سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1988ع (3)

 

صفحو :3

عبدالقيوم ”صائب“

 

رباعيون

 

يارانِ ڪهن ياد پون ٿا جنهن دم،

ڳوڙها به لڙي ڳڙي پون ٿا تنهن دم.

هاڻي نه وري ڏسبا پيارا چهرا،

هر وقت اڳيان رهندا ها جي ڪنهن دم.

---

ياران ڪهن ڪنهن کي ناهن پيارا،

غم ديده دل لئه سي سڀ ها نيارا،

تن ۾ جُز هو جيڪو پنهنجائپ جو،

تنهن کي جهل ڏيندا نه هاڻ سانوڻ سيارا.

---

جي قرب ڪري آيا منهنجي نجهري،

تن لئه جي ڏنم رايا منهنجي نجهري؛

ماڻهن کي وڻيا ڪينڪي ڪنهن پرڪي سخن،

پر سچ سي سيباتا منهنجي نجهري.

---

گردابِ فنا ڦيرو ڏيندو ٿو اچي،

ڏسجي ته وري ڪهڙو ٿو رنگ رچي؛

هي ادنيٰ انقلاب آهي ليڪن،

تاهم ان جي زد مان شايد ڪو بچي.

---

اسلام جي نالي ۾ هڻندي ڌاڙو،

لٺ جو سمجهي مال، لٽيو ڪل واڙو؛

اڄ جنهن به ڪيو قهر ته ايڏو هو اچي،

سوڀارو سمجهي ٿو، تنهن کي پاڙو.

 

آثم ناٿن شاهي

 

غزل

 

ڪالهه جو انتخاب ٿي گذريو،

تنهنجو منهنجو حساب ٿي گذريو.

ڪنهن کي کٽڻو هو ۽ کٽيو ڪهڙي،

عقل جي اک مان خواب ٿي گذريو.

حسن، پٿر جو مون ڏي اڇلايو،

منهنجي ڀرسان گلاب ٿي گذريو.

ويڻ ڪنهن کي مليو سڃائيءَ جو،

گوشت منهنجو ڪباب ٿي گذريو.

مون پڙهايو هو ماڻهپو جنهن کي،

منهنجي اڳيان جناب ٿي گذريو.

اڄ ڪچهريءَ ۾ ”مک ڪويءَ“ تي بحث،

جيڪو گذريو، خراب ٿي گذريو.

ڏينهن، جنهن ۾ نه سچ چيم ڪنهن کي،

مون تي ”آثم“ عذاب ٿي گذريو.

 

ولي محمد ”وفا“ پلي

غزل

 

رنگ ويو جو تڏهن سراب ٽٽي،

ها! جڏهن نشر شراب ٽٽي.

باغبان کي ڏجي تصور به ڇو،

بارِ جوڀن کان جي گلاب ٽٽي،

جي شبِ ماهتاب ۾ گڏجن،

پارسائي ٽٽي حجاب ٽٽي.

تنهنجي فرقت جو ڇو عذاب ٽٽي،

تنهن کان سر تي ڀلي شهاب ٽٽ:.

دل ۾ تنديلِ غم ڪجي روشن،

ساغرِ مئي ۾ ماهتاب ٽٽي.

هوري هوري خمارِ شب گهٽجي،

رفته رفته سرور خواب ٽٽي.

هن جي فرقت جي رات کان اڳ ۾،

اي ”وفا“ عمر جو حباب ٽٽي.

 

 

رحيم بخش ”قمر“

 

عشق نه آهي عُقاب!

نينهن خدا جي نعمت آهي!

عشق آ رهبر، عشق آ راحت،

عشق اَلَستي آهي اَمانت،

عشق برهه جو باب!

نينهن خدا جي نعمت آهي!

نينهن ”ذبيح اللهِ“ نڀايو،

ڪاتيءَ سان ٿي ڪَڌّ ڪٽايو،

خوب خليل جو خوابُ!

نينهن خدا جي نعمت آهي!

موسيٰ ڪّليمُ اللهِ ڀلارو،

نِيڻيِڻ ڏٺو جنهن نيهن نظارو،

طور نه جهليو تاب!

