”سنڌ جي مڪتبن ۾ جيڪي ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا، انهن مان
حضرت قلندر شهباز جا هي ڪتاب به شامل آهن. 1 –
عقد، 2 – قسم دويم 3- اجناس 4 – ميزان صرف”.
ڊاڪٽر سدار نگاڻيءَ
“Persian poets of Sind”
صفحي 7 ۾ گزيٽيئر
(Vol: A, A-o4)
جي صاحب، ۽ شيخ محمد اڪرام ”موج ڪوثر“ ۾ برٽن جو
بيان نقل ڪيو آهي. قلندر نامي (ص 8) جي صاحب جو
چوڻ آهي، ته اردو بخته به ڄاڻندا هئا ۽ ڳالهائيندا
هئا.
بيعت
ماثر الڪرام جي صاحب لکيو آهي ته جڏهن پاڻ بلوغت جي سن
کي پهتا، تڏهن بابا ابراهيم جو شيخ جمال مجرد
( )
جو مريد هو، خدمت ۾ حاضر ٿي مريد ٿيا. مريد ٿيڻ جو
به هڪ عجيب واقعو بيان ڪيو ويو آهي، جو هن طرح
آهي. ”هڪ رات ابراهيم وليءَ ڏٺو ته، هڪ سهڻيءَ شڪل
وارو جوان ڳاڙهو لباس اوڍيو ويٺو آهي. ڏسڻ سان
اچرج ۾ پيا ته ههڙو عالي مرتبت ڪير آهي؟ کين ڪشف
ذريعي معلوم ٿيو ته سيد عثمان آهي. ان معلوم ڪرڻ
کان پوءِ بابا ابراهيم وڃي ساڻن ملاقات ڪئي. صحبت
کان پوءِ حضرت لعل شهباز باطني اشاري موجب قلندري
طريقي جو ارادو حضرت بابا ابراهيم جي خدمت ۾
رکيو”. ان کان پوءِ بابا ابراهيم، جو قلندري طريقي
تي مريد ٿيو، سڄو سال سندس خدمت ۾ رهي ڪملايت کي
پهتو ۽ خلافت جو خرقو ڍڪيائين.
سير و سياحت ۽ سيوهڻ ۾ اقامت
ننڍپڻ کان ئي سير و سياحت جو تمام گهڻو شوق هوس. سندس
سياحت جو پورو تفصيل معلوم ٿي نه سگهيو آهي. جيتري
قدر معلوم ٿيو آهي ته:
مشهد مقدس ۾ وڃي، ”امام موسيٰ رضا“ جي زيارت ڪيائون.
حرمين شرفين وڃي حج جو فرض ادا ڪيائون. اتان ٿي
ڪربلا معليٰ آيا، جتي بابا ابراهيم وليءَ سان مليا
۽ کانئس فيض پرايائون. مرشد جي حڪم موجب اتان سنڌ
جو رخ رکيائون. سبز واري ساداتن جي وڏي ”مير ڪلان“
جي به ڪربلا معليٰ ۾ ئي ساڻن ملاقات ٿي: جنهن کي
سيوهڻ جي پاسي وڃي رهڻ جو حڪم ڪيائون
(1).”مير
ڪلان“ جو احوال اڳتي به ايندو.
اتان ٿي بغداد آيا، جتي ڪيترن ئي بزرگن ۽ عالمن سان
مليا. بغداد ۾ سيد علي سرمست سندن مريد ٿيو، جو
ساڻن گڏجي هليو. سيد علي وزير جو احوال اڳ ۾ به
اچي چڪو آهي ۽ اڳتي به ايندو. هو لعل سائينءَ جو
خاص مريد هو ۽ لعل سائينءَ جي مٿس خاص نظر هئي.
سندس مزار، ننڍي قبي ۾ لعل سائينءَ جي روضي جي
ٻاهران، ايوان ۾، مسجد جي اولهه طرف آهي.
