سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :22

(54)

پِيالي مَنجهون پِرَ جي، دُڪو ئي دولتَ،

پيتو جَنِ پُرِ ڪري، سي ٿيا مَتارا مَتَ،

سي ڪَٿنِ ڪِينَ اَڪَٿَ، ماهِلُ ٿِيا مَهران ۾.

(55)

بَندگي بَرَحالُ، ڪوڙِنِ مَنجهون ڪو ڪري،

مِٽيو جَنهِن جي مَنَ مون، سامي جڳَ جَنجالُ،

رَهيو نَه رَتيءَ جيترو، هَنئُمَئُن ريکَ رَوالُ،

مَنجهي حالَ نهالُ، مِلي ٿِيو مَحَبوبَ سان.

(56)

جاڳيو ڀڳَتِ اَنگورُ، وَرِکا ساڻُ گُروءَ جي،

سو وَڌي ٻوڌ بِرڇُ ٿِيو، دَهَ دَسان ڀَرَپور،

تَنهن ۾ ساکي ڦَلُ لَڳو، اَنڀَئِه آتَمَ سُورُ،

حاضران حَضور، سامي ڏِسِي نَه رَهِيو.

(57)

ڪَتَڻَ جي ڪوڏي، اَئٽُ اُڀوئي نَه ڪَري،

سامي سَدائي رهي، آتڻ ۾ اوڏي،

تَندُ تند سان توڏي، ڳائي غيرُ ڪڍي ڪري.

سِڪَ

(1)

ويدَنِ پُرانَنِ ۾، چَرچا هيءَ چلِي،

سُپيريان جي سِڪَ جي، تون ڳولي لَهُه گَلي،

سامي سا مِلي، جنهن دَهَ ڏِٺو دوسَ کي.

(2)

هَزارنِ جي هِڪَ، ڳالهه ٻُڌائِي سَتِ گُروءَ،

مِليا سي مَحَبوبَ سان، جَن کي سَچي سِڪَ،

ڪَڏي ٿِيَنِ ڪِينَڪِي، اوڻا ۽ اَڌِڪَ،

ٻِيا ٻانڀَڻُ چَئي ٻالَڪَ، ڀُلي پِيا ڀَرَمَ ۾.

(3)

جيڪو هِنَ ويلي، اچي سِڪَ سَچيءَ سان،

تَنهِن کي ڏِيان تَتَڪالُ ۾، مَنَ موهَنُ ميلي،

کَلل ري کيلي، پيو سامي چَئي، سنسار ۾.

(4)

سَهَسين رَکَنِ سَڌَ، سامي سپيرِيَن جي،

پيرُ نه پائِنِ هِڪِڙو، موهِيا مايا من

حَدَ ڇَڏي بي حَدَ، ڪو پهتو پُورو پرِيت وا؟

(5)

ڪَنهِن وِرلي ڏِٺو هِڪَ، پانهِنجي اَکئين پاڻ کي،

جنهن کي ڏني سَتِ گروءَ، سامي سَچي سِڪَ،

چَڙهي رَنگَ مَحَلَ ۾، ماڻـٖـي موجَ اَڌِڪ

ٻِيا سڀ چَٽِنِ چِڪَ، ٿا سَمُجَهه وَرائي سِک،

(6)

دَرِسَنَ جو پِياسي، ڪوڙنِ ۾ ڪو هِڪڙو،

سامي ڪَٽِي جَنهن سِڪَ سان، جِيئندي جَمَ ڦاسي،

اَلَکُ اَبِناسي، ڏِسي نتُ نِرِٻاڻُ ٿي.

(7)

پرِيتِ پرِيتَمُ، ڪَنهين پاتو ڪِينَڪِي،

سَمجهي ڏِسُ سامي چَئي، تون رَکي مَنِ مَرَمُ،

کڻي پيرُ پِريَنِ ڏي، لاهي گوندَرَ گَمُ،

جي ڪو اَٿي ڪَمُ، پَسَڻَ مَنجِهه پِريَنِ جي.

(8)

بِنان سِڪَ سَڄَڻُ، ڪَنهِين پاتو ڪِينَڪِي،

نِڪِري ڪينءَ ڏهيءَ ري، منجهون کيرَ مکَڻُ!

