنِ کي،

سي ڪَنهِن کي چَوَنِ ڪِينَڪِي، لِنوَ لَپيٽيو لِڪُ،

اَندَرِ ٻاهَرِ هِڪُ، سامي ڏِسنِ سُپرين.

(17)

عاشِقَ اَنڀَئه دَڳُ، گُرَ گَمَ لَڌو گَهرَ مون،

تنهين ۾ تَدَروپُ ٿي، پَرِچي رَکِيائين پڳُ،

پَهُتو پورَنَ پَدَ ۾، سامي ٿي سَرَبگُ،

جاڳي ڏِٺائين جڳُ، سامي سَڀُ سُپِني جو.

(18)

عاشِقَنِ اُجَڙ، پانهنجو گَهرُ ڪيو پاڻَهِين،

سَمُجهي ڏٺائون جيءَ ۾، ڪوڙو ڪَلِپَتَ مَڙهُ،

وَٺي ويٺا لَڙُه، سامي سپيريَنِ جو.

(19)

پُڪاري پنڊَتَ، سارُ لَکائِنِ سَڀَ کي،

سمجهـٖـي ڪو سامي چَئي، عاشِقُ اِشارَت،

پورڻ ڄاڻِي پيءَ کي، ميٽي موهُه مَمَتَ،

سدا ڪري صحبتَ، سنتن سچارن جي.

(20)

ڦرِي ڪَيا ڦوڪَ، ڦري جيءَ جهان جا،

ڀَوَنِ ڀَوَ ساگَر ۾، مِٽي پائي موڪَ،

ڪو عاشق چڙهيو اَڇَ تي، لَنگهي ٽيئي لوڪَ،

جَنهِن کي رمز روڪَ، سامي ڏِني سَتِگُروءَ.

(21)

ڦُرني کون ڦارِڪُ، سامي رَهي ڪو سورمو،

جَنهِن کي ڏِنو سَتِگُروءَ، عَينَ اَڀيدُ عَشِقُ،

ويٺو اَنڀَئِه تخَت تي، لائي تَتُ تِلڪُ،

هردم ڏسي هِڪُ، اَندر ٻاهر آتما.

(22)

ڦُرني ڦُري ڦوڪ، ڪِيا جيءَ جَهانَ جا،

پَرڇَنُ ڄاڻي پاڻَ کي، سامي سَهَنِ سوڪَ،

ڪو عاشق چڙهيو اَڇَ تي، لَنگهي ٽيئي لوڪَ،

ماري ويٺو جهوڪَ، آدي اَنڀئه گَهرَ ۾.

(23)

عاشِقَنِ جهيڙو، سامي لايو يارَ سان،

وِجهيــٖـن ڪوهُ ڳِچيءَ ۾، ڪوڙو  بکيڙو؟

اسان ڪَيو تُنهنجو ڏوهُه گُناهُه ڪِهِڙو،

ويهي نِبيرو، سَنَمُکُ ڪَرِ ڪُٺَن جي.

(24)

عاشِقَنِ اُتَمُ، لَڌِي سَنڌِ سَمُجَهه جِي،

پاڻُ ڪَڍي ٿِيا پاڻَ ۾، سامي چَئي سوکَمُ،

چَڙهي ويٺا چَوڏولَ ۾، لاهي گوندَرُ غَمُ،

دوسَتَ ٻاجهون دَمُ، خالي کَڻَنِ ڪونَڪو.

(25)

عاشِقَ رَهَنِ غَرَقُ، سَدا پانهِنجي حال ۾،

جاڳي ڪَڍِيائون جيءَ مون، سامي چَئي سَڀُ شَڪُ،

ڏيئي ويٺا ڏَڪُ، دَرَنِ کي هِڪِڙو.

(26)

ٻانڀَڻُ ڪِينَ ٻُڏي، عاشِقُ اَوِدِيا سِنڌُ ۾،

جنهن جاڳي ڪَڍي جيءَ مون، غيرت سَڀَ گُڏي،

اَٺئي پَهَرَ لُڏي، پريمَ هِندوري پيءَ سان.

