سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :7

(31)

تِرشنا جيءَ اَنيڪَ، وِڌا واچَ وَهَڻَ ۾،

ٽُٻيون کائِنِ نَرڪَ جون، بنا وَئراگَ وِويڪَ،

سامي سَمُجُهو سورَمو، ڪَري اَنِوَيِه وِتِريڪَ،

هِردي رکڀي ٽيڪَ، ماڻـٖـي موجَ مُڪِتِ جي.

(32)

چنچلَ چورَ چُغِلَ، سَچُ سُڃاڻَنِ ڪِينَڪي،

کوهِنِ خامَ خِيالَ سان، مانُکُ جَنَمُ اَمَلُ،

سَچارَنِ سُوڌٖي لَڌو، اَنَڀئِه گَهرُ اَصُلُ،

ڪَٽي ڪَلِپَتَ ڪُلُ، سامي ماڻِنِ سانتَ سُکُ.

(33)

ڪَرَمَ ڪَرِنِ ڪُوڙا، پائي سگَهنِ نَه پيءَ کي،

ڀُلِي ڀَوَنِ پاڻَهين، مَمِتا ۾ مُوڙا،

ماڻِنِ دَورَ دَرِسَ جِي، سَمَ ٿي سَچُوڙا،

سَدا ڳَورا ڳُوڙا، سامي رَهَنِ سُڀاءَ ۾.

(34)

قِصا ڪرَي ڪوڙا، ٻُڌائِنِ ٻِيَنِ کي،

پاڻَ پَڇاڻَنِ ڪينَڪي، مُنڍَون مَتِ موڙا،

ماڻِنِ سُکُ سَروپَ جو، ساڌو سَچُوڙا،

سَدا ڳَوار ڳُوڙا، سامي رَهَنِ سُڀاءَ ۾.

(35)

ڪَري جيءَ ڪَرَمَ، ڦاهيءَ ڦاٿا پاڻَهين،

سَدا رَهنِ سَنسارَ جي، وِسا مَنجِهه وَهَمَ،

ڪو عاشِقُ چَڙهيو اَڇَ تي، ڇَڏي ڪوڙا ڪَمَ،

سامي ڏِسـٖـي سَمَ، اَندرِ ٻاهرِ آتما.

(36)

ڪَپَٽِي ڪَپَٽُ ڪَري، ڦاهيءَ ڦاٿا پاڻَهين،

ڀَوَنِ ڀَؤ ساگَرَ ۾، نانا روپَ ڌَري،

پاپَ پُنَ دُکَ سُکَ کون، ڪو پريمي رَهي پَري،

سامي ڏسِي ٺَري، اَندَرِ ٻاهر آتَما.

(37)

اَندَرِ گَندُ بَه گَندُ، ٻاهِرون اَڇو اُجرو،

پِيرُ سڏائي پاڻَ کي، ڪَري فاضُلُ ڦَندُ،

سامي ڏِسـٖـي نه سِرَ تي، خوديءَ کون خاوَندُ،

جَڏي رُپي پَوندو رَندُ، تَڏي رُئندو رَتُ اکِنِ مون.

(38)

پَڙهيَلَ پَلالي، جَڳَ ۾ گُهمَنِ ڪيترا،

ڪَٿَندا وَتَنِ ايڪَتا، دِرِڙَتا کون خالي،

لَڌي لَکَ اَلَکَ جِي، نـٖـيهِنِ نِرالي،

سَدا سانتِ سالي، سامي رَهَنِ سُڀاءَ ۾.

(39)

نِيهه بِنان نادانَ، ويدَ پَڙهي وادي ٿيا،

پاڻُ پَڇاڻَنِ ڪِينَڪِي، سَڀَ جي ڪَنِ گِلانَ،

پيئنِ پِيارِنِ پِريَمَ رَسُ، ڪي ساڌو جَنَ سُجانَ،

سَدا نِراَڀمانَ، سامي رَهَنِ سُڀاءَ ۾.

(40)
پيٽَ ڪَيو پاجي، سامي سَڀَ جَهانَ کي،

وِرِلي ڪَنهِن گُرَمُکَ جِي، مِٽي موٿاجي،

سَهي ڪَئي جنهن سَمَ ٿي، سُپَني جي باجي،

رَضا ۾ راجي، رَهي سَدائين رامَ جي.

