سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :24

(76)

جَنهِن کي پريم پَٽي، سامي پاڙهيِ سَتِگروُءَ،

پنهنجي اَکئين پاڻَ کي، ڏِٺو تنهن اُلَٽي،

اَوِدِيا پِنڊَ مَٿي تون، ساميءَ کَڻي سَٽي،

ويٺو کيپَ کٽي، سُڃَ وَسَنوَ جي وِچ ۾.

(77)

وِئَڙا ڪَرِمَ ڀَڄي، ڏسي پريمَ پَرڀاوَ کي،

ٻُنڌي گاجَ سارِ دوُلَ جي، جِئين مِرِگَهنِ جُوءِ تَجي،

ٿِئَڙا، چورَ لَڄي، سامي راڄَ درِٻارِ ۾.

(78)

وِرِلو جَنُ ڏِسي، ڪو ڏسَڻَ واري ڏيوَ کي،

جَنهن جو پيرمَ پَرتِيتِ کون، پيرُ نه پوءِ کِسي،

اَچي سَنت حِصي، سامي پُورَبَ ديسَ جو.

(79)

وِرِلِي ماءُ ڄَڻي، ڪا پريمِي پُتُرگَرَڀَ مون،

سامِي سُپيريَن جي، جَنهِن کي ڀڳَت وَڻـٖـي،

ڄاڻَ وڃائي پانهنجي، سَڀَ جو داسُ بَڻي،

لکيا ڪِينَ ڳَڻي، ڏِسي اَليکُ اَکِن سان.

(80)

سوئي پِيارو، پريمي پرميسَرَ کي،

جو ڪَري نَه ڪَتَرَ جيتِرو، ڏنڀُ اَئون ڏيکارو،

سامِي رَهي سَرِيرَ ۾، نَڀَ جان نِيارو،

ڄاڻي جَڳُ سارو، چِمِتڪارُ چيتَنَ جو.

(81)

سوئي پيارو، پريمي پرميَسرَ کي،

سَمُجهو جَنهِن سامي چَئي، اَنڀئه اِشارو،

جاڳي ڪَڍيائين جيءَ مون، اَوِديا اَنڌارو،

نَڀَ جان نيارو، سَدا رهي سَنسارَ ۾.

(82)

سَڀَ کي ٻورايو، پريمَ پَساچَ لڳي ڪَري،

ٻُنڌيِ نادُ ڪَنَنِ سان، مرگُهه دَوڙي آيو،

وَٺِي واسُ ڪَنوَلَ جان، ڀَنوَرُ لَپِٽايو،

سامي سَمايو، پَتَنگ جوتِ ڏِسي ڪَري.

(83)

پَرچي ڪو پاڙهي، پَنڊَتُ پَٽِي پريم جي،

مَنَ کي مَحَبُوبَنِ ڏي، لِنوَ لائي لاڙي،

سامِي ڀڳَتِ جَهازَ ۾، ڇڪي ڌِڪي چاڙهي،

ڦِڪِلَ سان ڦاڙي، پَردو ڀيدَ ڀَرَمَ جو.

(84)

پرچِي جَنهِن پَڙهِيو، پُورو اَکَرُ پريمَ جو،

سو مَمَتَ مِٽائي مَنَ جي، اَنڀئه اَڇَ چَڙِهِيو،

سامِي اَڻَ گَهڙيو، ڏيُو ڏِٺائِين ڏيهِه ۾.

(85)

پَڙهيو جَنهِن پورو، گُرَگَمَ اَکَرُ پريمَ جو،

مِٽيو تَنهِنجي مَنَ مون، اَوديا اَنڌورو،

سامِي سو سورو، جيتي ويٺو جڳَ کي.

(86)

خلوتي خَلاصُ، ٻانَڀَڻ ٿِيا ٻَنڌُنَ کون،

پرچِي ڪِيو جَنِ پريمَ سان، اَنترَ مُک اَڀياس،

سهِي ڪيائون سَمَ ٿي، چيتَنَ چِدَ آڪاسُ،

پائي پَدُ نِراسُ، مُشڪن ڪشڪن ڪينڪي.

(87)

اَنَڀئَي اَٽڪَ، رَکَنِ ڪانَه اَندَرَ ۾،

پورُو اَکَرُ پريمَ جو، پَڙهي ٿيا پَرِپَڪَ،

ويڙهي سڀ وَرقَ، سامِي چَڙِهيا سيرَ تي.

