سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :36

سامي لغات

(سلوڪن ۾ ڪم آندل ڏکين لفظن جي سمجهاڻي)

سامي لغات

۾ پٽيءَ جو سٽاءُ

ا ب ٻ ڀ ت ٿ

ٽ ٺ ث پ ج

ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ

د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز

س ش ص ض ط ظ ع غ

ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ

ل م ن ڻ و هه

ء ي

آ

آڀا

: جهلڪ، چمڪ، روشني، سندرتا.

آتارَڻُ

: پار اُڪارڻ، لنگهائڻ ڌُتارڻ، رجهائڻ.

آَتَرُ

: پردو، ڍَڪ

آتُرُ

: بي صبر ڏکويل، گهٻرايل، حيران.

آتَمُ

: روح، آتما.

آتَمُ پَدُ

: آتما جي گيان جو درجو، پاڻ سڃاڻڻ جو درجو، روحاني درجو، منزل، عرفان،

اَتَم ڌَنُ

: آتما جو ڌن، روحاني ڌن.

آتَم رَتُ

: آتما ۾ رڌل، جنهن کي گيان حاصل ٿيو هجي.

آتَم سَرُ

: آتما جو تلاءُ.

آتَم گيانُ

: روحاني علم، پاڻ سڃاڻڻ جو علم.

آتَم وَتُ

: آتما جهڙو.

آتڻ

: اَيثَ ڪَتڻ جي جاءِ، عورتن جي ڪَتڻ جي جاءِ.

آچارَجُ

: استاد، معلم (مذهبي ڳالهين جو)، اُپديش ڪرڻ وارو.

آچمان

: پاڻيءَ جو لَپَ، چُرُون، گرڙي،

آچَمَن

: ڏسو ”آچمان“.

آد

: آدِي، بنيادي، پهريون. اصل منڍ.

آدِ

: مَنَ جي پيڙا، درد، دک.

آدِجُگادِ

: زماني کان، جُڳن کان اوائل کان.

آدَرُ

: عزت، مانُ،

آدسَڪَت

: اصلي شڪتي.

آدَڪً

: وغيره.

آدِي

ڏسو ”آدِ“.

آديسُ

: سناسن جو سلام، نياز نمسڪار.

آرائي

: آرائين، باغائي، مالهي.

آرِجا

: عمر، ڄمار، حياتي،

آرسي

: آئينو دَرسني.

آڙاهُه

: اونهي کَڏ، ڪُن، انهو پاڻي، اوڙاهَه.

آسَ

: اُميد، آسرو، ڀروسو.

آسانُ

: سولو، سهنجو. ضد ”دشوار“.

آسائُو

: آس وارو. ڏسو ”آس“.

آسَڻُ

: ويهڻ جي جاءِ، بيٺڪ، تَڪيو، ماڳ.

آڪارُ

: روپ، شڪل، صورت.

آڪاسُ

: آسمان، نَڀُ (Ether)

آگ

: آڳ، باهه.

آگوَ

: مالڪ.

آگيا

: حڪم، فرمان مڃتا.

آلادي

: عَلحدي، نرالي، نِياري.

آلَسُ

: آرس، سُستي.

آنَ

: هَٺ، وڏائي، اَهنڪار، ٻيائي، ڀَؤ.

آنَندُ

: خوشي، سَرهائي.

آڻَ

: فرمان، حڪم، آگيا، طاقت، سَتا.

آوَرَڻ

: پردو، ڍَڪُ.

آوي

: نِهائين.

آهارُ

: کاڌو، پوڄَنُ.

آهان

: آهون، دانهون.

آهُوتِي

: آهوتِ، ديوتائن اڳيان ٻَل چاڙهڻ جي رسم.

ا

اَبدالي

: الهه لوڪ مست، سنت.

اَبَکُ

: نه کائڻ جوڳو، حرام.

اِبناسي

: اَمرَ، لازوال غيرفاني.

اَٻُجُهه

: اٻوجهه، ڀورڙو.

آٻوهِيو

: سالم، آڻ وِنڌَيل، ناياب، قيمتي، ڏسو ”ٻوهَڻ“.

اَڀاسُ

: جو ڏسڻ ۾ نه اچي، غير محسوس، جنهن کي سچي هستي ڪانهي، اولڙو، عڪس.

