سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :10

(31)

مايا مَواسِي موهي ڪَيو ماڙُنِ کي،

ڀَلي ڀَوَنِ پاڻَهين، چِتَ ۾ چوراسي،

سامي بَچِيو ڪو ساڌَ سَنگِ، ورلي ويساسي،

اَلکُ اَبِناسي، جاڳي ڏٺو جَنهِن جوتِ ۾.

ڀاونا

(الف)

(1)

سَڀَ کي ڏئي ڦَلُ، سامي پَنهنجِي ڀاوَنا،

چَونِ ويدَ پُرانَ ٿا، ايها ڳالهِه اَصُلُ،

ڏنائون ڪَري نِرَملُ، حاضُرُ شِيشو هَٿَ ۾.

(2)

ڀاوَنا ڏئي ڀاڙو، سَڀَڪَنهِين کي پانهِنجو،

سَمُجِهي ڏِسُ سامي چَئي، ڪَڍي ڪيِٻاڙو،

ساجُهر سُپيرِيَنِ ڏي، ڪَرِ لِنوَ سچيءَ لاڙو،

اَهِڙو ڏِهاڙو، موٽي ايندءُ ڪِينَڪِي.

ڀاونا

(ب)

(1)

ڀاونا ڪَري ڀوتُ، راڪَسُ، مانُکُ، ديوتا،

ڀاونا ڀڳَتُ گِياني، اَچارجُ اَوڌوتُ،

ڀاونا ڀَرِتا اِستِري، گُرو چيلو، پوتُ ڪَپوتُ،

سامي سَڀَ جو سوتُ، ڀاڳِوتَنِ ڀاونا چَئِي.

(2)

ڀاونا ڏئي ڀاڙو، سَڀَڪنهِين کي پانهِنجي،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، ڇَڏي روسُ راڙو،

ساجُهرُ ڪَرِ سائينءَ ڏي، لِنوَ سَچيءَ لاڙو،

اَهڙو ڏِهاڙو، موٽي ايندُءَ ڪِينَڪِي.

(3)

ڀاونا ڪَري ڀڳَتُ، مِلائي مَحَبوبَ سان،

ڀاونا وِجِهي ڀَرَمَ ۾، نِتُ رُئاري رَتُ،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، ڇَڏي موهُ مَمَتُ،

گِرهِستي آئون وِرکَتُ، ڀاونا ۾ ڀاسِي رَهيو.

(4)

ڪَري ڪَرَمَ ڪَرُورُ، ڀاونا ڀَويــٖـن دَهَ دِسا،

ڀاونا ۾ اَميرُ ٿِئي، ڀاونا مَنجِهه مَزورُ،

سامي ڀاونا ساڌَ سَنگِ، ميٽي سَنسو سورُ،

ڀاونا ڏِسـٖـي ڀَرپورُ، اَندَرِ ٻاهَرِ آتَما.

(5)

ڀاونا ڀَرَمُ ڪَري، ڀاونا ڪَٽي ڀَرَمُ سَڀُ،

ڀاونا سُڃو سکِڻو، ڀاونا سُڀَرُ ڀَري،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، نِرمَلُ ڌِيانُ ڌَري،

ڀاونا پيءُ پَري، ڀاونا اَکِنِ اوڏڙو.

(6)

ڀاونا گِيانُ، ڌِيانُ، ڀاونا مورَکُ مَسخِرو،

ڀاونا پاپي، پاکَنڊي، ڀاونا، دانُ، سِنانُ،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، ڇَڏي سَڀُ اَڀمانُ،

ڀاونا کون ڀڳَوانُ، پَلَڪَ پَراهون نَه ٿِئي.

(7)

ڀاونا ڀَوائـٖـي، چوراسي لَکَ جوڻِ ۾،

ڀاونا مَنُ نِهَچَلُ ڪَري، لِنوَ سَچي لائي،

سَجُهي ڏِسُ سامي چَئي، مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

ڀاونا لکائي، پَرتکِ پورَنُ آتَما.