(41)

پاپي آئون پُن، ڀوڳِنِ ڀوڳَ ڪَرَمَ جا،

کَنيون وَتَنِ سِرَ تي، سامي ڪَلپَ ڪُني،

رَهنِ اَليپَ آڪاسَ جان، گِيانَوانَ گُني،

گاوَن ويدَ ڌُني، مَهاواڪَ ماهِلُ ٿي.

(42)

پاپي ڪَري پاپُ، ڦاهيءَ پاسَن پاڻَهين،

ڀوڳِنِ ڀوڳَ نَرڪَ جا، سِرَ تي کَڻي سِراپُ،

سامي سَچارَنِ کي، ڪونهي دُک سَنتاپُ،

مَنَ ۾ رکي ملاپُ، وَرتَنِ وِڌِ ويچارَ سان.

(43)

بِنا ڏَر ڏَري، جَڳَتُ سَڄوئي جيءَ ۾،

نانگُ ڄاڻي نوڙيءَ کي، سگَهـٖـي نَه ڌيرَ ڌَري،

وَهيو وَڃي وِچارَ ري، ڪوڙِي ڪَلپَ ڪَري،

جَنِمي آئون مَري، سپُنَي ۾ سامي چَئي.

(44)

ڀوڳَنِ ڀُلائي، وِڌو جيءُ وَهَڻَ ۾،

پُٺي ڏيئي پاڻ کي، گوتا نِتُ کائي،

اُلٽي ڏِسـٖـي ڪِينَڪي، مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

جاڳِيو جاڳائي، تَه سُکي ٿِئي سامي چَئي.

(45)

ڀوڳَنِ ڀُلائي، ڇَڏيا جيءَ جَهانَ جا،

ڀَوَنِ پَنهنجو پاڻَهين، ڦاهِي ڳَلِ پائي،

ڪالُ نَه ڏِسَنِ ڪنڌَ تي، وري واجهائي،

وِيا سَڀُ وڃائي، هيرو جَنَمُ هَٿَنِ مون.

(46)

سُوکَمُ ٿي اَسٿُولُ، ڀَوي ڀَو ساگَرَ ۾،

جَنِمي مَري، روئي هَسي، ڪَري سَڀُ مَسڪولُ،

ڏِٺائين اداسُ ٿي، موٽي پَنهنجو مولُ،

ڇَڏي طَمعَ تَنَ تُولُ، ساماڻو سامي چَئي.

(47)

سُپَنَ مَنجهِه غلامُ، سُپني شاهُ اَميرُ ٿِيو،

سُپَني ۾ مَوجان ڪَري، سُپَني ۾ نِهَڪامُ،

آکِ کُلي آرامُ، سُتَهَه ڏِٺو سامي چئَي.

(48)

اِڇا ڪَيا آڌِين، سامي جيءَ جهانَ جا،

ڀَوَنِ ڀَؤ ساگَرَ ۾، سَدا مَتِ مَلِينَ،

پَرچا رَهَنِ پيءَ سان، ڪي پِريمي پَرَبِينَ،

جِئنِ جَلَ کون مِينَ، پَلَڪَ پَراهون نَه ٿئي.

(49)

ڪي ڄاتائين پاڻُ، پِريَنِ ڄاتائين ڪي ٻيو،

سامي تَنهِن کي سَنتَ جَنِ، ڄاڻَنِ آتِ اَڄاڻُ،

پَرچي ڪَري نَه پاڻَ کي، نانَتِ کون نِرٻاڻُ،

سَدا سَنسي ساڻُ، ڀَوي ڀؤ ساگَرَ ۾.

(50)

لَنگهـٖـي لوڪَ لجا، ڪوڙا سگَهنِ ڪِينَڪي،

جَنِمِي مَرِي جَمَ جِي، سَهَنِ نِتُ سَجا،

سَچا رَهَنِ سامي چَئي، راضي مَنجِهه رَجا،

مِلي ڪَنِ مَجا، سُتَهَه سُڌِ سروپَ سان.