بغداد مان ٿي ڪيچ مڪران جي رستي هندستان جو رخ رکيائون.
مڪران ۾ واري پنج ڪورنهر رخشان جي جنوب ۾ هڪ سرسبز
ميدان ۾ چلا ڪڍيائون.
هزارين مڪراني بلوچ سندن مريد ٿيا. اڃا تائين اهو ميدان
دشت شهباز جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.(2)
اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين هزارين مڪراني سندن
زيارت ڪرڻ اچن ٿا.
پسني بندر جي ڀرسان ٽڪر تي ”لعل بڪر“ نالي هڪ بزرگ جي مزار آهي.
روايت آهي، ته اهو بزرگ هڪ ٻڪرار هو، ۽ پسنيءَ جي
پسگردائيءَ ۾ ٻڪريون چاريندو هو. حضرت قلندر شهباز
جڏهن هتان اچي لنگهيو، تڏهن ان جي نظر فيض اثر سان
رڱجي ريٽو ٿيو، ۽ ”لعل“ لقب حاصل ڪيائين.
هن مان ظاهر آهي، ته حضرت لعل سائين مڪران مان ٿي، پسني
مان لنگهيا. ان کان پوءِ سفر ڪندا ملتان کان اچي
نڪتا، ۽ حضرت شيخ الاسلام غوث بهاو الدين ملتانيءَ
۽ سندس فرزند حضرت شيخ صدر الدين ملتانيءَ سان
مليا ۽ ساڻن روح رهاڻيون ڪيائون. اتي ئي شيخ فريد
۽ حضرت جلال بخاري به سندن دوست ۽ محبتي ٿيا، جن
سان آخري عمر تائين صحبتون ڪندا رهيا. ايتري قدر
جو جڏهن سيوهڻ ۾ آيا، تڏهن به اهي ٽي يار يعني
حضرت غوث بهاو الدين ملتاني، حضرت جلال بخاري ۽
شيخ فريد وٽن ايندا هئا ۽ يڪ ٿنڀي تي ويهي ساڻن
رهاڻيون ڪندا هئا. روايتون آهن ته هندستان جي ڪن
شهرن جي سياحت به ڪيائون، جهڙوڪ: جهونا ڳڙهه،
گرنار وغيره.
ملتان ۾ ڪڏهن آيا؟
هينئر سوال اٿي ٿو ته ملتان ۾ ڪهڙي سن ۾ آيا؟
قلندرنامون سنڌيءَ جي صاحب جو چوڻ آهي ته، سيوهڻ ۾
649هه ۾ آيا
(1).
ان لاءِ هن صاحب هڪ شاعر جي سندن آمد تي چيل فارسي
تاريخ پڻ ڏني آهي.
چون باز آشيان قدس شهباز، سيوستان را نموده جنت آسا.
(اخلاص جي پهرين لفظ ”الف“ جا عدد‘ پوئين مصرع جي عدد
سان گڏبا، ته 649هه ٿيندو. انهيءَ وقت سندن ڄمار
111 سال هئي، جو مٿينءَ تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو.)
انهيءَ موجب چئي سگهجي ٿو ته ملتان ۾ به انهيءَ سال يا
انهيءَ سال کان هڪ سال اڳ آيا هوندا. انهن سالن ۾
حضرت شيخ بهاو الدين ملتانيءَ جو زنده هجڻ به ثابت
آهي، ڇاڪاڻ ته، حضرت شيخ بهاو الدين ملتاني 661هه
۾ وفات ڪئي. پر هن کان اڳ تاريخ معصوميءَ جي حوالي
سان ملتان ۾ سلطان محمد جي ساڻن جيڪا ملاقات
ڏيکاري وئي آهي ان موجب 663هه کان پوءِ ملتان ويا،
ڇاڪاڻ ته، سلطان غياث الدين بلبن 663هه (66-
1265ع) ۾ دهليءَ جي تخت تي ويٺو ۽ تنهن کان پوءِ
پنهنجي پٽ سلطان محمد کي ملتان جو حاڪم ڪري
موڪليائين. جيڪڏهن 663هه کان پوءِ سندن آمد ملتان
۾ ڏيکاربي، ته پوءِ حضرت بهاو الدين سان سندن
ملاقات قبول ڪري نه سگهبي ڇاڪاڻ ته حضرت شيخ 661هه
۾ وفات ڪئي. جيڪڏهن سلطان محمد واري ملاقات ۽ حضرت
بهاو الدين جي ملاقات ٻئي قبول ڪجن ته پوءِ اهو
وري هن طرح ٿي سگهندو.
