سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :30

سهاڳ

(1)

سَڀَڪا ڇِڪي ڇِڪَ، ته آءٌ سُهاڳِنِ شَهَه جي.

مَمَتا مِٽائي مَنَ جي، ڪا وِرلي مِلِي هِڪَ،

جَنهِن چَڙهي سکپت سيجَ تي، سامي لاٿي سِڪَ،

ٻيون سڀ چَٽِنِ چڪَ، سَمُجَهه ورائي سَکڻيون.

(2)

وِرِلي ڪا ماڻـٖـي، سُتَهَه سُکُ سُهاڳ جو،

جا ڪَري سُڌُ سَنبَتِ کي، اَدَبَ مَنجِهه آڻي،

اَندَرِ ٻاهَرِ سُپِرين، ساڻُ سَدا ڄاڻي،

سُمهـٖـي پَٽُ تاڻي، سامي سکپتَ سيجَ تي.

(3)

جَنهين مَنُ ڏيئي، پِرين رِيجهايو پانهِنجو،

سا سَهَجـٖـي سُهاڳڻ ٿِي، پِريَنِ ڳَلِ پيئي،

مَنَنِ ساڻ مَرمَ جـٖـي، سَرِتيون سڀيئي،

تاريائين ٻيئي، سامي پيڪا ساهُرا.

(4)

پارِوَتي پَري، مورَئون ٿِئي نَه مَهيسَ کون،

سِيتا سَدائي رامَ جا، چَرَڻَ ڌَري،

تيئين سُرت سروپ سان، جُڙِي جَتَنَ ڪري،

تَڏِي ڪارِجُ سَري، سڀوئي سامي چَئي.

(5)

سامي سائي ڄاڻُ، سُهاڳڻ سَڄَڻَ جي،

جَنهن پَرچايو پِرينءَ کي، اَرِپي پانهنجو پاڻُ،

سَنسي ري شيوا ڪَري، سِڪَ صَبوريءَ ساڻُ،

ڀورِي تَنهِن جو ڀاڻُ، خاوندُ خالي نَه ڪَري.

(6)

ڀڳونت کي ڀاڻِي، آءٌ سُهاڳِڻِ سا چَوانِ،

رَکِي نيڻَ نيڻَنِ ۾، نِرَکي نِماڻِي،

ساهرن اَئون پيڪن ۾، سَهَجـٖــي سيباڻي،

سا راڻين جي راڻي، سامي ماڻي سيجَ سُک.

(7)

ڀڳِوَنت کي ڀاڻِي، تَنهِن سان دعويٰ ناهه ڪا،

سامي مِلي تَنهِن کي، پَٽُ پَردو لاهي،

پائي سُکُ سُهاڳَ جو، کِلـٖـي ۽ کائي،

سَنسو مِٽائي، جُهولي جَهروڪَنِ ۾.

(8)

جا شَهَه کي رِيجهائي، مان سهاڳِڻِ سا چوان،

اُٿـٖـي ويهـٖـي آگِيا ۾، آگِيا ۾ کائي،

ڪڍي پاڻُ اَدَبَ سان، رَهي لِنوَ لائي،

سَهَجي سا پائي، سُکُ سُهاڳَ جو.

(9)

جَنهِن ريجهايو ڪَنتُ، آنءُ سُهاڳِڻِ سا چَوان،

چَرِهي سکپتَ سيجَ تي، کيلي نِتُ بَسنتُ،

پائي سُکُ بي اَنتُ، سامي سَلي ڪِينَڪِي.

(10)

سُهاڳِڻِ سائي، ڪانڌُ جَنهن جي ڪَڇَ ۾،

مَمِتا مَيل اَندَرَ ۾، رکي نَه رائي،

سامي سَدائي، ڀاڻـٖـي مَنجهه ڀِني رَهي.

(11)

سائي سُهاڳَڻِ، ڪانڌُ جَنهِن جي ڪَڇ ۾،

سوگهي رکي ساهَه کون، سامي مَحَبَتَ مَڻِ،

اوري اور اُنهيءَ جِي، اَچي نِتُ آتَڻِ،

جهڙِي سَمَ ساوَڻِ، تهڙي مانگـَهه مَنگِهرَ ۾.

