سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :14

 (43)

ساڌوءَ سَنگُ ڪِيو، جنهن سامي سِڪَ سَچيءَ سان.

سَهَجي تَنهِن جي جيءَ مون، سَنسو ڀَرَمُ وِيو،

لَنگهي پارِ پِيو، اَوِدِيا جي آڙاهَه مان.

 

(44)

ساڌو جَنُ سوري، جنهن کي ڪري ڪَڇَ ۾،

ڪَڍي تنهن جي جيءُ مون، ڪَلِپَتَ سَڀ ڪوري،

سامي ڏِسي سُپرِين، آکِنِ کون اوري،

کائي نِتُ ڀوري، لَڏون پريمَ آگَمَ جا،

(45)

ساڌو جَنُ سوري، جَنهِن کي ڪَري ڪَڇَ ۾،

ڪَڍي تَنهِن جي جيءَ مون. ڪَلِپَتِ سَڀَ ڪوري،

سامي لَکائي سُپِرين، اَکِنِ کون اوري،

هَرِدَمُ هِندوري، جهومي پِريم آگَمَ جي.

(46)

ساڌو جَنُ سوري، جَنهِن کي ڪَري ڪَڇَ ۾،

تَنهِن جِي ڪَسُ قَلوبَ مون، ڪَڍي سَڀ ڪوري،

سامي ڏِسي سُپِرِين، آکِنِ کون اوري،

هَرِدَمُ هِندوري، جهولي پِريمَ آگَمَ جي.

(47)

وِرِلو جَنُ وِيو، لَنگهي پارِ سَمُنڊَ کون،

جَنهِن کي مَردَ مَلاح جو، سامي سَنگُ ٿِيو،

تَنُ مَنُ سِڪَ سَچِيءَ سان، پَتَڻُ ڀيٽَ ڪِيو،

ڇَڏي ڄاڻَ  پِيو، ٽَپِي ڀَڳَتِ جَهازَ ۾

سلوڪ ساڌ سَنگَتِ مهما

(ب)

(1)

وَڃي ڪينَ ڳَڻِي، مَهِما ساڌوءَ سَنگَ جي،

مَنَ. ٻُڌِ، واڻيءَ کون پَري، اونِهي اَتِ گَهڻي،

ساکَ ڏِيَنِ ثالِث مِڙي، ڇَڏي مانَ مَڻي،

گَهرَ ۾ گَهرَ  ڌَڻي، سامي ڏِٺو جَنِ سَرِبَ گَتِ.

(2)

وَڃـٖـي ڪينَ ڪَهِي، مَهِما ساڌوءَ سَنگَ جي،

مَنَ، ٻُڌِ، واڻيءَ کون پَري، اونِهي اَڻَ مَئي،

ساکف ڏِيَنِ سامي چَئي، عاشِقَ انَڀَئِي،

پانهِنجيءَ مَنجِه پَئي، سَدا ماڻِنِ سانتِ سُکُ،

(3)

ڪَهي وَڃي ڪين، مَهِما ساڌوءَ سَنگَ جي،

پُڇي ڏِسُ پَرَتِيتِ سان، سامي سَڀِ پَرَبِينَ،

سي سَدا سُپيريُنِ جـٖـي، لِنوَ ۾ رَهَنِ لِينَ،

توڙي ڪَنِ ڪوٻِينَ، تَه بَه راجا رانوَلَ ديسَ جا.

(4)

سَڀَ کي پَرَمَ پُنِيتُ، ڪَري سَنگُ ساڌوءَ جو،

ڏيئي ڪَنڊِ ڪَلَپَ کي، سَمُجهـٖـي عينُ اَتِيتُ،

پورَنُ ڏِسـٖـي پانهِنجو، آدي اَنَڀَئِه مِيتُ،

سَدائي سُرَجِيتُ، سامـٖـي رَهـٖـي سُڀاوَ ۾.

(5)

سَدائي سِيتَلُ،  سَنگُ تَه ساڌو جنَ جو،

ڪوري سَڀ قَلوبَ مون، ڪَڍي مَمِتا مَلُ،

لکَ لکائي اَنڀَئي، ڪَري عَينَ اَچَلُ،

جيئين جَلَ ۾ جَلُ، سَمائي سامي چَئي.

