سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :2

(4)

ڪَئي اَڻَ هوندِي حَرِڪَتَ، مايا خواب خِيالَ جِي،

جَنهن ۾ مُٺا ڪيترا، مورکَ ڪَري مَمَتَ،

جَنمَنِ مَرَنِ مَتِ ري، ڀَوَنِ اِتي کون اُتَ،

سامِي سَهَنِ دقَتَ، جاڳي ڏِسنَ نَه جوتِ کي.

(5)

رولو وِڌو رَن، جُدائيءَ جو جڳَ ۾،

ماري مُنجهائي سَڀَ کي، ڌاري نانا وَنَ،

سوٽو هَنيُسِ سَمَ جو، ڪنهن جاڳِي ساڌو جَنَ،

سَمُجهِي ويدَ وَچَنَ، سامي چَڙهيو چِٽَ تي.

(6)

مايا مِڙيئي، رَچيا ٺاهَه ٺڳيءَ جا،

ماري مورکنِ کي، ڏائڻِ ڏُکَ ڏيئي،

وِرِلي ڪَنهن گُرَمُکَ کي، سامي سُڌِ پيئي،

لوڪَ پَرَلوڪَ ٻيئي، لَنگهي چَڙهيو لَکَ تي.

(7)

مايا مُنهن ڪاري، ڪَنهن سان نيبهه ڪِينَڪي،

سَڀَ کي ماري موچڙا، ڏيئِي ڏيکارِي،

سامي بچيو بَلا کون، ڪو ڀاڳَوانُ ڀاري،

جَنهِن کي پِياري، سَتِگُرَ سُرڪي سَچَ جي.

(8)

اَنڌَنِ ڏي آئي، مايا بڻي موهِڻي،

ڦُري ڪِيائين ڦوڪَ سَڀِ، ڏيئي وَڏائي،

سامي سُجاکَنِ کون، ڀَڳي ڀَئُه کائي،

ڪَنِ شادي سَدائي، ماتامي گُرگِياتِ سان.

(9)

سَڀَ سان ساڻُ لَڳِي، رَهي مايا موهڻي،

سامي سَدائي ڪَري، ٻَڌِي ٺاهَه ٺَڳي،

سوٽي هَنيسِ سَمَ جي، ڪنهن جو ڳيسَرَ جَڳي،

ڀَئِه اُٿي ڀَڳي، ڪان ڪان ڪَندي ڪُتيءَ جان.

(10)

مايا مَچايو، ڪُوڙو کيلُ ڪَلپَ جو،

تنهن ۾ ڪَنِ تَدَروپُ ٿِي، مورَکَ مَنَ ڀايو،

وِرِلي ڪَنهن گَرمُکَ کي، اَنڀَئِه ۾ آيو،

سامي سَمايو، جَلَ پَپوٽو جَلَ ۾.

(11)

مايا مَچائِي، ڪوڙي راندِ ڪَلپَ جي،

سَچي ڄاڻي سَڀُ ڪو، ڇاڻي نِتُ ڇائي،

وِرِلي ڪنهن گُرَمُکَ کي، اَنڀَئِه ۾ آئي،

سامي سَدائي، اِسٿِتِ رَهي آڪاس جان.

(12)

مايا مواسِي، ڪِئا جيءَ جَهانَ جا،

ڀُلي ڀَوَنِ پاڻهي، چِتَ ۾ چوراسي،

سامي ڪَٽِي ڪنهن سورمي، ڦُرني جِي ڦاسي،

 اَلکُ اَبناسي، جاڳي ڏٺو جنهن جوتِ ۾.

(13)

مايا مَواسِي، ڪِيا سَڀِ جيءَ جهان جا،

پائي ڀَوَن پاڻهي، ڦُرِني جي ڦاسي،

وِرِلو ڪو گَرَمُکُ بَچيو، اُتَمُ اَڀِياسي،

آلکُ آبناسي، سامي ڏِٺو جنهن سَمَ ٿي.

