سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1988ع (3)

 

صفحو :9

        ”وڌيڪ لکي ٿو، ته ٻن چئن خدمتگارن شاهه جي لاش کي آخرين غسل ڪرائي هڪ سفيد چادر ۾ ويڙهي تابوت ۾ داخل ڪيو“ ۽ دفنائڻ وارو منظر پيش ڪندي لکي ٿو ته، ’لاشو تربت ۾ دفن ڪيو ويو ۽ سندس منهن اڀرندڙ سج سامهون رکيو ويو.‘ وري هڪ هنڌ فجر جي نماز جي وقت جو بيان ڪندي لکي ٿو ته، ’سج هينئر پنهنجي اڀرندي واري گهر مان نڪري ظاهر ٿيو هو ۽ پنهنجي سونهري ڪرڻن سان زمين تي رچيو پيو هو. موذن مومنن کي فجر جي نماز جي دعوت پئي ڏني.‘

 

        ”مٿين سڀني حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته گربخشاڻي صاحب واقعن ۽ حالتن کي، جيڪي تاريخي ۽ مذهبي لحاظ کان اهميت رکن ٿيون، تن کي ڪيترو نه غلط نموني ۾ پيش ڪيو آهي. پهريون هڪ مسلمان جو دفن ڪرڻ وقت انهيءَ جو منهن اڀرندي طرف ڪرڻ يا هيڏي وڏي بادشاهه جي مرڻ وقت رڳو ٻه ٽي مولوي ويهي قرآن شريف پڙهن ۽ ٻه ٽي ماڻهو ويهي لاش کي غسل ڏين، بلڪل اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. يا فجر جي ٻانگ سج اڀري کان پوءِ ڏيڻ به غلط آهي ۽ ائين به ناممڪن آهي جو گربخشاڻي جهڙي هيڏي عالم کي انهيءَ جي به خبر نه هجي ته فجر جي ٻانگ سجري اڀري کان اڳ ايندي آهي يا لاش کي جنهن ڪپڙي ۾ ويڙهيو ويندو آهي، انهيءَ کي ڇا چيو ويندو آهي. انهن منظرن ۽ واقعن جي لحاظ کان ناول نورجهان فني لحاظ کان ڪمزور نظر اچي ٿو، پر ترتيب ۽ تسلسل جي لحاظ کان هي ناول تمام اعليٰ قسم جو آهي.“

        تنقيد ڪندي ڊاڪٽر غلام حسين به هتي قدري جذباتي ٿي ويو آهي. کيس اهو خيال رکڻ گهربو هو ته گربخشاڻي هڪ ته هندو هو ۽ ٻيو ته جڏهن هن هي ناول لکيو، تڏهن اڃا هن جو ادبي ذهن پختو نه ٿيو هو، جو هو مسلم رسم و رواج جو خيال رکي يا ناول کي تاريخي حدن ۽ احاطي جي اندر رکي مناسب طور تي پيش ڪري.

 

