هڪ دفعي مون کي فون ڪيائين ته ”ابا، ڪالهه گربخشاڻيءَ
جي رسالي ۾ هڪ بيت پڙهيم ته
هو جي جرڪًا آب تي،
سي تان سڀ حباب.
انهيءَ ڳالهه منجهائي وڌو. سوچڻ لڳس ته جيڪي جرڪي ويا
سي ته ٿيا سڀ حباب، پر جيڪي هاڻي پيا جرڪن، تن
بابت لطيف جي فتوا ڪهڙي آهي؟
مسئلي کي سمجهڻ لاءِ بمبئيءَ وارو ڇاپو کوليم. اڳي ڪاتب
نون جي بدران ٻه زيرون يا ٻه پيش يا زيريون ڏيندا
هئا. مثلاً کين جرڪن لکڻو هوندو هو ته جرڪا لکي
الف جي مٿان ٻه زبرون ڏيئي ڇڏيندا هئا. بمبئيءَ
واري ڇاپي ۾ بيت صحيح نموني ۾ ائين ئي لکيل هو، پر
گربخشاڻيءَ کان پڙهڻيءَ ۾ ڀل ٿي هئي. صحيح بيت
هيئن هو:
هو جي جرڪن آب تي،
سي تان سڀ حباب.
جڏهن اتي صحيح بيت پڙهيم، تڏهن مونجهه لٿم ۽ اطمينان
ٿيم ته لطيف جي فتوا هر دور ۾ صحيح آهي.
انهيءَ زماني ۾ ايوب خان ملڪ ۾ جرڪي رهيو هو. مٿس علامه
صاحب جي رنجش جو سبب اهو چيو وڃي ٿو ته مارشل لا
جي لڳڻ کان ترت پوءِ هڪ فوجي عملدار يونيورسٽيءَ ۾
آيو ۽ رجسٽرار سان تيزيءَ سان ڳالهايائين. علامه
صاحب کي جڏهن اها خبر پئي ته هيئن هڪ فوجيءَ
يونيورسٽي جهڙي مقدس اداري جي توهين ڪئي آهي، تڏهن
پاڻ احتجاج طور وائيس چانسيلر جي عهدي تان استعيفا
ڏيئي ڇڏيائين.
جيڪي ماڻهو علامه صاحب جي مزاج کان واقف هئا، تن لاءِ
اها ڪابه حيرت جي ڳالهه ڪانه هئي. کين خبر هئي ته
علامه صاحب ڪيڏو نه خوددار ۽ ڪيڏو نه حساس انسان
هو.
هڪ دفعي مون کي فون ڪيائين ته ”ابا، رات سمهي ڪونه
سگهيو آهيان.“ جڏهن مون سبب پڇيو، تڏهن ٻڌايائين
ته ”ابا، منهنجي ماءُ جي زبان تي سدائين سبحان
الله جو اسم هوندو هو. ڪالهه اخبار ۾ پڙهيم ته
کاتي ۾ هڪ هوٽل کلي آهي، جنهن جو نالو رکيو اٿن.
”سبحان الله هوٽل.“ ڪو وڃي نڀاڳن کان پڇي ته هوٽل
۾ ماڻهو ڇا نٿو ڪري، ٻيڙي ڇڪي ٿو، ٿڪ ڦٽي ڪري ٿو.
هاڻي انهيءَ ناپاڪ جاءِ جو نال ٿيو ”سبحان الله
هوٽل“.
ٻئي دفعي ڳالهين ڪندي مون سان مهانگائيءَ جو ذڪر ڪيائين
۽ چيائين ته ”ابا، ڪڪڙ جا آنا ايڏا ته مهانگا ٿي
ويا آهن، جو اسان ته اهي خريد ڪري نٿا سگهون.“ مون
سمجهيو ته مس مس قدرت مون کي علامه صاحب جي خدمت
جو موقعو ڏنو آهي، سو هڪدم مارڪيٽ مان ڪڪڙَ ۽ ڪڪڙِ
گهرائي، سندن بنگلي تي موڪليم ۽ نوڪر کي چيم ته
اهي تازا آنا ڏيندا.