نينهن خدا جي نعمت آهي!

سسيون ڏيئي سورهيه سڏجن،

”قمر“ ڪُسڻ کي قرب ٿا سمجهن،

نينهن خدا جي نعمت آهي!

عشق نه آهي عُقاب!


 

بدر قريشي

 

منهنجي ماحول ۾ ڪجهه ڀي ناهي،

غم سوا جهول ۾ ڪجهه ڀي ناهي.

مون فقيريءَ جو ويس پاتو پر،

منهنجي ڪچڪول ۾ ڪجهه ڀي ناهي.

کوهه ٿو فيض رسائي سڀ کي،

کوهه جي ڏول ۾ ڪجهه ڀي ناهي.

اصل شي آهي عمل ٿئي ان تي،

عقل جي قول ۾ ڪجهه ڀي ناهي.

ذهن ٿو حسن تراشي ورنه،

جسم جي ڊول ۾ ڪجهه ڀي ناهي.

ايڏو آواز کان مرعوب نه ٿيو،

دهل جي ٻول ۾ ڪجهه ڀي ناهي.

”بدر“ ڳالهائي ٿو مون ۾ ڪوئي،

ورنه هن خول ۾ ڪجهه ڀي ناهي.

 

احمد خان مدهوش

 

جستجو

پيش ڪئي مون آرزو،

هيءَ خدا جي روبرو.

جنهن جون ڳالهيون ٿو ٻُڌان،

جا بجا ۽ ڪُوبڪُو.

ڌار ٿيان ان کان نه مان،

ڌار ٿئي مون کان نه هُو.

اوچتو آواز ٿيو،

خوش لمحن جي هُوبهو.

”منهنجي ڳولا کان اڳي،

خونِ دل سان ڪر وضو“.

پوءِ مون سان تون ڀلي،

ديد اٽڪاءِ دوبدو.

مون چيو اي وحده!

اي ڀُليل موڳا سَڄو.

پنهنجي من ۾ پاڻ ڳول،

ڇڏ اجائي جستجو.

 

سحر امداد

تابوت

هي گهر

منهنجو مقبرو آهي

۽ ان گهر جو هڪڙو ڪمرو – بند تابوت

ان ڪمري ۾

هي بسترو منهنجو مدفن آهي

 

ڪي ورهيه، صديون ۽ جنم اڳي

منهنجي جيئري وجود کي

’مُشڪ‘ سان مهڪايل پاڻيءَ جو غسل ڏيئي

’پروفيسي‘ ۽ ’پوائزن‘ جي مڌر خوشبوئن ۾ ويڙهي سيڙهي

ڳاڙهي ڪيمخواب جو ڪفن ڏيئي

ڳڱريل ڳلن تي آخري چمي ڏيئي

بند تابوت جهڙي ڪمري ۾ لاٿو ويو هو.

 

۽ ان رات رڳو تارا ئي هئا

جيڪي پوئين پهر

منهنجي موت تي رنا هئا

۽ ان رات

جا رات

سڀني راتين کان وڌ سهڻي هوندي اهي

چوڏهينءَ جي چنڊ پنهنجي مڌر جوڀن جو

سون گگن تان هاريو پئي

ها اها رات،

ان سڀاڳيءَ سدوريءَ رات

بستري جي گهنجيل قبر ۾

دفن ٿي ويئي هئس مان!

اننت اونداهي قبر ۾

هر رات

ڏڦن جيڏا ننهن ٽُنبي

منهنجي مئل هرديه کي جيئاريو ويندو آهي

۽ منهنجي گذريل اعمالن جو پڇاڻو ٿيندو آهي

پوءِ اها قبر مون تي سوڙهي ٿيندي ويندي آهي

تان جو منهنجون پاسراٽيون پاراسٽين سان ڀِچي وينديون آهن.

 

پر منهنجون ڪيڪراٽيون

قبر کان ٻاهر پکڙيل

هيڏي گهور سناٽي ۾ به

ڪير سُڻي نه سگهندو آهي!

