سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :6

(29)

بَگلو ريسَ ڪَري، هَنسَنِ ساڻُ حِسابَ ري،

هو نِرمَلُ، کون پَري، هو ڪَپَٽُ ڌِيان ڌَري،

هو موتي کائي مانَسَرِ، هو مَڇيءَ ڪاڻِ مَري،

سامي ساکَ ڀَري، مَرَمُ وِيچاري مَنَ ۾.

(30)

بِنان سَمُجَهه جکي، ٿو ڪُتو ڪَچَ مَندَرَ ۾،

ٻالَڪُ ٻُڌِ وَرائي، ڀُلِي ڀؤ رکي،

گِياني پاڻُ لکي، ته سُکي ٿي سامي چَئي.

(31)

اَڻَ هوندي ڀولي، وِڌو جيءُ ڀَرَمَ ۾.

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، دَهَ دِسان ڦولي،

تنهن کي ڏِسي ڪِينَڪِي، جو ٻُڌي ۽ ٻولي،

ستِگُرُ ڳَنڍِ کولي، تَه سُک ٿئي سامي چَئي.

(32)

ڪَلِپَتَ مُٺو جيءُ، وَڃِي پيو وِستارَ ۾،

ڀَرَمَ منجهه ڀُلي ڪَري، دَهَ دِسِ ڦولي پيءُ،

تَپَ، تِيرٿَ ساڌَنَ ڪَري، سَهي گَرمي سيءُ،

گَهر ۾ وَنڊجي ويءُ، سوسامي ڏسي ڪِينَڪِي،

(33)

ڀَرَمُ ڀِينگ ڀارِي، هَلـٖـي چلي ڪِينَڪِي،

ڏنگِي جنهن ڏندَن ري، سامي وِسُ ساري،

وِرِلو وِيچارِي، ڪو بَچي گُرگِيات سان.

(34)

ڀَرَمَ جِي ڀاري، ڇوتِ لَڳِي هِنَ جيءَ کي،

چاهَ رَکيائين چِتَ ۾، چُهَڙِي، چَماري،

ڪَيَسِ تنهن ڪَلِپَتَ سان، سامي دِلِ ڪاري،

بيحَدِ جي ٻاري، پوري ويٺو پاڻَهين.

(35)

عَجائِبُ اِسِرارُ، غيبي ڏِٺو گِياتِ سان،

اَوِدِيا تي عاشق ٿِيو، سامي سَنڍ جو ٻارُ،

جَنهن جو روپُ نَه رَنگُ ڪو، نَڪو اَنگُ آڪارُ،

سُپَني ۾ سَنسارُ، رَچي مَچي نِتُ رَينَ ۾.

(36)

سُپَني مَنجهه ڪَنگالُ، راجا ٿِيو هڪَ ديسَ جو،

هاٿي، گهوڙا، پالِڪيون، ميڙيائين سَڀُ مالُ،

دَرَ تي بيٺا ڪيترا، سامي ڪَنِ سُوالُ،

جاڳــٖـي ايهِو حَوالُ، پِنَندو وَتي پاڻَهين.

(37)

ڪوڙي کون پاسو، سامي سَچي جَنَ ڪَيو،

هُن کي سِڪَ سَلَ ڪَيا، هُن کي مُحبت نه ماسو،

هو پَرچو رَهي پَدَ ۾. هُنَ جو وِکِيا مَنجهه واسو،

تَنهِن کي دِلاسو، ڏيئي پاڻُ ڪَڍي ويو.

(38)

ناحق جيءُ رُلـٖـي، ٿو ڪَرِمَنِ جي ڪَلِپَتَ ۾،

بنان ڀڳت ڀڳوان جي، ڀَرَمُ ڪينَ ڀُلي،

تَڏِي ڳَنڍِ کُلي، جَڏِي سامي ملي سَروپَ سان.

