سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :13

(132)

ڀاڳَنِ ڏِنو ڀَرُ، تَڏِي ساڌوءَ جو سَنگُ ٿِيو،

جَهَدُ جو جَنِمَنِ جو، سو سَڀو سابُ پِيو،

سَنسو آتَمَ جيءَ جو، سو وچان ئي ويو،

پِريَنِ پاڻَ ڪَيو، هي نَظَرُ نِماڻيءَ تي.

(133)

مَٿي جاڳِيو ڀاڳُ، تَڏِي ساڌوءَ جو سَنگُ ٿِيو،

تَنهِن ڏيکاريو ڏيِلَ ۾، آتَمَ سُکُ اَنَراڳُ،

مُوڙِهيءَ لَڌو ماڳُ، جو اَصُلي آڳَهِين هُئو.

(134)

ساپُرِسَنِ جو سَنگُ، سِيتَلُ ڪَري سَڀَ کي،

ميٽي ڏِئي مَسِتَڪَ تون، وِرَڌاتا اَنگُ،

وَڃي پُڇُ تنهين کون، جَنهِن کي لڳو رَنگُ،

سامي ٿِي سَرِٻَنگُ، وَرِتي وِڌِ ويچارَ سان.

(135)

ڏِٺِي سَڀائِي سُڃَ، ساڌوءَ ري سَنِسارَ ۾،

مِرِگَهه تِرِشِنا جي جَلَ مون، سامي لَٿِي نَه اُڃَ،

جاڳِيا پورَنَ پُنڃَ، تَڏِي ساڌوءَ جو سَنگُ ٿِيو.

(136)

ساڌوءَ سَنگَ سَمانُ، جَپُ تَپُ اَٿي ڪونَڪو،

نَڪو جوڳُ جُڳِتِ ڪا، نَڪو دانُ اِسنَانُ،

نَڪو تِياڳُ وَيراڳُ ڪو، نڪو گِيانُ ڌِيانُ،

سَڀُ اوري اَڀِمانُ، سامي پَدَ اَواچَ کون.

(137)

ٻِيا سَڀِ ڏيئي ٻَنِ، ڪَجي سَنگُ ساڌَنِ جو،

جي آئي کي آدَرَ سان، پَرِچي پَنهِنجو ڪَنِ،

جاتِ وَرَنَ ڪُلَ ڪَرَمَ ڏي، سامي ڪِينَ ڏِسَنِ،

گَڏي گَڏُ ڇَڏِنِ، سُتَهِه سِڌِ سَروپَ سان.

(138)

ساڌوءَ سَنگِ وِيو، اَوِدِيا سَنسو جيءَ جو،

جِئين ڀِرَنگيءَ ڪِيٽ کي، جوڙي ڀِرَنگُ ڪِيو،

لوهو پارَسَ سان لَڳي، سامي سونُ ٿيو،

پاڻيءَ مَنجهه پِيو، وَڃي کيلُوڻو کَنڊُ جو.

(139)

ساڌوءَ سَنگِ سَڙِيو، سَنسو ڪوٽَ جَنَمَ جو،

اَندَرِ اوندَهه نَه رَهِي، مانو سورُ چَڙِهيو،

سامي اَڻَ گَهڙِيو، ديوُ ڏِٺوسـٖـي ديهِه ۾.

(140)

ساڌوءَ سنگ چُڪِي، چاهَ سَڀائِي چِتَ جي،

سَوداگَرَ ساپُرسَ جِي، اَچـٖـي کيپَ ڍُڪـٖـي،

اَوِدِيا سِنڌُ سُڪي، سامي سَمَ ويساهَ سان.

(141)

ساڌوءَ سَنگِ پاتِي، جِيوَنَ پَدَوي جڳَ ۾،

مورَتَ مَحَبوبَنِ جِي، سَڀَ گَهٽِ سُڃاتي،

مَنِسا مَڌ ماتي، سامي سَدائي رهي.