(27)

محبوبن مُڪو، سُتَهه سَنيهو سَچَ جو،

ڄاڻي جوٺِ جڳَتَ کي، عاشِقَ سَٽِنِ اُڪو،

سامي سَمُجهي نَه رهيو، مَنَ ۾ مَري چُڪو،

وڃي تِتِ ڍُڪو، جِتي تون مان ناهِه ڪا.

(28)

ڀَوَڻَ سَڀِ ڀَئِين، مورِکَ مُٺا مَتِ ري،

سامي سُکُ سَروپَ جو، پاتو ڪِينَ ڪَهين،

اِسٿت رهـٖـي آڪاس جان، ڪو عاشِقُ اَڳَهين،

جاڳي ڏٺو جَهين، پانهنجي اَکئين پاڻَ کي.

(29)

عاشِقَ رَهَنِ تتِ، جتي ڏينهن نَه راتِ ڪا،

نَڪي پَنجَ تَتَ پِنڊُ ڪو، نَڪا اُپَتِ کَپَتِ،

نَڪو ويدَ پُرانُ ڪو، نَڪا سَتِ اَسَتِ،

ڪڍِي مَمَتا مَتِ، سامي مليا سَروپَ سان.

(30)

عاشِقَ آرامي، رَهَنِ ديسَ مَلارَ ۾،

جاتي اُڃَ نَه بُکَ ڪا، نَڪا ڌُمَ ڌامي،

سَدائي سامي، سَنَمُک ڏِسَنِ سُپرين.

(31)

عاشِقَ البِيلا، ساڌو جَنَ سنسارَ ۾،

ڪاڻِ نَه ڪَڍَنِ ڪَنهِن جي، سَهجـٖـي سُهيلا،

گَڏيا گهارِنِ سڀَ سان، مِليا اَڪيلا،

گُرو ۽ چيلا سامي ٿِئڙا سَچَ جا.

(32)

بيحد بيپرواهَه، عاشق اَنڀئِه ديسَ جا،

جَنِ کي پيالو پريمَ جو، ڏِنو پاڻ اَلاهَه،

رِکن نه رتيءَ جيتري، چِتَ ۾ چنتا چاهَه،

ڪَري پاڪُ نگاهَه، سامي ڏسَنِ سَڀَ کي.

(33)

مورک ڄاڻِن دورِ، نارائڻ نئنَنِ کون،

ڀَوَنِ نِتُ ڀُلَنِ جان، دُکَنِ جي دَسِتورِ،

سامي عاشق اَنڀئي، هردم رهن حَضورِ،

جنهن کي پَهَلـٖـي پورِ، پارِ لَنگهايو پاتِڻيءَ.

(34)

مَنجهون تارِ تَرِي، عاشق چڙهيا اَڇَ تي،

ديکيا داتِ گروءَ جي، هِردي مَنجِهه ڌَري،

سُتَهَه ٿِيا سامي چَئي، مَمَت مَنجهون مَري،

سَٽي ڀرَمَ ڀَرِي، پرچي ڏٺائون پاڻ کي.

(35)

پرچي جنهن پڪو، لَڌو پيرُ پريَنِ جو،

صدقي ڪَيو تنهن سُک تون، تَنُ مَنُ سَڀُ يَڪو،

سامي سدائي رَهي، ٿِرِتا مَنجِهه ٿَڪو،

گنگا گَيا مَڪو، ڀَوي ڪِينَ ڀُلنِ جان.

(36)

پَڙهي ٿِيا پَرپَڪَ، عاشِقَ اکرُ اَنڀِئي،

رکيائون رَهَتِ سان، ويڙهي سَڀِ وَرقَ،

خَلقَ ڏِسَنِ خالِقَ ۾، خالقُ مَنجِهه خَلقَ،

سامي ٿي سيوڪَ، رَهيا ساڌَ سَنگَتِ جا.

(37)

عاشِقَ ڪِينَ ڇُپَنِ، سورجَ جان سَنسارَ ۾،

نيڻ رَتا خُمارَ ۾، سَدا اَلِبيلَنِ،

ڪاڻِ نَه ڪڍن ڪَنهِن  جي، سوري سَٺي جَنِ،

سَدا غَرقُ رَهَنِ، سامي سُپيريَن سان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org