سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :19

(30)

هَڻِي هَٺُ نوارِ، متان ڏِسين ڏُهاڳَ جا،

ڇَڏي خِيالُ خَلِقَ جو، گَهرَ پانهِنجي ۾ گهارِ،

ڪَرِ سينگارُ مِلَڻَ جو، پُڇي جيڏيون چار،

ته دوسُ اَچي دَرٻارِ، ڏيَئي سُکَ سهاڳ جا.

(31)

هَڻي هَٺُ وِڃاءِ، ساجُهرِ سَمُجهي پانهِنجو،

داسَن جي داسي ٿي، شيوا سَڀَ ڪَماءِ،

ٻانڀَڻُ چَئي ٻِيائيءَ ري، چِت چرِنَنِ سان لاءِ،

پِرِنِ کي پرچاءِ، متان رٺيائي رهجي وَڃين.

(32)

جيڪو دُکائي، سَنتَنِ ساپُرسَنِ کي،

سو ڪِيتو پانهِنجو پاڻَهِين، جَنَمَنِ مَنجِهه پائي،

جِئين ڪِيڙو گندَ ۾، نِتُ ٽُٻي کائي،

ساڌو ڇَڏائي، ته سامي ڇُٽي دُکَ کون.

(33)

جوڳي، سَنياسي، بيراڳي، ٻانڀَڻَ گهڻا،

نانا بيک جڳَتَ ۾، سيوِڙا، اُداسي،

تَنين ۾ ڪو هِڪِڙو، دَرِسَنَ جو پِياسي،

جَنهِن جو ڦَندُ ڦاسي، سامي ڪَٽِيو سَتِ گُروءَ.

(34)

جي تون ڄاڻي جيءُ، ته جُڙيو رَهُ جڳَدِيس سان،

جي ديهي مَني پاڻَ کي، تَه مَري مِٽي ٿيءُ،

جي تون آهين آتما، ته ڪَڍُ سَنسي جو سيءُ،

سامي پرچي پيءُ، جِئين تِئين رامَ رَسُ.

(35)

دَرِ دَرِ ڪيمَ نِهارِ، چَري، چِيتَن وَرَ کي،

اَٿي مَنجِهه مَحَل جي، تون اَوِديا ڀَرَمُ نِوارِ،

ڪَرِسِينگارُ مِلَڻَ جو، پُڇي جيڏيون چارِ،

گڏجي گهوٽُ ڪنوارِ، سامي ماڻِيو سيجَ سُکُ.

(36)

ڏيهيءَ منجهي ڏيــٖـئُه، اَٿي ڏيهي ڏيوَ ۾،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، تون گُرگَمَ اِيهو ڀيئُه،

ته اَوِديا جو اَهَنميئُه، مِٽِي وَڃيئي مَنَ مون.

 

(37)

ناحَقُ مَنُ نه هارِ، نانگُ ڏِسي نوڙيءَ ۾،

ڪَلپَتَ ڪڍي جيءَ مون، تون نِرَمَلُ نَئنَ نِهارِ،

پانهنجو پاڻُ سَنڀارِ، ته سامي مِليــٖـن سَروپَ کي.

(38)

سامي تون سَمُجهاءِ، گُرگَمَ پانهِنجو پاڻَ کي،

پائي سُکُ سَروپَ جو، دَرِ دَرِ ڪِيمَ ٻُنڌاءِ،

مَتان مَنَ جي ڀاءِ، وَهِي وَڃيــٖـن وَهَ ۾.

(39)

نَڪي اَلُ نه سَلُ، سامي سِڪَ پِريَن جِي،

نَڪي ڌاري ٻَلَ کي، نَڪي ٿيءُ نِٻَلُ،

اَڻَ هوندي اَوِديا جو، تون وِچون ڪَڍُ خَلَل،

اَٺَئي پَهَرَ اَچلُ، جُڙِيو ره جڳَديشِ سان.

(40)

نَڪي ڪَٿِ گِيانُ، نَڪي ڌارِج موه کي،

نَڪي گُهمُ گَهرَنِ ۾، نَڪي ڌرِ ڌِيانُ،

سَمُجَهه ري سامي چَئي، اٿي سَڀُ اَڀِمانُ،

پائي پَدُ نِرَٻاڻُ، تون مِلي مَهَدِ جَنَنِ سان.

(41)

نَڪي ڪَڍُ نه پاءِ، نَڪي کاءُ نه بُکَ مَرُ،

نَڪي سُمهه نه جاڳُ ڪي، نَڪي چُپِ ڳالهاءِ،

جِتي تون مان ناهِ ڪا، لوڙي لَهُه سا جاءِ،

ته سامي ڀولـٖـي ڀاءِ، ستهه مِلَني سُپرين.

(42)

پوڄين ڪوهُ پَٿَرَ، تون چَريا چيتَنَ کي ڇڏي،

جَنهِين ساڌَنَ سِڌِ ڪَيا، تَنهِن جِي ڪَرِ نَظَرَ،

ساکي ٻولــٖـي سَڀَ ۾، ٿو وِياپَڪُ چَرَاَچَرَ،

سامي اَجَرَ اَمَرَ، ڇڏي پوج مَ پِنڊَ کي.

