انسان ڪائنات ۾
حفيظ ڪنڀر
روبوٽ اڄ مون کي سوير ئي اٿاريو، ڇاڪاڻ ته مون کي ڪم
سانگي سِٽي نمبر ٽو وڃڻو هو ۽ جلد ئي واپس اچڻو
هو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه دوست چنڊ تان ڪچهري ڪرڻ لاءِ
اچڻا آهن. گهر ۾ مون کان ۽ روبوٽ کان سواءِ ڪير
ڪونهي. گهرواري ۽ پٽ امن ڪلهوڪا مريخ تي گهمڻ لاءِ
ويل آهن.
مون پاسي کان پيل اليڪٽرانڪ اخبار کڻي سرخي ڏسي وري رکي
ڇڏي. اهم خبر اها هئي ته آخري ڪهڪشان به ڳولي لڌي
وئي آهي ۽ سُڀاڻي ٽن ڄڻن جي ٽيم انهيءَ ڪهڪشان
ڏانهن رواني ٿي ويندي.
روبوٽ منهنجي ناشتي لاءِ گوشت جا بسڪيٽ ۽ ڪجهه فروٽ
رکيو.
”ايف گاڏي ته ڏسي آ، ٺيڪ ٺاڪ آهي.“
هو ٺڙڪ ٺڙڪ ڪندو مٿي ڇتي ويو ۽ آءٌ جيستائين ناشتي مان
فارغ ٿي ويس، تيستائين هو واپس آيو.
”ڪيئن آهي؟“
“-All Right”
هن جي سيني تي لڳل پليٽ تي پڻ لکجي ويو، ”چڱو
پائليٽ کي گهرائي وٺ.“ هن ٽيبل تي رکيل وائرليس
سيٽ کڻي ڳالهائڻ شروع ڪيو. ڪجهه گهڙين کان پوءِ
آءٌ مٿي ويس. پائليٽ چيمپينزي اڳي ئي سيٽ تي پهچي
چڪو هو. هي مون وٽ ٽن سالن کان آهي. تمام سٺو
تجربيڪار آهي، پنجن فوٽن وارو هي پائليٽ چيمپينزي
ڪجهه پري رهندو آهي.
مون موسم جو جائزو ورتو. روشني تمام سٺي هئي. شمسي
توانائي تي هلندڙ هن گاڏيءَ لاءِ هونئن به ڪو ايڏو
وڏو مسئلو ناهي، جيڪڏهن سج جي روشني نه به هجي ها
ته ڪشش ثقل جي توانائيءَ تي هلي سگهي ٿي.
پائليٽ چيمپينزي اڄ مون کي خوشگوار موڊ ۾ نظر آيو ۽ سيٽ
تي ميڊيڪل سينٽر مان نڪرندڙ روزاني اخبار پڙهي
رهيو هو. هن گاڏيءَ کي اسٽارٽ ڪيو ۽ تمام تيز هلڻ
لڳو.
”ڇا ڳالهه آهي اڄ ڏاڍو خوش آهين؟ هن اخبار مون ڏانهن
وڌائي ڇڏي. رنگين فوٽو ڏٺم، ان ۾ هڪ ڊاڪٽرياڻي
ننڍڙي چيمپينزي تي جهڪيل هئي.
”ڇا ڳالهه آهي، آءٌ سمجهي نٿو سگهان؟“
هن يڪدم
Picture plate
جو بٽڻ دٻايو. پليٽ تي ميڊيڪل سينٽر جي تصوير اچي
وئي ۽ هڪ ڪمري ۾ پائليٽ چيمپينزي جي گهرواري جي
گود ۾ ننڍڙو چيمپينزي هو ۽ پاسي کان ٻه ڊاڪٽر ويٺل
هئا.
”چئبو ته توکي چيمپينزي ڄائو آهي.“
هو غور سان منهنجو منهن تڪڻ لڳو، آءٌ سمجهي ويس ۽ وري
چوڻ لڳس.
”ها – ها، ٺيڪ – ٺيڪ يعني گهرواري کي چيمپينزي ڄائو
آهي.“
منهنجي انهيءَ ڳالهه سان هن هوائيءَ گاڏيءَ جي اسپيڊ
وڌائي ڇڏي ۽ هوا ۾ گُهتون ڏيارڻ لڳو. سگهو ئي سٽي
نمبر ٽو اچي ويو.