پهريائين پهريائين حضرت قلندر شهباز جن سي 649هه ۾ يا
ان کان هڪ سال اڳ ملتان ۾ آيا. اتان ٿي 649هه ۾
سيوهڻ ۾ آيا ۽ رهي پيا. حضرت بهاو الدين جي وفات
کان پوءِ سنه 663هه يا 664هه ۾ سندن فرزند حضرت
شيخ صدر الدين سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ٻيهر ملتان
ويا، جتي سلطان محمد سانن مليو: ۽ کين ملتان ۾ رهڻ
لاءِ عرض ڪيائين؛ پر پاڻ نه مڃيائونس ۽ وري سيوهڻ
موٽي آيا.
سيوهڻ ۾ آمد:
لڪياري ساداتن ۽ لڪياري عوام وٽ روايت آهي
(1)
ته، حضرت قلندر شهباز سيوهڻ اچڻ وقت پهريائين
لڪيءَ اچي حضرت شاهه صدر رح سان ملاقات ڪئي؛ ۽
موڪلائڻ وقت کيس چيو، ته ”مون سان گڏ پنهنجي اولاد
ڏيو، جا مون سان هميشھ لاءِ گڏ رهي.“ حضرت شاهه
صدر کين پنهنجو پوٽو شاهه صلاح الدين
(2)
سندن خدمت ۾ ساڻن گڏ روانو ڪيو.
ٻي روايت آهي، ته حصرت شهباز سائينءَ جي سيوهڻ ۾ اچڻ
وقت حضرت شاهه صدر سان ملاقات ٿي هوندي؛ ڇاڪاڻ جو
حضرت شاهه صدر سان قلندر شهباز جي همعصرن ۽ دوستن
جهڙوڪ: خواجه معين الدين، خواجه فريد الدين ۽
عثمان هاروني جون ملاقاتون تذڪرن ۾ مذڪور آهن.
بهرحال جڏهن سيوهڻ ۾ آيا، تڏهن پهريائين ان جاءِ ۾
آيا جتي هينئر سندن درگاهه آهي.
رشيد ۽ هدايت:
حضرت قلندر شهباز سنڌ ۾ سير و سفر ڪري، سنڌي عوام جي
روحاني ۽ اخلاقي اصلاح ڪئي. جيئن ته ان زماني جي
تاريخ تي تاريڪ پردا پيل آهن، انهيءَ ڪري سندن
اصلاحي ڪوشش ۽ ڪارنامن جو تفصيل معلوم ٿي نٿو
سگهي. البته ڪي ڪي اهڃاڻ ٻڌائن ٿا ته، تبليغي ۽
اصلاحي ڪمن ۾ ڪيڏي نه ڪوشش ورتائون. فاحشه عورتن
جي تڏي پٽائڻ وارو سندن پهريون ڪارنامو، جنهن جو
اڳ ۾ ذڪر ٿي آيو، ٻڌائي ٿو ته، اچڻ سان ئي خرابيءَ
جي پاڙ پٽي ڇڏيائون. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو
ته، اڳتي هلي ڇاڇا نه ڪيو هوندائون.