 

ڪجهه لمحن کان پوءِ قبر پکڙجڻ لڳندي آهي

ڦهلجندي ڦهلجندي ويندي آهي

۽ ان پل

اڪيلائيءَ جو احساس

تيزيءَ سان سُرندو

پنهنجي سئو – پيرن سان

منهنجي هيڪل هرديه کي وڪوڙي ويندو آهي

اڪيلائي

جيئن جيئن پنهنجا چنبا کوڙيندي آهي

تيئن تيئن سا سورن سان ناتا ويندي جوڙيندي آهي!

اڪيلائيءَ جي ان اَجگر کان بچڻ ڪارڻ مان

هانو پاڙي رڙيون ڪندي آهيان

۽ موٽ ۾ پنهنجي ئر رڙين جا پڙاڏا

ويتر

ڊپ ڏياري ويندا آهن!

 قبر جي اُن گگهه اونداهيءَ ۾

دوزخ جا اَلائي

ڪجهه لمحن لاءِ

روشني وکيريندا آهن

۽ ان کان اڳ جو منهنجون اکيون

روشنيءَ جي نرمل احساس کي جهٽين

مون کي ٽانڊن تي ٽچڪايو ويندو آهي

کامڻ، پچڻ، پڄرڻ کان پوءِ ڪائي تئونس نه رهندي آهي

وقت جي خوني ڌارا ڇل ڇل وهندي رهندي آهي!

ها

پر

ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي

جنت پاسي کلندي ڳڙکي هڪڙي کن لاءِ کلندي آهي

ٿڌڙي، مٺڙي ۽ هٻڪاريل هير به گهلندي آهي

ان هڪڙي کن جي

سُرهي سَرهي ساروڻيءَ کي

پنهنجي پلئه ۾ ٻڌي ڇڏيان ٿي!

 

۽

ڌرتيءَ کان آڪاش تائين

ڪييترن نوري سالن تائين پکڙيل

پيڙيندڙ، چيريندڙ، چچريندڙ ۽ چٿيندڙ

۽ ڏنگيندڙ اونداهن لمحن ۾

پنهنجي پلئه مان

ان سُرهي سَرهي ساروڻيءَ جو

هڪڙو پل کولي ڇڏيان ٿي

۽ سڏڪان ٿي!

 

(پورو – اڻپورو)

 

اياز گل

 

هڪ مجبوري آ

 

جڏهن به سُک جي،

هر شاهراهه بند ٿي وئي

۽ روڳ – رستي تي ٿِڙندو رهيس

۽ ٿُڏبو رهيس

نه ڪوئي سڏ ٿيو، هٿ وڌيو،

نه ٽيڪ ملي،

رڳو اهوئي ٿيو

مون تي ٽهڪ ڏيئي وڏا

هوا کِلي آهي، رستي جي

هيکلائي کِلي،

۽ اڌ سُڪل ڦٽن تي

هي روز رهنڊ نئين

سڀيئي رستا منجهيل

خواب خواب راهه سنئين.

 

ٽهڪ جي نانَو کان ناآشنا

هي چپ منهنجا

بسنت – رنگ کان ۽ اوپريون نگاهون هي

ڪنهن هڪ نهار لئه

سالن کان منتظر اکڙيون

جنين جي ڀاڳ ۾ ڀاڳ ۾ لکبيون رهيون ٿي مايوسيون

نه ڪنهن جي پيار جو امرت

نه جيئڻ لئه اتساهه

لڳي ته ساهه،هرهڪ ساهه

آهي پويون پساهه!

تڏهن جن دل جي انڌيرن گهٽين کي روشن ڪيو

۽ ماءُ جيان وجهي ڀاڪي، چميو نرڙ منهنجو

انهن جن منهنجي خيالن جا ديپ ٻاري ڇڏيا

۽ وار سوچ جا، پاٻوهه مان

سنواري ڇڏيا

جنين حياتي ڏني

منهنجي مئل لفظن کي

۽ گهاوَ گهاوَ اميدن جي ڪئي مسيحائي!

انهن جي هوندي، حياتيءَ مان گم تنهائي!!

 

پوءِ هاڻي عرصي پڄاڻان

جي مرڪ، مرڪي آ

سدا جي ننڊ وساريل اکين کي خواب مليا،

سُکن آ ڪنڌ ورائي ڏٺو،

ڏسي ۽ کليا

۽ دل جي باغ ۾ ڪجهه رنگ رنگ ڦول ٽڙيا!

