سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :11

(27)

تنهن کي چَونِ چَري، چَرِيا جيءَ جَهانَ جا،

جا لَنگهي چَڙهِي لَکَ تي، طَمَعَ تارَ تَري،

پيءُ ڏِٺائين پَڌِرو، پَٽـٖـي دَرِسَ دَري،

سامي اَجَرُ جَري، مُشڪـٖـي ڪُشڪِي ڪِينَڪِي،

(28)

سَدا پاڪُ پُرِکُ، وَرتي ويدَ ويچارَ سان،

ديا ڌاري دِلِ ۾، سَڀ جو ميٽي دُکُ،

پِيئي پِئاري پِريمَ رَسُ، ماڻي سَمَتا سُکُ،

سَدائي سَنَمُکُ، سامي رَهي سَروپَ جـٖـي.

(29)

دوستَ جو دُئارو، سُڃَ وَسَنوَ جي وِچَ ۾،

سامي پَهُچي ڪو ساڌُ جَنُ، ڀاڳوانُ ڀارو،

مِٽِيو جَنهن جي مَنَ مون، اَوِدِيا اَنڌارو،

لَکـٖـي لَکَ وارو، ماڻي مَوجَ مُڪِتِ جِي.

(30)

کُليو بيحَدَ باغُ، اَنَڀئِه جي آڪاسَ ۾،

سامي گُلَ سَڀَ رنگَ جا، ڀڳَتِ، جوڳُ وئراڳُ،

سَئِلَ ڪَري ساکي ٿِي، ڪو ساڌو جَنُ سُجاڳُ،

ڦُرني بنا ڦاڳُ، پَل پَل کيلي پاڻَ سان.

سلوڪ ستسنگ مهما

(الف)

(1)

آهِنِ آگمَ اَپارُ، راهان رامَ مِلَڻَ جون،

تَنِ سَڀِني ۾ هِڪڙي، ساڌَ سَنگَتِ نِرِوارُ،

سامي مِلُ تَنهين سان، ڪَري پِريمَ پيارُ،

تَه دوسِتَ جو ديدارُ، ڏِسين ڀيدَ ڀَرَمَ ري.

(2)

اَٿِي سَڀُ ڪَلِياڻُ، ڀَرَمُ ڀُلائو  دور ڪَرِ،

مِلي مَهَدَ جَنَنِ سان، چِنِ ماتِرَ پَدُ ڄاڻ،

پَسي پانهنجو پاڻُ، تون سامي رَهُ سُڀاوَ ۾.

(3)

اَٿي سَڀُ ڪَلِياڻُ، ڀَرَمُ ڀُلائو دورِ ڪَرِ،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، سامي پاڻُ سُڃاڻُ،

اِها اَوِدِيا ڄاڻُ، پائڻُ پرَميسَرَ جو.

(4)

دَرِ دَرِ ڪِيمَ ٻُنڌاءِ، سامي سِڪَ پِريَنِ جي،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، وائي سَڀ وِڃاءِ،

پائي گِياتَ گُروءَ جي، اَنتَرِ مُکِ مَنُ لاءِ،

تَه لُنوَ لُنوَ لکاءِ، مورَتَ محبوبَنِ جي.

(5)

دَرِ دَرِ ڪِيم ٻُڌاءِ، حَقُ حقيقت ڳالِهڙي،

مِلي مَهَدَ جَنَنِ سان، جهاتي جَهروکي پاءِ،

اَوِديا ڪُلفُ اَندرَ جو لِنوَ ڪُنجيءَ سان لاهه،

ته لُنؤَ لُنؤَ منجهه لَکاءِ، مُورت محبوبن جِي.

(6)

اُها پوٿي پَڙهُه، جنهن سان لَهين آلکَ کي،

مِلي ساڌَ سنگتِ سان، چيَنَ چَونڪيءَ چَڙُهه،

اَوِدِيا مَنجِهه نَه اَڙُ، سَمُجَهه ري سامي چئي.

