سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

صفحو :34

اَوڌُوتَ (الف)

(1)

نَڪو ڪوهُ نَه اَڌُ ڪوهُ،  نَڪو پيرُ پَري،

جاني جَهروڪَنِ ۾، ٿو سامي سَڏَ ڪَري،

جَنهِن کي ڪَرَلُ ڪَنِ پيو، تَنهن ڏٺا نيڻ ڀري،

موهِي ذَوق ذري، سا پلڪ پراهون نَه ٿئي.

(2)

جَنهِن سَمُجهو سُوتُ، آتَم ديوَ اَنُوپَ جو،

سو بِنان بيکَ ڀَڀوتَ جي، سامي ٿِيو اَوڌوتُ،

اُٿي اوديا ڀُوت، ڀڳو تنهن جي گهر مون.

(3)

اَلَبيلا اَوڌوتَ، عاشِقَ پاڪَ اَلله جا،

جَنِ پَنجَئي ماري پانهِنجا، ڪِيا اَگِنِ ۾ آهوتَ،

مَحَبَتي مَضبوطَ، پرچا رهن پاڻَ ۾.

(4)

اَوڌوتَن اُتِي، مَٿي ڳالهه مَرمَ جي،

وِرلي ڪنهن گُرَمُکَ جي، هِردي مَنجِه کُتي،

پرچي پاتي جنهن پريم جِي، پيرَن مَنجِهه جُتي،

ڪَڍي ڪَلپَ ڪُتِي، سَمَ وَرتَي، سامي چَئي.

(5)

اَوڌوتي عينَ، واڪَ چَوَنِ ويدانت جا،

ڪو سُجاڳو سورَمو، سامي سَمُجهي سَينَ،

سُتَهَه سَمَ سورِجُ ڏِسِي، ڀَري نِرمَلُ نَينَ،

ڪَلِپَتِ ڪارِي رَينَ، ڪَڍي اَڀاءُ اَندَرَ مون.

(6)

اَوڌوتَن کي آسَ، آهي ڪانَه اَندَرَ ۾،

سامي ڪَٽِيائون سَمَ ٿي، سَڀَ ڦُرني جي ڦاسَ،

رَهَنِ منجهه آڪاس، اَٺَئي پَهَرَ اَنَلَ جان.

(7)

ديوانو داناهُه، ڪوڙِن ۾ ڪو هِڪِڙو،

ڏِٺو جَنهِن اَکِنِ سان، پورڻُ  پاڪُ اَللهُ،

ڪَنهِن کي سلي ڪِينَڪِي، اَنڀئَه سُکُ اَٿاهُه،

سدا بي پَراوهُه، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

(8)

اَوڌوتي اَڇُتا، سَدا رَهَنِ سَنسارَ ۾،

لوڪُ نَه لَکي تَنِ کي، هو وَتَنِ مَنجِهه مَتا،

اَندَرِ سيتَلُ جَلَ جان، ٻاهَرِ تاوَ تَتا،

رَهَنِ رَنگَ رَتا، سامي سپرِيَنِ جي.

(9)

اوڌوتن کي آسَ، آهي ڪانَه اَندَرَ ۾،

جاڳي ڪَٽيائون جيءَ مون، سَڀَ ڦُرني جِي ڦاسَ،

سامي مِلي سَروپَ سان، ٿِيا خِلوتي خاصَ،

رهن منجهه آڪاسَ، اَٺ ئي پَهَرَ اَنَلَ جان.

(10)

اَوڌوتَنِ آسَڻُ، پرچي ڪيو تَنهن پَدَ ۾،

جتي تون مان نانهن ڪا، نَڪو جاتِ وَرَڻُ،

نَڪو اونده سوجهرو، نَڪو چُپِ چَوَڻُ،

ميٽي جَنَمُ مَرَڻُ، سِيتَلُ ٿِيا سامي چَئي.