پريم  (ب)

(1)

اَلکُ اَسِتامَلُ، سَنتَ لَکائِنِ سَڀَ کي،

بيهي ڏِسي پاڻ ۾، ڪو پِريمي پَرِٻلُ،

ڪَٽي ڪالِ ڪَلپنَا، ڪَري جَنَمُ سڦَلُ،

جِئين اَليپُ ڪَنوُل، تِئين سامِي رَهي سُڀاوَ ۾.

(2)

سَڀُڪي جَنهِن ساجِيو، خاوندَ پَنهِنجي خِيالَ سان،

اَندَرِ ٻاهَرِ آڪاس جان، سو بَيحدِ بِراجِيو،

پَٽـٖـي ڪَنهِن پريميءَ ڏٺو، دِلِ جو دَرِواجو،

اَٽَڪَ کون آجو، سَدا رَهي سامِي چَئي.

(3)

ليکي لُڙُ وِڌو، سَکِڻو هِنَ سَنسارَ ۾،

اِشارو اَليکَ جو، ڪَنهِن پِريميءَ پُرِڌو،

سَدا رَهي سامي چَئي، سَمُجَهه مَنجهِه سِڌو،

مَري مُلِ ڳِڌو، پَرَميسَرَ کي پِريتِ سان.

(4)

عَشِقُ اَڳيري، مَنَزِلَ کڻي مَنَ کون،

اَڳِيون بيٺو ٿِي بُڇِڙو، واٽَئُه تي ويري،

سامِي لُٽِيو جَنهِن سَڀَ کي، وِجهي مَئن ميري،

ڪو ڦُرِني کون ڦيري، خاص ڏِسي خاوندَ کي.

(5)

آهي اوکيرو، جِيئَندي مَرَڻُ جڳَ ۾،

سَمُجهي ڪو سامي چَوي، پِريمي پَڪيرو،

ڪَيو جَنهِن ڪَلِپَتِ جو، نِپَٽِ نبيرو،

دوسَت ري ديرو، خالي ڏِسي ڪونه ڪو.

(6)

ڪَلِپَتِ جي قَهَري، سِنڌُ وهي سامي چَئي،

تَنهِن ۾ جيءَ جهانَ جا، لُڙِهيا وڃَنِ لَهَري،

ڪو پِريمي لَنگهي پارِ پيو، تَئُڪَلِ ساڻُ تَري،

ڏِٺو جَنهِن وَري، پَنهِنجي اَکِئين پاڻَ کي.

(7)

دوستَ جو ديرو، سُتَةَ صَفائيءَ ۾،

پَهُچي ڪو پَرَتِيتَ سان، پِريمي پَڪيرو،

جاڳي ڪَيو جَنهِن جڳَ جو، نِپَٽِ نبيرو،

ڏسي نَه اَنڌيرو، سامي سُورِجَ سارَ ۾.

(8)

نِرِکِي نيائِين، پريميءَ کي پيءَ، پاڻَ سان،

لالي پَسي لالَ جي، جَوهَرُ جِيتِيائين،

سامي سُکَ سَنسارَ جا، صَدِقي ڪِيتائِين،

پَتِيو پِيتائِين، پِيئَندَڙيٖ پاڪُ ٿِيو.

(9)

سو پَڪو پِيارو، پِريمي پَرَميسَرَ کي،

سامي ڏِٺو جَنهِن ساڌَ سَنگِ، اَنَڀَئِه اُڄارو،

وَرتـٖـي وِڌِ وِيچارَ سان، ڀاءُ رَکي ڀارو،

جيئين ڌُرو تارو، اِسٿِتِ رَهي آڪاس ۾.

(10)

سو پِريمي پَرِبينُ، سو جوڳيسَرُ جڳَ ۾،

جَنهن کي ڏِنو سَتِگُروءَ، پؤرَنُ پاڪُ يَقِينُ،

سامي سُپيريَنِ جي، لِنوَ ۾ رَهي لينُ،

جِئين جَلَ کون مِينُ، پَلَڪَ پراهون نَه ٿِئي.

(11)

پِريمي پَسارو، ڪَنِ نَه ڪَتَر جِيترو،

ڏِٺو جَنِ اَکِنِ سان، گَهرَ ۾ گَهرَ وارو،

آهي جنهن جي آسري، اوندَهِ اُجارو،

مِلِيو نِيارو، سُتَةَ رَهي سامي چَئي.