ڦَلَ وَرائي وَڻُ، سامي سُڃو سُکِڻون.

(9)

سَڄَڻُ وَرائي سِڪَ، ڪَنهِين پاتو ڪينَ ڪي،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، هنئڙي رَکي هِڪَ،

تَه مِٽي وَڃيئي مَنَ مون، ڪوٽَ جَنَمَ جي ڇِڪَ،

ناحَقُ چَٽِ مَ چِڪَ، ڀُلِي مَنَ جي ڀاءَ تون.

(10)

سِڪَ وَرائي سُڌِ، پَوي نه پورڻَ پَدَ جي،

اِئين چَوَنِ ٿا اَنڀئي، ڪيوَل ڪرپا نِڌِ،

جِنِ کي ڏِني سَتِگُروءَ، سامي بيحَدَ ٻُڌِ،

ميٽي واد وِوِڌِ، اِسٿِت ٿِيا آڪاس جان.

(11)

بِنان سِڪ سَماءُ، پَئي نه پورڻ پَد جو،

اِئين چَوَنِ ٿا اَنڀَئي، جَنِ کي آيو ساءُ،

جاڳي ڪياَئون جڳ جو، اُشنائِي اَڀاءُ،

ڄاڻي دلبر داءُ، پاسي ٿِيَنِ نه پيءَ کون.

(12)

سَڄَڻُ رَنگِيلو، اَچي مِليو سِڪَ سان،

سامي سَڀُ ڀُلي ويو، ڪُٽنبُ قَبيلو،

اِهڙو ٿِيو حِيلو، تان ڀي سُجهـٖـي ڪِينَ سڄڻ ري.

(13)

مورَکَ مَن جي ڀاءِ، ڪوهُ ڪرين ٿو ڪَلِپنا،

ڪَنهن پَدُ پاتو ڪين ڪي، سَچيءَ سِڪَ سواءِ،

سَمُجهي تون سامي چَئي، اَنتَرَ مُکِ لِنوَ لاءِ،

ته لُنؤ لُنؤ مَنجِهه لَکاءِ، مورَت محَبُوبَنِ جي.

(14)

ٿَڪيءَ لَڌو ٿوڪُ، سُپِريان جي سڪ مون،

مِٽي وِيَڙو مَنَ مون، سامي سَنسو سوڪُ،

مَنجهي لوڪَ اَلوڪُ، ڏِٺو پَدُ پِريَنِ جو.

(15)

سِڪَ مون لَڌو سَچُ، گُرَ پَرساديــٖـن گودڙي،

ڪَڍِيائين اَندرَ مون، سَڀو ڪَلِپَتَ ڪَچُ،

ٻاري مَحَبَتَ مَچُ، سامي ڪَيائين سوجهرو.

(16)

سِڪَ ري صفائي، اَچي ڪِينَ اَندَر کي،

توڙي سَڀِ ساڌَنَ ڪَري، پائي سِر ڇائِي،

اِها ڳالهِه سَمجهه ۾، ڪَنهِن وِرلي کي آئي،

گُرگَمَ جَنهن لائي، سامي لِنوَ سَروپَ سان.

(17)

سِڪَ ساکياتُ ڪِيو، جاڳائي هِنَ جيءَ کي،

سورِجُ آيو سِرَ تي، اَوِدِيا ڀَرَمَ وِيو،

ٻانڀَڻُ چَئي ٻيو، نَظر نه اچي نِينهَن ري.

(18)

سَچي سِڪَ آئِي، تَڏي ساگَرُ تَرَڻُ سُگَمُ ٿيو،

مِلِي مَهَدِ جَننِ سان، انڀئه لِنوَ لائي،

اَوِديا دُکُ اَندَرَ ۾، رَهيو نه رائي،

سَهَجـٖـي سَمائي، مايا مَحَبوبَن جِي.

(19)

سَچي سِڪَ آئي، تَڏي ساگَرُ تَرَڻُ سُگَمُ ٿِيو،

مِلي مهد جَنَنِ سان، مَمتِ مِٽائي،

سَنڌِ ڏَسِياَئون سَمَ جِي، سيتَلُ سُکَدائي،

سامي سَمائِي، لُڏِي لَهَرَ سمنڊ ۾.