(142)

ٿئڙو ساڌوءَ سَنگُ، ٻيا سَڀِ سَنگَ ڇَڏي ويا،

اَچي اَزغَيبي لَڳو، لُنوَ لُنوَ آتَمَ رَنگُ،

مَمَتَ مِٽائي مَنَ جي، سامي رَهـٖـي نِسَنگُ،

ڇاکي گُهمـٖـي جَهنگُ، جَنهِن گَهرِ لَڌا سُپرِين.

(143)

ساڌوءَ سَنگ ٿِيو، تَڏي مَيلُ نَه رَهِي مَنَ ۾،

سامي سورِجَ کي ڏِسِي، پاسو تَمَ ڪِيو،

پاڻيءَ مَنجِهه پِيو، جِئين کيلوڻو کَنڊُ جو.

(144)

ساپُرِسَنِ جو سَنگُ، ڪَري سِڪَ سَچيءَ سان،

موڙي مَنَ پوَنَ کي، ڍَوَ سان وِجهِي ڍَنگُ،

نَڪي ڦِري ديهُرا، نَڪِي ڦِري جَهنگُ،

لائي وِهي رَنگُ، سُتَهِه سِڌِ سَروپَ سان.

سلوڪ ستسنگ مهما

(ب)

(1)

وَڃي سَڀَ وَهَندِي، خَلقَ خامَ خِيالَ ۾،

سامي لَڌِي ساڌَ سَنگِ، ڪَنهنِ ڪِرِپا ساڻَ ڪَنڌي،

پَهُتو پورَنَ پَدَ ۾، قابُو ڪَمَر ٻَنڌي،

دَيا دَرِدَوَندي، مُکَ رکي مَوجان ڪَري.

(2)

ڪوڙي وَڏائي، ڪايا مايا ڪُلَ جي،

ڇَڏي ٿِئي ڇَلَ وَلَ سان، پَلَ ۾ پَرائي،

سامي جَنهِن کي ساڌَ سَنگِ، اَنَڀَئِه ۾ آئي،

تَنهن جاڳي لِنوَ لائي، پاڻُ وَرائي پاڻَ سان.

(3)

ساڌوءَ سَنگِ سَهيپُ، پَرِچي ڪَيو جَنهن پانهِنجو،

ڪَڍيو تَنهن ڪَلِپَتِ جو، سامي لَئِه وِکيپُ،

نَڀَ جان رَهي اَليپُ، سَدا وِديــٖـهِي ديهِه ۾.

(4)

ساڌوءَ سَنگُ ڪَري، جيڪو سِڪَ سَچيءَ سان،

سَهَجي سو سامي چَئي، اَوِدِيا سِنڌُ تَري،

اَندَرِ ٻاهَرِ آتَما، ڏسِي اَجَرُ جري،

موٽِي ڪينَ مَري، پورَنُ پائي پَدَوي،

(5)

ساڌوءَ سَنگُ ڪري، جيڪو سِڪَ سچيءَ سان،

سَهَجي سو سامي چَئي، اَوِدِيا سِنڌُ تَري،

اَندَرِ ٻاهَرِ آتَما، ڏِسِي نيڻَ ڀَري،

موٽي ڪينَ مَري، پائي پورَنَ پَدَوي.

(6)

ساپُرسَنِ جو سَنگُ، ڪَيو جَنهن ڪَلِپَتِ ري،

مِٽِيو تنهنجي مَنَ مون، اَڻَ هوندي آهَنگُ،

ويٺو وِچِ بَزارِ ۾، پائي پِريم پَلَنگُ،

بي رَنگيءَ جو رَنگُ، سُتَهَه ڏسي سامي چَئي.

(7)

ساپُرسَنِ جو سنگُ، ڪَرين سِڪَ سَچيءَ سان،

ڪايا مايا ڪُلَ کون، ٿي نِرِٻانُ نِهَنگُ،

تَه وِهارنِي وِچَ ۾، پائي پِريمَ پَلَنگُ،

بيرَنگيءَ جو رَنگُ، ستهه ڏِسين سامي چَئي.