(39)

ڀُلِي هِنَ بَندي، خاصُ خَزانو گُمُ ڪَيو،

کَڻي وِڌائين پاڻَ کي، ڌِڪي مَنجهه ڌنڌي،

ڏِيو ٻاري گِيانَ جو، ڏِٺو ڪينَ اَنڌي،

پِرِين پاڻَ ڪَندٖين، سَهائتا سامي چَئي.

(40)

پَروَرِتتا جو پُور، ڪاٿون پِيو هِنَ جيءَ کي،

موٽِي ڪيئن مِٽِي وَڃي، سامي سَنسو سورُ،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، مالِڪُ بَنيو مَزورُ،

ڏسِي نَرمَلُ نورُ، نانا کون نِرٻاڻَ ٿِيو.

(41)

پَٿَرَ پوڄا ڪَنِ ديوُ نَه ڏِسَن ديهه ۾،

پنڊِتُ ڄاڻِي پاڻَ کي، ڪَرمَنِ مَنجهِه ٻَجَهنِ،

ساکان سَنتَنِ جون ٻُڌي، مَرَمُ نَه رَکنِ مَنِ،

سي ڪيئن رَنگِ رَچَنِ، سامي سُپرِيَنِ جي.

(42)

پوٿِرَ پلالي، ڪوڙين گُهمنِ ڪيترا،

ڳالهيون ڪَنِ زبانَ سان، خِلِوَت جون خالي،

جاڳي ڏِسَنِ ڪِينَڪِي، خاوَندُ خِيالي،

لُنؤ لُنؤ منجِهه لالي، سامي تنهن سَروپَ جي.

(43)

چَريا سي چَئِجَنِ، جي مَرَمُ نَه رکَنِ مَنَ ۾،

ڳالهيون ويدنَ جون ٻُڌي، دَرِ دَرِ بَڪَ بَڪَنِ،

نانا جُڳِتيُنِ سان ڪَري، دِٻَ دِرِشٽانتَ ڏِيَنِ،

سامي ڪينَ ڏسَنِ، جاڳي جوتِ سَروپَ کي.

(44)

ڪَلِجُگَ جا ڪوڙا، مِيرَ مُتَهَدي چوڌِري،

راتيون ڏينهان لوڀَ جا، گَهرِ ٻَنڌَنِ ٻُوڙا،

ويساهِي ويساهَ سان، ڊوهِنِ وِسوڙا،

سامي مَتِ موڙها، مَرڻُ نَه ڄاڻَنِ مَنَ ۾.

(45)

چَرِ ياسي چَئجَنِ، جي پاڻُ پَڇاڻِن ڪِينَڪِي،

ڳالهيون ڀلنِ جون ٻُنڌي، مَرَمُ نَه رَکَنِ مَنِ،

پانهنجي ڳِچيءَ پاڻَهين، جوڙي سيلَ وِجَهنِ،

سامي ڪِينَ ڏِسَنِ، جهاتي پائي گَهرَ ۾.

(46)

پَنڊِتُ پُڪاري، سارُ ٻُڌائي سَڀَ کي،

سامي پانهِنجي مَنَ جِي، مَمِتا نا ماري،

رکِي دُئيتُ اَندَرَ ۾، سَمِتا ڏيکاري،

هَليو سو هاري، مانُکَ ديهِه اَمولَ کي.

(47)

ٻانڀَڻَ ٻَنڌَ گِياني، ڪوڙا گُهمَنِ ڪيترا،

ڳالهيون ڪن زَبانَ سان، اَنڀِئَهِ آساني،

رَهنِ رَسَ ڪَسَ لوڀَ ۾، اُرِجها اَڀماني،

ڄاڻَنِ نَه فاني، پُتلو پَنجنِ تَتَنِ جو.