(12)

سُهاڳِڻِ سائي، جا پِرَ پَرچِي ڪِي پانهِنجي،

بِنان هار سِينگارَ جي، کَسمَ کي ڀائي،

ڪيهِڙي ڳَڻيان مُکَ سان، تَنهِن جِي وَڏائي؟

سامي سَدائي، مِلي رَهـٖـي مَحَبوبَ سان.

(13)

جيڪا ڪانڌَ ڪَئي، پرچي پانهنجي ڪَڇَ ۾،

سا ماڻي سُکُ سُهاڳَ جو، سَدا مَتِ مَئي،

ڪَنهِن کي سَلي ڪِينَڪِي، مُنهن سان ڳالهِه چَئي،

تاري ڪُلَ ٻَئي، سونهين سَرتيُنِ وِچَ ۾.

(14)

سُهاڳِڻ سائي، جَنهِن کي پِر پانهنجو ڪَيو،

سَنسو ڀَرَمُ ڇَڏي ڪري، اَدبَ ۾ آئي،

کائي کارائي سَڀَ کي، مَحَبَتَ مِٺائي،

سامي سَدائي، سَنمُکُ ڏِسـٖـي سُپِرين.

(15)

سُهاڳِڻِ سائي، جَنهِن کي سِڪَ اَندَرَ ۾،

جاڳي ڪَري جَڳَ سان، جيئندي جُدائي،

ماري ڪَڍي مَنَ مون، بي سَڀ ٻِيائي،

سامي سَدائي، مِلي رَهي مَحَبوبَ سان.

(16)

سُهاڳِڻِ ڪا هِڪَ، ٻيون سَهسين ڪن سِنگارَ ٿيون،

سامي سُپيريَنِ جِي، جَنهِن کي سَچي سِڪَ،

پاتائين پَرچي ڪَري، آتَمَ سُکُ اَڌِڪَ،

ٻيون سَڀِ چَٽنِ چِڪَ، ٿيون مرم ورائـٖـي مَنَ مُکِيون.

(17)

سَهسين ڪَنِ سينگارُ، سُهاڳِڻ ڪا هِڪِڙي،

پاتو جَنهِن پَرتِيتِ سان، حليميءَ جو هارُ،

چَڙِهي سکپت سيجَ تي، ڀيٽي نِتُ ڀَتارُ،

ٻِيون سَڀِ خُوارُ، سِڪَ ورائي سکِڻيون.

(18)

ڀتارَ کي ڀائِي، سا راڻِين جي راڻي ٿِي،

سامي مِلِي تَنهِن کي، وَڏي وَڏائي،

رِڌيون سِڌِيون ٻانهيون، سَڀِ ڪَرِنِ ڪَمائي،

سَڄَڻُ سَدائي، نِهاري نيڻَ ڀَري.

(19)

سهاڳڻ سينگارَ، ڪري ڪِينَ ڪَپَٽَ جا،

پَرچِي پانهنجي پيءَ سان، لاٿي جنهن لِنوَ تارَ،

اَٺَئي پهر اَندَرَ ۾، سامي رَکي سَنڀارَ،

ڀوڳي ڀوڳَ پارَ، تان ڀي رَهي اَليپُ آڪاسُ جان.

(20)

ساراڻِن جي راڻي، جنهن لَڌو سُک سهاڳ جو،

ساهرن ۽ پيڪن ۾، سَهَجـٖـي سيباڻي،

سامي شَهَه ڀاڻي، سا پلڪ پراهون نَه ٿِئي.

(21)

سهاڳِڻ کي سَتُ، سامي ڏَسِيو سَتِگُروءَ،

ڄاڻَ وِڃائي پانهِنجي، آگِيا مَنجِهه وَرَتُ،

ڀاويــٖـن ڪَتُ مَ ڪَتُ، پَرچِي رَهُ پِريَنِ سان.

(22)

سَنسو ڪوه ڪري، سُهاڳِڻِ دُکَ سُکَ جو؟

ڪانڌُ جَنهن جي ڪَڇَ کون، پَلَڪَ نَه ٿِئي پري،

رَکِي نيڻَ نيڻَنِ ۾، سامي سَدا ٺَري،

مَنجهين تارَ تَري، تَه ڀي لَهر نَه لوڙي تَنهِن کي.