تنهن کان سواءِ جيئن ته اچڻ سان ئي پهريائين زمين جي
آباديءَ ڏانهن متوجه ٿيا، تنهن مان اندازو لڳائي
سگهجي ٿو، ته سندن تعليم سنڌن سُڪو فقير ڪري
ويهارڻ واري نه هئي، پر پنهنجن عضون سان حق حلال
جي روزي ڪمائڻ جي تعليم ٿي ڏنائون. پر عوام ۾
اقتصادي اصلاح آڻڻ لاءِ به ڪوشش ڪئي هوندائون.
انهن اصلاحي ۽ تبليغي ڪمن کي صرف سيوهڻ تائين محدود نه
رکيائون. پر سنڌ ۽ هند جا ڪيترائي هنڌ گهميا.
تحفتھ الڪرام ۽ لب تاريخ سنڌ ۾ ڄاڻايو ويو آهي، ته
حضرت شهباز، حضرت غوث العالم ملتاني، حضرت بابا
فريد شڪر گنج ۽ سيد جلال اُچ وارو، گڏجي سنڌ هند
جا گهڻا طرف گهميا
(1)
خواجه فريد گنج شڪر سيوستان جي سير ۽ سياحت ۾
مصروف هئا، تڏهن شيخ اوحد الدين ڪرمانيءَ سان سندن
ملاقات ٿي. سيوستان جي ٻئي هڪ بزرگ جو ذڪر ڪندي
فرمايائون، ته ڏٺم ته بزرگ بيٺو آهي ۽ ذڪر ڪري
رهيو آهي. مان وٽس بيهي رهيس. هڪ ڏينهن کيس هوش
آيو، ۽ فرمايائين، ”الله تعاليٰ جنهن کي سعادت
ابدي عطا ڪندو آهي، ان جي لاءِ ذڪر جو دروازو به
کولي ڇڏيندو آهي. هو سمهندي، جاڳندي، اٿندي وهندي،
ذڪر ۾ رهندو آهي، ۽ سواءِ قضاءِ حاجت جي سمورو وقت
ذڪر ڪندو آهي.“
حضرت شهباز، سنڌ جي به ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ڏٺل ٿي ڀانئجي.
تحفتھ الڪرام جو صاحب لکي ٿو:
”رڪن پور، شيخ رڪن الدين ملتانيءَ جي نالي سان ڳوٺ آهي.
شيخ ريحان جهنگلي اتي جو ڪامل آهي، جو ذات جو
سومرو آهي. شيخ رڪن الدين ملتاني سندس زيارت لاءِ
آيو هو، تنهن کان پوءِ انهيءَ ڳوٺ جو نالو سندس
نالي پويان سڏجڻ لڳو. شيخ ريحان جو اصلي نالو
چنيسر هو. چون ٿا ته، اتفاق سان ڪنهن وقت شيخ رڪن
الدين ۽ مخدوم لعل شهباز اچي اتي نڪتا ۽ کيس ماني،
کير ۽ ماني کارائڻ لاءِ زور ڀريائون. هڪڙو قدرتي
جنڊ پيدا ٿي پيو، جنهن جو هڪ پٿر اڃا باقي آهي ۽
جنهن ڪنڊي جي وڻ مان ماکي لاٿي هئائون، اهو ڪنڊو
پڻ يادگار ۽ ماڻهن جو زيارت گاهه آهي.“
(2).
تحفتھ الڪرام (ص 178) جي روايت موجب حضرت قلندر شهباز
شيخ ريحان جهنگليءَ جي پٽ شيخ دوري جي شهادت کان
پوءِ، فاتح خوانيءَ لاءِ پٿر تي وڃي ويٺا هئا. اهو
پير جو وڻ، جنهن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺا هئا، سو تحفتھ
الڪرام جي صاحب جي ڏينهن تائين موجود هو. ٿي سگهي
ٿو ته هن وقت به موجود هجي، پر تحقيق ڪانه ڪئي وئي
آهي.