گاڏيءَ کي هن هيٺ لاٿو. هيءَ ايئرپورٽ جي ٽيهين منزل
هئي. اسان ٻئي لفٽ وسيلي هيٺ پهتاسين. پائليٽ
چيمپينزي هڪ رانديڪن جي دڪان تي اچي بيهي رهيو. هن
ٻه خودڪار جهاز خريد ڪيا، جن تي چڙهي عموماً ٻار
هوا ۾ اُڏامندا آهن ۽ ٻيو به الائي ڪهڙا ڪهڙا
رانديڪا خريد ڪرڻ لڳو. آءٌ هن کي اتي دڪان تي ئي
ڇڏي اڳتي وڌي ويس.
بازار ۾ رش گهٽ هئي، آءٌ
Moon Stop کان ٿيندو سڌو
Eye
بازار ۾ آيس. چنڊ جي اسٽاپ تان ڪافي ماڻهو چنڊ کان
اچي ۽ وڃي رهيا هئا. موڪل جي باوجود رش نه ڏسي مون
کي حيرت ٿي.
آئي بازار ۾ مختلف قسمن جا اشتهار لڳل هئا. مثال: ”هتي
هر قسم جون اکيون دستياب آهن.“
”هتي اکيون آسانيءَ سان تبديل ڪيون وڃن ٿيون.“
”پنهنجي پسند جون اکيون لڳايو.“
”اليڪٽرانڪ اکيون لڳرايو.“ وغيره وغيره.
شوڪيس ۾ ڪيترن ئي قسمن جون اکيون پيل هيون. آءٌ اتان
کان ٿيندو سڌو بازار نمبر چوٿين ۾ پهتس. هتي به
انساني عضوا ملندا آهن ۽ ساڳئي نموني وڏن وڏن
بورڊن تي لکيل نظر ايندو.
”طاقتور ڦڦڙ ۽ دماغ لڳرائڻ لاءِ اسان سان رجوع ڪريو.“
”رت جو گروپ تبديل ڪرايو.“
”ٻانهون، ٽنگون ۽ ڌڙڪندڙ دل آسانيءَ سان دستياب آهي.“
آءٌ انهيءَ بازار مان ٿيندو هڪ بوٿ ۾ گهڙي ويس ۽ مريخ
جي لاءِ نمبر ملايم
picture plate
تي گهرواري مرڪندي نظر آئي.
”هيلو پيارا!“
”هيلو – خبرچار ڏيو توهان جو سفر ڪيئن رهيو؟“
”تمام بهترين، توهان حال احوال ڏيو.“
”بس ڪا خاص ڳالهه ته ناهي، رڳو ايترو چوڻو هو ته اڄ چنڊ
تان مهمان اچڻا آهن. جيڪڏهن ڪجهه کاڌي پيتي جون
شيون توهان اتان خريد ڪري موڪلي سگهو ته بهتر
ٿيندو.“
منهنجي گهرواري جي منهن تي مرڪ اچي ويئي.
”ها، اهي ته مون تقريباً چاليهه منٽ اڳ ۾ موڪلي ڇڏيون
آهن، هيستائين پهچي چڪيون هونديون ۽ مون کي توهان
کان اڳ ۾ روبوٽ ڪال ڪئي هئي ۽ چيو هو.“
”ٺيڪ. ڀلا امن ڪٿي آهي؟“
”امن ته ناناڻن سان ملڻ لاءِ زهره ڏي ويل آهي، هاڻي
موٽڻ وارو هوندو.“
”ها، ها، مون کي اڳي ئي شڪ هو ته هو ضرور ناناڻن سان
ملڻ لاءِ زهره ڏي ويندو ٺيڪ ٿيو – اوڪي.“
آءٌ ٻاهر نڪري آيس. وڏي بازار ۾ به رش نه ڏسي آءٌ حيران
ٿي ويس. سوچڻ لڳس ته آخر ڇا ڳالهه آهي جو شهر ۾ رش
ڪونهي؟
”نه اڄ سربراه جي تقرير آهي، نه ئي موسميات کاتي وارن
طرفان برسات وسائڻ جو پروگرام آهي، جيتوڻيڪ اڄ
موڪل جو ڏينهن به آهي.“
”هيلو‘“ منهنجي ڪلهي تي پويان کان ايندڙ ڪنهن شخص هٿ
رکي خيالن کي ٽوڙي ڇڏيو.
