سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :20

(28)

اَڏيون اَڏِيون اَڏِ، مودين پاسي مَنَهِي،

سَچيءَ سِڪ سامي چئي، پاڻُ تَني سان گَڏِ،

ڇُوتِ مِڙيائي ڇَڏِ، ته سَهَجِ مِلني سُپِرِين.

(29)

سَدائين اِسٿَتِ، پانهِنجو پاڻَ ۾،

شيوَڪُ سامي نانهِه ڪو، نَڪا سَتِ اَسَتِ،

مَنَ ٻُڌِ واڻيءَ کون پري، رَتِي وَرائي رَتِ،

ڪَري ڪيرُ ڀڳَتِ، شيوَڪَ ري سامي چَئي.

(30)

ڪوه ڪريــٖـن اُنِمانُ، سامي سارَ سَروپَ جو؟

مَنَ ٻُڌِواڻيءَ کون پَري، پورَنُ پُرکُ پُرانُ،

سُوکَمُ ساکي سَڀَ جو، نِتُ نِرَمَلُ نِرٻاڻُ،

ڏٺي ئي پروانُ، ساک ڏئن ٿا سَنتَ جَنِ.

(31)

ٻاريءَ مَنجِهه رَهي، تون سامي ڏِسُ سَروپَ کي،

جَنهِن جاڳايو جوتِ کي، ساکي ڪَرِ سَهي،

تَه وَڃيئي سَڀُ وَهي، سَنسو آتَمَ سيرَ ۾.

(32)

اَٻُجُهه ڳُجُهه پِرينِ جو، پَڌَرِ ڪئن ٿِيو؟

جتِ نه مارِگُ مَنَ جو، ٻُڌِ نَه ٻَلُ ٻِيو،

موٽي موٽيو ڪونه ڪو، وَحَدَتَ مَنجِهه وِيو،

هي ڪَمُ ڪَنهن ڪِيو، ٿي دَرِ در ٻُجهي دانهڙي.

(33)

ساڌنَ سڀيئي، سُونَ اَٿي ساکيءَ ري،

سَمُجهه ري سامي چَئي، تون ساڙِ مَ دِٻَ ديهي،

اَندَرِ ڏِسُ پيهي، ته آهي ڪيرُ قَلوبَ ۾.

(34)

نِتُ پَراپَتِ ڄاڻ، آتَمَ سُکُ اَندرَ ۾،

جِئين اَڪاسُ گَهٽَنِ ۾. تِئين تُنهنجي ساڻُ،

ڪڍي پانهِنجو پاڻُ، سامي ڏِسُ سَروپَ کي.

(35)

سَڀُڪو ڏورِ ڏَسي، ٿو آتَمَ پَدُ آڪاسُ کون،

اِئين چَئي ڪونڪو، ته آهيون پاڻَ آسي،

سامي ڏِسِي هَسي، اِنهيءَ ڳالهه اَنوپَ کي.

(36)

سامي سوئي ڪَرِ، جَنهن ۾ ڪَرڻو نَه رَهي،

اَوِديا پِنڊَ مٿي تون، گُرگَمَ لاهي ڌَرِ،

ته دوستُ تنهنجي دَرِ، پيهي اچي پاڻَهي.

(37)

جيئندي ڏِٺو جَنِ، سامي سُپيرِيَنِ کي،

مُئي سي مَحَبوبَ سان، وَڃي مَردَ مِلَن،

جَنِين ڏِٺو ڪِينَڪِي، سي ڪوڙا قِصا ڪَنِ،

اِئين ٿا چَوَنِ، ويدَ پُران سِڌَ ساڌَ جَنَ.

(38)

جَنين هَٺُ ماريو، تَنين جِيتيو جڳَ کي،

نِرَمَلَ ڀاوَ ڀڳت سان، سڀ جو چِتُ ٺاريو،

گَهٽِ گَهٽِ نهاريو، سامي سُپيريَنِ کي.

(39)

آتَمَ رَسُ مِٺو، اَٿي سَڀَ رَسَنِ کون،

وَڃي پُڇُ تَنين کون، چکي جَنِ ڏِٺو،

ڪِئائون پاڻُ ڦِٽو، سامي ڏِسي سَروپَ کي.