(8)

جَنهِن کي پَرَم پارِسُ، لَڳو سَنگُ ساڌوءَ جو،

سو ڪيوَلَ ڪَنچَن ٿِيو، ڇَڏي مَمِتا مِسُ،

سَدا رَهي سامي چَئي، خُلاصو خالِصُ،

ڄاڻي سارِي وسُ، چِمِتِڪارُ چيتَنَ جو.

(9)

ڏِٺي جَنهِن چَٽي، سِلَ آلوڻِي ساڌَ سَنگِ،

پَرِچي سو پورَنُ ٿِيو، سامي سَڀُ وَٽي،

نَڪي واڌي ۾ وڌي، نَڪي گهاٽي مَنجِهه گَهٽي،

ڪَلِپَتِ ڪالُ ڪَٽي، سُمِهيو سُکَپَتِ سيجَ تي.

(10)

پَرِچي پاءُ گَهڙِي، جَنهِن مَجِلسَ ڪَئي مُئَنِ سانُ،

تَنهِن کي اَمَلَ اَڀيدَ جو، وِيو خُمارُ چَڙِهي،

پائي ويٺو پَدَ ۾، سامي مَؤجَ مَڙهي،

لائي ڌِيان ڌَڙي، پَلِ پَلِ ڏِسي پاڻَ کي.

(11)

ڪَيو جَنهِن سَتِ سَنگُ، پاڻُ ڪَڍي پَرَتِيت سان،

سَهَجي تَنهن گُرَمُکَ کي، لَڳو آتَمَ رَنگُ،

پائي سُکُ سَروپَ جو، سيتَلُ سَرَٻَنگُ،

سامي گَهرُ آئون جَهنگ، سَمَ ڏِسي سَنسو ڪَڍي،

(12)

اَندِر جنهن آندي، سُرِتِ سَميٽي ساڌَ سَنگِ،

سامي لَڌِي تنهن لِنوَ سان، چيتَنِتا چاندي

سَٽي وِڌائِين سِر تون، هَيبَتَ هيڪاندي،

بَندَنِ جو باندي، موٽي ٿِئي نَه مورَکُ بَڻِي.

(13)

پورَوَ ڀاڳُ جڳِيو، جَنهِن جو ساڌوءَ سَنگَ تي،

سَتِگُرَ سَندي شَبِدَ ۾، رَهي راتِيون ڏينهَن لڳِيو،

جَنَمَ جَنَمَ جو سُمِهيو، تنهن جو مَنُ جڳِيو،

سامي ڪينَ ٺڳِيو، وَرَ مايا جي موهَ ۾.

(14)

جوڳُ ويراڳُ، ويچارُ، جنهن کي آيا ساڌَ سَنگِ،

مِٽِيو تنهن جي مَنَ مون، اَوِدِيا جو اَهنڪارُ،

جاڳِي ڏِٺائين جوتِ ۾، سُپَني جو سَنسارُ،

عينَ اَڀيدُ اَدارُ، سامي رَهـٖـي سُڀاوَ ۾.

(15)

تَنهِن کي چَونِ چَرِيو، چَرِيا جيءَ جَهانَ جا،

جَنهِن جو سَنگِ ساڌوءَ جـٖـي، ڪارِجُ سَڀُ سَريو،

چَڙِهي گِيانَ جَهازَ تي، اَوِديا سِنڌَ تَرِيو،

سامي اَجَرُ جَرِيو، پورَنُ ڄاڻِي پيءَ کي،

سلوڪ ساڌ سَنگَتِ مِهما

(الف)

(1)

اَوِدِيا ڪَيَڙو اَنڌُ، پَٽَلُ ڏيني جيءُ کي،

اَچي ٿِيُسِ ڪَنهن پُنَ تي، سَنتَنِ سان سَنَٻَنَڌُ،

ڏيئي تَنِ آنَندُ، سامي جيءُ سَڄو ڪَيو.

