سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :12

(56)

اَچي هِن اَوسَرِ، جيڪو پريتِ پَڪيءَ سان،

وَٺِي وَڃان تنهن جَنَ کي، پَرِچي پَنهنجي گُهرِ،

چاڙهي پريمَ چوڏولَ ۾، ڪَريان سَڀني کون سَرِ،

حاضُرُ ڏِسـٖـي هَرِ، سامي ڀيدَ ڀَرَمَ ري.

(57)

سڏِنِ سَودائي، تنهن کي جيءَ جَهانَ جا،

جنهن سُتهِه ساڌَ سَنگَتِ جِي، رَجَ مَسِتَڪ لائِي،

چَڙِهيو اَنَڀَئِه اَڇَ تي، وڃائي وائي،

سامي سَدائي سَنَمُکُ ڏِسي سُپِرين.

(58)

چَونِ لوڪَ چَرِيو، آءٌ سِياڻو سَنرو،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، ڪارجُ سَڀُ سَرِيو،

ڏِيو جوتِ آگَمَ جو، ٻِيائيءَ بِنان ٻَريو،

سامي ڏِسي ٺَريو، پنهنجي اَکيــٖـن پاڻَ کي.

(59)

جوڳي بيراڳي، پَنٿَ سَناسي سيوِڙا،

تَنِ مون ڪو هِڪڙو، سامي وَڏ ڀاڳي،

جَنهِن مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، مَمِتا مَتِ تِياڳي،

ڏٺائين جاڳي، پانهنجي اَکيــٖـن پاڻَ کي.

(60)

مَنِيو جَنهن وَچَنُ، سامي ساڌ سَنگَتِ جو،

ڪَري وَسِ ويساهَ سان، ويٺو مَنُ پَوَنُ،

سَهَجـٖـي تنهن سيوَڪ تي پِرَڀُو ٿِيو پَرِسَنُ،

ڄاڻِي پَنهنجو جَنُ، پَلَڪَ پَرانهون نَه ٿِئي.

(61)

مَري جَنهن مَجو، وَتو ساڌَ سَنگَتِ جو،

سو سُتَهِه سَروپَ جو، ڇَڏي ڪينَ ڇَڄو،

ملي ڏِٺائين لَکَ ۾، سامي جڳُ سَڄو،

سَدا رَهي رَڄو، ڪَري نَه بيــٖـکَ بُکِيَنِ جان.

(62)

ايڪِتا ري اَنَنُ، ڪونَه ٻُڌوسي ڪاٿَئين،

مِلي ساڌ سَنگتِ سان، جَنهِين جِيتيو مَنُ،

سو پائي رامُ رَتَنُ، سامي چَڙِهيو سِيرَ تي.

(63)

اَچي پِئڙو رُکُ، جَنهِن جو ساڌَ سَنگَتِ سان،

مِٽِيو تَنهِن جي مَنَ مون، سامي سَنسو دُکُ،

پَرچي ڏِٺائين پاڻَ ۾، اَنَڀَئِه آتَم سُکُ،

سَدائين سَنَمُکُ، رَهي رَمِتا رامَ ۾.

(64)

جيڪو جَنُ ڪَري، سودو ساڌ سَنگَتِ سان،

هَلـٖـي ديسَ آگمَ ڏي، اَنَڀَئِي بارَ ڀَري،

واٽَ جگاتِي ڌَرَمَ راءِ، تنهن کي ڏِسي ڏَري،

اُلٽِي ڀيٽَ ڌَري، سامي سِرَڌا پِريتِ سان.

(65)

جيڪو پاڻُ ڇَڏي، اَچي ساڌَ سَنگَتِ ۾،

سامي تنهن کي سَتگرو، پَرِچي گَڏُ گَڏي،

اَنَڀَئِه ساڻُ اَڏي، سارُ لکائـٖـي سَڀَ ۾.

(66)

جيڪو پِيو ڪِرِي، سامي ساڌَ سَنگَتِ ۾،

مِليو تَنهن مائِل کي، سُتَهِه سِڌِ سُپِري،

سامي سُکَ سَنسارَ جا، وِيَس سَڀِ وِسِري،

اَچي ڪينَ ڦِري، جَنَمَ مَرَڻَ جي دُکَ ۾.