(43)

ڪَنهِين ڪِينَ ڪَئي، ڀڳَتِ گُرَ ويساهَ ري،

ڪَرَمَ ڌَرَمَ مَتَ موهَ ۾، وِئَڙا جيءَ وَهي،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، تون ڪَري سَنڌِ سَهي،

ڄَمــٖـي ڪيئن ڏَهِي، ساکيءَ سَنڀائِڻَ ري.

(44)

پاندِ پَلَئِه پائي، سَڀڪو ٻيجيو پانهِنجو،

اِها راهَ اَصُلَ جي، ڇڏِي ٺاڪُرَ ٺاهي،

سَتِ گُرُ پانهِنجي سِکِ کي، سامي سَمُجهائي،

جاڳائي لاهي، اَوِديا ڦاسَ ڳِچيءَ مون.

(45)

ٻاڻي لَکائـٖـي ٻوڌَ کي، سا ٻُوڌَ روپَ ٻاڻِي،

پاڻيءَ اُٿَنِ پَپوٽڙا، پَپوٽا پاڻي،

سوکَمَ سَنڌِ پِرين جي، ڪَنهن ڄاڻائــٖـي ڄاڻي،

مَوجَ تَني ماڻي، گِهڙي لَنگهيا جي گهيڙَ کون.

(46)

ڪَري ڀاءُ ڀڳَتِ، سامي تَرُ سَنسارُ تون،

ٻيڙي ڪَرِ ويساهَ جي، چَپو مَحَبَتَ مَتِ،

سَتِ گُرُ مَلاحُ ڪَرِ، پَتَڻُ ڪَڍُ ڪُمَتِ،

ساکِي ڄاڻِي سَتِ، ته پَهُچين پارِ ڀَرَمَ کون.

(47)

پورَنَ پُرَکَ چيو، وَچَنُ هِڪُ وِسرامَ جو،

سامي ڄاڻِجِ ڪوڙُ سَڀُ، ڪَلِپَتَ جو ڪيو،

جِئن سُکُ سُپَني جو، جاڳئي ڪِينَ رَهيو،

ساکي ٺَهيو ٺُهيو، اَٿي آدِ جُگادِ جو.

(48)

پِرين وَسَنِ پارِ، مَنَ ٻُڌِواڻيءَ ڪَرَمَ کون،

هيڏي هوڏي هَٿِڙا، مورَکَ اَنڌَ نَه مارِ،

پيهي پانهنجي گَهر ۾، گُرَمَ ڏيو ٻار،

هِيرو جَنُم نه هارِ، سامي چَئي سَمُجَهه ري.

(49)

ڇَڏي وَرُ وَڪَڙُ،  جي کَڻيــٖـن پيرُ پرينِ ڏي،

ته سَهَجي سُپرِيَن جو، سامي لَهيــٖـن تَڙُ،

موٽي توکي مَڙُ، جَمُ جگاتِي نه ڪَري.

(50)

ٻانڀَڻَ ٻَنڌُ مَ ٺاٺَ، ڪوڙا مايا موهَ جا،

کَڻي هَڻَندَءِ کَڏَ ۾، اِها ڏائڻِ ڏاٺَ،

ڇَڏي پوٿيون پاٺَ، جاڳي ڏِسُ جڳَدِيسَ کي.

(51)

بيحَدِ ڪِينَ هَلي، سامي حَدَ جي جيءَ سان،

مَمِتا جي مُٺن کون، رکـٖـي پاڻَ پَلي،

جڳَ ۾ جڳَ جِهڙو ٿِي، بِنان چاهَ چَلي،

تنهِن کي ڳالهِه سَلي، جَنهِن کي سِڪ سروپَ جي.

(52)

وِرچي مُنڌَ مَ ويهه، ڪاهِ ته ڪيچِن کي مِلين،

ساجُهرِئي سامي چَوي، ڇُلي ڇَپَرين پيهُه،

ڏورِيندَن جو ڏيهُه، ويٺَنِ کي واري وَري.

(53)

سو سَرُ مَنجهِه سَرير، جَنهِن مون وَهنِ واهڙ ڪيترا،

تَرسُ نه تاءُ پَسي ڪري، لَهِج تَڪــٖـي تيرَ،

ته پاڻي پَرينءَ ڀَر جو، اَٿي سوجهــٖـي مَنجِهه سَريرَ،

اورِينَ پَرينءَ، ڀَر جِي، سامي ڇڏِ اُڪيرَ،

تنهن نائج مَنجهي نِيرَ، جتي پاڻيءَ پڻو ناه  ڪو.

(54)

حَرفُ اَٿِي هِڪڙو، پَنا ڪوهُ پَڙهيــٖـن،

پائي مُنهُن مَڙهيءَ ۾، اُنهيءَ ساڻُ اَڙيــٖـن،

تان چاڙهيءَ تَنهِن چَڙهيــٖـن، موٽيــٖـن مورُنَه ڪڏهين.