”هيلو.“ مون ڏٺو ته سربراه هو.
”توهان زمين جا ئي آهيو؟“ هن هلندي هلندي پڇيو.
”جي بلڪل، ڇو؟“
”مون سمجهيو ته توهان زهره کان آيا آهيو.“
”پر جيڪڏهن زهره کان آيل هجان ها ته به اجنبي ته نٿو
چئي سگهجان نه.“
”بلڪل ائين آهي، توهان صحيح آهيو.“
”توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“ مون پڇيو.
”في الحال ته ناشتي ڪرڻ جي موڊ ۾ آهيان، توهان به هلو
ته سامهون گڏجي هلي ناشتو ڪريون.“
”نه مهرباني! آءٌ اڳ ۾ ئي فل آهيان. جيڪڏهن چئو ٿا ته
ڪمپني ڪجي ٿي، مون کي به ڪجهه منٽ واندڪائي آهي.“
”مهرباني!“
اسان سامهون چوطرف گهمندڙ هوٽل ۾ گهڙي وياسين. روبوٽ
کان ٽوڪن وٺي مشين ۾ داخل ڪيوسين. انهيءَ گهڙي
مختلف قسمن جا بسڪيٽ، فروٽ، ڪافي، پيٽز وغيره
پلاسٽڪ باڪس ۾ نڪري آيا.
”هي فروٽ توهان ڪڏهن کاڌو آهي.“ هڪ ٽڪنڊو ميوو مون
ڏانهن وڌائيندي چيو. ڪنهن وقت ۾ اهو فقط مريخ ۽
زهره تي پيدا ٿيندو هو پر هاڻي پنهنجي پوري ڌرتي
تي تمام گهڻو ٿي سگهي ٿو.
”سربراه صاحب! مون هڪڙو تمام پراڻو ڪتاب پڙهيو، جيڪو
تمام آڳاٽو چيو وڃي ٿو. انهيءَ ۾ لکيل هو ته چنڊ
تي پهچڻ لاءِ ماڻهو جيڪي گاڏيون ٺاهيندا هئا، سي
به ايڏيون ته وڏيون هونديون هيون، جو انهن کي ٺاهڻ
لاءِ سالن جا سال لڳي ويندا هئا.“
”ها، بلڪل ائين هو.“ هو ناشتو ڪندو رهيو.
”ڪنهن وقت ۾ چون ٿا ته هن ڌرتيءَ تي تمام وڏا زلزلا
ايندا هئا، طوفان ايندا هئا، جبل ڦاٽي پوندا هئا،
گرمي ٿيندي هئي ته تمام گهڻي گرمي ۽ سردي ٿيندي
هئي ته بي انتها سردي. هر خطي جي پنهنجي موسم
هوندي هئي. ڇا اهو سچ آهي؟“
”بلڪل ائين هو.“
”ميڊيڪل جي تاريخ ۾ ته ڪئنسر، ايڊز، هارٽ اٽيڪ جهڙين
بيمارين جا نالا اچن ٿا جيڪي موتمار هيون ۽ هزارين
ماڻهو مري ويندا هئا، اهو به سچ آهي؟“
”ائين آهي محترم.“ سربراه چيو. انهيءَ دور جا ڊاڪٽر ته
جيئرن مريضن جي جسمن کي وڍي، ٽُڪي پوءِ آپريشن
ڪندا هئا. تصور ڪر ته جيئرن انسانن کي وڍڻ ٽُڪڻ
ڪيترو نه ڇرڪائيندڙ آهي.
”بس، بس، اڳتي نه چئو ڪجهه، مون کي ڊپ ٿو ٿئي.“ مون
چيو.
