سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :15

(46)

جَنين کي آئي، گُرگَمَ سَمجهه سَروپَ جي،

مَيلُ تَنين جي مَنَ ۾، رَهي نَه رائي،

سامي سَدائي، پَرچا رَهَنِ پَدَ ۾.

(47)

جَنهِين سُڃاتو، سُتَهِه ساڌَ سَنگَتِ کي،

مَڻِيو جو مَحَبَتَ جو، پُوئي ڳَلِ پاتو،

وائِنِ نا واتو، جي گُروءَ جي گسِ پيا.

(48)

جَنهِن کي لڳو ٻاڻُ، سَتِگُر سُجاکـٖـي جو،

سوڀيديو ڄاڻـٖـي پاڻَ کي، چار ڏينهَن مهمانُ،

ڪَلپَتَ ڪڍِي مَنَ مون، رهي ثابوتيءَ ساڻُ،

پاڻَ ورائي پاڻُ، سامي ڏِسي سَڀَ ۾.

(49)

جنهن کي سَمَ صَلاحَ، سامي ڏِني سَتِ گُروءَ،

سَهَجـٖـي تَنهِن جي مَنَ مون، مِٽِي چِنتا چاهَ،

وَدائين ويساهَه سان، اُلِٽي اَنَڀَئِه راهَ،

بِنان ڪَلِپَتَ ڪاهَ، ڪَري پَهُتو پَدَ ۾.

(50)

جنهن کي ڏِني ٽيڪَ، سَتِگُرَ پوريٖ سَچَ جي،

سو مُحَڪَمُ رکـٖـي مَنَ کي، ڇوڙي ڇَڏي نَه ڇيڪَ،

سامي چَئي سَنسارَ ۾، وَرتـٖـي ساڻُ وِويڪَ،

توڙي ڀوڳي ڀوڳَ اَنيڪَ، ته به نِيارو رهي نَڀَ جان.

(51)

جَنهِن کي لَکائِي، سَتِ گُرَ لَکَ جِي،

تَنهِن پَرچي پانهِنجي پاڻ سان، لِنوَ سَچي لائي،

مِٽِي تَنهِن جي مَنَ مون، ٻانڀَڻُ چَئي ٻِيائي،

رَهـٖـي سَدائي، سُڃَ وَسَئن جي وِچَ ۾.

(52)

جَنهِن کي دَرسَنُ داتِ، سامي ڏِني سَتِ گُروءَ،

مِٽي تَنهِن جي مَنَ مون، سَڀ پَرائي تاتِ،

جاڳي ٿِيو جڳَديش جِي، جوتَ سَروپِي جاتِ،

جاتي ڏينهن نَه راتِ، تِتِ ڪيائِين تَڪِيو،

(53)

سَمُجَهه آئون صِدِقُ جَنِ کي ڏِنو سَتِ گُروءَ،

سي خاصا خِلِوَتَ دارَ ٿِيا، هَرِدَمُ ڏِسَنِ هِڪُ،

توڙي رَکَنِ لِڪُ، ته ڀِي سامي لِڪَنِ ڪِينَڪِي،

(54)

سمجهو جن سچُ سِيرُ، سي راجا رانوَلَ ديسَ جا،

تِن کي مَنـٖـي سَڀُڪو، پير، فَقيرُ، اَميرُ،

ڪيرُ ڪري تاگيرُ، جَن کي سامي مِليو ستِگُرو.

(55)

سَمُجهو جنهن سَبَقُ، صَفا سَلوڪتَ جو،

مِٽيو تنهن جي مَن مون، سامي چَئي سَڀُ شَڪُ،

ميخاني مَحَجَد ۾، ڄاڻي ڪونَه فرَقُ،

ٻُولي اَناالحق، مِلي مَهَد جَنَنِ سان.

(56)

سَمُجهو جن مَرَمُ، سامي سُپيرِيَنِ جو،

مِٽِيو تَنِ جي مَنَ مون، ڀولائو ڀَرَمُ،

جَپُ تَپُ ڌيانُ ڌَرَمُ، تن سَهجـٖـي سَڀوئي ڪيو.

 

(57)

سَمُجهي سَڀوئي، سَٽيــٖـن ٻَلُ ٻانڀَڻُ چَئي،

پَئيــٖـن ڳَلِ گُروءَ جي، رَهَسـٖـي سان روئي،

ڪَڍيــٖـن پنهنجي جيءَ مون، دُٻِڌا سڀ ڌوئي،

ته ڍِلَ بِنان ڍوئِي، لَهين دَرِ دوسَنَ جي.

(58)

سُرِجهاسي چَئجَنِ، جَنِ ڪَڍِي اُرِجَهه اَندَرَ مون،

اُلٽائي اِندرين کي، صَبُر مَنجهه رَهَن،

ڪَنهِين سان ڪَڻَ جيترو، ڪِينو ڪِبِرُ نَه ڪَنِ،

سامي سَدا ڏِسَن، سَنَمُکُ پانهنجي سُپِريِن.