(51)

اَنڌنِ کي آهي، اَنڌيرِي آکِنِ ۾،

پَونِ پانهنجو پاڻَهين، ڪَنڊنِ ۾ ڪاهي،

سامي سجاکَنِ کي، ڦُرنو نَه ڦاهي،

پَٽُ پَڙدو لاهي، پورَنُ ڏِسُنِ پيءَ کي.

(52)

پَرَتکِ پَرَميسَرُ، اَنڌا ڏِسَنِ ڪِينَڪي،

هَڻَنِ ڪَرَمَ ڌَرَمَ ۾، ڪَلَپــٖـي نِتُ ٽَڪرُ،

سُجاکَن سَهي ڪَيو، پَرچي پَنهنجو گَهرُ،

ميٽي ڏُک ڏَمَرُ، سِيتَلُ ٿِيا سامي چَئي.

(53)

پَونِ پانهِنجو پاڻ، اَنڌا جيءَ آگيانَ ۾،

گوتا کائِن گَيبَ جا، ڪَري کِنچاتاڻَ،

ماڻِنِ سُکُ سَروپَ جو، سُجاکا سُڄاڻَ،

سَدائي نِرَٻاڻَ، سامي رَهَنِ سُڀاءَ ۾.

(54)

اَنڌا اَنڌُ غُبارُ، ڏِسَنِ مَتِ مَشعالَ ري،

ڀَوَنِ ڀَؤ ساگَرَ ۾، ڪَرِنِ ڪينَ قَرارُ،

سامي سُجاکَنِ جو، سُجاکو وَهَنوارُ،

اَندرِ ٻاهَرِ يارُ، پورَنُ ڄاڻَن پانهنجو.

(55)

اَنڌا آڌيءَ راتِ، ڏِسَنِ مَتِ مَشعالَ ري،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، ڪَنِ پَرائِي تاتِ،

سامي سُجاکَنِ کي، سَدائي پِرڀاتِ،

پائي آتمَ گِياتِ، اِسٿِتِ رَهَنِ آڪاس جان.

(56)

انڌا ڪنِ اَڀمانُ، ڪايا، مايا، ڪُلَ جو،

ڪالُ نَه ڏِسَنِ ڪنڌ تي، ڪَشيو بيٺو ڪانُ،

وِرلو ڪو گُرَمُک رَهـٖـي، سامي ساوڌانُ،

جَنهِن کي آتَمُ گِيانُ، سُتَهَه ڏِنو سَتِگروءَ.

(57)

اَنڌا اَڀِماني، سَچُ سُڃاڻَنِ ڪِينَڪِي،

کِنيون وَتَنِ پاڻَ  سان، ڀَرَمَ جي ڀاني،

اِسٿِت رَهي آڪاسُ جان، ڪو وِرلو وِگِياني،

دِلِ ۾ دِلِ جاني، سامي ڏِٺو جنهن سَمَ ٿي.

(58)

اَڻَ هوندي آگِيانَ، وِڌا جيءَ وَهَڻَ ۾.

گوتا کائِنِ گَيبَ جا، ڪوٽَ ڪَري اُنِمانَ،

لَنگهي چَڙهيا لَکَ تي، ساڌو جَنَ سُجانَ،

سَدا ساوڌانَ، سامي رَهَنِ سُڀاءَ ۾.

(59)

اَنڌا آگِياني، سَچُ سُڃاڻَنِ ڪِينَڪي،

کوهي مانُکَ ديهِه کي، ڀَوَنِ ويراني،

سامي سُجاکَنِ ڏِٺو، دِلِ ۾ دِلِ جاني،

مُشڪِلُ آساني، سَمُجهائي ڪَنِ سِکَ جِي.

(60)

اَنڌا آگِياني، سَچُ سُڃاڻَنِ ڪِينَڪي،

جَنمنِ مَرَنِ مَتِ ري، بَڻي اَڀِماني،

سامي سُجاکَنِ ڏٺو، دِلِ ۾ دِلِ جاني،

هَرِدَمُ حقاني، ماڻِن موجَ مُڪِتِ جِي،

(61)

اَنڌا اُپاڌِي، سَچُ سُڃاتَنِ ڪِينَڪي،

کَڻَنِ پانهِنجِي پاڻَهين روئِي پِٽي راڌي،

سُجاکَنِ سَهي ڪَري، سَمِتا مَت ساڌي،

سَدا سَماڌي، سامي رَهَن سُڀاءَ ۾.