(7)

عَجائبُ آهي سَنگَتِ ساڌو جَنَ جي،

اَوِدِيا مَيلُ اندَرَ مون، ڌوئي سَڀُ لاهي،

سامي لَکائي، پانهنجو پاڻُ اَکِنِ سان.

(8)

ڪُوڙا گَهڙِ مَ گهاٽَ، مورِکَ جي ڀاءِ تون،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، وَٺُ ويساهون واٽَ،

تَه کولي بَجَرَ ڪَپاٽَ، ڪامِلَ ڏِيَني ڪَلَ سان.

(9)

سامي ڄاڻِجَ ڇَلُ، ڪايا مايا ڪُلَ کي،

جئين سُکُ سُپَني جو، مِرِگَهه تِرِشنا جو جَلُ،

جاڳي ڪَڍي جيءَ مون، گُرگَمَ خامُ خَلَلُ،

ڪَري جَنَمُ سَڦَلُ، مِلِي ساڌَ سنگَتِ سان.

(10)

ڪرين پُرِکارَٿُ، مِلي مَهَدَ جَنَنِ سان،

مَمَتِ وِڃائي مَنَ جي سامي ٿِئين سَمَرَٿُ،

تَه آتَمُ پَدُ اَڪَٿُ، لوڙي لَهين گَهرَ مون.

(11)

سَڀَ کون پَدُ اُچو، ساڌ سَنگَت هَرِڀڳَتِ جو،

ڪوڙِنِ ۾ ڪو هڪڙو، سَمُجهي ساڌُ سَچو،

لايو تنهن مُرِچو، سامي سُپيريَنِ سان.

(12)

ڪيتري ڳَڻِيان، مَهِما ساڌَ سَنگَت جي،

سِڌَ ساڌِڪَ جوڳي جَتِي گاوَنِ سَهَسَ ڦَڻِيان،

جَنِڪَ سَنِڪَ سُڪَديوَ دَتَ، سامي داسَ بَڻيان،

جَنِ کي واڪَ وَڻيان، سي سَڀيئي سُڌِرِيا.

(13)

لَکين لوڪَ تَرِيا مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان،

وَڃي پُڇُ تَنين کون، جَنين هِرِدي واڪَ ڌَرِيا،

سَدا رَهَنِ ٺَرِيا، سامي سيتَلَ جَلَ جان.

(14)

وَڏي وَڏائي، ساڌَ سَنگَت گُرَ گِياتِ جي،

ڪوڙِنِ مَنجهون ڪو هِڪِڙو، سَمُجهي گُرَڀائي،

جَنهن مِلي مَهَدَ جَنَنِ سان، ڪَلِ ڪَلِ مِٽائي،

سامي سَدا، پَرِچو رَهي پاڻَ ۾.

(15)

پَرِچي سَڀيئي، ويا لوليءَ جي لاڏ ۾،

ورلي ڪَنهِن گُرَمُکَ کي، سَمَ سُوجِهي پيئي،

جَنهن سَگتِ ساڌوءَ جي ڪَئي، دِلِ ڏيئي،

تنهن جي سَڀَ ويئي، اَوِدِيا ڪَلِپَتَ نِڪري.

(16)

کَنيو جَنهِن قَدَمُ، ساڌَ سَنگَتِ ڏي سَڪَ سان،

مِٽِيو تنهن جي مَنَ مون، سامي چَئي سَڀُ غَمُ،

مَحَبَتي مَحَرَمُ، سُرِجهِي ٿِيو سَروپ جو.

(17)

جَنهِين دِلِ ڏيئي، سامي ساڌَ سَنگَتِ ڪِي،

تَنهن کي پَد آگَمَ جي، سَهجي سُڌِ پيئي،

پورا ڪَيائين پِريمَ سان، ساڌَنَ سڀيئي،

وِڌِ نِکيدِ ٻيئي، ميٽي ويٺو مَنَ مون.

