سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :8

(102)

ڪوڙا ڪَهاڻي، ڪوڙي ڪَنِ ڪَلِپَ جي،

سَتِ ڄاڻي سَنسارَ کي، وِلوڙِنِ پاڻي،

سامي سَچارن جي، سَچي ٻُڌِ ٻاڻي،

سَڀَ گَهٽِ سَماڻي، جوت ڏسَنِ جڳديسَ جي.

(103)

ڪوڙا ڪوڙ ڪَري، ڦاهيءَ ڦاسنِ پاڻهين،

ڀَوَنِ ڀَؤ ساگَرَ ۾، نانا روپَ ڌَري،

سامي سَچارنِ کون، پيءُ نَه رَهي پَري،

پِيئنِ پاڪُ ڀَري، پِيالو پريمَ آگمَ جو.

(104)

ڪوڙا ڪوڙيءَ لارَ، لَڳا مايا موهَ جي،

کوهي مانُکَ ديهِه کي، رُئنِ زارون زارَ،

ماڻنِ سُکُ سَروپَ جو، سامي سَنتَ سچارَ،

جِتِ جيتَ نَه هارَ، تِتِ ڪَيائون تَڪيو.

(105)

ڪوڙا ڪَري ڪَرِتَبُ، ڏيکارِ نَه سَڀَ ڏيهه کي،

اَڳِيون عَجيبن جي، ڇُپي ڪينَ ڪَسَب،

سامي سَچارَنِ کي، ڪونهي، لالَچ لَب،

راتِيون ڏِينهان رَبُ، ڏِسَنِ پانهنجي ڏيلَ ۾.

(106)

ڪوڙا ڪَٿي ڪَٿَ، ٻُڌائِنِ ٻِينِ کي،

وَهَنِ پاڻَ وَهَ ۾، هاري سَڀُ هِمَٿَ،

پُورنُ ڄاڻَنِ پيءَ کَي، سورَما سَمَرٿَ،

جن کي ڏيئِي هَٿَ، سامي رَکيو سَتگُروءَ.

(107)

ڪُوڙو ڪَمِينو، سچ سڃاڻي ڪِينَڪي،

کائي نِتُ خواريءَ، سان، رُلِي روزينو،

سامي مِليو سَروپ سان، ڪو پريمي پَربينو،

ڪَٽي ڪِبرُ ڪينو، ماڻي مَوجَ مُڪِتِ جي.

(108)

ڪوڙَنِ ڳالهِه ڪَچِي، مَنِي ڪُوڙَ ڪَلَپَ جِي،  

مَرَنِ مايا موهَ ۾، پَنهنجو پاڻَ پَچي،

سَچارَنِ سامي چَئي، سَمُجهي ڳالهِه سَچي،

رَهيا رَنگ رَچي، سُتَهَه سِڌِ سَروپ جي.

(109)

ڪوڙَن کي قَدُرُ، ڪونهي مانُکَ ديهِه جو،

ڀَوَنِ ڀؤ ساگَرَ ۾، ٿي اَڌيِنُ اَتُرُ،

سَچارَن سوڌي لَڌو، ٺِڪَرَ مون ٺاڪُرُ،

عينَ اَڀيدَ اَڦُرُ، سامي رَهَنِ سُڀاءِ ۾.

(110)

ڪوڙَنِ جو ڪَلياڻُ، ٿِئي نَه سَمَتا سَچَ ري،

توڙي سَڀَ ساڌَنَ ڪَرِنِ، مارِنِ پَنهنجو پاڻُ،

سامي سَچارنِ سان، سَدا ساجَنُ ساڻُ،

پائي پَدُ نِرَٻاڻُ، ماڻِنِ دورَ دَرسَ ساڻُ،

(111)

ڪوڙَنِ کي ڪَرِتوُ، ويدنَ چَيو وِڌِ سان،

سامي سَچارنِ جو، سُتَهَه پاڪُ پَدَوُ،

پورَنِ ڏِسَنِ پيءَ کي، ميٽي ڀولو ڀؤ،

سونارڪو سَوُ، لوهَرَ جو ڌَڪُ هِڪڙو.

(112)

ڪوڙِي پوشا پوشَ، مورَکَ ڪَنِ مَرَمَ ري،

رَهَنِ مايا مَڌَ ۾، سَدائي بيهوشَ،

سامي ماڻِنِ سانتِ سُکُ، ڪي نيهي نِرَدوشَ،

لَنگهي پَنجَئي ڪوشَ، چَڙهيا چيتَنَ چِٽَ تي.