(59)

سَتِگُرُ پُرکُ ديالُ، لَڌو جَنهِن لوڙي ڪَري،

سوسامي سَهَجيئي ٿِيو، نَظَرَ مَنجِهه نِهالُ،

پرچي ڏِٺائين پانهنجو، اَنَڀَئِه روپ رَسالُ،

ڪَٽي ڪَلِپَتَ ڪالُ، سُمهيو سُکِپَتَ سيجَ تي.

(60)

سَتِ گُرَ سَمُجهايو، سا سَمُجَهه ڏِٺِي سَڀ ڪاٿَئين،

جَنهن کي آتَمَ پدَ جو، پيرو هَٿِ آيو،

سو ساڌُو ڳجهو نَه رهي، ڇَپيو ڇَپايو،

سامي سَمايو، ساکي پانهنجو پاڻ ٿيو.

(61)

ست گُرَ هِڪَ جُڳَتِ، سُوڌي ڏَسِي سِکَ کي،

سُرجهي سِکُ سَنئون ٿِيو، ڪَڍيمَمتا مَتِ،

چيٽيءَ اَئون ڪُنچَرَ ۾، ساکي ڏِسـٖـي سَتِ،

سَدا گَتِ مُڪَتِ، سامي ڄاڻـٖـي پاڻَ کي،

(62)

سنت رَچِي سُورِي، ٻارِي ٻاوَن ٻاهرِي،

تنهن تي ڪو گُرَمُکُ چَڙهي، هَٺ ري حَضوري،

جَنهِن دَرسنُ ڏِنو دوسَ جو، نئنن سان نوري،

هيءَ پِرولي پوري، سامي سَلـٖـي سو سَتِ گُرو،

(63)

سَنتنِ جو پَرتاپُ، وِرلو ڪو گُرَمُکُ لکـٖـي،

مٽيو جَنهن جي مَنَ مون، سامي چَئي پُنُ پاپُ،

ڄاڻَ وِڃائي پانهنجي، جَپي اَکَنڊَتُ جاپُ،

لَنگهي وَرُ سَراپُ، چَڙهيو اَنَڀَئِه اَڇَ تي.

(64)

سَنتَنِ جو رَستو، نِرَمَلُ نِيارو سَڀَ کون،

وِرلو ڪو گُرَمُکُ چَڙِهي، سامي رَنگِ رَتو،

ڪَڍيو جَنهن ڦَسِتو، اَوِديا جو اندَرَ مون.

(65)

سَنتَنِ ساڻُ مِلِي، گُرَمُکَ سارُ سَهي ڪَيو،

سامي رَهـٖـي سَماڌِ ۾، سَدائين اَمِلي،

گاويٖ رامَ ڪَلي، چيتَنَ چِدَ آڪاسَ ۾.

 

(66)

دَيا مَنجِهه دَيالُ، اَٿي دَيا مَنجِهه دَيالَ جـٖـي،

سَمُجهي ڏِسُ سامي چَئي، تون ڪَڍي خامُ خِيالُ،

دُياري دوسَنِ جـٖـي، اَٿي ٻي سَڀَ ڪَلِپَتَ ڪالُ،
نَظَرَ مَنجِهه نِهالُ، گُرَمُکَ ٿِئڙا ڪيترا،

(67)

پَرچي گُرَ پَتو، ڏِنو پَدَ اَواچَ جو،

جُڙِي پانهنجو پاڻ سان، سامي رَنگِ رَتو،

عَجَبُ اَڻَ ڇُتو، ڳاله نه ڪَري ڳُجَهه جي.

(68)

پَرچي جَنهِن پاتو، گُرگَمَ مُنهُن مَڙهيءَ ۾،

سامي سُپيرِيَنِ کي، تنهن سَهجـٖـي سُڃاتو،

واري کَتُ کاتو، جِيئندي ويٺو جَمَ سان.

(69)

پَرچي جَنهن پاتو، گُرگَمَ مُنهُن مَڙهيءَ ۾،

سامي تَنهن سَروپَ کي، سُتَهه سُڃاتو،

جاڳِي واريائِين جَمَ جو، جيئندي کَتُ کاتو،

وائي نا واتو، پيو ويچار سان.

(70)

پَرچِي جنهن پاتو، گُرَمُکَ گِيانُ مَڙهيءَ ۾،

تنهن سامي سُپيريَنِ کي، سُتهَه سُڃاتو،

واري کَتُ کاتو، جيئندي ويٺو جَمَ سان.

(71)

پَرچِي جنهن پَلالُ، گُرَمُکَ ڪَڍيو گَهرَ مون،

تَنهِن کي لَڳي ڪِينَڪـٖـي، سامي ڪَلِپَتِ ڪالُ،

ڄاڻـٖـي ڄاڻُ ڪَڍي ڪَري، سَڀُ خاوند جو خِيالُ،

سدائين نِهالُ، رَهي پانهِنجي حالَ ۾.