(14)

مايا مَنجهه مَسِتانُ، مورکَ رَهنِ ڪيترا،

ڪال نه ڏسَنِ ڪَنڌَ تي، ڪَشِيو بيٺو ڪانُ،

وَرِتَن ويدَ ويچارَ سان، نيهي نِر اَڀمان،

ڀَڳَتِ ڏِني ڀگوان، جن کي پَرچي پانهنجِي.

(15)

مايا سَڀِ غلامَ، ڪيا جيءَ جَهان جا،

پِٽِنِ ڪارَڻ پيٽَ جي، وَڏا ويرَ وَريامَ،

سامي بچيا ڪي سورما، نِروِ ڪَلپَ نَهڪامَ،

جَن کي رَمِتا رامَ، ڏنو دَرِسَنُ ديهِه ۾.

(16)

چوڏهن لوڪَ چَٻي، مايا کاڌا موهَ سان،

زورُ تنهين تي جيوَ جو، ڦاٿِــٖـي ڪينَ ڦَٻي،

ماريو تنهن مَنحوسِ کي، ڪَنهن دَرَدَوندَ دَٻي،

سامي سَڄي کَٻي، پورن ڏِسي پيءَ کي.

(17)

مايا موهي مَنُ، موڳو ڪَيو ماڙُنِ کي،

سَدا ڪَن سامي چَئي، بنا گِيات گَوَنُ،

پَرِچي لَڌو پانهنجو، ڪنهن ويساسيءَ وَطنُ،

ميٽي جَنَمُ مَرَنُ، اِسٿَتِ ٿيو آڪاسَ جان.

(18)

مايا سَڀ موهِي، خَلقَ پانهنجي خيال سان،

ڀُلائي ڀڳونتَ کون، ڊوهُه ڪَري ڊوهي،

سامي بَچيو ڪو ساڌَ سَنگِ، عاشقُ اَڏوهي،

ٻوڌَ روپُ ٻوهِي، کيتِي جنهن خاموش مون.

(19)

مايا مُنجهائي، وِڌا جيءَ وَهَڻَ ۾،

سامي سَڀَ کي غيبَ جا، گوتا کارائي،

ڪو پِريمي لَنگهي پارِ پيو، مَنَ کي مَنائي،

ڏِئو جاڳائي، ڏِٺو جنهن اَنَڀئِي.

(20)

مايا مُنجهائي، موڳو ڪِيو ماڙُنِ کي،

پاڻُ پانهِنجو پاڻَ ۾، ويٺا وِڃائي،

سامي لَڌو ڪنهن سُورَمي، ساڌوءَ جي سايي،

وَتو سو پائي، جو اَصُلُ هو آد جو.

(21)

مايا مُنجهائي، موڳو  ڪِيو ماڙُنِ کي،

پاڻُ پانهنجو پاڻَ ۾، ويٺا وڃائي،

سامي لَڌو ڪنهن سورَمي، ساڌوءَ جي سايي،

اَندَرُ اُجلائي، ماڻي سُکُ سَروپَ جو.

(22)

مايا مِٺائي، کائي جيءَ خُوارُ ٿِيا،

ڀَوَنِ ڀَوَ ساگَرَ ۾، سامي سَدائي،

وِرِلي ڪَنهن گُرَمَکَ کي، انڀئِه ۾ آئي،

پانهنجي پَرائِي، تات ميٽي تَدَ روپُ ٿيو.

(23)

مايا مِتُر بَڻِي، موهي ماري سَڀَ کي،

رولي پانهنجي راڄ ۾، سدا ساڻُ کَڻِي،

سامي بَچِيو ڪو سورَمو، ساڌوءَ جِي سَرِڻـٖـي،

گَهرَ ۾ گَهرَ ڌَڻي، اَچلُ ڏِٺو جنهن آدِ جو.