(2)

مانُکَ جَنَمُ اَمولُ، ڪنهن پاتُئِه پورَنَ پُنَ تي،

سو ڀَوَ ساگَرَ جي ڀِيڙَ ۾، ريڙهي ڪَرِ مَ رولُ،

سامي سَنتَنِ سان مِلي، لَهُه آتَمَ سُکُ اَڏولُ،

هَرَ هَرَ ههِڙو ٽولُ، هَٿَ ۾ ايندُءِ ڪِينَڪِي

(3)

لِکيو جَنهن اَلکُ، سامي سَنتَنِ سان مِلي،

تنهن جِيئَندي مِلي جَمَ سان، ڇِنو ڪَلِپَتِ ڪَک،

سدائِين نِرپَکُ، رَهي پنهنجي حالَ ۾.

(4)

جَنهن جَنهن پَدُ پاتو، تَنهن سامي سَنتَنِ سان مِلي،

سَنتنِ ري ڪَنهِن پاڻَهي، سارُ نَه سُڃاتو،

رَهي جيءُ جَنجالَ ۾، اَوِدِيا رَنگِ راتو،

گُرَمُکُ سو گِياتو، جو سَمُجهائي اَسَمُجَهه کي.

(5)

ڀَرِيو جنهن مُجِرو، سامي ساڌَ سَنگَتِ جو،

سَهَجي تَنهن شيوَڪَ جو، اَندَرُ ٿِيو اُجِرو،

لَڌائِين حُجِرو، پَرِچِي پاڪُ پِريَنِ جو.

(6)

ڳَڻِتي ڪَرِ ڦِٽي، اندَرِ ڏِسُ اَگَڻَتَ کي،

سامي سَنتَنِ سان مِلي، سَمُجُهه ڳالِهِه چِٽي،

جَنِ جِي مَمَتَ مِٽي، سي راجا رانوَلَ ديسَ جا.

(7)

وِرلو جَنُ وَڃي، ڪو لنگهي پارِ سَمُندَر کون،

جو سَنتَن ساپُرسَن جي، سامي ڳالهه مَڃي،

جاڳِي سِرُ ڀَڃي، پَنجَنِ جو پَرتيتِ سان.

(8)

وِرِلو ڪو پَرِچي، رَهِيو پانهنجي گَهرَ ۾،

جنهن سامي سارُ سَهي ڪَيو، سَنتَنِ سان سَرِچي،

کِمان جي خَرِچي، ٻَڌي ويٺو ڳَنڍِ ۾.

(9)

جاڳي جَنهن ڪَيو، سامي سَنگُ ساڌوءَ جو،

تَنهن جو ڀِرَنگيءَ ڪِيٽَ جان، ڪايا پَلَٽُ ٿِيو،

سَهَجي اَوِدِيا سِنڌُ کون، لَنگهي پارِ پِيو،

ڏِسـٖـي ڪِينَ ٻِيو، سُتَهِه سِڌ سَروپَ ري.

(10)

ڪوڙي ڪَٿَ مَڪَٿِ، دَرِ دَرِ ديوانَنِ جان،

سامي سَنگِ ساڌوءَ جـٖـي، مَنَ پنهنجي کي مَٿِ،

اَهِڙو ويلو هَٿِ، موٽي اِيندُءِ ڪِينَڪِي.

(11)

ڪَڍي پاڻُ ڪَري، سَنگَتِ ساڌو جَنَ جي،

وَچَنَ اَمولَ ٻُڌي ڪَري، هِرِدي مَنجهِه ڌَري،

اَوِدِيا سِنڌُ تَري، سامي سَمَ ويساهَ سان.

(12)

هَرِ ڀڳَتَنِ سان هيــٖـتُ، ڪَيو جنهن ڪَلِپَتِ ري،

سو جاڳي اَوِدِيا نِنڊَ مون، سَهَجي ٿيو سُچيتُ،

پائي پَدُ اَدُويتُ، سامي چَڙهيو سِيرَ تي،

(13)

ڪَيو جنهن سَتِسَنگُ، پاڻُ ڪَڍي پَرِتِيتِ سان،

سامي سو سِيتَلُ ٿِيو، لُنئَن لُنئَن لائي رنگُ،

ميٽيائِين مَستَڪ تون، وِرڌاتا جو اَنگُ،

پائي پريمَ پَلَنگُ، سُمهيو سُکَپَتِ سيجَ تي.