(72)

جَنهِن کي پيئي سُڌِ، گُرگَمَ عَشِقَ اَڀيدَ جي،

سامي تَنهن جِي سِير ۾، ٻُڏي ويئي ٻُڌِ،

ڪَنهِن سان ڪَري ڪِينَڪِي، وائي ائون وِرُڌِ،

جوڙي ويٺو جُڌِ، سَنَمُکُ سُپيرِيَنِ سان.

(73)

گُرگَمَ جَنهِن سَمُجهِي، نِيتِ نِرَنجَنَ ديوَ جي،

تَنهِن کون رهِي ڪانڪا، سامي ڳالهه ڳُجهي،

ڪِيائين هَٿِ ڪُنجي، اَنڀئه ديس آگم جي.

(74)

جنهِين سَمُجهايو، گُرگَمَ پانهِنجي من کي،

پَوَنُ تَنهِن جو پاڻَهين، اُلَٽِي گهر آيو،

سامي سَمايو، جڳَتُ ڏِٺائِين جوت ۾.

(75)

جَنهِن گاهڪَ ڏيئي گوشُ، ٻُڌي ڳالهه مُئن جي،

سوٻُڌَڻَ سان ٻانڀَڻ چئي، ٿِيو بيحَد بيهوش،

سَهِي ڪيائين ٺڳ کي، جنهن پهريو نانا پوشُ،

ڪري ويو خاموش، ڳالهه نه ڪري ڳُجَهه جي.

(76)

جَهنِ جي پريتِ لڳِي، اَنتَر مُکِ گُرگياتِ سان،

ڪَڍِي تَنهِن اَندَرَ مون، سامي سَڀ ٺَڳي،

اَنڀئِه جوتِ جَڳي، ڏِٺائين گَهٽَ گَهٽَ ۾،

(77)

توڙي لَکَ لَڳَنِ. چاٽان حَرفَ حِسابَ جون،

گُرَمُکَ گاهَڪَ گُڻَ جا، پَلَڪَ نَه پاسو ڪَنِ،

ڀَلو ڄاڻي پانهِنجو، سَنَمُکُ سَدا رَهَنِ،

سامي سَمُجهيو جَنِ، پَڪو پيرُ پرئَنِ جو.

(78)

ترِشنا گَهٽائي، سو جَڳِياسي جَڳَ ۾،

مِلِي ساڌ سَنگَتِ سان، مُنهُن مڙهيءَ پائي،

گُرَگَمَ ڏِسي پاڻَ کي، اَوِديا پَٽُ لاهي،

مَمتا مِٽائي، سامي رَهي صَبُرَ ۾.

(79)

اَٺَ ئي پَهَرَ پَلِنِ، گُرَمُکَ پانهِنجو پاڻَ کي.

سامي سَمَ ويساهَ سان، پَنجئي دوُتَ دَلِنِ،

انَدرِ وَلَ وَلِنِ، ٻاهَرِ ٻاڦَنِ ڪِينَڪِي.

(80)

اَنتَرِمُکِ آڻي، جوڙي مَنُ جُڳِتِ سان،

هَلـٖـي هَٺُ ڇَڏي ڪَري، ڀڳَوَتَ جي ڀاڻـٖـي،

چيٽيءَ اَئون ڪُنچَرَ ۾، سامي سَمُ ڄاڻي،

مَوجان سو ماڻي، سامي سُپيرِيَنِ سان.

(81)

اِهو ڪري سُوالُ، جَڳِياسي جَڳَديسَ کي،

ڏيئِي سَنگُ ساڌَن جو، ڪَٽـٖـي ڪلپت ڪالُ،

رَهي نَه رَتيءَ جيترو، سامي جڳَ جَنجالُ،

ٻُنڌِي حالُ حَوالُ، پرچِي ڪَري پانهِنجو.

(72)

اِهو دانُ گهري، جڳياسي، جڳديسَ کون،

سَنتَنِ ساپُرسن سان، منهنجو جيءُ جُڙي،

پِريم پريت وِيساهَ کون، سامي ڪينَ مُڙي،

اَوِديا ڳَنڍ ڇُڙي، ساڌ سَنگَتِ جي ڌِيرَ سان.

(83)

ڪَري ڪينَ اِتبار، گُرَمُکُ پانهِنجي مَنَ تي،

سامي سَدائين رهي، گُرگَمَ سان هوشيار،

ڄاڻـٖـي خَلِقَ خُوارُ، اِنهيءَ ڀوت ڀَرَمَ ڪَئِي.

(84)

ڪَيو جنهن پري، گُرگَمَ پَٽُ اَندَرَ جو،

سامي تَنهِن جي گَهرَ ۾، اَکنڊ جوتِ ٻَري،

ڏِسِي مُنهُن مَحبوبَ جو، راتِيون ڏينهَن ٺَري،

مَنجهي تارِ تَري، لَهِرَ نه لوڙهي تَنهن کي.

(85)

ڪَيو جنهن سَهي، گُرگَمَ رَمتا رامَ کي،

سومِرگَهه تِرشنا جي جَلَ ۾، وَڃي ڪينَ وَهي،

ڪَري راڄُ رَهي، سُڃَ وَسنؤ جي وِچَ ۾.