(67)

جيڪو پَئي ڪِري، سامي ساڌَ سنگَتِ ۾،

تنهن کي گَل لائي ڪن ڳوٺ جو، پَسي نِتُ پِرِي،

اَچي ڪينَ ڦِري، جَنَمَ مَرَڻ جي دُکَ ۾.

(68)

جيڪو سَرَنِ پِيو، اَچي ساڌ سَنگَتِ جي،

سَهجي تَنهِن شيوَڪَ جو، ڪارج سِڌِ ٿِيو،

ڏِسي ڪينَ ٻِيو، سامي سُپِرِيَنِ ري.

(69)

جيڪو سَرَنِ پَئي، سامي ساڌَ سَنگَتِ جي،

سو آتَمَ پَدَ آگمَ جِي، سُتَهِه سَنڌِ لَهي،

راتِيون ڏينهنَ رَهي، اَرڌ اُرڌَ جي وِچَ ۾.

(70)

جيڪي سَرَنِ پِيا، سامي ساڌَ سَنگَتِ جي،

تنِ جا پُوري سَتِ گُروءَ، ڪارِجَ سِڌِ ڪَيا،

ويري مِتِرَ ٿِيا، مَمَتِ نه رَهِي مَنَ ۾.

(71)

جيڪو لِنوَ لائي، سامي ساڌَ سَنگَتِ سان،

سو ڳَڻتِي ڪَڍِي مَنَ مون، پيرُ اَڳي پائي،

جِئڻَ مَرَڻَ دُکَ سُکَ جو، سنسو مِٽائي،

سَهَجـٖـي سَمائي، اَنَڀَئِه آتَمَ پَدَ ۾.

(72)

جنِ کي پريمَ پِياسَ، اَچي اَزِغَيبي لڳِي،

سي سامي سَدائي رَهَنِ، مايا مَنجِهه اُداسَ،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، ٿيا داسَنِ جا داسَ،

ڪَٽي اَوِديا ڦاسَ، سَڀَ گَهٽِ ڏِسَنِ سُپِرِين.

(73)

جنِ کي لڳِي لوڙ، سامي سُپيريَن جي،

سي مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، عاشِقَ اورِنِ اورَ،

پريتِ وَڌائي پانهِنجي، ماڻِنِ دَرِسَنِ دورَ،

جئين نَچَنِ مورَ، ٻُڌي گَرِجَ گَگَنَ جي.

(74)  

جَنهن کي ٻاڻُ لڳو، سامي ساڌَ سَنگَتِ جو،

تنهن اُلٽي اَنتَرِ مُکِ ٿي، پَنهِنجو ڀولُ ڀڳَو،

چَڙِهيو انَڀَئِه اَڇَ تي، وِڪڻِي ڍورُ ڍڳو،

پِڇو ۽ آڳو، ڄاڻي سَڀُ سَڄَڻَ جو.

(75)

جَنهن کي لَپيٽيو، اَچي عَشِقَ عَجيبَ جـٖـي،

تَنهِن مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، سَنسو سَڀُ ميٽيو،

گِهڙي پانهنجي گَهرَ ۾، پُورَنُ پَدُ ڀيٽيو،

سُکي ٿي ليٽيو، سامي سُکَپَتِ سيجَ تي.

(76)

جَنهن کي آيو ساءُ، سامي ساڌَ سَنگَتِ جو،

اَچي لڳو تنهن جو، سَهَجي دلبَرُ داءُ،

ميٽي دُتِيا ڀاءُ، سَڀَ گَهٽِ ڏِسـٖـي سُپِرين.

(77)

جَنهن کي رَسُ آيو، ساڌَ سَنگَتِ جو،

تنهن موڙي مَنُ مَرَمَ سان، اَنتَرِ مُکِه لايو،

گُرَ گَمَ سارُ سَهي ڪَري، سَنسو مِٽايو،

ٺَهِيو ٺَهايو، سُکُ لَڌائين سَمَ جو.