(55)

تَڏي پوَندءِ ڪَلَ، جَڏي ضابتَ ايندءِ اوڏڙا،

سُڪائيندَءِ ساهَ کي، سامي ساڻُ هَڪَلَ،

جي هوندا ساڻ عَمَلَ، ته توکي رَندُ نه پوندو رائرو.

(56)

مورکَ ڪوهُ ڳَڻي، ٿو سَٽيــٖـن ڪوڙا جيءَ ۾،

اِها پِنڊَ خَلَلَ جي، سامي ڪينَ کَڻي،

جُڙِئي ري جڳَديسَ کي، ٻي ڳالهه ڪانَه وڻي،

کڻِي ڀونءِ هَڻي، مِٽي ميلَ مَمَتَ جي.

(57)

مها تِيکَڻُ تاءُ، اَٿي اوِديا سِنڌ جو،

ڇَڏي آلس اونگهه کي، اٿي ڪَرِ اُپاءُ،

لوڙي لَهُه هِمٿَ سان، سامي مَردُ مَلاحُ،

اِهڙو دِلبرُ داءُ، موٽي ايندءِ ڪينَ ڪي

(58)

مها تِيکَڻُ تاءُ، اَٿي اَوِديا سِنڌ جو،

رَکي چاهَ اَندَرَ ۾، سامي سورَ نَه سَهُه،

مَحَبَتيءَ ملاحَ کي، لِنوَ سان لوڙي لَهُه،

ته پارِ لَنگَهڻَ جو پَهُه، پَرچي ڏِئيئي پَلَ ۾.

(59)

ري مُکَ اَنگَ اَکَرُ، اَکَنڊُ پَڙهي سو اَوليا،

ري ٻاوَنَ ٻاوَنَ ۾، سُوکَمُ سَهِجَ سُڀَرُ،

کِري کَپي ڪِينَڪِي، اَنَڀَئي روپُ اَمَرُ،

وَڻجارا هي وَرُ، ڪوڙنِ مَنجهون ڪو لَهي.

(60)

ليکا سَڀِ وسارِ، اندرِ ڏِسُ اَليکَ کي،

ديهي دِٻَ پائي ڪَري، حِرفَتَ ساڻ نَه هارِ،

ڄاڻَ وڃائي پانهِنجي، سامي سارُ سَنڀارِ،

نِرِمَلَ نَئنَ نِهارِ، ته پَسَڻُ ٿيئي پِرينءَ جو.

(61)

ويدَ پُرانَ پَڙهي ڪَري، ٿو لوڪَن رِيجهائيــٖـن،

سُپيريان جي سِڪَ ۾، جهاتي نَه پائيــٖـن،

چاهُ چُڪائيــٖـن، تون پَسيــٖـن ڪِيئن پِريَنِ کي،

(62)

ويد وَچَنَ وِيچار، پِريم پريت پرتِيتِ سان،

ڪَنَ اَکِيون ڏيئي ڪَري، سامي مَنَ کي مارِ،

ڪڍي سارُ وَچَنَ مون، باقي سِکَ سَنڀارِ،

ته ساکي ڏِسين پارِ، واڻيءَ اَئون وِيچارَ کون.

(63)

سوئي ٿِيو اَسٿولُ، جو سوکَمُ ساکي سدا،

ٻِجَ وَرائي نَه ٿِئي، دَرخَتُ پَنُ ڦَلُ ڦولُ،

اَنڀَئي آتَمَ مولُ، تون سَمُجِهي ڏِسُ سامي چَئي.

(64)

ساڌُ نه سَڏائيج، هيءَ تِرڪَڻِ تِکي اَٿي،

هن ڀَرَمَ ڀُلايا ڪيترا، سا پِنڊ سِرون لاهيج،

سَمجهي تون سامي چَئي، مُنهن مَڙهيءَ پائيج،

لوڪَ نَه لکائيج، ته واقفُ ٿِئين وِرونهَن جو.

(65)

سامي ڪيمَ سڏاءِ، گياني پَنڊَتُ پاڻُ کي،

اِنهيءَ مَمَتا مُٺا ڪيترا، تون سَمجهي پاڻو بچاءِ

آگيا مَني آگَست جان، اَوديا سِنڌُ سُڪاءِ،

جهاتي جَهروڪي پاءِ، تَه سَنُمکُ ڏِسين سپرين.

(66)

سامي ڪوهُه مَنَنُ، ڪَري ٿو ڪَلِپَتَ جو،

دُکي ڄاڻي پاڻَ کي، گُهمـٖـي گَهرَ دَرَ بَنُ،

اَوِديا اَندَرَ ۾ رَکي، سِڌِ ڪَري، ساڌنُ،

جِئين اَليپُ گَگَنُ، تئين تون ساکي سدا.