(20)

سَچي سِڪَ آئي، تَڏي مِڙيئي مطلب ٿِيا،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، مَمَتا مِٽائي،

ڏِٺو اَنڀَئي آتما، سُتَهَه سُکَدائي،

سامي سَمائي، لُڏِي لَهَرِ سمنڊَ ۾.

(21)

وَڃِي سِڪَ سَهي، ڪَيو دَرُ دوسَنِ جو،

سَنسو سِيرُ سُڀَرَ ۾، ويڙو سڀ وَهي،

آتَمُ لعلُ لَهي، سُکي ٿِيو سامي چَئي،

(22)

وَڃِي سِڪَ سَهي، ڪيو دَرُ دوسَنِ جو،

سَنسي سِيرَ سَمُنڊ ۾، وِيَڙو سَڀُ وَهي،

باقي لالُ لَهي، سُکي ٿيو سامي چَئي.

(23)

پَلِ پَلِ ڪيمَ پُڪارِ، دَرِ دَرِ ديوانَنِ جان،

سامي سِڪَ سَچيءَ سان، هَرِ جَسُ هِردي ڌارِ،

جَنَمَ مَرَڻَ دُکَ سُکَ جو، سَنسو ڀَرَمُ نِوار،

تَه لنگهي پَوين پار، سَهَجي اَوِدِيا سِنڌُ کون.

(24)

سامي چَويئي سِڪُ، سدا سِڪَ سَچيءَ سان،

رَکي پنهنجي روح ۾، ثابتُ هِڪُ صدِقُ،

ڪَري نَه ڪَتَرَ جيترو، ڀُلي ڦير فَرقُ،

مَهَر ڪري مالِڪُ، گڏُ گڏيئي گودِڙِيا.

(25)

اکن منجِهه اوطاقَ، آهي يارَ عَجيبَ جي،

سدا پَسنِ سِڪَ سان، مَحَبتي مُشتاقَ،

جي جِيئندي ٿِيا جڳ کون، ٻانڀَڻُ چَئي بي باڪَ،

خلوَتَن جِي خاڪَ، لائي ويٺا لعلُ ٿي.

(26)

سامي سَمُجهي لاءِ، اَکيون ساڻُ عَجيبَ جي،

بِنان سِڪَ سَچيءَ جي، ڪنهن جي ڪانهي جاءِ،

جي توکي پياسَ پَسَڻَ جي، ته جيئندي پاڻُ جلاءِ،

تَه اَچِي ڀولي ڀاءِ، سهج ملني سُپِرين.

(27)

عجائب آهي، مورت مَحَبوبَن جي،

اَٺئي پَهَرَ اَندَرَ ۾، رَهي ڇَٻَ ڇائي،

ٻانڀَڻُ ٻُڌائي، سَچيءَ سِڪَ وارن کي.

(28)

اَچي سِڪَ وَڌِي، پريَنِ جي پَسَڻَ جي،

ديکِيا پوري گُرَ جِي، ڇِڪي ڳَنڍ ٻَڌي،

ساميءَ کَنئين سِرَ تي، نيڪي اَئون بدي،

لُنؤ لُنؤ مَنجِهه لَڌي، مورَتَ پانهِنجي مِترَ جي.

(29)

ڪَتي ڪَرَمَ وَڏِي، ڪا راتيون ڏينهان سِڪَ سان،

جنهن لائي چتُ چَرخي سان، چِنتا چاهَ ڇَڏي،

رَهـٖـي گڏُ گَڏي، سامي ساهيڙين سان.

(30)

ڪَرِ ڳُجهائِي ڳولَ، پيرانڍو پِرَ جو،

مَنجهي سِڪَ سامي چئي، تون ڏوري لَهُه اڏولَ،

ڀَڃُ مڙيوئي ڀولَ، تَه سهج ملني سُپرين.