اَڀاڳُ

: نڀاڳ، ڪم بختي، بدقسمتي.

اَڀاءُ

: نيستي نابودي، گم.

اَڀُلُ

: نه ڀلندڙ، خطا نه کائيندڙ.

اَڀِلاکُ

: تکي خواهش، چاهنا

اَڀِمانُ

: تڪبر، وڏائي.

اَڀِنُ

: هڪجهڙو، جو جدا نه آهي.

اَڀنگُ

: جنهن ۾ ڀَنگَ يا ڀڃڪڙي نه پوي، اَکَنڊُ، پُورَن.

اَڀوڳُ

: نه ماڻڻ جهڙو يعني لاثاني، خشڪ، بي سواد،

اَڀِياسِي

: (پڙهڻ جو) خَفتي، شائق، محنتي.

اَڀيدُ

: جنهن ۾ ڀيد يا فرق نه هجي، ساڳيو، هڪجهڙو.

اَڀيوَ

: جنهن جو رنگ، روپ، ڳجهه ڄاڻي نه سگهجي ڏسو. ”اڀيد“.

اٽ

: تمام گهڻو، نهايت

اَتبار

: ڀروسو.

اُتَپتِ

: پيدائش، ڄم، رَچنا.

اُتَپَت

: انتظار، ڳڻتي بي آرام.

اُتَرُ

: جواب.

اُتَمُ

: سڀ کان مٿي، اعليٰ پرڌان.

اَتَتَتا

: تمام گهڻو، بيحد.

اُتو

: چيو.

اَتِيتُ

: سنياسي، تياڳي، تارڪ، نيارو الڳ، آزاد.

اُٿان

: ڪوشش، سعيو، اُٿَڻُ، اُمنگ، خوشي، اُتپتي.

اُٿاهُه

: اونهو، عميق.

اَٿَڪُ

: جو نه ٿڪجي، آورچ.

اَٺارَهن

: ارڙهن، اشارو ”پراڻن“ ڏانهن، جي ارڙهن آهن. هندن جا اهي ڌرمي پستڪ ’وياس‘ گڏ ڪيا. هرهڪ ’پراڻ‘ ۾ پنجن وستن جو وِستار ڪيل آهي.

1. دنيا جي پيدائش يا رچنا.

2. دنيا جو پَرلَئه يا ناس ٿيڻ.

3. ديوتائن ۽ سورمن جو ذڪر.

4. مَنو بابت.

5. سندن پوين جو ذڪر. ارڙهن پراڻن ۾ ڪيل چار لک لوڪ آهن.

(1) برهم (2) پَدمَ (3) برهمانند (4) اگني (5) وِشنُو (6) گَرُڊَ (7) برهم ويورت (8) شو (9) لنگ (10) نارد (11) سِڪَند (12) مارڪڻڊييه (13) ڀَوِشيَت (14) مَتسيه (15) وِرِاهَه (16) ڪُورمَ (17) وامَن (18) ڀَڳوت.

اَٺاسي اُڃَ

: نانا روپي مايا جي اُڃ، اڻ هوند جهان يا سنسار.

اَٽپٽي

: اڻانگي، مشڪل.

اَٽَڪَ

: رنڊڪ، روڪ، آڙَ، اٽَڪَ جو درياهه، سنسار رُوپي ساگر.

اَٽَلُ

: محڪم.

اُٽيلا

: اُٿلون.

اُپاڌ

: ڇَل، ٺڳي، فريب، دوکو، جنجال، سرير جا ٻاهريان دک،

اَپارُ

: بيحد، بيشمار.

اُپاسَڪُ

: شيوڪ، ٽَهليو، نوڪر، پوڄاري.

اُپاسِنا

: عبادت، پوڄا، شيوا. ڏسو ”اپاسڪ.“

اُپانڌي

: ڏسو ”اُپاڌ“.

اُپاءُ

: ڪوشش.

اُپجَڻُ

: پيدا ٿيڻ.

اَپَدا

: مصيبت، آفت.

اُپَديشُ

: وعظ، پرچار، نصيحت.

اَپَر

: ڏسو ”اپارَ“.