(13)

پريمي سو پيارو، آهي پَرَميسَرَ کي،

ڪَري نَه ڪَتَرَ جيترو، ڏنڀُ اَئون ڏيکارو،

لَنگهي چَڙِهي لَکَ تي، ڀَوَ ساگَرُ ڀارو،

ڪَنوَلَ جان نِيارو، سامي رَهـٖـي سَرير ۾.

(14)

دانا ديوانا، پِريمي پِيارا پيءَ کي،

لَئِه ڪَئي جَنِ لَکَ ۾، نِرکِي سَڀَ نانا،

سَدا رَهَنِ سامي چَئي، سَمَ ۾ سَمانا،

جِيئن پَرِوانا، جَلي جوتِ سَروپُ ٿِيا.

(15)

بِرهِنِ رَهَسِي روءِ، ڪُٺِي دَرَدَ فِراقَ جِي،

ڪَڍي پارَ پِرِيَنِ جا، ٻانڀَڻَ، ٻُڌي نه ڪوءِ،

نِتُ چري ٿو چِتَ کي، پيرُ نَه وِجهي پوءِ،

وَهَڻَ واڳِي هوءِ، ڪو گابو ڪَڍيٖ اَنَ مون.

(16)

کِميا خوشيءَ جي خوءِ، پيئي جَنهن پِريميءَ کي،

مِٽي تَنهن جي مَنَ  مون، هارَ، جِيت، هَئِه هوءِ،

سامي لَڌائِين ساڌَ سَنگِ، جاڳي پَنهِنجي جوءِ،

رَهي روبروءِ، اَٺَ ئِي پَهَرَ عجيبَ سان.

(17)

چاٽِي جنهن چکي، سامي شونقَ شَرابَ جي،

تنهن ماهِلَ مَحَبوبَ جي، لُنوَ لُنوَ لَک لَکي،

پَرِڇَنُ پَنڊَ مَٿي تون، لاهي هيٺ رَکي،

اُلَٽي اَنتَرَ مُکي، چَڙِهيو چيتَنَ چِدَ آڪاسَ تي.

(18)

جنهِن کي هِڪُ جَرو، مِليو شونقَ شَرابَ جو،

سو ڪايا مايا ڪُلَ کون، پَهُتو پَرَڀرو،

سامي مِليو سَروپَ سان، ٿي گاهَڪُ گهرَو،

کوٽو اَئون کرو، صَدِقي ڪيائِين سُکَ تون.

(19)

پِيتو جَنهِن پِياسـٖـي، پِيالو پِريمَ آگَمَ جو،

سامي تَنهِن کي سَڀَ ۾، ڀڳوَتُ هِڪُ ڀاسي،

پَرِچي ڪِيائين پوسَ سان، پَرِڇِنتا پاسي،

ڦِرِي نا ڦاسي، ڦُرني جي ڦاهيءَ ۾.

(20)

پِيتو جَنهِن پُلڪِي، پِيالو پِريمَ آگَمَ جو،

ڀڳِي تَنهن ڀَرپور ٿي، مَمِتا جي مَٽِڪي،

سَمَ ڄاڻـٖـي سامي چَئي، پَوري اَئون اِڪي،

جئين سونَ ٽِڪي، هيٺِ مَٿي هِڪجيهڙي.

(21)

پَڙهي پَڙهايو، اَکرُ پريمَ آگَمَ جو،

سَمُجِهي سو سامي چَئي، مِٺو مَنِ ڀايو،

جَلَ پَپوٽو جَلَ ۾، جَل ٿِي سَمايو،

نَڪِي وَڃِي آيو، بِنا پَنهِنجي پاڻَ ري.

(22)

پَرِچي جَنهِن پَڙِي، پَٽي پريمَ آگَمَ جي،

پيءُ ڏِٺو تَنهِن جيءَ ۾، ويساسيءَ وَڙي،

سُکي ٿِيو سامي چَئي، ڀَڃي ڀَرَمَ گَهڙي،

چيتَنَ چِٽَ چَڙي، سَيلَ ڪَري سَنسارَ جا.

(23)

پرچِي جنهن پڙِي، پَٽِي پِريمَ آگَمَ جي،

پيءُ ڏِٺو تنهن جيءَ ۾، ويساسيءَ وَڙي،

سُکي ٿِيو سامي چَئي، ڀَڃي ڀَرَمَ گَهڙي،

چيتَنَ چِٽَ چَڙِي، مَزا ڪَري مَحَبوبَ سان.