(11)

اَوڌوتنِ آسَڻُ، پرچي ڪيو تَنهن پَدَ ۾،

مِيٽيو جَنِ جي مَنَ مون، ڀولائو ڀَرَمُ،

سُتَهَه ڏِسَنِ سامي چَئي، پرميسر پورَڻُ،

رَتي ماسو مَڻُ، آهي جَنهن جي آسِري.

(12)

اَوڌوتَنِ آسَڻُ، پرچي ڪيو تَنهن پَدَ ۾،

جِتي تون مان نانهِه ڪا، نَڪو چُپِ چَوَڻ،

نَڪو ٻَنڌُ مُڪِتِ ڪا، نَڪو تياڳُ گِرَهَڻُ،

پرميسر پورَڻُ، سُتَهِه رَهي سامي چَئي.

(13)

اَوڌوتنِ اَصُلي، پَرچي لَڌو گَهرُ پانهنجو،

سامي جَنِ جِي ساڌَ سنگِ، اَنَڀئِه اَکِ کُلي،

سُپني جي سنسارَ ۾، ڀَوَنِ ڪينَ ڀُلي،

ميٽي ڪَلِپَ ڪُلي، سَدا ماڻِنِ سيجَ سُکُ.

(14)

اَوڌوتن اُتو، هڪُ هيڪِلو آتما،

وِرلي ڪَنهِن گُرَمُکَ کي، هِردي مَنجِهه کُتو،

ليکو لاهي سَڀَ سان، ڪيائين چَٽُ چُڪتو،

سامي وَڃي سُتو، سَدا سُکَپَتَ سيجَ تي.

(15)

اَنڀَئي جو آرامُ، آيو جَنهِن آوڌوتَ کي،

مِٽي تنهن جي من مون، ٻي سَڀَ خودي خامُ،

دَرِ دَرِ ديوانن جان، ڪري ڪينَ سلامُ،

سدائين نِهَڪامُ، سامي رهي سَڀاءَ ۾.

(16)

جا بِڻِي سا واهَ، سامي رَکي سِر تي،

سَدا سُپيريَنِ جِي، ڪري سَمَ صلاح،

اَٿي اِها راهَه، اَصُلُ اوڌوتنِ جي.

(17)

سَڏِنِ سَودائي، اَنڌا اوڌوتَنِ کي،  

جَنِ پاڻُ وَرائي پاڻَ سان، سُتَهَه لنِوَ لائي،

اَوِدِيا ڀَرَمُ اَندر ۾، رکن نَه رائي،

وِڃائي وائِي، سامي چَڙهيا سِيرَ تي.

(18)

اَوڌوتَنِ اَسمِيدُ، ماري ڪِيو مَن کي،

سامي چَڙهيا سيرَ تي، ڇَڏي وِڌِ نِکيدُ،

ڪنهن کي سَلِنِ ڪِينڪِي، اَنَڀئِه سُکُ اَڀيدُ،

جِيئين چَئي گُرو ويدُ، تِيئين هَلَنِ حَليمُ ٿي.

(19)

جِيئين گُلابي گُلُ، ڏئي خوشبوءَ خوشيءَ جي،

تِيئين ِ اَوڌوتَ اَنڀَئِي، ڪَنِ اُپَديشُ اَصُلُ،

وَٺي ڪو ويساهَه سان، ڏيئي محبت مُلُ،

ڪَٽي ڪَلِپَتَ ڪُلُ، سامي سَمَ سيتلُ ٿِئي.

(20)

سي اَوڌوتَ ٻَلِي، جَنِ جِيتيو مَنَ مَواسَ کي،

پاڻُ ڏٺائون پاڻَ ۾، عَجائِب اَصُلِي،

نِت گاوَنِ رامَ ڪَلِي، سامي مِلي سروپَ سان.

(ب)

(1)

اَوڌوتَي اَپِروکُ، ڏِسَنِ اَنَڀَئِه آتَما،

جاڳي ڪَڍِيو جنِ جيءَ مون، اَڻَ هوندو دُتِيا دوکُ،

ڄاڻَنِ سَڀُ سُپني جو، ٻانَڀَڻَ ٻَنڌَڻُ موکُ،

ڪَري سَمَ سَنتوکُ، سُمِهيا سَهَجَ آنَندَ ۾.