اُپَرَت

: تياڳي، نيارو، بي پرواهه.

اَپَرَسُ

: جو ڪنهن به شيءَ کي نه ڇهي پرهيزگار، تياڳي، نيارو.

اَپَروکُ

: سامهون، ظاهر.

اُپَڪارُ

: ڀلائي مهرباني، احسان.

اُپڪاري

: ڀلائي ڪندڙ، مددگار، سَهايڪ، محسن. ڏسو ”اُپڪار“.

اَپکُ

: بي طرفدار.

اَپيرِي

: جنهن جي پير يا واٽ جو پتو پئجي نه سگهي، مخفي، ڳجهو.

اَجاتِ

: جنهن کي ساڳي ذات نه هجي، ذات پات مان تڙيل.

اُجارو

: اَجالو، روشني.

اَجانُ

: اَڄاڻ، اڻ ڄاڻ، بي سمجهه.

اَجپو

: جو جَپڻ ۾ نه اچي، ياد ڪري نه سگهجي. ناممڪن ناشدني.

اَجَرُ

: لازوال، غير فاني، اَبناسي، جو جيتي نه سگهجي، جو نه سَري نه ٻَري، اَجَرُ جَري = نه جلڻ يا ناس ٿيڻ واريءَ وستوءَ کي پچائي يا ڦٻائي، محڪم رکي.

اُجرو

: اَوجَل، صاف، روشن ڏسو ”اُجارو“.

اَجَڙُ

: اُجاڙ ناس، تباهه.

اَجَگيبِي

: ڏسو ”ازغيبي“.

اُجِيارو

: ڏسو ”اُجارو“

اَجِيتُ

: اڻ جيت، جنهن کان ڪو کٽي نه سگهي، غير مغلوب.

اَڄاڻُ

: ڏسو ”اَجانُ“

اَجهاڳُ

: اٿاهه، اونهو، عميق.

اَچارَجُ

: ڏسو ”اَچارج“.

اَچانڪ

: اوچتو.

اَچاهه

: بنان خواهش.

اَچتُ

: خيال کان آجو، بي پرواهه.

اُچَتُ

: لائق، ٺيڪ، مناسب.

اَچَرَجُ

: حيرت، تعجب.

اُچرِي

: اُچاري، زبان مان ڪڍي، چوي.

اَچَلُ

: اَچَرُ، اَڏولُ، محڪم.

اَچنتَ

: بي فڪر.

اچيتُ

: بي فڪر، بي سمجهه ضد ”سُچيتُ“.

اَڇَ

: صفائي، اَڇاڻ، پاڻي جي اَڇَ واري پکڙيل ايراضي، وحدت، نِرملتا.

اِڇا

: خواهش، مرضي.

اَڇاري

: لِڪائي، ڍَڪي.

اَڇُتو

: صاف، اوجهل، پوتر، پاڪ.

اَحَدُ

: واحد، ايشور الله.

اُدارُ

: ڪشاده دل، سخي، داتا، داني لائق.

اُداسُ

: غمگين، بيقرار، دنيوي، پدارٿن کان پري، تياڳي.

اُدتُ

: ممتاز، مشهور.

اُدَمُ

: ڪوشش، جتَن، محنت.

اُدُوَيتُ

: ٻيائيءَ بنان، بي مثل وحدت، هيڪڙائي، هڪ.

اُدَءِ

: مٿي چڙهڻ، روشنائي.

اُدِي

: چئي. ڏسو ”اُتو“.

اَديسُ

: نمسڪار. ڏسو ”آديس“.

اَڌڀُتُ

: حيرت انگيز، عجيب، انوکو، ڳجهو.

اَڌِڪ

: زياده گهڻو وڌيڪ.

اَڌِڪارُ

: اختيار، قبضو، حق.

اَڌِڪاري

: حقدار، اختياريءَ وارو لائق. ڏسو ”اڌڪار“.

اَڌُوتُ

: سنياسي، جوڳي، تارڪ الدنيا.

اَڌِينُ

: تابع، پوئلڳ، پَروَسَ، محتاج، مسڪين.

اَڏ

آڏو، جاءِ مڪان.

اَڏولُ

: محڪم، اِسٿر.