(78)

جَنِهن کي رَسُ آيو، سامي ساڌَ سَنگَتِ جو،

تَنهِن پَرِچي لڌو پيچِرو، ٺَهيو ٺَهايو،

سُتَهِه سُمايو، ساکيءَ سار سَروپَ ۾.

(79)

جَنهن کي رَسُ آيو، سامي ساڌَ سَنگَتِ جو،

سو گَهرَ دَرَ سَڀُ ڇَڏي ڪَري، سُکَ ۾ سَمايو،

سَت گُرَ جو سايو، سَدا ڄاڻي سِرَ تي.

(80)

جَنهن کي آيو رَسُ، سامي ساڌَ سَنگَتِ جو،

مِٽِي تَنهِن جي مَنَ مون، ڪوٽَ جَنَم جي ڪَسُ،

نِرِمَلُ نارائِنَ جو، ٻُنڌٖي ٻولي جَسُ،

خاوندَ ٻاجهون خَسُ، خالي ڏسي ڪونَڪو.

(81)

جَنهن کي رَسُ آيو، سامي ساڌَ سَنگَتِ جو،

سو پِئـٖـي پِيالو پِريم جو، ڏيئي سڀ سَرَونسُ،

گُرَگَمَ ڪَڍٖي جيءَ مون، ڪوري ڪَلِپَتَ ڪَسُ،

ڳائِنِ تنهن جو جَسُ، ويدَ پُرانَ مِلي ڪري.

(82)

جَنهن کي رَنگُ لڳو، سامي ساڌَ سَنگَتِ جو،

اُٿي تنهِن جي گَهرَ مون، اَوِدِيا ڀوتُ ڀڳو،

ڪَيائين صافُ سَمُجَهه سان، پِڇو ۽ اَڳو،

وِڪِڻي ڍورُ ڍڳو، سُتَهِه مِليو سَروپَ

(83)

جَنهن کي ڳالِهه وَڻِي، سامي ساڌَ سَنگَتِ جي،

سو چَڙهيو اَنَڀَئِه آڇَ تي، وَٺي عَشِقَ اَڻي،

اُستَتِ نِندا لوڪَ جي، بيٺو سڀ کڻي،

توڙي پِني پَنجَ ڪَڻِي، ته ڀي راجا رانول ديسَ جو.

(84)

جَنهِين ڏيئي دِلِ، سامي ساڌَ سَنگَتِ ڪِي،

سو پَرچِي ڏِسي پورَبي، جُهڳـٖـي ۾ جِهل مِل،

چَڙِهي رَنگِ مَحَلِ، موجانَ ڪَري مَمَتَ ري.

(85)

جَنهِن کي لَڳو ڦَلُ، اَچي ساڌَ سَنگَتِ جو،

مِٽيو تنهن جي مَنَ مون، سامي سَڀُ خَلَلُ،

سُتَهه سِڌِ سَروپَ کون، پاسي ٿِي نَه پَلُ،

اٺ ئي پَهَرَ اَچَلُ، رَهي پَنهنجي حالَ ۾.

(86)

جَنهِن کي لڳو ڦَلُ، سامي ساڌَ سَنگَتِ جو،

باهِ نَه ساڙي تَنهِن کي، ٻوڙي سگهي نَه جَلُ،

اَندَرِ ٻاهَرِ نَڀَ جان، رَهي اَليپُ اَچَلُ،

ڄاڻِي مايا ڇَلُ، چَڙِهي ويٺو چَوڏولَ ۾.

(87)

اَچي لَڳو ڦلُ، ڪوٽَ جَنَمَ جي ڪَرَمَ جو،

مِلِي ساڌَ سَنگَتِ سان، ٿِيو مانُکَ جَنَمُ سَڦَلُ،

ڏِٺو هِنَ اکِن سان، آتَمَ پَدُ اچَلُ،

سامي اَوِدِيا مَلُ، ريــٖـکَ نَه رَهِي مَنَ ۾.

(88)

اَچي لَڳو ڦَلُ، ڪوٽَ جَنَمَ جي ڪَرَمَ جو،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، ٿِئڙو مَنُ اَچَلُ،

مِٽائي خَلَلُ، سامي سُکِپَتِ روپُ ٿِيو.