(8)

ڀاونا ڀَنوائي، چوراسي لَکَ جوڻِ ۾،

ڀاونا گوتا گَيبَ جا، کَپِي نِتُ کائي،

ڀاونا مِلي ساڌوءَ سان، ساڌَنَ ڪَمائي،

پَدَ ۾ پَهُچائي، شُڌِ ڀاونا سامي چَئ

 

(ڀاڱو ٻيو)

 

سلوڪ ساڌ مهما

(الف)

(1)

ٺوڪي وَڄائي ڏِٺا، جيءَ جَهانَ جا،

سَڀُڪو مَطِلَبَ پانهنجي، ٻُنڌي ڳالهائي،

مَطِلَبَ ري ڪو مَهَدِ جَنُ، سامي سَمُجهائي،

مَمِتا مِٽائي، نِرَمَلُ ڪَري نَڀَ جان.

(2)

اَٿِي بي شُمارُ، ساکان ساپُرِسَنِ جون،

نانا جُڳِتِنِ سان ڪَري، ڪَيائون پَرَ اُپَڪارُ،

وچون واچ ڪڍي ڪَري، سامي سمُجهـٖـين سارُ،

ته اَودِيا جو اَهَنڪارُ مِٽي وڃيئي مَنَ مون.

(3)

جيڪو هَٺُ هاري، سَرَنِ پَئـٖـي ساڌوءَ جي،

تنهن کي پِيالو پِريمَ جو پَرچي پياري،

آڻي غرِقيءَ گَسَ ۾، اَچَرَجُ ڏيکاري،
نانَتَ نِواري، سامي چَڙهِيو سِيرَ تي.

(4)

ساڌوءَ جو اُپَڪارُ، ڪَهِڙو ڳَڻيان مُکَ سان،

ڦيري هَٿُ مَٿي تي، ڪيائين سيتَلُ سارُ،

سامي سَڀُ مِٽِي ويو، اَوِدِيا جو اَهَنڪارُ،

ساکي سِرِجَڻهارُ، وَٺي ڏنائين هَٿَ سان.

(5)

آهِنِ پوجَڻَ جوڳُ، ساڌُو جَنَ سَنسارَ ۾،

ڪَڍِيو جَنِ اَندَرَ مون، سَمُجهي سَنسو سوڳُ،

ساکِي سارَ سَروپَ ٿي، ڀوڳِنِ ڀوڳُ اَڀوڳُ،

اَوِديا ڪَلِپَتَ روڳُ، سامي ڪَٽِنِ سَڀَ جو.

(6)

اَنَنَ اُپِڪاري، ساڌُو جَنَ سَنسارَ ۾،

ڏيئي ڌِيرَ ڌَرِمَ جي، مَمِتا جَن ماري،

سارِي وِسُ تاري، جوڙيٖ جَهازُ ڀَڳَتِ جو.

(7)

اَڪٿُ ٿا ڪَٿِنِ، ساڌُو جَنَ سَنسارَ ۾.

جِتي نَه مارگُ مَنَ جو، تِتي ساٿُ سَٿِن،

دَيا ڌاري دِلِ ۾، سامي سارُ ڏَسِن،

وِجهِي نَٿَ نَٿِن، ٿا جڳِياسيءَ جـٖـي جيءَ کي.

(8)

چَئي ٻُڌائِنِ، ٿا ساڌؤ حَرِفُ حِسابَ جو،

جُڳِتِنِ سان جوڙي ڪَري، اَلکُ لکائِنِ،

جهاتي سي پائِنِ، جي گُروءَ جي گَس پِيا.

(9)

عَجائِبُ آهن، عاقِلَ عَقُلَ جا ڌَڻي،

موڙي موڙَ سُکانَ جِي، ٿا لُڙَ مون لَنگهائِنِ،

جِتي ديرو دوسَ جو، تِتي پَهُچائِنِ،

ريءَ ڪُنجيءَ لاهِنِ، ڪُلِفَ سَڀِ قَلوبَ جا.

(10)

ڪَنهِن کي ڪِينَ جَهلِنِ، ساڌو سُڀَ ڪَرِمَ کون،

سامي وادِ وِوادِ کون، پانهِنجو پاڻُ پَلِنِ،

شِيشو دِلِ اَندَرَ جو، مَحَبَتَ ساڻُ مَلِنِ،

اَندَرِ وَلَ وَلِنِ، ٻاهِرِ ٻاڦِنِ ڪِينَڪـٖـي.