(113)

ڪوڙَنِ جو ڪَلياڻُ، ٿئي نَه سَمتَا سَچَ ري،

توڙي سَڀِ ساڌَنَ ڪَري، مارِنِ پنهنجو پاڻُ،

سَدا سَچارَنِ جي، سَڄَڻُ، رَهي ساڻُ،

پائي پَدُ نِرَٻاڻُ، سامي ماڻِنِ سيجَ سُکُ،

(114)

ڀولو پِيو ڀاري، جُدائيءَ جو جڳَ ۾،

تَپي تَنهن جو تاوَ سان، نَچَنِ نَرَ ناري،

سامي ويٺو سَمَ ٿي، ڪو ورلو وِيچاري،

بيحَدَ جِي ٻاري، پَٽي ڏِٺو جنهن پاڻَ کي.

(115)

ڀُلِي ڀَڃِچَٽُو، ڀَوَنِ ڀَؤ ساگَرَ ۾،

کَنيو نِتُ کَپَتِ جو، سامي ساڻُ ٽَٽُو،

کيپَ کَٽي گَهرِ آئيو، ڪو پريمي پِنڊَ سَٽُو،

لوئِي، شالَ، پَٽُو، ڄاڻي اَنڀَئِه اُنَ جـٖـي.

(116)

ڀاري لَڳي پِٽ، اَوِديا جي اَنڌن کي،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، ڪَرِنِ ڪوٽَ ڪَشٽَ،

سامي سُجاکَنِ جي، چِتِ ۾ چيتَنَ چِٽَ،

عينَ اَڀيدَ اَمِٽَ، ماڻِنِ دورَ دَرَسَ جِي.

(117)

ڀَرَمُ مِٽيو ڀاري، جُدائيءَ جو جَڳَ ۾،

جَنِمَنِ مَرَنِ جيءَ سَڀ، بَڻِي ديهِه ڌاري،

سامي مِليو سَروپَ سان، ڪو آتَمُ اَڌِڪاري،

نانَتَ نِواري، جاڳي جَنهن اَندَرَ جي،

(118)

ڀَرَمَ منجهه ڀَٽِڪي، مورَکَ مُئا ڪيترا،

سَتِ ڄاڻي سَنسارَ کي، اَنڌا پِيا اَٽڪي،

ڀَرڪِي ڀَڳي ڪَنهن ڀاڳوان، مَمِتا جي مَٽِڪي،

لُٽڪـٖـي مَنجِهه لَٽِڪِي، سامي رَهيو سَروپَ جـٖـي.

(119)

ڀَرَمَ مَنجِهه ڀُلي، پِيا سُڀِ جيءَ جَهانَ جا،

پَرچي ڏِسَنِ نَه پانهِنجو، اَنَڀَئِه گَهرُ اَصُلي،

ڪوعاشقُ چَڙهيو اَڇَ تي، ميٽي ڪَلپَ ڪُلي،

جَنهن جو ڪَنولُ کُلي، سامي پِيو سَنگِ ساڌَ جي.

(120)

ڀَرَمَ مَنجِهه ڀُلي، پِيا سَڀيئي سَنسارَ ۾،

جَنِمَنِ مَرَنِ مَتِ ري، رَسَنِ ڪاڻِ رُلي،

سامي لَڌو ڪَنهن سورَمي، اَنَڀَئِه گَهرُ اَصُلي،

ميٽي ڪَلپَ ڪُلي، اَسِٿتِ ٿِيو آڪاس جان.

(121)

ڀيدُ ڀرَمَ ڀاسي، جنهن کي جيءَ بِرهَمَ ۾،

تنهن کي ڪالُ ڪَلِپَتِ جو گِرَهي گِراسي،

ساکَ ڏِني سامي چَئي، نيهيءَ نراسي،

جَنهن جو پَٽُ پاسي، سَمُجهائي ڪَيو سَتِگروءَ،

(122)

ڀوتُ لَڳو ڀاري، آڻَ هوندو اَنڌَنِ کي،

ديهي ڄاڻِي پاڻَ کي، نَچي نَرُ ناري،

رهي اَليپُ اَڪاسَ جان، ڪو وِرلو وِيچاري،

سَٽي پِنڊَ ساري، سامي مِليو سَروپَ سان.

(123)

ڀوتُ لڳوو ڀارو، سَڀَ کي ڀيدَ ڀَرَمَ جو،

پائي ڀَوَنِ پاڻَهين، ڳچيءَ ۾ ڳارو،

سام رَهي ڪو سورَمو، نَڀَ جان نِيارو،

جاڳِي جڳُ سارو، لَئِه ڏٺو جنهن لکَ ۾.