(24)

مايا ماءُ بَڻِي، موهي مُسائي سَڀَ کي،

سامي کَسي سارُڌَنُ، کوهَ ۾ وِجهي کَڻِي،

ڪَيُسِ گُمُ گِياتِ سان، ڪنهن هَرِ جَنَ هَٿُ هَڻي،

گهر ۾ گهرَ ڌڻي، ڏٺو جنهن اَڀيدُ ٿِي.

(25)

مايا مَهَتارِي، موهي ماري سَڀ کي،

ڪنهن کي ڇڏي ڪِينڪي، ديهِي جنهن ڌارِي،

رَهي اليپُ آڪاسَ جان، ڪو وِرِلو وِيچارِي،

سامي سَنڀارِي، جَنهن آدي اَنڀئِه پانهنجِي.

(26)

مايا موهي ماري، سَڀني کي سامي چئي،

ڀَوَنِ ڀَؤ ساگَرَ ۾، ٻَلِي ٻَلُ هاري.

ڪو پِريمي لَنگهي پارِ پيو، ڌيرَ سَچِي ڌاري،

بيحَدَ ڏئو ٻاري، ڏيوُ ڏٺائين ڏيهه ۾.

(27)

مايا مُنهُن ڪارو، موهي ڪَيو ماڙُنِ جو،

پائي ڀَونِ پاڻَهي، ڳِچيءَ ۾ ڳارو،

سامي رهي ڪو سورمو، نَڀَ جان نِيارو،

جاڳِي جڳُ سارو، لَئِه ڏٺو جنهن لَکَ ۾.

 (28)

مايا بُري بَلاءِ، ڪَنهن کي ڇڏي ڪِينَڪي،

سامي لُٽي سَڀَ کي، ڏيئي حِرِصُ هَواءِ،

تَنهن جو ليکو  ناهه ڪو، جَنِهن کي سَچُ سَهاءِ،

صورَتَ سَڀ ئي جاءِ، ڏسي ڪُلَ عالَمَ ۾.

(29)

ڏورؤن هَڻي ڏنگُ، ناري، ڪاري، نانگڻي،

مورَکَ مُٺا ڪيترا، سامي ڪَري سَنگُ،

نِيارو رَهي نَڀَ جان، ڪو مَحَبَتي مَلَنگُ،

جَلَ ۾ جَلَ تَرَنگُ، لَئِه ڏِٺو جنهن لَکَ سان،

(30)

ڏورؤن هَڻي ڏَنگُ، ناري ڪاري، نانگڻي،

مُنَ رِکَ مُٺا ڪيترا، سامي ڪَري سَنگ،

وِرِلو ڪو گُرَمُکُ بَچِيو، نِراڌارُ نِهَنگُ،

بي رَنگيءَ جو رَنگُ، ڏِٺو جَنهن اَڀيدُ ٿي.

(31)

ڏُکِي ڪَري ڏوٽِي، مايا موهي سَڀَ کي،

ڪنهن کي ڇَڏي ڪينڪي کَلِکَلِ ري کوٽي

سامي هَنيسِ سَمَ جِي ڪنهن ساڌو جَنَ سوٽي،

مُنهنُ موڙي موٽي، تَڪي نَه تنهن تَدَ رُوپ ڏي.

(32)

ڏاڍي ڏيوالي، مايا ڏائڻ ڏندِري،

سامي ڪَيو جنهن سَڀَ کي، ڪِرِپَڻُ ڪَنگالي،

وِرِلو ڪو گُرَمُکُ رَهي، کَلِکَلِ کون خالي،

لُنئن لُنئن ۾ لالي، پَرِتک ڏٺِي جنهن پيءَ جِي.

(33)

ڏاڍِي ڏيوالي، مايا ڏٺي موهِڻي،

لُٽي ڪِيائين لوڪَ جو، خَزانو خالي،

سامي ڪو سُورُ بَچِيو، عاشقُ اَبِدالي،

پُوري گُرَ پالي، دَيا جَنهن تي دَرسَ جي.