        ’نورجهان‘ ۾ ڪتب آيل ٻوليءَ ۽ عبارت آرائيءَ کي عام طور تي ساراهيو ويو آهي. منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو، ”ڊاڪٽر صاحب منجهس عاليشان ادبي عبارت استعمال ڪئي هئي، جنهن ۾ ٺيٺ سنڌيءَ ۽ فارسيءَ جو جوڳو ميزان رکيل هو (14). ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو، ”ڊاڪٽر صاحب جي زبان سليس ۽ عام فهم، پختي ۽ بامحاوري آهي. جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي فارسيءَ جا ڏکيا لفظ به ڪم آندا اٿس، پر اهي اصليت کي هيڪاري زياده نمايان ٿا ڪن (15).“ هي رايا گربخشاڻي جي ادبي شخصيت ۽ قد ڪاٺ سان ڪنهن جي عقيدي جي حد تائين ٺيڪ هجن ته هجن، پر حقيقت حال سان ميل ڪونه ٿا کائين. اهو ئي سبب آهي جو پرم ابيچنداڻي لکي ٿو، ”تجنيس حرفيءَ جي موهه ۾ ڦاسي ڊاڪٽر صاحب لفظن سان راڱا ڪري ٿو وجهي (16).“ هنن راين جي روشنيءَ ۾ گربخشاڻيءَ جي ٻولي ۽ عبارت پيش ٿا ڪريون. هو راڻي پرتاب سنگهه کي بي ڊپو ۽ بيباڪ ثابت ڪرڻ لاءِ لکي ٿو، ”راڻي جا ٻه چار گرهه ئي ڪين کنيان، ته سندس اڳيان هڪ توپ جو گولو اچي ڪريو، پر هو چريو به ڪين ۽ ٺهر سان نيرن پئي ڪياءِ. کن ۾ ٻيو گولو سندس ڀر مان اڏامندو ويو، پر هو صبر ۾ رهيو ۽ بي پرواهيءَ سان وري به هڪ گرهه کنياءِ. پر انهيءَ ساعت ٽيون گولو سندس پاتل ۾ اچي ڪريو.“ هتي صرف ايترو ڏيکارڻو هو ته راڻو پرتاب، توپ جي گولن کان به ڪين ٿي ڊنو پر اهو تاثر پيدا ڪرڻ ۾ گولن جي ڪرڻ کي اهڙيءَ ريت پيش ڪيو ويو آهي ڄڻ ٻارن جي راند جا چڌا پئي ڪريا ورتنه توپ مان گولو اچي ڪري ۽ ڌماڪو يا ڌڌڪو نه ٿئي ۽ جتي ڪري اتي ڪوبه نقصان نه ڪري سان اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. ڪوبه شخص ڪيڏو به دلير ۽ بهادر ڇونه کڻي جي ته به توپ جي گولي کان پاڻ کي ضرور بچائيندو ۽ پاسيرو ٿيندو، پر راڻي پرتاب ويٺي ماني کاڌي. لفظن کي معنيٰ ۽ حقيقت کان ايڏو پري وٺي وڃڻ، انهن سان راڱا ڪرڻ ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ گربخشاڻي هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو، ”پوياڙيءَ جي مهل هئي. اُڀ ڪڪرن سان ڇانئجي ويو هو، وڄون لعل لبيس ڪري پئي چمڪيون ۽ اوهيرن اوڪ پئي ڪئي. ٿڌي وڻندڙ هير پئي لڳي.“ هتي هير جو ڪيڏو نه غلط استعمال ڪيل آهي. هير چئبو آهي صبح جي ٿڌي هوا کي جيڪا گلن جي ٽڙڻ ڪري، گلن مان ٿيندي واسجي نڪرندي آهي. اها هير پوياڙيءَ جي مهل ڪٿا آئي؟ مزيدار ڳالهه آهي جو خان اعظم کي عظيم لکيو ويو آهي. خير اها ته ٿي تاريخي غلطي پر جنهن وقت راجا مانسنگ ۽ خان اعظم پاڻ ۾ جهانگير بادشاهه بابت ڳاليهون ٿا ڪن ته خان اعظم جواب ڏيندي ٿو چوي.

 

        ”خان عظيم: ائين ٿئي ته ٻيو ڇا گهرجي! مگر اهڙو اهڃاڻ به ڪونه ٿو ڏسجي. اٽلو آثار ته اهڙا پيا پسجن جو شايد هيڪاري وڻواند وڃي. جنهن مهل جهونن يارن سان ويٺو پڪون پيئڻ، تنهن مهل وري اهيئي گڏهه، اهيئي آٿر.“ هتي هندستان جي مغل شهنشاهه لاءِ اهڙيون چوڻيون استعمال ڪرڻ، ادبي نقطه نگاهه کان ته آهيئي غلط پر اخلاقي خيال ساڻ پڻ پست آهي. ان جي بدران بقول ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ؛’اهي لاٽون، اهي چگهه‘ ڪتب آڻڻ وڌيڪ سونهين ها. هڪ ٻئي هنڌ هو شهزادي سليم جي واتان ٿو چورائي:

        ”سليم: ’پياري بابي کي گهڻيائي آزي نيازي ڪيم، پر کٿوئي ڪين.‘ اتي ’کٿوئ.ي ڪين‘ جي بدران چوي ها ‘وريوئي ڪين‘ ته اڃا ڳالهه ٺهي ها. انهن ٿورن مثالن مان لفظن سان راڱن واري راءِ دل سان لڳي ٿي.