(31)

دَر دَر ڪيمَ ٻُنڌاءِ سامي سِڪَ پِريَنِ جي،

اَنتَرَ مُکِ اَدَبَ سان، لنِوَ لِڪائي لاءِ،

ته لُنؤ لُنؤ لَکاءِ، مورَتَ مَحَبوبَنِ جي.

(32)

جَنهن کي پوري پريتِ، مَحَبوبَن جي مَنَ ۾،

سو نَڪي گُهمي ڏيورا، نَڪي گُهمي مَسيتِ،

ڄاڻي سَڀَ سَنسارَ جي، ڪوڙي ڪَلِپَتَ ريتِ،

پِرينِ ري پرتِيتِ، ڪَنهِن تي ڪَري ڪِينَڪِي.

(33)

جَن کي لَڳِي لوڙَ، پَڪِي پيءَ پَسَڻَ جي،

سي ساڌَنَ رَکَنِ سِرَ تي، سَهَنِ وَچَنَ ڪَٺور،

سامي ڪيائون مَنَ جِي، ڳوٺَ آگَمَ ڏي ڊوڙ،

ماڻِن درسَنَ دَورَ، اورن اورَ عجيب جِي.

(34)

جنهن کي لڳي سِڪَ، سامي سُپيريَنِ جي،

مِٽي تَنهِن جي مَنَ مون، ٻي سَڀائي ڇِڪَ،

مورَتَ مَحَبوبَنِ جي، سَڀِ ۾ ڏِسـٖـي هِڪ،

راتيون ڏينهان ٽِڪَ، لائي ويٺو لَکَ سان.

(35)

جَنهِن کي سَچي سِڪ، اديون عجيبَنِ جي،

سا پَلَڪَ پَراهون نه ٿِئي، حاضُريءَ کون هِڪَ،

سُمهي سُکَپَتَ سيجَ تي، ويڙهي سَڀ وَرقَ،

ٻيون سَڀِ چَٽِنِ چِڪَ، سِڪَ وَرائي سِکڻي،

(36)

جَنِ کي سَچي سِڪَ، سامي ڏِني ستگروءَ،

مِلِيا سي مَحَبوبَ سان ويڙهي سَڀِ وَرِقَ،

ڪَنهِن کي ڄاڻَنِ ڪِينَڪِي، رَتي اَئون اَڌِڪَ،

توڙي کِلي خَلِقِ، تان ڀِي مَستَ رَهَنِ مهراڻ ۾.

(37)

جَنِ کي سِڪَ ثابوت، آهي عَجِيبن جي،

تَنهين ڏِٺو سَڀَ ۾، سامي ساکي ڀوتُ،

بِنان درسن قوتُ، ٻيو ڪَڏي ڪَرن ڪِينَڪِي،

(38)

جن کي سَچي سِڪَ، سي پاڻيهي پَڌِرا،

سامي ٿِيا سنسارَ جي، ڦُرني کون ڦارِڪَ،

مورَتَ مَحَبوبَنِ جي، هَرِدَمُ ڏِسَنِ هِڪَ،

ٻِيا سَڀِ چَٽنِ چِڪَ، ٿا مورَکَ جيءَ مَرمَ تي.

(39)

جَن کي سَچي سِڪَ، سي پاڻيهي پَڌارا،

مورَتَ مَحَبوبَنِ جي، هر دَمُ ڏِسَنِ هِڪَ،

سامي لائي لالُ ٿِيا، لِنوَ لِنوَ ساڻ لَٽَڪُ،

ٻِيا سَڀِ چَٽِن چِڪَ، مورَکَ مَتِ مرم ري.

(40)

جَن کي سِڪَ سَچي، سي پاڻيهي پَڌرا،

ڪايا، مايا، ڪُلَ ۾، مَرنِ ڪِينَ پَچي،

سامي چَڙهيا سُميــٖـرَ تي، ڪَٽي ڪلپَ ڪَچي،

رَهنِ رَنگَ رَچي، سُتَهَه شُڌُ سروپَ جـٖـي.

(41)

جَنهِين سَنڌِ لَڌي، گُرگَمَ آتَمَ سُکَ جي،

سامي تَنهِن ساپُرسَ جي، ويئي سِڪَ وَڌي،

ڇڪـٖـي ڄِڀَ ٻَڌي، بيحدَ جي ٻولَڻَ کون.