(23)

اَدَبَ ريءَ اَجهاڳَ، ڪَنِ سينگارُ سَريرَ جو،

سَونپي سُپيرِيَنِ کي، ڪَنهِن وِرِليءَ ڏِني واڳَ،

اَچي جاڳِيا جَنهِن جا، سامي ڀاري ڀاڳَ،

ڇَڏي نانا راڳَ، ماڻي سُنکُ سُهاڳَ جو.

(24)

هُئي تاوَ تَتي، تَنهِن کي پِرَپَرچي سِيتَلُ ڪَيو،

تَپَتِ ٽِنِ تاپَنَ جي، رَهِي نَه هِڪَ رَتي،

ڄاڻَ وِڃائي پانهِنجي، محبتَ مَنجِهه مَتي،

پائي پرانَ پَتِي، سامي لُڏٖي لاڏ ۾.

(25)

مُئِي پاڻُ مَ ڳَڻِ، مَتان ڏِسيــٖـن ڏُک ڏُهاڳَ جا،

پوئي پاءِ ڳِچيءَ ۾، سامي مَحَبتَ مَڻِ،

تَه سَهجـٖـي سُهاڳِڻِ، پِرين ڪَريئي پَرچي.

(26)

پِريَنِ ري پيئي، ڏُهاڳِڻِ ڏُکنِ ۾،

سامي سُهاڳِڻِ جا، وِيا سَنسا سَڀيئي،

تَنهِن کي ڀَئِه ڪيهي، سَڄَڻُ جَنهِن جي ڪَڇَ ۾.

(27)

ڏُهاڳِڻِ کي ڏُکَ، وَرَ وَرائي ڪيترا،

سَڄَڻُ جَنهِن جي ڪَڇَ ۾، تَنهِن کي دُکَ نَه بُکَ،

نَڪي ساڙي پارو، نَڪِي لڳي لُڪَ،

سَڀَ مِٽائي جُکَ، سَنمُکُ ڏِسـٖـي سُپرِين.

(28)

پرينءَ هَٿُ رَکي، نِماڻي نِهالُ ڪِي،

پَرچي ڪِيائون پانهِنجِي، سُهاڳِڻِ سَکي،

آتَمَ رَسُ چَکي، سامي لُنوَ لُنوَ لالُ ٿي.

(29)

پرچي جَنهن پَڪو، لَڌو پيرُ پِريَنِ جو،

سو رَهي پانهنجي حالَ ۾، راتِيون ڏينهَن ٿَڪو،

پائي سُمِهيو ڪَڇَ ۾، سامي پارُ پَڪو،

گَنگا گَيا مَڪو، ڀَويــٖـن ڪِينَ ڀُلَن جان.

(30)

ماڙيءَ سَتَ دريون، سَڀِني ۾ ڏِسُ سوجِهرو،

ويٺو ٿِي تَنهِن مَحَلَ ۾، خاوندُ ڌِيرَ ڌَريون،

اُنهيءَ خِلَوَتَ خاصَ ۾، ڪي پَهُچَنِ پِريمَ پَريون،

سامي رَهنِ ٺَريون، پائي سُکُ سُهاڳَ جو.

(31)

ڏهاڳِڻِ پيئي، وَرَ وَرائـٖـي ڏُکَ ۾،

چَپَ چَٽيندي راتِڙي، وِهامي ويئي،

سامي سُهاڳِڻِ کي، آهي ڀَئِه ڪيهي؟

جَنهِن تَنُ مَنُ ڌَنُ ڏيئي پِرُ ريجهايو پانهنجو.

(32)

سَکيءَ کون سکي، پُڇي سُکُ سُهاڳَ جو،

مُشِڪي ڪُشِڪي ڪِينَڪِي، ٽيڙِي رَمِزَ رَکي،

سامي سِڪَ سَچيءَ سان، سارِي لَکَ لَکي،

چاٽِي جَنهِن چَکي، ڳالهه نَه ڳُجهي تَنهِن کون

سُهاڳڻ (ب)

(1)

پَرِڻيءَ کون ڪُنواري، پُڇي سُکُ سُهاڳَ جو،

هُنَ مُشِڪي ڏِنو مَرمَ سان، بيحَدِ ڏَسُ ڀاري،

پَرِڻي پَوندَءِ پاڻَهي، سامي سُڌِ ساري،

خِلِوَتَ جي خُواري، بَڻَندي نانهِه بَزارِ ۾.