(62)

اَنڌا اُپادي سَچُ سُڃاڻَنِ ڪِينَڪي،

ديهي ڄاڻِي پاڻَ کي، روئي کَڻَنِ راڌي،

سُجاکَا رَهَنِ سامي چَئي، سَدا سماڌي،

اُونهو آگاڌي، ڏسَنِ اَنڀَئِه آتَما.

(63)

اَنڌا اُنِماني، سَچُ سُڃاڻَنِ ڪِينَڪي،

ڳالِهيون ڪَنِ گُڻَنِ جون، جوڙي زَباني،

سامي سجاکَنِ ڏٺو، دِلِ ۾ دِلِ جاني،

سَدا سَيلاني، رَهن رَهَتِ سَچيءَ سان.

(64)

اَنڌا ڪَنِ اُنِمانُ، سُتَهَه سِڌِ سَروپَ جو،

ڏِسَنِ ڪِينَ آکِنِ ري، آڳيون اَنَڀَئِه ڀانُ،

سامي سُجاکَنِ کي، اَستامَلُ آسانُ،

جاڳِي سَڀُ جهانُ، لَئِه ڏِٺائون لَکَ ۾.

(65)

اَنڌو اَڀاڳو، سَچُ سُڃاڻي ڪِينَڪي،

ڀُلِي ڀَري سَڀَ جو، لوڀي ٿِي لاڳو،

ماڻي سُکُ سَروپَ جو، ڪو ساڌو سُجاڳو،

سَدا اَنَراڳو، سامي رَهي سُڀاءَ ۾.

(66)

اَنڌا اَناري، سَچُ سُڃاڻَنِ ڪِينَڪِي،

لائي وِهَنِ لوڪَ ۾، طَمَعَ جي ٽاري،

سامي سُجاکَنِ جِي، سَڀَ سُجانَ واري،

سَمَ ٿي سَپاڙي، ڪَٽي ڇَڏيائون ڪَلپَنا.

(67)

اَنڌا ڪَنِ اُپاءُ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرَ جي،

آدي اَنڀَئِه گَهرَ جو، رَکَن نَه سُڌِ سَماءُ،

سامي سُجاکِنِ کي، ٿِيو لُنئن لُنئن مَنجِهه لَکاءُ،

مَيٽي دُتِيا ڀاءُ، اِسٿَتِ ٿيا اَچَلَ جان.

(68)

اَنڌا ڪَنِ اِتِبارُ، ڪايا مايا ڪُلَ تي،

سَتِ ڄاڻِي سَنسارَ کي، کَپِي ٿِيَنِ خُوارُ،

رَهي اَليپُ آڪاسَ جان، ڪو ساڌو جَنُ سَچارُ،

ماڻي موجَ اَپارُ، سامي مِلِي سَروپَ سان.

(69)

اَنڌا ڪَنِ اِتبارُ، ڪايا مايا ڪُلَ تي،

سَتِ ڄاڻي سَنسارَ کي، کَپِي ٿِين خُوارَ،

رَهي اَليپُ آڪاسَ جان، ڪو سُجاکو سَچارُ،

جَنهِن آدي اَنَڀَئِه يارُ، پَرتکِ ڏِٺو پانهِنجو.

(70)

اَنڌن کي اِتبارُ، اَچي نَه آتَمَ رامَ تي،

آهي جَنهن جي آسري، سامي سَڀُ سَنسارُ،

ڪَنهن سُجاکي سورَمي، دِلِ ۾ ڪَيو ديدارُ،

جَهن کي سَنتُ سَچارُ، اَچي مِليو اَنڀَئي.

(71)

اَنڌن کي اِتبارُ، اَچي نَه آتَم رامَ تي،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، کَپي ٿِيَنِ خُوارُ،

سَدا سُجاکَنِ کي، دِلِ اَندرِ ديدارُ،

سامي ڪَري قَرار، سُمهيا سُکَپَتِ سيجَ تي.