اَڏوهي

: ڏوهه بنان، صاف،

اَرَپَڻُ

: سونپڻ، حوالي ڪرڻ، ڀيٽا ڪرڻ، نذرانو ڪرڻ.

اَرٿُ

: مطلب، معنيٰ، شرح.

اَرجانُ

: عرض، مِنٿَ.

اُرجَهڻُ

: مَنجهي پوڻ، ڦاسي پوڻ.

اَرداسَ

: عرض، التجا، ڀيٽا، نذرانو.

ارڌَاُرڌَ

: هيٺاهين. مٿاهين.

اُروارَپارَ

: اورينءَ ڀَر ۽ پَرينءَ ڀَر.

اَروڙي

: ٻيائي، دوئي، خرابي، ڪَپَتِ،

اَروڳُ

: تندرست، چڱ ڀلائي، چاقائي، روڳ يا وِڪار کان ڇَٽل.

اَزغَيبي

: اوچتو، ڳجهيءَ طرح.

اَسارُ

: اَسَتُ، ڪُوڙو ڪُوڙ، بي بقا.

اَساس

: ساهه جي روڪ، ساهه جي بندش.

اَسباب

: سامان.

اَسَت

: ڪوڙو، بي حقيقت.

اَستامَلُ

: پوريءَ ريت ڄاڻڻ.

اُستَتِ

: ساراهه، تعريف، واکاڻ.

اِسترِي

: عورتِ، زال، ناري.

اِسٿِتِ

: محڪم، مضبوط، ثابت، قدم قائم.

اِسٿرُ

: اچل، اَٽَلَ، قائم، مضبوط، نيبَهُه.

اِسٿُولُ

: ٿلهو، ڀاري، جَڙَ بدن، ضد ”سُوکيم“.

اَسپَندُ

: ڇُهڻ، متحرڪ. ڏسو ”نِسپند“.

اَسُر

: رڪاس، دَئِيتُ.

اَسرارُ

: ڳجهه، راز، ڀيدُ،

اَسَريرُ

: سرير کان سواءِ، بي جس، نِرآڪار.

اَسِگاهُه

: اَتانگهه، اَٿاهه، عميق، بي، حد، ڳجهو، ڪَٺَن.

اَسگُهٽِي

: سُرڪي، چڪو.

اَسَمُجَهه

: بي سمجهه، اڻ ڄاڻ.

اَسمِيدُ

: گهوڙن جي قرباني. آسميد يُگ، جنهن ۾ گهوڙي کي چوڌاري ڦيرائي، آخر ان کي ماري، ان جي آهوتي يگيه ۾ ڏيندا هئا.

اُسَنَ

: تپت، گرمي.

اسنانُ

: اِشنان، سَنانَ، وهنجڻ.

اَسَنگُ

: جنهن جو ڪنهن سان تعلق نه هجي، آزاد.

اَسوڪُ

: بي غم.

اَسوڳُ

: ڏسو ”اَسوڪ“.

اُشِنائِي

: واقفيت، ڄاڻ سڃاڻ.

اَشوڪُ

: ڏسو ”اسوڪ“.

اَصيلُ

: بنيادي، اصل نسل وارو، شريف.

اَڦرُ

: بنا ڦرڻي، بي اونو، ڪنهن به خيال کان سواءِ سَنتوش وارو.

اَڪالُ

: وقت جي حد کان آزاد، موت کان آجو، اَمَرُ.

اَڪَٿُ

: بي شمار، بي انداز، چوڻ کان ٻاهر.

اُڪو

: سَڄو، سڀ، سمورو.

اُڪَهُه

: چوڻ يا بيان کان ٻاهر، جو چَئي نه سگهجي.

اُڪِيرَ

: سِڪ، اُڪنڊ،

اڪيڪُ

: هڪ هيڪڙو.

اَڪيلو

: هڪ ڄڻو، ڇَڙو، نِرالو.

اَکَنڊُ

: سڄو، سالم، ثابت، ناغي کان سواءِ، اَڀَنگُ، لاڳيتو، دائما، سَديوَ.

اَگاڌُ

: اٿاهه، عميق، اونهو، بيحد ڏسو ”اَجهاڳ“.