(67)

سُورا سي چَئجَن، جي جهونجهِن ٿا ميدان ۾،

جِيئڻَ اَئون مرڻ جو، سامي سوچُ نه ڪَنِ،

اولو ڀَرمُ ڪَڍي ڪري، سَنَمُکُ ٿِرَ رهن،

ماري پَنَجَ کَڻَن، مَنَ سوڌا مَيدانَ ۾.

(68)

سامي سَمُجهي ٿيءُ، اَنتَرِمُکَ اَدبَ سان،

وَٺي گِياتِ گُروءَ کون، تنهن سان جوڙي جيءُ،

ڪَڍيــٖـن سَڀُ ڪَلِپَتَ جو، اَڻَ هوندو سَنسو سيءُ،

تَه پرگهٽُ ڏِسيــٖـن پيءُ، اَندَرِ ٻاهَرِ دَهَ دِسا.

(69)

هِيرو جَنَمُ نَه هارِ، مورَکَ جيءَ مَرَمَ ري،

ٿو چارِ وِڃائين نِنڊَ ۾، ڪوڙَ ڪَپٽَ ۾ چارِ،

ڏِسي ڪالَ قَهارَ کي، رُئندين زارون زارِ،

ساجُهرِ سارِ سَنڀارِ، سامي چَئي ساڌَ سَنگِ،

(70)

حِرصَ هلاکُ ڪِيا، بيک، گِرستي، لوڪ سڀِ،

ڀُلِي سارَ سَروپَ کون، سَنسي مَنجهه پِيا،

سُپني ۾ سامي چَئي، نانا روپَ ٿِيا،

جاڳئي دُکَ ويا، اڻ هوندا اَوِديا جا.

(71)

هَرَ هَرَ هَٿُ نه پاءِ، هيءَ ڳَنڍِ چُهنڊيءَ نه ڇُڙي،

شيوا هَٺَ سُمِرَڻَ جِي، ڪنهن جِي چلي نه ڪاءِ،

سياڻپَ جا سامي چئي، هُنر ڪيمَ هَلاءِ،

هن وَرَ مُنجهائي ماءِ، ڪوڙين وِڌا ڪيترا.

(72)

هَي هَي ڪوه ڪَريــٖـن، مورَکَ مَنَ جي ڀاءِ تون،

اَڻَ هوندي سَنسارَ جي، مَمِتا مَنجِهه مَريــٖـن،

ڏِسي سارَ سَروپَ کي، ڌِيرجُ ڇو نه ڌَريــٖـن؟

سو سامي پيرُ پَري، ڪَنهن کون آهي ڪِينَڪِي،

سلوڪ اپديش

(ب)

(1)

اَڻَ هوندِي حَرِڪَتَ، مايا رَچِي مَمَتَ سان،

ٻَنڌَ مُڪَتِ جَنِمَڻُ مَرَڻُ، سامي سَڀ تَتَ مَتَ،

ائين چَونِ ٿا اَنَڀَئي، پِيرَ، فَقيرَ، پنڊَتَ،

ڇَڏِ ڪوڙي ڪَلِپَتَ، جاڳي ڏِسُ جڳَدِيسَ کي،

(2)

ڪوڙي ڪَلَپَ نَه ڪَرِ، سَتِ ڄاڻي سَنسارَکي،

سامي آڻِ سُرِتِ کي، اُلَٽائي اَندَرِ،

جاڳي ڏِسُ اَکِنِ سان، حاضُرُ پَنهنجو هَرِ،

ڀيٽَ ڀُلائو ڌَرِ، تَه مُڪِتو مَمَتا کون ٿِئين.

(3)

ڪوڙا ليکَ نَه لکُ، اَندَرِ ڏِسُ اَليکَ کي،

اَٿي واچَ وَهَڻَ جو، مَها تِيٻَرُ تکُ،

لوڙهي ڏيندءِ لوڀَ سان، سامي سوگُ هَرِکُ،

ٿي سَتِگُر جو سِکُ، وَچَنُ مَنـٖـي ڪَرِ مُنصِبي.

(4)

ڪَري ڪوهُ حِرِصُ، ڪايا مايا ڪُلَ جو،

اِنهيءَ اَوِديا ڀَرَمَ ۾، ڀُلِي ساري وِسُ،

سَٽِ سُپَني جي سُکَ کي، ڇَڏي اونگهه آلِسُ،

گُرگَمَ جاڳي ڏِسُ، سامي پَنهنجي پاڻَ کي.

(5)

ڪَري ٺڳائِي ٺَٺُ، مايا موهيا جيءَ سَڀُ،

ڀَوَنِ نِتُ ڀَوَنَ ۾، رَکي هَيبَتَ هَٺُ،

اِها ڳالِهِه سَهي ڪَري، گِياتِ گُروءَ کون وَٺُ،

ته ڪَڍِي مَمتا مَٺُ، سامي ڪَريئي شُڌِ مَنُ،

(6)

ڇوٿو ڏوريــٖـن ڏيهُه، سامي ڪاڻِ سَروپَ جي،

جاتون نِڪتين نِنڊَ ۾، تاتي پَرِچي پيهُه،

پاڻُ وَرائي پاڻَ سان، لائي نوري نيهُه،

ميٽي سَڀُ سَنديهُه، سَئِلُ ڪَري سامي چَئي.