(124)

ڀوڳَنِ ڀُلائي، وِڌا جيءَ وَهَڻَ ۾،

گوتا کائِنِ گَيبَ جا، ڪوٽَ جَنَمَ پائي،

سامي بَچيو ڪو سورَمو، ساڌوءَ جي سايي،

مَمَتا مِٽائي، پورَنُ ڄاڻي پيءَ کي.

(125)

ڀوڳَنِ ڀُلائي، وڌا جيءَ جَهانَ جا،

پاڻُ پانهنجو پاڻَ ۾، ويٺا وِڃائي،

سامي سمُجَهنِ ڪِينَڪي، ڪوٽَ جَنَمَ پائي،

ڇُٽو ڇڏائي، تَه اَچَنِ اَنَڀَئِه پَدَ ۾.

(126)

بِنان ويساهَ وِسا، ڀُلي پِيا ڀَرَمَ ۾.

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، ڪُوڙا ڪَنِ قِصا،

ڪو عاشِقُ چَڙهيو اَڇَ تي، ميٽي مَنَ مَنشا،

سامي سَروَ دِسا، پُورَنُ ڏِسي پيءَ کي.

(127)

بيحَدِ بَڪَ بَڪي، ٻَڌو جيءُ ٻِيائيءَ ۾،

سامي چَئي سِرڻِ جان، طَمعَ نِتُ تَڪي،

اَنَڀَئِه گَهرَ آتَمَ ۾، پاتو ٿانءُ ٿَڪي،

جنهن کي پُورِ پَڪي، پارِ لَنگهايو پاتِڻيءَ.

(128)

بِنا ڏرَ ڏري، جڳَتُ سَڀوئي جيءَ ۾،

پَرِڇَنُ ڄاڻِي پاڻَ کي، جَنِمي نِتُ مَري،

پورَنُ ڏِسي پيءَ کي، ڪو نيهي نيڻَ ڀَري،

جنهن تي هَٿُ ڌَري، سامي پورو سَتِگُرو.

(129)

بِنا گَپَ گَپِي، پِيا سَڀِ جيءَ جَهانَ جا،

مَرَنِ مَتِ مَرَمَ ري، کَپَتِ مَنِجهه کَپي،

ڪَنهن سُجاکي سورَمي، سامي ڪَلِپَتِ ڪَٻي،

جنهن کي ڇُٽي ڇَپِي، لَکَ لکائِي اَنَڀَئِي.

(130)

بِنا گَپَ گَپِي، پِيا سَڀِ جيءَ جَهانَ جا،

مَرَنِ مَتِ مَرَمَ ري، کَپَتِ مَنجهِه کَپي،

ڪَنهن سُجاکي سورَمي، ڪَلِپَتِ ڳَنڍ ڪَپي،

جَنهِن کي ڳالهِه ڇَپِي، سامي ٻُڌائي سَتِگروءَ.

(131)

ٻوڙا ڪِينَ ٻُڌنِ، دانهان دَردَ وَندنِ جون،

مِرگَهه تِرشِنا جي جَلَ ۾، وَهِيا نِتُ وَڃَنِ،

سَمُجِهي ڪي سامي چَئي، پريمي پارِ پَون،

جاڳي ڏِٺو جَنِ، اَندَرِ ٻاهَر آتما.

(132)

ڦاهيءَ ري ڦاٿِي، خَلَقَتَ خامَ خِيالَ ۾،

سامي ماري سَڀَ کي، سُپَنَ جو هاٿي،

جاڳِي ڪَنهِن جَتَنَ ري، لُوتَپو لاٿي،

سَدا سَنگِ ساٿي، ڏِسـٖـي اَنَڀَئِه آتَما.

(133)

بِنا ويساهَ وِسا، ڀُلِي پِيا ڀَرَمَ ۾،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، ڪوڙا ڪَنِ قِصا،

سامي سُوڌي سُڌِ ڪَئي، مَحَبَتنِ مَنشا،

دوستُ دَهَ دِسا، پورَنُ ڏِسَنِ پَڌرو.

(134)

ڦُرني مَنجِهه ڦاسي، پيا سَڀِ جيءَ جَهانَ جا،

رَهي اَليپُ آڪاسَ جان، ڪو نيهي نِراسي،

سامي جنهن کي سَرٻَ گَتِ، سَمَ سَتا ڀاسي،

گنگا، گَيا، ڪيدارُ، ڪاسي، ڀَوٖي ڪينف ڀُلَنِ جان.