(72)

اَنڌا جيءَ اَڄاڻَ، سَچُ سُڃاڻَنِ ڪِينَڪِي،

مايا موهَ اَسارَ ۾، سَدا رَهنِ غَلطانَ،

ماڻِنِ سُکُ سَروپَ جو، نيهي نِرَاَڀِمانَ،

سَمَ سيتَلَ ساوڌانَ، سامي رَهَنِ سُڀاءَ ۾.

(73)

اَنڌا جيءَ اَڄاڻَ، سَچُ سُڃاڻَنِ ڪِينَڪي،

ڪَري ڪَرَمَ ڀلا بُرا، ڀَوَنِ ڀوڳِنِ پاڻَ،

سُجاکا سَروپَ جِي، رَکَنِ پرِيتِ پَڇاڻَ،

سَدائي نِرَٻاڻَ، سامي رَهَنِ سُڀاءَ ۾.

(74)

اَنڌا جيءَ اَڙِي، پِيا سَڀِ مايا موهَ ۾،

مَرَن مَت مَرَمَ ري، راتيون ڏينهن رَڙي،

ڪَنهِن سُجاکي سورَمي، ڀڳِي ڀَرَمَ گَهڙي،

چيتَنِ چِٽَ چَڙي، سَيلَ ڪَري سامي چَئي.

(75)

اَنڌا ٿِي اُتپَتِ، سَچُ سڃاڻَنِ ڪينَڪي،

رولِنِ مانُکُ ديهِه کي، ڪَري ڪوڙُ ڪُسَتِ،

سُجاکَنِ ڪِي ساڌَ سَنگِ، ڀاڳَوَتي ڀڳَتِ،

ميٽي مَمَتا مَتِ، سامي جُڙيا سَروپَ سان.

(76)

اَنڌو پِيو آڻي، ٻُڏِيءَ ٻارَ سُڪيءَ ۾،

تارِ ڄاڻِي تُرِهو ٻَڌو، ڪَرمَنِ جو ڪاڻي،

سامي آڀا سورَج جِي، ڪو سَڄو سُڃاڻي،

موجَ مِلِي ماڻي، پاڻَ وَرائي پاڻ ۾.

(77)

اَنڌو پِيو آڻي، ڀُلِي ڀؤ ساگَرَ ۾،

بي ٻُڌِيءَ ٻَڌو تُرهو، ڪَرمَن جو ڪاڻي،

سُجاکو سامي چئي، صاف سُڪو ڄاڻي،

موجَ مِلِي ماڻي، پاڻَ وَرائي پاڻ ۾.

(78)

اَنڌو پِيو آڻي، ڀَؤ ساگَرَ جو ڀِيڙَ ۾،

تارِ ٻُڌي تُرَهو ٻَڌو، ڪَرمَنِ جو ڪاڻي،

سامي آڀا سورِجَ جِي، ڪو سَڄو سُڃاڻي،

مَوجَ ملي ماڻي، پَرتکِ پورَنُ پانهنجِي.

(79)

اَنڌَنِ کي آئِي، اَڳيون اوٽَ اَگِيانَ جِي،

جُدا جانيءَ پاڻَ کي، رولي وِڌائي،

سامي سُجاکَنِ ڪي، سُتَهَه صَفائي،

سَڀَ گَهٽِ لالائي، پَرتکِ ڏِسَنِ پيءَ جِي.

(80)

اَنڌَنِ کي آئي، اَڳِيون اوٽَ اَگِيانَ جي.

پَرڇِنِ ڄاڻِي پاڻَ کي، ڇاڻِنِ نِتُ ڇائي،

سامي سُجاکَن کي، سَمَتا سَدائي،

لُنوَ لُنوَ لالائي، پَرتکِ ڏِسَنِ پيءَ جي.

(81)

اَنڌا اوٽَ ڏيئي، دَرِ دَرِ ڦولِنِ دوسَ کي،

ڪَري بيٺا ڪَلپَ سان، ساڌَنَ سَڀيئي،

سَهجي سُجاکَنِ کي، سامي سُڌِ پيئي،

سِوُ، سَڪَتِ، ٻيئي، ڏِسَنِ پَنهنجي ڏيلَ ۾.