(11)

اَنڀِئه روپَ اَپارَ، ڀڳَتَ ڀاري ڀڳِوَنَت جا،

ٻُڌي پِريمُ تَني جو، ڀُلِي سُرِتِ سَنڀارَ،

سامي مِليا سَروپَ سان، ڪَري مَنُ نِرَڌارَ،

ٿِئڙا جڳِ جَئِڪارَ، سَنتَنِ ساپُرِسَنِ جا.

(12)

پُرِکَنِ جو پاڙو اَچـٖـي مليو ڪَنهِن پُنَ تي،

تَنِ ڪَجو پانهنجي پاند سان، ڏِسِي اُگهاڙو،

مِٽِيو سَڀُ اَندَرَ مون، سامي چئي ساڙو،

لوڪَنِ کون لاڙو، ڪَري مَنُ مگهن ٿيو.

(13)

نِرمَلَ نِرالا، ساڌو جَنَ سَنسارَ ۾،

ڪاڻِ نَه ڪَڍَنِ ڪَنهِن جي، سَدا سُکالا،

رَتا رَهَنِ رَنگَ ۾، مگَهنُ مَتِوالا،

ٻُڍا ۽ ٻالا، سامي ٿِئنِ ڪِينَڪِي.

(14)

ڪُسَنگُ ڇَڏائي، سوئِي ساڌُو سَتِ گُرُو،

ڏيئي گُڻَ هَرِ ڀڳَتِ جا، اَوگُڻَ مٽائي،

اَنترِ مُکِ جوڙي ڪري، اَودِيا پَٽُ لاهي،

سامي لکائي، آتَمَ پَدُ اَکِنِ سان.

(15)

ڪيڏي وَڏائي، ڳَڻيان سَنتَ دَيالَ جي،

مِلِي جَنهِن مَرِدَ سان، اَنَڀئِه مَتِ آئي،

سامي سَمائي، نانا سَڀَ نِرٻاڻَ ۾.

 

(16)

مِليو ساڌو جَنُ، اَندَرِ اَوِدِيا نَه رهِي،

لوهو پارِسَ سان لَڳي، سَهَجي ٿِيو ڪَنچَنُ،

مِٽِي وِيَڙو مَنَ مون، سامي سَڀُ مَنَنُ،

آتَمُ پَدُ اَنَنُ، پائـٖـي پَرِچو پاڻَ ۾.

(17)

ساڌَوءَ سوناري، ڀڳَو جِيءُ سڄو ڪيو،

جَڙيائين جڳديسَ سان، نانَتَ نِواري،

لَنوَ لُنوَ سَڀَ ٺاري، سامي ڇَڏيائين ڇِنَ ۾.

(18)

ٺڳُ ڌيرِگُ آيو، ساڌو ٿي سَنسارَ ۾،

تنهن سامي جوڙي جيءَ کي، لِنوَ جادو ڀلايو،

اَمَلُ پِياري اَنڀَئِي، مَنُ ڀُلايو،

پنهِنجو پَرايو، مالُ ميڙي وِيو گَهرَ مون.

(19)

مَهان دُرَلَڀُ دَرِسَنُ، ساڌو جَنَ ساپُرِسَ جو،

سامي مِلـٖـي تَنهن کي، جَنهِن تي پِرين ٿِئي پَرسَنَ،

تَنُ مَنُ سَڀَ ڪَنچنُ، ڪَيري ڪَلِپَ ڪَڍي ڪَري،

(20)

ساڌوءَ ڪَيو سعيو، تَڏِي عاشق مُڪائين ايلچي،

مَنجهـٖـين خوابَ خِيالَ جـٖـي، تَنهن جوڙيٖ جاڳايو،

مِلائي مَحَبوبَ سان، سَڀُ سَنسو چُڪايو،

جَڏي سورِجُ سِرِ آيو، تَڏي اَنڌو اُٿي وِيو.