(6)

تارِ مَنجهون تاري، سَڀَ کي سَنگُ ساڌوءَ جو،

ڪَنهِن کي ڇَڏي ڪِينَڪي، لائي لِنوَ لاري،

اِئين چوَنِ ٿا اَنَڀَئي، پَنڊتَ پُڪاري،

نِجُ نِهِچو ڌاري، سامي مِلي ڪو سورَمو.

(7)

اَڻَ هوندي اولـٖـي، سامي لِڪو سُپِرِين،

لَڌو سَنگِ ساڌوءَ جي، فَقِيرَنِ ڦولي،

جَنِ کي عَشِقَ آگَمَ جِي، چِڻِگَ پيئي چولي،

پَرِتکِ پَٽُ کولي، ڏِٺائون ڏيهيءَ ۾.

(8)

کيتيءَ مَنجِهه کَسَمُ، اَنڌا ڏِسَنِ ڪِينَڪي،

ڀَوَنِ مَتِ مَرَمَ ري، پورَبُ آئون پَڇَمُ،

سامي لَڌو ڪنهن ساڌَ سنگِ، تنهن سُجاکي سُگَمُ،

ميٽي ڀيدَ ڀَرَمُ، اِسِٿِتِ ٿِيو اَنَندَ ۾.

(9)

ڀَوَ ساگَرُ ڀاري، لَنگِهيو وَڃي نَه لَکَ ري،

توڙي سَڀ ساڌَنَ ڪَري، جوڳُ جَتَنُ جاري،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، اُتَمُ اَڌِڪاري،

خُواريءَ جي کاري، سَٽي وِڌي جَنهن  ساڌَ سنگِ،

(10)

وِرلو ڪو ڄاڻي، قَدُرُ ساڌوءَ سَنگَ جو،

سُرِتيءَ کي سامي چَئي، اَنتَرَ مُکِ آڻي،

سهِجي سُڌِ سَروپَ سان، مِلي خوشي ماڻي،

پورَنُ پَٽُ تاڻ:، سُمِهي سَهَجانَندَ ۾.

(11)

مُلِڪيءَ کي مُلِڪِي، مِليو مَنُ ڏيئي ڪَري،

پَرِچيو ڪِيائون پاڻَ ۾، پِرِيَنِ جو پُلِڪِي،

لڳَيِن باه بِرِهَ جي، سَنڌَ سَنڌَ ۾ سُلِڪي،

مَري ٿِيا مُلڪِي، ٻيائيءَ ري ٻانڀڻُ چَئي.

(12)

ٽيئي لوڪَ رُلِي، سانتِ نَه آئي جيءَ کي،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، اَوِدِيا ڳَنڍِ کُلي،

پَرِچي لَڌو پانهِنجو، اَنڀَئِه گَهرُ اَصُلي،

ويئي ڀاسَ ڀُلي، سامي چَئي سَنسارَ جي.

(13)

بنان ساڌَ سَنگَتِ، وَسَنوَ ڪانهي وِچَ ۾،

اِئين چَوَنِ ٿا اَنڀَئي، ڪري سنتَ سَپَتِ،

جاڳي جڳُ سُپَني جو، ڏِٺو جَنِ اَسَتِ،

سامي ڏِيَنِ سُمَتِ، سَڀَ کي سارَ سَروپَ جي،

(14)

ٻي سَڀ ڏِٺِي سُڃَ، سامي ساڌَ سنگت ري،

مِرِگَهه تِرِشِنا جي جَلَ مون، ڪَنهِن جي لَٿِي نَه اُڃَ،

وَڃي پُڇَ تَنِين کون، جَنِ ڪَيا پورَنَ پُڃَ،

توڙي ڪُٽِن مُڃَ، تَه بِي راجا رانوَلَ ديسَ جا.

(15)

وِشَيُنِ وِڃائي، وِڌا جيءَ جهانَ جا،

سَپَ، رَسَ، آدِڪَ سان مِلِي، جَنَمَ ٿو پائي،

سامي ساڌو سورَمو، بَچـٖـي ساڌ سَنگَتِ سعيي،

ٻِيائي ٻُجهائي، پائـٖـي پورَنَ پَدَوِي،

(16)

جنهن مانُکَ کي قَدُرُ، ڪونهي ساڌَ سَنگُتِ جو،

موٽي ٿِئي مَري ڪَري، اَوِدِيا ۾ آتَرُ،

سامي سَچارَنِ سَدا، مَڃِيو اَڀيدَ اَمُرُ،

هميشَهَه حاضُرُ، رَهَنِ رَمِتا رام سان.