ٻئي ڏينهن پاڻ فون ڪيائين ته ”ابا، هي نڀاڳا ڪڪڙِ ۽
ڪڪڙَ سڄو ڏينهن ٿا هڪٻئي کي ٺونگا هڻن، سو هڪ هڪ
پاڻ وٽ جهليان ٿو ۽ ٻيو توکي موڪلي ٿو ڏيان.“ ٻن
ٽن ڏينهن کان پوءِ ٻيو به موڪلي ڏنائين ته ”هت اَن
ئي نٿو چڳي.“
مان سمجهي ويس ته اصل ۾ پاڻ ڪنهن جو ڪوبه ٿورو کڻڻ نٿو
گهري. ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته (مرحوم) محمد اسماعيل
نون جي فون آئي. چي، ”رباني پنهنجو ڪم به خراب
ڪيئي، منهنجو به.“ مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
تڏهن چيائين ته علامه صاحب ڪڪڙ جي آنن جي شڪايت
مون سان به ڪئي هئي. مان ڪراچيءَ ۾ ويس ۽ هڪ
ولايتي ڪڪڙ ورتم، جا روز آنو ڏيندي آهي. جڏهن سندس
بنگلي تي موڪلي ڏنم، تڏهن موٽائي موڪليائين ته
”ويچاري رباني به قرب ڪيو هو، پر ابا اسان کان ڪڪڙ
ڪٿي ٿا سنڀاليا ٿين.“
ٻئي ڀيري مون کي چيائين ته، ”ابا، ڪڪڙ ٿي ويا آهن
مهانگا. جمعي جمعي ڏينهن گوشت بند ٿئي ٿو، سو نوڪر
کي ڏهه آنا ڏيندا آهيون ته بزار مان پاريهر وٺي،
رڌي اسان کي کارائي. ڪالهه بنگلي جي پويان جو وڃان
ته نم جي وڻ هيٺان هڪ ڪانءُ مئو پيو آهي، پر پيٽ
جو گوشت اٿس ئي ڪونه، سو ڀايان ٿو ته جمعي جمعي
ڏينهن نوڪر اسان کان ڏهه آنا وٺي وجهي ٿو کيسي ۾،
۽ ڪانءُ ڪهي اسان کي کارائي ٿو ڇڏي.“
اها ڳالهه ٻڌي، مان وائڙو ٿي ويس. کيس اطمينان ڏيارڻ
لاءِ چيم ته ”سائين، ڪانءُ اهڙو ته چالاڪ پکي آهي،
جو نوڪرن کي وٺڻ ئي ڪونه ڏيندو.“ پر دل ۾ سوچڻ لڳس
ته جينيس (غير معمولي ڏاهي) ۽ سادي ماڻهوءَ جي سوچ
۾ واقعي هڪ پردي جو فرق مس ٿئي ٿو.
هڪ دفعي سندس اهليه چيو ته، ”اسان جي نوڪر کي متان سادو
سمجهين. ڇا ڪندو آهي جو سڻيءَ مان منهنجي رٻڙي
بوٽن ۾ سوراخ ڪري ڇڏيندو آهي ته مان شام جو پائي
گهمان ته ڪنڊا چڀن ۽ سمجهان ته بوٽ پراڻو ٿي ويو
آهي ته جيئن کيس پائڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيان. پر مان به
چالاڪ آهيان، چوندي آهيانس ته جيڪو ٻئي جو بوٽ
پائيندو، سو مري ويندو.“
ٻئي دفعي سندس اهليه مون کي چيو ته ”بوٽ پائڻ ۾ مون کي
هل ’نيل‘ ڏاڍي تڪليف ٿو ڏئي.“ اسان جي گفتگو
انگريزيءَ ۾ ٿيندي هئي. انگريزيءَ ۾ ’نيل‘ ڪوڪي کي
چوندا آهن، سو مون سمجهيو ته بوٽ ۾ ڪوڪو آهي، جو
پير ۾ ڇڀيس ٿو، سو کيس چيم ته، ”اوهان موچيءَ کان
’نيل‘ ڪڍرائي ڇڏيو.“ هوڏانهن هن کي ڪا ننهن جي
تڪليف هئي، انگريزيءَ ۾ نينهن کي به ’نيل‘ چوندا
آهن، سا ڳالهه ٻڌي علامه صاحب کي ٺوٺ هڻي چوڻ لڳي
ته، ”هن ڏي نهار، مون کي ٿو چوي ته موچيءَ کي
گهرائي، پنهنجو ننهن ڪڍائي ڇڏ.“
علامه صاحب ان زماني ۾ غالباً اسي ورهين کان مٿي هو، پر
تازو توانو لڳندو هو. مون کي چيائين ته ”ابا، الله
ڪيو آهي ته منهنجي چهري جي رونق ڪڏهن به ختم نه ٿي
آهي.“ حقيقت به ائين هئي. پر، سندس اهليه ستر
ورهين جي هوندي به صفا ضعيف ٿي ويئي هئي. ٻنهي جي
پاڻ ۾ ايڏي ته محبت هئي جو پرن ڪيو هئائون ته
اولاد پيدا نه ڪنداسون ته متان اسان جي سڪ ۾ ڪمي
اچي. زندگيءَ جا چاليهه ورهيه گڏ گذاريا هئائون.