(18)

جَنين نِرِمَلَ مَتِ، وَدِي وَدِي ساڌَ سَنگتِ کون،

اَنَنَ آتَمَ رامَ جِي، ڪَئي تَنِ ڀڳَتِ،

سامي ٻُڌَنِ ڪينَ ڪي، جڳَ نِندا اُستَتِ،

جڳَتُ سَڀُ اَسَتِ، ڏِٺائون جڳَديسَ ري.

(19)

تَنهِن جِي کيپَ کَٽي، سامي هِنَ سَنسارَ ۾،

جو مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، سَڀُ سُڀاوَ مَٽي،

ڏِسي نيڻَ پَٽي، سَنَمُکِ شاهَ صَرافَ کي.

(20)

ڀُلي ٿِئڙا ڏيِنهَن، آدي گَهرَ اَپارَ کون،

پَوي سُڌِ سَروپَ جي، ڪِرِپا بِنان ڪِيئن؟

ڌَرِتي هَرِي نَه ٿِئي، بِنان پاڻيءَ مِينهَن،

ساڌَ سَنگَتِ جي نِينهَن، سامي ڪارج سِڌِ ڪَيا.

(21)

ٿِئڙو جَنَمُ سَڦَلُ، مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان،

جاڳِيو سَهَجَ جَتَنَ ري، پُرِکارَٿُ پَرِٻَلُ،

مِٽي ويئي مَنَ مون، سامي مَمِتا مَلُ،

آتَمُ پَدُ اَچَلُ، پَرچي لَڌو پاڻ مون.

(22)

اَچي جاڳِيو ڀاڳُ، ڪَنهِين پورَنَ پُنَ تي،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، سامي ٿِيو سُجاڳُ،

لُنئن لُنئن مَنجِهه ڇُڙي پِيو، سَهَجي نِرمَلُ ڦاڳُ،

پائي پَدُ اَنُراڳُ، ماهِلُ ٿِيو مَهراڻَ ۾.

(23)

پورَنَ پُرکَ اُتِي، مَٿي ڳالِهه مَرَمَ جِي،

سامي ساڌَ سَنگَتِ جِي، کَنئي جَنهِن جُتِي،

تنهن جِي مَتِ ويساهَ سان، ٿِي اُتَمُ اَڇُتي،

وَڃِي دِرِشِٽِ کُتي، اَنَڀَئِه آگَمَ ۾.

(24)

ٻوهٿ ساڌوءَ سنگُ، پورو سَتِ گُرُ پاتڻي،

سامي مِلـٖـي تَنهن کي، جَنهِن تي آگو رکي اَنگ،

سو ڀَوَ ساگَرَ جي ڀيڙَ کون، پِئڙو پارِ نِسَنگُ،

اَنَڀَئِه آتَمَ رَنگُ، لڳو ڪوڙِنِ مَنجهون ڪَنِ کي.

(25)

ڀاڳَنِ ڏِنو ڀَرُ، تَڏي جاڳِي سَمُجَهه اَندَرَ ۾،

ڪَيو ساڌَ سَنگَتِ جو، اَدَبَ سان آدَرُ،

تَنهن پِياريٖ رامَ رَسُ، کوليو دَسون دَرُ،

ميٽي ڏُکُ ڏَمَرُ، سامي مِليو سَروپَ سان.

(26)

ڪَهڙي ڀيٽَ ڌَريان، سامي ساڌَ سَنگَتِ کي،

هيرا ماڻِڪَ مَوتي، ڪَنچَنَ ٿالَ ڀَريان،

پَٽَ پَٽيِهَرَ، پاٻِرِيون، توشا ڍِيرَ ڌَرِيان،

توڻي صَدِقي سِرُ ڪُريان، تان ڀي پُڄي نَه پِريمَ رَتيءَ سان.