تحفتھ الڪرام جي صاحب رڪن پور، نيرن ڪوٽ (حيدرآباد) جي
ڀرسان هڪ مشهور ڳوٺ ڏيکاريو آهي. ان مان معلوم ٿئي
ٿو ته لعل سائين سنڌ جو پري پري تائين سير ڪيو ۽
اهو سير ضرور تبليغي لحاظ کان هوندو. البته مٿينءَ
روايت ۾ لعل سائينءَ سان حضرت رڪن الدين جي
موجودگي صحيح سمجهه ۾ نه ٿي اچي، ڇاڪاڻ جو رڪن
الدين حضرت غوث العالم جو پوٽو هو ۽ سندس زمانو
حضرت شهباز کان پوءِ جو آهي. انهيءَ ڪري ڀانئجي
ائين ٿو ته لعل سائينءَ اهو سير ۽ سفر حضرت غوث
بهاو الحق سان گڏجي ڪيو هوندو. حضرت رڪن الدين
پوءِ اڪيلو ويو هوندو ۽ سندس آمد جي ڪري شهر تي
نالو ئي رڪن پور پيو هوندو. جيئن تحفتھ الڪرام ۾
ڄاڻايل آهي. تحفتڳ الڪرام جي صاحب اهڙي ٻي غلطي به
ڪئي آهي، يعني: حضرت رڪن الدين جي مريد حضرت مخدوم
جهانيان جهان گشت کي حضرت شهباز جو چوٿون يار
ڏيکاريو اٿس. هوڏانهن حضرت شهباز جو يار مخدوم
جهانيان جو ڏاڏو سيد جلال سرخ بخاري هو.
ساڳيو مورخ ”منگهي جو طوق“ جو ڪراچيءَ جي ڀرسان آهي، جو
عنوان هيٺ لکي ٿو:
(1)
”مشهور جبل آهي، حاجي منگهو نالي هڪ اهل الله بزرگ، شيخ
بهاو الدين ملتانيءَ جو همعصر اتي دفن ٿيل آهي. پڻ
حاجي منگهي جي جبل ۾ مخدوم لعل شهباز جي ڪندريءَ
نالي هڪ نهر آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي وڻندڙ باغ
۽ فقيرن جا ايڪانت ڀريا تڪيا آهن.“
جيئن ته منگهو پير (ڪراچي) وٽ حضرت قلندر شهباز جي نالي جي هڪ
نهر آهي، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ اتي وڃي
رهيا آهن ۽ پوءِ ان نهر تي سندن نالو پئجي ويو
آهي. هن مان ثابت ٿئي ٿو ته تبليغ جي لحاظ کان سير
ڪندي وڃي ڪراچيءَ کان نڪتا هئا. تحفتھ الڪرام جي
لکڻ موجب ته ”فقيرن جا ايڪانت ڀريا تڪيا آهن،“
ڀانئجي ٿو ته حضرت قلندر شهباز ان ڪندريءَ نالي
نهر تي چلا پڻ ڪڍيا هوندا.
حيدرآباد جي گنجي ٽڪر جي پاسي ۾ ٽنڊي غلام حسين ۾ سندن
چلي جي جڳهه مشهور آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته
حيدرآباد جي آسپاس جي به سياحت ڪيائون. ان کان
سواءِ ٻي به روايت آهي ته حيدرآباد جي آسپاس ۾
ساجن سوائي ۽ تاج الدين طريل سان به ملاقاتون
ڪيائون.
ٻي روايت آهي ته ٺٽي جي پير پٺي سان به ملاقاتون
ڪيائون. عوامي روايتون ملن ٿيون ته لعل سائين جن
سيوهڻ کان لاهوت ويا هئا، اتان ٿي هنگلاج ويا هئا،
اتان ٿيندا ڪراچيءَ جي پاسي اچي منگهي پير سان
مليا
(2)
منگهي پير سان ملاقات جو ذڪر تحفتھ الڪرام جي صاحب
به ڪيو آهي، جو اڳ ۾ ڏنو ويو آهي. بکر ۾ شاهه صدر
الدين رضويءَ جي درگاهه تي چلن ڪڍڻ جي روايت به
مشهور آهي.