”پر توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته ڊاڪٽر ته انسانن کي
بچائڻ لاءِ ائين چيرڦار ڪندا هئا، پر ڪڏهن ڪڏهن ته
انسان هڪ ٻئي کي ماريندا هئا. توکي خبر آهي ته جنگ
لڳندي هئي ته ....“
”جنگ ڇا آهي؟“ مون سربراه جي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
”ڪنهن زماني ۾ هي پوري دنيا ائين حصن ۾ ورهايل هئي،
جيئن اڄڪلهه پنهجي ڪائنات. ڌرتيءَ تي مختلف ٽڪرن
کي ليڪي ملڪ چيو ويندو هو، هر ملڪ جو سربراه الڳ
هوندو هو. ملڪن جون حدون وڌائڻ ۽ بچائڻ لاءِ وڏيون
ويڙهون ٿينديون هيون...“
”ويڙه ڇا آهي سائين؟“ مون وري ڳالهه ڪٽيندي چيو.
”ويڙه ۽ جنگ هڪڙي معنيٰ رکندڙ لفظ آهن. سمجهو ته امن جو
ضد آهي جنگ يا ويڙه. شايد توهان تاريخ کان اڻواقف
پيا لڳو... ته انهن ويڙهن ۽ جنگين ۾ ماڻهو تمام
گهڻا ختم ٿي ويندا هئا.“
”جنگ ڪيئن ڪئي ويندي هئي سائين؟“
”هٿيارن سان. جن اوزارن ۽ مشينن سان جنگ لڙي ويندي هئي،
انهن کي هٿيار چئبو هو. بم هوندا هئا يا ميزائل،
ٽئنڪون وغيره انهن جا مختلف نالا هوندا هئا.“
آءٌ حيرت مان سندس منهن تڪڻ لڳس. هن کي تاريخ جي تمام
گهڻي ڄاڻ هئي. هو ناشتي کان فارغ ٿي چڪو هو. ”چڱو
دوست ڪنهن ٻئي موقعي تي ڪچهري ڪنداسين، اجازت.“ ۽
هو تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو. آءٌ ڪجهه وقت سوچيندو
رهيس ته انسان جو ماضي ڪيترو وحشيانه رهيو آهي ۽
تصور ئي تصور۾ جنگ جو نقشو چٽڻ لڳس، پر مون کي
مزائلن، بمن ۽ ٽئنڪن متعلق به خبر ڪونه هئي، تنهن
ڪري مون سوچڻ ڇڏي ڏنو ۽ ٻاهر نڪري پلاسٽڪ جي ٺهيل
رستي تي اچي بيٺس.
مون ڏٺو ته ڪجهه ماڻهو گڏجي چڱي خاصي ٽولي ۾ هڪ طرف وڃي
رهيا هئا. انهن جو رخ شهر جي انهيءَ ميدان طرف هو،
جتي ماهوار شهرين جي ڪانفرنس ٿيندي هئي يا چنڊ،
زهره ۽ مريخ تان آيل راندين جي ٽيمن جا مقابلا
زمين جي ٽيمن سان ٿيندا هئا. آءٌ سوچڻ لڳس ته ٿي
سگهي ٿو ته اڄ ڪا راند هجي ۽ آءٌ به انهن سان گڏ
هلڻ لڳس.
ميدان ۾ تمام گهڻي رش هئي. آءٌ شهر جي رستن تي ماڻهن جي
نه هئڻ واري ڳالهه هاڻي سمجهي ويس. تقريباً شهر جا
سڀ ماڻهو هتي گڏ ٿي چڪا هئا. مون پري کان ڏٺو ته
آخري ڇيڙي تي ٺهيل چبوتري تي ٽي شخص ٻيٺل هئا.
ماڻهن جي گهڻي رش سبب ميدان جي مختلف پاسن کان ۽
وچ ۾ ڪيتريون ئي پڪچر پليٽس لڳائي ڇڏيون ويون
هيون.
آءٌ انهن ٽنهي شخصن جي ويجهو پهچي ويس. واقعي اهي انسان
ئي هئا، پر انهن جي بناوت ڪجهه مختلف هئي. ٽنهي جي
پيرن ۾ چار چار آڱريون هيون ۽ هٿن ۾ به ساڳيو
تعداد هو. سندن هٿن جي ٽائپنگ آنڱري ننڍي هئي.