        هاڻي هتي اسين چند لفظ ۽ محاورا پيش ڪريون ٿا، جيڪي ’نورجهان‘ ناول ۾ هنڌ هنڌ تي پکڙيا پيا آهن، جن جي آڏو اچڻ جي بعد پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين ته گربخشاڻيءَ جي ٻولي ڪيتريقدر پختي، بامحاوره ۽ عاليشان آهي:

 

ڪتب آندل غلط لفظ ۽ محاوره

 

امور خوارخه

خذمتي

شبنما

آناءِ

خودمختيار

دين ڀائي

دن

عيوض

فڪراتن

جادو وجهڻ

تپي لوهه ٿيڻ

رڪاوٽ ڪرڻ

ڇرڪ مارڻ

انهن بدران ڪهڙا صحيح لفظ ۽ محاوره ڪتب آڻڻ کپن

 

امور خارجه

خدمتي

شبنم

اوناءِ

خودمختار

ڌرم ڀائي

ڏينهن

عوض

فڪرات

جادو ڪرڻ

تپي باهه ٿيڻ

رڪاوٽ کڙي ڪرڻ يا وجهڻ

ڇرڪ ڀرڻ

        ’نورجهان‘ ۾ اهي ۽ ٻيا ڪيترائي لفظ ۽ محاورا غلط طور تي استعمال ڪيل آهن، جيڪي سلوڻي عبارت کي به الوڻو ڪريو ڇڏين ۽ ناول توڙي ناول نگار جي اهميت ۽ حيثيت کي ڇيهو ٿا سائين.

        هتي ’نورجهان‘ ناول جو مختصر اڀياس ڪيو ۽ ڏنو ويو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته گربخشاڻيءَ جهڙي بلند ادبي شخصيت، جيڪا سندس پوئين دور ۾ قائم ٿي ۽ جنهن جي ساراهه جا ڍڪ اڄ تائين ڀريا وڃن ٿا، تنهن جي شروع شروع ۾ ڪهڙي ڪيفيت هئي، جنهن کي هن پوءِ پنهنجي محنت ۽ مطالع سان سڌاريو ۽ بلند ڪيو. اڄ جي اديب واسطي، اهڙين بلند ادبي شخصيتن جي پيروي ۽ تقليد ڪرڻ، هڪ سهڻو ۽ سبق آموز مثال آهي.

 

حوالا

(1) سنڌي نثر جي تاريخ: منگهارام ملڪاڻي، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد سنڌ ص 84.

(2) ڊاڪٽر هوتچند ملچند گربخشاڻي: سندس جيون چرتر ۽ رچنائون، سمپادڪ مرليڌر جيٽلي ۽ موتي لعل جوتواڻي، ڪيندرييه هندي نديشاله، ڀارت سرڪار، نيو دهلي، مهاڳ ص 32 ۽ 33.

(3) سنڌي نثر جي تاريخ (ملڪاڻي)؛ (هن ڪتاب جي بنياد بابت، ص 22).

(4) History of Sindhi Literature L.H Ajwani- Sahitya Akademi, New Delhi. 1970, p. 193.

(5) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي: سندس جيون چرتر ۽ رچنائون ص 33.

(6) ساڳيو، ص 34.

(7) ساڳيو، ص 35.

(8) نورجهان: (ڇاپو ٽيون)، ايڊيوڪيشنل پرنٽنگ پريس، ڪچهري روڊ، ڪراچي.

(9) ماڻڪ، موتي، لعل: (ڇاپو ٻيو)، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻو، ص 87.

(10) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي: سندس جيون چرتر ۽ رچنائون، ص ص 121 ۽ 122.

(11) سنڌي نثر جي تاريخ: (ڇاپو ٻيو)، ڊاڪٽر غلام علي الانا، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد سنڌ، ص 121.

(12) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، سندس جيون چرتر ۽ رچنائون، ص ص 211 ۽ 122.

(13) ماهنامه ”نئين زندگي“ حيدرآباد، آگسٽ 1986ع، ص ص 43 ۽ 44.

(14) سنڌي نثر جي تاريخ: (ملڪاڻي)، ص 84.

(15) سنڌي نثر جي تاريخ: (الانا) ص 121.

(16) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي: سندس جيون چرتر ۽ رچنائون، ص 117.