(86)

ڪَيو جنهن نِرَوارُ، ويهي پانهنجي گَهرَ ۾،

ڪَڍيو تَنهِن قَلوب مون، اَوِديا جو اَهَنڪارُ،

لَڌائين لوڙي ڪَري، سامي سِرِجَڻهارُ،

دوست جو ديدارُ، پائـٖـي پَرچو پاڻَ ۾.

(87)

ڪَئي جنهن جَفا، گُرگَمَ سِڪَ سَچيءَ سان،

ڪٽيا تنهن ڪَلِپَت جا، سامي سَڀ خَفا،

سنسي کون صَفا، ٿِي سَنَمُکُ ڏسي سُپِرِين.

(88)

ڪِئڙو جَنهِن سَهي، گُرَمُکَ گُرَ ويساهَ سان،

سَنسو تَنهِن جو سِيرَ ۾، وِئڙو سَڀُ وَهي،

باقي سَتا سَروپَ جِي، سامي سيکَ رَهي،

آتَمَ لعلُ لَهِي، ماهِلُ ٿيا مَهِرانَ ۾.

(89)

پاتو جَنهِن لِيو، گُرگَمَ پَنهنجي گَهرَ ۾،

ٻِن ٻارُينِ جي وِچَ ۾، ڏٺو تنهن ڏِيو،

سدائي کِيو، سامي رَهـٖـي سُڀاوَ ۾.

(90)

پَهُچـٖـي نَه پَرِماڻُ، اَنَڀئي ڳُجُهه اَگَمَ جو،

وِرلو ڪو گُرَمُکُ لکي، سَمُجَهه سَلوڪتَ ساڻ،

ڏِسي پانهنجو پاڻ، سِيتَلُ ٿِئي سامي چَئي.

(91)

ڪڍيو جنهن خَللُ، اَوِديا جو اَندَر مون،

پاتو تنهن پَرتِيت سان، آتَمَ پدُ اَچلُ،

سدائي سِيتلُ، سامي رهي سُڀاوَ ۾.

(92)

ڪَري ويو پَرويسُ، جَنهن کي واڪُ گُروءَ جو،

مِٽيو تنهن جي من مون، سامي سڀُ ڪَليسُ،

اَلکَ کي اَديسُ، ڪري نتُ ڪَلپَتَ ري.

(93)

سلاهِن سيئي، سامي ساڌ سَنگَتِ کي،

جَنهِن کي واڪ گُروءَ جا، وِيا هِردي منجهه پيهي،

مَمَتَ وڃائي مَنَ جي، نِرَمَلُ ٿِيا نيهِي،

بيگَمَ بِديهي، سَمَ رَهَنِ سَنسارَ ۾.

(94)

سَهَسين ڪَنِ صَلاحَ، ٿا گُرَ مُکَ سِکُ گُروءَ جا،

جَنين لَڌي لَکَ سان، آتم پَدَ جي راهَ،

پائي پَرَماتم کي، ٿِيا بي غَمَ بي پرواهَ،

سامي رَهَن اَچاهَ، ساکي ٿي سنسار ۾.

(95)

سهَجي سُکُ ٿيو، جَڏِي مِلي دِلِ دَيال سان،

اَوِديا دُکُ اَندرَ مون، سامي سَڀُ ويو،

بِنان دَرَسَن دوسَ جي، ڏِسي ڪينَ ٻيو،

پاڻيءَ مَنجِهه پِيو، جئين کيلوڻو کنڊُ جو.

(96)

سهَج سُميرِ چڙهيو، شيوَڪُ ساپُرِسن جو،

جَنهِن جو برهَمَ آگنِ ۾، سنسو سَڀ سڙيو،

سامي اَڻَ گَهڙِيو، ڏِيو ڏِٺائين ڏيهه ۾.

(97)

هَرِ جَسُ نَتُ ٻُڌنِ، گُرَمُکَ ساڌَ سَنگَتِ ۾،

نانا واڪَ وِصال جا، پَرچي پاڻَ چَون،

ٻُڌِي ٻڌائي سَڀَ جو، سامي ڪارِجُ ڪَنِ،

سَدا سَمَ رَهَنِ، اِسٿَتِ آتَمَ پَدَ ۾.

(98)

ٻانڀَڻَ ڪيم ٻڌاءِ، ڪنهن کي گيان گُروءَ جو،

پَرچِي پِرِيت سَچيءَ سان، اَنتَرَ مُک لنؤ لاءِ،

اَگست جان آ چمن ڪري، اَوِدِيا سِنڌُ سُڪاءِ،

رَهيــٖـن ڀولـٖـي ڀاءِ، ته سَهَجي مِليــٖـن سُپرين.

(99)

ڪَيو جَنهن حَوالُ، پانهنجو سَڀُ هَرجَنَ سان،

ڪَڍي سَڀُ اَندَرَ مون، سامي خامُ خِيالُ،

نَظَر منجِهه نِهالُ، تنهن کي گُرَ پُوري پَرچي ڪيو.