(2)

سُهاڳڻِ سينگارُ، ڪَيو سَمَ سَنتوکَ جو،

چَڙِهي سُک پَتَ سيجَ تي، ڀيٽي نِتُ ڀَتارُ،

ڪَنهِن کي سَلي ڪِينَڪِي، سامي چَئي سُکُ سارُ،

رکِي لوڪاچارُ، وَرِتـٖـي وِڌِ وِيچارَ سان.

(3)

سُهاڳِڻِ سَچي، پاسي ٿئي نَه پيءَ کون،

سُمهي سُکَ پَتَ سيجَ تي، ڇَڏي ڪَلِپَ ڪَچي،

وَرِتـٖـي سَمَ سَنتوکَ سان، سامي رَنگِ رَچي،

آتَڻَ مَنجِهه اَچي، آدَرُ پائي اَڻَ ڳَڻِيو.

(4)

سُهاڳِڻِ سَچي، پاسي ٿِئي نَه پيءَ کون،

سُمهِي سُکَ پَتِ سيجَ تي، ڪَلپَ ڪَچي،

سُتَهَه سِڌِ سامي چَئي، رَهي رَنگِ رَچي،

جِئين ڦَلُ پچِي، سُڳَنڌُ سَوادي سو ٿِئي.

(5)

ناري پيءَ پِياري، ٿِئي نَه پيءَ کون،

جَنهِن کي سُکَ سُهاڳَ جِي، سُڌِ ساري،

ڪَنهِن کي سَلي ڪِينَڪِي، بيحَدِ سکُ ڀاري،

نَڀَ جان نِياري، وَرتـٖـي سَڀَ وَهِنوارَ ۾.

(6)

سائي پِياري، نِرَمَلَ نارِ ڀَتارَ کي،

حاضُرُ رَهـٖـي حُڪُمَ ۾، سَچَ سان سينگاري،

ڪَري نَه ڪَتَر جيتري، ڏَنڀَ سان ڏيکاري،

سام سُکُ ڀاري، ماڻي سيجَ ڀَتارَ جو.

(7)

سائي سُهاڳِڻِ ڄاڻُ، جَنهِن کي ڀَو ڀتارَ جو،

رَکي نَه رَتيءَ جيترو، مَنَ ۾ مَمَتا ماڻُ،

سُمهي سُکَ پتِ سيجَ تي، اَرِپي پَنهِنجو پاڻُ،

صِدِقَ صَبوريءَ ساڻُ، سامي سِڀَ سيوا ڪري.

(8)

سُهاڳِڻِ سائي، ماڻي سُکُ سُهاڳَ جو،

سامي جَنهن سيجا چَڙِهي، لِنوَ سَچي لائي،

رَکـٖـي سَمَ سَنتوکَ سان، سَنَمُکُ سَدائي،

وائي وَڏائي ڪري نه ڪَتَرَ جيتري.

(9)

سُهاڳِڻِ سائي، ماڻي سُکُ سُهاڳَ جو،

ميندي جَنهِين مَحَبَتَ جي، لِڱنِ کي لائي،

سيجا سِيلَ سَنتوکَ جي، وِڌِ سان وِڇائي،

سا سامي سَدائي، ڪانڌُ وِهاري ڪَڇَ ۾.

(10)

سُهاڳِڻِ سِياڻي، سيوا ڪَري سَڀَ جي،

ٽوڙي ڀيدَ ڀَرَمَ کي، ڀَرِتا کي ڀاڻي،

چَڙِهي سُکَ پَتِ سيجَ تي، ٿي راڻِنِ جي راڻِي،

سامي سماڻي، رَهي سَمِتا سُکَ ۾.

(11)

ڪاڪِي ڪوهُ ڪُڏي، ڪَري سينگارُ سُهاڳَ ري،

ڇَڏي سِيلَ سَنتوکَ کي، ٻِيائيءَ مَنجِهه ٻُڏي،

ڏِسـٖـي ساتَدَ روپَ کي، جَنهِن غيرتَ ڪَڍِي گُڏي،

سامي سَدا لُڏي پِريمَ هِندوري پيءَ سان.