(2)

اَوڌوتَنِ اَصُلُ، پَرچي لَڌو گهرُ پانهِنجو،

سُکي ٿِيا سامي چَئي، ميٽي ڪَلپَتِ ڪُلُ،

ٻاڻي ٻولِنِ بيحَدي، عينَ اَڀيدُ اَمُلُ،

جِئين گُلابي گُلُ، ڏِئي خوشِبوءَ خوشيءَ جي.

(3)

اَوڌوتَنِ اِئين، ڪَيو اُپَديشُ اَنَڀَئي،

پِيالو پِريمَ آگَمَ جو، پُر ڪَري پيئي،

رَکي نَه رَتيءَ جيتِري، هارَ جِيتَ هِيئـٖـي،

جِئين جوتئين، سامي ڏِسي سَروپَ کي.

(4)

اَوڌوتَنِ اُتو، وَچَنُ هڪُ ويساهَه جو،

وِرِلي ڪنهِن گُرَمُکُ کي، هِرَدي مَنجِهه کُتو،

ڪايا مايا ڪُلَ کون، اُلَٽِي ٿِيو اَڇتُو،

گَگَنَ ۾ گُپِتو، سَيلُ ڪَري سامي چَئي.

(5)

اَوڌوتَنِ کي آسَ ڪانهي ڪا تِر جيتري،

سامي جَنِ جي سَتِ گُروءَ، ڪَٽِي ڪَلِپَتِ ڦاسَ،

پورَنُ ڄاڻي پيءَ کي، ٿِيا خِلوَتي خاصَ،

بيحَدِ ڪَنِ بلاسَ، رَهَنِ اَليپُ آڪاس جان.

(6)

آچارِجُ اَوڌوتُ، ٻيئي رَهَنِ بيحَدِ ۾،

ڪو سَئلَ ڪَري ساکِي ٿِي، ڪو مَرِي ٿِيو مابوتُ،

سَدا ڪَنِ سُکَ سارَ جو، بِنان ڪَلِپَتِ قوتُ،

تاڃيءَ پيٽي سوتُ، سَمَ ڏِسي سامي چَئي.

(7)

اَنَڀَئِي اَوڌوتُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

سَمُجِهيو جَنهِن سامي چَئي، تاڃيءَ پيٽي سوتُ،

ڪَري نَتُ ڪَلپَ ري، بي قُوَتيءَ جو قوتُ،

سَدائي ثابوتُ، لَهـٖـي سُتَهَه سُڀاوَ ۾.

(8)

جا بَڻي سا واهَ، سامي رَکي سِرَ تي،

اَسِٿِتِ رَهي آڪاسَ جان، ميٽي چِنتا چاهَ،

سُتَهَه سِڌِ سَروپَ جِي، ڪَري سَمَ صَلاحَ،

اَٿي اِها راهَ، اَصُلُ اَوڌوتَنِ جي.

(9)

وَتا سَڀِ ٺَڳي، مايا جيءَ مَمَتِ سان،

مَنِزَلَ وِڌي مَنَ کون، ڪَنهِن اَوڌوتَ اڳي،

جِتي تون مان نانهِن ڪا، نَڪوليپُ لَڳي،

جَڳَ مَڳَ جوتِ جَڳي، سامي سَدا اَنَڀَئِي.

ساڌُو جَنَ

(1)

ڪوهُ ڪَريان اُسِتَتِ، ساڌو جَنَ جِي مُکَ سان،

مَنَ ٻُڌِ  واڻيءَ کون پَري، پُهچِي سَگهي نَه مَت،

ساڌو جَنِ جي گَتِ، سامي ڄاڻي ساڌُ جَنُ،

(2)

اِهَڙو ڪو آهي، ساڌو جَنُ سَنسارَ ۾،

جو اَوِدِيا ڪُلف اَندَر جو، لَحِظي مَنجِهه لاهي،

اَندرِ ٻاهِرِ دَهَ دِسا، اَلکُ لَکائي،

مَمَتا مِٽائي، سامي چاڙهي سِيرَ تي!