(100)

دُئيتَ مَنجِهه اَدُئيتُ، سَنتَ لَکائِن سَڀَ کي،

ڪوڙن ۾ ڪو هڪڙو، سمجهـٖـي سِکُ سُچيتُ

ڪَيو جَنهن ڪَلپَتَ ري، هَرِ ڀڳتنِ سان هيتُ،

ڄاڻي اَنَڀَئِه کيتُ، سامي مانُکَ ديهه کي.

 

(101)

سَرگُڻَ ۾ نرگُڻ، ورلو ڪو گُرمُکُ لَکي،

سامي جنهن کي ست گُروءَ، ڏنو گيان اَنجنُ،

ڪڍي مَيلُ مننُ، سُوڌو رهـٖـي سُڀاوَ ۾.

(102)

سڀيئي حيرانُ، ڏِٺا مايا موهه ۾،

وِرلو ڪو گُرمُک رَهي، سَمَ سيتلُ نِرَٻاڻُ،

جنههن کي آتمَ گِيانُ، سامي ڏنو ستگُروءَ،

(103)

جيڪو داسُ ٿِيو، سَنتَنِ جو ويساهَ سان،

سَنسو تَنهن جي جيءَ مون، سامي سَڀُ وِيو،

موٽي ڪينَ پِيو، گَرڀَ جُونِ جي گارَ ۾.

(104)

جيڪو ڳالِ مَڃي، سَنتَنِ ساپُرسن جي،

سو پانهنجي اَکينِ پاڻَ کي، ڏِسي ڀولُ ڀَڃي،

لَنگهي پار وَڃي، سَهَجي اَوِديا سِنڌ کون.

(105)

جيڪي سَنتَ چَيو، سو شيوَڪَ رکيو سِرتي،

وَري ڏِٺائين ڪِينَڪِي، تَنِ جو ڪَرَمُ ڪَيو،

ڇَڏي ٺاهَ ٺهيو، سامي سُپيرِيَنِ سان.

(106)

جيڪو سِرُ رَکي، لاهي ڀيٽَ گُروءَ جي،

سوسَهَجي سِڪَ سَچيءَ سان، انڀئه رَسُ چَکي،

گَهٽَ گَهٽ مَنجِهه لَکي، سامي سارَ سَروپَ کي.

(107)

جيڪو سَميٽي، پَسرِيو، آڻي گَهرَ ۾،

سو سَهَجـٖـي سُپيرِيَنِ کي، ڀِرنگيءَ جان ڀيٽي،

سُکِي ٿِي ليٽي، سامي سُکَپِتَ سيجَ تي.

(108)

جيڪي نِواجا، سامي پوري سَتِگُروءَ،

دُکَ سُکَ لاڀَ اَلاڀَ کون، ٿِيا اَنڀئِي آجا،

رَهَن پانهِنجي حالَ ۾، طَمَع ري تاجا،

راجَنِ جا راجا، ڪاڻِ نَه ڪَڍَنِ ڪَنهِن جي.

(109)

جيڪي چَيو گُرَنِ، سا ويدَنِ ساکَ ڏِني،

دانا ديوانا سَنتَ جَنَ، ٻي ڳَل ڪانَه چَوَنِ،

متُ سَڀني جو هِڪڙو، جي اَنڀئه ديسِ رَهَنِ،

سامي سَمُجهو جَنِ، سي ماهِل ٿِيا مَهراڻ ۾.

(110)

جاڳي بِنان جڳتُ، ڀُلي ڪينَ ڀَرَمَ جو،

توڙي بَنَ غُفا ۾، وِهي ٿِي وِرِڪَتُ،

اِئين چَوَنِ ٿا سَنتَ جَنَ، سامي ڪري سَپَتُ،

مَنَ مون ڪَڍ مَمَتُ، ته سُتَهَه سَمَ سيتَلُ ٿِئين.

(111)

جاڳيو جڳياسي،ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪڙو،

جَنهِن جيئندي ڪَئِي جَمَ سان، کِلي خَلاصي،

وَڃي ٿيو واسي، سامي پَدَ اَواچَ جو.

(112)

جاڳيو جڳياسي، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

ڪَئي جنهن جَهانَ سان، جئينديٖ خَلاصي،

وڃي ٿيو واسي، سامي ديسَ آگَمَ جو.

(113)

جُڳتنِ ساڻُ هَلـٖـي، گُرَمُکَ سَمَ سَنسارَ ۾،

ٻَڌائين گُرگِياتِ سان، آتمَ ڌنُ پَلـٖـي،

ڪَنهِن کي ڪِين سلـٖـي سامي سِڪ پِرِيَنِ جي.

(114)

جانيءَ سان جوڙيٖ، آءٌ تنين جي گولڙي،

جُڳِتِ ڏيئي جيءَ کي، مِٿيا کون موڙي،

ڇِڪيءَ سان ڇوڙي، اَوِديا ڳنڍِ اَندَرَ جي.

(115)

گُرگَمَ اَڌُ اَکَرُ، پَڙهيو جهن پَرِتِيتِ سان،

وِديا واچ اَواچَ جو، آيو تنهن کي وَرُ،

پَرچي ڏِنائين پاڻَ ۾، انڀئه آتمَ سَرُ،

اَوِديا ڏُکَ ڏَمَرُ، ميٽي ويٺو مَنَ مون.