ٽنهي کي بدن تي وار هئا، ڪنن کي مٿان ڍڪ به هئا،
جيڪي چري پري نه پئي سگهيا. مٿي تي وار به هئا ۽
ٽنهي شخصن جا قد الڳ هئا.
هڪ شخص، جيڪو کاٻي طرف بٺيل هو، تنهن جو قد ٻن ٻين کان
ننڍو هو. سندس بدن هڪ ڪپڙي سان ڍڪيل هو. هُن جي
چئن آنڱرين وارا پير اگهاڙا هئا. هو هر هر هڪ ٽنگ
تي بيٺو ٿي ۽ ڪافي دير تائين بيهي سگهيو پئي. چئن
آنڱرين واري هڪ هٿ ۾ ڪنهن ڌاتو جي ٺهيل گول شئي
هئس، جيڪا پاڻي پيئڻ جي ڪم اچي سگهي پئي. هن جي نڪ
کان هيٺ وار به هئا ۽ ڳلن تي پڻ وار هئس.
ٻيو شخص جيڪو انهيءَ جي ڀر ۾ بيٺل هو، سو قد ۾ پهرئين
شخص کان ڪجهه وڏو هو. هن جي مٿي تي وڏو ڪپڙو
ويڙهيل هو، جنهن مان سندس ڊگها وار پويان کان نظر
اچي رهيا هئا. سندس اکيون قدري ننڍيون هيون. کيس
ٽنگن تي الڳ ڪپڙو ويڙهيل هو ۽ مٿئين حصي تي چمڙي
جو غلاف چڙهيل هو.
هن جي به نڪ ۽ مٿئين چپ جي وچ ۾ وار هئا ۽ هيٺئين چپ
کان هيٺ به وار ٽڪنڊي شڪل ۾ لڙڪيل هئا. هن جو رنگ
ڇوٽي قد جي ماڻهوءَ کان مختلف هو، پر نڪ ٻنهي جو
هڪجهڙو هو، سندس هڪ هٿ ۾ چمڪندڙ چهنبدار ڊگهي شيءِ
هئي، جيڪا هرهر هلائي رهيو هو.
ٽيون شخص ٻنهي کان قد ۾ ڊگهو هو. سندس ڳلن تي بلڪل ننڍا
ننڍا وار هئا، پر نڪ ۽ چپ جي وچ ۾ جيڪي وار هئس سي
وٽيل نظر اچي رهيا هئا. هن جو رنگ ڳاڙهو ۽ اڇو هو
۽ وارن جو رنگ به ڀورو هو. کيس سٺا ڪپڙا پاتل هئا،
ڪنن وٽ فقط سوراخن جي بجاءِ مٿان ڍڪ به هئس. هن جي
پيرن ۾ تمام سٺي جُتي نظر اچي رهي هئي، پر آنڱريون
صاف ظاهر ٿيو. سندس هٿ ۾ ڪتاب هو، اهڙو ئي پراڻو
جيڪو مون پڙهيو هو، ڊگهي منهن وارو هيءُ شخص بدن ۾
ڀريل هو.
آءٌ ٽنهي شخصن کي حيرت مان ڏسي رهيو هوس. ٽئي شخص
ڳالهائي نه پئي سگهيا. مون محسوس ڪيو ته انهن کي
به تمام گهڻي حيرت ۽ حيرانگي آهي. ڪجهه دير کان
پوءِ هڪ مِني ايئر بس سامهون عمارت جي ڇت تي آئي ۽
اعلان ٿيو:
”دوست! اسان هن مخلوق کي هتان کان وٺي وڃي رهيا آهيون. کين
سائنس جي انسٽيٽيوٽ ۾ داخل ڪري سندن حياتياتي ۽
نفسياتي جائزو وٺي ٽن ڪلاڪن ۾ انهن بابت توهان کي
انفارميشن بيورو معلومات فراهم ڪندو.“
سڄو مجموعو ٽٽي ويو ۽ آءٌ به هلندو اچي پنهنجي گاڏيءَ ۾
ويهي رهيس. مون کان اڳ ۾ پائليٽ چيمپينزي کوڙ سارن
خودڪار رانديڪن سان پهچي چڪو هو.