ولايت ۾ گڏ، هت به گڏ، بنگلي ۾ ٽيون ماڻهو رهڻ
ڪونه ڏنائون، توڙي ڪيڏو به ويجهو عزيز هجي. بيڊ
روم ۾ سندن پلنگ هڪٻئي سان لاڳيتو رکيل هوندا هئا.
ڊرائنگ روم ۾ وهڻ جا هنڌ مقرر هوندا هئا. ڊائننگ
ٽيبل تي ڪرسيون آمهون سامهون رکيل هونديون هيون.
کاڌي جي وقت نوڪر اطلاع ڏيڻ لاءِ مقرر ٽائيم تي
گهنڊ وڄائيندو هو. سندس رهڻي ڪهڻي ۽ پوشاڪ انگريزي
طرز جي هوندي هئي. علامه صاحب جي اهليه ڊگهو فراڪ
پائيندي هئي. علامه صاحب ٿري پيس سوٽ پائيندو هو ۽
بٽر فلاءِ ڪالر لڳائيندو هو. ٻاهر نڪرندو هو ته
مٿي ۾ فليٽ هئٽ وجهندو هو.
جڏهن ڪو ملاقاتي ايندوهو ته ڏينهن جو ڊرائننگ روم ۾، ۽
شام جو صحن ۾ وهندو هو. چانهه جي وقت علامه صاحب
کيس پليٽ هٿ ۾ ڏيئي، هڪ ننڍي پيتي اڳيان جهليندو
هو، جنهن ۾ برفيءَ جون ننڍيون ننڍيون ٽڪيون رکيل
هونديون هيون. ان کان پوءِ پيسٽري پيش ڪندو هو، ان
کان پوءِ هڪ گول ٽپائيءَ تان چانهه ٺاهي کڻي ايندو
هو، جنهن تي چانهه جو ڇڙو الزام هوندو هو. گرم
پاڻيءَ ۾، گرم کير ۽ کنڊ مليل هوندا هئا. پر مون
جهڙو مسڪين ماڻهو ۽ اولهه پاڪستان (هاڻوڪي
پاڪستان) جو نواب مشتاق احمد گرماڻيءَ جهڙو گورنر
به ان چانهه کي تبرڪ سمجهي سڪ سان پيئندو هو. مون
گرماڻي صاحب جا اهڙا گهڻا قصا ٻُڌا آهن. گرماڻي
صاحب کي بجا طور علامه صاحب جي عقيدتمندن ۾ شمار
ڪري سگهجي ٿو.
مانيءَ جي دعوت جو اعزاز فقط بروهي صاحب جي قسمت ۾
هوندو هو، سا به سادي مثلاً قيمو مٽر. هڪ دفعي
سندس اهليه چيو ته، ”رباني، اڄ رات جي ماني اسان
سان گڏ کائي.“ علامه صاحب وراڻيو ته، ”پر، ڊارلنگ،
کائڻ لاءِ آهي ئي ڇا.“ مون ٻڌو ته پاڻ ڪڏهن ڪڏهن
ڪچن زيتونن ۽ صوفن جو ٻوڙ رڏائي کائيندا هئا.
بروهي صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته علامه صاحب پنج
وقت نماز پابنديءَ سان پڙهندو هو ۽ تهجد لاءِ به
اٿندو هو. ممڪن آهي ته حقيقت به ائين ئي هجي. پر
مان هڪ ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. هيڪر علامه
صاحب وٽ ويٺا هئاسون، جو مغرب جي نماز جو وقت ٿي
ويو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب علامه صاحب
کان وضوءَ لاءِ پاڻي ۽ مصلو گهريو. علامه صاحب پاڻ
اٿيو، پاڻيءَ جو ڪئنرو ڀري آڻي، محترم قاسي صاحب
کي ڏنائين ۽ مصلو وڇايائين. پاڻ وري اچي اسان سان
گڏ ويٺو
(1).
ٻي ڳالهه محمد حسن ڀٽي صاحب کان ٻڌي اٿم. هڪ دفعي
يونيورسٽيءَ ۾ ڪانفرنس هئي، علامه صاحب صدارتي
خطاب ڪري رهيو هو ۽ سندس زبان مان قرآن ڪريم جون
آيتون نڪري رهيون هيون، جو اذان جو آواز آيو.
سامهون واريءَ صف مان هڪ بزرگ نماز لاءِ اٿيو.
علامه صاحب وچ تقرير مان ڏانهس نهاري جلالي انداز
۾ چيو ته، ”هنن احمقن کي ڏسو. هي نماز لاءِ وڃي
رهيا آهن، ڄڻ ته هيءَ نماز ناهي.“ علامه صاحب جا
اصل اکر هي هئا:
“Look at these Fools. They are going for prayer
as if this is not a prayer.”