روايت آهي، ته حضرت شهباز سائينءَ پاٽ پراڻيءَ ۾ حاجي
اسماعيل پنهور سان به ڪجهه وقت روح رهاڻ ڪئي
(1)
پاٽ پراڻي
(2)
جي دڙن وٽ حاجي اسماعيل جو روضو اڄ به موجود آهي.
تحفتھ الڪرام جي صاحب، مڪليءَ جي بزرگن ۾ ميان لال جو
ذڪر ڪيو آهي، جنهن لاءِ لکيو اٿس ته حضرت لعل
شهباز جو ڀاءُ يا سوٽ آهي
(3)
ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته ميان لال يا ته حضرت لعل شهباز
جن سان سنڌ ۾ آيو هوندو ۽ شهباز سائينءَ سان گڏجي
سنڌ ۾ گهميو هوندو.
تبليغ جي لحاظ کان کيس ٺٽي ۾ رهڻ جو حڪم به شهباز
سائينءَ ئي ڏنو هوندس.
رشد ۽ هدايت سان گڏ، خالق حقيقيءَ جي عبادت به ڪندا آيا
آهن، سير ۽ سفر ڪري جڏهن سيوهڻ موٽي آيا، ۽ اتان
به جڏهن خرابيءَ ۽ فساد جي پاڙ پٽي ڪڍيائون، تڏهن
هميشھ حق جي ياد ۾ مشغول رهڻ لڳا. قلندر نامون
(4)
سنڌيءَ جو مصنف لکي ٿو:
اهڙيءَ طرح حڪم الاهي موجب سيوستان (سيوهڻ) ۾ تشريف
فرما ٿي فساد کي بند ڪري يادِ حق ۾ هميشھ مشغول
هوندا هئا.“
مشهور آهي، ته يڪ ٿنڀيءَ، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي آيو، هي
هيٺان غار ۾ چلا ڪڍيائون. سيوهڻ اسٽيشن جي پريان،
جو باغ آهي ۽ سندن نالي پٺيان ”لعل باغ“ سڏجڻ ۾
اچي ٿو، ان ۾ هڪ لئو آهي. جنهن لاءِ چوڻ ۾ اچي ٿو
ته ان وٽ ويهي چلا ڪڍيائون.
وصال:
سندن فيض جي درياهه مان مستفيض ته ڪيترائي ٿيا، پر سندن
خاص طالب عبدالله شاهه ابدال، سڪندر بودلو بهار ۽
سيد علي سر مست هئا. سيد عبدالوهاب ۽ سيد مير ڪلان
به سندن ئي فيض جي درياهه مان سرڪي چکي هئي. جڏهن
سندن وصال جو وقت ويجهو ٿيو، تڏهن طالبن کي
هدايتون ڏيئي مراقبي ۾ ويهي رهيا ۽ اتي ئي وصال
ڪيائون. کين غسل ڏيئي اتي ئي دفن ڪيو ويو، جتي
پهريائين لوڙهو هنيو هئائون. سندن غسل جي جاءِ
درگاهه عاليءَ جي اوڀر ۾ آهي، جتي هينئر هڪ ننڍي
قبي ٺهيل آهي.
سندن وصال جي تاريخ ۾ اختلاف آهن، لب تاريخ سنڌ
(1)
جي صاحب ”برحمت“ مان تاريخ ڪڍي، وفات جو سن 650هه
(برابر 1252ع) ٺهرايو آهي ۽ تاريخ 12 شعبان ڏيکاري
آهي
(2).
ان سن لاءِ هي شعر شاهديءَ طور پيش ڪيو ويندو آهي
(3).
بجو تاريخ شمس الدين عثمان.