(48)

لَکين لٻاڙي، ڳالهيون ڪَنِ آگمَ جون،

سامي ڪُوڙائـٖـي ساڌَ ٿِيا، مٿو ۽ ڏاڙهي،

ڪَلِڪائِينِ ڪَپَٽَ جي، ڪاتِي ڪُهاڙي،

ڀاڙَ کائي ڀاڙي، وَهِيا وَڃنِ وَهَ ۾.

(49)

لَکين ليکا ڪَنِ، پَڇاڻو ڪو هِڪڙِو،

ليکو ڇَڏي اَليک ۾، ڪي گُرَ مَکُ غَرقُ رَهَنِ،

ٻِيا سَڀِ بادِ بَڪَنِ، سپُنَي ۾ سامي چئي.

(50)

سامي ڪَنِ صَلاحَ، ڪوڙا مِڙي ڪيترا،

لَهَنِ نَه عِشقَ اَڀيد ري، رامَ نگَرَ جي راهَ،

وَڃي پيئي پاڻَ تي، ڪَنهِن نيهيءَ جي نِگاهَ،

ميٽي چنتا چاهَ، سو چَڙهي ويٺو چؤ ڏولَ ۾.

(51)

مُٺا سڀ مَنَنَ، گِياني، پَنڊِتَ، پُستَڪي،

بِنان سمُجَهه سَروپَ جي، ڪَنِ اُتَرَ آئون پِرشَنَ،

پائي ويٺا ڪَڇَ ۾، تِرِشنا ڏائِڻِ رَنَ،

وِرِلي ڪَنهن هَرِجَنَ، سامي سارُ سَهي ڪَيو.

(52)

بِنا گِياتِ گِيانُ، ڪوڙا ڪَٿِنِ ڪيترا،

ڳالهيون ويدَن جون ٻُڌي، ڪَنِ اَندرَ ۾ اُنِمانُ،

ڏسَنِ ڪينَ اَکينُ ري، اَنڌا اَنِڀَئِه ڀانُ،

سَدا رهن غَلطانُ، سامي مايا موهه ۾.

(53)

ويدَ پُرانَ پَڙِهي، پَنڊِتَ ٿِيَڙا ڪيترا،

بِنا گِيان گُروءَ جي، وِيا اَوِدِيا مَنجِهه اَڙي،

وِرِلي ڪَنهن گُرَمُکَ ڏٺو، وَچَنَ مَنجهه وَڙي،

تنهن کي هَٿِ چَڙهي، سامي لَکَ سَروپَ جِي.

(54)

لکين هزارين، وادِ ڪَرِنِ ويدانتَ جي،

وِرِلو ڪو وِيچارَ سان، ويهِي ويچاري،

سامي سارُ سَهي ڪَري، هِردي مَنجهِه ڌاري،

نانَتَ نِواري، سَڀَ گهَٽِ ڏِسي سُپرين.

(55)

اَڦُرَ پاڻَ ڪِيو، ڦُرِنو نانا روپَ جو،

اَڻَ هوندو ڪَلِپَتَ ڪَري، سامي سِڌِ ٿِيو،

جَنَمُ مَرَڻُ دُکُ سُکُ مَنـٖـي، سَنسي مَنجهه پِيو،

ڀُلِي ڀَرَمَ وِيو، جَڏِي جاڳي جُڙيو پاڻَ ۾.  

آگياني (ب)

(1)

لَکين ليکاري، ليکي مَنجهه لُڙهي وِيا،

لَنگهي چَڙهيو لَکَ تي، ڪو اُتَمُ اَڌِڪاري،

جَنهِن کي ڏِنو ستِگُروءَ، ڀَروسو ڀاري،

سامي سَچاري، مُکِ رَکِي موجان ڪَري،

(2)

لکين ليکاري، ليکي منجهه لُڙهي وِيا،

غوتا کائِنِ غَيبَ جا، ڀَرَمُ ڪَري ڀاري،

چَڙهيو چيتَنَ چِٽَ تي، ڪو وِرِلو وِيچاري،

سامي وِسُ ساري، جاڳي ڏِٺي جَنهن جوتِ ۾،

(3)

لَکين ليکارِي، ليکي منجهه لُڙهي ويا،

جئين پَسون گُهمَنِ گهاڻي ۾، پائي پانڃاري،

سامي ماڻي سارُ سُکُ، ڪو وِرِلو وِيِچاري،

 ڀَؤ ساگَرُ ڀاري، لَنگهي چَڙهيو. لَکَ تي.