مون سان ڪن ماڻهن ڳالهه ڪئي ته علامه صاحب پابنديءَ سان
نماز پڙهندو هو، پرات جي تنهائيءَ ۾ بعضي بعضي ته
اڌ اڌ رات ۽ اسر تائين لاڳيتو پڙهندو هو. اها
ڳالهه منهنجي دل کي به لڳي ٿي. پاڻ دل جي حضور سان
نماز پڙهڻ جو قائل هو. بقول ڀٽائي:
جان جان پسين پاڻ کي،
تان تان ناهه نماز،
سڀ وڃائي ساز،
تهان پوءِ تڪبير چئه.
بظاهر اهي ڳالهيون عقل جي خلاف لڳن ٿيون، پر علامه صاحب
به ته جڳ کان نرالو انسان هو. رڳو زندگيءَ متعلق
نه پر موت متعلق پڻ سندس نظريو منفرد هو. هڪ دفعي
مون کي هڪ عجيب خواب ٻڌايائين.
چي: ”لنڊن ۾ پنهنجي گهر ستو پيو هئس. ننڊ ۾، فيروز نانا
وارن جي هڪ عزيزه کي خواب ۾ ڏٺم. هڪ هٿ ۾ ڊگهي
ڪاري پيتي ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪپڙن جي هڙ هئس. چوڻ ڳلي ته
وڃي رهيس هئس، سو خيال آيم ته ايلسا کان به
موڪلائيندي وڃان. ننڊ مان اٿيس ته خيال ٿي بيٺو،
سو فيروز نانا وارن کي خط لکي موڪليم، جواب ڏنائون
ته برابر فلاڻي ڏينهن مائي گذاري ويئي. ڇهن مهينن
کان پوءِ ڪراچي آيس ته کيس تعزيت ڏيڻ ويس.
ٻڌايائون ته ڪئنسر ٿي پئي هئس، سو بمبئيءَ کڻائي
ويس. اتي سندس ٻانهن ڪپي ڇڏيائون. پر کيس وهم ٿي
پيو ته هيءَ ٻانهن منهنجي جسم جو حصو آهي، سو ڌار
ڪيئن ڪريان. ان تي ڊاڪٽرن ٻانهن کي سُيون هڻي
سڪائي ڇڏيو. پوءِ اها ٻانهن هڪ ڪاري پييتءَ ۾
وجهي، ساڻ کنيون، گهمندي وتندي هئي.“
ٻيهر ڳالهه ڪيائين ته ”احمد فقير ٿيٻو هوندو هو، جنهن
مون کي ننڍپڻ ۾ تصوف جا پهريان پهريان سبق ڏنا. هت
پليگ پيئي، مون لنڊن ۾ کيس خواب ۾ ڏٺو ته هڪ پائيپ
مان منهن ڪڍي، مون کي ڏسي، وري پائيپ اندر هليو
ويو. مون ڳوٺ خط لکيو ته اطلاع آيو ته فقير صاحب
پليگ ۾ فوت ٿي ويو.“
پنهنجي اهليه جي وفات کان پوءِ، هڪ دفعي مون کي چيائين
ته ”مون اسان جي وچ ۾ رڳو هڪ پردو آهي. روزانو
مانيءَ جي ميز تي سندس پليٽ ائين ئي رکبي آهي،
جيئن اڳي رکبي هئي ۽ سندس سمهڻ لاءِ بسترو به نوڪر
ائين ئي پڇائيندو آهي، جيئن اڳي وڇائيندو هو.“
علامه صاحب ائين سمجهندو هو ته وفات کان پوءِ سندس
اهليه جو روح ساڻس گڏ کاڌي جي ميز تي وهي ٿو ۽ رات
جو بيڊم روم ۾ پنهنجو بسترو والاري ٿو. روحانيت
جون ڳالهيون روحانيت وارا ڄاڻن. عام خيال بهرحال
اهو ئي هو ته علامه صاحب پنهنجي اهليه جي وفات کان
پوءِ ويڳاڻو ٿي پيو*
.
بعد ۾ جيڪو عرصو زنده رهيو سو بخت ذهني ڪشمڪش ۾
گذاريائين. هيڏي ساري بنگلي م اڪيلوئي اڪيلو رهندو
هو. نوڪر سنجها ويل ماني کارائي هليو وڃي، پوءِ
ڳالهائڻ وارو ڪير ڪونه. ملاقاتين جو تعداد گهٽبو
ويو. ڏينهن جو ڪو ملاقاتي آيو نه آئي جهڙو.
يونيورسٽيءَ جا جمعي جمعي ڏينهن وارا ليڪچر ڪڏهوڪا
بند ٿي چڪا هئا. مشغولي ڪا ڪانه رهي هئي. ڄڻ ته
دنيا جا دروازابند ٿي چڪا هئا.