 

ڪلهوڙا خاندان جو مختصر جائزو

عبدالرسول قادري بلوچ

 

        ڪلهوڙا دور تي تحقيق ۽ بنيادي ماخذن جي اشاعت جي سلسلي ۾ اڄ کان 22 سال اڳ محترم سيد حسام الدين راشدي فارسيءَ ۾ منشور الوصيت (مصنف ميان نور محمد ڪلهوڙو) جو قلمي نسخو 1964ع ۾ ايڊٽ ڪري سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو. جيتوڻيڪ ڪلهوڙا دور تي ٻن جلدن ۾ مولانا غلام رسول مهر جي لکيل تاريخ شايع ٿيل آهي. پر اصلي فارسي ماخذن جي اشاعت تمام ضروري ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي اهم آهي ته جيئن محققن کي اصلي مواد سامهون رهي ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ ڏکيائي نه ٿئي. ان جي پيش نظر راشدي صاحب، منشور الوصيت فارسي سان گڏ ڪلهوڙا دور سان تعلق رکندڙ آڳاٽن ماخذن جا اٺ ضميما به ان ۾ شامل ڪري ڇڏيا. انهن آڳاٽن قيمتي ضميمن ۾ آخري ۽ اٺون ضميمو فارسي تاريخ ماثر الامراء (مصنف صمصام الدولھ شاهنواز خان، ولادت 1111هه، وفات 1171هه) جو آهي. شاهنواز خان هندستان ۾ رهندي به سنڌ جي ڪلهوڙا خاندان بابت پنهنجي تاريخ ماثر الامراء ۾ مختصر مواد شامل ڪيو آهي.

علمي ادبي لحاظ کان ڪلهوڙا دور کي سونهري دور چيو وڃي ٿو. صوفين جو سرواڻ، عاشقن جو اڳواڻ، سنڌ جي عظمت جو اهڃاڻ عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليھ به ان علمي دور سان واسطو رکي ٿو، جنهن وطن عزيز ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مان ۽ شام مٿاهون ڪيو. سندس رسالو اڄ به يادگار ۽ شاهڪار آهي. بهرحال صمصام الدولھ شاهنواز خان پنهنجي تاريخ ماثر الامراء ۾ ڪلهوڙا خاندان جي ابتدا ۽ خاص ڪري ميان نور محمد ڪلهوڙي، سندس فرزند غلام شاهه ۽ پوٽي محمد سرفراز خان تائين جو مختصر ۽ سرسري احوال ۽ بيان آندو آهي، جيڪو ڪلهوڙا دور جي همعصر مورخ جو سچو پچو ۽ اکين ڏٺو احوال آهي.

جيتوڻيڪ ماثر الامراء فارسي جو متن ٽن جلدن ۾ ڪلڪتي مان 1888ع کان 1891ع ۾ ڇپيو هو. ان کان بعد ان جو انگريزي ترجمو به 1941ع ۽ 1952ع ۾ شايع ٿيو هو، پر سنڌيءَ ۾ ان اصلي ماخذ ۽ بنيادي مواد جي پنهنجي حيثيت ۽ اهميت آهي، جو سنڌي حڪمرانن جو احوال به سنڌي ۾ هئڻ گهرجي.

 

اڄ کان ٻه سئو سال اڳ جو تحرير ڪيل ڪلهوڙا خاندان ۽ دور جي همعصر مورخ جو هي احوال تمام قيمتي ۽ آڳاٽو آهي. جيئن ته مغل دور جي تاريخي ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪلهوڙا دور حڪومت جو سرسري احوال آيل آهي، تنهن ڪري ان جي پيش نظر ماثرالامراء فارسي جي اقتباس جو سنڌي ترجمو پيش خدمت آهي. جيئن ڪلهوڙا دور ۽ خاندان جي هڪ سرسري جهلڪ اسان جي سامهون اچي ۽ سنڌ جي تاريخ نويسن لاءِ به اصلي مواد جي فراهمي ۽ آساني ٿئي.

سنڌ جو حاڪم ”بليٽي“؟ جي نالي سان مشهور عباسي نسب آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جو لقب ”ڪلهوڙو“ آهي ۽ ان جي پوئلڳن کي ”سرائي“ چون ٿا. ڇو ته هن قوم جي گهڻائي ”سري“ مٿاهين اتر طرف جي آهي، جو بکر ۽ ملتان جي وچ واري ڀاڱي کي سرو چوندا آهن. (اهڙيءَ طرح سنڌ جي هيٺاهين ڀاڱي کي لاڙ چئبو آهي.)