(17)

مِهَرَ ڪَري مالِڪُ، جَنهن تي پَرِچي پانهِنجي،

سماي ساڌَ سَنگتِ ۾، اَچي سو عاشِق،

سَمُجهِي واڪَ ويدانِتَ جا، ميٽي ڦيرُ فَرقُ،

هَرِ ڏَسِ ڏِسي هِڪُ، اَندَرِ ٻاهَرِ آتَما.

(18)

ڪنِ کي پُڇَندي پَهَه، اِئين گُذري آرِجا،

ڪي مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، ٺَرِي پِيا ٺَهه پَهَه،

سامي ويٺا سَمَ ٿي، سَڀَ سان ڪَري صُلَحَ،

اَنَڀَئِه سُکُ آڪَهَه، ڪنهِن کُي سَلِنِ ڪِينَڪِي.

(19)

ٽيڪيو جَنهن مَٿو، سامي ساڌَ سَنگَتِ ۾،

تنهن کان ڪوٽَ جَنَمَ جو، ٽئَڙُ تَپُ لَٿو،

ڪَڏِي ٻولي ڪِينَڪِي، ڀُلِي بي اَرِٿو،

توڙي ڪَري کَٿو، تَه ڀي راجا رانوَلَ ديسَ جو.

(20)

ساڌَ سَنگَتِ ڏي پيرُ،  کَنيون جَنهِن خوشيءَ سان،

مِٽيو تنهن جي مَنَ مون، اَوِدِيا ڀَرَمُ اَنڌير،

پائي سُکُ سَروپَ جو، ٿِيو سامي چَئي سُمير،

ڪري سگهي ڪيرُ، مَهِما تَنهِن جي مُنهَن سان.

(21)

جَنهِين دلِ ڏيئي، سامي ساڌَ سَنگَتِ ڪي،

مِٽيا تَنهن جي مَنَ مون، سَنسا سَڀيئي،

لَنگهي چَڙِهيو لَکَ تي، اُرٖوارُ پارُ ٻيئي،

دِرِشِٽِ کُلي پيئي، پورَنُ، ڄاڻـٖـي پاڻَ کي.

(22)

جَنهن جاڳي دِلِ ڏِني، سامي ساڌَ سَنگَتِ کي،

تَنهِن لَڌي لکَ اَلکَ جِي، بيحَد رَسَ ڀِني،

چَڙِهيو اَنَڀَئِه اَڇَ تي، ڇِڪا سَڀِ ڇِني،

توڙي ڀَري پيٽُ پِني، تَه ڀِي سيتَلُ رَهي سُڀاوَ ۾.

(23)

سَمُجهِي جَني سَئِنَ، سامي ساڌَ سَنگَتِ جي،

سي مَمَتَ مٽائي مَنَ جِي، ٿِيا آوڌوتي عَئِنَ،

پائي ڪَرِنِ نَه پيءُ کون، نِمکَ هِڪِڙي نَئنَ،

سَدائي سُکَ چَئِنَ، ماڻِن مَسِتُ مگَهنُ ٿي.

(24)

ساڌَ سَنگَتِ جو ساڪُ، سَچو سَڀُ سَنسارَ کون،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، اِهو اَنڀَئِه واڪُ،

اَندَر ٻاهَرِ آتَما، ڏِسـٖـي پورَنُ پاڪُ،

جِئين چُوٿيءَ چَڙِهيو طاقُ، اَٽَڪَ کان آجو رَهي.

(25)

جَنهن کي ساڌَ سَنگَت، ڪِيو اُپَديش اَنڀَئي،

مِٽي تنهن جي مَنَ مون، سامي سَڀ کَپَتِ،

جڳَ ۾ جڳَ جَهِڙو ٿي، وَرِتـٖـي ساڻُ سُمَتِ،

تَڪِيو ڪِيائين تَتِ، جتي ڏِينهُن نَه راتِ ڪا.

(26)

 وَرِتو جَنهِن وَچَنُ، سَچو ساڌَ سَنگَتِ جو،

پاتو تَنهين پُوربي، ويساسيءَ وَطَنُ،

سَڀَ ۾ هِڪُ چيتَنُ چَئِي، پائي آتَمُ ڌَنُ،

ميٽي سَڀُ مَنَنُ، ماڻي مُڪتِي مَؤجَ سان.