(14)

ساڌوءَ سَنگِ سَڦَلُ، جَنَمُ ٿِيو تنهن جَنَ جو،

جاڳي ڪَڍِيو جَنهن جيءَ مون، سامي مَمِتا مَلُ،

ڪَنهِن سان ڪَري ڪِينَڪِي، ڪوڙُ ڪَپَٽُ وَلُ ڇُلُ،

سَدائي سيتَلُ، رَهي پنهنجي حالَ ۾.

(15)

ڪَيو جنهن سَتِ سَنگُ، پِريمَ پِريتِ پِرَتِيتِ سان،

تنهن سامي لَڌو گَهرَ مون، بِنان اَکَرَ انگُ،

جو کَري کَپــٖـي ڪِينَڪِي، سِتَلُ آئون سَربَنگ،

اَهِڙو رَنگُ اَڀَنگُ، پائي پَرِچو پاڻَ ۾.

(16)

ڪَيو جنهن سَتِ سَنگُ، پاڻُ ڪَڍي پَرِتِيتِ سان،

سَهَجـٖـي تنهن ساپُرِسَ کي، لَڳو آتَمَ رَنگُ،

مِيٽيائين مَسِتَڪَ تون، وِرڌاتا جو اَنگُ،

سامي ٿِيو سَربَنگُ، ڏِسي سارَ سَروپَ کي.

(17)

جَنِين ڪَيو قُربانُ، تَنُ مَنُ ڌَنُ سَتِسَنگَ تون،

چِتُ تَنين جو چيتَ کون، سَهَجي ٿِيو نِرَٻاڻُ،

چِيٽيءَ ۾ ڪُنچَرَ ۾، ڏِسَنِ پانهِنجو پاڻُ،

سامي تَنِين ساڻُ، مِلِي مُڪِت ٿِيا ڪيترا.

(18)

جَنهِين جَنَ ڪَيو، سَمُجهي سَنگُ ساڌوءَ جو،

تَنهن کي رَهِيو ڪونَڪو، ڪَرڻو ڪَرَمُ ٻِيو،

سايم سَنسي ڀَرَمَ کون، لَنگهي پارِ پِيو،

سُتَهِه  سِڌِ ٿِيو، ڪارِجُ لوڪَ پَرلوڪَ پَرلوڪَ جو.

(19)

پَرِچي جَنهِن پِياسي، ساڌوءَ جو سَنگُ ڪِيو،

سَهَجي ٿڀيو سامي چَئي، تَنهِن جو پَٽُ پاسي،

اَندَرِ ٻاهَرِ نَڀَ جان، ساکي سَمَ ڀاسي،

ڦِرِي نا ڦاسي، اَوِدِيا جي اَهَنڪارَ ۾.

(20)

نَڪي کَڻي آئين، نَڪي نِيندين ساڻ،

ناحَقُ مايا موهَ ۾، ڇو پاڻُ پَچائيــٖـن،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، مُنهُن مَڙِهيءَ پائين،

مَتان پَڇتائيــٖـن، اَنتَ سمي سامي چَئي.

(21)

ناحَقُ مايا موهَه ۾، پَچائين ڇو پاڻُ،

مَنهُن مَڙهيءَ پائي ڪَري، مِلِي ساڌَنِ ساڻُ،

متان پَڇتائيــٖـن پاڻُ، اَنتَ سَمي سامي چَئي.