(21)

روح ڏِنو ريلو، لڳِي سِڪَ سَروپَ جي،

ملي مَهَدِ جَنَنِ سان، ٿِيَڙو، مَنُ چيلو،

تَنِ ڏيکاريو ڏيلَ ۾، مِليو اَڪيلو،

ميلي ري ميلو، سامي ٿِيو سَروپَ سان.

(22)

ويدَ پُرانَ پَڙهي، ميلَ نَه مِٽي مَنَ جي،

تَپَ تِيرَٿَ ساڌَنَ ڪَري، ڏِٺو غُفا مَنجِهه وَڙي،

سَمُجهه ري سامي چَئي، اُلٽي ميلَ چَڙهي،

ڀَڳِي ڀَرَمَ گَهڙي، مِلِي مَهَدِ جَنَنِ سان.

(23)

ويدَ وِمَل آهِنِ، ساڌو هِنَ سَنسارَ ۾،

ناڙِ نِهاريٖ مَنَ جِي، دِٻَ  دارون ڏَسائِن،

رَحَمَتَ ڪوٽَ جَنَمَ جِي، هِڪَ لَحَظي مَنجهه لاهِن،

جوڙي جاڳائِن، ڪامِلَ پَنهِنجي ڪَلَ سان.

(24)

حِرِصَ هَلاکُ ڪَيو، سامي سَڀَ سَنسارَ کي،

ڪايا مايا ڪُلَ جـٖـي، وَهَه ۾ وَهي وِيو،

ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو، پانهِنجيءَ مَنجهه پيو،

جَنهِن کي سَنگُ ٿِيو، سَنتَنِ ساپُرِسَنِ جو.

(25)

وِرلو ڪو آهي، ساڌو جَنُ سَنسارَ ۾،

جو جڳياسيءَ جي جيءَ جو، سنسو مِٽائي،

اَوِدِيا پَٽُ لاهي، سامي لَکائي سارَ کي.

(26)

وِرِلا جَنَ ڪيئي، ساڌو هِنَ سَنسارَ ۾،

ڪَڍِيا جَن اَندَر مون، سَنسا سَڀيئي،

سهي ڪَيائون سَڀَ ۾، پِرِيَنِ کي پيهي،

سَنَمُکُ ٿيا سيئي، سامي سُپيرِيَنِ جي.

(27)

سَدا ايڪانتي، ساڌو جَنَ سَنسارَ ۾.

پرچي پانهنجي گهر ۾، پاتي جَنِ جهاتي،

سامي سُڃاتي، مورتَ مَحَبوبَنِ جي.

(28)

سَدائين نِرِمَل، ساڌو جَنَ سَنسارَ ۾،

ليپُ نَه لَڳي تَنِ کي، جئين جَلِ رَهَنِ ڪَنوَلَ،

اَندَر سَمَ سيتلَ، ٻاهَرِ تَتا تاوَ جان.

(29)

سَدا سَمَ رهنِ، ساڌو جَنَ سَنسارَ ۾،

ٻُڌَن ڳالهائِن مَنَ ري، نيڻَنِ سان نِرکَن،

کائِنِ پِيئن خوشِ ٿي، هاجَ سَڀائي ڪنِ،

هَلايا هَلنِ، سامي سُپريَنِ جا.

(30)

ڀڳَتِ ڀِڄائي، ساڌو سِيتَلُ ڪَيا،

پاڻُ ڏِٺائون پاڻَ ۾، اَوِدِيا پَٽُ لاهي،

سامي چَڙِهيا سِيرَ تي، مَمِتا مِٽائي،

جڳَ کي جاڳائي، واٽَ ڏَسِنِ ويساهَه جي.

(31)

ساڌو سَڏَ ڪَري، سارَ لکائِنِ سَڀَ کي،

ڀَرَمُ ڇڏي ڪو ڀاڳوانُ، ديِکيا مَنِ ڌَري،

ڏِسِي پَنهِنجو پاڻَ کي، نِرِمَلَ نيڻَ ڀَري،

پَلَڪَ نَه ٿئي پَري، سامي تنهن کون سُپرين.