(3)

اَوِدِيا پَنڊَ اُڇلي، ساڌوءَ وِڌي سِرَ تون،

سامي ڄاڻي سُپَنو، اُتِپَتِ ۽ پَرِلي،

رَکِي چاهَه اَندَرَ ۾، ڪَنهن سان ڪِينَ مِلي،

توڙي خَلقَ کِلي، ته ڀي سيتَلُ رَهي سُڀاوَ ۾.

(4)

گَهنَ نِرَمَلَ آهِينِ، ساڌو جَنَ سَنسارَ کون،

اوجَلُ آتَمَ گِيانَ جِي، وَرِکا وَسائِين،

اَوِدِيا مَئِلُ اَندَرَ مون، ڌوئي سَڀ لاهِين،

اَنَڀَئِه اُپَ جائِينِ، سامي سَهَجَ سَروپَ جِي.

(5)

چَلَنِ اُلَٽِي چالَ، ساڌو جَنَ سَنسارَ ۾،

لَنگِهيا پارِ سَمُنڊَ کون، ڇِنَ ۾ ماري ڇالَ،

ميٽي ويٺا مَنَ مون، سامي سَڀِ خِيالَ،

رَهَنِ لالُ گُلالَ، سَدا پانهنجي حالَ ۾.

(6)

دانا ديوانا، ٿِيا ساڌو جَنَ ڪيترا،

هِڪِڙا ساڻُ سَنگَتِ جي، هڪڙا اَل سانا،

رهن سڀ سروپَ ۾، سامي سمانا،

ورتن ڌنانا، ساکِي ٿي سنسارَ جا.

(7)

ڌَڙ تون سِر لاهي، ساڌو چَڙهي سَنگرام تي،

وَڃي پَئي ويساهَه سان، ڪَلِپَتَ ري ڪاهي،

ماري دُٻڌا دَلَ کي، نوبَت وَڄائي،

سامي جُهلائي، اَنَڀَئِه ڇَٽُ مَٿي تي.

(8)

مايا مَنجِهه اُداسَ، سامي رهن ساپُرِسَ،

جِيَڻَ، مَرَڻَ دُکَ، سُکَ جي، مَنَ ۾ رَکَنِ نَه آسَ،

ساکي ڄاڻي سَڀَ ۾، ٿِيا داسَنَ جا داسَ،

ڪَٽي اَوِدِيا ڦاسَ، چَڙِهيا اَنَڀَئِه اَڇَ تي.

(9)

سوئي سِياڻو، ساڌو جَنُ سَنسارَ ۾،

جو ڊڊو ڊاهَرُ وِڪڻِي، ڪري نِجُ ناڻو،

سامي رَکي سِرَ تي، ڀَڳِوَتَ جو ڀاڻو،

ڏيئي وِهاڻو، سُمهي سُکَپَتَ سيجَ تي.

(10)

سَدائين نِرَمَل، ساڌو جَنَ سَنسارَ ۾،

ليپُ نَه لَڳي تَن کي، جِئن جَلِ رَهَنِ ڪَنوَل،

اَٺَئي پَهَرَ اَچلَ، اَنَلَ جان آڪاسَ ۾.

(11)

سدائِين نِرَمَلَ، ساڌو جَنَ سَنسارَ ۾،

ليپُ نَه لڳي تَن کي، جِئن جَلِ رَهَنِ ڪَنوَلَ،

سُوڌا وَرِتَنِ سَڀَ سان، سامي بِنان خَلَلَ،

اَنَڀَئِه روپَ اَچَلَ، گَهٽَنِ وڌَن ڪِينڪِي.

(12)

ساڌو جَنُ ثالثُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

جو جاڳي چَڙِهيو چِٽَ تي، ڇَڏي اُونگَهه آلِسُ،

رَهِيو مايا موهَ کون، خُلاصو خالِصُ،

وِسُ جو هِڪُ والثُ“ سامي ڄاڻي سُپِرِين.