(42)

سامي سِڪَ سَمَرُ، پَرچي کنيون جنهن پاڻَ سان،

سو وَڃي پنهنتو پَدَ ۾، پريمي ڪري پَڌَرُ،

جِتي تون مان ناهه ڪا، نڪو سُڃَ شَهَرُ،

بِنان اَنگ آکرُ، ڪري اُجارو اَنڀئي.

(43)

لُنو وارو ڪِينَ لِڪي، سورَجَ جان سَنسارَ ۾،

جاڳي ڪَڍِي جَنهِن جيءَ مون، دُبِدا سَڀَ ڌِڪي،

سامي سَدا سِڪي، پائي سُکُ سَروپَ جو.

(44)

لُنو واري ڪِينَ لڪي، سورِجَ جان سنسار ۾،

سامي جَنهِن کي سَتِگروءَ، پل ۾ ڪَڍيو ڇِڪي،

پائي سُکُ سِڪي، پل پل ڪارڻ پيءَ جي.

(45)

لِنوَ وارو ڪِينَ لِڪي، سورِجَ جان سنسارَ ۾،

جاڳي ڪَڍِي جَنهِن جيءَ مون، دُنيا سَڀَ ڌِڪي،

مَڻِ مَسَتَڪَ تي مَرمَ جِي، جهڳ مگادِ جَهلڪي،

سامي سَدا سِڪي، پائي سُکُ سروپَ جو.

(46)

جِن کي سِڪَ ڪَيا، آکيرا اَندَرَ ۾،

سي ڇَڏي خيال خلقَ جا، پَنهنجيءَ مَنجِهه پِيا،

ڏِسي مُنهن مَحَبوبَ جو، عينُ اَڀيدُ ٿِيا،

ٻانڀَڻُ چَئي ٻِيا، مورِکَ ڀَوَنِ مَرمَ ري.

(47)

جَنِ کي سِڪَ ڪَيا، آکيرا اندَر ۾،

سي ڀَو ساگر جي ڀِيڙَ کون، لَنگهي پارِ پيا،

ڏِسي مُنهن مَحبوبَ جو، عينَ اَڀيدَ ٿِيا،

ٻانڀڻ چئي ٻيا، ڳالهيون ڪَنِ زبان سان.

(48)

ساري وِسُ وڳِي، وَهـٖـي واچَ وَهَڻَ ۾،

لنگهي چَڙِهيو لک تي، ڪو طالبِي تَڳِي،

جُنهِن کي ساڌَ سَنگَتِ جي، رَمِزَ هَٿِ لڳي،

اَنڀَئه جوتِ جڳي، سامي ڏٺائين ديهِه ۾.

(49)

اَنَڀَئه اِشارو، سَنت ڏِيَن ٿا سَڀَ کي،

سَمُجهي ڪو جَنُ سورمو، سَچيءَ سِڪَ وارو،

جو ڪَري نه ڪَتَرَ جيترو، دَنڀُ ۽ ڏيکارو،

نَڀَ جان نِيارو، سامي رَهي سَريرَ ۾.

(50)

سُتَهَه سِڌِ سَمتا، سنت لکائن سڀَ کي،

سمجهي مِليا سَروپَ سان، پريتِوانَ پُختا،

مَنَ سُوڌا ميدان مون، جَنِ يوڌا پنجَ جِيتا،

مَمَت کون مُڪِتا، سَدا رَهِن سامي چَئي.

(51)

دوست جو ديرو، وَڃِي سِڪَ سَهي ڪَيو،

مِٽايائين مَنَ مون، ڀَوَ جل جو ڀيرو،

ڪري نبيرو، سامي چڙهيو سِيرَ تي.

(52)

رمتا رامُ رَهـٖـي، سُڃَ وَسَنوَ جي وِچَ تي،

پَرچِي پيراڍنِ سان، ڪو لوڙيندَڙُ لَهي،

دُکُ دَردُ نِرِمانِتا، سِرَ تي سَڀُ سَهي،

وِيا ڪُل ٿي نه رَهي، سامي سَنسي ڀَرَمَ ۾.