(27)

اوراڻا آهِنِ، ڳالِهيون ساپُرِسَنِ جون،

مَمِتا مَيلُ اَندَرَ جِي، ڌوئِي سَڀُ لاهِنِ،

نِرَمَلُ ڪَري مَنَ کي، پَدَ ۾ پَهُچائِنِ،

سَڀَ گَهٽِ لَکائِنِ، سامي سُپيريَنِ کي.

(28)

ڳالهِنِ مَنجِهه آهِن، مِٺِيون ڳالِهِيون ڳوٺَ جون،

ڏيئي ڏسَ سَڄَڻَ جا، ٿِيون سَڄَڻُ مِلائِنِ،

ڪورِيون سي لاهِنِ، سام ڪَسُ اَندَرَ جي.

(29)

توڙي نِتُ چئي، ڇهَه چارِ اَٺارَهَن مُکَ سان،

تَپَ تِيرَٿَ ساڌَنَ ڪَري، غُفا مَنجِهه رَهي،

بِنان ساڌَ سَنگَتِ جي، وَهَڻَ مَنجِهه وَهي،

سامي ڪيئن لَهي، پُٺي پاڻَ کي.

(30)

تَنهن جا سَڀِ پَرِواڻُ، گيانَ جَپَ جوڳَ جڳ،

جَنهن مِلي ساڌَ سَنگتِ سان، ڏِٺو پَنهنجو پاڻُ،

دُکَ سُکَ لاڀ اَلاڀَ ۾، رَهـٖـي ثابوتيءَ ساڻ،

ڄاڻي سَڀُ ڪَلِياڻُ، سَدائي سامي چَئي.

(31)

ٻِيا سَڀِ ڪَمَ ڪوڙا، ساڌَ سَنگتِ هَرڀڳَتِ ري،

سامي سَمُجَهنِ ڪِينَڪِي، مورِکَ مَتِ موڙِها،

ڪي گُرَمُکَ ڳُوڙها، پَرِچا پاڻُ ڪَڍي ڪَري.

(32)

ٻي سَڀ اَٿي سُڃَ، بِنان ساڌَ سَنگَتِ جي،

مرِگَهه تِرِشنا جي جَلَ مون، سامي لهي نَه اُڃَ،

جاڳَنِ پورَنَ پُڃَ، ته ساڌو سُکَ ساگَرُ ملي.

(33)

بِنان ساڌَ سَنگَتِ، سامي سُڌِرِيو ڪونَه ڪو،

جاڳي ڪَڍُ اَندَرَ مون، ٻي سَڀ مَمِتا مَتِ،

پائي گِياتِ گُروءَ جِي، ڪَرِ اَڀيدَ ڀڳَتِ،

تَه ساکي ڏِسين سَتِ، چيٽيءَ ۽ ڪُنچَرَ ۾.

(34)

ڪوهُ ڪَرين اَڀياسُ، ٿو مورِکَ مايا موهَ جو؟

سامي سَڀيئي ڪَيا، جَنهِن رِڻَ ۾ رولي ناسُ،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، ڪَرِ ٻاريءَ مَنجِهه نِواسُ،

تَه چيتَنَ چِدَ آڪاسُ، ڏِسين پانهِنجي گَهرَ ۾.

(35)

مورِکَ ڪوهُ مَرين، ٿو اَوِدِيا جي آهَنڪارَ ۾،

ملي ساڌَ سَنگتِ سان، سَرِبَ تِياڳُ ڪرين،

سامي اَجَرُ جَرين، تَه سَنَمُکُ ڏِسيــٖـن سُپِرين.

(36)

مورِکَ ڪوهُ پَچين، ٿو اَوِدِيا جي اَهَنڪارَ ۾،

مِلي ساڌَ سَنگِت سان، رَنگَ ۾ ڇونَه رَچين،

اَهِڙو داءُ اَچي، موٽي بَڻندُءِ ڪِينَڪِي؟

(37)

ڇاکي ٿو سورين، سُمِرِڻيون سَمُجَهه ري،

ساڌَنَ سُپيرَينِ ري، اَٿي سَڀِ اوري،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، ڪَلِپَتَ ڪَڍُ ڪوري،

تَه جهُولين هِندورين، سامي اَنَڀَئِه سارَ جي.