ان جا وڏا درويشي لباس ۾ گذاريندا هئا، پڻ طريقت جو سلسلو سيد محمد جونپوري (وفات 910هه/1550ع) سان رکيل اٿن. انهن جي وڏن بزرگن مان هڪ جو ابڙا قوم جي سردار سان تعلق پيدا ٿيو. (اهي ابڙا گهڻن ڏينهن کان سنڌ جا سردار هئا.) ان ابڙي سردار کان ڪجهه زمين جو ٽڪرو گذر معاش لاءِ ورتو. ان ڪلهوڙي جو اولاد ان زمينداري مان قوت ۽ طاقت سان اڀريو ۽ طاقتور بڻيو. سندن مريد ۽ معتقد تمام گهڻا ٿيا ۽ آخر زميندار بنجي پيا ۽ حڪومت کي محصول ڏيڻ لڳا. ڌيري ڌيري ابڙا قوم تي غلبو ڪري، سندن جڳهين تي به تصوف ۽ غلبو ڪري ويا. ايستائين جو شيخ نصير (1060هه – 1103هه) تائين نوبت پهتي. ان زمينداريءَ جي ڪمن ڪارين ۾ مڪمل طور آزادي حاصل ڪئي. شيخ نصير جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ دين محمد رياست جو صاحب بڻيو. خلد مڪان (عالمگير اورنگزيب واليءَ هند) جي زماني ۾ جڏهن شهزادو معز الدين ملتان صوبي جي حڪومت جو صاحب ٿيو ۽ شهزادي معز الدين جو لشڪر سيوستان پهتو ته دين محمد سندس تابعداري کان منهن موڙيو ۽ سندس خدمت ۾ نه آيو ۽ آخر قرآن شريف وچ ۾ آڻي، دين محمد ۽ سندس ٻن عزيزن کي طلب ڪيائون. جڏهن ٽيئي ڄڻا شهزادي جي درٻار ۾ پهتا، شهزادي فوج کي مقرر ڪيو ته دين محمد جي باقي رهيل اهل عيال ۽ ٻارن کي ٻڌي اچن. اها خبر ٻڌي، دين محمد جو ننڍو ڀاءُ يار محمد تمام ڦڙتائيءَ سان قبيلن کي جبلن جي لڪن ۾ بيهاري، پاڻ جنگ لاءِ تيار ٿيو. مقابلي کان بعد شهزادي جي فوج شڪست کاڌي (شهزادي کي اها شڪست سن 1111هه تي آئي). ان ڪاميابيءَ کان پوءِ يار محمد جي دل وڌي، ان ڪري جبل جي لڪن ۽ گهٽن ۾ احتياط طور مستقل جنگ لاءِ تيار ٿي ويهي رهيو. شهزادو معز الدين انهن ٽن قيدين (دين محمد ۽ سندس عزيزن) کي غنيمت سمجهي، انهن تي اڪتفا ڪري، پاڻ ملتان واپس موٽيو. ملتان پهچي حڪم ڪيائين ته انهن ٽنهي کي قتل ڪيو وڃي (اهو واقعو به سن 1111هه تي ٿيو.)

 

ان کانپوءِ يار محمد ڪلهوڙي آهستگيءَ سان مڪمل آزادي حاصل ڪئي ۽ سوستان کي قبضي ۾ آندو ۽ سيوي دره (هڪ وسيع مملڪت سنڌ کان قنڌار تائين پکڙيل آهي) ۽ ٻين محالن کي (يار محمد ڪلهوڙي)اصلي زميندارن کان قبضو ڇڏائي، پنهنجي تصرف ۾ آندو. (سيوي تي قبشو سن 1125هه ۾ ٿيو.)