(135)

ڦُرني سَڀ ڦاهي، ڇَڏيا جيءَ جَهانَ جا،

ڀُلِي پَونِ پاڻَهِين، روپَ رَنگَ ٺاهي،

سامي سَٽِي ڪَنهن سورَمي، پَرِڇَنِ پِنڊَ لاهي،

نَڪِي رُلـٖـي راهـٖـي، نَڪي کَڻـٖـي خُوارُ ٿي.

(136)

ڦُرِني ڪَري ڦوڪُ، ڪَيا سَڀِ جيءَ جَهانَ جا،

ڀَوَنِ ڀَؤ ساگَرَ ۾، پائي طَمعَ طوقَ،

اِسٿِتِ رَهي آڪاسَ جان، ڪو اَوڌوتُ اَسوڪُ،

جاڳي لوڪُ پَرَلوڪُ، لَئِه ڏِٺو جَنهن لکَ ۾.

(137)

ڦُرني ڦُري فَقيرَ، ڪيا جيءَ جَهانَ جا،

پِٽِنِ ڪارَڻِ پيٽَ جي، ڌَري سگَهنَ نَه ڌيرَ،

سامي ڪي ساڌو بَچيا، گِيانَوانَ گَنڀِيرَ،

پاڻَ لکايو پِيرَ، جَنِ کي پُورَنُ پاڻَ ۾.

(138)

ڦُرني ڦاسائي، ڇَڏيا جيءَ جَهانَ جا،

ڀُلِي ڀَوَنِ پاڻَهين، ڪوٽَ جَنَمَ پائي،

سامي بَچيو ڪو سورَمو، ساڌوءَ جي سايي،

مَمَتَ مِٽائي، سَدا ماڻي سيجَ سُکُ.

(139)

ڦُرني مَنجِهه ڦاسي، پِيا جيءَ جَهانَ جا،

ڀُلِي ڀَوَنِ پاڻَهين، چَريا چوراسي،

سامي بَچيو ڪو ساڌَ سَنگِ، وِرلو ويساسي،

آلکُ اَبِناسي، گِهري لَڌو جَنهن گَهرَ ۾.

(140)

ڦُرني ڦاسائي، وِڌا جيءَ وَهَڻَ ۾.

گوتا کائِنِ گَيبَ جا، ڪوٽَ جَنَمَ پائي،

سامي بَچيو ڪو سورَمو، هَرِ سان لِنوَ لائي،

ويٺو وَڄائي، نگارو نِرَٻاڻَ جو.

(141)

ڦُرني ڦاسائي، ڇَڏيا جيءَ جَهانَ جا،

ڀونِ ڀؤ ساگَرَ ۾، ڪوٽَ جَنَمَ پائي،

تَنهن جو ليکو ڪونَ ڪو، جنهن کي ڇُٽو ڇَڏائي

ويهِي وَڄائي، نگارو نِرَٻاڻَ جو.

(142)

ويدَ پَڙِهي وادِي، مورِکَ ٿِيا مَرَمَ ري،

جاڳِي جاچِنِ ڪِينَڪي، موڙِي مُرادي،

لَڌِي لَک اَلک جي، ڪَنهن عاشِقَ آلادي،

سَدا سماڌي، سامي رَهنِ سُڀاءَ ۾.

(143)

ويدنِ بِگاڙي، ڪوڙين ڇڏيا ڪيترا،

پَهُتو چاهِنِ پَدَ ۾، ڪَري گَڏهُ ڀاڙي،

ڪو عاشِقُ آيو گَهرَ ۾، لِنوَ سان مَنُ لاڙي،

اَکيون اُگهاڙي، پَرتکِ ڏِسي پيءَ کي.

(144)

پَڙهي پُرجهائي، سِياڻو بَڻِي سَڀ کي،

مايا ڪارَڻِ مَنَ کي، دَهَ دِسِ دوڙائي،

پيهي ڏِسي نَه پاڻَ کي، مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

جاڳِيو جاڳائي، تَه سُکي ٿِئي سامي چَئي.

(145)

وِسَنِ وِساري، ڏِنو اَنَڀَئِه آتَما،

لُڙهي لَهَوارا ٿِيا، هِيرو جَنَمُ پائي،

اُلَٽِي ڪَنهن عاشِقَ ڏِٺو، سامي سَنڀاري،

چڙِهي چَوٻاري، سَيلَ ڪَري سَنسارَ جا.

(146)

وِسَنِ وِڃايو، گَهرَ جو ڌڻي گَهرَ ۾،

اُلَٽِي ڏِسَنِ ڪِينَڪي، جنهن جڳُ اُپايو،

سامي سُجاکَنِ کي، اَنَڀَئِه ۾ آيو،

پَنهنجو پَرايو، خِيالُ سَٽي خاموش ٿِيا.