(4)

وائي وَڏائي، ڪُوڙا ڀُلِي ڪَنِ ڪيترا،

رَکَنِ نَه رَتيءَ جيتري، سمجَهه صفائي،

وِرِلي ڪنهن گُرَمُکَ کي، سامي سانتِ آئي،

سَمَ ٿِي سدائِي، ماڻي موجَ مُڪِتِ جِي،

(5)

سنسي سَڀُ سَنسارُ، لوڙهي لَهوراو ڪَيو،

لَهي سگَهنِ ري، پَرِڇِنتا جو پارُ،

ساکَ ڏئـٖـي سامي چَئي، ساڌو جَنُ سچارُ،

ڪَري جنهن قَرارُ، پورَنُ ڏِٺو پيءَ کي.

(6)

سَنسي سَرپَ ڏنگـٖـي، سارو ڏيهه ڏکي ڪَيو،

سامي وِيو ڪو سورمو، پَرِپَڪُ پارِ لَنگهي،

جنهن کي ڇَڏيو سَتِگُروءَ، آتَمَ رَنگِ رَنگي،

ڪَنهِن کون ڪينَ سَنگي، ماڻي مَوجَ مُڪِتِ جِي.

(7)

سَنسي سَرپَ ڏنگي، موڳو ڪَيو ماڙُنِ کي،

اَٺَ ئي پَهَرَ اَندرَ ۾، سَڀُڪو پِيو سَنگي،

ڪو عاشقُ چَڙِهيو آڇَ تي، لوڪان ليڪَ لَنگهي،

جنهن کي رَنگِ رَنگي، سامي ڇَڏيو سَتِگُروءَ.

(8)

ڦُرني ڦُري فَقيرَ، ڪيا سَڀِ جيءَ جَهانَ جا،

ڀَوَنِ ڀؤ ساگَرَ ۾، ڌَري سَگَهنِ نَه ڌِيِرَ،

ڪو سُجاکو سورَمو، سامي چَڙهيو سِيرَ،

جنهن کي پُوري پِيرَ، لکَ لکائي اَنڀَئِي.

(9)

جَڳَ ۾ وَسَنِ ٺَڳَ، ڀاري پَنجَ ڀَرَمَ جا،

موهي ماري مَتِ کَسي، سَڀَ کي ڪَن ڏک مَڳَ،

ڪي سُجاکا سورَما، رَهنِ عَينَ اَلڳَ،

سامي ٿي سَرِٻَڳَ، ماڻِنِ مَوجَ مُڪِتِ جي.

(10)

سَڀَ کي ٺڳِنِ ٺڳَ، پنجَ پانهِنجا پرِيتَم بڻي،

سامي سَمُجَهنِ ڪينَڪي، اَنڌا جيءَ اَلڳَ،

رَهَنِ اَليپُ آڪاسُ جان، ڪي ساڌو سَرِٻڳَ،

جَن کي ٽوپي پَڳَ، نَظرِ نَه اچي نامَ ري.

(11)

سَڀِ وِڪامي، ويرِنِ هٿِ ويچارَ ري،

ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪڙو، سَنتُ بَچِيو سامي،

جَنهن کي ڪَيو سَتگُروءَ، اَنَنَ آرامي،

نِرمَلُ نِهَڪامي، رَهـٖـي وِديهي ديهِه ۾.