(89)

جَنهين اوٽَ وَدِي، سامي ساڌَ سَنگَتِ جي،

آتَمَ پَدَ اَپارَ جِي، تَنهِن سَهَجـٖـي سُڌِ لَڌي،

ڇِڪي ڳَنڍِ ٻَڌي، سَچِي سِڪَ پِرِيَنِ جِي.

(90)

جَنهين پَلِيو پاڻُ، مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان،

سو سامي رکي ڪِينَڪي، ويرُ ڀاءُ ڪَنهِن ساڻُ،

سَڀَ جو گُهري ڪَلِياڻُ، پِريتَمُ ڄاڻِي پانهِنجو.

(91)

جَنهين دِلِ ڏيئي، سامي ساڌَ سَنگَتِ ڪي،

سَهَجـٖـي سُپيريَنِ جي، تَنهِن کي سُڌِ پيئي،

سَنسا سَڀيئي، ميٽي ويٺو مَحَلَ ۾.

(92)

جَنهِين دِلِ ڏيئي، سامي ساڌَ سَنگَتِ ڪي،

مِٽِيا تَنهِن جي مَنَ مون، سَنسا سَڀيئي،

ساڍٖي چَڙِهيو سِيرَ تي، اُروارُ پارُ ٻيئي،

دِرِشِٽِ وَڃي پيهئي، سُتَهِه سِدِ سَروپَ تي.

(93)

جَنهين دِلِ ڏيئي، سامي ساڌَ سَنگَتِ ڪي،

مِٽِيا تَنهِن جي مَنَ مان، سَنسا سَڀيئي،

سُتَهِه سِڌِ سَروپَ تي، دِرِشِٽِ وَڃي پيئي،

لوڪُ پَرِلوڪُ ٻيئي، ساڌٖي ويٺو سَمَ ٿِي.

(94)

جَنهِين پَرِچي پڳُ، کَنيو ساڌَ سَنگَتِ ڏي،

سامي تَنهِن شيوَڪَ کي، ٺڳـٖـي نَه اَوِدِيا ٺَڳُ،

ڪايا مايا ڪُلَ ۾، رَهـٖـي اَليپُ اَلڳُ،

جِيتـٖـي سارو جڳُ، پَهُتو پارِ پرِيَنِ کي.

(95)

جَنهِين پَليو پاڻُ، مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان،

تَنهن جو ويري ڪونَه ڪو، صُلحُ ٿـٖـي سَڀَ ساڻُ،

سامي سَدائي رَهي، نانا کون نِرَٻاڻُ،

گاوي راڳُ ڪَلِياڻُ، چَڙِهي سَهَجَ سُميرَ تي.

(96)

جَنِين کي گاسِي، پيئي ساڌَ سَنگَتِ جي،

لاٿي تنِ ڳچيءَ مون، سامي جَمَ ڦاسي،

گِهڙي لَڌائون گَهرَ مون، اَلکُ اَبِناسي،

وَڃي ٿِيا واسي، ٻاريءَ بيگَمَ پورِ جا.

(97)

جَنين لِنوَ لائي، سامي ساڌَ سَنگَتِ سان،

تاتِ تَني جي مَنَ مون، مِٽي پَرائي،

رَهِي نَه رائي، چِنتا چاهَ اَندَرَ ۾.

(98)

جَنين لائي خاڪَ، سِرَ تي ساڌَ سَنگَتِ جي،

سَهَجـٖـي سُکُ سَروپَ جو، ماڻِنِ سي مُشتاقَ،

ٻُڌِي تَنِ جا واڪَ، سَهَجـٖـي مَنُ سيتَلُ ٿِيو.

(101)

جَنين لائِي خاڪَ، سِرَ تي ساڌَ سَنگَتِ جي،

سامي سُکُ سَروپَ جو، ماڻِنِ سي مُشتاقَ،

مُڪِتا ٿِيا مَنَنَ کون، تَنَ جا کولي تاڪَ،

ٻولِنِ اَنَڀَئِه واڪُ، سُڀاوَڪَ سَنسي ري.