(7)

ڪوهُ ڪريَــٖـن ڪوڙي، هارَ سِنگارَ سُهاڳَ ري،

رولِ نَه مانُکَ ديهِه کي، مَمِتا مَنجِهه  مُوڙي،

جاڳي ڪَڍُ اَندَرَ مون، اَوِديا اَرُوڙي،

لائي لِنوَ ڳُوڙي، سامي چَئي مِلُ شَهَه سان.

(8)

ڇَڏِ وَرَ وَڪَڙَ واءُ، ڪوڙو مايا موهَ جو،

سامي سِڪَ سَچيءَ سان، سَرَنِ گُروءَ جي آءُ،

اَٿي مُحَبَ مِلڻَ جو، اِهو عينَ اُپاءُ،

متان پوءِ پڇتاءُ، ڪَريــٖـن جُونِ ڀَوَڻَ ۾.

(9)

يا تَه پِرَ پَچارَ، يا تَه اورَڻُ پِرَ سان،

بَٺِ پِياسي ڏِينهَڙا، جي پِرَ پَچارون ڌارَ،

رَک رَت سَچِي، سامي چَئـٖـي سَنڀارَ،

مَتان پوءِ پُڪارَ، وِڇڙي ڪَريــٖـن وَرَکون.

(10)

جيڪو پَرڪاسـٖـي، سُپَني جـٖـي سَنسارَ کي،

رَکِي، دُئيتُ اَندَرَ ۾، ڦاهيءَ سو ڦاسي،

سامي ڳالِهِه سَهي ڪَئي، جَنهن نيهيءَ نِراسي،

هَرِدَمُ هِڪُ ڀاسي، تنهن کي اَنَڀَئِه آتما.

(11)

جَڏِي وَهَڻَ هُئڙو وَهُ، تَڏي مَڇَ نه موٽئين،

ڇَرَ ڇِنيءَ ڇاکي ڳَڻيــٖـن، پوءِ وَڃَڻَ جو پَهُه،

وِڇڙِي سُکَ ساگَرَ کون، سامي رُئندو رَهُ،

سِرَ مَٿي پِيو سَهُه، مَهميزان ملاحَ جون.

(12)

جَنَمُ آئون مَرَڻُ، مورَکَ مَنِيو پاڻَ ۾،

آهي ڪونَه آڪاسَ ۾، اَچَڻُ اَئون وَڃَڻُ،

جاڳي ڏِسُ جڳَديسَ کي، ڪَڍي ڀَرَمَ ڀَنوَڻُ،

ٻِيائيءَ ري ٻانڀَڻُ، ڪَري اُپَديسُ اَنَڀَئِي،

(13)

جَنهِن کي واڪُ وَڻي، صَفا ساپُرسَنِ جو،

سو سُتهَه سِڌِ سَروپَ ري، ڳَڻتي ڪانَه ڳَڻي،

ڪَڍيٖ مَنُ ميدانَ مون، سَڀِ وِڪارَ ڳَڻي،

دُکُ، سُکُ اچيٖ بَڻي، سَمَ رَهـٖـي سامي چَئي.

(14)

تَنهِن کي لَکُ لَعنتَ، وِجَهنِ سُجاکا سَنت جَنِ،

جو سامي سَچُ ڇَڏي ڏي، ڪَري ڪوڙي ڪَهاوَتَ،

ٻوڙي مانُکَ ديهِه کي، لُڙَ ۾ ڏئِي لَتَ،

ڇَڏي موهُ مَمَتَ، سورِجُ ڏسي نَه سَمَ جو.

(15)

تَنهِن کي لَکُ لَعنَتَ، سَنتَ وِجَهنِ سامي چَئي،

جو پَنڊَتُ ڄاڻِي پاڻَ کي، رَکـٖـي حِرِصُ حُجَتَ،

ٻوڙي مانُکَ ديهه دِٻَ، لُڙَ ۾ ڏيئي لَتَ،

ڪَري مَنُ اُپَرَتَ، سورَجُ ڏِسي نه سَمَ جو.

(16)

ٻولَڻُ آئون ٻُڌَڻُ، سَمُجَهه وَرائي سَکِڻو،

سياڻو ٿيءُ سامي چَئي، پَرڇِنَ پِنڊُ نَه کَڻُ،

پيهي ڏِسُ پَرَماتَما، پَرِتکِ پاڪُ پورَڻُ،

رَتي، ماسو، مَڻُ، آهي جَنهن جي آسِري،

(17)

ڀڳَتِ گِيانَ ۾ ڀيدُ، ڪونهي ڪَتَرَ جيترو،

ساکَ ڏِئي سوڌِي سَچي، ساڌو جَنُ سُپيدُ،

سوڌي ڏِٺو سامي چَئي، جَنهن وِڌِ سَچيءَ سان ويدُ،

ميٽي وِڌِ نِکيدُ، اِسِٿِت ٿيو آڪاس جان.