(32)

ڏسي ڇَڏائِنِ، ٿا ڪَرِمَ ساڌو جَنَ سِکَ کي،

جُڳِتِ سان جوڙي ڪَري، اَنتَرِمُکِ لائِنِ،

اَوِدِيا ڪوٽَ جَنَمَ جِي، مَنَ مون مِٽائِنِ،

سامي لَکائِنِ، آتَمَ پَدُ آکِنِ سان.

(33)

سَهَجـٖـي کُلِيو ڪِواڙُ، سُرتِ سَماڻِي نِرِتِ ۾،

جوتِ ڏِٺِي جڳَديسَ جي، حدَ بيحَدَ نِرَڌارُ،

سَنسو سوڪُ مِٽِي وِيو، پائي پَدُ اَپارُ،

ٿِئڙو جڳِ جَئِڪارُ، سامي ساپُرسَن جو.

(34)

سَڀَ جي پُڄائِن، سامي اِنڇا ساپُرِسَ،

خالي ڪَنهِن کي ڪِينَڪِي، مَرِدَ موٽائِنِ،

ڏِسي ڀاءُ اَندَرَ جو، پاندُ پَلَئِه پائِنِ،

سيوَڪَ کون لاهِنِ، اَوِدِيا پَٽُ اَنَدَرَ جو.

(35)

چَوَڻ مَنجِهه چَونِ، ٿا ساڌو سُڌ سَروپَ جي،

مَنَنُ ڪَڍي مَنَ مون، ڪي گرمُکَ سَمُجَهنِ،

سي سامي سَدا رَهَنِ، ٻُڌ وَرائي ٻوڌَ ۾.

سلوڪ ساڌ مهما

(ب)

(1)

جاچي سڀُ جَهانُ، ڏِٺُمِ ٻُڌِ وِويڪَ سان،

سامي آهي ڪونَه ڪو، ساڌو جَنَ سَمانُ،

جَنهن سَهَجـٖـي مَنُ سيتَلُ ڪيو، ڏيئي آتَمُ گِيانُ،

سَدائي قُربانُ، وَڃان تَنهن جي نانوَ تون.

(2)

پنڊِتَ پُڪرٖي، سارُ لَکائِنِ سَڀَ کي،

سامي سمُجِهي ڪو سورِمو، هِرِدي مَنجهه ڌَري،

لاهي ڇَڏي سِرَ تون، پَرِڇِنَ پِنڊَ پري،

سامي ڏسِي ٺَري، پَرِتکِ پورَنُ آتَما.

(3)

هَرِجَنَ ڪڍِي هَٽُ، ويٺا سؤدي سارَ جو،

سَمَ رکيائون ساهِمي، سَمَ رکِيائون وَٽُ،

وَٺي ڪو ويساهَه سان، نيهِي نِهَه ڪَپَٽُ،

پَرَميسَرُ پَرگَهٽُ، سُتَهَه ڏِسـٖـي، سامي چَئي.

(4)

هَرِجَنَ ڪَڍِي هَٽُ، ويٺا قَلَعي گَرَ جو،

مَنَ کي ڏيئي مُسِڪلِو، لاهِن ڪَلِپَتِ ڪَٽُ،

سامي ڏيکارِنِ ڏيِلَ ۾، پَرِميسَرُ پَرِگهٽُ،

تَنِ جي مِحِنَتَ مَٽُ، اَچي ڪينَ عَقُلَ ۾.

(5)

هرِجَنَ هَٽُ پَٽي، ويٺا سَودي سارَ جو،

وَٺي ڪو ويساهَ سان، سامي سرُ سَٽي،

پاڻُ وَرائي پاڻَ کي، ڏِسِي کيپَ کَٽي،

ڪَلِپَتِ سَڀَ ڪَٽي، اِسِٿِتِ ٿِئي آڪاسَ جان.

(6)

ڪيوَلَ ڪلولِي، ساڌو جَنَ سَنسارَ ۾،

جَنِ کي ڏِني سَتِگُروءَ، اَنَڀَئِه اَمولي،

سَٽي وڌائون سِرَ تون، پَرِڇِنَ پِنڊَ پولي،

هميشَه هولي، سامي ڪَنِ سَروپَ سان.