(40)

اَندرَ ڏِسُ پيهي، تَه آهي ڪيرُ قَلوبُ ۾،

سَهي ڪَرِ سَروپَ کي، تون مَنُ مَنسا ڏيئي،

ته سامي سڀيئي، دَردَ مِٽني دَمَ ۾.

(41)

سامي سوسَچيارُ، جو ڪَڍي ڪوڙُ قَلوبَ مون،

پيهي ڏسي پاڻَ ۾، آتَمَ سُکُ اَپارُ،

ساکي سِرُجَڻهارُ، وِياپَڪُ ڏِسي وِسُ ۾،

(42)

ٻاريءَ ٽِڪاڻو، ڪوڙنِ مَنجهون ڪو ڪَري،

مَنِيو جَنهِن مَحبوبَ جو، ڀَرَمَ ري ڀاڻو،

سامي سَماڻو، پَرچــٖـي مَنجِهه پِرِينِ جِي.

(43)

ٻاريءَ مَنجهه ٻاري، اَٿي عَجائبُ عَجِيبَ جِي،

مَنَ ٻُڌ واڻيءَ کون پَري، نِرَمَلُ نياري،

پيهِي ڏِسُ پِريَنِ جي، تون مورَتَ موچاري،

ته سامي خُواري، مِٽي وَڃيئي مَنَ جي.

(44)

جَنتِري وَڄائي، جَنترَ ڪامِلُ پَنهِنجي ڪَلَ سان،

ڏِسي ٻُڌي سَڀُڪي، سَمُجهي ڳالهائي،

سامي ڏِسي ڪونَڪو، مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

سَتِ گُرُپَٽُ لاهي، ته سَنسو مِٽي جيءَ جو.

(45)

ڏيهيءَ مَنجِهه ڏِيو، اَچَلُ ٻري ٿو آدِ جو،

اوِدِيا کون اُلَٽِي ڪَري، پاتو جَنهن لِيو،

تَن جو مَنُ کِيو، ٿِيو سامي سَهِجَ سَروپَ ۾.

(46)

سُوکَمَ کون سُوکَمُ، اَٿي راهَ عَجيبَ جي،

کَڻين ساڻُ خوشيءَ جي، ڪَلِپَتَ ريءَ قَدَمُ،

ته آتَمَ پَدُ آگمُ، سامي لَهيــٖـن سُٿرو.

(47)

سَتِ گُرَ ڳالهه چَئي، عَجائِبُ آنَند جي،

ٻاريءَ بيگَمپور ۾، سامي ڪَرِ سَهي،

تَه وَڃيئي پَٽُ لَهي، اَوِديا جو اَکِنِ تون.

(48)

سَتِ گُرَ سارُ ڏَسِيو، پَدُ پُراتَنُ گَهرَ ۾،

گُرَمُکَ گُرَ ويساهَ سان، سامي تَتِ رَسيو،

جِتي بادَلَ جَل ري، مِهرؤن مينگُهه وَسيو،

سَنسو سَڀُ نَسيو، دَرَسَنُ ڏِسي دوسَ جو.

(49)

سَتِ گُرَ وَچَنُ اُتو، ويدَ پُرانَ مَٿي ڪَري،

وِرِلي ڪَنهن گُرَمُکَ کي، هِرِدي مَنجِهه کُتو،

ڪَڍيو تَنهن اَندَر مون، اَوِديا لوڀُ ڪُتو،

سَدائين اَڇتُو، سامي رَهي سڀاوَ ۾.

(50)

ٻِن جي ڪانهي جاءِ، ساکي سوکَمَ پَد ۾،

سَمُجهي تون، سامي چَئي، وِچون پاڻُ وِڃاءِ،

ته لُنؤَ لُنؤَ لَکاءِ، مورَتَ مَحبوبَنِ جي.

(51)

هَرَ هَرَ ڌَڪَ کائي، ٿِي ساري ڦُٽِي جُڳَ کون،

تِئين جيءُ سَروپَ کون، ڀُلِي ڀٽڪائي،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، تون مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

سَنسو سَمائي، جو موٽي مِلي جڳ ٿِئي.