(18)

سوئي ساڌَنُ ساڌِ، سامي چَيو سَتِگُروءَ،

جَنهِن جـٖـي ساڌيٖ سُکُ ٿِئي، مِٽـٖـي سَڀَ اُپاڌِ،

سَهِجي اَنَڀَئِه ۾ اَچي، آتَمُ پَدُ آگاڌو،

اُٿانُ ۽ سَماڌِ، آهي جَنهِن جي آسِري.

(19)

سِڪَ، سَمُجَهه، هَرکُ، چوٿون سَنگُ ساڌوءَ جو،

ڪَٽي ڪالَ ڪلِپِنا، ڪَري نِرَمَلَ دوکُ،

ساڱَ ڌئي سامي چَئي، مَحَبتي مَموکُ،

آتَما اَپَروکُ، ڏِٺو جنهن ڏيهيءَ ۾.

(20)

سَتا وَرائي سارُ، لَڀــٖـي نهَ لوڪَ پَرلوڪَ ۾،

ساکَ ڏئـٖـي ساکِي ٿِي، ساڌو جَنُ سَچارُ،

مِٽيو جَنهِن جي مَنَ مون، اَوِدِيا جو آهَنڪارُ،

بَڻيءَ تي هَسِوارُ، سَدا رَهي سامي چَئي.

(21)

ڀَلو ڀَلائِي، بُرو بُرائيءَ کي لَهي،

اها ريتي نِياوَ جي، آدِ ٽُرِي آئي،

سامي سَمُجِهي ڪَنهِن سورَمي، مَمِتا مِٽائي،

سَمَتا صَفائي، مُکَ رَکي مَوجان ڪَري.

(22)

رامَ مِلڻَ جي ريتِ، ڪامِلَ ڏَسِ ڪرپا سان،

جَنهِن جو روپُ نَه رَنگُ ڪو، نَڪو نانوُ نَه نيتِ،

سامي سُرِتِ نِرِتِ کي، جڳَ کون جِيتِ،

رَکي پِريمُ پَرِتيتِ، اُلٽِي ڏِسُ آڪاس ۾.

(23)

سَمَ، سَنتوکُ، ويچارُ، چوٿون سَنگُ ساڌوءَ جو،

ڪَٽِي سَڀَ ڪَلِپَنا، لَکائي سُکَ سارُ،

اِئين چَوَنِ اَنَڀَئِه مَتِي، پائي پَدُ اَپارُ،

بَڻيءَ تي هَسوارُ، سَدا رَهي سامي چَئي.

(24)

دوسِتَ جو ديرو، سُڃَ وَسَنوَ جي وِچَ ۾،

پَهُچَڻُ پِريمَ پَرِتِيتِ ري، آهي اَوکيرو،

پَرِچِي پيرانڍن سان، لَهُه پَڪو پيرو،

ڀَڳِوانَ ڀيرو، سَڦَلو ڪَري سامي چَئي.

(25)

نَڪي ٿيءَ وِرَڪَتُ، نَڪي گَپُ گِرستَ ۾،

مِلي وَٺُ مَحبوبَ سان، سامي چَئي سُتَتَ،

موٽي ايندُءِ ڪِينَڪي، اِهَڙو هَٿِ وَقتُ،

پوءِ روئندين رَتُ، آکِنِ مون عاجِزُ ٿي.

(26)

پَڙهي قُرانُ ڪِتاب، قاضي ڪوهُ قِصا ڪَرين،

مِلي وَٺُ مَحَبوبَ سان، ڇَڏي زورُ جوابُ،

مَتان اَچــٖـي اوچِتي، ڪَريئي ڪالُ ڪَبابُ،

ٿِيندين پوءِ خَرابُ، سِجَ لَٿي سامي چَئي.

(27)

پَري کون پَري، مَهما مانُک ديهه جي،

ساکَ ڏِيَنِ سامي چَئي، سَنتَ سَهي ڪَري،

جَنِ پِيتو پِيالو پريم جو، پورَنُ پاڪُ ڀَري،

ويٺا ڌِيانُ ڌَري، نِرِمَلَ نارائِڻَ جو.

(28)

پانهِنجي پوکَ سنڀارِ، پِراڻي، پيهي تي چَڙهي،

ڏيئي واڙِ ويساهَ جي، پاڻي پِريم پيارِ،

کِميا کانڀاڻيءَ سان، ڪَڍي ڪلپَتِ جهارِ،

کڻندين بيحَدِ ٻارِ، سامي اَنَڀَئِه اَنَ جي.

(29)

ٻُولَڻُ آئون ٻُنڌَڻُ، سَمُجَهه وَرائي سِکڻو،

پَنڊَتُ ڄاڻِي پاڻَ کي، سامي سيــٖـلَ نَه کَڻُ،

اُلَٽِي ڏِسُ آکِنِ سان، پَرِميسَرُ پورَڻُ،

اَچَڻ اَئون وَڃَڻُ، اَٿي ڪونه آڪاسَ ۾.