(27)

جَنهِن کي آيو ڍَٻُ، سُتَهَه ساڌَ سَنگَتِ جو،

مِٽِيو تَنهِن جي مَنَ مون، سامي لالَچِ لَبُ،

پائي ويٺو ڪَڇ ۾، راتِيون ڏِينهان رَبُ،

رکِي عينَ اَدَبُ، سيوا ڪري سيوَڪُ ٿي.

(28)

جَنهِن کي رَسُ آيو، سَچو ساڌَ سنگَتِ جو،

تنهِن پريميءَ پَرَتِيتِ سان، مَحَڪُمُ مَن لايو،

پورَنُ ڄاڻِي پيءَ کي، سَڀُ سَنسو مِٽايو،

سامي سَمايو، جَلَ پَپوٽو جَلَ ۾.

(30)

جَنهِن کي آيو رَسُ، سَچو ساڌَ سَنگَتِ جو،

مِليو سو محَبوب سان، ڪَٽي ڪَلِپَتِ ڪَسُ،

سُکي ڪَري سامي چَئي سَڀَ کي ڏيئِي ڏسُ،

جئين سورِجُ سَسُ، ڪَري سُڀاوَڪَ سوجهرو،

(31)

جَنهِن کي چَڙِهيو اَمَلُ، سَچو ساڌَ سَنگَتِ جو،

سَهَجـٖـي ٿِيو سامي چَئي، تَنهِن جو جَنَمُ سَڦَلُ،

سُمهِيو سُکَپَتِ سيجَ  تي، ميٽي سَڀُ خللُ،

بيحَدِ بلاوَلُ، مِلِي ڪَري مَحَبوبَ سان.

(32)

جَنهِن کي لگَنَ لڳي، سامي ساڌَ سَنگَتِ جي،

تنهن جِي جُهَدَ  جَتَنَ ري، سَهَجي ڀِرانتِ ڀڳي،

جاڳي ڏِٺائين جڳَ مون، جَڳِمَڳِ جوتِ جَڳي،

ڇَڏي ٺاهَ ٺڳي، اِسِٿِتِ ٿِيو اَڪاسَ جان.

(33)

جَنهِن کي ساڌَ سَنگَتِ لَکَ لکائِي اَنَڀَئي،

مِٽي تَنهِن جي مَنَ مون، سهَجـٖـي مَمَتا مَتِ،

ڪَنهِن جي ڪَري ڪِينَڪِي، ننديا اَئون اُسِتَتِ،

جاگِرَتَ ۾ سُکَپَتِ، سدا رَهي سامي چَئي.

(34)

جنهن کي ساڌَ سَنگتِ، اَکِيون ڏِنيون اَنڀَئي،

ملي تنهن مَحبوبَ سان، ميٽي مَمِتا مَتِ،

جاتي تون مان نانهِن ڪا، تَڪِيو ڪَيائين تَتِ،

جاگِرَتَ ۾ سُکَپَتِ، سامي سَدائي ڏِسي.

(35)

سَڏِنِ سَودائيِ، تَنهِن کي جيءَ جَهانَ جا،

جَنهين ساڌَ سَنگَتِ جِي، رَجَ مَستَڪِ لائي،

سو ڪوڙِي ڄاڻي ڪَلَپِنا، پنهنجي پَرائي،

ٺَهِي ٺَهائـٖـي، سَنڌِ لَڌائِين سَمَ جي.

(36)

سَڀُڪو ڦَلُ پائي، ڪَري ڪَرَمَ ڀَلا بُرا،

سامي بَچِيو ڪو سورَمو، ساڌوءَ جي سَعيي،

وَرَتـٖـي ويدَ وِچارَ سان، مَمِتا مِٽائي،

جاڏي واجهائي، تاڏي سَڄَڻ سامُهون.

(37)

سَڀَ کي ساڌَ سَنگَتِ، لَکَ لَکائي اَنَڀَئِي،

سَمُجِهي ٿيو ڪو سُورَمو، اَوِديا کان اُپَرَتِ،

ڪَنهِن جي ڪَري ڪِينَڪِي، نِنديا اَئون اُسَتَتِ،

جاگِرَتَ ۾ سُکَپَتِ، سَدا رَهي سامي چَئي.

(38)

سَڀَ کي ساڌَ سَنگَتِ، ٿِي اَلک لکائي،

ڪَنهِن پريميءَ ڏِٺو، ڪَري مَنُ اُچَتِ،

لَکي گُرَ ويچار سان، سَچِي سارَ رَهَتِ،

مَنجهين پاڻَ پَرَتِ، سَدا رَهي سامي چَئي.