ڇهه اٺارهن، چار

(1)

اَٺَئي پَهَرَ اُچارُ، ٿا ويدَ ڪَرِنِ وِستار سان،

نانا روپَ رَچِي ڪَري، سيکَ لَکائِنِ سارُ،

چيٽيءَ اَئون ڪُنچَرَ ۾، اَٿي اون ڪارُ،

سامي ڀڳَتِ ڀنڊار، ڪن ڀاڳ ڀَريَن ڀاڱي پيو.

(2)

چارَئي ٿا چَوَنِ هَلُ هيٺاهِينءَ واٽڙي،

مَٿاهينءَ ۾ مامِرو، ڌاڙا ڍيرَ ڌَوَنِ،

مَتا توهِي سا ڪَنِ، مَڏيءَ ڌَڻِي مامرو.

(3)

چَوَنِ ٿا چارِي، هَلُ هيٺاهينءَ تون،

مارِجَنِ مَٿاَهينءَ ۾، ٿا اَپرُ اَهَن ڪاري،

اَٿي خُدي خُواري، نِئُڙي وَٺجِ واٽَڙي.

(4)

ڇهَه اَٺارَهن چارِ، ڳالِهِه چَوَنِ ٿا هِڪِڙي،

دَرِ دَرِ ديوانَنِ جان، ناحَقُ ڪينَ نِهارِ،

گُرگَمَ پانهنجي گَهرِ ۾، غَيبي غوطا مارِ،

تَه پورَنُ پارَ وارِ، سامي ڏِسين سُپرين.

(5)

ڇهَه اَٺارَهَن چار، ڳالهه چوَن ٿا هڪڙي،

دَرِ دَرِ ديوانَنِ جان، ناحَقُ ڪيمَ نِهارِ،

مِلي ساڌ سَنگـَتِ سان، بيحَدَ ڏِيئو ٻارِ،

ته ٻيٺـٖـي منجهه بزار، سامي ڏسيـٖـن سُپرين.

(6)

ڇهه اَٺارَهن چارِ، ڳالِهِه چَوَنِ ٿا هِڪِڙي،

سامي وَسي سُپرين، پرڇنتا کون پار،

هيڏي هوڏي هٿڙا، بِنان مرم نه مارِ،

نرمل نيڻَ نِهارِ، ته گهر ۾ ڏسين سوجهرو.

(7)

ڇهه اَٺارَهن چارِ، ڳالِهِه چَوَنِ ٿا هِڪِڙي،

ڀڳتِ ڪَري ڀڳوانَ جي، نانا ڀَرَمَ نِوارِ،

مِلي مايا موهَ سان، هِيرو جَنَمُ نَه هارِ،

ساجُهرِ پاڻُ سَنڀارِ، متان پَوين پوءِ ڏُکَنِ ۾.

(8)

رَهِيا سَڀِ چَئي ڇهَه اَٺارَهن ڳالهه هڪَ،

سامي اَوِدِيا جَلَ ۾، وِيَڙا مُوڙَهه وَهي،

تيناهون دُورِ رَهي، مورَتَ مَحَبوبَنِ جِي.

(9)

رَهِيا سَڀِ چَئي ڇهَه اَٺارَهَن ڳالهه هِڪَ،

سامي اَوِدِيا جَل ۾، وِيَڙا مُوڙَهه وَهي،

ڪَنهن سُجاڳي سورمي، ڪَيَڙي ڳالهه سَهي،

تنهن پنهنجو پاڻَ پَهي، ڏٺو اَنَڀِئه آتما.

(10)

ويدَنِ ڪَئي وادِ، جيوَنِ ڪاڻِ سَروپَ جِي،

ڏِٺائون جِيوَنِ ۾، اَوِدِيا جي اُپاڌِ،

ڏَسِيائون سامي چَئي، ڀڳَتِ ويراگُ سَماڌِ،

ڏِنائون گَهرُ يادِ، جو پوربُ پانهنجو هُئو.