شام ۾ ڪافي دير هئي، بهرحال اسان جلدي جلدي گهر پهچي
وياسين. مون ڏٺو ته انفرميشن بيورو کي انهن ٽن
عجيب غريب شخصن متعلق معلومات ڏيڻ ۾ اڃا پوڻا ٽي
ڪلاڪ هئا.
پائليٽ چيمپينزي مون کي ڇڏي هليو ويو ۽ مون ڪافي وقت
آرام ڪيو ۽ اُٿي ڏٺم ته شام چڱي خاصي ٿي چڪي هئي.
مون کي تام گهڻو انتظار انهيءَ رپورٽ جو هو، جيڪو
سائنسي انسٽيٽيوٽ نشر ڪرڻ وارو هو. مون گهڙيءَ ۾
ڏٺو ۽ اندازو لڳايم ته هيستائين تحقيق يقيناً مڪمل
ٿي چڪي هوندي. انهيءَ اندازي دوران سائونڊ سيٽ مان
آواز اچڻ لڳو. ”هلو دوستو! سائنسي انسٽيٽيوٽ جي
تحقيق موجب ته اڄ جيڪي ٽي انسان نما جاندار هٿ آيا
هئا، اهي پنهنجي اداري وٽ بلڪل نارمل حالت ۾ آهن.
هيستائين جي تحقيق دوران انهن ٽنهي جو فضا مان
آواز ڳولي هٿ ڪيو ويو آهي. آواز جي ڪمپيوٽر انهن
آوازن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. هيستائين جي ڪوششن
مان انهن فقط پنهنجي ٻوليءَ ۾ نالا ٻڌايا آهن.
(پڪچر پليٽ تي هڪدم ننڍي قد واري شخص جي تصوير اچي
وئي) هي شخص پنهنجو نالو سقراط ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو
ته آءٌ عقل جو اڪابر آهيان.“
انهيءَ کان پوءِ ٻئي ڏاڙهي واري ننڍين اکين واري شخص جي
تصوير ظاهر ٿي.
”هن شخص پنهنجو نالو چنگيز خان ٻڌايو آهي ۽ خود کي وڏو
فاتح ٿو چوي.“
”دوستو! هي ٽيون شخص پنهنجو نالو شيڪسپيئر ٿو ٻڌائي ۽
وڏي اديب ۽ ليکڪ هئڻ جي دعويٰ ٿو ڪري.“
”دوستو! سندن ٻوليءَ کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ سائنسي
انسٽيٽيوٽ جو ڪمپيوٽر سيڪشن ڪوشش ۾ آهي، سڀاڻي
انهيءَ سلسلي ۾ ئي ماهر نفسياتدانن، تاريخدانن،
ٻوليءَ ۽ ادب جي ڄاڻن جو اجلاس ٿيندو. اعلان ختم.“
آءٌ هڪدم سوچ ۾ ٻڏي ويس ۽ پنهنجي چنڊ کان آيل دوستن جي
پهچي وڃڻ جو به احساس ڪونه ٿيم.
اُومر ۽ ماهو
بلوچ لوڪ ادب
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
ترتيب ۽ ڳولا: جميل زبيري
اُومر ۽ ماهُو، زمران جي علائقي جا رهندڙ هئا. هي
علائقو تربت شهر کان اٽڪل 65 ميلن جي مفاصلي تي
آهي. اُومر جي ماءُ، ماهُو جي ماسي هئي. ماهُو
ٻالڪپڻ ۾ ئي يتيم ٿي ويئي هئي ۽ سندس ماسيءَ کيس
نپايو هو. هن جي مرضي هئي ته ٻيئي ٻار وڏا ٿين ته
سندن شادي ڪرائي وڃي.
جڏهن اُومر وڏو ٿيو ته ماڻس کيس پنهنجي راءِ کان واقف
ڪيو، پر اُومر اها ڳالهه قبول نه ڪئي ۽ چيائين ته
ماهُو ڏاڍ گدلي رهي ٿي، انهيءَ ڪري هو ساڻس شادي
نه ڪندو ۽ اِهو چئي هو سنڌ ڏانهن هليو ويو.