(13)

ساڌو سِياڻو، گُهمي آيو گَهرَ ۾،

جُڙيو آهه جَتنَ ري، ٻاريءَ ٽِڪاڻو،

مَکَڻَ جو چاڻو، پائي ويٺو مُنهَن ۾.

(14)

هَرِ جَنَ ڪَڍِي هَٽُ، ويٺا سَودي سارَ جو،

سَمَ رَکِيائون تِرڪِڙي، سَمَ رَکيائون وَٽُ،

جيڪو جڳ ياسي اَچي، ڇَڏي ڪوڙُ ڪَپَتُ،

سامي سِر سان مَٽُ، توري ڏين  تَنهِن کي.

(ب)

(1)

مايا مَنڊي مَنڊاڻُ، موهي ماري سَڀَ کي،

ڪَنهِن کي ڇَڏي ڪِينَڪِي، خالي خوشيءَ ساڻُ،

رَهي اَليپُ آڪاسَ جان، ڪو سامي سَنتُ سُجاڻُ،

پاڻَ وَرائي پاڻُ، جاڳي ڏِٺو جَنهِن جوتِ ۾.

(2)

جَنهِن ساڌوءَ کي سُڌ، پيئي سُتَهَه سَروپَ جي،

تَنهِن جي دَرِسَ دَرياهَ ۾، ٻُڏي ويئي ٻُڌِ،

رَهي کِميا خُمارَ ۾، ٻانِڀَڻَ بيخودِ خود،

جاڳِي جيتي جُڌِ، چَڙِهي ويٺو چَوڏولَ ۾.

(3)

دِيپَڪَ مون ديپَڪُ، جاڳي ٿِيو تَنهِن جَهڙو،

تئين مِلي ساڌوءَ سان، ساڌو ٿِيو سيوَڪُ،

رَهِيو نَه رَتيءَ جيترو، سامي ڦير فَرَقُ.

ڀاويـٖـن عينَ الحقُ، ڀاويـٖـن ٻولـٖـي رامُ رامُ.

(4)

مايا مَنجِهه اُداسَ، رَهَن ساڌو جَنَ سورما،

اَچِي اَزِغيبِي لَڳـٖـي، جَنِ کي پريمَ پِياسَ،

سامي مِلي سَروپَ سان، ٿِيا خِلِوَتِي خاصَ،

بيحَدِ ڪَنِ بِلاسَ، چڙهي چيتَنِ چِٽَ تي.

(5)

ساڌو جَنِ سُگَمُ، مارَگ ڏَسِيو موکَ جو،

سامي سَمُجهي ڪو سورِمون، رَکي مَنِ مَرَمُ،

ڪَٽي سَڀ ڪَلپنا، جيتي اَمول جَنَمُ،

پورَنُ پرماتَمُ، ڄاڻي ڄاڻَڻَ هارَ کي.

(6)

ساڌو جَنُ سُچکُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

اَسِتامَلُ اَولي جان، لَکِيو جَنهِن اَلَکُ،

ڪَري نَه ڪَتَرَ جيترو، ڪَنهِن سان پَرڇِنِ پَکُ،

ٿي پورَنُ پارَکُ، سامي کيلي سَرِبَ گَتِ.

(7)

 ساڌو جَنُ سُچکُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

ڏيئِي ڪَنڊِ ڪُلَ کي، لَکِيو جَنهِن اَلکُ،

وَرتـٖـي وِڌِ ويچار سان، عينَ اَڀيدُ اَپَکُ،

سَٽـٖـي سوڳُ هَرَکُ، سامي ماڻـٖـي سانتِ سُکُ.

(8)

ساڌو جَنُ سُورو، لِڪي ڪينَ لَقاءَ ۾،

ماري جَنهِن مُدَعِنِ کي، ڪَيو چَٽُ چورو،

سُکي ٿِيو سامي چَئي، پائي پَدُ پورو،

شالَ، پَٽو، پورو، ڄاڻي اَنَڀَئِه اُنَ جو.