(11)

ويدنِ واڪُ چَيو، سَچو سَمَ ساک ياتَ جو،

ڪَنهِن سُجاڳي سورمي، سامي سَهي ڪَيو،

جَنهِن پِيتو پيالو پِريم جو، اَڦُرُ اَڻَ مَيو،

ڇَڏي ٺاهُه ٺَهِيو، پاڻُ وَرائي پاڻ سان.

(12)

ويدنِ جي واڻي، سارُ لکائي سَڀَ کي،

ڪوڙِن مون ڪَنهِن هِڪڙي، ڄاڻَ اِها ڄاڻي،

در دَرِ ديوانن جان، ڪري نَه ڪَهاڻي،

پارو ٿيو پاڻي، سامي سورجَ سان مِلي.

(13)

ويدَ لَکائِن واٽَ، آتَمَ پَدَ اَپارَ جي،

نانا روپَ رَسَ ڀَريا، گَهڙِنِ اَنڀئِه گهاٽَ،

هِڪَ هَٿِ لَڏون لوڀَ جو، ٻئي هٿ هڻن چَپاٽَ،

لِکيو جَنهِن لِلاٽَ، تَنهِن کي سامي مِليو سَتِگُرو.

(14)

پِرين ڳالِهنِ کون پارِ، اَٿي ڳالِهنِ جي ڳوٺَ ۾،

اِئين چَوَنِ ٿا آدِ جو، ڇهه اَٺارَهَن چارِ،

سَمُجهِي تون سامي چَئي، نانا ڀَرَمَ نِوارِ،

بيحَدِ ڏِيو ٻارِ، ته پَسَڻُ ٿِئيئي پِرَ جو.

(15)

ومَلَ ويدُ ڪَٿي، ٿو واڻيءَ ۾ نِرَواڻَ کي،

سَامي سُخنَنِ سان ڪري، ٿو ڪَڍِي سارُ مَٿي،

ليکي لَٿي پَٿي، باقي سيکَ سَروپُ ٿِيو.

(16)

شاسِتِرَ ويدَ پُرانَ، سِڌِ ڪَرِنِ ساکيءَ کي،

جُڙِيي ڪاڻِ جڳَتَ کي، ڏَسِنِ جَپَ تَپَ دانَ،

سمجهي چَڙِهيا سِير تي، ڪي سامي سَنتَ سُڄاڻَ،

ڪَلِپَتَ رهي ڪانَ، تَنِين ۾ تِرَ جيتري.

(17)

سامي سِڌِ ساڌَنُ، ويدَنِ ڪِيو وِيچارَ سان،

جَنِمَنِ جي هِنَ جيءَ ۾، آهي مَيلُ مَنَنُ،

ٿِيو نَه مَنُ اَمن، جُڳِتِ بِنان جَڳِدِيسَ ۾.

(18)

ويدن جو وَکاڻُ، سروتِن ڪِيو ساکِياتُ ري،

نيشِٽي ويدَ وِيچارَ ري، تارِيو پنهنجو پاڻُ،

سروتِي نيشِٽي، گِيانَوانُ ڪو سَڀِني اَنگـَنِ ساڻُ،

ڪوٽَنِ جو ڪلياڻ، تنهن سامي ڪَيو شَڪِتِ سان

(ب)

(1)

ڪَرَمُ، اُپاسَنا، گِيانُ، ڳالِهِه چَونِ ٿا هِڪِڙي،

سَمُجهي ڪو سامي چَوي، نيهي نِرَ اَڀ مان،

ڏِٺو جَنِ اَکِنِ سان، اُلَٽِي اَنَڀَئِه ڀانُ،

پائي پَدُ نِرَٻاڻُ، مَسِتُ رَهَنِ مَهَراڻَ ۾.

(2)

گورَکَ، نارَدَ، دَتَ لَکَ لَکائِي هِڪَڙي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، عاشِق اِشارَتَ،

ماڻي دَورَ دَرِسَ جِي، ڪَٽي سَڀ ڪَلِپَتَ،

رَهي مَنجِهه جڳَتَ، سَدا اليپُ آڪاسَ جان.