هڪ اهو زمانو هو، جو پاڻ جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ هو ته سندس
چوطرف ماڻهن جا ڪڻڪ هوندا هئا. سندس وقار ايڏو ته
بلند هوندو هو، جو جڏهن پاڻ آفيس مان ٻاهر نڪرندو
هو ته چوطرف خاموشي ٿي ويندي هئي. آفيس جي ڏاڪڻ
تان هيٺ لهندو هو، ته پٽيوالو ۽ ننڍا نوڪر ته
ٺهيو، پر وڏا وڏا عملدار، جيڪي جتي هوندا هئا، اهي
اتي تيسين پٿر جا بت بنجي ويندا هئا، جيسين علامه
صاحب پنهنجي گهوڙي گاڏيءَ ۾ ويهي گهر روانو نه ٿي
ويندو هو. پاڻ ڪڏهن به موٽر استعمال نه ڪيائين،
چوچاڪيءَ گهوڙي گاڏيءَ ۾ گهران ايندو ويندو هو.
سادگي پسند هو. سندس آفيس يا گهر جي ڪنهن به ڪمري
۾ ايئرڪنڊيشنڊ ڪونه هوندا هئا. يونيورسٽيءَ ۾ فرش
تي گلمن ۽ غاليچن بدران تڏن وڇائڻ جو رواج وڌائين.
غالباً سندس ذهن ۾ پس پرده سنڌي ڪلچر جي روايتن جو
خيال هو. سنڌ جي درسگاهن ۾ اڳي تڏن تي درس تدريس
جو ڪم ٿيندو هو.
انگريزن جي ڏينهن ۾ آفيس جا پٽيوالا ڳاڙهي رنگ جي ڪپڙي
جو ڪمر پٽو چيلهه کي ٻڌندا هئا. علامه صاحب ان جي
جاءِ تي ٺٽي جي لونگي رائج ڪئي. لونگيءَ جو
رنگارنگي ڪمر پٽو چيلهه تي ڏاڍو ٺهندو هو.
کيس سنڌ سان سخت محبّت هوندي هئي. در محمد ناريجو صاحب
ٻڌائيندو هو ته علامه صاحب سنڌين جون ڏاڍيون
دانهون ڪندو هو. چوندو هو ته ”هي ويهينءَ صديءَ ۾
ڪيئن ڪندا؟ نه صنعت ۾، نه تجارت ۾، نه وري منجهن
قومي ايڪو ۽ اتحاد. اٽلندو هڪٻئي لاءِ حسد.“ ٿڌو
ساهه ڀري چوندو هو ته ”ابا، هي آخر وڃي ڳوٺ
وسائيندا ۽ ٻهراڙين مان کير مکڻ آڻي شهري ماڻهن کي
پهچائيندا.“
افسوس آهي ته پاڻ جنهن سنڌ سان سڄي عمر عشق ڪيائين،
انهيءَ سنڌ کيس جيئري ئي وساري ڇڏيو. پاڻ سنڌ جو
شان هو ۽ عمر جي انهيءَ حصي ۾ هو، جڏهن سنڌ جيڪر،
کيس ٽيڪسپيئر جي لفظن ۾ (Love
Honour & Troops of Friends)
جو نذرانو پيش ڪري ها. پر، اها سنڌ ڪڏهوڪو سمهي
پيئي هئي ۽ علامه صاحب اڪيلو ئي اڪيلو جاڳي رهيو
هو.
انهيءَ ڏکوئيندڙ صورتحال کي سمجهڻ لاءِ ڪي بنيادي
حقيقتون ذهن نشين ڪرڻيون پونديون. هي عالم اسباب
آهي. هيءُ سبب ۽ نتيجي جو جهان آهي. علامه صاحب کي
اولاد ڪونه هو جيڪو عمر جي آخري حصي ۽ تنهائيءَ ۾
سندس سهارو ٿئي. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته رت
پاڻيءَ کان گهاٽو آهي. قدرت جو اهو نظام آهي ته
جيڪا ڇڪ رت کي اچي ٿي، اها ٻئي کي نٿي اچي. چون ٿا
ته حيدرآباد ۾ هڪ دفعي پاڻ ۽ سندن اهليه بيمار ٿي
پيا. اهو ڌي سندس همشيره چوائي موڪليو ته، ”مان
اوهان ٻنهي جي خدمت لاءِ اوهان وٽ اچي رهان.“
علامه صاحب انگريزي رهڻي ڪهڻيءَ تي هريل هو، تنهن
ورندي موڪليس ته ”ڀيڻ، اسان وٽ توهان لاءِ جدا بيڊ
روم ڪونهي.“ سندس همشيره چيو ته ”ادا، مان بيڊ روم
ڪاڏي ڪنديس، مون کي ته اوهان جي خدمت ڪرڻي آهي.