(52)

سَمُجَهه ۾ سامي، بيکُ ڀِرَمُ اَٿي ڪونَه ڪو،

مُها پُرکَ ٿِيا ڪيترا، اَنَڀَئِي آرامي،

ٻيا ڪمي نِهَڪامي، اوري اَٽڪيا ڄاڻَ ۾.

(53)

لنوَ جي لانگوٽي، پاتي جَنهِن پَرتِيت سان،

ڪَئي تَنهن ڪَلِپَتَ ري هَٿَ ۾ سَمَ سوٽي،

ماري ڪَڍيائين مَنَ مون، کَلِ کَلِ سَڀ کوٽي،

اچي نا موٽِي، سامي چَئي سَنسارَ ۾.

(54)

سامي گَهرَ ۾ گَهرُ، تنهن ۾ گَهرُ اگَهرُ ٿي،

مَنَ ٻُڌ واڻيءَ کون پَري، اندرِن اگوچَرُ،

نِرَمَلُ نِيارو نَڀَ جان، سائين سَمَ سُڀَرُ،

اِهڙو پَدُ اَمَرُ، گُروءَ لَکايو گِياتِ سان.

(55)

ڏَکي ڇَڏ ڏَمرُ، متان ڏِسين ڏُکَ ڏُهاڳَ جا،

مَمَتَ مِٽائي مَنَ جي، وَٺُ دوسَن جو دَرُ،

تَه سَهَجـٖـي وَرُ اَمَرُ، مِليئي مِهِرَ ڪري.

(56)

ٽالي جِهَڙو ٽولُ، اَٿِي ڪونَه جڳَتَ ۾،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، ڪَري مَنُ اَڏولُ،

ڀَڃُ مِڙيوئي ڀولُ، تَه سَهَج مِلني سُپِرِين،

(57)

مَنجهـٖـي ڌُنِ ڌِيانُ، اَٿي ڌُنِ ڌِيانَ ۾،

سمجهي ڏِسُ سامي چَئي، تون اِهو آتَمَ گِيانُ،

تَه اَوِديا جو اَڀِمانُ، مِٽي وَڃيئي مَنَ مون.

(58)

ٻاريءَ مينگُهه مَلارُ، ڇو اٺاسيءَ اُڃَ مَرين،

تِتي اُڃَ نه بُکَ ٿِي، سَدا جَئِه جَئِڪارُ،

نڪو ڪالُ نه ڪَرَمُ ٿِي، نَڪو دُکُ اَهَنڪارُ،

دوستَ جو دِيدارُ، هِڪ پَلَڪَ پَرانهون نَه ٿِئي.

(59)

نَڪي ڄاڻُ پَري، نَڪي اوري آتَما،

سُڃَ وَسنوَ جي وِچَ ۾، ٿو سَدا سيل ڪري،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، نِرَمَلُ نَئنَ ڀَري،

ٻِيائيءَ بِنان ٻَري، ٿو ڏِيو تُنهنجي ڏيلَ ۾.

(60)

ٻِيا سَڀِ ڪوڙا ڪَمَ، اَٿي نالي نامَ ري،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، ڇَڏي گوندَرَ گَمَ،

بِنان ساڌَنَ سَمَ، پَدُ پِراپَتِ نَه ٿِئي.

(61)

مورکَ ڪوهُه مَواسُ، رَهيــٖـن مايا واهَه ۾،

اَچي ڪَندُءِ اوچتـٖـي، گَرجي ڪالُ گِراسُ،

جاڳِي اَوِديا نِنڊَ مون، ڪَرِ ڪَلِپَتَ کي ناسُ،

چيتَنُ چِدَ اَڪاسُ، سُتَهَه ڏِسُ سامي چَئي.

(62)

اٿِي پَدُ پرواڻُ، سامي ڏِٺي پانهِنجي،

بِنان ڏِٺي پانهِنجي، سَڀوئي اُنمانُ،

ليکي ڳَڻتيءَ کون پَري، سَمَ ساڳِي نِرَٻاڻُ،

ڌَري ڏِسُ ڌِيانُ، تون مَنَنُ ڪَڍي مَن مون.