سلوڪ گُرَمُکُ

(الف)

(1)

ويدانِتنِ وَکاڻُ، ڪيو سُتَهَه سَروپَ جو،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، گُرَگَمَ سِکُ سُڄاڻُ،

جئين ڏِسِجي سِجُ چندر، تيجَ تنهين جي ساڻُ،

تئين پَنهِنجو پاڻُ، اُلَٽي ڏِسي اَڀيد ٿي.

(2)

ويدَنِ جا وادي، ڪوڙين گُهمَن ڪيترا،

ڳالهائِن ڳالهيون ٻُڌي، سِياڻَپ اُسِتادي،

وِرلي ڪَنهِن گُرَمُکَ لَڌو، اَنَڀَئِه سُکُ آدي،

سو گگن ۾ گادي، پائي ويٺو پِريمَ سان.

(3)

سَڀُڪو رامُ چَئي مَرمَ وَرائي مُنهن سان،

ڪوڙِن ۾ ڪو هِڪڙو، گُرَمُکُ رَهَتِ رَهي،

ساڌٖي مَنَ پوَنَ کي، سامي سارُ لَهي،

ڪَڏِي ڪينَ وَهي، سَنسي جي ساگَرَ ۾.  

(4)

گُرَسِکيءَ جي گَتِ، سَمُجِهي جَنهِن سامي چَئي،

مِٽي تَنهِن جي مَنَ مون، ٻي سَڀ مَمِتا مَتِ،

اَندرِ ٻاهَرِ نَڀَ جان، ڏِسـٖـي ساکِي سَتِ،

ڪَري سَنتَ سُپَتِ، ساکَ ڏِينِ ٿا سَچَ جي.

(5)

هَٽُ ڪَڍيو آهي، سَنتَنِ سَودي سارَ جو،

ڪو گُرَمُکُ پورو سِڪَ سان، وَڃِي وِهائي،

تَنُ مَنُ ڏيئي تَنِ کي، سَچُ پَلِئه پائي،

جُڳَ جُڳَ ٿو کائي، سامي کُٽـٖـي ڪِينَڪـٖـي.

(6)

وَچَنُ اَڀيدُ اُتو، سامي سَتِ گُرَ سَڀَ کي،

وِرِلي ڪَنهِن گُرَمُکَ کي، هِردي مَنجِهه کُتو،

ڄاڻَ وِڃائي پانهنجِي، وَڃي پَدِ پَهُتو،

تاڻي پَٽُ سُتو، سَهِجـٖـي سُکِپَتِ سيجَ تي.

(7)

سَڀَ کي سَنتَ چَونِ، ٿا ٺاڪُرُ اَٿِي گَهرَ ۾،

اَنڌا ڏِسَن ڪِينَڪِي، ڪوڙا قِصا ڪَنِ،

اَڻَ هوندي دَرِياهَ جي، وَهَه ۾ نِتُ وَهَنِ،

ڪي گُرَمُکَ لعلُ لَهنِ، سامي جُڙِي سَروپَ سان.

(8)

مَحَلَ مَنجهِي آهينِ، ٻاريءَ پَسُ پِريَنِ کي،

ٻولِي ٻاوَنَ ٻاهرين، ڳُجهي ڳالهائِين،

نَئنَ جَهروڪـٖـي ناٿَ کي، ويٺا وجهائِين،

جهاتي سي پائِينِ، جي گُروءَ جي گَسِ پِيا.

(9)

بِنان مُکَ کائِي، سَنسو وِيو سَنسارَ کي،

ڪَنهِن جي چَلي ڪانَه ڪا، سِياڻَپَ چَتُرائي،

اها ڳالهه سَمُجَهَه ۾، ڪَنهِن گُرَمُکَ کي آئي،

تَنهِن جي سَمائي، سامي سُرتِ سَروپَ ۾.

(10)

وَڃـٖـي وِسُ وَهندي، ٿي سَنسي جي ساگَرَ ۾،

ڪَئي لوڀَ لَهَر سان، اَوِديا سَڀ اَنڌي،

وِرلي ڪَنهِن گُرَمُکَ لڌي، ڪرِپا ساڻُ ڪَنڌي،

ٻانڀَڻَ جَنهِن ٻَنڌي، پَنجَ ئي ڪيا وَسِ پانهِنجي.