(34)

مايا ڪرَي مَڪَرُ، موهي ماري سَڀَ کي،

پِنائي پولو ڪَري، گُهمائي گَهرُ گهرُ،

اِسِٿِتِ رَهي آڪاسَ  جان، ڪو ساڌو جَنُ سَڀَرُ،

پُورنُ پَرَ ميسَرُ، سامي ڏٺو جَنهن سَمَ ٿي.

(35)

مايا ڪَري مَڪَرُ، مورَکَ موهِيا موهَ سان،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، ڀَوَنِ ڀَو ساگَرُ،

سامي تَرِيو ساڌُ سَنگِ، ڪو داناهُ دُتَرُ،

پُورنُ پَرَ ميسَرُ، ڏِٺو جَنهن آڪاسَ جان.

(36)

مايا ڪَري مَڪَرُ، موهي، ماري، سَڀُ کي،

رَکي نَه رَتيءَ جيترو، ڏائِڻِ ڪنهن جو ڏَرُ،

سامي بَچيو ڪو سُورمو، سُجاکو، سُڀَرُ،

پُورَنُ پر ميسَرُ، ڏِٺو جنهن آڪاس جان.

(37)

مايا ڪَري مَڪَرُ، موهي ماري سَڀَ کي،

رَهي اليپُ آڪاسَ جان، ڪو نِراسُ نِڏرُ،

پَرِچي لَڌو جنهن پانهنجو، اَنڀئِه آدي گَهرُ،

سامي جَري اَجَرُ، ماڻي موج مُڪِتِ جِي.

(38)

مايا مَڪَرَ ڪَري، موهي ماري سَڀَ کي،

سامي رَهي ڪو سورمو، پاپِڻِ کون پَري،

پِيتو جنهن پَرتيتِ سان، پِيالو پاڪُ ڀَري،

سَڀَ ۾ ڏسِي ٺَري، پانهنجي اکئين پاڻَ کي.

(39)

سَڀَ کي دِلاسي، لائي مايا موهِڻي،

ڦُرني ڦاهيءَ ۾ وِجهِي، پَلَڪَ نه ٿِئي پاسي،

ڪَيُسِ گُم گياتِ سان، ڪنهن نيهيءَ نِراسي،

سامي سَمَ ڀاسي، جَنهِن کي اَنڀئِه آتما.

(40)

سَڀ کي رُئاري، موهي مايا موهِڻي،

ڀَوائـٖـي ڀَوَ سِنڌ ۾، نانا رُوپَ ڌاري،

سامي بَچِيو ڪو سورمو، سَتِگُرُ سَنڀاري،

بيحَدَ ڏِئو ٻاري، پُورَنُ ڏٺو جنهن پيءَ کي.

(41)

ڦُري ڦِڪِلَ ساڻُ، سَڀَ کي مايا موهڻي،

لَڏون کارائي لوڀَ جا، ڪَري مَحَبتَ ماڻُ،

رَهي اليپُ آڪاسَ جان، ڪو ساڌو جَنُ سُجاڻُ،

پَلي رکيائين پاڻُ، سامي ڀيدَ ڀَرَمَ کون.

(42)

مايا ڪَيا مَرِڪَٽَ، موهي جيءَ جهانَ جا،

ڀَونِ ڀَو ساگَرَ ۾، ڳِچيءَ پائي ڳَٽَ،

ڪَٽِي سَڀ ڪلپنا، سَمُجهي ڪنهن سُڀَٽَ،

پائي کِميا کَٽَ، سامي سُمهيو سَراءِ ۾.

(43)

ڏي نِتُ مايا  مارَ، ڪَري زيرِ جيئنِ کي،

ڀَونِ ڀَو ساگَرَ ۾، رُئنِ زارون زار،

ڪَيُسِ گُمُ گِياتِ سان، ڪنهن هَرِ جَنَ هوشيارَ،

جَنهِن کي سُرت سَنڀارَ، سامي ڏني سَتگُروءَ.