(63)

اَوِدِيا جو اَڀِمانُ، جاگَرتَ، سُپَنَ سُکو پَتي،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، تُريا مَنجِهه گيان،

تُرِيا کون نِرَٻاڻُ، ساکي اَٿي سَڀَ جو.

(64)

جيءُ ڪَري جَکِ جَکِ، ٿو راتِيون ڏينهان نِنڊَ ۾.

پَٽي ڏِسي نَه پِريم سان، سامي اَنڀئي اَک،

پَرميسَرُ پَرتَکِ، وياپِي رَهيو وِسُ ۾،

(65)

سَڀڪو ٻُنڌائي، مُنهَن سان ڳالهه سَروپَ جي،

اُلَٽي ڏِسي ڪونَڪو، مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

هِيرو بيڌي هِرکِي، ڪو وِرلو وِڃائي،

جَنهِن کي جاڳائي، سامي پورو ستگرو.  

اُپديش ڀاڱو 2

(ب)

(1)

نَڪي کاءُ، نَه بُکَ مَرُ، نَڪي جاڳُ، نهَ سُمُ،

نَڪي هارِ، نَه هَٺُ ڪَرِ، نَڪي گِرَنُ، نَه گُمُ،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، مطلَبُ ڪَرِ مَعلُمُ،

جنهن جو هلي حُڪُمُ، سامي سوئي پاتشاهه،

(2)

پرچي پورو پَهُه، سامي ڏنو سَتِگُروءَ،

اَڻَ هوندي درِياهَه جي، وَهَ ڀُلِي نَه وَهُ،

اُلَٽي اَلَکَ اَڀيدَ کي، لِنوَ سَچيءَ سان لَهُه،

راتيون ڏِينهان رَهُه، اَنلَ جان اَڪاسُ ۾.

(3)

سَڀَ کي ڪالُ قَهارُ، ماري اَچي اوچتــٖـي،

کَنيون وَڃي کِڻَ ۾، جوانُ ٻُڍو اَئون ٻارُ،

ڇَڏي طَمَعَ تَنَ ڌَنَ جي، تون ڀي ٿيءُ تِيارُ،

مَتان ڪَري اِتِبارُ، سامي وِهيــٖـن سُواس تون،

(4)

رامَ مِلڻَ جي ريتِ، سامي ڏَسِي سَتِگُروءَ،

اَنَڀَئِه واڪَ آگَمَ تي، پوريَ رَکُ پَرَتيتِ،

ڇَڏي ڀيدَ ڀَرَمَ کي، جاڳِي اَوسَرُ جِيتِ،

ديهرو اَئون مَسيتِ، آهي تُنهنجي آسِري،

(5)

نَڪي کاء، نه بُکَ مَرُ، نَڪي جاڳُ، نه سُمُ،

نَڪي تِياڳِ، نَه گِرَهَڻُ ڪَرِ، نَڪي ويهُه نَه گُهمُ،

آهي جَنهِن جي آسِري، سو سامي ڪَرِ مَعلُمُ،

گِيانَ سورِجَ ري گُمُ، اَوِديا اوندهِه نَه ٿِئي.

(6)

سَتِگُرَ سَهَجِ سُڀاءِ، ڏِنو اِشارو اَنَڀَئِي،

سامي سَمُجهِي تنهن کي، نه ڪي ڪَڍُ نه پاءِ،

پورَنُ ڄاڻي پاڻَ کي، چِنتا سَڀُ چُڪاءِ،

ڀانوين راجُ ڪَماءِ، ڀانويــٖـن پِنُ پَرِسَنُ ٿي.

(7)

سَتِگُرَ ڳالِهِه سَرِلُ، ٻُڌائِي ٻانڀَڻُ چَوي،

نَڪي کاءُ، نَه بُکَ مَرُ، نَڪي رو، نَه کِلُ،

نَڪي ويهه گُفا ۾، نَڪي چِلُ بِه چِلُ،

مَمَتَ مٽائي مِلُ، سُتَهَه سِڌِ سَروپَ سان.