(24)

پَرِچي جَنهِن پَڙهي، پَٽي پريمَ آگَمَ جي،

سو مَري ڪينَ مَرَمَ ري، راتيون ڏينهن رَڙي،

سَهَجي وِيو سامي چَئي، چيتَنَ چِٽَ چَڙي،

ڀَڃِي ڀَرَمَ گَهڙي، اِسِٿِتِ ٿِيو آڪاس جان.

(25)

پرِچي جَنهِن پَڪو، لَڌو پير پِريَنِ جو،

سو سامي سَدائي رَهي، ٿِرَتا مَنجِهه ٿَڪو،

صَدِقي ڪَيائين سُکَ تؤن، تَنُ مَنُ سَڀَ تَرڪو،

گنگا گَيا مَڪو، ڀَوي ڪينَ ڀُلَنِ جان
(26)

پَرچِي جَنهِن پيتو، پاڪُ پيالو پريمَ جو،

مِلي تَنهِن مَحَبوبَ سان، اَمُلُ جَنَمُ جِيتو،

سامي سُکَ اَڳِتون، سِرُ صَدِقي ڪِيتو،

هاريو تَنهِن جِيتو، جُڳِتيءَ سان جَهانَ کون.

(27)

پَرچي پِريت گَهڻي، ڪامِلَ ڪَريان ڪَنهِن سان،

جيڪو تُنهِنجي جيءَ کي، وڃي يارُ وَڻي،

ٻانڀَڻَ نيئِي ٻَلَ سان، گَهِريٖ گَهرِ کَڻي،

عاشِقُ مَعشوقُ، بَڻِي سَڀَ ڏئيئي سَمَ سُکَ.

(28)

سَچو شَونقُ ٿِيو، جَنهِن کي پيءَ پَسَڻَ جو،

سامي تَنهِن سنسارَ جو، سَربُ تياڳُ ڪِيو،

مِلِي مَرِجِيئنِ سان، پانهِنجيءَ مَنجِهه پِيو،

ويهِي تِتِ وِيو، جِتِ بيحَدِ جو ڏِيئو ٻَري.

(29)

پِريتِ لڳِي پِيارِي، جَنهِن کي پيءَ پَسَڻَ جي،

تَنهِن کي پيئي ساڌَ سَنگِ، سامي سُڌِ ساري،

ٿِئي اگَڻَتَ ڪَلا سان، اَتِيتُ گَهرَ ٻاري،

سَڀَ ۾ سَچاري، مُکِ رَکِي مَوجان ڪري.

(30)

پِريتِ ڪَيو پَرَوَسِ، سامي تُنهنجي سُپِرين،

اَچي اَزَغئبي لڳِي، اَندرَ کي آتَسِ،

اَٺئي پَهَرَ اَکِنِ مون، بوندان ڪَرِنِ ته بَسِ،

يا ڏيهُه پَنهِنجو ڏَس، يا اچي مِلُ مُئن سان.

(31)

مَحَبوبَنِ مُڪي، پَتري پِريم ڀڳَتِ جي،

پَڙِهي مَنُ پَرِسَنُ ٿِيو، چِنتا چاهَ چُڪي،

لَنگهي چَڙهيو لَکَ تي، اَوِديا سِنڌُ سُڪي،

سامي سَڀَ ڊُڪي، کيپَ کَٽي سا گَهرَ ۾.

(32)

پِرِيتوانُ پِياسو، پاسي ٿِئي نَه هِڪُ پَلُ،

پَرچي ڪَيائِين پَدَ ۾، وِڌِ سَچيءَ واسو،

سامي وَرِتـٖـي سَرِبَ گَتِ، خالِصُ خُلاصو،

ڏِسـٖـي تَماشو، ساکي ٿِي سَنسارَ جو.

(33)

پرِيتوانَ پَرَوَسِ، ڪَڏي ٿِيَنِ ڪِينَڪي،

ڀاويــٖـن ڪوننديا ڪَري، ڀاوين ڪو سابَس،

ماڻِنِ سُکُ سَروپَ جو، ڇَڏي طمع تامَسِ،

هميشه هِڪَ رَسِ، سامي رَهنِ سُڀاوَ ۾.

(34)

پريميءَ کون پِريتَمُ، پَلَڪَ پَراهون نَه ٿِئي،

جَنهِن جِي ڪَئِي سَتِگُروءَ، کولي خاطَرِ جَمُ،

وِڪِيائِين ويساهَ سان، جاڳِي سَڀُ جوکَمُ،

جِيتي هَلِيو جَنَمُ، سامي چَئي سَنسارَ مون.