(100)

جَنِ سُڃاتو سَچُ، مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان،

سَدا تَنِ جي مَنَ ۾، ٻَري مَحَبَتَ مَچُ،

ڪَڍي ڪَلِپَتَ ڪَچُ، سامي چَڙِهيا سِيرَ تي.

 

(101)

گُذِرِي سا گُذِري، باقي رَکُ رَهَتِ سان،

وَڃي ساڌَ سَنگَتِ ۾، سامي پَئُه ڪِري،

تَه پَرِچِي پاڻَ پِرِي، کَڻِي وَٺَني هَٿَ سان.

(102)

وِڌو جَنهن سَٽـٖـي، پَنهِنجو پاڻُ سَنگَتِ ۾،

سونَڪي واڌي ۾ وَڌي، نَڪي گهاٽي مَنجِهه گهٽي،

سامي سُمِهيو سيجَ تي، ڪَلِپَتَ سَڀَ ڪَٽـٖـي،

بِنان چيتَ چَٽـٖـي، سِلَ آلُوڻِي سَمَ جِي.

(103)

رَکِيو جَنهِن ناتو، سِرَ تي ساڌَ سَنگَتِ جو،

ڀڳَتِ هارُ ڳِچيءَ ۾، پوئـٖـي تنهن پاتو،

سامي سُپيرِيَن کي، سَڀَ گَهٽِ سُڃاتو،

وائـٖـي نَه واتو، شيوَڪُ ٿِي شيوا ڪَري.

(104)

وِرِلو ڪو ڄاڻي، مَرِدُ سِکُ مَرَمَ کي،

جو مِلِي ساڌَ سنگَتِ سان، پَسِرِيو گَهرِ آڻي،

هَلـٖـي هَٺُ ڇَڏي ڪَري، ڀڳوَنتَ جي ڀاڻي،

سُمهـٖـي پَٽُ تاڻي، سامي سُکَپَتِ سيجَ تي.

(105)

وِرِلو ڪو ڄاڻي، قَدُرُ مانُکَ ديهِه جو.

جو مِلِي ساڌَ سَنگَتِ سان، پَسِرِيو گهر آڻي،

ڏِسـٖـي سَڀُ سَنسارَ کي، ڇاڻيءَ مَنجِهه ڇاڻي،

سامي سُڃاڻي، ڄاڳِي پنهنجو پاڻَ کي،

(106)

وِرِلي ڪَنهِن ڄاتو، قَدُرُ مانُکَ ديهِه جو،

جَنهِن مِلِي ساڌَ سَنگَتِ سان، مُنهن مَڙِهيءَ پاتو،

سامي چَئي سَروپَ کي، سُتَهِه سُڃاتو،

واريٖ کَتُ کاتو، جيئنديٖ ويٺو جَمَ سان.

(107)

وَلَ ڇَلَ سَڀِ ڇَڏي، اَچيــٖـن ساڌَ سَنگَتِ ۾،

سَنتَنِ ساپُرسَنِ سان، جوڙي جيءُ گَڏي،

تَه وِجهَني سَنت اَڏي، ڏِسي سِڪَ سامي چَئي.

(108)

سَٽي جَنهِن وِڌو، پنهنجو پاڻُ سَنگَتِ ۾،

تَنُ مَنُ تنِهن سا پُرِسَ جو، سَمُجَهه مَنجِهه سِڌو،

سامي مُلِهِه ڳِڌو، تَنهِن پَرَ ميشَرَ کي پِريتِ سان.

(109)

ساڌَ سَنگَتِ جِي اوٽَ، وَدِي جَنهِن ويساهَه سان،

ڪَنهِن جي چَلـٖـي ڪانَڪا، تَنهِن چيتَن تي چوٽَ،

سامي سَٽـٖـي سَمَ ٿيو، پاپَ پُڃَ جِي پوٽَ،

تَنَ ۾ تيرَٿَ ڪوٽَ، ڪَري نِتُ ڪَلِپَتَ ري.

(110)

ساڌَ سَنگَتِ جِي اوٽَ، وَدِي جَنهِن ويساهَ سان،

سامي چَلي نَه ڪَنهِن جِي، تنهن چيتَن تي چوٽَ،

کَڻي سَٽِيائين سِر تون، پاپَ پُڃَ جي پوٽَ

تَنَ ۾ تِيرَٿَ ڪوٽَ، پَرِچي ڪَري پِرِيَنِ سان.