(147)

وِسَنِ وِساري، ڇَڏيو اَنَڀَئِه آتَما،

ڀَوَنِ  ڀَؤ ساگَرَ ۾، نانا روپَ ڌاري،

وِرِلي ڪَنهن گُرَمُکَ لَڌو، وِڌِ سان ويچاري،

نانَتَ نِواري، سامي ماڻي سانتِ سُکُ،

(148)

وِسَنِ وِساري، ڏِنو اَنَڀَئِه آتَما،

دَرِ دَرِ ديوانَنِ جان، پُڇَنِ پُڪاري،

پَرتکِ ڏِسَنِ نَه پاڻَ کي، سامي سَنڀاري،

ڏِٺو ڏيکاري، تَه اِسٿِتِ ٿِيَنِ رامَ ۾.

(149)

وِسَنِ وِڃايو، پَرتکِ پورَنُ آتَما،

جَنهِن سان سَڀِڪي سِڌِ ٿِئي، پِنهنجو پَرايو،

وِرلي ڪَنهِن گُرَمُکَ کي، اَنَڀَئِه ۾ آيو،

رَمِي رَنگ لايو، سامي سَنسي ڀَرَمَ ري.

(150)

وِسَن وِڃايو، پرتکِ پورَنُ آتَما،

ديهي ڄاڻِي پاڻ کي، ڦاهيءَ ڦاسايو،

ورلي ڪَنهن گُرَمُکَ کي، اَنَڀَئِه ۾ آيو،

سامي سَمايو، جَلَ پَپوٽو جَلَ ۾.

(151)

وِسا بِنا ويچارَ، ڀَوَنِ ڀَؤ ساگَرَ ۾،

گوتا کائِنِ گَيبَ جا، رُئَنِ زارون زارَ،

ماڻِنِ سُکَ سَروپَ جا، ڪي نيهي نِراڌار،

سَدا رَهن هڪَ تارَ، سامي سَمَ سُڀاءَ ۾.

(152)

وِسا وِساري پاڻُ، ڀَوَنِ ڀؤ ساگَرَ ۾،

سَتِ ڄاڻي سَنسارَ کي، ڇاڻِنِ ڇاڻِيو ڇاڻُ،

ماڻي سُکُ سَروپَ جو، ڪو ساڌُو جَنُ سُجاڻُ،

سَدائين  نِرَٻاڻُ، سامي رَهي سُڀاءَ ۾.

(153)

وِسا وڃائي ويٺا اَنَڀَئِه آتما،

رُئنِ رت اکِنِ مون، پُڇَنِ پَڇتائي،

سامي سُجاکَن ڏِٺو، مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

مَمتا مٽائي، سَدا ماڻِن سيجَ سُکُ.

(154)

وسا وڃائي، ڦولِنِ اَنَڀَئِه آتَما،

اُپَجي نِپجَي جَنهِن ۾، سَڀُ جڳُ سَمائي،

سامي سُجاکَنِ ڏِٺو، مَنهن مَڙهيءَ پائي،

لِنوَ سچي لائي، سَدا سانتِ سُکُ.

(155)

آدِ وِيادِ اُپادِ، ٽيئي تاپَ لَڳا هِنَ جيءَ کي،

وَهِي تَنِ جي وَهَ ۾، سو جَنَمُ وِڃائي بادِ،

جاڳي ڪَري نَه يادِ، سامي سُپيرِيَنِ کي،

(156)

سَهَسين سَناسي، گُرو گوسائين گِيانَوانَ،

ڪوڙين گُهمَنِ ڪيترا، نانگا نِهڪامي،

سُکي سي سامي، پاڻُ ڪَڍيو جَنِ پاڻَ مون.

(157)

لافان لَکَ هَڻَنِ، پَنڊِتُ ڄاڻي پاڻَ کي،

ڳالهِيون ويدَن جون ٻُڌي، مَرَمُ نَه رکَنِ مَنِ،

ٺاڪُرُ وَسي گَهرَ ۾، سو اَنڌا ڪينَ ڏسَنِ،

لکايا لَهَنِ، سامي سُپيرِيَنِ کي.

(158)

پاڻيءَ مَنجِهه مَري، مِينَ پِياسي پاڻَهِين،

ڀَرَمَ مَنجِهه ڀُلي ڪَري، دَهَ دِسِ گَوَنُ ڪَري،

بِنا پريمَ پَري، سامي ڄاڻي سِيرَ کي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org