(11)

وَڃي سَڀَ وَهِي، ٿي خَلِقَتَ پانهنجي خِيالَ ۾،

وِرلي ڪنهن گُرَمُکَ ڪَئي، سامي ڳالهه سهي،

چَڙهيو اَنَڀَئِه اَڇَ تي، پَنجَ ئي دُوتَ دَهي،

ڪَري راڄُ رَهي، بيحَدَ بيگَمَپور جو.

(12)

ليکي مَنجِهه آهِينِ، سَڀي جيءَ جَهانَ جا،

گُرَمُکَ ليکي کي ڇَڏي، پيرُ اَڳي پائِين،

سامي لِنوَ لائِين، وَڃِي اَنَڀَئِه جي آڪاسَ ۾.

(13)

سارو جڳُ جَلي، ٿو بِنان باهِه اَندرَ ۾،

وِرِلو ڪو گُرَمُکُ بَچو، جنهن کي سَچُ پَلي،

سامي مِلِيو سَروپَ سان، پنجَئي دوتَ دَلي،

ڪَنهِن کي ڪينَ سَلي، اَنَڀَئِه سُکُ اَنَدَرَ جو.

(14)

حِرص ۽ حرفَتَ، جوڙي ٻَڌا جيءَ سَڀِ،

مَنِي ويٺا مَنَ ۾، سامي نانا مَتَ،

وِرلي ڪَنهِن گُرَمُکَ ڪَڍِي، اَڻَ هوندِي ڪَلِپَتَ،

لَنگهي پَنجَئي تَتَ، چَڙهيو اَنڀئه اَڇَ تي.

(15)

سارو جڳُ وَهي، ٿو اَڻَ هوندي دَرِياهَه ۾،

سَمُجَهه ري سامي چَئي، اَسٿِتِ ڪونَه رَهي،

ڪو گُرَمُکُ پارِپَئي، ساڌَ سَنگَتِ جي ڌِيرَ سان.

(16)

سارو جڳُ ساڙي، داوا اَگَنِ دگَڌُ ڪِيو،

وِرلو ڪو گُرَمکُ بَچو، لِنوَ سان مَنُ لاڙي،

سامي چَڙهيو سِيرَ تي، سَڀِ لِڪَ لَتاڙي،

پَرِدو اُگهاڙي، ڳالهه نَه ڪَري ڳُجَهه جي.

(17)

سارِي وِسُ ڇَلِي، مايا موهَ مَمَتَ سان،

وِرلو ڪو گُرَمُکُ بَچو، ٻانڀَڻُ چَئي ٻَلي،

جَنهِن کي سُتَهَه سَروپَ جِي، سَتِگُرَ ڳالهه سَلي،

ڄاڻي سَڀ ڀَلِي، ڪَئي ڪَرتا پُرکَ جي.

(18)

ڀُلِي وِسُ ساري، سامي اَوِدِيا ڀَرمَ ۾،

ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪڙو، گُرَمُکُ وِيچاري،

جَنهِن مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، مَمِتا سڀ ماري،

اَنَڀَئِه جي ٻاري، کولي ويٺو خوش ٿي.

(19)

سڀيئي حيرانُ، ڏِٺا مايا موهَه ۾،

ورلو ڪو گُرَمُکُ رَهـٖـي، سَمَ سيتَلُ نِرٻاڻُ،

جنهن کي آتَمَ گِيانُ، سامي ڏنو سَتِ گُروءَ.

(20)

سَڀُڪو سڏائي، گِياني پَنڊِتُ پاڻَ کي،

سامي ڏِسي ڪونَڪو، مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

پاڻُ ڪڍِي پاڻَ سان، گُرَمُکُ لِنوَ لائي،

ويهي وَڄائي، نگارو نِرَٻاڻَ جو.

(21)

روئِي گَلِ پِيو، سامي سيوَڪُ گُرَ جي،

ڏِسِي ڇَلُ مايا جو، ڀاري ڀَئُه ٿِيو،

سَهَجـٖـي رَمزَ سَهي ڪَري، ڪامِلَ ڪَرَمُ ڪِيو،

وَٺي تَتِ وِيو، جَتِ ڀَرَمَ ڀولائو ناهِه ڪو.

(22)

سُڌَ شيوَڪَ ڀيٽيو، پورو گُرُ پَرِتِيتِ سان،

تنهن سَنسو سوڪُ اَندَر مون، سامي سڀُ ميٽيو،

سُکي ٿي ليٽِيو، وَڃي سُکِپَتِ سيجُ تي.