انهيءَ ڳالهه کي ڪافي عرصو گذري ويو ۽ جڏهن کيس يقين ٿي
ويو ته هاڻي ماهُو جي شادي ٻئي ڪنهن هنڌ ٿي چڪي
هوندي ته هو هڪ دفعو پنهنجي علائقي ۾ موٽي آيو.
جيئن ته هو گهڻي وقت کان پوءِ واپس موٽ:و هو،
تنهنڪري کيس ملڻ لاءِ ڪيترائي مٽ مائٽ اچي گڏ ٿيا.
انهيءَ زماني جي رواج پٽاندر سندس مائٽياڻيون رَئي
سان هٿ ڍڪي، سندس هٿ جهلي چمي رهيون هيون. انهن
عورتن ۾ ماهُو به شامل هئي. هوءَ به پنهنجو هٿ
رَئي ۾ ڍڪي، جڏهن اوُومر جو هٿ چمڻ لڳي ته اُومر
کيس غور سان ڏٺو. هاڻي هوءَ سامائجڻ کان پوءِ ڏاڍي
سهڻي ۽ ٺاهوڪي ٿي پيئي هئي ۽ وقت سندس سونهن کي
هيڪاري وڌائي ڇڏيو هو. اومر کي نه سڃاڻي سگهيو. پر
سندس سونهن کان ڏاڍو متاثر ٿيو. هن سندس ماءُ کان
هن جي باري ۾ پڇيو، جنهن کيس ٻڌايو ته هيءَ اهائي
ماهُو آهي، جنهن کي تون ٺڪرائي هليو ويو هئين ۽
هاڻي سندس شادي ٿي چڪي آهي. اها ڳالهه ٻڌي پاڻ
ڏاڍو پڇتايائين.
اُومر پهرين ئي نظر ۾ دل جو سودو ڪري چڪو هو. هو اڪثر
سندس گهر کيس ملڻ لاءِ ويندو هو، پر ماهُو جي سس
کي اُومر جو هن طرح بار بار اچڻ ۽ ماهُو سان ملڻ
بنهه نه وڻندو هو. تنهنڪري ماهُو جي سس آهستي
آهستي پنهنجي پٽ جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا ۽ ڏسندي ڏسندي
ماهُو جي مڙس جو شڪ يقين ۾ بدلجي ويو.
ماهُو جا ست ڀائر هئا، تنهنڪري ماهُو جي سس ۽ مڙس گڏجي
ماهُو جي ڀائرن جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا ۽ کين ماهُو ۽
اُومر جي خلاف ڏاڍو ڀڙڪايو ۽ ٻنهي جي باري ۾ طرحين
طرحين جون ڳالهيون ۽ سندن محبت جو قصو پوري علائقي
۾ مشهور ڪري ڇڏيو. شروع شروع ۾ ماهُو جي ڀائرن
انهن ڳالهين تي يقين نه ڪيو، پر جڏهن ڳالهه پوري
علائقي ۾ ڦهلجي ويئي ۽ سڀني ماڻهن ۾ انهي ڳالهه جو
چرچو ٿيڻ لڳو، ته اهو سندن غيرت جو سوال بنجي ويو.
انهيءَ ڪري هنن فيصلو ڪيو ته هن زلت ۽ بدنامي کان
بهتر آهي ته هو پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏين.
تنهنڪري هنن ماهُو جي مڙس کي پاڻ سان ملائي ورتو ۽
هڪ ڏينهن سڀني گڏجي ماهُو کي قتل ڪري ڇڏيو.
هاڻي هنن اُومر کي به قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر اُومر
کي سندن منصوبي جي خبر پئجي ويئي. انهيءَ ڪري هن
سندن مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
بليده وٽ، کليل ميدان ۾ ٻنهي ڌرين ۾ ٿيو، جنهن ۾ اُومر
ڏاڍي بهادري ڏيکاري. هن مقابلي ۾ ماهُو جا پنج
ڀائر ۽ مڙس به مارجي ويا ۽ ان سان گڏوگڏ اُومر به
وڙهندي مارجي ويو. اڄ به اُومر ۽ ماهُو جون قبرون
تربت شهر کان اٽڪل سَتر ميل پري اُومري ڏن نالي
ميدان ۾ موجود آهن ۽ سندن داستان کان هر بلوچ واقف
آهي. |