(82)

اَنڌنِ کي اَٽِڪَلَ، ڪانهي تار تَرَڻَ جي،

سَتِ ڄاڻِي سَنسارَ کي، ڀَوَنِ مَنجِهه ڀَؤ جَلَ،

لَحَظي مَنجِهه لَنگهي پِيا، ڪي سُجاکا سَٻَلَ،

سامي سَڀَ مَهَلَ، حاضُرُ ڏِسَنِ حَضورُ ۾.

(83)

اَنڌَن کي اولو، مايا ڏِنو موهَ جو،

پائي ڀَوَنِ پاڻَهين، چِنتا جو چولو،

سامي سُجاکَنِ کي، ڪونهي ڀَؤ ڀولو،

کِما کَٽولو، پائي سُمهيا پَدَ ۾.

(84)

اَنڌنِ کون اَڀلاکَ، مِٽي نَه مايا موهَ جِي،

ڀَوَنِ ڀَؤ ساگَرَ ۾، کڻي طَمعَ جا تَباکَ،

ماڻِنِ سُکُ سَروپَ جو، ڪي ساڌُو جَنَ سُجاکَ،

سامي سَچي ساکَ، ويدَنِ ڏِني وِڌِ سان.

 (85)

اڳيون آئي اوٽَ، اَنڌنِ کي آگيانَ جي،

پائي ڀَوَنِ پاڻَهِين، ڪَلَپتِ جَنَمَ ڪوٽَ،

سُجاکَنِ سَٽـٖـي وِڌي، پولِي پَرڇِنِ پوٽَ،

چيتَنَ اُتي چوٽَ، سامي لائِنِ سَمَ جي.

(86)

اَڻَ هوندي اَگِيانَ، ڏِني اوٽَ اَنڌَن کي،

سُتَهَه شُڌِ سَروپَ جِي، سُڌِ ٻُڌِ رکَنِ ڪانَ،

ڪَرِنِ عَدالَتَ اَنڀِئَي، سُجاکا سُلطانَ،

رَهَنِ منجِهه جَهانَ، سَدا اَليپُ آڪاسَ جان.

(87)

ڀولي ڀُلايو، اَڻَ هوندي، اَگِيانَ جي،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، دَهَ دِسا ڌايو،

سُپَني ۾ سامي چَئي، سَڀُ رَنگُ رَچايو،

اَکِ کُلي آيو، عينَ اَڦُرَ آرامَ ۾.

(88)

اَنڌَنِ ڏِني آڱرِ، پَرڇِنتا جِي پاڻَ کي،

اُچا سَڏَ اَلله کي، اُٿي ڪَنِ اَسُرِ،

سامي سُجاکا وِيا، ڌيرَجُ ڌاري ڌُرِ،

پَرچي پِيئنِ پُرِ، پاڪُ پِيالو پريمَ جو.

(89)

انڌَنِ ڏني اوٽَ، اَڳِيون آسَ اگِيانَ جِي،

پائي ڀَوَنِ ڪَلِپَتَ جَنَمَ ڪوٽَ،

سامي سُجاکَنِ تي، ڪَنهِن جِي چَلي نَه چوٽَ،

سَٽي پَرڇِنِ پوٽَ، ماڻِنِ سُکُ سَروپَ جو.

(90)

اَنڌَنِ راهَه اَنڌي، وَتِي مَتِ مَشعالَ ري،

ڀَوَنِ ڀَؤ ساگَرَ ۾، لَهَنِ ڪينَ ڪنڌي،

سامي سُجاکَنِ جِي، مَتِ سُجاکي سُڳَنڌي،

ويٺا ڳَنڍِ ٻَنڌي، اَنَڀَئِه لعلُ اَڻَ مُلهو.

(91)

اَوِديا ڏِني اوٽَ، اَنڌنِ کي اَڀمانَ جي،

پائي ڀَوَنِ پاڻَهين، ڪَلِپَتِ جَنَمَ ڪوٽ،

سامي سُجاکَنِ تي، ڪنهن جي چَلي نَه چوٽَ،

سَٽي پَرِڇن پوٽَ، ماڻِنِ مَوجَ مُڪِتِ جي.