(8)

ڏيندو سَچُ نَه جاءِ، جَڏي تَڏي ڪوڙَ کي،

پَرِڇِنُ ڄاڻي پاڻَ کي، ڦاهيءَ مَنجِهه نه ڦاه،

اَٿي مايا موهَ جي، بيحَدِ ڏاڍي باهِ،

پِنڊَ مَٿي تون لاهِ، ته سُکي ٿئين سامِي چَئي.

(9)

هَزارَنِ جِي هِڪَ، ڳالِهِه ٻُڌائي سَتِگُروءَ،

خَلِقَ وَسي خالِقَ ۾، خالِقُ مَنجِهه خَلِقَ،

پيهِي ڏِسُ پَرِتيِتِ سان، سامي رَکي سِڪَ،

ڪوهُ چَٽيــٖـن ٿو چِڪَ، دَرِ دَرِ ديوانن جا.

(10)

سَتِگُرَ سَهَجِ سُڀاءِ، ڪِيو اُپديسُ اَنَڀَئِي،

رَکِي ويساهُ وَچَنَ تي، نَڪي ڪَڍُ، نَه پاءِ،

پاڻُ وَرائي پاڻَ ۾، سامي سَمَ لِنوَ لاءِ،

تَه خَلِقَ مَنجِهه خُداءِ، ڏِسين خَلِقَ خُداءِ ۾.

(11)

هزارَن جي هِڪَ، ڳالِهِه ٻُڌائي سَتِگُروءَ،

خلِقَ وَسي خالِقَ ۾، خالِقُ مَنجهه خَلِقُ،

اُلٽِي ڏِسُ اَکِنِ سان، سامي رَکي سِڪَ،

ڪوهُ چَٽين ٿو چِڪَ، دَرِ دَرِ ديوانن جا.

(12)

اُدَمُ پِراپَتِ، ڪونهي پورَنَ پَدَ ۾،

ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو، پِريمي پهچي تَتِ،

مِٽي جَنهِن جي مَنَ مون، سامي مَمَتا مَتِ،

سُتَهَه شِوَ شَڪَتِ، ڏِسـٖـي پَنهِنجي ڏيلَ ۾.

(13)

جَنهِن کي جَتائون، اَچي سَمُجهه سَروپَ جِي،

سَڄَڻُ آهي سامُهون، تَنهِن کي تَتائون،

چولو چيتَنَ رَنگَ ۾، رَهسِي رَتائون،

اِئين اُتائون، سالِڪَن سامي چَئي.

(14)

گَهر جو ڪَري زيانُ، ماءُ مارِي تَنهِن شَرَمَ جي،

اِهو اَوَڌوتَنِ جو، سامي سَمُجُهه گِيانَ،

مِٽي لائي لِنگَ کي، کاءُ پيڙا پَڪِوانُ،

جاڳي ڏِسُ جهانُ، آهي ڪَنهن جي آسري.

(15)

نِشِچو ڏيئي نِجُ، سامي چَيو سَتِگُروءَ،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، ناحَقُ کَپُ مَ کِجُ،

اُلَٽِي ڏِسُ آکِنِ سان، سُتَهَه سِڌِ سورِجُ،

سارو ڀاغُ سَبجُ، ڪَيو جنهن ڪَرُتا سان.

(16)

چَرِيا نِتُ چوٽي، ڪوهُ پَٽائِين ڪالَ کون،

هونديٖ ٻَلَ نِرَٻَلُ ٿِئين، خواهش رَکي کوٽي،

کائي ٿيءُ خاوَند جو، رُکي سُکي روٽي،

ايندُءِ نَه موٽي، سَمو هي سامي چَئي.

(17)

جيئندي جڳِ مَرَڻُ، آوکو ڄاڻَنِ آدِمي،

سامي چَيو سَتِگُروءَ، ڦِٽو ڪَرِ هِنَڪَرَڻُ،

اُلٽي ڏِسُ آکِنِ سان، پرَميسَرُ پورَڻُ،

اَچَڻُ اَئون وَڃڻُ، ٿِندءِ ڪونَه آڪاسَ جان.