        هر روز سندس بخت جو ستارو عروج تي چمڪڻ لڳو. يار محمد، محمد فرخ سير جي عهد ۾ ”خدا يار خان“ جي خطاب ۽ منصب سان سرفراز ٿيو ۽ فرخ سير جي آخري عهد ۾ آخرت جو سفر اختيار ڪيائين. (سيد حسام الدين راشدي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته يار محمد جي وفات جو واقعو صحيح نه آهي، ڇو ته فرخ سير خدا يار خان جي وفات کان ست مهينا ۽ ڇهه ڏينهن اڳ ۾ معزول ٿي چڪو هو ۽ معزولي کان ٽين يا چوٿين ڏينهن قتل ٿيو ۽ ميان يار محمد خدا يار خان جي وفات 11 تاريخ ذوالقعد 1131هه تي ٿي ۽ چئن ڏينهن کان پوءِ محمد شاهه هندستان جي تخت تي ويٺو.) يار محمد جي اولاد مان ٻه پٽا هئا: شيخ نور محمد ۽ شيخ دائود. ڪجهه ڏينهن بعد ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ دنگو فساد رهيو. آخر شيخ نور محمد غالب آيو ۽ پيءُ جو جانشين ٿيو (تاريخ 11 محرم 1132هه) – نور محمد پنهنجي ڀاءُ دائود کي صلح جي لاءِ طلبي، کيس ڪجهه حصو مقرر ڪري ڏنو. نور محمد، محمد شاهه بادشاهه جي درٻار مان سن 1132هه ۾ پنهنجي پيءُ وارو خطاب ”خدا يار خان“ ۽ منصب حاصل ڪري سرفراز ٿيو.  طاقت ۽ لياقت ۾ پنهنجي سڀني اڳواڻن کان وڌي ويو. سندس حڪومت جو رعب تاب ۽ دٻدٻو هر طرف پکڙجي ويو. آسپاس جي اڪثر زميندارن کي پنهنجو تابعدار بنايائين.

 

        ميان نور محمد پنهنجي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ شڪارپور جي دائود پوٽن زميندارن جي جماعت سان سخت لڙائي کان پوءِ غلبو حاصل ڪيو ۽ دائودپوٽن جي تقريباً ڇهه هزار مردن ۽ زالن جي جماعت کي ٻارن ٻچن سميت پنهنجي اصلي وطن کان ڀڄائي ڪڍيو. جيئن ته شڪارپور ۾ دائودپوٽن جي زمينداري، شهزادي معز الدين جي دور ۾ قائم ٿي، ان جو سبب اهو هو ته جڏهن شهزادي معز الدين، شڪارپور جي زميندار بختيار خان جي مقابلي لاءِ فوج موڪلي هئي ته ان وقت دائودپوٽن جي جماعت شهزادي معز الدين جو ساٿ ڏنو ۽ بختيار خان جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري کڻي آيا، ان ڪري شهزادي راضي ٿي، سندن خدمت جي عيوض ضلعو شڪارپور انهن دائودپوٽن جي حوالي ڪيو.

        ڪلات جو حاڪم عبدالله بروهي هميشح خدا يار خان جي ملڪ ۾ ڦرمار ڪندو هو ۽ هر سال پيشڪشي وٺندو هو. (ڪلات، سنڌ قنڌار جي وچ ۾ مضبوط قلعو آهي) نور محمد خدا يار خان سنه 1134هه ۾ عبدالله خان بروهي تي حملي جو قصد ڪيو. پنهنجي رهائشگاهه خدا آباد کان نڪري، لاڙڪاڻي اچي ترسيو ۽ وڏي فوج اڳتي رواني ڪيائين. عبدالله خان بروهي به دلير ۽ بهادريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، سو به پنهنجي ٿوري فوج ساڻ ڪري ڪلات کان نڪري، سرحد ٽپي، ڪلهوڙا فوج جي سامهون ٿي مهاڏو ڏنو ۽ سخت لڙائي لڳي؛ پر قضا الاهي سان عبدالله خان بروهي سن 1143هه ۾ مارجي ويو ۽ ڪلات جا ڳچ مضافات ميان نور محمد قبضي ۾ ڪيا. البت جبلن جي گهڻائي جي ڪري سڄو ڪلات فتح نه ٿي سگهيو. بهرحال هن فتح کان پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي شاهي درٻار مان سن 1143هه ۾ ”خدا يار خان بهادر ثابت جنگ“ جو خطاب، اصل ۽ اضافي سان گڏ پنج هزاري منصب ۽ خلعت فاخره به ملي.