(35)

پِريميءَ کون پِريتَمُ، پَلَڪَ پراهون نَه ٿِئي،

وارِيو جَنهِن وِجودَ ۾، ديوانـٖـي جان دَمُ،

ڪَنهِن کي سَلي ڪِينَڪي، سامي سُکُ آگَمُ،

توڙي ڪَري ڪَمُ، تَه ڀي اِسِٿَتِ رَهي آڪاسَ جان.

(36)

پِريمِنِ جو پَرِتاپُ، لِڪي نَه لوڪَ پَرِلوڪَ ۾،

مِٽِيو جَن جي مَنَ مون، اَوِدِيا جو پُڻُ پاپُ،

پڳِتي ڪَنِ اَڀيدُ ٿي، گِنتيءَ کون اَماپُ،

سامي وَرُ سَراپُ، لَنگهي لالُ گُلالُ ٿِيا.

(37)

پِريمِن جو پَرِتاپُ، لِڪي نَه لوڪَ پَرِلوڪَ ۾،

مِٽيو جَن جي مَنَ مون، پَرِڇِنتا پُنُ پاپُ،

ڀڳَتِ ڪَنِ ڀڳَوانَ جي، عينَ اَڀيدُ اَماپُ،

سامي وَرُ سَراپُ، لَنگهي لالُ گُلالُ ٿِيا.

(38)

پِريمنِ جو پَرِتاپُ، پِرگهٽُ لوڪَ پَرِلوڪَ ۾،

مِٽيو جَن جي مَنَ مون، سامي پَرِڇِنُ پاپُ،

ڀڳَتِ ڪَرِنِ ڀڳوانَ جي، عين اَڀيدَ اَماپُ،

وِڌ ري وَرُ، سَراپُ ڪَنهِن کي ڏِيَنِ ڪِينَڪي.

(39)

بِنان نِيرَ نَندي، سامي لوڙي سَنسـٖـي مَئِي،

ڪو پريمي لَنگهي پارِ پِيو، قابو ڪَمرِ ٻَنڌي،

رَکي نَه رَتيءَ جيتري، چِتَ ۾ چڱي مَندي،

ڄاڻـٖـي سُڃَ وَسندي، آڀا اَنڀئِه لعلَ جي.

(40)

پَرِچي جَنهِن پِيتو، پاڪُ پِيالو پريمَ جو،

مِلي تَنهِن مَحَبوبَ سان، جَنَمُ اَمُلُ جِيتو،

سامي سُکَ آگَمَ تان، سِرُ صِدَقي ڪيتو،

کوهي کَليِٿو، وِهـٖـي نَه وِچَ بَزارِ ۾.

(41)

پِريمي مُنهُن پَٽِيو، لِڪي ڇِپي ڪِينَڪي،

خَزانو خوشيءَ جو، لَڌو جنهن لَٽِيو،

سَنسو آتَمَ جيءَ جو، سامي کڻي سَٽيو،

کائي خاصُ کَٽِيو، سُتَهَه ساڌَ سَنگَتِ جو.

(42)

سامي سَڄَڻُ سِڪِي، ڳولي لَڌو جَنهِن ڳوٺَ ۾،

سَدا ماڻي سارُ سُکُ، سو پِريمي پُلِڪِي،

وَڃي ڪينَ وِسَنِ جان، طَمَعَ ۾ تِرِڪي،

ڄاڻي سو نَٽِڪي، اَندَرِ ٻاهَرِ آتَما.

(43)

ماهِلُ مَرِ جِيئو، سامي موٽِي نَه مَري،

پاتو پريمَ نگَرَ ۾، لِڪي جَنهن ليئو،

ڏِسي ڏِسَڻَ هارَ کي، ٿِيو خالصُ کِيئو،

ڏيئي تَدَ تَڪيئو، سُمِهيو سُکِپَتَ سيجَ تي.

(44)

پِيتو جَنهِن پنِي، پاڪُ پيالو پريمَ جو،

سَٽيا تَنهن سَنسار جا، ڇڪا سَڀِ ڇِني،

سَدا رَهي سامي چَئي، ڀاڻي مَنجِهه ڀِني،

ويٺي مُلِهِه ڳنِي دِلِ ڏيئي دِلَبَر کي.