رات جو ڪنهن ڪنڊ پاسي سان غاليچي تي آهلي پونديس.“
پر علامه صاحب کي اها ڳالهه پسند ڪانه آئي. هو
نهايت نازڪ مزاج ۽ نفاست پسند انسان هو.
سنڌ جا اهل دل ماڻهو بيشڪ علامه صاحب جا عقيدتمند هئا،
پر سندن عقيدت جي باوجود علامه صاحب اڪيلو ئي
رهيو. ائين ٿي نه سگهيو ته سندن معتقدن جو ڪو وڏو
حلقو ڀٽائيءَ وانگر سندن اردگرد رهي. چون ٿا ته
لنڊن ۾ ويهن – پنويهن ورهين جي رهائش دوران ڪنهن
”جمعيت“ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين، پر اها ڳالهه ڪا
خاص شڪل وٺي ڪانه سگهي. سنڌ ۾ موٽي اچڻ ۽ سنڌ
يونيورسٽيءَ کي سنڀالڻ بعد به شايد کيس اهڙو ڪو
خيال ذهن ۾ هو، پر ڪن نالائق ماڻهن جي هلڪيءَ
سلڪيءَ نڪته چينيءَ تي ناراض ٿي اهو خيال لاهي
ڇڏيائين. هن ڪميڻيءَ دنيا ته پيغمبرن کي به ڪونه
بخشيو هو. اڳين جا احوال اڳي ٿيا، پر پيغمبر اسلام
جي زندگيءَ جو هر واقعو ته رڪارڊ ٿيل آهي. ٻيون
ڳالهيون سڀ ڇڏيو، رڳو طائف جو واقعو ڪيڏو نه
ڏکوئيندڙ آهي. ابوجهل ۽ ابولهب ڪير هئا؟ ابوسفيان
مڪي جي فتح کان اڳ رسول الله صلعم سان ڪهڙو سلو
ڪيو هو؟ امير معاويي علي رضه سان ڪهڙي پاليسي
اختيار ڪئي؟ سندن پٽ يزيد امام حسين سان ڪربلا ۾
ڪهڙو ڪم ڪيو؟ ڇا اها حقيقت ناهي ته بدر ۽ احد جي
جنگين ۾ رسول الله صلعم کي پنهنجن ئي مٽن مائٽن
سان وڙهڻو پيو هو؟ سچ کي سولائيءَ سان ۽ سڌو سنئون
ڪهڙي دور ۾ تسليم ڪيو ويو آهي!
دراصل علامه صاحب جي نازڪ مزاجي هڪ وڏو مسئلو هئي. سندس
مغربي زندگيءَ واريءَ رهڻي ڪهڻيءَ معاملي کي
هيڪاري سنگين بنائي ڇڏيو هو. هو ننڍي هوندي کان ئي
لاڏ ڪوڏ سان پليو هو. سندس وفات کان ستت پوءِ، مون
وٽ هندستان مان سندس هڪ هندو دوست جو خط آيو هو،
جيڪو هن پنجاهه سٺ ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ علامه
صاحب جو ڪتاب
Casual Peeps at Sophia
پڙهي انهيءَ اُميد سان بورڊ جي
ائڊريس تي موڪليو هو ته ائين علامه صاحب کي ملي
ويندو. خط ۾ لکيو هئائينس ته ”توکي ياد آهي ته
جڏهن پاڻ اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئاسون ته تون سڄي
ڪلاس ۾ سڀني کان عمدو لباس پائي ايندو هئين؟ اها
ڳالهه علامه صاحب جي ننڍي هوندي جي پرورش جي
نشاندهي ڪري ٿي. علامه صاحب پاڻ مون کي ٻڌايو هو
ته سندس والد مرحوم امام علي قاضيءَ جي اها ڪوشش
هوندي هئي ته ”منهنجي پٽ جي بزاري ڇوڪرن سان سنگت
نه ٿئي. مون کي هڪ شخص (آخوند عبدالعزيز) اسڪول
ڇڏي ويندو هو ۽ پڙهائي پوري ٿيڻ تي واپس وٺي ويندو
هو.“
اهڙيءَ ريت علامه صاحب جي ننڍپڻ تي نگاهه ڪبي ته هو
گوتم ٻڌ وانگر شيشي جي محلات ۾ پلجي وڏو ٿيو هو.
هيءَ دنيا اهڙن نازڪ ۽ نفيس شهزادن لاءِ ڏاڍو ڏکيو
ماڳ ۽ مڪان آهي. هت ته وک وک تي ڪنڊا چڀن ٿا ۽
انهن کي هٽائي پنهنجي لاءِ رستو ڪڍڻو پوي ٿو، پر
اها ڳالهه علامه صاحب جي مزاج جي خلاف هئي. هو سنڌ
جي روايتن وانگر سچو صوفي هو، جو توڪل جو قائل هو.