(38)

وَچي پَؤ ڪِري، سامي ساڌَ سَنگَتِ ۾،

دِيکِيا وَٺِي دِلِ سان، لَنگهي گهاٽُ گِهرِي،

تَه سَهَجي جڳُ سُپَني جو، وَڃيئي وِسِري،

اَچين ڪِينَ ڦِري، جَنَمَ مَرَڻَ جي دُکَ ۾.

(39)

ڇَڏِ وَڏائي واءُ، ڪايا مايا ڪُلَ جو،

سامي ٿِيندُءِ ڪونَڪو، هَرِ بِنان هَمراهُ،

مِلي ساڌَ سَنگِتِ سان، ساجُهرِ ڪَرِ سَماءُ،

اَهِڙو دِلبَرُ داءُ، موٽي ايندُءِ ڪِينَڪي.

(40)

نانا بيکَ مَ ڌارِ، مورِکَ مَنَ جي ڀاءِ تون،

ڪونَه ٻُڌوسي ڪاٿَئِين، ڦِيڻَ لَنگهايو پارِ،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، اَوِديا ڀَرَمُ نِوارِ،

جاڳي پاڻُ سَنڀارِ، تَه سُکي ٿِئين سامي چَئي.

(41)

هِيرو جَنَمُ نَه هارِ، مورِکَ مَنَ جي ڀاءِ تون،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، اَوِدِيا ڀَرَمُ نِوارِ،

پانهِنجو پاڻُ سَنڀارِ، ته سُکي ٿِئيــٖـن سامي چئي.

 

(43)

مُورِکَ ڪِينَ ڏِسَنِ، سَنَمُکُ سُپيريَنِ کي،

اَوِدِيا جيءَ اَنڌا ڪَيا، ڏِنو پَٽُ پِريَنِ،

ڀَرَمَ مَنجِهه ڀُلي ڪَري، ٿا پَنا نِتُ پَڙَهَنِ،

تَپَ تِيرَٿَ بِرِتَ نيمَ، جڳَ جُهِدُ ڪَيو جاڳَنِ،

غُفا بَنَ پَهاڙَ ۾، بُکَ اُڃَ دُکَ سَهَنِ،

نانا بيــٖـک ڌري ڪَري، ٿا ديهه اَمولَ دَهنِ،

بِنان ساڌَ سَنگَتِ جي، سَڀِ وَهَڻَ مَنجِهه وَهنِ،

ڪي لَکايا لَهَنِ، سامي سُپيرِيَنِ کي.

(43)

تِرِشِنا تارِ نَدي، سَدا وَهي تِکَ تاوَ سان،

تَنهِن ۾ واگهو ڪَڇَ مَڇ، سَهَسين سَنَٻَنڌي،

سامي وِجهيــٖـن ڪِينَڪِي، تون پانهنجو پاڻُ ٻَنڌي،

ڪيوَلِ هِڪَ ڪَنڌي، وَٺيــٖـن ساڌَ سَنگتِ جي.

(44)

سَواد سَڀيئي، ڪَري ڏِٺَم رامَ ري،

ڪنَهين کَٽِيو ڪِينَڪِي، کيپَ کُٽِي پيئي،

سامي ساڌَ سَنگتِ سان، مِلِيُسِ مَنُ ڏيئي،

سُتَهِه سُڌِ پيئي، ويئي کوٽِ خُواري نِڪري.

(45)

تَڪي بيٺُس تَڙَ، ڪنهن پارِ لَنگهايو ڪِينَڪِي،

بيکَ گِرِستِي لوڪَ سَڀِ، سامي سُورَ سُگَهڙَ،

ٿَڪِي ساڌَ سَنگَتِ جِي، لِنوَ سان وَدِيمَ لَڙُ،

سَهَجي اَوِدِيا اَڙَ، مِٽي ويئي مَنَ مون.