بد رکن ”رنج“ از فلک کرامت
538
=
253 791
سن عمرش ولي الله وفاتش
112
سروش – غيب ميگويد ”برحمت“
650
يعني 538هه ۾ سندن ولادت ٿي. 112 سال سندن عمر هئي ۽
650هه م سندن وصال ٿيو. مقالات الشعراءَ ۾ 673هه
(1274ع) ڄاڻايل آهي ۽ تاريخ وفات هن طرح منظوم ڪيل
آهي؛
چون رفته سري جناه آن شيخ،
کون زبدهء آل و پاک نام است.
از هاتف – غيب مي شنيد ند،
عثمان به دوازده امام ست.
661 + 12
=
673 (673هه)
خانقاهه جو سنڌ جي تاريخ ۾ ڪردار
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خاناڻي
]سنڌ تصوف جو گهوارو رهي آهي. سنڌ جي تصوف وارن تذڪرن ۾ ”خانقاهه“ جو بار بار
احوال ايندو رهي ٿو. انهيءَ ڪري مون اهو بهتر
سمجهيو ته خانقاهه جي باري ۾ هڪ مفصل مقالو لکي
سنڌ وارن جي اڳيان پيش ڪريان، ته جيئن خانقاهه جي
اصل مقصد ۽ مفهوم کي سنڌ واسي سمجهن. انهيءَ سلسلي
جي هيءَ پهرين ڪڙي آهي، جا ”مهراڻ“ جي نذر ڪجي ٿي.
هن کان پوءِ انشاءَ الله ٻيءَ صحبت ۾ سنڌ جي سڀني
خانقاهن جو مفصل تاريخي تذڪرو پيش ڪبو. اميد ته
منهنجي هِن محنت کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو ۽
جڏهن به سنڌ جي تصوف جي تاريخ مرتب ڪئي ويندي، ته
هيءُ مقالو انهن محقنن لاءِ ڪنهن حد تائين
رهنمائيءَ جو سبب بڻجندو. ق. ح. خ.[
تاريخ جي مطالعي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ”خانقاهه“،
اسلامي دنيا جي انقلابن ۽ ڦيرين گهيرين ۾ وڏو
ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهن به اسلامي دنيا جي عظيم
صوفي درويشن ۽ بزرگن جا تذڪرا ۽ سوانح حيات پڙهجن
ٿا، ته انهن جي احوالن ۾ ”خانقاهه“ جو لفظ، ڪنهن
نه ڪنهن طرح سان مطالعي هيٺ اچي ٿو. اسان جي
معاشري، تهذيب ۽ تمدن ۾ خانقاهه جو وڏو هٿ رهيو
آهي ليڪن خانقاهه جي اصليت ۽ ان جي تاريخي ڪردار
جي باري ۾ معلومات تمام گهٽ رهي آهي. اسان هتي
خانقاهه جي اصليت جو تاريخي جائزو وٺنداسون ۽
ساڳئي وقت اهو به معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسون، ته
ان جو سنڌ جي تاريخ اندر ڪهڙو ڪردار رهيو آهي ۽
خانقاهه نشينن سنڌ جي تاريخ جي تبديلين ۽ حالتن جو
ڪهڙي نموني تاريخ ساز فيصلو پئي ڪيو آهي.
”خانقاهه“ جو لفظ اصل ۾ ”خانه“ ۽ ”گاهه“ جو مُعرب آهي.
”خانه“ جي معنيٰ آهي گهر ۽ ”گاهه“ جو مطلب جاءِ
آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته اُهو گهر، جنهن
۾ درويش ۽ عبادت ڪندڙ بزرگ پاڻ ۾ گڏجي رهندا هجن.
خانقاهه جي سلسلي ۾ اسان کي ”رباط“ جو لفظ پڻ ملي
ٿو، جو خانقاهه جي ساڳئي مفهوم لاءِ استعمال ڪيو
ويندو آهي. ”رباط“ اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي،
جنهن جي معنيٰ آهي، ”قلعي بند اسلامي خانقاهه.“
دراصل رباط هڪ اهڙيءَ عمارت جو نالو آهي، جنهن ۾
ڪنهن به اسلامي حڪومت جي سرحدن جي حفاظت لاءِ فوجي
دستو رهندڙ هجي. مگر بعد ۾ اها جاءِ صوفي درويشن ۽
بزرگن جي رهڻ جو هنڌ بڻجي ويئي.