اُپديش ڀاڱو 2

(الف)

دوستَ جو ديدارُ، ڪامِلَ آهي ڪيهڙو،

چَيو وَڃي نَه مُنهَن سان، اَجگئبي اِسرارُ،

نَڪو روپُ نَه رَنگُ ڪو، نَڪو اَنگُ آڪارُ.

جَڏي مِلندُءِ يارُ، تَڏي پوندَءِ سُڌِ سامي چَئي.

(2)

اَڻَ هوندي اولي، سامي لِڪو سُپرين،

اَنڌا ڏِسَنِ ڪِينَڪِي، جو ٻُڌي ۽ ٻولي،

ڪَنهن سُجاڳي سَهِي ڪيو، گَهٽُ گهونگهٽُ کولي،

ويهي وِچولي، پَلِ پَلِ پِريمَ رَسُ.

(3)

پَرِميسَرُ پَرِتکِ، سامي سورجَ جان رَهي،

اَنڌا ڏِسَن ڪِينَڪِي، پَٽي پانهنجي اَکِ،

تَنهين کي تَد روپُ ٿِي، تون لِنوَ سَچيءَ سان لَکِ،

ڪوهُ ڪَرين جَکِ جَکِ، ٿو دَرِ دَرِ ديوانَنِ جان.

(4)

ڪوڙي ڪٿَ ڪَٿي، سامي لَکَ لُڙهي وِيا،

مَکَڻُ ڪَڍيو مَنَ مون، ڪَنهِن مَحَبتيءَ مَٿي،

ليکي لَٿي پَٿي، سيکَ ڏٺائين سُپِرين.

(5)

سُوکَمَ کون سُوکَمُ، اَٿي راهَ عَجيبَ جي،

کَڻيــٖـن ساڻُ خوشيءَ جي، ڪَلِپَتَ ريءَ قَدَمُ،

تَه آتَمَ پَدُ آگَمُ، سامي لَهيــٖـن سُٿِرو.

(6)

هَئِي هوڏَ مَ ڪَرِ، مُٺي مَحَبوبَنِ سان،

پِينهُن چَڪي، ڍوءِ پاڻي، مَحَبَتَ مُٺِيون ڀَرِ،

تَه دوسُ تُنهِنجي دَرِ، پيهي اَچي پاڻَهين.

(7)

جيوَنَ طَلَبَ نِوارِ، سامي مِهرَ مَيا سان،

تَپَتِ ٽِنِ تاپَنِ جِي، ڀڳَتِ بوندَ سان ٺارِ،

 نِرَمَلُ نَئنَ نِهارِ، ته اَوِديا اوندَهِه نَه رَهي.

(8)

پَرچي ڏِنو پَهُه، مُرشِدَ خاصِ مُريدَ کي،

اَڻَ هوندي دَرياهَه جـٖـي، وَهَ ۾ ڀُلي نَه وَهُه،

ڄاڻَ وِڃائي پانهنجي، ٿيءُ مَحَبَتَ ۾ مَحُ،

ته اَچـٖـي پاڻَ الَهُه، عاشِقُ ٿيئـٖـي عَرشَ کون.

(9)

ڪَنهِن کي ڪَرِيان حالُ، پورَبَ ديسَ مَلارَ جو،

جتي اُڃَ بُکَ ناهِ ڪا، نَڪي کائي ڪالُ،

نَڪو ڏينهن نَه راتِ ڪا، نَڪو آڪاسُ پَتالُ،

خاوَندَ جو خِيالُ، سَمَ وَرتـٖـي سامي چَئي.

(10)

دِلِبَرُ دِلِ گُهري، دِلِ ري گُهري ڪِينَڪِي،

ڪَڍِي دِلِ دَليلَ مون، تون سامي ڀيٽَ ڌَري،

ته پِرين پيرَ ڀري، اَچي بِيهئـٖـي اَڳتون.

(11)

ڇَڏي وَرُ وَڪَڙُ، جي کَڻيــٖـن پيرُ پِريَنِ ڏي،

ته سَهَجـٖـي سُپرِيَنِ جو، سامي لَهيــٖـن تَڙُ،

موٽي توکي مَڙُ، جَمُ جَڳاتِي نَه ڪَري.

(12)

وِرِلو وَڏ ڀاڳِي، پَهُتو پِريمَ نگَر ۾،

جَنهن مِلي مَهَدِ جَنَنِ سان، مَمِتا مَت تياڳي،

ڏِٺائين جاڳي، پنهنجي اکيــٖـن پاڻَ کي.

(13)

اِهو ڪِيو اُپَديش، سامي پوري ستگروءَ،

ڄاڻِي سَڀُ سُپَني جو، ڪُٽَنبُ قَبِيلو خويشُ،

جاڳي ڪَرِ تَنهِن جوتِ ۾، پَلڪَنِ سان پَرِويشُ،

جنهن جِي شيشُ مَهيشُ، اُسَتَتِ ڪَري اَڀيدُ ٿي.