(111)

ساڌَ سَنگَتِ ڏي پڳُ، کنيون جَنهِن خوشيءَ سان،

لَڌو تنهن لوچي ڪَري، ديسَ آگَمَ جو دڳُ،

سامي ٿِيو سَرِٻَڳُ، پائي سُکُ سَروپَ جو.

(112)

ساڌَ سَنگَتِ مون راهَ، جنهن سامي لَڌي سَچَ جي،

سَهَجي تَنهِن جـٖـي چِتَ مون، مِٽي چِنتا چاهَ،

ڪَنهِن جي رَکي ڪِينَڪِي، پِرِيَنِ ري پَرِواهَ،

نِرِمَلُ ڀَريٖ نِگاهَ، سَنَمُکُ ڏِسـٖـي سُپِرين.

(113)

ساڌَ سَنگَتِ هِڪُ پَلُ، ڪَئي جَنهِن ڪَلِپَتَ ري،

مِٽيو تَنهِن جي مَنَ مون، سامي سَڀُ خَلَلُ،

اُٺَئي پَهَرَ اَچَلُ، پَرچو رَهي پاڻَ ۾.

(114)

ساڌَ سَنگَتِ جو ڦَلُ، ڀارِي ڪَرَمَ ڪَلِپ کون،

ڪَڍيٖ سَڀُ اَندَرَ مون، سامي مَمِتا مَلُ،

تَتو ڪوٽُ جَنَمَ جو، ڪَري سَمَ سِيتَلُ،

آتَمَ پَدُ اَچَلُ، سَنتَ لکائِنِ گَهرَ ۾.

(115)

سمجهي جَنهن صَلاحَ، سامي ساڌَ سَنگَتِ جي،

وَدِي تنهن ويساهَ سان، اُلٽي اَنَڀَئِه راهَ،

جاڳي ڪَڍِيائين جيءَ مون، ٻي سَڀ چِنتا چاهَ،

بِنان ڪَلِپَتَ ڪاهَ، ڪَري پَهُتو پَدَ ۾.

(116)

سَمجهي جَنِين سَئِنَ، سامي ساڌَ سَنگَتِ جي،

سي مَمَتَ مِٽائي مَنَ جِي، ٿيا اَوڌوتي عَينَ،

جاڏي کڻَنِ نَئِنَ، تاڏي ڏسَنِ سُپِرين.

(118)

سامي نِيتِ اَنيتِ، ڪوه ڳَڻيــٖـن ٿو جيءَ ۾،

مِلِي ساڌَ سَنگَتِ سان، اِها اَوِدِيا جِيتِ،

پاڻُ ڪَڍِي ڪَرِ پِريت، تَه سَنَمُکُ ڏِسيــٖـن سُپِرِين.

(118)

سامي سَڀ وِڃاءِ، گَهٽِ وَڌِ ڄاڻَ اندَرَ مون.

گُرگَمَ سارُ سَهي ڪَري، لُئن سان لِنوَ لاءِ،

چڙِهي نورَ مَحَلَ ۾، اَنَڀَئِه اَلکُ جڳاءِ،

نِرَڀَئِه راڄُ ڪَماءِ، مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان.

(119)

سامي سڀ وِسارِ، چوکا جيءَ مون.

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، پَنهِنجو پاڻَ سَنڀارِ،

تَه دوساڻيءَ دَرِٻارِ، خاصو خِلِوَتَ دارُ ٿِئين.

(120)

سامي رَڄـٖـي ڪينَ، ساڌَ سَنگَتِ  هَرِڀڳَتِ مون،

رَهي سَدائين جَلَ ۾، جِئين پِياسي مِينَ،

ڀنوَرُ نَه ڀيدٖي گُلَ کي، مَري ٿِئي لِنوَ لِينَ،

مِرِگُ موهِيو رَسَ بِينَ، صَرِفو ڪَري نَه سِرَ جو.