(116)

گُرگَمَ ڪَيو يادِ، جاڳِي جَنهِن جڳديسَ کي،

مِٽي تنهن جي مَن مون، سامي سَڀَ اُپاڌِ،

ڪنهن سان ڪَري ڪِينَڪي، ڪوڙِي ڪَلَهِه وِوادِ،

سامي مَنجِهه سَماڌِ، وَرتـٖـي پِيو ويچارَ سان.

(117)

گُرَ گَمَ هڪَ گَهڙي، جنهن پَرچي ڏِٺو پاڻَ کي،

ويئي تنهن جي جيءَ مون، مَمَتا مَيلُ سَڙي،

چوٻاري چَڙهي، سَيلُ ڪَري سَڀَڪَنهِن جو.

(118)

گُرگَمَ گَندُ گَيرُ، ڪَڍيو جَنهِن اَندَرَ مون،

سوساکي ٿي سَنسارَ جو، سامي ڪري سَيرُ،

کِميا ساڻُ کَيرُ، گُهري دَرِسُ ديدارَ جو.

(119)

گُرگَمَ جَنهِن ڪِيو، شِيشو سُڌِ اَندَرَ جو،

اَنڀئِه آتَمَ ديوَ جو، تَنهن پَرِلاءُ پِيو،

اَندرِ ٻاهَرِ دَهَ دِسا، ڏِسي ڪينَ ٻيو،

ڪارِجُ سِڌِ ٿيو، سامي تنهِن سا پُرسَ جو.

(120)

گُرَگَمَ جَنهِن ساڌِي، ڪايا ڪَلِپتَ پانهِنجي،

سو ڏِسي ڪونه اَکنِ سان، پاپي اپِراڌي،

سَدا سَماڌي، سامي رهـٖـي سنسارَ ۾.

(121)

گُرگَمَ جَنهِن چَٽِي، سِلَ اَلوڻي سَمَ جي،

تنههن ٻارِي بيگَمَ پُرِ جِي، پَرچـٖـي ساڻُ پٽي،

ڏِسِي سارَ سَروپَ کي، ڪَلِپَتِ سڀَ ڪَٽي،

ويٺو راندِ کَٽي، سامي سَڀَ سَنسارَ کون.

(122)

ڏِٺِي جَنهِن چَٽـٖـي، سِلَ اَلوڻي سَمَ جِي،

تنهن اَوِديا وَڏائيءَ جي، وِڌي پِنڊَ سَٽي،

نَڪي شاديءَ ۾ وَڌي، نَڪي غَميءَ مَنجِهه گَهٽي،

ڪَلِپَتَ سَڀَ ڪَٽي، سامي چَڙهيو سيرَ تي.

(123)

گُرگَمَ جَنهِن پاتو، اُلَٽِي مُنهُن مَڙهيءَ ۾،

تَنهِن ساميءَ سُپيرين کي، سَهَجـٖـي سُڃاتو،

وائـٖـي نا واتو، پَرچِي پِيئـٖـي پريمَ رَسُ.

(124)

گُرگَمَ ديپَڪُ راڳُ، ٻُڌو جَنهن ٻاڻڀَڻُ چَئي،

مِٽيو تنهن جي مَنَ مون، گِرَهَڻُ ۽ تِياڳُ،

جاڳي اَوِديا ننڊَ مون، سُتَهَه ٿِيو سجاڳُ،

ڦُرني بِنان ڦاڳُ، پَلِ پلِ کيلـٖـي پيءَ سان.

(125)

گُرگَمَ اُڏاڻي، گُڏِي سَهَجَ آڪاسَ ۾،

سَتَ ئي لوڪَ لَنگهي ڪَري، سُنَ ۾ سَماڻي،

ٻولي پريمَ پَوَنَ سان، بيحَدَ جي ٻاڻي،

سامي مَنِ ڀاڻي، جُڙئـٖـي جوڳيسَرَ جي.

(126)

گُرگَمَ چڙهيو سُورُ، انڀئه آڪاسَ ۾،

اَوِديا اوندَهِ نه رهِي، مِٽيو سَنسو سورُ،

حاضران حَضورُ، سامي ڏِٺا سُپرين.

(127)

ٻيڙي سيرَ چَڙهِي، سَوداگَرَ ساپُرسَ جي،

سَودي سارَ اپارَ سان، پُورنَ پِريمَ ڀَري،

ڪُنَ ڪَپَرَ لُڙَ لَهَرِ ۾، سامي ڪينَ اَڙي،

بِنان گهاٽ گَهڙِي، گڻ ڪارِيٖ گُرگِياتِ سان.

 

(128)

ڳالهيون سَڀيئي، ڳالهه ڏَسِن ٿيون هِڪڙي،

گُرَمُکَ مَٿي گِياتِ سان، ڏِٺو گَهرِ پيهي،

تَنُ مَنُ ڌَنُ ڏيئي، سامي مِليو سَروپَ سان.