(18)

گُرَنِ ڏَسي گَهَري، پرِيتِ نَه ڪَرِ پَلالَ سان،

اَچي سَٽيندءِ اوچِتي، ڪالُ توکي قَهَري،

اِها ڳالِهِه اَنَڀَئِي، سَمُجهي ڏِس ٺَهَري،

سامي سَڀُ سَهَرِي، ساکَ ڏِيَنِ ٿا سَنتَ سَڀُ.

(19)

وِرَلو ڪو ڄاڻي، مَرَمُ مانُکَ ديهِه جو،

جَنهن کي سَمُجهائي سَتِگُرو، اَنتَرِ مُکُ آڻي،

سُتَهِه سِڌِ سَروپَ سان، موجَ مِلي ماڻي،

شانتي پَٽُ تاڻي، سامي سُمِهيو سيجَ تي.

(20)

پُرِکارَٿَ جو پيرُ، سامي ڏَسِيو سَتِگُروءَ،

سَهي ڪَرِ سُپَني جو، ڪَرِتا آهي ڪيرُ،

جاڳِي ڪَڍُ اَندَرَ مون، اَوِدِيا روپُ انڌيرُ،

سَڀَ جو ڄاڻِي ميــٖـرُ، پاڻَ وَرائي پيءُ کي.

(21)

لِنوَ لَکايو ڳُجُهه، اَنڌَنِ کي ازِغَيبَ جو،

سُوکَمَ سَنڌِ ساکي ٿِي، ٻُڌِ ٻِيائيءَ ري ٻُجُهه،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، ڪوڙيءَ لُجَهه مَ لُجهه،

رَمزَ سَچيءَ ۾ رُجُهُه، تَه سيتَلُ ٿيــٖـن سامي چَئي.

(22)

پِرشِنُ پَرَمَ سُندَرُ، سِکَ ڪَيو شنڪا ڌَريٖ،

ڪِيئن مِلـٖـي ڪاٿي رَهـٖـي، اَڻَ ڏِٺو دِلبَرُ،

سامي ڏِٺو ستگروءُ، عين اَڀيد اُتَرُ،

گَهرَ ڌَڻيءَ جو گَهرُ، گهرَ ۾ وَسي، گَهرَ ڌڻي.

(23)

سِروَنُ، مَنَنُ، نِڌِياسُ، آهي جَنهن جي آسري،

تَنهِن کي ڏِسـٖـي تَدَروپُ ٿي، ڪونيهِي پُرِکُ نِراسُ،

پائي گُرگَمَ گِياتِ کي، ڪري اَنَنَ اَڀِياسُ،

سُکَ سَروپَ ۾ واسُ، سامي سو سَمُجِهي ڪَري.

(24)

رَکِي جَنِ رَجا، پَرِچي پَنهنجي سِرَ تي،

سي ڦُرني کون فارغ ٿِيا، ڇَڏي لوڪَ لَجا،

ڪَنهِن جي کائِنِ ڪِينَڪِي، سامي چَئـٖـي سَجا،

مِلي ڪَن مَجا، پَرِڇِنتا ري پيءَ سان.

(25)

جاڳي بِنان جَهانُ، ڀُلي ڪِينَ ڀَرَمَ جو،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، نيهِي نِرَ اَڀِمانُ،

ڏِٺو جَنهِن اَکِنِ سان، اُلَٽي اَنَڀَئِه ڀانُ،

ڇَڏي آسَ اُٿانُ، اِسِٿِت ٿِيو اَڪاسَ جان.

(26)

سَتِگُرَ ساڌَنَ چارِ، چَيا سُکَ سَروپَ جا،

سِڪَ، سَمُجَهه، ويساهُ، سَچُ، هَر جَسُ هِردي ڌار،

پهچائيندَءِ پاڻَهي، دوساڻيءَ دَرِٻارِ،

نِئڙي نَئِنَ نِهارِ، تَه سِيتَلُ ٿِئين سامي چَئي.