(9)

ساڌو جَنُ سَچارُ، ڪوڙُ نَه ڪري ڪَنهِن سان،

جَنهِن کي ڏِني سَتِگُروءَ، اَنَڀَئِه مَتِ اَپارُ،

سامي ڏسي سَڀَ ۾، دوسِتَ جو دِيدارُ،

سَدا باغُ بَهارُ، رَهي سُتَهَه سُڀاوَ ۾.

(10)

ساڌو جَنَ سَچارَ، پورَنُ ڄاڻَنِ پيءَ کي،

ڪَڏِي ٿِيَنِ ڪِينَڪِي، دُکُ سُکُ پائي ڌار،

جاڳي ڪَنِ جڳَتَ جا، سامي سَڀِ وَهَنوارَ،

هميشه هِڪَ تارَ، رَهَنِ وديهي ديهِه ۾.

(11)

ساڌو جَنُ سُجاڳو، ڪَري ڪانَه ڪَل پنا،

سامي جَنهِن جو سَربَ گَتِ، ڀَرَمُ ڀَؤ ڀاڳو،

ٻاهَرِ تون مان ۾ رَهي، اَندَرِ اَنُراگو،

پِڇو اَئون آگو، ڄاڻي سَمَ سَروپَ جو.

(12)

ساڌو جَنُ سُجانُ، اَچي مِليو اوچتي،

تنهن پِياري پِريمَ رَسُ، ڪَيو ويدَ وَکِيانُ،

اَوِدِيا اوندَهِ نه رهي چَڙِهِيو چيتَن ڀانُ،

سامي سڀ جهان آهي جنهن جي آسري.

(13)

ساڌو جَنُ سُجانُ، ڪَرِنِ ڪانَه ڪَل پنا،

جَنِ کي ڏِني ستگروءَ، پَڪي پِريتِ پَڇانَ،

سامي مِليا سَروپَ سان، ڪَٽي سَڀُ اُنِمانَ،

رَهَنِ مَنجِهه جَهانَ، سَدا اَليپُ آڪاس جان.

(14)

ساڌو جَنُ صَرافُ، ڪوڙِنِ ۾ ڪو هِڪِڙو،

جَنهِن جاڳي ويدَ وِچارَ سان، ڪَڍِيو کوٽُ خِلافُ،

اَندَرِ ٻاهَرِ آتِما، سامي ڏِسي صافُ،

مُلِڪُ مِڙيئي معافُ، پَرچي کائي پاڻَ سان.

(15)

سامي مَرِدَ مَلاحَ، ساڌو جَنَ سَنِسارَ ۾،

اَچي سِڪَ سَچيءَ سان، جيڪو ڪَري ڪاهَ،

تَنهِن کي تارِنِ تارَ مون، ڏيئي سارُ صَلاحَ،

ميٽي چِنتا چاهَ، مِلائِنِ مَحَبوبَ سان.

(16)

ساڌو سَڀيئي، آهِنِ ديسَ آگَمَ جا،

دانا ديونا دَردَوَندَ، نِرَوِڪَلَپَ نيهي،

جَنِ کي اَلکَ اَڀيوَ جي. سامي سُڌِ پيئي،

مِلِيا مَنُ ڏيئي پاڻُ وَرائي پاڻَ سان.

سَنتَ

(1)

اِهَڙو ڪو آهي، دَردَوَندُ داتار جَنُ،

جو موڙهَنِ کي ماڳ ڏِئي، رُئندا رَهِسائي،

ڪوٽَ جَنَمَ جا وِڇڙيا، سامي مِلائي،

لَحظي مَنجِهه لاهي، اَوِدِيا ڪُلفُ اَندَرَ جو.