(129)

سو چيتَنُ چيلو، جو سَمُجهـٖـي گِيانُ گُروءَ جو،

جڳَ ۾ جڳ جَهڙو ٿِي وَتي اَڪيلو،

سامي ڳَڻي ڪِينَڪِي، وَقتُ ۽ ويلو،

مَمَتا ري ميلو، پَلِ پَلِ ڪَري پريُنِ سان.

(130)

ساڌوءَ سَرَنِ پَئـٖـي، پريمي پريتِ پَرِتِيت سان،

ڄاڻَ وِڃائي پانهِنجي، آگِيا مَنجِهه رَهي،

ٿَڌ گَرمي بُکَ ديهه جِي، سامي سَڀ سَهي،

تَڏِي لَعلُ لَهي، اَمولَڪُ اَندَرَ مون.

(131)

مَنَ مُکَ مُنهُن ڦيريو، گُرَمُکُ سَدا سَنَمُکُ رهي،

مَنَ مُکُ سَمُجهي ڪِينَڪِي، اَوِديا گُهڻ گهيرِيو،

سامي نِبيريو، گُرَمُکَ سَنسو جيءَ جو.  

(132)

گُرَمُکُ سو آهي، جو رَهي گُرَ گِياتِ ۾،

ٻي ڳَلِ ڄاڻي ڪانَڪا، سَتِ گُرَ جي سايي،

ڄاڻَ وِڃائي پانهِنجي، لُنؤ لُنؤ لائي،

تنهِن تي وَسائي، سَتِ گُرُ ميگُهه مِهَرَ جو.

(133)

گُرَمُکُ ڪينَ مَري، مَنَ جي ڀاءِ مَنَنَ ۾،

دِيکيا داتِ گُروءَ جِي، هِردَي مَنجِهه ڌَري،

سامي سَدا ڪَري، ڀڳَت اڀيدَ اَلکَ جِي.

(134)

گُرَمُکُ گُڻُ کَڻي، سامي سَڀَڪنهِين جو،

اَوديا جي اَهَنڪار جا، ليکا ڪينَ ڳَڻي،

آتَمَ لَکَ سَهِي ڪَري، سَڀَ جو داسُ بَڻي،

وِرَلي ماءُ ڄَڻي، ڪا اِهڙا پٽَ اَنڀئِي.

(135)

گُرَمُکُ ڪوڙُ ڪَپَٽُ، ڪَنهِن سان ڪري ڪِينَڪِي،

سامي جَنهِن جو سَتِ گُروءَ، پَرچي لاٿو پٽُ،

پَرِميسَرُ پِرگَهٽُ، ويا پَڪُ ڏِسي وِسُ ۾.

(136)

گُرَمُکُ ڪينَ گهٽي، پريم پريت پرَتِيتِ کون،

چاتِرَڪ جان چِتَ ۾، سَدا سامي رامُ رَٽي،

ڀنوَر جان ڀيديو رَهي، سَنسو سَڀُ سَٽي،

بيحَدَ بوندَ چَٽي، انڀئه جـٖـي آڪاس جي.

(137)

گُرمُکُ گُرَڀائي، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

جَنهِن مِلي ساڌ سَنگَتِ سان، انڀئه لِنوَ لائي،

ڏِسِي مُنهُن مَحبوبَ جو، مَمِتا مِٽائي،

وِڃائي وائي، وَڃي سامي چَڙهِيو سيرَ تي.

(138)

گُرمَکَ ڄاڻي ڇَلُ، ڪايا، مايا، ڪُلَ کي،

ڪَيو جَنهِن گُرَگِياتِ سان. اَندَرَ مَنجِهه عَدَلُ،

جاڳي ڪَڍيائين جيءَ مون، سامي سڀُ خَلَلُ،

ڪري راڄُ اَچَلُ، ساکي ٿِي سَنسارَ ۾.

(139)

گُرمُک جو گُذِرانُ، سَدا ساڌَ سَنگَتِ ۾،

جَنهِن کي ڏِنو سَتِگُروءَ، سِڪَ سَمُجَهه جو دان،

رکي نَه رَتيءَ جيترو، اَندر ۾ اَڀِمانُ،

سَمَ ڏِسي ڀڳوانُ، چيٽيءَ آئون ڪُنچَرَ ۾.

(140)

گُرَمُکُ ڏُورِ ڀَڄي، مَنَمُکَ موڙَه اَڄاڻَ کون،

گهاٽو ڄاڻي پانهِنجو، هَٺَ ۾ ڪينَ هَڄي،

ڪَري اَرداسَ گُروءَ کي، وٺَجِ پاڻَ ڪڄي،

متان نانءُ لَڄي، سامي تُنهنجو جڳَ ۾.

(141)

گُرمُکَ گَهر گَنڀيرَ، رَتا رَهَنِ رَنگَ ۾،

مَمَتَ وِڃائي مَنَ جي، ٿيا سامي نِرَمَل نِيرَ،

گَڏيا گهارِنِ سَڀَ سان، پِيَنِ کَنڊون اَئون کيرَ،

وڃي چَڙهيا سيرَ، لَهَريون ڪُنَ لَنگهي ڪَري.