”رباط جي متعلق قرآن پاڪ ۾ اچي ٿو:
”واَعّدو الَهُم مّا استطعتم من قوتھِ ومِنُ رِّبَاطِ الخَيل،
تُرهبون بھ عَدوّ اللهِ وَعدوّکُم.“ (پاره 10- سورتھ الانفال،
آيت 60)
يعني: ۽ انهن لاءِ (لڙائيءَ جي هٿيارن جي) سگهه مان ۽
گهوڙن جي تيار رکڻ مان جيڪي ٿي سگهيوَ سو الله جي
ويرين کي دهشت ڏيڻ لاءِ تيار رکو (1).
مٿئين ارشاد ربانيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو، ته رباط اها جاءِ آهي،
جيڪا فوجي نوعيت لاءِ استعمال ۾ اچي سگهي. ”ماروى
النهر“ ۾ اٽڪل ڏهه هزار اهڙي قسم جا رباط قائم ڪيل
هئا. (2). ابن خلڪان، ابن حوقل ۽ المقدسي پنهنجن
ڪتابن ۾ اهڙن ڪيترن ئي رباطن جو تذڪرو ڪيو آهي.
مطلب ته رباط ۾ فوجي نوعيت واري زندگي گذاري ويندي
هئي ۽ ان سان گڏ زهد ۽ عبادت تي پڻ زياده زور ڏنو
ويندو هو. وقت گذرندي انهن رباطن ۾ صوفي درويش ۽
ٻيا ماڻهو به اچي رهندا هئا. ليڪن خانقاهه تاريخ ۾
وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اها وقت جي حاڪم ۽ محڪوم
جي وچ ۾ رابطي جو هڪ ذريعو رهي آهي. انسان کي
انسانيت جي راهه تي هلائڻ ۽ ان کي سنوارڻ ۾
خانقاهه وڏو نمايان ڪم ڪيو آهي. خانقاهه سياسي
انقلابن ۽ ڦيرين گهيرين ۾ پڻ سرگرم عمل آهي.
عالمن جو رايو آهي، ته ”خانقاهه“ هڪ فارسي لفظ آهي،
جنهن جو مطلب ”رباط“ جي هم معنيٰ آهي. انهيءَ ڏس ۾
هڪ ٻيو لفظ ”دَير“ به اچي ٿو. اهو لفظ سُرياني
ٻوليءَ جو آهي. جيڪو گهڻو ڪري عيسائي خانقاهن لاءِ
ڪتب آندو آهي. عربن جي فتوحات کان پوءِ به اهڙيون
ڪيتريون ئي عيسائي خانقاهون هيون، جي مشرق وسطيٰ ۾
پنهنجو ڪم ڪنديون رهيون اهڙي قسم جون عيسائي مشنري
خانقاهون عراق، شام، فلسطين ۽ مصر ۾ گهڻي انداز ۾
قائم هيون. انهن خانقاهن جي راهب کي ”دَيار“ يا
”دَيراني“ ڪري چوندا هئا. اهي خانقاهون اڪثر ڪري
حُجرن ۾ قائم هيون. انهن جي حفاظت لاءِ چوگرد قلعي
نما ديوارون ڏنل هونديون هيون. قديمي يوناني ڪتابن
جي اشاعت ۾ انهن خانقاهن جو وڏو هٿ هئو. انهن
خانقاهن جي ڀرسان وڏا ڪتب خانا قائم ڪيل هوندا
هئا. اهي عيسائي خانقاهون اسلام جي شروعاتي دور ۾
مذهب ۽ دفاعي ڪم جا وڏا مرڪز پڻ هئا. (3)
|