(12)

وَهي بِنا ويچارَ، خَلَتَ خامَ خِيالَ ۾،

پَرِڇِنِ ڄاڻي پاڻَ کي، روئي زارؤن زارَ،

رَهَنِ اَليپُ آڪاسَ جان، نيهي نِراڌارَ،

لائِي جَنهن لِنوَ تارَ، سامي سُپيريَنِ سان،

(13)

ڀَرَمَ مَنجِهه ڀُلي، پِيا سَڀِ جيءَ جهانَ جا،

جَنِمَنِ مَرَنِ مَتِ ري، رَسَنِ ڪاڻِ رُلِي،

سامي لَڌو ڪَنهن سورَمي، اَنڀَئِه گَهرُ اَصلي،

مِٽـٖـي ڪَلِپَ ڪُلي، ماڻـٖـي مَوجَ مُڪِتِ جي.

(14)

سَڀِي ٿي آتُرُ، پِٽِن ڪارَڻِ پيٽَ جي.

پائي ڀَوَنِ پاڻَهين، ڀَرَمَ کي ڀاڪُرُ،

سامي سُجاکَنِ ڏِٺو، هَرِ حاضُرُ ناظُرُ،

ڪَري مَنُ اَڦُرُ، ماڻِنِ موج مُڪِتِ جي.

(15)

پنهنجو پاڻَ پَونِ، ڀُلي جِيوَ ڀرَمَ ۾،

سَتِ ڄاڻي سَنسارَ کي، جَنِمَنِ نِتُ مَرَن،

ساڌو جَنَ سَمُجهِي سَچِي، سامي ساکَ ڏِيَنِ،

جاڳي ڏِٺو جَنِ، هِڪُ هيڪِلو آتِما.

(16)

سَڀُڪو ڏَنڊُ ڀَري، جنمِي مَرِي جَمَراءِ جو،

جَهِڙا جَهڙا جڳَ ۾، ڪَلپِي ڪَمَ ڪَري،

سامي رَهي ڪو سورَمو، پِريمي پاڪُ پَري،

نِرمَلُ ڌِيانُ ڌَري، پورَنُ ڏِٺو جنهن پيءَ کي.

(17)

هَٺِي هارائي، هِيرو جَنَمُ وِيا هَٿَنِ مون.

سامي موهَ مَمَت جِي، ڦاهي ڳَلِ پائي،

نيهي نارائِڻَ سان، مِليا مَنُ لائي،

ويٺا وَڄائي، نَغارو نِرَٻاڻَ جو.

(18)

هاري جَنَمُ هَٺِي، سکِڻا ويا سَنسارَ مون.

ڪَئِي ڪوڙَ ڪَپَتَ سان، ڪوڏِي جَنِ ڪَٺي،

وِرِلي ڪَنهن گُرَمُکَ جِي، نانَتِ مُتِ نَٺي،

جو وِڌِ سان واٽ وَٺِي، سامي هَليو حَليم ٿي.

(19)

مُنهَن ڪارو موچارو، اَندَرَ ڪاري آدميءَ کون.

سَمُجهـٖـي سُجانُ ڪو سورَمو، اِهو اِشارو،

چَڙِهي وَڄائي چِٽَ تي، نِرَڀؤ نَغارو،

نَڀَ جان نِيارو، سامي رَهي سَريرَ ۾.

(20)

مَنَنَ جِي ماکي، چَٽي جيءَ چَريا ٿِيا،

ڪايا، مايا، ڪُلَ ۾، ڪَلِپَنِ نَتُ ڪانکي،

ڪَنهن ساڌوءَ ڳالهِه سَهي ڪَئي، سامي ٿي ساکي،

ڇَڏي هَلاکي، جُڙيو رَهي جڳِديسَ سان.

(21)

اِها وَڏي اَنِيِتِ، ڀَوَن نانا جونِ ۾،

پَرڇِنِ ڄاڻِي پاڻَ کي، سَدا رَهَنِ ڀَئه ڀيتَ،

سامي ساڌو جَنَ ڪي، هَلَنِ سَچي رَسَ ريتِ،

پورَنُ ڪَري پَرَتِيتِ، رَهَسي مِليا رامَ سان.