(44)

ڪَڍي ڪَليجو، مايا ڏائڻ سَڀَ جو،

ڪَنهن کون ڪَري ڪِينَڪي، پاپِڻِ پَرَهيجو،

سامي هَنيُس سَچَ جو، ڪنهن نيهيءَ ڪَرَنيجو،

وري جنهن ويجهو، ڏٺو اَنَڀَئِه آتما.

(45)

مايا کَسي مَتِ، موڳو ڪَيو ماڙُنِ کي،

ڀوڳن ڀوڳَ ڀَرَمَ جا، سامي ڄاڻي سَتِ،

ڪو سُجاکو سُورَمو، اُلٽِي ٿِيو اُپِرَتِ،

تڪِيو ڪَيائي تتِ، جتي آهِ نه نانِهه ڪا.

(46)

مايا موهي مَتِ، موڳو ڪيو ماڙنِ کي،

ڀُلِي ڀَوَنِ پاڻَهي، کَڻي ساڻُ کَپَتِ،

سامي رَهِي سَمَ سَدا، ڪو عاشقُ اِسٿَتِ،

جاڳِي شِوُ شَڪَتِ، ڏٺو پاڻَ جهانَ ۾.

(47)

مايا مَتِ مارِي، لوڀائي لوڪَنِ جي،

کنيون وَتن خوشِ ٿي، خُواريءَ جي کاري،

سَدا ڪَنِ سَمُجهَه ري، جَتَنُ آئون جاري،

سامي چئي ساري، وِيا وِڃائي آرِجا.

(48)

مايا مَتِ کَسي، سَڀَ جِي وَتِي وَلَ سان،

سامي اَنَبَئِه آتما، ڏيهون ڏورِ ڏسي،

ڪُٺو ڪاسائڻ کي، ڪَنهن دَردَوَندَ دَسي،

هَرِدَمُ ڏِسِي هَسي، پاڻُ ورائي پاڻَ کي.

(49)

سَڀَ جِي متِ کَسي، مايا وَتي موهَ سان،

سامي رَمِتا رامَ جو، ديرو دُور ڏسي،

ڪَيس سوگهو سَتَ سان، ڪنهن داناهَ دَسي،

هَرِدمُ ڏِسِي هُسي، پاڻ ورائي پاڻَ کي.

(50)

مايا مَتِ موڳي، موهي ڪَئي ماڙُنِ جي،

پَرِڇَنُ ڄاڻي پاڻَ کي، سَدا ڦِرَنِ سوڳي،

ماڻي سُکُ سَروپَ جو، ڪو جاڳِيو جوڳي،

اَنَنُ اَروڳي، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

(51)

مايا مَتِ موڳي، موهي ڪَئي ماڙُنِ جي،

ڀُلي ڀَوَ ساگرَ ۾، ڀَوَنِ ٿي ڀوڳي،

سامي مِليو سَروپَ سان، ڪو جاڳيو جوڳي،

اَنڀَئِه آروڳي، گِهري لَڌو جَنهن گهرَ مون.

(52)

مايا مَڌَ ڀَرِي، موهي، مُنجهائي مَتِ کَسـٖـي،

سامي موهي سَڀ کي، ڪَپَٽَ ڪَري قَهري،

اِهَڙي ڪَنهن گُرَمُکَ کي پيئي خَبر کَري،

طَمعَ تَڙ تَرِي، چڙهيو چيتَنَ چِٽَ تي.

(53)

مايا سَڀُ مَنڊاڻُ، اَڻَ هوندو اُڀو ڪيو،

مورَکَ تنهن ۾ مت ري، هَنَنِ پانِهنجو پاڻُ،

رَهي اَليپُ اَڪاسَ جان، ڪونيهي نِرَٻاڻُ.

سامي سَڄَڻَ ساڻُ، مِلي نِتُ موجان ڪَري.

(54)

مايا مَنجهِه مُنجهي، پِيا سَڀِ جيءَ جَهانَ جا،

مَرَنِ مَتِ مَرَمَ ري، راتِيون ڏينهن رُجهي،

سامي ڪَنهن ساڌوءَ جِي، آوِدِيا آگ ٻُجِهي،

جَنهِن کي ڳالهه ڳُجهي، سَتِگُرَ ڏسِي سَروپَ جِي.