(45)

جَنهِن پِريميءَ پُرِڌو، عينَ اِشارو اَنَڀئي،

سامي خامُ خِيالُ تنهن، سَٽي سَڀُ وِڌو،

جَڳَ ۾ جَڳَ جَهِڙو ٿي، هَلـٖـي حَليم سِڌو،

مَرِي مُلِ ڳِڌو، پَرَميسَرَ کي پِرِيتِ سان.

(46)

سامي سَنتَ سِڌو، وَچَنُ چَوَنِ ويساه جو،

ڪوڙِن ۾ ڪَنهن هِڪڙي، پَڪ پريميءَ پُرڌو،

سُکُ دُکُ جنهن سَنسارَ جو، سَٽي سَڀُ وِڌو،

مِرِي مُل ڳِڌو، پَرَميسَرَ کي پِريتِ سان.

نيهي

(1)

نِيهَن بِنان نادانَ، ويدَ پَڙهي وادي ٿيا،

ٻانڀَڻَ ڪَنِ ٻِيائيءَ سان، جَپَ تَپَ دانَ اِشنانَ،

نيهـٖـي نارائِڻَ ري، ٻي سُڌِ رَکَنِ ڪانَ،

رَهَنِ مَنجِهه جَهانَ، نِرپکَ نِيارا نَڀَ جان.

(2)

نِيهَن بِنان نادانَ، ويدَ پڙهي وادي ٿيا،

پَرتک ڏِسَنِ نه پيءَ کي، اَنڌا ڪن اُنمانَ،

اِسِٿِتِ ٿيا اَندَرَ ۾، ڪي نيهي نِرٻاڻَ،

رَهَنِ مَنجِهه جَهانَ، سامي اَليپُ آڪاسَ جان.

(3)

پَلَڪَ نَه ٿِئي پَري، نيهي نارائِڻَ کون،

مَنَ ۾ چَندرَ چَڪورَ جان، دَرِسَنَ ڌِيانُ ڌري،

ڀَنوَرُ رَهي نه واسَ ري، جَلَ ري مِينَ مَري،

سامي تڏي ٺَري، جَڏي پَوي بوندَ پَپيهه کي.

(4)

ويٺا ڌيانُ ڌَري، نيهي نارائِڻَ جو،

سو نارائِڻ نيهين کون، پَلَڪَ نَه ٿِئي پَري،

اوتِ پوتِ اڀيدُ ٿي، ڏسَنِ نيڻَ ڀَري،

بِنان ڪَلپَ ڪَري، سامي ڳالهِه سُپَتِ سان.

(5)

ويٺو نِهاري، نارايَڻُ نيهِنِ ڏي،

ديورا ڦِريٖ، جڳَ ڪَري، گايون نِتُ چاري،

تيلُ مَلي مَندَرَ کي، هُنڊيون سَڪاري،

سامي سنڀاري، سيوا ڪري سيوَڪُ ٿي.

(6)

پَلِ پَلِ پُڪاري، نيهي نيڻَ ڀَري ڪَري،

آءُ منهنجا سُپرِين، ويهُه نه وساري،

تُنهِنجي عِشقَ اَلڳُ ڪِيو،  لائي لِنوَ لاري،

مُئن کي ماري، ميلو ڪَندين ڪَنِ سان؟

(7)

نماڻو نيهي، نِتُ دانهون ڪري دَردَ سان،

تُنهِنجي سِڪَ سوگهو ڪيو، تَڙڦي دِلِ ديهي،

بِرڌُ سُڃاڻي پانهنجو، آءُ پِرين پيهي،

سامي چَئي ويهي، ڪريون مُنهَن مقابل ڳالهيون.

(8)

پنهنجو ڪِيتو پاڻَ، مورَک پائِنِ مَتِ ري،

بَڻي بَڻَتِ ڪَلا سان، پَسون پِريــٖـتَ پکاڻ،

سامي ويٺا سَمَ ٿي، ڪي نيهي نِرٻاڻ،

جَنِ کي پرِيتِ پَڇاڻ، ستگر ڏني سَروُپ جي.

(9)

پنهنجو ڪِيتو پاڻَ، مورک پائِنِ مَتِ ري،

ڏانوَرَ جان ديهِه ۾، تاڻي ڦاسَنِ تاڻَ،

سامي چَڙهيا سِيرَ تي، ڪي نيهي نِرِٻاڻَ،

جَنِ کي پريتِ پَڇاڻ، ستگر ڏني سَروپَ جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org