(23)

سامي سُوالي، آيو سَرَنِ گُروءَ جي،

بِرڌُ سُڃاڻِي پانهنجو، پرِيتِ گُروءَ پالي،

چَڙِهي چيتَنَ رَنگَ جِي، لُنؤ لُنؤ ۾ لالي،

خاوَندَ ري خالي، سُئيءَ پاهو نَه ڏِسان.

(24)

سامي ڪينَ ڇَڏي، سَتِ گُرُ پورو سِکَ کي،

جئين تئين پاڻَ سان، جوڙي جيءُ گَڏي،

راتيون ڏينهَن سَڏي، رَکِي نيڻَ نيڻنِ ۾.

(25)

سامي گُرَ سِکِي، اَچي ڪَلِپَتِ ڪَٿَ ۾،

سوکَمَ کون سوکَمُ ٿِي، کَنڊٖي ڌارَ تِکِي،

پُڇي ڏِسُ پَرِتيتِ سان، سِڌَ،ِ مُني، ديوَ، رِکي،

جنهن کي ڀاڳَ لِکي، سو مَوجان ڪري مَمَتَ ري.

(26)

سامي جَنهِن وَدو، گُرگَمَ نانءُ آلکَ جو،

تَنهِن جو واريو ڌَرَم راءِ، خوشيءَ ساڻُ کَنڌو،

پَنهِنجو پاڻُ لَڌو، وِڇڙيو ڪوٽُ جَنَمَ جو.

(27)

سامي جَنهِن سوڌي، گُرگَمَ سارُ سَي ڪَيو،

جِيتيو تنهن جَتَنَ ري، سارو جڳُ جوڌٖي،

جاڳي ڪَڍيائِين جيءَ مون، لُڌِڙا سَڀ لوڌي،

پَنجَئي پَرِٻوڌي، لائي ڇَڏيائِين لَکَ ۾.

(28)

سامي ڪَڍِي جَنِ، اَوِديا مَيلُ اَندرَ مون،

سي نِرمَلُ سنسار ۾، سَدا اَليپُ رَهَنِ،

چِيٽيءَ آئون ڪُنچَرَ ۾، سَمَ سَروپُ ڏِسَنِ،

لُنوَ لُنوَ رَسُ پيئنِ، آتَمَ پَدَ اَپارَ جو.

(29)

سامي سَڀيئي، سَنتَ چَوَنِ ٿا ڳالهه هِڪَ،

وِرِلي ڪَنهن گُرَمُکَ کي، سَمَ سُوجِهي پيئي،

جنهن ٻيا سَڀِ ٻَنِ ڏيئي، دَرُ سُڃاتو دوسَ جو.

(30)

سامي سَڀَ جو دٖيوُ، آهي پُرکارَٿُ پانهِنجو،

ڪوڙِنِ مون ڪو هِڪڙو، گُرَمُکُ ڄاڻي ڀــٖـيوُ،

اَوِدِيا جو اَهَنمـٖـيوُ، ڪَڍيو جَنهِن اَندر مون.

(31)

واڻي لَکائي، ٿِي ساکيءَ پَدَ نِرَٻاڻَ کي،

ڪوڙِنِ مَنجهون ڪو هِڪڙو، سَمجِهي سُکُ پائي،

ڏٺو جنهِن گُرگياتِ سان، اَوِديا پَٽُ لاهي،

سامي سَمائي، سو اَنڀئِي آتَمَ پد ۾.

(32)

سامي سَدائِي، گُرَمُکُ رَهي پَدَ ۾،

جَنهِن جي پُوري سَتِ گُروءَ، مَمِتا مِٽائي،

سَمُجَهه مَنجِهه آئي، اَنَڀَئِه لَکَ اَلکَ جِي.

(33)

سَڀَ ڪانُ ڪَشي، مايا هَنيون موهَ جو،

وِڌائين وَلَ ڇَلَ سان، دُبڌا مَنجِهه دَسي،

ڪَنهِن گُرَمُکَ وَتُسِ گِياتِ سان، ٻانَڀَڻَ ٻَلُ کسي،

جَنهن کي راهَ ڏسي، سَتِ گُرَ ڏِني سَچَ جي

(34)

سَڀَ کي گِراسـٖـي، مايا ويئي مُکَ ري،

سامي هِڪ هَرِجَنَ کون، رهي رن پاسي،

جنهن کي هَرِڀاسي، چيٽيءَ آئون ڪُنچر ۾.