(55)

ڀولي ڀُلائي، سَڀَ کي مايا موهِڻي،

مَت کَسي موڳو ڪري، وَه ۾ وهائي،

سامي بَچو ڪو سورمو، ساڌوءَ جي سايي،

ويٺو وَڄائي، نَگارو نِرَٻاڻَ جو.

(56)

ٻيائيءَ مَجهه ٻوڙي، مايا ڇڏِيو ماڙُنِ کي،

سامي ڪَيو جَنهن سَڀَ کي، سَمُجهَه کَسي سُوالي،

ڪو گُرَمُک گِياني رَهي، کَلِکَلِ کون خالي،

لُنئن لُنئن ۾ لالي، پَرِتک ڏِٺي جنهن پيءَ جي.

(57)

ٻيائيءَ مَنجهه ٻوڙي، مايا  ڇَڏِيو ماڙُنِ کي،

مَرَنِ مَتِ مَرَمَ ري، سَدا سرُ کوڙي،

ڪو پِريمي لنگهي پار پيو، سامي منهن موڙي،

ويٺو وَنجهُه کوڙي، آدي اَنڀئه گَهر ۾.

(58)

ساري وِسُ لُٽِي، مايا موهَ مَمَت سان،

ڪَنهن کي ڇَڏي ڪِينڪي، بنان ڍَٻَ ڍُٽِي،

ڪو نيهي ويسِ نِڪري، ڪيري ڪَلَپَ ڪُٽي،

جنهن جي ڳنڍ ڇُٽي، سامي پيئي ساڌَ سَنگِ.

(59)

ساري وِسُ ٺڳِي، مايا موهَ مَمَتَ سان،

ڪَنهن کي ڇَڏي ڪينڪي وَتي ساڻُ لَڳي،

سامي ڪنهن سَهي ڪَئي، جو گيسَر جَڳي،

تَنهِن کون اُٿي ڀڳي، مَت ڪَري غَرقُ گِياتِ ۾.

(60)

ساري وِسُ ڇَلي، مايا موهَ مَمَتَ سان،

ڪو وِرِلو ويساسي بَچِيو، ٻانڀڻُ چئي ٻَلي،

جَنهِن کي ڏني سَتِگُروءَ، بيحَدَ مَتِ ڀَلي،

رَمِي رامَڪلي، گاوندو وَتي ڳوٺَ ۾.

(61)

ساري وِسُ ڇَلي، مايا موهَ مَمَتِ سان،

ڪوڙِن ۾ ڪو هِڪڙو، ڀانڀَڻُ بَچِيو ٻَلي،

جَنهِن کي سَتِگُرَ سَمُجهَه جي، ڳُجهي ڳالِهِه سَلي،

سو رَمِي رامَڪَلي، گاوي بيحَدَ باغَ ۾.

(62)

رَنگُ اَپارُ رچو، مايا موهَ مَمَتِ جو،

تنهن ۾ جَڳُ تَدَروپُ ٿي، نانا ڀاءِ نَچو،

ڪو ساڌو جَنُ سورَمو، بَلا کون بَچو،

آتم سُکُ سَچو، سامي ماڻي سَرِبَ گتِ،

(63)

مايا رَنگُ رَچو، ڀارِي ڀيدَ ڀَرَمَ جو،

موهي ماري سَڀَ کي، ڪَري قَولُ ڪَچو،

ڪو سُجاکو سُورمو، بَلا کون بَچو،

سامي سُکُ سَچو، ڳولي لَڌائين ساڌَ سَنگِ.

(64)

مايا موهَ مَئي، ڪَنهِن کي ڇَڏي ڪينڪي،

وِجهي ڄارُڀَرَمَ جو، سَڀ وِسُ وَسِ ڪَئي،

سامي بَچيو ڪو سُورمو، ساڌوءَ سَرَنِ پَئي،

لوڪُ پَرَ لوڪُ  ٻَئي، لَنگهي چَڙهِيو لکَ تي.