اَگست

: هڪ مها رشيءَ جو نالو، جنهن ونڊيا جبل کي ڪيرائي وڌو هو. رشي اگست، هٿ تي پاڻي وجهي، سُرڪ ڀري، مَنتر اُچاريو ته ساگر (درياءُ) سڪي ويو.

اگَمُ

: مَنَ ۽ اِندريَن جي پهچ کان پري، سخت، ڪٺن، ڳجهو، مخفي، بيشمار.

اَگنِ

: آگ باهه،

اَگَڻَتِ

: بيشمار، جنهن کي ڳڻي يا ڪٿي نه سگهجي.

اَگوچَرُ

: آدِرشٽِ، جو اندرين (حواسن) سان ڄاڻي نه سگهجي، جو ڏسڻ ۾ نه اچي، مخفي.

اَگُوهين

: صاف، ظاهر، پرتڪش.

اَگيانُ

: جهالت، اڻ ڄاڻائي.

اَڳو

: آڳُ، اڳيان، اڳيون، پاسو، شروعات، آگو پيڇو، اڳپوءِ.

اَگهايو

: ڍائو ڀَريو.

اَگَهرُ

: جنهن کي گهر نه هجي، لامَڪاني، سرَوَ وِيا پَڪُ.

اَگهورِي

: ڀيانڪ، خوفناڪ، قهر جو ڀوائتو.

اَلُ

: سچي نه ڪرڻ، لڪائڻ، ڳجهو ڪرڻ.

اَلاڀُ

: نقصان.

اِلاهي

: خدائي، خدا جي طرف کان، تمام گهڻو، کوڙَ.

اَلبيلو

: اَربيلو، لاڏلو، پيارو.

اَلتِي

: لڪائي. ڏسو ”الُ“.

اُلِٽي

: اُبتي، سنسار کان ابتڙ، اڻانگي.

الَپَتُ

: سوکيم، باريڪ، دقيق.

اَلساڻو

: آرِسي، آرس وارو، سست، ڪاهل.

اَلڪيُون

: اکين جون پلڪون، پنبڻيون.

اَلکُ

: مخفي، پوشيده، خدا.

اَلوڪُ

: روحاني دنيا.

اَلولَو

: ڏکيو، مَنجهيل.

اَلُوِڻي

: لوڻ بنان، ڦِڪي، بي سواد، اڻ وڻندڙ (رَسُ رَهَتِ).

اَليپُ

: جنهن کي ڪو ليپ لڳي نه سگهي، بي داغ، نيارو.

اَليکُ

: جو لکئي کان ٻاهر هجي، بيشمار اَلکَ.

اَماپُ

: جو ماپي نه سگهجي، ماپ کان ٻاهر، اندازي لڳائڻ کان ٻاهر.

اَمِتَ

: بيحد، بي انداز.

 اَمِٽُ

: نه مٽندڙ، نه ڊهندڙ، لازوال، پائدار.

اَمَرُ

: لازوال، غير فاني، اَبدي، دائمي، زنده جاويد.

اَمُرُ

: حڪم.

اَمرَتُ

: سدائين جيئرو رکندڙ (ڪابه شَيءَ)، اَڪسيرُ، ڏسو اَمَرُ.

اَمَلُ

: ڪابه نشي دار شيءِ، آفيم، نشو، کيپَ.

اَمُلُ

: اَملهه، بي بها، لاثاني.

اَمُلُهه

: ڏسو. ”اَمَلُ“.

اَمَنُ

: ڦُرڻي، خيال کان سواءِ، بنا ڦرڻي.

اَمَنڊُ

: مَنڊَ يعني مايا جي ڇَلَ وَلَ کان آجو.

اَمُولُ

: ڏسو ”اَمَلَ“.

اَمُولَڪُ

: املهه. ڏسو ”اَمُلُ“.

اَمُولو

: ڏسو ”اَمُلُ“.

اَمَلِي

: ڏسو ”اَمَلُ“.

اَناڙِي

: اڻ سڌريل، جهنگلي، مورک.

اَن الحق

: مان خدا (برهم) آهيان، منصور حلاج وارو بي خوديءَ جو نعرو.

اَنانا

: سڀ ڪجهه. ڏسو ”نانا“

اَنبَرُ

: آسمان، اُڀُ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org