(3)

ڇَهَه اَٺارَهن چارِ، ڳالِهِه ٿا هِڪِڙي،

کَڻَنِ حَرَفَ حِسابَ ري، سَڀ ٻِيجي جِي ٻارِ،

سامي سَمُجهِي ساڌَ سَنگِ، ڌِيرَجُ هِرَدي ڌار،

پَرِچي لَنگهي پارِ، اَڻَ هوندي آڙاهَ کون.

(4)

ڇَهه اَٺارَهَن چارِ، ڳالِهِه چَوَنِ ٿا هِڪَڙي،

سامي هن سَنسارَ جو، ڏِٺو سڀ وِسار،

دِيکيا داتِ گُروءَ جِي، هَرِدَمُ هِرِدي ڌارِ،

دوسِتَ جي دَرٻارِ پَهُچِي پورَنُ پاڪُ ٿي.

(5)

ڇَهه اَٺارَهَن چارِ، ڳالِهِه چَوَنِ ٿا هِڪَڙي،

هيڏي هوڏي هَٿَڙا، بِنا مَرَمَ نَه مارِ،

سامي سَنتَنِ سان مِلي، مَنَ ۾ ڏِسُ مُرارِ،

شَهَرُ، بَحَرُ، بازارِ، آهي جَنهن جي آسِري.

(6)

ڇَهه اَٺارَهَن چارِ، سامي لکائِن سارُ هِڪُ،

پورَنُ ڄاڻُ پَرَماتَما، نانا ڀَرَمُ نِوارِ،

مِلي مايا موهَ سان، هيرو جَنَمُ نَه هارِ،

ساجُهرِ پاڻُ سَنڀارِ، مَتان پَويــٖـن پوءِ ڏُکَنِ ۾.

(7)

ڇَهه اَٺارَهَن چارِ، ڳالِهِه چَوَنِ ٿا هِڪَڙي،

سامي سُڃَ وَسَنوَ جي، ويهي ڏِسُ وِچَ ڪارِ،

ڪيرُ ڪَري سِڌِ سَڀَ کي، آهي ڪَنهِن آڌارِ،

سَمُجهِي مَمِتا مارِ، تَه ماڻين سُکُ سَروپَ جو.

(8)

ڇَهه اَٺارَهَن چارِ، ڳالِهِه چَوَنِ ٿا هِڪَڙي،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي پَلِ پَلِ ڪِيمَ پُڪارِ،

سامي ساڌَ سَنگَتِ جِي، دِيکيا هِرَدي ڌارِ،

واچَ سَڀائي وارِ، ليکڻِ وَٺِي لَکَ جي.

(9)

ٻائي لَکائـٖـي ٻوڌَ کـٖـي، سا ٻوڌَ سَرُوپَ ٻاڻِي،

پاڻيءَ اُٿَنِ پَپوٽِڙا، سي پَپوٽا پاڻي،

سامي چَئي ڪَنهِن سورِمي، ڄاڻَ سَچي ڄاڻي،

موجَ مِلي ماڻِي، پاڻُ وَرائـٖـي پاڻَ سان.

(10)

ٻُڌي ويدَ وَچَنُ، مَڃِيو جَنهِن مَحَبتيءَ،

ويهي ڪَيو تَنهِن وِڌِ سان، نِرَمَلُ نِڌِ ڌِياسَنُ،

جاڳي ڏٺائين جوتِ ۾، پَرِميسَرُ پورَنُ،

سَدا مَسِتُ مَگهن، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

(11)

ويد چَوَنِ هِڪُ واڪُ، عَينَ اَڀيدَ اَنڀَئِي،

سَمُجهي ڪو سامي چَئي، مَحَبَتي مُشِتاقُ،

جَنهِن جا ڪَري سَتِگُروءَ، چَشمَ جَڳائي چاڪُ،

پَرِڇَنتا کون پاڪُ، پورَنُ ڏِسي پيءَ کي.

(12)

ويدَ چَوَنِ هِڪُ واڪُ، سَمِتا سُکُ سَکِياتُ،

سَمُجهي ڪو جَنُ سورَمو، ڪَري سَنتَنِ سان ساڪُ،

سُتَهَه ٿِئي سامي چَئي، پَرِڇنتا کون پاڪُ،

چُٿيءَ چاڙهـٖـي طاقُ رَهي رَنگَ مَحَلَ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org