 

ته هاڻي ڪيئن ڪري ٿو سگهان؟ ۽ ڪيئن ڪيان؟

پراڻا دوست ڇڏيان؟

سو ڪٿي ڪري ٿو سگهان!

ٻه ٽي جي سک مليا هن، ته پوءِ

هاڻي مان!

دکن کي ڪيئن چوان؟

”دوست! منهنجو در نه ٽپو:!“


 

ادل سومرو

ٽيڙو

 

ڪانون جي ڪان ڪان،

بجليءَ جي تارن ۾ هيو،

لٽڪيل هڪڙو ڪانءُ،

نڪو ڊپ نه ڇر،

سنگُ چُڳي ويهي رهيو،

اوڙي مٿان جهرڪُ،

ڇٽي ۽ پوڙهو –

مٿان تيز مينهن ۽،

رستو هو سوڙهو.

عورتون ۽ ٻار،

سرڪاري نلڪي تي،

ٿانون جي قطار –

اڻکٽ اوسيئڙو،

ڄار وڇائي ويهي رهيو،

ڪُنڊ ۾ ڪوريئڙو –

ويڄن وٽ آ ڇا؟

منهنجي دُکي دل ڪاڻ،

تنهنجي مُرڪ دوا.

ٻولي پيئي ٻاٽَ،

ٿڪل سانجهي ٿرَ جي،

واري ساري واٽَ،

بادل ڪيو رقص،

شيشي تي بوندون ڪريون،

ڌنڌلو ٿي پيو عڪس –

 

ذوالفقار سيال

غزل

 

توسان سارا ناتا، رشتا، ڳنڍي، ٽوڙي ڪين سگهان ٿو،

سامهون آهين آئون ڀران ٿو، دور جي آهين ته به تڙپان ٿو.

 

ياد اچئي ڪو گذريل ويلو، بس خطن جيان ساڙي ڇڏجان!

ڪنهن کي ايڏي آهي فرصت،ڳالهيون ڪهڙيون مان سوچان ٿو.

 

پنهنجو چاهه نه آهي سانئڻ! جيون جي ڊرامي جو پارٽ،

وقت جي ڪئميرا جي آڏو، آئون وري توکان وڇڙان ٿو.

 

پنهنجو ڀي تون ناهين، ليڪن ڌاريو ڀي پر ڪين لڳين ٿو،

تنهنجو هرڪو قهر قبولي، دل ۾ پيار جو درد ڀريان ٿو.

 

خواب اسان جي نيڻن ۾ جي پل پل تنهنجا سانڍيل آهن،

سي به سپنا روڙي ويو ڪو، جن جي خاطر آئون جيئان ٿو.


 

مقصود گل

غزل

 

رات ساري چنڊ ڀاڪر ۾ هيو،

دل جي آڳر ۾ اڃا آ سوجهرو.

روشني مُٺ ۾ لڪائڻ ٿو گهري،

وقت جو قاضي چريو آ ڪيترو.

پين، مس، ڪاغذ هئا ڪجهه پيڊ جا،

مون لکيو توڏي پتر هو پريم جو.

دير سان آفيس مان آيس جڏهن،

مو اَمڙ کي در تي بيٺل آ ڏٺو.

شاهه جي وائي جڏهن ڳائي علڻ،

ٿي سڄي پنڊال کي سڪتو ويو.

چانهه جي پيالي چپن تي مون رکي،

پر نگاهن ٿي سندءِ مکڙو ڏٺو.

دهل پاڙي ۾ ٻڌي ويهانءَ جا،

حق بخشايل ڪنواريءَ ٿي رنو.

ٽوٽڙا سگريٽ جا ميڙي ڇڪي،

ٿي مواليءَ ٻاڙ کي پورو ڪيو.

سرنهن جا ”گل“ ڪالهه منگتو ويو ڏئي،

هي بهاريءَ جي اچڻ جو هو پتو.

 

مخدوم جميل الزمان

 

اي جاني! اي جانِ تمنا اچون ٿا،

رهي ڪونه سگهياسين تنها اچون ٿا.