(22)

نَڪي کَڻِين آئيــٖـن، نَڪي نِيندين ساڻُ،

ناحَقُ مايا موهَ ۾، پَچائيــٖـن ڇو پاڻُ،

ملي ساڌَ سَنگَتِ سان، سَهَجـٖـي پاڻُ سڃاڻُ،

مَنَ جو ڀَڃِي ماڻُ، سامي ڏِسُ سَروپَ کي،

(23)

پِريتِ اَچي پيئي، سامي ساپُرِسَنِ سان،

خاصُ خَزانو گِياتِ جو، ڇَڏِيو تَنِ ڏيئي،

ويري رَهيو ڪونَه ڪو، ٿِيا سَڄَڻَ سَڀيئي،

ڀاسَ ڀُلي ويئي، اَوِديا ڀَرَمَ اَسارَ جِي.

(24)

وَڃي ٻُڌُ ٻاڻي، تَه ڀَلا چَوَن ڪوهُ ٿا؟

ڪَڍي وَٺُ مکَڻُ تون، وِجهي مَنَ مانڌاڻي،

فُرِصَتَ ڇَڏِ سامي چَئي، ٿي وَڃي وِهاڻي،

ڦُٽي گَهٽِ پاڻي، جِئين ريتي مُٺِ ۾.

(25)

وِرِلي ڪَنهِن کَٽي، بازي مَنَ مَواسَ کون،

جَنهِن سِلَ اَلوڻِي سَمَ جِي، ساڌوءَ سَنگِ چَٽي،

تنهن سامي کَڻي سَٽِي، اَوِدِيا پِنڊُ مَٿي تون.

(26)

پاري مَنجِهه پاڻي، تِئين ساکِي ڏٺو سَڀَ ۾،

وَڃِي سُرِتِ سَروپَ ۾، سامي سَماڻي،

سَنتَنِ ساپُرِسَنِ سان، موجَ مِلي ماڻِي،

ڄاڻائـٖـي ڄاڻِي سُوکَمُ سَنڌِ پِرِيَنِ جِي.

(27)

رکِيو جَنهن ناتو، سنتَنِ ساپُرِسَنِ سان،

تنهن لَنگهـٖـي مايا موهَ کون، پورَنُ پَدُ پاتو،

چِيٽيءَ ۽ ڪُنچَرَ ۾، صاحِبُ سُڃاتو،

وائـٖـي نَه واتو، سامي رَهـٖـي سَنتوکَ ۾.

(28)

سوئي سَتِ سنگِي، جو رَهي مُڪِتِ مَيدانَ ۾،

جاڳي ڪَڍي جيءَ مون، سامي طَلَبَ تَنگي،

صاحِبُ سَربَنگي، پِرتَک ڏِسي پِريم سان.

(29)

سوئي سَتِ سَنگي، جو رَهي مُڪِتِ مَيدانَ ۾،

ڪَٽي سَڀَ ڪَلِپَتَ جِي، لِنوَ سان طَلَبَ تنگي،

ٻُولي ٻُڌي ڪِينَڪِي، وَچَنُ هِڪُ اَنگي،

صاحِبُ سَربَنگي، سُتَهِه ڏِسي سامي چَئي.

(30)

سوئي سَتِ سَنگي، مَرَمُ جنهن جي مَنَ ۾،

جاڳي ڪَڍِيائين جيءَ مون، سامي طَلَبَ تنگي،

صاحِبُ سَربنگي، ڏِسي ڀيدَ ڀَرَمَ ري.

(31)

شاهُ گَداءُ وِيو، سِکڻو هِنَ سنسارَ مون،

ڪَنهِن وِرِلي جاڳي پانهِنجو، ڪارِجُ سِڌِ ڪِيو،

جنهن کي سَنگُ ٿِيو، سامي ساپُرِسِن جو.

(32)

ويسُ مَ وَٽائين تَه لَهين ليکَ اَليکَ جِي،

 مِلي مَهَدَ جَنَنِ سان، منهن مَڙِهيءَ پائين،

سامي سارُ سَهي ڪَري، تنهن سان لِنوَ لائين،

جيئندي پَهُچائيـٖـن، تون پاڻُ پَنهِنجو پَدَ ۾.