 

        سن 1149هه ۾ ٺٽي صوبي ۽ بکر سرڪار جي حڪومت به سندس حوالي ٿي. ترخانن جي سڄي مملڪيت ۽ ڪجهه وڌيڪ به سندس قبضي اقتدار ۾ آيو. (سيد حسام الدين راشدي حاشيه ۾ وضاحت ڪندي لکيو آهي ته سن 1150هه – 1737ع ۾ ٺٽو صبو سندس حوالي ٿيو ۽ مملڪت سنڌ، هندستان جي مغل صوبيدارن کان مڪمل طور آزادي حاصل ڪئي. مغلن جو آخري  عملدار نواب محمد صادق هو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي طرفان ٺٽي جو پهريون صوبيدار شيخ غلام محمد مقرر ٿيو.)

 

        جڏهن نادر شاهه، هندستان تي حملي جو ارادو ڪيو ته ان ميان نور محمد خدا يار خان ڪلهوڙي کي لکيو ته، پنهنجي ملڪ سنڌ مان رستو ڏئي. ميان نور محمد ملڪ سنڌ مان نادر شاهه کي رستي ڏيڻ کان جواب ڏنو ۽ احتياط طور جبلن جي لڪن کي مضبوط ڪيو. نادر شاهه لاچار ٿي ڪابل جي رستي هندستان ويو. نادر شاهه ڪابل پهچڻ کان پوءِ سنڌ جو رخ ڪيو. ڇو ته نادر شاهه کي ميان نور مهمد، سنڌ مان لنگهڻ جو رستو نه ڏنو هو، ان ڪري نادر شاهه جي ديري غازي خان پهچڻ جي خبر ميان نور محمد کي پئي (ديرو غازي خان ملتان کان 30 ڪوهن جي پنڌ تي آهي) ته ميان نور محمد گهريو ته پنهنجي ملڪ کي ڇڏي، جهنگل ۽ بيابان ڏي هليو وڃي (جو اتي نادر شاهه جي ايڏي وڏي لشڪر جو پهچڻ مشڪل ۽ ڏکيو آهي) ميان نور محمد جو خيال هو ته جڏهن نادر شاهه سنڌ مان لنگهي هليو ويندو ته پاڻ موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۾ رهندو. ان ارادي ۽ صلاح سان سڀ اهل و عيال ۽ ڪلهوڙا قبيلا ۽ پنهنجي ڀروسي جهڙا سردار، خدا آباد، سيوستان مان ڪوچ ڪري امرڪوٽ پهتا (امرڪوٽ ٿر ۾ مضبوط قلعو آهي) نادر شاهه به اها خبر ٻڌي ڌوڪيندو سڌو اچي امرڪوٽ پهتو. ميان نور محمد ان وقت تابعداري کان سواءِ ٻيو چارو نه ڏٺو، ان ڪري مجبوراً نادر شاهه وٽ اچي حاضر ٿيو. نادر شاهه ڪاوڙ مان کيس چيو “چرا از ما گريختي؟“ مطلب ته اسان کان ڇالاءِ ڀڳين؟ ميان نور محمد حڪمت عملي سان جواب ڏنو ته ”اسان اصل پيءُ ڏاڏي جي وقت کان وٺي هندستان جي بادشاهه جا تابع هئاسون. جيڪڏهن هن وقت اوهان سان موافقت ڪريون ها ته توهان کي به اسان تي ڀروسو ۽ اعتماد نه رهي ها!؟ هي معقول جواب قبول پيو ۽ ان ئي مجلس ۾ ميان نور محمد کي سندس ملڪ جي واپسيءَ جي خوشخبري ٻڌائي وئي. مال متاع وٺڻ کان پوءِ نادر شاهه ان ملڪ جو ٽيون حصو ان کي ڏنو. هڪ حصو دائودپوٽا قوم کي ڏنو ۽ هڪ حصو بکر جي زميدارن جي حوالي ڪيو.

        (ميان نور محمد خدا يار خان ڪلهوڙي، تاريخ 12 صفر سن 1167هه – سيپٽمبر 1753ع ۾ رياست جيسلمير جي سرگهاٽ ڪورهره جي جاءِ تي وفات ڪئي. محمد آباد تعلقه مورو، ضلع نواب شاهه ۾ دفن ٿيو. هن وقت ميان نور محمد ڪلهوڙي جي آخري آرامگاهه کي مقامي ماڻهو ”ميان جا قبا“ چون ٿا. سندس مقبرو خلق جي زيارتگاهه آهي.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com