ويس پڄيس ها ته شاهه ڪريم وانگر روزانو رات جو
پاڻيءَ جا گهڙا به خالي ڪرائي سمهي ها. حيدرآباد ۾
سمورو عرصو ڪرايي جي گهر ۾ رهيو، جنهن ۾ سالن جا
سال فرنيچر به ڪرائي جو پيل هوندو هو. دوستن جي
اصرار تي لطيف آباد ۾ هڪ گهر ٺهرايائين، پر ان ۾
هڪ ڏينهن به ڪونه ويٺو. هڪ دفعي مون کي چيائين ته
”ابا، مون سڄي عمر ائين گذاري آهي، جو هن دنيا مان
اڄ اٿي وڃڻو پويم ته ڪابه دير نه لڳيم.“ ۽ آخر اهو
ڏينهن اچي پهتو.
پوين ڏينهن ۾ پاڻ غزاليءَ ۽ ڀٽائيءَ جا مثال ڏيندو هو،
جن ان پاڻي ڇڏي ڏنو هو. چوندو هو ته ”جڏهن غزاليءَ
جي وصال جو ڏينهن آيو ته چيائين ته ادي يمن مان
جيڪو ڪفن آندو هو، اهو کڻي اچو. ڪفن آڻي ڏنائونس.
مٿان وڌائين، ڪم ختم.“
ڀٽائيءَ لاءِ چوندو هو ته ”پوين ڏينهن لاءِ سندس سڀني
سوانح نگارن جو چوڻ آهي ته کاڌو ڇڏي ڏنائين. فقيرن
کي رات ڏينهن راڳ جو حڪم ڏنائين ۽ پاڻ کي حجري ۾
بند ڪيائين. اٺين پر ٻاهر نڪرندو هو. رکو سڪو گرهه
وڌو نه وڌي جهڙو، پاڻي ڍڪ پي، حجري ۾ گهرندو هو ۽
در بند ڪندو هو. هڪ ڀيري جڏهن ڏينهن پهر پئجي ويو
۽ پاڻ ٻاهر نه نڪتو، ته فقيرن حجري جو در ڀڳو.
اندر وڃي ڏسن ته سندن روح جو پکيئڙو ڪڏهوڪو پرواز
ڪري چڪو آهي.“
انهن ڏينهن ۾ علامه صاحب ڀٽائي صاحٻ جي انهيءَ ڪافيءَ
جو به بار بار حوالو ڏيندو هو. جنهن ۾ فرمايو اٿس
ته:
”نڪي تقاوت ۾، نڪي منجهه رباب،
ڪهڙي منجهه حساب،هئڻ منهنجو هوت ري.“
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ مقدمه لطيفيءَ ۾ هڪ هنڌ ڏاڍو سهڻو
جملو لکيو آهي ته، ”شاهه جي حياتيءَ جي جدول هاڻي
سالن ۽ مهينن تان لهي، اچي هفتن ۽ ڏينهن تي بيٺي
آهي.“ علامه صاحب جي معاملي ۾ به اهائي حقيقت ڪار
فرما ٿي. پوين ڏينهن ۾ پڇائون ڪندو هو ته ”جيڪڏهن
ڪا مشين پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏي ته پوءِ ان کي
قائم رکڻ مان ڪهڙو فائدو آهي؟“ سندس ذهني ٿڪاوٽ جو
تصور هن ڳالهه مان ڪجي ته پاڻ هڪ دفعي مون کي
چيائين ته ”ابا، مون الف ليليٰ وارو اهو حجام
آهيان، جو سدائين پيو بڪ بڪ ڪندو هو.“ چون ٿا ته
پوين ڏينهن ۾ پڇائون ڪرڻ لڳو ته ”قرآن ۾ آپگهات جي
منع آهي؟“ ڏک جي ڳالهه اها هئي ته ڪير هو، جو ساڻس
ڳالهه ڪري سگهي. اديب ۽ عالم ته برابر گهڻائي هئا
پر سندس علم ۽ عضمت اڳيان مڙني جي حالت ائين هئي،
جيئن همالا جبل جي پيرن ۾ ڄامڙا ڊوڙن. ڪير ڪنڌ کڻي
مائونٽ ايورسٽ ڏي نهاري سگهي.
پاڻ کليو کلايو ۽ عام جام چوندو رهندو هو، ”ڪوموٽر وارو
دوست هجي، جو درياهه تي هلي ڇڏي اچي. درياهه جو
پاڻي ڏاڍو ٿڌو ۽ مٺو هوندو. جيڪر منجهس گهڙي سمهي
پئجي.“ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي ته علامه صاحب
جيڪو شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو آهي، ان ۾ اهو اصول
پيش نظر رکيو اٿس ته شاهه جي فڪر جي اوسر ۽ ارتقا
ڪيئن ٿي آهي؟ ان خيال کان ڏسبو ته صاف نظر ايندو
ته علامه صاحب جي نظر ۾ سهڻيءَ جو ڪردار انسان ذات
جو معراج ُآهي ۽ ان داستان جو نقطهء عروج هي آهي
ته:
گهڙو ڀڳو، منڌ مئي، وسيلا وئا،
تنهان پوءِ سئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا.