(142)

گُرَمُکُ پَدُ پائي، ڪَنهِن کي سَلي ڪِينَڪِي،

اَٺئي پَهَرَ اَندَرَ ۾، پِيو سامي سَلاهي،

جِئن گُنگو ڳُڙُ کائي، مُشِڪي ڪُشي ڪِينَڪِي،

(143)

گُرَمُکُ وَڌائي، پِريت ڏِهاڙي پانهِنجي،

ملي ساڌَ سَنگَتِ سان، نِتُ هَرِ گُڻَ ڳائي،

سَمُجهِي سارُ تنين جو، مُنهُن مَڙهيءَ پائي،

اَوِديا پَٽُ لاهي، سامي ڏِسي سَروپَ کي.

(144)

گُرَمُکُ شِوُ شڪَتَ، ٻئي ڏسي پاڻ ۾،

سَدائي نِيوو رَهي، پائي اوچي مَتِ،

سامي ڪَلِپَتِ ري ڪَري، سَڀَ جي ڀاءُ ڀڳَتِ،

ساکي ڄاڻي سَتِ، چيٽيءَ آئون ڪُنچَرَ ۾.

(145)

گُرَمُکُ سِڪَ رَکي، سَدا چَرَنَ ڪَنَوَلَ جِي،

ڄاڻَ وِڃائي پانهِنجي، لُنؤَ لُنؤَ رَسُ چکي،

گَهٽَ گَهٽَ مَنجِهه لکي، سامي سُپيرِيَن کي.

(146)

گُرَمُکُ سَدا سَموکُ، پَرچو رَهي پاڻَ ۾،

جَنهِن کي ڏنو سَتِگُروءَ، سامي سَمَ سنتوکُ،

ڪَڍِي اَوِديا دوکُ، ساکي ڏِسي سَڀَ ۾.

(147)

گُرَمُکُ ڪِينَ ڇَپي، سورِجَ جان سنسارَ ۾،

جَنهن جا ڇَڏيا سَتِگُروءَ، ٻَنڌَنَ سَڀِ ڪَپي،

لُنؤ لُنؤ جاپُ جَپي، اکَنڊ آتمَ رامَ جو.

(148)

گُرَمُکُ ڪينَ لِڪي، جَنهِن کي سِڪَ سَلَ ڪِيا،

مَنُ پَوَنُ گُرگِياتِ سان، ٻڌو جَنهِن ڇِڪي،

ڪَڍيائين اَندَرَ مون، ڪَلِپَتِ سَڀ ڌِڪي،

سامي سَدا سِڪي، پائي سُکُ سَروپَ جو

(149)

گُرَمُکُ ڇپي ڪينَ، جنهن جو پَٽُ پري ٿيو،

توڙي دُرٻَلُ پِنگلو، ڪوٽَ ڳنڍي ڪوپِينَ،

پنج ئي ماري پانهِنجا، تنهن سامي ڪيا اَڌيِن،

سَدا رهي لَئي لِينَ، اَنڀئه جي آڪاسَ ۾.

(150)

سَرنديءَ کون ٽالو، وِرلو ڪو گُرَمُکُ ڪَري،

جَنهِن جاڳي ڪَڍيو جيءَ مون، ڪَلِپَتَ ڪشالو،

پَلِ پَلِ پيئي پِريمَ جو، پُرِ ڪَري پِيالو،

سَدا مَتوالو، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

(151)

سَرنديءَ کون ٽالو، وِرلو ڪو گُرَمُکُ ڪري،

جَنهِن پَرچي پيتو پِريمَ جو، پُر ڪري پِيالو،

سَڀَ گَهٽِ ڏِسي سُپِرِين، نَڀَ جان نِرالو،

سامي سُکالو، وَرِتـٖـي پِيو ويچارَ سان.

(152)

آسا کون نِراسُ، وِرِلو ڪو گُرَمُکُ رَهي،

جَنهِن سامي ڪَيو ساڌَ سَنگِ، اَنتَرَ مُک اَڀياسُ،

جئين گَهٽَنِ مَنجِهه آڪاسُ، تِئين ساکي ڏسي سَڀَ ۾.

(153)

وِرلو ويچاري، ڪو گُرَمُکُ واڪَ گُروءَ جا،

سَمُجِهي سارُ تَنين جو، هِرِدي مَنجِهه ڌاري،

سامي سَمَ سَنتوکَ سان، مَمِتا سَڀَ ماري،

سَهِجي گهَرِ ٻاري، ڏيئو اَنڀئه سارَ جو.

(154)

ورلو ڪو ٻولِي، سَمُجهي ساپُرِسَن جي،

سامي جَنهن جِي سَتِگُروءَ، اَوِديا ڳَنڍِ کولي،

پائي سُمهِيو خوش ٿي، کِميا کَٽولي،

لُنؤ لُنؤ سان لولي، پَرچي ڏئي پاڻ کي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org