(33)

ڪِرِپا ڄاڻي ڪِرُ سَنتَ دُواري سِڪَ سان،

ديِکيا دَرَدَوَندَنِ جي، سَمُجهي ڪَرِ صَبُرُ،

سامي بَڪُ مَ سِرُ، دَرِ دَرِ ديوانَنِ جان.

(34)

سَنتَنِ جو دَرِسَنُ، ڏِسي نيڻَ ٺَري وِيا،

ٻُنڌي واڪَ وِلاسَ جا، لُنئن لُنئن ٿي پَرِسَنُ،

اَوِدِيا ڪَلِپَتَ نَه رَهِي، مِٽِيو سَڀُ مَنَنُ،

پائي آتَمَ ڌَنُ، سامي سُمِهيو سيجَ تي.

(35)

سَنَتَنِ ڪَڍِيو هَٽُ هيرَنِ ۽ لَعلَنِ جو،

کولِنِ ڳَنڍِ خوشيءَ سان، ڏِسِي نِهَڪَپَٽُ،

عَينَڪَ ڏيئي اَڻَ مُلِهي، پُرِکائِنِ پَرِگَهٽ،

سامي لائِــٖـي لَٽُ، جَنُ جوڙي ڪن جَواهِري،

(36)

سدائِين هَرِجَنَ، ٿا جوڙِنِ جڳِياسيءَ کي،

خوشِ ٿي ڏِيَن پُورَنِ کي، نانا ويدَ وَچَنَ،

سامي ڪَنِ اَنَنَ، ڪَلِپَتَ ڪَلَرُ ڪڍِي ڪَري،

(37)

سَنتَنِ ساڻُ مِلِي، سَهَجـٖـي مَنُ اَمَنُ ٿِيو،

کَڻي ڏِنائون گَهرَ جِي، سامي سَمُجَهه ڪِلي،

سُتَهِه مِلِيا سُپِريِن، خوشيءَ ساڻُ کِلي،

اَوِديا رَنَ رِلي، کَڻي ڀڳي گَهرَ مون.

(38)

ساڌوءَ سَنگُ ڪِيو، جنهن پِريمَ پِريت پَرِتِيت سان،

اِسٿِتِ آتَمَ پَدَ ۾، تنهن جو مَنُ ٿِيو،

سَنسو ڀَرَمُ اَندَرَ مون، سامي سَڀُ وِيو،

پاڻيءَ مَنجِهه پِيو، جيئن کيلُوڻو کَنڊُ جو.

(39)

سا پُرِسَنِ جو دَرُ، وَدو جَنهِن ويساهَ سان،

لَڌو تَنهِن لوڙي ڪَري، آتَمَ سَرُ سُڀَرُ،

ٿِئَڙو اَجَرُ اَمَرُ، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

(40)

سَڀُ جڳُ ڪوڙُ ڏِٺُو، بِنان نالي نامَ جي،

ساميءَ کي سَتِ سَنگَ ري، لڳي ڪينَ مِٺو،

ڪَرِمَنِ جو چِٺو، ڦاڙي سَڀُ ڦِٽو ڪَيو.

(41)

سام سَنگَ ڪِيو، پاپِي پُنِي جيءَ کي،

نَرِڪَ سُرِگَ دُکَ سُکَ ۾، پَرِچي پاڻَ پِيو،

اَڻَ هوندٖي دَرِياهَ جي، وَهَ ۾ وَهي وِيو،

ساڌوءَ سَنگ ٿِيو، تَڏِي جاڳي جُڙِيو پاڻَ ۾.

(42)

سُرِجها سَڀيئي، ڳالِهِه چَوَن ٿا هِڪِڙي،

ٻُڌي جَنهِن ٻانَڀڻ چَوي، ڪيوَلَ ڪُن ڏيئي،

سَهَجـٖـي تَنهن جي جيءَ مون، مَمَتَ مِٽي ويئي،

دِرِشٽِ وَڃي پيئي، سُوکَمُ ساکيءَ پَدَ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org