(2)

جيڪو جڳِ ياسي، اچي هن اَوسَرَ ۾،

تنهن کي پانهِنجي ديسَ جو، وَڃي ڪَريان واسي

جاتي تون مان نانهِه ڪا، نَڪو ڦَند ڦاسي،

اَلَکُ اَبِناسِي، سُتَهِه رَهي سامي چَئي.

(3)

سَنتَنِ جي اُسِتَتِ، ڪريان ڪوهُه زَبانَ سان،

جَنِ پَرچي پَرمارٿَ ڪِيا، سامي نانا ڀَتِ،

جَپَ تَپَ ساڌَنَ، جوڳَ جَڳَ، وَئراڳَ ڀڳَتِ،

پَهُچي سَگهي نَه مَتِ، تَنهِين جي تَدَروپَ کي.

(4)

اَهڙا پُرِکَ دَيالَ، سامي اَٿي سَنتَ جَنَ،

جي مِلائي مَحَبوبَ سان، ڪَٽِنِ دُکَ جنجالَ،

اَوديا جِي اَندَرَ ۾، رَکَنِ ڪانَ رَوالَ،

ٿِئڙا لالَ گُلالَ، تَنِ سان مِلي ڪيترا.

(5)

ٻولي ٻُڌائي، سَنتَ لَکائِنِ سَمَتا،

سامي ڏِسي ڪو سورَمو، گَهرَ ۾ گُهٽائي،

چڙهي ويهي چَوڏولَ تي، پورَڻُ پَدُ پائي،

جاڏي واجهائي، تاڏي سَڄَڻُ سامَهُون.

(6)

ٻولَڻُ ۽ ٻُڌَڻُ، سَمُجَهه وَرائي سَکِڻو،

سامي چَوَنِ سَڀِ سَنتَ جَنَ، پائي پَدُ پورَڻُ،

مِٽِيو جَنِ جي من مون، ڀولائو ڀِٽڪَڻُ،

اَچڻ ۽ وَڃڻُ، ڏِسَن ڪونَه آڪاسَ ۾.

(7)

بِنان اَنگ اَکَرُ، لَکائِنِ سَڀَ کي،

سَمُجهي ڪو سامي چئي، جاڳيو جوڳيشوَرُ،

ڏِٺو جَنهِن اَڀيدُ ٿي. بيگَمَپُر شَهَرُ،

اولَهُه ۽ اوڀَرُ، ڀَوي ڪينَ ڀُلنِ جان.

(8)

بيحد پَدُ ڀاري،  سنتَ لکائن سڀ کي،

سمجهي ڪو سامي چَئي، اُتم اَڌڪاري،

گِهڙِي ڪئِي جنهن گهر ۾، ڪُڇ دم قَراري،

سَٽي پِنڊَ ساري، سَنمُکُ ٿِيو سروپَ جي.

(9)

بيحد بي پرواهه، سامي ڏٺا سَنتَ جَنَ،

رَکَنِ نَه رَتيءَ جيتري، چِتَ ۾ چنتا چاهَه،

چَڙِهيا اَنَڀَئِه اَڇَ تي، رَهَتِ سَچيءَ جي راهَه،

جاڏي ڪَنِ نگاهَه، تاڏي سَڄَڻ سامُهون.

(10)

ڀيدَ بِنان ڀڳوان، سَنتَ لَکائِنِ سَڀَ کي،

سمجهي ٿِيا سامي چَئي، مَحَبَتي مَسِتانُ،

لَئه ڏٺائون لَکَ ۾، جاڳِي سَڀُ جَهانُ،

ڪري اَمِرتُ پانُ، اِسٿَتِ ٿِيا آڪاسَ جان.

(11)

ڀارِي ڀوتُ پِريتُ، لوڀُ لڳو لوڪَنِ کي،

ڪايا مايا ڪُلَ سان، هَرِدَمِ رَکَنِ هيتُ،

رَهي اَليپُ آڪاسَ جان، ڪو سامي سَنتُ سُچيتُ،

ڏٺو جَنهِن اَدِويتُ، اَندر ٻاهر آتما.