(53)

دوستَ دِلِ کَسـٖـي، وَدي دَرِسَنَ داتِ سان،

بِنان سِڪَ اَندر ۾، ٻي ڳالهه ڪانَ وَسي،

سامي سَدا ڏِسي، سَنمُکُ ويٺو سُپرين.

(54)

سَڄَڻَ تُنهنجي سِڪَ، پَلَڪَ پَراهون نه ٿِئي،

اَٺئي پَهَرَ اَندَرَ ۾، ٻَڌي بيٺي ٽِڪَ،

ڄاڻِي بيحَدَ بانوَرِي، کِلـٖـي سڀ خَلق،

ورائي وَرِقَ، سُتَهَه مِلُ سامي چَئي.

(55)

سِڪَ ڪَيو سوڙو، ساهُه ته منهنجو سُپِرين،

کائي نه کَڻُ سامي چَئي، مَڌُ ڀَري ٻوڙو،

ڪُهي نِتُ ڪُٺيءَ کي، پائي پاڪوڙو،

والِثَ وِڇوڙو، مِلِي ڪَٽِ مُئيءَ جو.

(56)

سِڪَ ويئي ويڙي، جاني تُنهنجِي جيءَ کي،

اُٿندي وِهَندي گُهڻَ جان، کائي کَنڀيڙي،

گِهڙي نِيائين گارَ ۾، سامي مَنُ ميڙي،

نِرِکِي نِهوڙي، ته ڇُٽـٖـي داسُ دَرِدَ کون.

(57)

لايئه ويل وڏي، ساجَنَ سِڪَ سوڙهو ڪيو،

اَچي اَڌَ مُئَنِ تي، ڪَندين مِهَرَ ڪَڏي،

تَڙڦي تَڙڦي تن مون ويندو ساه جَڏي،

سامي چئي تَڏي، ميلو ڪندين ڪَنِ سان؟

(58)

سڄڻُ سِڪَ سِڪِي، سامي لَڌو ڪنهن ساڌَ جَنَ،

سَدا ماڻي سارُ سُکُ، سو پريمي پُلِڪي،

وَڃي ڪينَ وِسَنِ جان، طمع ۾ تِرِڪي،

ڄاڻي سونَ ٽِڪي، هيٺون مَٿون هِڪڙِي.

(59)

نَڪو آرُ نه پارُ، سُپيرِيان جي سِڪَ جو،

سُنوائيءَ بِنان سپ کي، اَچي ڪينَ قَرارُ،

مَڇيءَ جي مَنَ ۾ وَسي، پاڻي پِرانَ آڌار،

سامي سِرَجَڻَ هارُ، پَلَڪَ پراهون نه ٿِئي.

(60)

مَنجهين لوڪَ لِڪيــٖـن، تون پاڻُ به ڪَريــٖـن پَڌرو،

اٺَ ئي پَهَرَ عَجيبَ جي، مَنجهين سِڪَ سِڪيــٖـن،

چاڪَنِ مَنجِهه چڪيــٖـن، ته پاڻَ ٻَنڌِني پٽيون.

(61)

اَنتَر جامي ڄاڻُ، سامي سُپيرِيَنِ کي،

رَکي سِڪَ اندَرَ ۾، ڀڳَتِ ڪَريــٖـن ڀَي ساڻ،

رَهيــٖـن سَدائِي سهجَ ۾، ڪَڍِي پانهنجو پاڻُ،

تَه نِماڻن جو ماڻُ، پَرچي ڪَريئي پاتِشاهُ،

(62)

ڦولي فَقِيرَنِ، سَچُ لَڌائون سِڪَ مون،

تَتِ ڪِيائون تَڪِيو، جَتِ مهرَؤن ميگَهه وَسَنِ،

مِلي مَوجان ڪَنِ، اَٺَئي پَهَرَ عَجيبَ سان.

(63)

سامي سِڪَ سچي رِکي، جَني جَپِيو هَرِ،

گَهٽِ وَڌِ جاتِ اَجات جِي، تَن تِي نظر نه ڌَرِ،

ڇَڏي ديهه اَڀمان کي، ٿِيا سڀني کون سَرِ،

ويٺا رهن گَهرِ، رکن سُڌِ آڪاس جي.