(7)

آئي کي آدَرُ، شَرِڌا سان ساڌو ڪَري،

مِٽيو جَنهن جي مَنَ مون، مَمَتا موهُ مَڪَرُ،

ڏِسـٖـي عينَ اَڪاسَ جان، پورَنُ پَرِ ميسَرُ،

سَدا اَجَرُ آمَرُ، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

(8)

ساڌو جَنَ سانجهو، ڪَنِ اُپَديشُ اَنَڀئِي،

سَمُجهـٖـي ڪو سامي چَئي، مَحَبَتي مانجهو،

ڪَٽيو جَنهن ڪِرپا سان، لوڪائِي لانجهو،

رومَ رومَ رانجهو، هَرِدَمُ ڏِسي هِيرَ جان.

(9)

جئين ڪَنوَلَ کُلِي، ڪَنِ خَشِبونءِ خوشيءَ جي،

تِئين ساڌو ڏِيَن سَڀَ کي، اَنَڀئِه اَڻَ مُلهي،

وَٺن وِڌِ ويساهَ سان، ڪي عاشِقَ اَصُلي،

ميٽي ڪِلپَ ڪُلي، سامي اَچَنِ سَنتوکَ ۾.

(10)

جيڪو دُکي جيءُ، سَرَنِ پَئي ساڌوءَ جـٖـي،

ميٽي تنهن جي مَنَ مون، سَهَجـٖـي سَنِسو سيءُ،

سامي لَکائـٖـي لَکَ سان، پَرِتکِ پورَنُ پيءُ،

چَوي جيءُ نَه ٿيءُ، پُٺي ڏيئي پاڻَ کي.

(11)

ساڌوءَ سَرَنِ پِيو، جيڪو هاري هِتَ سانَ،

سَهَجي تَنهِن جو سَتِگُروءَ، ڪارِجُ سِڌِ ڪِيو،

ڏيئي ڪَنڊِ ڪَلپَتِ کي، سامي سُکي ٿِيو،

بِنان ٻوڌ ٻِيو، ڏِسي ڪينَ آکِنِ سان.

(12)

ساڌوءَ جـٖـي سَرَني، لَکين لوڪَ تَري ويا،

سُکي ٿيا سامي چئي، وَچَنُ صافُ مَني،

پَرِتک ڏِسَنِ پانهنجا، ٻيڙا لڳا ٻَني،

ڪَبيرَ، رَوِداسَ، ڌَني، ساکَ ڏِني سَڀِني سَچي.

(13)

هَرِجَنُ حَضوري، اَچي مِليو اوچتي،

تَنهِن ڳالهِه ٻُڌائي ڳُجَهه جي، سَڀَ وَٽـٖـي پُوري،

سَمُجِهي آئي جيءَ کي، سامي صَبوري،

نَظَرَ ٿي نوري، حاجَتَ رَهِي نفه حَجَ جي.

(14)

ساڌو جَنُ سکي، مِلِيو ديسَ ملارَ جو،

تَنهِن جاڳايو زورَ سان، ٽيڍي رَمِزَ رکي،

سامي سِپَ سيتَلُ ٿي، بيحَدِ بوندَ چکي،

اَچـٖـي اَنَلُ پکي، اُلٽِي چَڙِهيو اَڪاسَ تي،

(15)

ساڌو جَنَ سُگَمُ، مارِگُ موکَ جو،

سامي رِکيو ڪَنهن سورَمي، ڪَلِپَتِ پارِ قَدَمُ،

ماري ڪيو جنهن مَنَ جو، ڀولائو سَڀُ ڀَسَمُ،

گَهَر ۾ گَهرُ گُهورَمُ، پائي ويٺو پاڪُ ٿي.

(16)

ساڌو جَنُ سَچارُ، اَچي مِليو اوچِتي،

ڪَيو تنهن ڪِرِپا سان، گِياتِ ڏيئي گُلزارُ،

رَهِيو نَه رَتيءَ جيترو، اَوِدِيا جو اَهَنڪارُ،

سامي چَئي سَنسارُ، لَئِه ڏِٺو سَڀُ لَکَ ۾.