دلِ ناتوان جا مسيحا اچون ٿا،

ڪرڻ درد و غم مداوا اچون ٿا.

ڇڏيو هاڻ ناراضگيءَ کي خدارا،

نڀائڻ سمورا ئي وعدا اچون ٿا.

ڪڏهن هينئن به ڀلجي لکو پنهنجي خط ۾،

سڀاڻي اسين تنهنجي هالا اچون ٿا.

اِهو ڏينهن ٻن جو قصو ناهي قاصد!

”سڄڻ مدتن کان چون پيا اچون ٿا.“

ٻيو ڪٿ به هرهر وڃون ڪونه ليڪن،

اوهان سان آهن دل جا ناتا اچون ٿا.

متان اشڪ هاريو، متان وهم آڻيو،

خداوند ڪندو سانگ سرها اچون ٿا.

طلب ڪانهي تنهنجي شرابن جي ساقي!

ڏسڻ تنهنجي صورت جا جلوا اچون ٿا.

”جميل الزمان“ کي جو ايندي ڏٺائون،

پري کان چيائون ته هاها اچون ٿا.

 

بشير سيتائي

 

هٿ هٿ ۾ ملاءِ، ته جيون جرڪايون،

جوڀن–رت ملهاءِ،ته جيون جرڪايون.

ڪوڙ نسورو ڪوڙ، خزانو ڪانئر جو،

سچو نينهن نڀاءَ، ته جيون جرڪايون.

ڇانيل دل جي دنيا ۾ ڇو آهه اُماس،

جرڪي جوت جلاءِ، ته جيون جرڪايون.

ڀُلجي وڃ تون هاڻ ڦُلڪڻا پيرن جا،

تڪڙي وک وڌاءِ، ته جيون جرڪايون.

ڪيڏو آ طوفان، تلاطم دريا ۾،

پنهنجي ناوَ پُڄاءِ، ته جيون جرڪايون.

روز ٻڌون ٿا راڳ اهو ئي پاروٿو،

گيت نئون ڪو ڳاءِ، ته جيون جرڪايون.

دک جو ديو ڪري ويو واسو وستيءَ تي،

مٺڙي مرڪ ورهاءِ، ته جيون جرڪايون.

سچارن کي سڏ ڪري اي پار ”بشير“،

ميڙو ڪو مچاءِ، ته جيون جرڪايون.

 

واجد

گڏي انساني برادري

هڪ طرف،

سموري دنيا جا، مهذب انسان –

وڌي وڌي،

هڪ ٻئي جون پُوٿيون پٽي –

هڏيون چٻاڙي رهيا آهن.

ٻئي طرف،

ايٽمي طوفان،

خوني جنگ ۾ مصروف،

’مهذب‘ انسانن طرف،

بي آواز وڌي رهيو آهي.

پر هو سڀ مهذب وحشي،

بي خبر – بي خطر،

وڙهي رهيا آهن.

ڪري رهيا آهن – مري رهيا آهن!!

آءٌ جڏهن،

انٽرنيشنل ادارن پاران

’گڏيل انساني برادري‘ وارو

اصطلاح ٻڌندو آهيان،

تڏهن،

ٽهڪ ڏئي کلندو آهيان

ڍنڍ ڪرون ڏئي رئندو آهيان!؟

 

 

 

سر ڏهر مان بيت

 

ڪرڪي ڳالهڙيون، ڪنڊا ڍور ڌڻين جون،

ڪئن سي راتڙيون،ڪنهن پر ڏينهن گذارئين.

 

ڪر ڪا ويهي ڳالهه، ڪنڊا ڍور ڌڻين جي،

ههڙي اڄ تون حال، ڏکيا ڏينهن گذارئين.

 

ڪنڊا تو وٽان، سچ ڪ سيڻن لڏيو؟

مڃر تو منجهان، ڇڻيو پون ڇڳا ڪيو.

 

ڪنڊا ڪڄاڙيان، اڀو آهيين ريل ۾؟

پرين پڄاڻان، سڪي ٻانگهر نه ٽئين.

                                  -- ڀٽائي رحه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com