(46)

رَهِسِ سَڀ ڀِٽِڪي، بيکَ پَنٿَ جوڳي جَتي،

ڪَنهِين لاٿي ڪِينَڪِي، مَمتا مَٽِڪي،

ڪَنهِين پُورَنَ پُنَ تي، اَچي ساڌوءَ اَٽڪي،

سولائي چِتَ چَٽِڪي، سامي کَڻي وِيو سِيرَ ۾.

(47)

ڪَري اُپاوَ ٿَڪِي، مَيلُ نَه مِٽي مَنَ جِي،

سامي ساڌَ سَنگتِ جِي، سَچي اوٽ تَڪي،

تَنِ راهَ لَکِائي لَکَ سان، پيراڍُنِ پَڪي،

ڏِسي دَرَسُ ڇَڪِي، بوندَ سَمائي سِنڌُ ۾.

(48)

ٽيئي لوڪَ رُلي، سانت نَه آئي جيءَ کي،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، اَوِدِيا ڳَنڍِ کُلي،

ويئي ڀاسَ ڀُلي، سامي چَئي سَنسارَ جي.

(49)

سدائي سيتَلُ، سَنگَت ساڌو جَنَ جي،

ڪوري سَڀَ قَلوبَ مان، ڪَڍٖي مَمتا مَلُ،

جوڙي جوت سَروپ سان، سامي ڪري من اَچَلُ،

چڙهيو جنِ عمل، واقفُ سي وِرونهَن جا.

(50)

ڪري وَٺُ اُپاءُ، اَوِدِيا روڳَ اَسارَ جو،

موٽي ايندءُ ڪِينَڪي، اَهِڙو اُتَمُ داءُ،

ملي ساڌَ سَنگَتِ سان، اَنَڀَئِه اَوکَدُ کاءُ،

تَه سامي نانا ڀاءُ، مِٽي وَڃيئي مَنَ مون.

(51)

ڪَري سَمَ صِدِقُ، مِليــٖـن ساڌَ سَنگَتِ سان،

جي توکي پياسَ پَسَڻَ جي، تَه سِپَ چاترڪَ جان سِڪُ،

پائي بوند اَنَڀَئِي ڪرِ لوڪنِ کون لِڪُ،

تَه اَندَرِ ٻاهَرِ هِڪُ، سامي ڏِسيــٖـن سُپرين.

(52)

ڪَهڙيءَ ڀڳَتِ تي، مِلـٖـي پِيارو پانهنجو،

شيوا پوڄا ساڌِنا، پَهُچي ڪينَ تِتي،

جَپَ تَپَ جوڳُ ڪَري رَهيا، ڪَلَ نَه ڪَنهين کي

سامي پَهُتا سي، جَن جو ساهُ سَنگت ۾.

(53)

ڪنهن جي ڪينَ وَڃي، ڪَلِپَتَ ساڌَ سَنگت ري،

اِها ڳالهِه اَنَڀَئِي، ڪو گُرمُکُ هِڪُ مڃي،

جيڪو ڀولُ ڀَڃي، سامي سَنتَنِ سان مِلي.

(54)

ڪَنهن وِرلي وَڄايو، نگارو نِرَٻاڻَ جو،

جَنهِن تي ساڌَ سنگَت جو، سامي ٿيو سايو،

اُلٽي گَهرِ آيو، چاهَ وِڃائـٖـي چِتَ جي.

(55)

سُوڌي سَنگُ ڪَري، سامي سَچارَن جو،

سدا جَن جي منَ ۾، محَبَتَ مَچُ ٻَري،

سُتَهه سِڌِ سَروپَ کون، پَلَڪَ نَه ٿِئن پَري،

ڏِئَنِ ڀَنڊارَ ڀَري، سَڀَڪَنهِن کي سُکَ جا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org