(12)

ڀڳت ڀاڳِوَتي، سنتَ لَکائِنِ سَڀَ کي،

سمجهي ڪو سامي چَئي، ماهِلُ مَحَبَتي،

مِٽي جَنهِن جي مَنَ مون، اَوِدِيا اَنَمَتي،

پائي پِراڻَ پَتي، اِسٿَتِ ٿيو آنند ۾.

(13)

آيو ناگَرُ نَٽُ، بيکُ ڌَري بازار ۾،

ڪَڍي ويٺو ڪَرَمَ جو، سامي حَرڪَتَ هَٿُ،

سَنتنِ ساپُرسَنِ ڪِئو، پَٽُ لاهي پِرِگَهٽُ،

تارازي اَئون وَٽُ، کڻي سٽيائون سِيرَ ۾.

(14)

سوئي سَنتُ مَهَنتُ، جو رکي سانتِ اَندَرَ ۾،

سامي ڏِسي سَڀَ ۾، ڀيدَ بِنان ڀڳَوَنتُ،

گاوي نِتُ بَسَنتُ، پَرچي پانهنجو پاڻَ سان.

(15)

صُلحُ سيئي ڪَنِ، جَنِ تي ڪامِلَ جو ڪرَمُ ٿِيو،

هو مورَتَ مَحَبوبَنِ جي، سَڀَ صورتَ مَنجِهه ڏِسَنِ،

مَنجهي راڄَ رَهَنِ، نيارا نِرپَکَ سَنتَ جَنَ.

(16)

اَنَڀَئِي اَتيتُ، ڪوڙن ۾ ڪو هِڪڙو،

جنهن ملي ساڌَ سَنگَتِ سان، جِيتيومَنُ اجيتُ،

سَمَ ڏِسي سَڀَ ڪاٿَهِين، پِرين پَنهِنجو ميت،

سامي پاڪُ پَلِيتُ، آهي جَنهن جي آسري.

(17)

نانا روپَ ڌَري، سَنت لکائن سارُ ٿا،

ڀئه، دِلاسو، ڀاوَنا، وَچَنَ وِلاسَ ڪري،

ڪوڙنِ مون ڪو هِڪِڙو، سمجهي اَجَرُ جَري،

جَنهن جو پَٽُ پَري، سامي ڪَري سَتِگُرو.

(18)

سنتنِ ساڻُ هَلي، سامي سُپيريُنِ ڏي،

وَٺي راهه ويساهَه جِي، کڻي پيرُ جَهلي،

ڪَري سُواري پريم جي، ٻَڌي سَچُ پَلي،

اَچي پاڻَ مِلي، اَڳِيون تنهن سان سُپرين.

(19)

سنتنِ ساڻ سِڪِي، سَنت مليا سَمَ دَرِسَني،

ڳالهيون پانهنجي ڳوٺ جون، لِنوَسان، ڪَنِ لِڪي،

سامي چَڙهيا چِٽَ تي، رَکي نِگاهَه جِهڪي،

پورِي ۽ اِڪِي، ويٺا ڳڻِن وچَ ۾.

(20)

اَنَڀَئِي اَٽَڪَ، رَکَنِ ڪانَه اَندَرَ ۾،

پورو اَکَرُ پريمَ جو، پَڙهي ٿِيا پَرِپَڪَ،

ويڙهي سَڀِ وَرَقَ، سامي چَڙِهيا سِيرَ تي.

(21)

ساڳُ ڄاڻَنِ سيرو، سامي سَنتَ شَرَمَ جو،

ڦاڙِيائون گُرگِياتِ سان، چِنتا جو چيرو،

پائي هرِ هِيرو، سُمِهيا سُکَ پَتِ سيجَ تي.

(22)

آهن اوراڻا، وَچَنَ ساپُرِسَنِ جا،

وَڃي پُڇُ تَنين کون، جَنِ جي منِ ڀاڻا،

ٻَلُ ڇَڏي نِرَٻَلَ ٿِيا، نيهي نِماڻا،

سامي سَماڻا، رَهَنِ پَدَ اَواچَ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org