(64)

جنهِن کي لَڳي پِياسَ، سامي سُپيرَينِ جي،

مِٽي تَنهِن جي مَنَ مون، ٻي سڀائي آسَ،

مورَتَ مَحَبوبَنِ جي، ڏِسي سَڀَ ۾ خاصُ،

ٻيو سَڀُ سَمُجهي ناسُ، بِنان مورَتَ اُن جي.

(65)

سِڪَ مِلايو يارُ، ساڌوءَ سنگِ سامي چَئي،

اَندَرِ ٻاهَرِ دَهَه دِسا، ڏِٺو دِبَ ديدارُ،

ٿِئڙو جَئِه جَئِه ڪارُ، اَوِديا ڪَلِپتِ نَه رهِي.

(66)

پِرين ڳالهين کون پارِ، اٿِي ڳالهيُن جي ڳوٺَ ۾،

سامي سِڪَ سچيءَ سان، تون ويهي سَنڌِ ويچارِ،

اَوِديا ڀَرَمُ نِوارِ، تَه لَهيــٖـن پيرُ پِريَنِ جو.

سِڪَ (ب)

(1)

بِنان سِڪَ سَڄَڻُ، ڪَنهِين پاتو ڪِينَڪِي،

ساکَ ڏِئـٖـي سُوڌِي سَچِي، نيهي پُرکُ نِپَڻُ،

مِٽِيو جَنهِن جي مَنَ مون، ڀولائو ڀَوَڻُ،

سَدا پاڪُ پُورَڻُ، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

(2)

بِنان سَمُجَهه صِدقَ، پَدُ پراپَتِ نَه ٿِئي،

وَڃي پُڇُ تَنِين کون، جَنِ کي سَچي سِڪَ،

مورَتَ مَحَبوبَنِ جِي، هَرِدَمُ ڏِسَنِ هِڪَ،

ٻِيا سَڀِ چَٽِنِ چِڪَ، مورَکَ جيءَ مَرَمَ ري.

(3)

سِڪَ ري صَفائي، اَچي نَه دِلَ دَرِپَنَ کي،

پُڇي ڏِسُ پِريمنِ کون، جَني لِنوَ لائي،

مورَتَ مَحَبوبَنِ جِي، اَنَڀَئِه ۾ آئي،

سامي سَدائي، ماڻِنِ دَورَ دَرِسَ جِي.

(4)

سچي سِڪَ آئِي، ساگَرُ تَرَڻُ سُگَمُ ٿِيو،

ڪَيائِين ڪَلَپتِ ڪوڙَ جِي، سارِي صَفائي،

چِنتا رَهِي نَه چِتَ ۾، پَنهِنجي پَرائي،

ٻانَڀڻَ چَئي ٻِيائي، ميٽيائِين مَنَ مون.

(5)

سَچي سِڪَ آئي، تَڏي ساگَرُ تَرَڻُ سُگَمُ ٿِيو،

اِئين چَوَنِ ٿا اَنڀَئي، ساڌو سَدائي،

پاڻُ وَرائي پاڻَ سان، جَني لِنوَ لائي،

ٻانڀڻَ! سڀ ٻيائي، ميٽي ويٺا مَنَ مون.

(6)

جَنِ کي سِڪَ سَچي، سي پاڻيهي پَڌرا،

ڪايا، مايا، ڪُلَ ۾، مَرَنِ ڪِينَ پَچي،

سَٽي وِڌائون سِرَ تون، ڪَلِپَتِ پنڊَ ڪَچي،

رَهيا رَنگِ رَچِي. سامي سُپيرينِ جي.

(7)

سِڪَ وارو ڪِينَ لِڪـٖـي، سورِجَ جان سَنسار ۾،

جَنهِن سِکِيا داتِ گُروءَ جِي، ٻَڌي ڳَنڍِ ڇِڪي،

ويٺو اَنڀَئِه تَخَتَ تي، دُشِمَنَ سَڀِ ڌِڪي،

سامي سِڪَ سِڪـٖـي، پورَنُ ڄاڻِي پيءَ جِي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org