(121)

سامي اَلکُ اَپارُ، مَنَ ٻُڌِ واڻيءَ کون پَري،

وِياپِي رَهِيو وِسُ ۾، سامي سِرِجَڻَهارُ،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، تون ڪَرِغُصي کي غارُ،

تَه دوسِتَ جو دِيدارُ، ڏِسيــٖـن هِنَ اکِن سان.

(122)

سامي شونقَ سَچي، لَکين هَزارين لَعلُ ڪِيا،

مِلِي ساڌَ سَنگَتِ سان، تون رَنگَ ۾ ڇو نَه رَچيــٖـن،

موٽي بَڻَندُءِ ڪِينَڪي، اَهِڙو داءُ اچي،

ناحَقُ ڪوهُ پَچيــٖـن، ٿو اَوِدِيا جي اَهَنڪارَ ۾؟

(123)

سامي سوئي ڄاڻُ، پَهُتو پارِ سَمُنڊَ کون،

جومِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، ڇَڏي پَنهِنجو پاڻُ،

ساکِي ڏِسـٖـي ساڻُ، اَندَرِ ٻاهَرِ دَهَ دِسا.

(124)

وَدو جَنِ حِصو، سامي ساڌَ سَنگَتِ مون،

ٻُڌو تَنِ پُرِسَنِ جو، ڪَنَنِ ساڻُ قِصو،

پَرِچا رَهَنِ پاڻَ سان، کائِي مِٺو تِرِسو،

جي تَنِ جو دَرِسُ ڏِسو، تَه مڙيئي معافي ٿِيو.

(125)

وِرِلو ڪو ڄاڻي، ساڌَ سَنگَتِ جي سُکَ کي،

سامي جَنهِن کي سَتِ گُرو، پَرِچِي گَهرِ آڻي،

مَوجان سو ماڻي، اَٺَئي پَهَرَ عَجِيبَ سان.

(126)

وِرِلا ڪي پائِينِ، سامي سُکُ سَروپَ جو،

جي مِلِي ساڌَ سَنگَتِ سان، لِنوَ سَچي لائِينِ،

ڀولو نَه ڀائِينِ، نِرِگُڻَ ۽ سِرِگُڻَ ۾.

 

(127)

وِرِلي جَنَ کَٽِي، ڪنهن ڀاقي مَنَ مَواسَ کون،

جَنهن مِلِي ساڌَ سَنگَتِ سان،  بيحَدِ بوندَ چَٽي،

جِيتي اَوِديا دَلَ کي، ڪَلِپَتَ سَڀِ ڪَٽي،

سَمُجِهي اَٽِپَٽي، آکاڻي اَنَڀَو جي.

(128)

ڀاري پَٽُ پِيو، اَڳِيون واچَ اَواچَ جي،

ساکيءَ کي سامي چئي، تنهن جوڙي جيءُ ڪَيو،

اَڻَ هوندٖي دَرِياهَ جي، وَهَ ۾ وَڃي پِيو،

جَڏِي ساڌوءَ سَنگُ ٿِيو، تَڏِي جاڳي جُڙِيو پاڻَ سان.

(129)

گُهمي گَهرِ آيو، ڪِل ڪِل مِٽِي ڪِينَڪِي،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، سَنسو مِٽايو،

تَنِ چِيٽيءَ ۽ ڪُنچَرَ ۾، اَلکُ لکايو،

سامي سَمايو، جَلَ پَپوٽو جَلَ ۾.

(130)

اِهو دانُ گُهري، سامي ساڌَ سَنگَتِ کون،

سَدا مَنُ مَحَبوبَ جي، آگِيا مَنجِهه ٽُري،

ڦُرِنو ڪونَ ڦُري، اَوِدِيا جي اَهَنڪارَ جو.

(131)

مَهِما ساڌوءَ سَنگَ جي، پَري کون پَرٖي،

سيسُ سَلاهـٖـي سَهَسَ مُکَ ويدُ وِمَلَ اُچَري،

بَرَهَما، وِشِنُ، مَهيشُ مَهَدَ جَنُ، سامي ساکَ ڀَرٖي،

ڪوٽَ اُپاوَ ڪري، مَنُ واڻِي پَهُچي ڪِينَڪِي،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org