(27)

جيئندي جڳِ مَرَڻُ، اَوکو ڄاڻَنِ آدِمي،

سامي چَيو سَتِگُروءَ، تون پَرِڇِنَ پَندَ نَه کَڻُ،

اُٿي ڏِسُ اَکِنِ سان، پَرِميسَرُ پورَڻُ،

اَچَڻُ اَئون وَڃَڻُ، آهي جَنهِن ۾ ڪونَڪو.

(28)

ڇَڏ ٻاهَرِ جِي ٻاڻِ، سامي چَيو ستگروءَ،

ڏاوَرَ جيان پاڻَ کي، تاڻي مَنجِهه نَه تاڻِ،

اُلَٽِي لَهُه اَندَرَ مون، کِما خوشيءَ جي کاڻِ،

مِلي مَوجان ماڻِ، سُتَهَه سِڌِ سَروپَ سان.

(29)

هَرَ هَرَ هَٿُ نَه پاءِ، ڳَنڍِ چُهنڊيءَ نَه ڇُڙي،

سامي چَيو ستگروءَ، وينديٖ کي موٽاءِ،

اُلَٽِي ڏِٺو اَکِنِ سان، اَچَرَجُ ڀولي ڀاءُ،

ڪِئڙ خيرُ خُداءِ، لَٿي ڪاڻِ ڪُچِرِ جي.

(30)

آهيان اُهوئِي، جاڳِرِتَ، سُپَنَ، سُکَپَتِ ۾،

بِرِهَمَڻُ کَتِري سُودويــٖـش، سامي سَڏي ڪوئي،

ڪَڏي مَٽِيُسِ ڪِينَڪِي، ڏِٺُ کِلي روئي،

لَؤتڪارَ کَٿِي لوئي، اُجـٖـي نه اَنَڀَئِه اُنَ ري.

ڀاڱو ٽيون

 

ڀڳتي

(1)

ڀڳَتِ پَدُ ڀاري، سامي اَٿي سَڀَ کون،

وَڃي پُڇُ تَنين کون، مَمِتا جَنِ ماري،

پائي گياتِ گُروءَ جي، ٿِيا دوست دَرٻارِي،

خُودي خُواري، ڪَڍي ڏِٺائون پاڻَ کي.

(2)

ڀَڳتِ پَدُ ڀاري، پاتو جَنهن پَرَتِيتِ سان،

مِٽي تَنهن جي من مون، خودي خُواري،

سامي ڪَري سَڀَ کي، نِئُڙي نِيزاري،

ڄاڻي وِسُ ساري، چِمِتِڪارُ چيتَنَ جو.

(3)

ڀڳَتِ پَدُ ڀارو، پاتو جَنهن پَرَتِيت سان،

مِٽيو تَنهِن جي مَنَ مون، اَوِديا اَنڌارو،

لَئِه ڏِٺائين لَکَ ۾، سامي جڳُ سارو،

نَڀَ جان نِيارو، رَهي بِديهي ديهِه ۾.

(4)

وَڏي وڏائي، سامي ڄاڻُ ڀڳتِ جي،

نيچَ اوچَ ٿِيا ڪيترا، ڪَري ڪمائي،

ڍيڍ چَمارَ جُلاها، پيڃارا نائي،

جَنين لِنوَ لائي، سي سَڀيئي سُڌرِيا.

(5)

بِنان ڀڳَتِ ڀڳو نَت، ڳالهيون سَڀِ ڪوڙِيون اَٿي،

ويدَ پُرانَ سِڌَ ديوَتا، پُڇي ڏِسُ گُرَ سَنتَ،

ناري ٻالڪُ نا ڄَڻي، بِنان ڪِرپا ڪَنتَ،

سامي سَدا اَچِنتَ، پَرچي ٿِيو پريَن سان.

(6)

ڀڳَتِ ري ڀڳوانُ، ڪَنهين پاتو ڪِينَڪِي،

توڙي ويدَ پُراڻَ پَڙهي ڪَري، ڪَنِ گيتا جو گِيانُ،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، تون ڪَڍي گير گُمانُ،

ويساسي وِدمانُ، پَرچي ٿِئا وَڃي پيءَ جي.