(65)

جيءَ ڪيا سَڀ زير، مايا موهي مَتِ سان،

نچائي ناچُوءِ جان، پائي پَرڇِنِ ڇيرِ،

ڪوڙِنِ ۾ ڪو هڪڙو، ساڌو چڙهيو سُمير،

بنا دِقَتَ ديرِ، سامي ڏسي سَروپَ کي.

(66)

ڏيئي ڏيکارِي، مويا موهي ماڻهنِ کي،

سَمُجهَه کَسي سامي چَئي، ڪَري دِلِ ڪاري،

رَهي اَليپُ آڪاسَ جان، ڪو ڀاڳوانُ ڀاري،

جَنهِن کي پياري، سَتگُرَ سُرڪي سارَجي.

(67)

سپُنَي سَودائِي، سپُنَي ۾ داناهُ ٿيو،

سپُنَي ۾ سُمير ٿِئي، سپُنَي ۾ رائي،

سپُنَي جي سامي چَئي، سَڀ رَچنا رَچائي.

جاڳي جدائي، سپُنَي سوڌي نه رَهي.

(68)

حَيرتُ آئون هاسو، اَچي هِڪَ اَچِرجَ تي،

سائِي ڦولهي آتما، کَنڊُ کي پَتاشو،

ڳَهَڻو ڍُونڍي سونَ کي، مٽيءَ کي ڪاسو،

پاڻي پِياسو، سامي رَهي نِتُ نِيرُ جو،

(69)

حَيَرتَ آئون هاسِي، اَچِي هِڪَ اَچِرجَ تي،

مَني ويٺو پاڻَ کي، اَبناسي ناسي،

سَدا ڀَوي سامي چئي، چِتَ ۾ چوراسي،

خودِ ري خَلاصي، ڪَري ڪير ڪَرتار جِي.

(80)

حَيَرت آئون هاسِي، اَچي هِڪَ اَچِرجَ تي،

سامي ڄاڻي پاڻَ کي، اَبناسِي ناسِي،

ڪُپِڙيءَ ۾ آڪاسُ پيو، ڦاهيءَ ري ڦاسي،

پاڻِي ۾ پِياسي، مَري پَپوٽو مَتِ ري.

(81)

حَيَرت آئون هاسِي، اَچي هِڪَ اَچِرجَ تي،

خاوندُ پنهنجي خيال ۾، پِيو ڦاهيءَ ري ڦاسِي،

ڀَوي نِتُ ڀُلَنِ جان، گنگا، گيا، ڪاشِي،

خودِ ري خَلاصي، ڪيرُ ڪَري ڪرتارَ جي.

اَوديا (الف)

 (1)

هيءَ ڪَنهن لائي آهِ، آوِدِيا ڏائڻ جيءَ کي؟

سيوَڪُ ڄاڻِي پانهنجو، سَتِگُرَ تون سَمَجهاءِ،

نانگُ ڏِسي نوڙيءَ ۾، ڀُلين ڀولي ڀاءِ،

مُنهُن مَڙهيءَ ۾ پاءِ، تَه سِيتَلُ ٿيــٖـن سامي چئي.

(2)

سامي ڪيئن اَڙيــٖـن، تون آوِدِيا جي اَڀِمانَ ۾؟

سُکي ڏٺو ڪونَه ڪو، جَنهِن کي تَپُ چَڙهي،

راتِيون ڏينهن سَڙي، سو بنان باهِ اَندر ۾.

(3)

رَنَ وِڌو رولو، جُدائيءَ جو جَڳَ ۾،

سامي ڪَيائين سَڀَ کي، پِنائي پولو،

ڪَنهن گُرَمُکَ هَنيُس گِيانَ جو، غئبي گُليلو،

اَڻَ هوندو ڀولو، ميٽي ويٺو مَنَ مون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org