(14)

ڄاڻائِج مَ ڄاڻُ، متان ڄاڻُ وِجهيئي ڄارَ ۾،

پَسَڻَ ڪاڻِ پِريَنِ جي، پاڙون پَٽِج پاڻُ،

رَهِج ثابوتيءَ ساڻُ، مَتان ڌِڪي ڪَني ڌاريو.

(15)

ڪوهُ ڪريندا ڌاريو، آهي، جاني مُنهنجو جيءُ،

مَنجهـٖـي ڄاڻَ اَڄاڻَ جي، ٿو پاڻُ پَسائي پيءُ،

تنهِن کي ڪِهڙو سيءُ، آهي سورِجُ جَنهن جي سِرَ تي.

(16)

هَئِي هَٺُ وِڃاءِ، مَتان ڏِسيــٖـن ڏُکَ ڏُهاڳَ جا،

ڪَرِ اَدَبَ سان عاجِزي، پاندُ ڳِچيءَ ۾ پاءِ،

مَنُ مَتِ ڇَڏي ڪَري، چِتُ چَرنَنِ سان لاءِ،

پريَن کي پَرچاءِ، ته سامي پائين سيجَ سُکُ.

(17)

جي مَحَبوبَن معافي ڪَيا، پَرچِي پيرِ ڪَنهين،

سالِڪَ سَلِجِ ڳالهڙي، ريڌو راءُ جَنهِين،

آن به تارَ تَنهِين، مِلان مَحَبوبَنِ سان.

(18)

مانُکَ جو اَوتارُ، ڪَنهِن  مِليو پورَنَ پُنَ تي،

تَنهن جي ڪَريان ڪيتري، وَڏائي وِستارُ،

سَهسَنِ ۾ سامي چَئي، ڪو ڄاڻي سَنت سَچارُ،

ڪَيو جَنهن ديدارُ، گُرگَمَ پَرچي پانهِنجو.

(19)

سَدا ڪَرِ شُڪُرُ، سامي دَر دوسَنِ جي،

ڀاوين مِلي مَليدو، ڀاوين سُڪو ٽُڪُرُ،

رَکي چاهَ اَندَرَ ۾، گَهٽِ وَڌِ ڪَڏي نَه گُهرُ،

ٽورَ اِنهيءَ ۾ ٽُر، ته خاصو خِلِوَتَ دارُ ٿئين.

(20)

جائِين سُڏڪِي کڻي ساهُ، تائين وَڏِي ٿِي وِٿِ پَئي،

سَمُجُهه ڪِي سامي چَئي، اَٿي رومَ رومَ ۾ راهُ،

ڳجهو ئي ٿِي ڳاهُ، ته واقف ٿئين وِرونهَه جو.

(21)

اَڻَ هوندو ڀولو، پِيو مالِڪَ جي مَنَ ۾،

سامي شاهُ سُپني ۾، ٿيو گولَنِ جو گولو،

پَهري ويٺو پاڻَهين، چِنتا جو چولو،

ڪيرُ ڪَڍي رولو، بِنان جاڳِئي پانهِنجي.

(22)

اَڻ هوندو اَوِديا ڇَلُ، ٿِيو چيتَنَ جي چيت کون،

جئين سورِجَ جي تيجَ کون، مِرگَ تِرشنا جو جَلُ،

سَمُجهِي سارَ سَروپَ کي، تون سامي ڪَڍُ خلَلُ،

ته اَٺئي پَهَرَ اَچَلُ، رَهين سُڌِ سُڀاوَ ۾.

(23)

رَمِتا رامُ رَمِي، سَڀَ ۾ رَهِيو اَڪاسَ جان،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، نيهي نِهَڪرمي،

شادي ۽ غَمي، جاڳي ڪَڍِي جَنهِن جيءَ مون.

(24)

مَحلَ مَنجهِي آهينِ، سُڌاتُورا سُپِرِين،

لِڪا ڇِپيا ڪِينَڪِي، ٿا ٻُڌَنِ ڳالهائين،

ساکي سَڀَ ڪَنهِين جا ويٺا واجهائِين،

جي مُنهَن مَڙهيءَ پائِين، واقِفُ سي وِرونهَن جا.

(25)

اُدم ۽ پِراربِد، ٻَئي ڪيا تُهِنجا،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، ڪَڍي مَمِتا مَتِ،

تو ۾ سَتِ اَسَتِ، تون ساکِي نِرَمَلُ سَدا.

(26)

ويدَ سَنتَ هِڪُ روپُ، ساکَ ڏِيَن ٿا سَچَ جي،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، تون آتَمَ سَنڌِ اَنوپُ،

ساکي برهمَ سَروپُ، ٻولڻ وارو سَمَ ٿِي.

(27)

مڙهيءَ مَنجِهه مَڙهي، تَنهِن ۾ مَڙهي دوسَ جي،

پاڻَ مَڙهيءَ کون پار ٿي، چاڙهِي ڏِسُ چَڙهي،

ڀَڃي ڀَرَمَ گَهڙي، ناٿُ مِليو نِج ناٿ سان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org