(22)

پَرڇِنتا پَليتُ، ڪَيا جيءَ جهانَ جا،

ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪڙو، رَهي اَليپُ اَچِيتُ،

پَرِچي لڌو جَنهن پانهنجو، آدي اَنَڀَئِه مِيتُ،

سَدائي سُرجيتُ، سامي رَهـٖـي سُڀاءَ ۾.

(23)

جنِمـٖـي مَري جيءُ، پَرِڇِنُ ڄاڻِي پاڻَ کَي،

سامي ڏسِــٖـي نَه سَمَ ٿِي، پَرتکِ پورَنُ پيءُ.

وِرِلي ڪَنهن گُرَمُکَ جو، مِٽيو سَنسو سيءُ.

مَنَمُکُ رَهي سَديءُ، گَهٽَ آڪاسَ مَهَه اَڪاسَ جان.

(24)

طَمعَ تِرڪائي، ڇَڏِيا جيءَ جَهانَ جا،

ڀَوَن ڀَؤ ساگَرَ ۾، ڪوٽَ جَنَمَ پائي،

سامي بَچِيو ڪو سورَمو، ساڌوءَ جي سايي،

لِنوَ سَچي لائي، چَڙهيو چيتَن چِٽَ تي.

(25)

طَمعَ ۾ تِرٖڪي، پيا سَڀِ جيءَ جَهانَ جا،

گوتا کائي گِيبَ جا، ساهُ کَتَنِ سُڏِڪي،

لَنگهي چَڙِهيو لَکَ تي، ڪو پريمي پُلِڪي،

مَمِتا جِي مَٽڪي، جَنهن سَٽي وِڌي ساڌَ سَنگِ،

(26)

طَمَعَ تِرڪائي، وِڌا جيءَ وَهَڻَ ۾،

گوتا کائِنِ گَيبَ جا، ڪوٽَ جَنَمَ پائي،

سامي مِليو سَروپَ سان، ڪونيهي لِنوَ لائي،

جنهن کي جاڳائي، سَتِگُرَ ساوِڌانُ ڪَيو.

(27)

دُئيتَ سَڀِ دُکي، ڪَيا جيءَ جهانَ جا،

شاهَ، وزيرَ، اَميرَ، پيرَ، مهاجَنَ، مُکي،

سَدا رَهنِ سامي چَئي، سَمِتاوانَ سُکي،

بِنا رَسَ رُکي، ڳالهه نَه ڪَرِنِ ڳُجَهه جي.

(28)

جاڳَئي بِنا جِنُ، ڀُلـٖـي ڪينَ ڀَرَمَ جو،

سامي لڳو سَڀَ کي، ٻُڌِي واچَ وِگِهنُ،

ڪو نيهي نِرَپاڻُ ٿِيو، ڇَڏي جات وَرنُ،

ڏِٺو جنهن اَڀِنُ، اَندَرِ ٻاهرِ آتما.

(29)

ڪَري چاهَ چَرِي، ڇَڏي خَلقَ خُداءِ جي،

مِرگَهه تِرشِنا جي وَهَ ۾، وَهَنَ وَري وَري،

سامي لَنگِهيو ڪو سورَمو، تَوَڪَلَ ساڻُ تَري،

جَنهِن کي گُرَ گَهِري، سُرڪي ڏِني سَچَ جي.

(30)

چَهَڙِي چمارِي، چاهَ چَپَلَ چِنتا ڀَري،

 سامي کَسـٖـي سَمَتا سُکُ ڏيئي ڏيکاري،

رَهي اَليپُ آڪاسَ جان، ڪو وِرِلو وِيچاري،

سَٽـٖـي پِنڊَ ساري، مِليو سارَ سَروپَ سان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org