(35)

سَڀَ کي لَڳو روڳُ، اَوِدِيا جي اَڀمان جو،

ڪوڙِن ۾ ڪو هِڪڙو، گُرَمُکُ رهي اَروڳُ،

جَنهِن کي ڏِنو سَت گُروءَ، اَنَڀَئِه آتَمَ جوڳُ،

ڪَٽي سَنسو سوڳُ، سامي چَڙهيو سِيرَ تي.

(36)

سَڀُڪو پريمُ چَئي، پريمُ نَه اچي واچَ ۾،

جِئين آڪاسُ گَهٽَنِ ۾، سَدا اَليپُ رَهي،

ڪو گُرَمُکُ سَنڌِ لَهي، سامي سنتَنِ سان مِلِي،

(37)

سَڀُڪو هَٿَ هَڻي، ٿو اَوِدِيا مَنجِهه اَنڌَنِ جان،

ديهي مَنـٖـي پاڻَ کي، جَپَ تَپَ دانَ ڳَڻي،

وِرلي ڪَنهِن گُرَمُکُ کي، اَنڀَئِه واڪُ وَڻي،

جَنهِن کي پاڻَ کڻي، ڏيئي هَٿَ هِمَٿَ جا.

(38)

سَڀَڪنهِين پاتو، ڪَيو ڪِيتو پانهِنجو،

ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو، هَرِجَنُ رَنگِ راتو،

سامي گُرَ ويساهَه سان، جَنهِين سَچُ ڄاتو،

تَنهِن جو کَتُ کاتو، وارِيو ڌَرِمَ نياوَ ۾.

(39)

مايا مَنجِهه اَپَرَسِ، وِرلو ڪو گُرَمُکُ رَهي،

ڪَئي جَنهِن ڪَلِپَتِ کون، سامي سَمُجهي بَسِ،

ڪَڏِي ٿِئي ڪينَ ڪي، مَنَ اِندرِن جي وَسِ،

کِميا جِي کَسِ کَسِ، گهوٽي، پِيئي پريمَ سان.

(40)

مايا مَنجِهه اُداسُ، وِرلو ڪو گُرَمُکُ رَهي،

ڪيو جَنهن گُرگِياتِ سان، اَنَترَمُکِ اُڀِياسُ،

چَڙهي ڏِٺائين چيتَ ري، اَنڀئِه جو آڪاسُ،

سامي ڄاڻـٖـي ناسُ، دِرِشِٽِمانَ سَنسارَ کي.

(41)

مايا مَنجِهه اُداسُ، وِرلو ڪو گُرَمُکُ رَهي،

جو دِرِشٽمانَ سَنسارَکي، نِشچي ڄاڻي ناسُ،

سامي ساڌَ سَنگَتِ جو، وَٺي ڀَنوَرَ جان واسُ،

جِئين گَهَٽَنِ ۾ آڪاسُ، تِئين ساکي ڏِسي سَڀَ ۾.

(42)

مايا مَنجِهه اداسُ، وِرلو ڪو گُرَمُکُ رَهي،

جَنهِن مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، ڪِيو اَنتَرَمُکِ اڀياسُ،

جِئين گَهٽَنِ ۾ آڪاسُ، تِئين ساکي ڏِسي سَڀَ ۾.

(43)

ٽيڪِيو جَنهِن مَٿو، سَتِ گُر اَڳَيون سِکُ ٿي،

سَهَجـٖـي تَنهن سيوَڪَ جو، سَنسو دُکُ لَٿو،

موٽي اَوِديا ڦاسَ ۾، سامي ڪينَ ڦَٿو،

توڙي ڪَري کَٿو، تَه ڀي راجا رانوَلَ ديسَ جو.

(44)

جَنهِين ڪَنُ ڏيئي، ٻُڌو گِيانُ گُروءَ جو،

پَڙهي تَنهن پورا ڪَيا، شاستَر سَڀيئي،

ساڌيٖ چَڙهيو سِير تي، اورارُ پارُ ٻيئي،

درِشٽِ وَڃِي پيئي، سامي چَئي، سَروپَ تي.

 

(45)

جَنِين ڪَمائي، ڀَڳَتِ گُرَ ويساهَه سان،

مَيلُ تَنين جي مَنَ ۾، رَهِي نَه رائي،

پاتائون پَرتِيتِ سان، اَمِتَ وَڏائي،

سامي سَدائي، سَنَمُکُ ڏِسَنِ سُپِرين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org