(7)

ڀڳَتِ ري ڀڳونتُ، ڪَنهين پاتو ڪِينَڪِي،

سائي نار سُلَڇِڻي، جنهن ريجهايو ڪَنتُ،

سامي سَنتُ مَهَنتُ، پَرچي ۾ پَرچو رَهي.

(8)

ڀڳت بِنان ڀڳوانُ، ڪنهين پاتو ڪِينَڪِي،

ساکَ ڏِئي سُوڌِي سَچي، ساڌو جَنُ سُجانُ،

جاڳي ڏٺو جنهن جوتِ ۾، سامي سَڀُ جَهانُ،

سَدا نِرَ اَڀمانُ، وَرِتـٖـي ويدَ ويچارَ سان.

(9)

ڀڳت بِنان ڀڳوانُ، ڪَنهين پاتو ڪِينَڪِي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، نيهي نِرَ اَڀِمانُ،

جنهن کي ڏِنو سَتِگُروءَ، ديکِيا دَرسَنُ دان،

ڪري اَمِرتُ پانُ، اِسٿت ٿيو آڪاس جان.

(10)

ڀڳَتِ جو ڪَڻِڪو، پاتو جَن پَرِتيتِ سان،

وَڌي تَن جو وَڻُ ٿِيو، جِئن ٻَٽَ ٻيجُ نَه ڪو،

اٺئي پَهَرَ اَندَرَ ۾، لايو تَنِ لَٽڪو،

موٽي جَمَ جَهٽڪو، سي سامي کائِنِ ڪِينَڪِي.

(11)

ڀاوَ ڀڳتِ جي ڀنگَ، پيتي جَنِ پرِتيتِ سان

سي ڏيئي ڪَنڊِ ڪَلِپ کي، سامي ٿيا سَرِٻَنگَ،

ويٺا اَنڀَئه تَختَ تي، ٽَنگَ تي رَکي ٽَنگ،

راتِيان ڏِينهان رَنگَ، مِلي ڪَنِ محبوب سان.

(12)

ڀاوَ ڀڳت جي ڀنگَ، پيتي جَنِ پرِتيتِ سان،

سي سامي پِنڊَ سَٽي، ٿِيا مَحَبتي مَلنگَ،

سُمهيا سُکِپَتِ سيجَ تي، ٽنگَ تي رکي ٽنگَ،

راتِيون ڏِينهان رَنگَ، مِلي ڪَنِ محبوب سان.

(13)

ڀڳَتِ وَرائي گِيانُ، جيئن موتي آب ري،

ٻوڌَ وَرائـٖـي نَه مِٽي،، اَوِدِيا جو اَڀمانُ،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، ڪَڍي سَڀُ اُنمانُ،

نِرمَلُ پَدُ نِرَٻاڻُ، حاضُرُ ڏسيـٖـن هَٿَ تي.

(14)

ڀڳَتِ مَنجِهه ڀڳونَتُ، جِيئين ڳَنڌُ ڦُلَنِ ۾،

ڪوڙِنِ مون ڪو هِڪڙو، سَمُجهي سَنتُ - مَهَنتُ،

جو ڪلپت ڪَڍِي جيءَ مون، سامي ٿِيو ٻَلونتُ،

جنهن جو آدِ نه اَنتُ. سو ڏيو ڏِٺائين ڏيهِه ۾.

(15)

ڀڳَتِ ڀِڄائي، سَهَسـٖـي جَنَ سيتَلُ ڪَيا،

سامي مِليا سَروپَ سان، لِنوَ سَچي لائي،

مَمَتا مِٽائي، پِيئن پِيارِنِ پريمَ رَسُ،

(16)

ڪري ڀاءُ ڀڳَتِ، سامي تَرُ سنسارُ تون،

ٻيڙي ڪَرِ ويساهَ جي، چَپو مَحَبتَ مَتِ،

سَت گُرُ پُرکُ مَلاحُ ڪَرِ، پَتَڻُ ڪَڍُ ڪُمَتِ،

ساکِي ڄاڻي سَت، ته پَهچيــٖــن پارِ ڀَرمَ کون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org