(17)

ساڌو جَنُ سَچارُ، ڪاڻِ نَه ڪڍي ڪَنهِن جي،

جَنهن کي ڏِني سَتِگُروءَ، اَنَڀئِه مَتِ اَپارَ،

سُتَهَه رَهي سامي چئي، بَڻيءَ تي هِسَوارُ،

ٻولِي اَمِبرِتُ سارُ، سِيتَلُ ڪَري سَڀَ کي.

(18)

ساڌو جَنُ سَچارُ، ڪَري ڪانَه ڪَلپَنا،

جنهن کي اَزِغَئِبي چَڙِهيو، پورَنُ پِريمَ خمارُ،

پَرِتکِ ڏِسـٖـي پيءَ جو، دَهَ دِسا ديدارُ،

بَڻيءَ تي هَسوارُ، سَدا رَهي سامي چَئي.

(19)

ساڌو جَنُ سَچارُ، پاسي ٿئي نَه پيءَ کون،

سَمُجِهيو جنهن سامي چَئي، سُپَني جو سَنسارُ،

رکي نَه رَتيءَ جيترو، اَندَرَ ۾ اَهَنڪارُ،

جئين بيحَدِ ٻارُ، وَرِتي وِڌِ نِکيدَ ري.

(20)

ساڌو جَنُ سُچکُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪڙو،

مِٽيو جنهن جي مَنَ مون، سامي پَرڇَنُ پکُ

خالي ڏِسي ڪونَه ڪو، ڪَرِتا ٻاجهون ڪکُ،

ٿِي پورَنُ پارکُ، وَرِتـٖـي وِڌِ ويچارَ سان.

(21)

ساڌو جَنُ سَچو، ڪَري اُپَديشُ اَنَڀئِي،

سامي چَئي سَڀَ کي، اُلٽي گَهرِ اَچو،

ڪَڏي ٿِئي ڪِينَڪِي، ڪَلِپَتِ مَنجِهه ڪَچو،

رَهي رَنگ رَچو، سُتَهَه سُڌِ سَروپَ جي.

(22)

ساڌو جَنُ سُجانُ، مِليو پورَنَ پُنڃَ تي،

تنهين لکايو رَمِزَ سان، چِٽو چيتَنَ ڀانُ،

خالي جَنهِن کان نانهِه ڪو، ڪَرِن وِيدَ وکان،

اَندَرَ مون اَڀِمانُ، ڇڏي ڏسي ڪو سورَمو.

(23)

ساڌو جَنُ سُجان، ڪَري ڪانَه ڪَلِپَنا،

ڏِٺو جنهُن اَکِنِ سان، چَڙهيون چيتَنَ ڀانُ،

آهي جنهن جي آسري، سامي سَماڌِ اُٿانُ،

مِٽـٖـي سَڀُ اُنِمانُ، ماڻي مَوجَ مُڪِتِ جِي.

(24)

ساڌو جَنُ سِپاهِي، ماري مَنَ مَواسَ کي،

جوڌ اپَنجئي زورَ سان، ڪَري ڍَڍٖي جا گهائِي،

سامي چَلائي سَرِبَ گَتِ، عَدُلُ اِلاهي،

دَهَ دِسِ دُهائِي، ڦيري ڦُرِني فَوجَ بِنِ.

(25)

ساڌو جَنُ سُورو، سَدا رَسـٖـي سَنگِرامَ ۾،

مارِي کائِــٖـي مَنَ کي، اَنَڀئِه اَجورو،

سامي ڏِسـٖـي سَڀَ ۾، پَرَميسَرُ پورو،

کٿو، لوئي، ڀُورو، ڄاڻـٖـي اَصُلي اُنَ جو.

(26)

راتِ ڏينهن جو ڦيرُ، ڏِسَڻَ آئون ٻُڌَڻَ ۾،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، ساڌو جَنُ سُميرُ،

پَرِچي لَڌو جَنهن پَدَ جو، پَرِڇِنتا جو پيرُ،

ٿِي نِرَڀِئه نِرَويرُ، ڪَري عَدالتَ اَنَڀَئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org