(92)

اَهَنڪاري اَحَمَقَ، سَچُ سُڃاڻَنِ ڪينَڪي،

ٻُڌي واڪَ ويدانتَ جا، دَرِ دَرِ بَڪَنِ بَڪَ،

اِسٿِتِ رَهَنِ آڪاسَ جان، ڪي پريمي پَرَپَڪَ،

لُنوَ لُنوَا ساڻُ لَٽَڪَ، سامي لائي لالُ ٿِيا.

(93)

وَهي پاڻَ وِيو، اَنڌو اَوِديا سِنڌُ ۾،

ڪاڻو ڪَرَمَ تُرَهي، سامي سُوارُ ٿِيو،

سُجاکو سَنسو سَٽي، لَنگهي پارِ پِيو،

ڏسي ڪينَ ٻيو، سورجَ سارَ سکياتَ ري.

(94)

ڪُٽنبُ قَبِيلو، موهي مُسائي سَڀَ کي،

ڪنهن جو چَلي ڪينَڪي، هَٺُ هِمَٿَ حيلو،

سامي بَچِيو ڪو سورَمو، رَنگَ ۾ رَنگيلو،

والِثُ وَسيلو، پَرچِي جَنهن جو پاڻَ ٿِيو،

(95)

ڪوٽَ جَنَمَ ڪوڙو، پائي مِلي نه پيءَ سان،

سَدا رَهي سامي چئي، مايا ۾ موڙهو،

چَڙهيو چيتَن چِٽَ تي، ڪو گوهَرُ ڳوڙهو،

ٻَڌِي، جنهن ٻُوڙو، مَنُ مَنايو پانهِنجو،

(96)

لوڪَنِ لِيڪ لَجا، ڪوڙا ڇَڏنِ ڪِينَڪي،

سَڀي مايا موهَ ۾، سَهَنِ نِتُ سَجا،

عاشِقَ چَڙهيا اَڇَ تي، مَني رب رَجا،

ڪرِنِ نِتُ مَجا، سامي صفائيءَ جا.

(97)

ڪوٽَ جَنَمَ ڪَپِٽِي، پائي مِلَنِ نَه پيءَ سان،

سامي سَچارَنِ جِي، سَهَجِي مَمَتَ مِٽي،

پَنهنجي آکِئين پاڻَ کي، ڏٺائون اُلِٽي،

ڪَري ڦولَ ڦِٽي، اِسٿِتِ ٿيا آڪاسَ جان.

(98)

ڪوڙا ڪُوڙ سَتِ، ڪَري ڪَلِپَنِ پاڻَهِين

مَري پائِنِ مَتِ ري، دُبارِي دُرِگَتِ،

سَنتَنِ سَچارَنِ جِي، سَچي سارَ سُمَتِ،

راتِيون ڏينهان رَتِ، سامي رکَنِ سَروپَ سان.

(99)

ڪوڙا ڪوڙائِي، سوگهي رکَنِ ساهَ کون،

پائي ڀَوَنِ پاڻَهين، ڇَلَ وَل جي ڇائي،

سامي سَچارَنِ ڪِي، سَچي ڪَمائي،

پانهنجِي پَرائي، تاتِ ميٽي تَدَروپُ ٿيا.

(100)

ڪوڙا ڪوڙائي، ڇَڏِنِ ڪينَ ڇَنِ پَئي،

پائي ڀَوَنِ پاڻَهين، ڇَڄَ ڀَري ڇائي،

سامي سَچارن ڪِي، سَمُجهي صَفائي،

سَمَ ٿي سَدائي، ماڻِنِ سُکُ سَروپَ جو.

(101)

ڪوڙا ڪارِ ڪَچي، ڪوڙي ڪَنِ ڪَلَپِتِ جي،

مَرَنِ مَتِ مَرَمَ ري، پانهِنجو پاڻَ پَچي،

سامي سَچارن جي، سَدا مَت سَچي،

رَهيا رنگِ رَچي، سُتَهَه سِڌِ سَروپَ جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org