گويا ”وسيلا“ ئي ميهار سان ميلاپ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن.
انهن جو ختم ٿيڻ اولين شرط آهي. ”هونئن به ڀلا
جڏهن ڪا مشين پنهنجو ڪارج پورو ڪري چڪي هجي ته
پوءِ هروڀرو ان کي قائم رکڻ مان فائدو؟“
هڪ دفعي ٻيڙي فقير اچي مون کي چيو ته ”اڄ علامه صاحب کي
مڃي ڇڏيم.“
مون چيو: ”سو وري ڪيئن؟“
چيائين ته، ”ڳالهين ڪندي، ڳالهه ڪيائين ته ٻيڙا فقير،
قليچ بيگ ڏاڍي پاهوڙي هنئين آهي. اهو پاهوڙي هڻڻ
وارو محاورو اڄ ورهين کان پوءِ علامه صاحب کان ٻڌو
اٿم.“
مون ان تي پنهنجي ڳالهه ٻڌايس ته علامه صاحب سان هڪ
دفعي لڱن جي سور جي دانهن ڪيم. چيائين ته ”ابا،
ڳڻتيءَ جي ڳالهه ڪانهي. اها موسمي ڦيرگهير آهي.
ٻڌو ڪونه اٿيئي ته:
”وڻن ۾ ٻور، لڱن ۾ سور“
۽ وڏڙا ائين به چوندا هئا ته:
”ڦڳڻ ڦلاريو،
ڏينهان اونهارو،
راتيان سيارو.“
علامه صاحب کي اهو احساس هوندو هو ته انهن پهاڪن ۾ وڏي
دانائي ۽ سون سالن جي سياڻپ سمايل آهي. هاڻي جڏهن
کيس خاطري ٿي آهي ته سندس جسم جي مشين پراڻي ٿي
چڪي آهي، پنهنجو ڪارج پورو ڪري چڪي آهي، ان کي
قائم رکڻ مان ڪو فائدو ڪونهي؛ دنيا به پنهنجو
منهڙو مٽي ويئي آهي؛ يار، دوستار، سنگتي، ساٿي وڃي
پنهنجن ڌنڌن کنڌن سان لڳا آهن، جنهن اهليه سان
زندگيءَ جا چاليهه ورهيه گڏ گذاريائين، سا عالم
ارواح مان پيئي سڏيس، تڏهن سنڌي زبان جو پهاڪو وري
وري سندس زبان تي پيو اچي. ”اڙي انهيءَ جيئڻ کان
ٻڏي نه مرين.“
چون ٿا ته پنهنجن پوين ڏينهن ۾ چوڻ لڳو ته ”ايلسا کي
آخري عمر ۾ گڙدن جي خرابيءَ جي بيماري ٿي پيئي
هئي. اسان کي به ساڳي بيماري ٿي پيئي آهي. ان
بيماريءَ ۾ ماڻهو ڪوما ۾ هليو ويندو آهي ۽ پهرن جا
پهر بيهوش ٿي ويندو آهي. اسان ڪنهن کي به تڪليف
ڏيڻ نٿا گهرون.“
ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته کيس ”يوريميا“ يا گڙدن جي ٻي ڪابه
بيماري ڪانه هئي، بلڪل تندرست هو. هڪ دوست، ڊاڪٽر
علي محمد انصاريءَ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي ته
علامه صاحب کي واقعي گڙدن جي بيماري هئي، انڪري
مون محترم انصاري صاحب کان وضاحت گهري. هن مون کي
خاطري ڏني ته ”کيس گڙدن جي ڪابه بيماري ڪانه هئي.“
منهنجي خيال موجب، علامه صاحب فيصله ڪن قدم کڻڻ
لاءِ جواز تلاش ڪري رهيو هو ۽ پاڻ کي ذهني طور
تيار ڪري رهيو هو.
اپريل جي 13 تاريخ تي چڱي گرمي هئي. سڄو ڏينهن ڌوڙيو
پئي وسيو. دستور جي خلاف شام جو سوير ئي سوٽ ڪوٽ
پائي تيار ٿيو ۽ نوڪر کي رڪشا آڻڻ لاءِ چيائين.
پوين جي رهبريءَ لاءِ چٺي چپاٽي به رکيائين. ان ۾
سنڌ لاءِ دعائون لکيائين
(1).
خوشا شيراز وضعش بمثالش
خداوندا نگهدار از زوالش
|